صفحو : 20

باب-

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

سيڪشن؛  شخصيات

 

 

 

2- ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽا

(ٽلٽي: ڪراچي)

        ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو بهترين عالم، محقق، اديب، محب وطن، سچو دوست، ايماندار، جوشيلو ۽ بي خوف بزرگ هو. هن کي حميت ۽ قومي غيرت جو جوش وقتي اهڙي صاف گوئيءَ تي آماده ڪندو هو جو مصلحت ۽ دور انديشيءَ کي پٺن پويان اڇلائي ڇڏيندو هو جنهن ڪري سندس دوست ڊڄي ويندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب انهيءَ ڪري متان نقصان هيٺ اچي پر کيس پرواهه نه رهندي هئي.

        سندس زندگيءَ جو احوال مختصر طور چئن حصن ۾ ورهائي بيان ڪندس:(1) ابتدائي زندگي ۽ تعليمي دور، (2) مختلف نوڪرين جو عرصو، (3) ادبي خدمتون “(4) مون سان سندس واقفيت.

        سندس ابتدائي زندگي ۽ تعليمي دور: هن جو خاندان ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي دادو جو رهاڪو آهي. کين دائود پوٽا ڪري سڏيندا آهن. هو غريب آبادگار طبقي مان هئا.

        ڊاڪٽر صاحب جو والد ميان حاجي محمد ولد ميان عبدالمطلب واڍڪو ڪم ڪندو هو. سندس والده جو نالو مائي صفوران هو. ميان حاجي محمد کي ٽي فرزند ٿيا:(1) ميان امام بخش(2) ميان محمد عمر(3) ميان غلام حسين. هي 1 جون 1897ع تي ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس ولادت جي سرڪاري دفتر موجب، داخلا 25 مارچ 1896ع ٿيل آهي.

        هن ابتدائي سنڌي تعليم ۽ ٽن درجن تائين انگريزي تعليم، ٽلٽيءَ ۾ 1903ع کان 1910ع تائين ورتي. 1914ع ۾ هي لاڙڪاڻي مدرسي ۾ پڙهڻ ويو جتان ٻئي سال 1915ع ۾ هي نوشهري فيروز مدرسي ۾ پڙهڻ ويو. 1916ع کان 1917ع تائين هن سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ تعليم وٺي ميٽرڪ جو امتحان ڏنو جنهن ۾ سنڌ اندر پهريون نمبر آيو “"سنڌ ايگزيبيشن" انعام کٽيائين. 20 جون 1917ع تي ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جتان فارسيءَ ۾ 1921ع ۾ بي اي(فرسٽ ڪلاس ۾) پاس ڪيائين جنهن ڪري"ڊڪشافيلوشپ" مليس. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽي جي ايم اي ڊگري فارسيءَ ۾ عربي ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين. ان بعد کيس ڊي. جي. ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڪري رکيو ويو. 1924ع ۾ کيس گورنمينٽ اسڪالر شپ ملي ۽ مرحوم مير غلام محمد خان ٽنڊي باگي واري مدد ڪئي، جنهن تي هو ولايت ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي پيمبروڪ ڪاليج ۾ ڊاڪٽريءَ جي ريسرچ لاءِ داخل ٿيو. اتي کيس ڊاڪٽر آر. اي. نڪلسن ۽ ڊاڪٽر اي. بي برائون جهڙن مشرقي علمن جي عالمن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو. اتي کيس 1927ع۾"عربيءَ جو فارسيءَ شاعريءَ تي اثر" جي مقالي لکڻ تي پي ايڇ ڊي جي سند ملي. 17 سيپٽمبر 1927ع ۾ هي موٽي وطن وريو. 21 سيپٽمبر 1927ع تي هن سنڌ مدرسه ڪراچي جي پرنسپال جي عهدي جي چارج ورتي جنهن تي 1930ع تائين فائز رهيو.

        تعليم جي ساري عرصي ۾ هن اسڪالر شپن، محنت، مزدوريءَ جي آڌار تي علم پرايو. باوجود مشڪلاتن جي هن امتحانن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل پئي ڪئي.

        انهيءَ عرصي ۾ هن ظاهري علم کان سواءِ هيٺين بزرگن جي روحاني صحبت مان فائدو ورتو:(1) حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي، ۽ (2) مولانا غلام محمد ملڪاڻي، سنڌ ۾ سندس مکيه استادن ۾ هيٺيان صاحب شمار ڪري سگهجن ٿا. خان بهادر قاضي غلام نبي انصاري ڪا ڪا ڊي. پي. ڪوٽوال مسٽر ٽي ايڇ وائينس مولوي عبدالرحيم مگسي، مرزا سليمان صفوي، پرنسپال صاحب سنگهه، چندا سنگهه شاهاڻي، پروفيسر ٽي. ايم. آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي سندس مکيه دوستن ۾ مسٽر غلام حسين ڦل ۽ سيد ميران محمد شاهه، شمار ڪري سگهجن ٿا.

        سندس ملازمت جو عرصو: سڀ کان پهرين هي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ 1923ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. ولايت کان واپس اچڻ تي 21 سيپٽمبر 1927ع تي سنڌ مدرسه ڪراچي جو پرنسپال مقرر ٿيو. سنڌ مدرسي ۾ ڪيترن سالن تائين مسٽر ٽي. ايڇ وائينس پرنسپال هو جنهن 1919ع ۾ رٽائرڊ ڪيو ته ان جي جاءِ تي خان بهادر ڪنٽرئڪٽر 1921ع تائين پرنسپال ٿي رهيو. اهو عرصو سنڌ مدرسي جو ٺيڪ گذريو. ان کان پوءِ ماستر مريد علي 1922ع کان 1925ع تائين ۽ پوءِ مسٽر مئٿيوز پنجاب جو ڪرسچن پرنسپال ٿي رهيا. ان پوئين عرصي ۾ مدرسي جو، اسٽاف جي گروهه بندين ڪري، انتظام ٺيڪ نه هلي سگهيو ۽ پڙهائي سٺي نه ٿيڻ ڪري امتحانن جا نتيجا سٺا نٿي نڪتا ۽ گرانٽون گهٽجي وئيون هيون. ڊاڪٽر صاحب اچڻ بعد ان جي سڌاري لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو، چڱو پئسو گڏ ڪيو، عملي تي سخت نظر رکيائين ۽ پڙهائي کي گهڻو سڌاريائين ليڪن مدرسي جو ڪاروبار ايترو پٺتي پئجي ويو هو جو ڊاڪٽر صاحب جي محنتن جي باوجود تسلي بخش سڌارو ٿي نه سگهيو. ان وقت ۾ مدرسي ۾ شيعه سني اختلاف وڌي ويا. ڪي شيعا ڊاڪٽر صاحب مان ناراض ٿي پيا. انهن ڳالهين کين ظر ۾ رکي بورڊ جي ميمبرن رٿ ڪئي ته ولايت جي ڪنهن انگريز پرنسپال جي رکڻ ڪري سرڪاري گرانٽون به وڌنديون ۽ انتظام به درست ٿي سگهندو. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، ڊاڪٽر صاحب ٻئي طرف نوڪري لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ سر غلام حسين مرحوم جي ڪوشش سان کيس اسماعيل ڪاليج انڌيري بمبئي ۾ عربي جو 20 جون 1930ع تي پروفيسر ڪري رکيائون.

        بمبئي ۾ ڊاڪٽر صاحب 10 مارچ 1939ع تائين تعليم ڏيندو رهيو. ان عرصي ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ تي به ميمبر رهندو آيو ان عرصي جو گهڻو حصو ڊاڪٽر صاحب مطالعي ۽ تصنيف ۽ تاليف ڪرڻ ۾ صرف ڪيو. ان وقت ۾ پاڻ"تاريخ معصومي"، "چچنامه" "بيان العارفين"، "ابيات سنڌي" شرح سان “"سرها گل" وغيره، ڪتاب لکي سگهيو. پروفيسر جي جاءِ تي علمي ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت ملي ٿو. ڊاڪٽر صاحب، جي اهڙن عهدن تي رهندو اچي ها ته تصنيف ۽ تاليف جو گهڻو ڪم ڪري سگهي ها. جهڙي طرح مسٽر ٽي. ايم. آڏواڻي، وائيس چانسلر، بمبئي يونيورسٽي ڊاڪٽر صاحب جي سٺ ساله ورسيءَ جي موقعي تي موڪليل پيغام ۾ ظاهر ڪيو هو.

        بمبئي کان سنڌ جي جدا ٿيڻ بعد 1939ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ سرڪار طرفان ڊائريڪٽر آف پبلڪ اسنٽرڪشن جي عهدي جي آڇ ٿي. ان آڇ کي قبولي هي سنڌ ۾ هليو آيو. انهيءَ عهدي تي هي 1950ع تائين ڪم ڪندو رهيو. اهو عرصو سندس ادبي ڪم کان ايترو مشهور نه آهي جيترو انتظامي، علمي ۽ سماجي خدمات کان، اهو سارو وقت هي ايمانداريءَ محبت ۽ سرجوشيءَ سان ڪاروبار هلائيندو رهيو. سندس ايامڪاريءَ جا مکيه ڪارناما هيٺيان آهن:

        (1) زوري تعليم جو جاري ٿيڻ(2) بالغن جي تعليم لاءِ انتظام،(3) پرائمري اسڪولن جو انتظام، لوڪل بورڊ ۽ ميونسپالٽين کان کسي، سرڪار جي حوالي ڪرڻ،(4) حيدرآباد ۾ عربي اسڪول کولڻ، (5) سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ سندس صلاح ۽ مدد، ملازمت جي مصروفيتن ڪري سندس ادبي ڪمن ۾ گهڻي رنڊڪ پئجي ويئي. سڄي سنڌ جي تعليم کاتي جي نظرداري معمولي ڳالهه نه هئي انهي عرصي ۾ تعليم جي وڌڻ ڪري ۽ پڻ سندس پنهنجي نيڪ ارادن ۽ علمي ذوق سبب هيڪاري ڪم جو بوجهه وڌندو ويو. مثلا: کيس شڪايت پهتي ته اسڪول بورڊ جي ميمبرن طرفان ائڊمنسٽريٽو آفيسرن تي زور بار پوڻ ڪري ماسترن جون بدليون ٿين ٿيون جن ۾ انتظام ۽ تعليم جو ايترو خيال نٿو رکيو وڃي جيترو ماسترن جي سهوليت ۽ ڪمائي جو کيس اهو به معلوم ٿيو ته ڪي هيٺيان عملدار رشوت وٺي ڦيريون گهيريون ۽ مقرريون ڪن ٿا ان ڪري هن سمورن اسڪولن جي هيڊ ماسترن جي بدلين ۽ مقررين جو اختيار هيٺين عملدارن کان کسي پنهنجي هٿ ۾ رکيو. سنڌ ۾ ٽي چار هزار اسڪول هئا انهن جي ڦير گهير ڪا معمولي ڳالهه نه هئي، ان لاءِ پوءِ هو هيٺين آفيسرن کان سفارشون گهرائيندو هو جن مان ڪيترن جي ايمانداري ۾ شڪ هوس، ان ڪري شخصي پڇاڳاڇا ڪري پوءِ آرڊر ڪڍندو هو. هاڻ ماستر هڪدم اسيمبليءَ جي ميمبرن، يارن دوستن جي معرفت سڌو کيس چوائڻ لڳا. ڪي وٽس روبرو اچي عرض معروض ڪرڻ لڳا: تنهن ڪري سندس گهڻو وقت ان ۾ صرف ٿيڻ لڳو. سندس سڪون پسند طبيعت تي اهو وڏو بوجهه هو ڪم گهڻو ۽ هيڏانهن ماستر خوامخواهه تنگ ڪرڻ لڳس. ان سندس طبيعت کي چيڙاڪ ۽ زود رنج ڪري وڌو. ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

        هڪ ڏينهن منهنجي ڳوٺ جو هڪ شريف ماڻهو ڪنهن ڪم سان کيس ملڻ ويو. ڪارڊ موڪلي، جڏهن اندر ويو ته يڪدم رول کڻي سندس پويان ڪاهجي پيو. چي:"اوهان مون کي ڪم ڪرڻ ڏيندا يا نه؟" ملاقاتي سمجهو ماڻهو هو، سمجهي ويو ته علامه صاحب کي ماسترن تنگ ڪيو آهي ان ڪري کيس ماستر سمجهي ائين ڪري ٿو. يڪدم دانهن ڪري چيائينته"سائين، مان ماستر نه آهيان." ان تي هن کي ڀاڪر پائي ڪرسيءَ تي ويهاري، حال احوال ورتائينس.

        آءُ جڏهن وزير تعليم هوس ته مرحوم هڪ ڏينهن جوش ۾ مون وٽ لنگهي آيو. چيائين ته"شاهه صاحب، اوهان کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته هڪ ماستر کي سندس گستاخيءَ ڪري ڊسمس ڪرڻ گهران ٿو." احوال پڇڻ تي معلوم ٿيو ته سندس عام کليل درٻار جو فائدو وٺي ڪو ماستر وٽس عرض کڻي ويو. هن ان کي جواب ڏيئي اٿي وڃڻ لاءِ چيو: پر هو ويٺو رهيو ۽ وڃڻ واري نه پئي ڪيائين ۽ مورڳو بڪ ڪرڻ لڳو. ان تي ڊاڪٽر صاحب جوش ۾ اچي کيس چيو ته"ٽڪي جا ٽيچر، ٽر ٽر ڇڏ نه ته اها ٽر ٽر ڪڍي ڇڏيندوسان”" ماستر هندو هو، اخبارن سان لاڳاپو هوس. سنڌي ٻولي جي اعرابن جي سوال تي هندو اڳيئي ناراض هئا تن اها ڊاڪٽر صاحب جي گفتگو اخبارن ۾ ڇاپي پروپيگنڊا شروع ڪئي. سو ڊاڪٽر صاحب ان ماستر کي ڊسمس ڪرڻ جي عارضي موڊ ۾ هو. مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته هڪڙو ته اوهان ايڏو بوجو ساريءَ سنڌ جي ماسترن جي بدلين جو سر تي نه کڻو ها پر جي کنيو اٿو ته ماسترن کي پاڻ وٽ عام جام اچڻ نه ڏيو. جي اهي ٻئي ڳالهيون ڪريو ٿا ته پوءِ هاٿي وانگر برداشت جو مادو ڌارڻ گهرجيو. ڊاڪٽر صاحب پوءِ ان معاملي کي درگذر ڪري ڇڏيو. مطلب ته ڪثرت ڪاروبار ڪري سندس طبيعت تي اثر پوڻ لڳو: حد درجي جي صابر طبع هوندي به منجهس زود رنجيءَ جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا.

        1950ع ۾ ڊائريڪٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ملازمت ۾ ويو. اتي کيس ڪجهه آرام ۽ طبيعت جي تقاضا موجب علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو.

        1954ع ۾ سنڌ کي مغربي پاڪستان صوبي سان ملايو ويو. هڪ سال لاءِ هو مغربي پاڪستان جو پبلڪ سروس ڪميشن، لاهور جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. ان هڪ سال اندر هن جي غيرتمند ۽ محب وطن طبيعت جيڪي ڏٺو يا سٺو، تنهن طبيعت کي نقصان پهچايس، ان جو ذڪر پنهنجي تاثرات ۾ پيش ڪندس.

        ملازمت جو سمورو عرصو، نهايت ايمانداريءَ سان گذاريائين نوڪري پگهار يا گذر معاش خاطر نه پر خدمت خلق جي نقطه نگاهه کان ڪندو رهيو. شاگردن يا زيردست ماسترن تي نهايت مهربان ۽ شفيق هوندو هو. پگهار جو ڪيترو حصو انهن جي مدد ۽ مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو.

        هو قلم، هٿ ۽ دل جو سخي هو. وقتي ڪنهن تي ناراض ٿيندو هو ته به دل ۾ بغض نه هوندو هوس، محبتي يار ويس ۽ فياض ماڻهو هو.

ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون:

        ڊاڪٽر صاحب اعليٰ درجي جو عالم، اديب ۽ محقق هو. سندس ڪم ۽ لياقت جو اندازو سندس تصنيفن جي تعداد مان ڪرڻ غلط ٿيندو، ان بابت مون کي جيڪي معلوم آهي، سو هيٺ قلم بند ڪريان ٿو.

(1) اوائلي ڪاليج جي ڏينهن ۾ پنهنجي استاد ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شرح لکڻ ۾ مدد ڪندو هو. ايڏي عظيم الشان ڪم ۾ پنهنجي استاد سان شرڪت ان وهيءَ ۾ سندس علمي درجي جي ساک ڀري ٿي.

        (2) مون کي 1926ع کان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ لاءِ ڪي تجويزون دماغ ۾ ويٺل هيون. انهيءَ وقت مرحوم مرزا قليچ بيگ سان خط لکي مشورو ڪيم ته ندوءَالعلماءِ جي دارالمصنفين وانگر هتي به ڪو ادارو قائم ڪجي. صاحب موصوف مون کي جواب موڪليو ته حڪومت جي مدد کان سواءِ ادارو ڪامياب ٿي نه سگهندو. 1940ع ۾ سنڌ جي وزير تعليم جي چارج وٺڻ بعد جڏهن ڊاڪٽر صاحب سان ان بابت مشورو ڪيم ته هن نه صرف ان تجويز جي تائيد ڪئي ليڪن ان جي مقصدن ۽ قادعدن قانونن جو مسودو ٺاهي ان ڪم ۾ مددگار ثابت ٿيڻ جهڙن ڪن ماڻهن جا پڻ نالا پيش ڪيائين جنهن تي"سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ" سيد ميران محمد شاهه جي چيئرمينيءَ هيٺ قائم ڪيو ويو ان جو سيڪريٽري مسٽر عثمان علي انصاري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري مسٽر لعل چند امرڏنو جڳتياڻي مقرر ڪيا ويا. علامه دائود پوٽو پاڻ، علامه آءِ آ”. قاضي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد علي محمد شاهه راشدي، مولوي دين محمد وفائي، مسٽر ڄيٺمل، پرسرام انهيءَ بورڊ جي مکيه ميمبرن مان هئا. ان ساڳئي بورڊ کي ڏهن سالن بعد 1951ع ۾ مسٽر غلام نبي خان پٺاڻ وزير تعليم سنڌ حڪومت، وري درست ڪري وزير تعليم جي چيئرميني هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان ٺاهيو جنهن جا اوائلي ميمبر ڊاڪٽر دائود پوٽو، مسٽر عثمان علي انصاري، شيخ عبدالمجيد راقم الحروف وغيره هئا، اهو بورڊ اڃان تائين هلندو اچي جنهن جي ڪاميابيءَ ۽ ڪاروبار ۾ ڊاڪٽر صاحب کي وڏو دخل پئي رهيو هو.

        (3) سنڌ جدا ٿيڻ بعد ان کي جدا يونيورسٽي نه هئي. ان واسطي ڊاڪٽر صاحب جي مشوري تي مون سيد ميران محمد شاهه جي چيئرمينيءَ  هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي جنهن جي رپورٽ اچڻ تي پير ميان الاهي بخش جي زماني ۾ يونيورسٽي قائم ٿي ان جي قائم ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي گهڻي مدد هئي.

        (4) سنڌ ۾ مسلمانن جو هڪ ڪاليج به نه هو. ان لاءِ سنڌ مدرسي کي وڌرائي سنڌ مسلم ڪاليج بنائڻ جي تجويز ۾ ڊاڪٽر صاحب جي صلاح ۽ مشوري کي دخل هو. پير الاهي بخش جي دور وزارت ۾ اهو ڪاليج برپا ٿيو.

        (5) نئين ادبي بورڊ ٺهڻ بعد، ڊاڪٽر صاحب ان جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبر طور پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ٻين ميمبرن سان گڏ سنڌي ادب کي زور وٺائڻ لاءِ هڪ پروگرام رٿيو جنهن موجب هيٺ ذڪر ڪيل مکيه ڪم ڪرڻا هئا:

1. سنڌ جي تاريخ کي اٺن حصن ۾ لکرائڻ،

2. هڪ مستند سنڌي لغت تيار ڪرائڻ.

3. شاهه جي رسالي جي هڪ مستند ۽ مڪمل ڪاپي تيار ڪرائڻ.

4. قديم سنڌ جا مکيه قلمي نسخا ڇپرائڻ.

5. سڀني علمن تي ٻين ٻولين مان مکيه ڪتاب ترجما ڪرائڻ، وغيره اهو ڪم ورهائي جدا جدا صاحبن کي سپرد ڪيو ويو.

        مٿين تجويزن سان لغت جي ٺهرائڻ جي تجويز ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هٿ ۾ ڏني ويئي، جنهن تي هڪ لک کن روپيه خرچ ٿيڻ جي باوجود ڪم پورو ٿي نه سگهيو. اڌوري ڪم کي ڊاڪٽر دائود پوٽي کي درست ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو جنهن جي مدد سان پهريون جلد ڇپجي سگهيو. ان کان پوءِ ڇهه سال گذري ويا آهن، ٻيو ڪوبه جلد ڇپجي نه سگهيو آهي. ٽين تجويز شاهه صاحب جي رسالي جي مستند قلمي نسخي تيار ڪرڻ جي هئي. اهو ڪم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سپرد ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب جو گهڻن ڪمن ۾ هٿ هو، جنهن ڪري باوجود برادرم ميران محمد شاهه، مخدوم  صاحب هالا ۽ پير حسام الدين جي وقت بوقت عرض ڪرڻ جي هن ٻيا ڪم ڇڏي، ان کي مڪمل نه ڪيو، جنهن ڪري ڪم اڌورو رهجي ويو. ڊاڪٽر صاحب کي وصال ڪئي ڇهه سال گذري ويا آهن ته به ڪو عالم ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي انتقال ڪري سنڌي ادب کي ڪڏو نقصان پهتو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لکيل ڪتابن جي لسٽ ڊگهي آهي، انهن مان مکيه تصنيفن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) طبيات سعدي، انگريزي، 1923ع.

(2) مرشد مبتدي 1-2 حصا، عربي 1929ع کان 1931ع

(3) روائح بوستان، انگريزي، 1924ع.

(4) سياست نامو، نظام الملڪ طوسي،

(5) نفحات حافظ.

(6) عيار دانش، ابوالفضل، 1934ع.

(7) قطعات ابن يمين. انگريزي، 1938ع.

(8) سفرنامو ناصر خسرو، 1938ع.

(9) سنڌي نٿر ۽ نظم جو انتخاب، 1940ع.

(10) روشنائيان ناصر خسرو، 1938ع.

(11) انتخاب نثر ۽ نظم، فارسي، 1931ع.

(12) سرها گل، 1932ع.

(13) مجموعه نثر ونظم، عربي، 1936ع.

(14) چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم، 3 ڀاڱا، 1948ع.

(15) تاريخ معصومي، فارسي، 1938ع.

(16) تاريخ چچنامه، فارسي، 1939ع.

(17) منهاج العاشقين.

(18) بيان العارفين، 1937ع.

(19) ابيات سنڌي، شرح سان، 1939ع.

(20) ڪلام گرهوڙي، 1957ع.

(21) عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر، انگريزي، 1927ع.

(22) سروي آف ماس ايڊيوڪيشن، انگريزي، 1937ع.

(23) حوزت الاصفهاني، هڪ باب جو ترجمو.

ائين ڪيترائي درسي ڪتاب پڻ ڊاڪٽر صاحب جا لکيل هئا ۽ ڪيترا ٻيا ڪتاب مسودي جي صورت ۾ رهجي ويا.

ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي واقفيت:

        سيد ميران محمد شاهه جي ذريعي ڊاڪٽر صاحب جو احوال پيو معلوم ٿيندو هو، ليڪن ساڻس واقفيت سندس مدرسه بورڊ جي پرنسيپال مقرر ٿيڻ بعد ٿي. ان وقت آءُ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ هوس ۽ ٻئي سال 1928ع ۾ پريزيڊنٽ ٿيس. سنڌ مدرسه بورڊ تي ميمبر هوس. ان وقت کان ساڻس گهرا تعلقات پيدا ٿيا.

        29 جنوري سن 1928ع تي سن ۾ شاهه حيدر عليه الرحمته جي ميلي جي موقعي تي تعليمي ۽ تنظيمي ڪانفرنس گهرائي هيم. ان تي ٻين مکيه ماڻهن سان گڏ ڊاڪٽر صاحب به آيل هو ۽ ڪانفرنس ۾ تعليم جي مضمون تي نهايت عالمانه تقرير ڪئي هئائين.

        ان کان پوءِ بمبئيءَ ويو ته ميران محمد شاهه جڏهن به بمبئي ۾ وٽس رهندو هو ته سندس مهمان نوازيءَ ۾ علم دوستي جا احوال پيو لکندو هو جن مان ڪي خط ميران محمد شاهه جي خطن واري ڪتاب ۾ ڏنا اٿم، هي سن 1939ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿي آيو. سگهو ئي آءُ مارچ سن 1940ع ۾ تعليم کاتي جو وزير ٿيس. ابتدا ۾ ڪجهه غلط فهمي ٿي ليڪن ان کان پوءِ اسان جا تعلقات عزيزن جهڙا رهيا جي آخر تائين رهندا آيا.

        تعليمي ڳالهين ۾ وزارت جي عرصي منجهه آءُ اڪثر سندس مشوري سان ڪم هلائيندو هوس. هو صحيح طور تي صلاحڪار ٿي منهنجي تجويزن کي سرانجام ڪرڻ ۾ حتي الامڪان مدد ڪندو هو. مون کي خبر هئي ته ڊاڪٽر صاحب قابل، ايماندار ۽ نيڪ نيت عملدار هو.

        ڊاڪٽر صاحب محب وطن، غيرتمند، باهمت شخص هو، ان لاءِ ڪي مثال هيٺ پيش ڪريان ٿو. هڪ دفعي ادبي بورڊ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين طور ڪم هلائي رهيو هوس. اهو زمانو سن 1956ع جو هو ميٽنگ هلندي، ڊاڪٽر صاحب مون کي ٻڌايو ته رشين سفارتخاني طرفان يوم انقلاب ملهائڻ جو دعوت نامو  مليو هوس. مون کيس چيو ته مون کي به دعوت نامو مليو هو. يڪدم چيائين"شاهه صاحب، اسان تي حڪمران طبقي جي طرفان ظلم ٿي رهيا آهن، انهن کان هنن کي واقف ڪرڻ گهرجي." مون چيو مانس، ڊاڪٽر صاحب، اوهان سرڪاري ملازم ۽ آءُ هڪ معمولي ماڻهو، ان جو ٻاهرين تي ڪهڙو اثر پوندو؟” چيائين واقعي سچ آهي ته اسان جو ڪيترو اثر ٿيندو، پر دل جلڻ ڪري اوهان سان هي احوال ڪيم"

        ٻئي دفعي آءُ خان عبدالغفار خان، سيد علي محمد راشدي وٽ ويٺا هئاسون ته ڊاڪٽر صاحب به آيو. ويهڻ شرط خان بادشاهه کي پارسيءَ ۾ چيائين،"آقا معاف ڪجو، اوهان سان، ظالمن، غاصبن جي زبان ۾ گفتگو جي عيوض پارسيءَ ۾ ڳالهايان ٿو."

        بادشاهه خان مون ڏي نهاري چيو ته"شاهه صاحب، هي صاحب ته توکان به حب الوطنيءَ جي جذبي ۾ ڪي رتيون ڪثر آهي. جنهن قوم جي عملدار طبقي ۾ اهڙي غيرت ۽ حب الوطنيءَ جو جذبو آهي، ان جو ڪلچر ۽ آزادي هميشه لاءِ ڪوبه ختم ڪري نه سگهندو." پوءِ کيس ڀاڪر پائي مبارڪ ڏنائين.

        ٽئين دفعي جي ڳالهه آهي ته جڏهن 8 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري، آئين کي ختم ڪيو ويو ته فون کڻي چيائين. "شاهه صاحب، ڏٺو ڪيئن نه اوچتو چورن مٿان مور اچي ويا آهن" مون چيو مانس ته"ڊاڪٽر صاحب مارشل لا ملڪ ۾، ٽيليفونون پيئون ٽيپ ٿين، اوهان ذرا معامله فهميءَ کان ڪم وٺو". چيائين،"شاهه صاحب، آءُ دل جليءَ کان مجبور ٿيو، دوستن سان حال اورڻ لاءِ مصلحت وقت کي پوئتي اڇلائي ڇڏيان ٿو." پوءِ فون رکي ڇڏيائين.

        ٻئي ڏينهن مون کي نظر بند ڪري ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. سگهوئي 22 نومبر سن 1958ع تي جيل ۾ خبر ملي ته ڊاڪٽر صاحب دل جي بيماري کان جناح اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.  خدا غريق رحمت ڪريس. اهڙا ماڻهو ملڻ مشڪل آهن. کيس 23 تاريخ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي تمر فقير جي ڀر ۾ مدفون ڪيو ويو.

        پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين. هڪ ڏاڏي پوٽي مائي ڪريما سان، جنهن مان کيس ٻه فرزند ۽ چار نياڻيون ٿيون. سندس فرزندن جا نالا:(1) محمد عظيم، “(2) محمد وسيم آهن. پهريون پاڪستان ايئرفورس ۾ وڏو آفيسر آهي. ٻيو هن وقت ولايت ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. سندس نياڻين مان وڏي عظيما، آخوند الهه بچائي ائڊووڪيٽ سان پرڻيل آهي. ٻيون نسيما ۽ فهيما ڊاڪٽري پڙهيون. ننڍي نياڻي وسيما بي اي پاس ڪري شادي ڪئي آهي.

        سندس پهرين گهر واري 11 جون 1941ع تي ڪراچي سول اسپتال ۾ وفات ڪئي. ميوا شاهه جي مقام ۾ مدفون آهي.

        ٻي شادي ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جي نياڻي ۽ ڊاڪٽر ضياءُالدين جي همشيره خديجته خاتون سان 1 جنوري 1943ع تي ٿيس، جنهن مان هڪ فرزند قمرالدين عرف ميان عيسيٰ آهي، جيڪو پڙهي رهيو آهي. هيءَ بيگم صاحبه گريجوئيٽ، اديبه، صورت ۽ سيرت جي عمدين وصفن سان موصوف آهي. پاڻ ڊاڪٽر صاحب کان پوءِ سندس ٻاريل علمي چراغ جي واٽ سوريندي رهي ٿي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org