10- ميان محمد عثمان ولد ميان حبيب الله ميمڻ ڏيپلائي
(ڏيپلو: حيدرآباد)
ميان محمد عثمان 13 جون 1908ع تي ڏيپلي جي ڳوٺ ضلعي
ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو. اتي ئي
ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. ستن ڀيڻن جو هڪڙو ڀاءُ
هئڻ ڪري، کيس مائٽ مٺيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ
موڪلي نه سگهيا. فارسي هڪ مولويءَ کان پڙهيائين.
آهستي ڪري گجراتي، هندي، گرمکي، اڙدو ۽ ٿوري
انگريزي سکيو ويو. عربيءَ جي تعليم ڪانه اٿس، پر
قرآن شريف سمجهي ويندو آهي.
پهرين واپار ڪيائين، پر ان مان گذر معاش ڪافي نه ملڻ
ڪري، زميندارن جي ملازمت ۾ ٽيهن سالن تائين رهيو.
هي ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي
مختلف زميندارن وٽ رهيو.
هن کي ننڍي هوندي کان اخبار ۽ آکاڻين پڙهڻ جو شوق هوندو
هو. انهيءَ زماني ۾ حڪيم عبدالخالق ”خليق“ مورائي
رسالو ”ترقي“ ڪڍندو هو، جنهن جي پڙهڻ ڪري کيس
مضمون نويسيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. حڪيم صاحب جي ٻئي
رسالي ”عليم دنيا“ ۾ پهريون افسانو، ”چنڊ سهڻو يا
انسان“ ۽ وري انهيءَ رسالي ۾ ”فريبي دنيا“
لکيائين. 1934ع ۾، حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالخالق سان
ملاقات ٿيس. هن جي چوڻ تي ڪي قرآني دعائون لکي
مسلم ادبي سوسائٽيءَ ذريعي شايع ڪرايائين. حڪيم
عبدالخالق جي ناول ”سندري“ ، عبدالحليم شرر ۽ راشد
الخيري جي ناولون به اثر ڪيو ٿو ڏسجيس. ڏسڻ ۾ اچي
ٿو ته منشي صادق، نسيم حجازي ۽ ايم اسلم جا ناول
به هن پڙهيا آهن. هن مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي
صلاح سان ”سنگدل شهزادي“ لکيو، جنهن جي رٿا منشي
صادق جي ڪتاب ”آرمينا ڪا چاند“ تان ورتل هئي.
هن پوء ”اسلاميه دارالاشاعت“ اول ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو.
ڏيپلائي صاحب طبيعت جو پرخلوص جذباتي انسان آهي. ان ڪري
هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ رد عمل جي چڪرن ۾
ڦاسي تبليغي جوش سان ڪيترن مضمونن تي پئي لکيو
آهي. سندس پهريون رد عمل مولوي عبدالرحيم پڇمي ۽
مولوي احمد ملاح جي اثرن هيٺ پير پرستيءَ خلاف
پيدا ٿيو. هي جڏهن لکڻ ويهندو آهي ته جوش جنون
وچان معياري زبان کي خيرباد ڪري، طنز ۽ نڪته
چينيءَ کي حد تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. مرشدن جي
خلاف جڏهن لکيو اٿس ته مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جون
ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي نٿ وغيره جهڙن
عنوانن سان لکي وڃي پار پيو آهي. وري جڏهن ملا
واري مذهب جو شوق جاڳيو اٿس، ته ”گلستان حسن“،
”شيوا جي شيش محل“ ۽ ”ڏاهري رنگ محل“ جهڙا ڪتاب
لکي هندو سوسائٽيءَ تي حد کان ٻاهر حملا ڪيا اٿس،
ته ٻئي طرف مسلمان بادشاهن ۽ حمله آور ڦورن کي ڪي
منجهان ڪجهه بنائي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ
طرح پيرن جي بدعتن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندي وڃي فرقه
پرستيءَ ۾ ڦاٿو. گهڻائي ڪتاب لکي ويٺو. حقيقت ۾
لکڻ جي مشين آهي، خيال ايندي هڪ ناول لکي ويندو
آهي. جهڙيءَ طرح لکڻ ۾ مشق اٿس، اهڙي پڙهڻ ۾ درڪ
اٿس. ڪيڏو به ڪتاب جلد پڙهي ويندو آهي.1942 ۾ هي
ميرپورخاص مان نڪري اچي حيدرآباد ويٺو. 1948ع ۾
پنهنجي پريس ورتائين.
انهيءَ وچ ۾ مولانا مودوديءَ جي جماعت اسلامي جو اثر
ٿيو ٿو ڏسجي. ان تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ هر ڪا
ڪوشش ڪيائين، پر اهو اثر گهڻو وقت نه رهيس ۽ سال
1949ع کان هي ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند ماڻهن جي
اثر هيٺ آيو، جنهن هيٺ هي مذهبي مهندارن کي،
سرمايه دارن زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا
سمجهڻ لڳو. پوءِ انسانيت جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽
مضمون لکڻ شروع ڪيائين. رسالو ”انسان“ جاري
ڪيائين. ان سلسلي ۾ ”چار داڻا“ ”ماڻهو ۽ ڌرتي“
ڪتاب لکرائي شايع ڪيائين ۽ ”ڏکڻ کان سج ٿو
اڀري”ڪورٽ ناٽڪ“، ”ڏڪار ناٽڪ،“ ”امڙ“ وغيره ڪتاب
لکيائين ۽ پڌرا ڪيائين. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پو”،
هي حب الوطنيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو. ان تي لکندي هڪ
جڳهه تي چوي ٿو ته ”سنڌ جي باشندن سان هن وقت
پاڪستان ۾ اهڙو ظلم روا رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين
چينين سان ڪيو، فلسطين جي عربن تي يهودين ڪيو،
فرينچن، الجيريا ۾ ڪيو.“
هي عجيب معجون مرڪب آهي. هڪ طرف اسلاميه دارالساشاعت
ذريعي مذهبي ڪتاب ڇاپيا اٿس ۽ ڇاپي رهيو آهي ته
ٻئي طرف اداره انسانيت معرفت ترقي پسند ادب ۽ حب
الوطنيءَ تي ڪتاب لکي رهيو آهي. ”جپاني گڏي“،
”1957ع جو بلوه“، ”غازي انور پاشا“ وغيره ڪتاب
سندس انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. ڪجهه وقت هي حر
تحريڪ کي پراسرار قومي تحريڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتابن
لکڻ پٺيان لڳو رهيو. سندس لکيل وڏو ناولءِ سانگهڙ“
پڙهڻ وٽان آهي. ڪيتريون سٺيون ڳالهيون ان ۾ لکي
ويو آهي.
هن اڪثر ذريعن جي پرواهه نه پئي ڪئي آهي. مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪي به ذريعا استعمال ڪرڻ ۾ دريغ نه ڪندو آهي.
خوشتر آن باشد که سرِ دلبران، گفته آيد در حديثِ ديگران
جو پيرو رهيو آهي. هن جي سموري زندگي هڪ جذباتي ۽ مخلص
انسان جي عمل ۽ رد عمل جي مختلف مرحلن مان گذري
آهي. هڪ حد تائين منهنجي حالت به اهڙي رهي آهي.
چوندا اهن ته ”دوزخ جو رستو به چڱن جذبتان سان
جڙيل هوندو آهي“، ڏيپلائي صاحب مختلف مضمونن تي
121 کن ڪتاب لکيا آهن. انهن مان ڪيترا ڪتاب ضبط
ٿيا اٿس. ٻه دفعا ترنگ جو تيرٿ به ڪري آيو آهي.
باوجود گهڻي محنت ۽ مزدوريءَ جي مالي حالت درست نه
رهي اٿس. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته هن جذبات کي
اڳيان ۽ پيٽ کي پٺيان پئي رکيو آهي. تازا ردعمل هن
کي نيشنلزم ۽ سوشلزم طرف ڌڪي رهيا آهن، پر بنيادي
طرح جذباتي هئڻ ڪري، هن جو هوش جوش مٿان اڃا غلبو
ڪري نه سگهيو آهي. هوش جي غلبي کان سواءِ صحيح
نيشنلزم ۽ سوشلزم جي راهه هٿ اچڻ مشڪل آهي.
کيس ٽي فرزند آهن : (1) محمد علي، (2) عبدالرحمان ۽ (3)
حبيب الرحمان.
سندس لکيل ڪتابن جي لسٽ هيٺين آهي:
(1) سنگدل شهزادي، (2) گلستان حسن (ضبط)، (3) آخري اميد
عرف بلبل ايران، (4) شڪست حسن عرف روم جي راڻي،
(5) نازنين سمرنا، (6) حور بغدار، (7) هوشربا
شهزادي، (8) ڪارا ڪافر، (9) درد دل، (10) ڪنول
ڪلي، (11) راحت ڀري زندگي، (12) چمڪندڙ زندگي
(13)( قسطنطنيه جي شهزادي، (14) شيواجي شيشل محل،
(15) افضل شهيد، (16) ڏاهري رنگ محل، (17) ڪوريا
جي ڪنوار عرف نئون چين، (18) مرشد جون ٽنگون، (19)
مرشد جو گهوڙو، (20) شرڪ ٽوڙ، (21) شرڪ ناس، (22)
مرشد جي ڏاڙهي، (23) سمرقند جو صوف، (24) نٿ جو
حج،(25) ٽيٽياڻي، (26) انور پاشا (ضبط)، (27)
مصطفيٰ ڪمال، (28) 1857ع جي جنگ، (29) ڪنيز اسلام،
(30) جپاني گڏي، (ضبط)، (31) آفريقا جي شهزادي
(32) نور توحيد، (33) جلوه اسلام، (34) شوڪت
اسلام، (35) عروج اسلام، (36) فتح اسلام (37) سيرت
محمدي، (39) نيال ڪنوار، (39) بهادران اسلام (40)
فتوحات اسلام، (41) ريف جا مجاهد (42) فتح ايران،
(43) فتح روم ۽ شام، (44) نيل جو تحفو عرف نازنين
يورپ، (45) فتح فلسطين (46) ڪتي جو پٽ (47) عيد جو
چنڊ، (48) گمراهه مسافر (49) محمد غوري، (50)
سومناٿ جي سندري عرف گجڻيءَ جي دانهن، (51)
اورنگزيب، (52) سوڊان جي سونهن عرف مجاهد مصر،
(53) چين جو چنڊ، (54) مينا بازار، (55) احمد شاهه
ابدالي (56) شير ايران، (57) ڪانگريس ناٽڪ، (58وّ)
ڪانگريسي ڄار، (59) ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، (60) فتح
پاڪستان عرف عرب جي لاڏي (61) ڪورٽ ناٽڪ، (62)
ڊاڪٽر ناٽڪ، (63) ڏڪار ناٽڪ (64) نجومي ناٽڪ، (65)
ڪفر ناس، (66) لال جهنڊو، (67) امڙ عرف انقلاب روس
(ضبط)، (68) روسي مسلمان (69) ٺاڪوءَ جي ڦڪي، (70)
انسان جي تاريخ، (71) روس جا چاليهه سال، (72) سسي
نيزي پاند، (73) هندستان کان پاڪستان، (74) نور
جهان جو پٽ، (75) سجائي موڙي، (76) شاهه امان
الله، (77) يزيد جو ڀيڻيوو، (78) سيرت الرسول،
(79) سيرت الصديق (80) سيرت الفاروق، (81) سيرت
عثمان، (82) سيرت الحيدر، (83) سيرت الحسن (84)
شهيد ڪربلا، (85) سيرت الفاطمه (86) ايراني
شهزادي، (87) مجاهد ڪشمير، (88) ارشاد الخلفا،
(89) غازي صلاح الدين، (90) جنگ ترڪ و جرمن، (91)
دختر اسلام، (92) سنڌي استاد، (93) سلطان حيدر
علي، (94) ٽيپو سلطان، (95) شير شاهه ۽ همايون،
(96) هندستان جي تاريخ (97) اسلام تي مقدمو، (98)
وهابين جو بابو، (99) گلشن عبرت، (100) شاهه جو
رسالو، (101) حقيقت قادياني، (102) ارشاد القرآن،
(103) قرآني خزانو، (104) دنيا جي تاريخ (105) زلف
چين، (106) وطن جا سپاهي، (107) فتح اسپين، (108)
هاريءَ جي سجاڳي، (109) مسلمان بادشاهه، (110)
مجاهدان اسلام، (111) رنگا رنگي دنيا، (112) گلشن
عبرت، (113) مسلمان عورت، (114) قرآني دعائون،
(115) اردو استاد، (116) آخري سبق، (117) ککر ۾
کڙو، (118) يارهن سورتون، (119) سانگهڙ، (120)
بقول اياز.
11- ميان محمد ابراهيم ولد ميان محمد خان جويو
(آباد: حيدرآباد)
ميان محمد ابراهيم جويو اصل ٿيرت لڪيءَ جي ڀر ۾ ننڍي
ڳوٺ آباد تعلقي ڪوٽڙيءَ جو ويٺل آهي.
جويا قبيلي جا ماڻهو سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ٿورا آهن، پر پنجاب، راجسٿان
۽ بهاولپور طرف انهن جو تعداد گهڻو آهي. هي
راجپوتن جي ڪيچي شاخ جي شجري مطابق، راجپوتن جي
ڇٽيهن ڪلن مان هڪ قبيلو آهن، جيڪي اصل ڏهين قبيلي
جي ويجهو، ستلج واديءَ جي ڀر ۾ رهندا هئا، جتان
لڏي مختلف طرفن ۾ ويا. هنن مان ڪيترا اڃان گهرن ۾
سرائڪي ٻولي ڳالهائيندا آهن.
محمد ابراهيم جو ڏاڏو آخوند محبوب ولد محمد اسماعيل نيڪ
مرد، پرهيزگار، سادو ۽ عابد شخص هوندو هو. لڪيءَ
وارن سيدن جي زمين سنڀاليندو هو. سيد ميان ولي
محمد شاهه جو مٿس پيار هوندو هو. ان کي ٻه فرزند
ٿيا: 1. ميان محمد خان ۽ 2. محمد اسماعيل، ميان
محمد خان کي ٻه فرزند ٿيا: 1. محمد عيسيٰ جو ننڍپڻ
۾ فوت ٿي ويو. ۽ 2 محمد ابراهيم.
هن جي جنم جي صحيح تاريخ جو پتو نٿو ملي سگهي. ڳوٺن ۾
داخلا جو پورو انتظام نه آهي. جيڪڏهن اسڪول جي
داخلا کي صحيح سمجهيو وڃي ته ان موجب سندس ڄم جي
تاريخ 12 آگسٽ 1915ع ٿئي ٿي. هي اڃا ننڍو هو ته
سندس والد وفات ڪري ويو، ۽ ٿوري وقت بعد هن جي
والده به گذاري ويئي. ان کان پوءِ هي ڏاڏيءَ جي
سنڀال هيٺ رهيو.
ابتدائي تعليم هن آباد جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي، جتي فقط
چار درجا پاڙهيا ويندا هئا. هن جو پهريون استاد
ماستر ٽيڪن مل آراضيءَ (نزد سيوهڻ) وارو هو. جنهن
لاءِ سندس چوڻ آهي ته هڪ نهايت نيڪ نفس ۽ پراپڪاري
شخص هو. ان ماستر صاحب وٽ چار درجا پڙهي، هو لڪيءَ
جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي هو ماستر محمد صالح
ٻگهيي، ڇنيءَ (نزد بوبڪ) واري وٽ ٻه درجا وڌيڪ
پڙهيو. اتان ڇهون درجو پاس ڪري، هي 7 اپريل 1927ع
تي اچي سن اسڪول ۾ داخل ٿيو. آخوند ميان محبوب جو
سن جي ويٺل جمعدار محمد اسماعيل خاصخيليءَ سان
دوستاڻو رستو هو، جنهن جي گهر ۾ هي رهندو هو ۽
انگريزي اي وي اسڪول سن ۾ پڙهندو هو. سن ۾ هن
ماستر فيض محمد ميمڻ وٽ تعليم ورتي، جيڪو منهنجي
پنهنجي انگريزي جي استاد جو ننڍو ڀاءُ هو، ۽ هڪ
بيحد هوشيار ۽ محنتي استاد ڪري ليکيو ويندو هو.
اتان ٽي درجا پاس ڪري 1930ع ڌاري هي ڪراچيءَ جي
سنڌ مدرسه ۾ اچي پڙهڻ ويٺو. سنڌ مدرسه ۾ پڻ کيس
نهايت لائق استاد نصيب ٿيا. ڪجهه وقت مدرسه جو
پرنسپال ڊاڪٽر دائود پوٽو هو. سندس نيڪ استادن مان
خاص طرح مولوي ميان عبدالرحيم مگسي، مولوي قاضي
عبدالرزاق، مسٽر نهالچند، مسٽر ٽالڪر، مسٽر ڀڳت
سنگهه، آغا تاج محمد خان پٺاڻ، آغا سليم صفوي، خان
صاحب مريد علي مشهور ۽ مثالي استاد ٿي گذريا آهن.
سنڌ مدرسه مان 1934ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي. جي.
سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ جن استادن وٽ وٽ هو
پڙهيو، تن جا مبارڪ نالا هي آهن: پرنسپال ڀٽاڻي،
ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي، پروفيسر
ٽي. ايم آڏواني، پروفيسر اجواني، پروفيسر اي. ايل.
شيخ، ڊاڪٽر ڊيو آرٽ ۽ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند، جن مان
هڪ هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي علمي، ادبي ۽ تعليمي
دنيا جو روشن ستارو ليکيو وڃي ٿو. اتان 1938ع ڌاري
هن بي. اي جو امتحان پاس ڪيو.
ڪاليج جي تعليم کان پوءِ هو سنڌ مدرسه ۾ ماستريءَ جي
نوڪري ڪرڻ لڳو. 1940ع ۾ بمبئيءَ بي. ٽي پڙهڻ ويو،
جتان 1941ع ۾ موٽي آيو. سنڌ مدرسه ۾ ڪجهه وقت
نوڪري ڪرڻ بعد، هن هڪ ڪتاب ”سيو“ سنڌ، سيو دي
ڪانٽيننٽ“ انگريزيءَ ۾ لکيو، جنهن تي سنڌ مدرسه جي
پريزيڊنٽ پير ميان الاهي بخش صاحب هن کي نوڪريءَ
مان ڪڍي ڇڏيو. ٿوري وقت کانپوءِ هن کي ٺٽي ميونسپل
هاءِ اسڪول ۾ 1948ع ۾ نوڪري ملي. اهو اسڪول پوءِ
سنڌ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ آندو ۽ اهڙي طرح هيءُ
1949ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ بدلي ٿي،
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ آيو.
1951ع ۾ جڏهن آغا غلام نبي خان پٺاڻ جي دور وزارت ۾
”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ نئين سر منظم
ڪيو ويو، ته هن کي گهرائي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو
ويو، جنهن عهدي تي هي فيبروري 1961ع تائين رهندو
آيو. ان عرصي ۾ هن سنڌي زبان ۽ ادب کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ نهايت محنت ۽ جفاڪفشيءَ سان ڪم ڪيو. انتظامي
ذميدارين کان علاوه بورڊ جي ٺهرائن کي عملي جامو
پهرائڻ، ڇپجندڙ ڪتابن کي نظر مان ڪڍڻ، ويندي پروفن
تپاسڻ جي ڪم تائين هن نظرداري ڪئي.
هن ڪجهه وقت رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽري به ڪئي. سنڌي ادب
لاءِ هن اهو مشنري جذبو ڏيکاريو آهي، جهڙو ڊاڪٽر
عبدالحق اردو ادب لاءِ ڏيکاريو هو. پهرين اٺن سالن
۾ بورڊ، جو ڪم ڏيکاريو، اهڙو شايد پاڪستان يا
هندستان جي ٻئي ڪنهن به اداري مشڪل ڪيو هوندو.
پوءِ جيڪڏهن بورڊ جي ڪم جي رفتار اڳئين کان گهٽ
رهي آهي، ته ان لاءِ ڪيتريون ڳالهيون جوابدار
هيون، جن جي درستي هن جي طاقت کان ٻاهر هئي.
جهڙوڪ:
(1) ون يونٽ ٿيڻ ڪري مغربي پاڪستان طرفان بورڊ جي آئين کي
بدلائڻ ۽ گرانٽن جو گهٽجڻ: (2) مارشل لا کان پوءِ
بورڊ جي تشڪيل جو بدلجڻ ۽ (3) ڪيترن سنڌي اديبن جو
انتقال ڪرڻ.
بورڊ جي ڪم ۾ پوءِ جيڪا ڍلائي آئي، ان ۾ هن جي صرف هيءَ
خامي چئي سگهجي ٿي ته حد کان وڌيڪ ڪم ڪري، هن
پنهنجي صحت کي هڪ طرف نقصان پهچايو ۽ پاڻ کي حسد
جو نشانو ٻئي طرف بڻايو.
1961ع ۾ بورڊ جون حالتون سازگار نه ڏسي، هي وري سرڪاري
نوڪريءَ ڏي موٽي ويو. کانئس پوءِ بورڊ جي ڪاروبار
کي هلائڻ لاءِ مختلف صاحب ڪوشش ورتي، پر حالتون
معمول تي اچي نه سگهيون، ان ڪري وري بورڊ طرفان
حڪومت کي هن جي خدمات ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ويو ۽
1963ع ۾ هن وري اچي چارج ورتي، پر هن دفعي بورڊ جي
ڪم کان سواءِ ٻيو سرڪاري ڪم به کيس ڪرڻو پيو. هن
وقت هو بورڊ جي ڪم جي سنڀال اعزازي طور ڪري رهيو
آهي.
ادارن کي ترقي وٺائڻ لاءِ چند شخصن جي مشنري جذبي سان
گڏ حالات جو سازگار هئڻ به ضروري آهي. اهو سوال هن
۽ ٻين سنڌي ادب جي خيرخواهن جي طاقت کان حال مٿي
پيو ڏسجي. اميد لاهڻي نه آهي. ممڪن آهي ته ڪڏهن
واءَ سڻاوا لڳن ۽ حالتون درست ٿي وڃن.
منهنجي ساڻس واقفيت سندس سن ۾ پڙهڻ جي وقت کان ٿي. هي
ننڍي هوندي کان ٿورو - ڳالهائو، نيڪ طبع، شريف
النفس ۽ صالح پئي رهيو آهي. اڪٿر ٻارن وانگر هي
رلڻ کان پاسي هوندو هو. پڙهڻ تي گهڻو شوق هوندو
هوس. سندس ساري تعليم هن جي محنت، مزدوريءَ ۽ اڻ
ٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. مائٽن جي غربت ڪري هن کي
پڙهڻ لاءِ ٿوري مدد ملندي هئي. ان ڪري سموري تعليم
جو مدار مقابلي جي امتحانن ۾ اسڪالرشپن کٽڻ ۽
خانگي پڙهائيءَ مان پيسي حاصل ڪرڻ تي رهيس. هن
درسي تعليم سان گڏ وڌيڪ علمي مطالعو به جاري رکيو.
ساڻس اڪثر پيو ملڻ ٿيندو هو. ليڪن سندس ذاتي
صلاحيت جو خود مون کي به پٽو تڏهن پيو، جڏهن هن
”سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ“ ڇپائي پڌرو ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ لاءِ جڏهن ڳولا ڪئي ويئي
ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ هن جا نالا بورڊ جي سامهون آيا.
ڊاڪٽر بلوچ پگهار جي گهٽ هئڻ ڪري نه آيو. آخر قرعه
فال وڃي هن تي پيئي. هن اميدن کان وڌيڪ ڪاميابي
ڏيکاري. بورڊ ۾ هن پگهاردار جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو
آهي. بلڪه سنڌي زبان جي مشنريءَ ۽ هڪ قوم پرست
سنڌي خادم طور ڪم ڪيو آهي.
اڄڪلهه جي ڪيترن نوجوانن وانگر، هن تي حڪمران طبقي جي
ملڪي معاملن سان بي توجهيءَ، مذهب جي نالي جي غلط
استعمال ۽ غريب عوام سان ناانصافين رد عمل پيدا
ڪري، اونهيءَ غور ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو. اهڙيءَ حالت
۾ اڪثر نوجوان توازن وڃائي، انتها پسندي اختيار
ڪندا آهن. ليڪن هن، باوجود صفراوي طبيعت جي،
اعتدال کي هٿان نه ڇڏيو آهي ۽ سياسي ۽ اقتصادي
ڳالهين ۾ متوازن نقطه نگاهه قائم رکيو اچي.
بدقسمتيءَ سان برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ ملڪي معاملات ۾ انتها
پسنديءَ جي زور وٺڻ ڪري، رجعت پسند ۽ ڪٽر فرقه
پرست گروهن هن کي ڪميونسٽ پئي سمجهيو آهي، ته ٻئي
طرف انتها پسند اشتراڪي هن کي ”رويزنسٽ“ سمجهي
رهيا آهن.
مون کي ساڻس ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي،
جنهن ڪري سندس خوبين سان گڏ خامين مان به واقف
آهيان. خامين کان دنيا ۾ ڪوبه خالي نه آهي. هن ۾
به آهن پر ان لاءِ هن جي بنيادي طبيعت ماحول جي
ناسازگاري ۽ سندس طبيعت جو صفراوي هئڻ، حد کان
وڌيڪ محنت ڪرڻ، هڪ ئي وقت گهڻن ڪمن کي هٿ ۾ کڻڻ،
تفريح ۽ آرام لاءِ پورو وقت نه بچائڻ، خانگي
زندگيءَ جا مسئلا وغيره سندس طبيعت تي اثر انداز
ٿيڻ کان رهي نه سگهيا آهن. پر ان جي باوجود هن جون
خوبيون سندس ڪوتاهين کي سج وانگر ڇپائي بيٺيون
آهن.
هن هيٺيان ڪتاب لکيا آهن: (1) سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ
(انگريزي)، (2) ايملي عرف تعليم (روسو جي مشهور
ڪتاب جي چونڊ حصي جو ترجمو). ليڪن سندس معيار انهن
ڪتابن تي پرکڻ بي انصافي ٿيندي. ”مهراڻ“ جا ڪيترا
ايڊيشن، ادبي بورڊ جا ڪتاب، بلڪه منهنجا ڪيترا
لکيل ڪتاب سندس قلم جا ممنون منت آهن.
هن ٻه شاديون ڪيون آهن - پهرينءَ جي گذر ڪري وڃڻ بعد ٻي
ڪئي اٿس. کيس چار پٽ، ٻه نياڻيون آهن. سندس پٽن جا
نالا هي آهن: (1) منور (2) مظفر، (3) محبوب ۽ (4)
منصور.
12- ڊاڪٽر حاجي ولد غلام حسين قاسم خواجه
(ڪراچي)
هي مسٽر غلام حسين قاسم، ڪراچيءَ جي مشهور سياستدان، جو ٻيو
نمبر فرزند آهي. هي 9 جولاءِ 18902ع تي، حج جي
ڏينهن ڄائو هو، جنهن ڪري مٿس ”حاجي“ نالو رکيائون.
هن انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ۾ ورتي. اتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ
بعد بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لاءِ
ويو. جتان 1918ع ۾ ايم. بي. بي. بي. ايس جو امتحان
پاس ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ سنڌ مان ڪن ڇٽن مسلمانن
اهو امتحان پاس ڪيو هو. ٻئي سال انفلوئنزا جي
وچڙندڙ بيماري ملڪن ۾ پيئي، جنهن ڪري دنيا ۾ ڪيئي
لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ان وقت هن ڪراچيءَ جي
لياري ڪوارٽر، شير شاهه، گوليمار، لالو کيت محلن ۾
غريبن جي چڱي پرگهور لڌي.
1919ع ۾ جڏهن ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪن زور ورتو ته هنن
انهن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ڪراچي شهر ۾ هي ٻنهي
جماعتن جي والنٽيئر ڪور جو به آنرري سيڪريٽري ٿي
رهيو. بمبئي ۾ پڙهڻ جي وقت مولانا شوڪت عليءَ جي
جاري ڪيل ”خدام ڪعبه“ ۾ به هن ڪم ڪيو هو. انهن
ڏينهن ۾ ڪيترا مسلمان ”پئن- اسلام“ جي جذبي هيٺ
اچي ويل هئا. ڊاڪٽر صاحب به انهيءَ رنگ ۾ رڱجي
ويو. انهن خيالن جا ڪيترا ڪارڪن گزر ڪري ويا آهن،
۽ ڪيترن بدليل حالتن موجب خيال بدلائي ڇڏيا آهن.
ليڪن هي اڃا تائين انهن اثرن کان پاڻ ڇڏائي نه
سگهيو آهي.
1918ع کان پو”، هي چار دفعا ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي وارڊ
نمبر 5، ۽ لياريءَ مان ميمبر چونڊيو آيو. ان وقت
هن لياري ڪوارٽر جي رهاڪن جي خاص طرح ۽ ٻين غريبن
جي عام طرح خدمت ڪئي. هڪ وقت، هي ڪراچي ميونسپل
اسڪول بورڊ تي ميمبر هو. انهيءَ ٽرم ۾ مسٽر طيب
علي علوي اسڪول بورڊ جو چيئرمين هو. هن ان سان
گڏجي ڪراچيءَ جي لياري ڪوارٽر ۾ زوري تعليم جاري
ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ورتي. ڊاڪٽر صاحب، مسٽر هوشنگ
ڊنشا جي مدد سان ڪراچيءَ جي لياري ڪوارٽر لاءِ
ميونسپالٽيءَ طرفان هڪ ”پلاٽ ڪاميٽي“ مقرر ڪرائي،
غريبن کي گهرن ٺاهڻ لاءِ عارضي پلاٽ ڏنا، جن تي
هزارها بلوچ، ڪڇي ۽ ٻيا غريب ماڻهو گهر اڏي اڍي
ويٺا. انهيءَ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مسٽر هوشنگ ڊنشا
هو. ڊاڪٽر صاحب هڪ وقت، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي
هيلٿ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. انهيءَ عرصي ۾
هن هڪ اسپتال، مئٽرنٽي وارڊن سان گڏ، نئين ڪنڀار
واڙي جي ڀر ۾ ٺهرائي. انهيءَ وقت ۾، بغداديءَ جي
اسپتال ۾ اکين جي اسپتال جو سيڪشن به کولايائين -
ڪراچي جي ان ڪوارٽر ۾ اکين جي بيماريءَ جا گهڻا
مريض رهندا هئا. هونئن به انهن ڏينهن ۾، هن وقت
وانگر، لياري ڪوارٽر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هوندو
هو. ان جي سڌاري لاءِ جن ڪراچيءَ جي سماجي ڪارڪنن
دلچسپي ورتي هئي، تن ۾ مسٽر جمشيد ميهتا، هوشنگ،
ڊنشا، رستم سڌوا ۽ ڊاڪٽر حاجي مکيه هئا.
هن 1927ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي ميمبري تان استعيفا
ڏيئي، ميونسپالٽيءَ جي وچڙندڙ بيمارين جي اسپتال ۾
ٿوري وقت لاءِ نوڪري ڪئي. ان کانپوءِ لاڙڪاڻي ضلعي
لوڪل بورڊ هن کي ضلعي لاءِ هيلٿ آفيسر مقرر ڪيو،
جتي هن صحت جي سروس کي پوريءَ طرح منظم ڪيو. ان
وقت ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ سر شاهنواز خان
ڀٽو هو، جنهن جي مدد سان هن ضلعي لاڙڪاڻي ۾
اسپتالون کولايون، ڳوٺن ۾ ويم لاءِ تربيت يافته
دايون مقرر ڪرايون. سٺي پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽرايا،
۽ صحت تي ڳوٺن ۾ پرچار جو انتظام ڪرايو. ان وقت هي
لاڙڪاڻي ضلعي جي ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري
به هو. لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر، مسٽر ڊيوس،
سوسائٽيءَ جو پريزيڊنٽ هو، جنهن معرفت چندو ڪٺو
ڪرائي، ڊاڪٽر حاجيءَ، شهر ۾ زناني اسپتال کولرائي.
لاڙڪاڻي ۾ هو تيرهن سال هو. 1940ع ۾ هي لوڪل بورڊ
مان استعيفا ڏيئي، موٽي ڪراچيءَ آيو ۽ پنهنجي
خانگي اسپتال کولي ڪم ڪرڻ لڳو. ٿوري ئي وقت ۾ وري
5 وارڊ مان، هو ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر
چونڊجي آيو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد نون ماڻهن اچڻ ۽
شهري حالتن جي بدلجڻ سبب هن شهري زندگيءَ کان
رٽائر ڪيو.
هن کي ڪتابن جي مطالعي جو گهڻو شوق رهيو آهي، جنهنڪري
وٽس ناياب ڪتابن جو چڱو ذخيرو ڪٺو ٿي ويو آهي. هي
مذهب ۽ سياست تي گهڻائي مضمون اخبارن کي موڪليندو
رهيو آهي. امام حسين عليه السلام جي شهادت تي، جي
مضمون لکيا اٿس، سي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. هن وقت
هو طبي پرئڪٽس ۾ مشغول آهي. ان جي باوجود هو وقت
بچائي، قديم دوستن سان ملندو رهندو آهي. سندس اڪثر
دوست علمي مزاج جا آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير
حسام الدين شاهه راشدي، محمد هاشم گزدر، مولوي
محمد عثمان بروهي ۽ راقم الحروف سندس ملاقات کان
هميشه مستفيد پئي ٿيا آهن.
هي صاف گو، سچو دوست، صاحب فهم و فراست ۽ پراڻي وضع جو
ماڻهو آهي، مختلف علمي مسئلن تي چڱو درڪ اٿس. ڪن
سوالن تي خاص راين رکڻ جي باوجود، هي تعصب کان
خالي ۽ آزاد خيال رهيو آهي. سندس مجلس ۽ ملاقات
روح کي راحت ۽ معلومات ۾ اضافي جو باعث بنجي ٿي. |