سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 18

 

 

17- رئيس رسول بخش خان ولد ميان محمد خان انڙ

(قاضي احمد)

هي صاحب سڪرنڊ تعلقي جي قاضي احمد شهر جو ويٺل آهي. هي خاندان گهڻي وقت کان لاڙ ملڪ جي سماٽ جو منجي- گهر يا سردار ڪري ليکيو ويندو آهي. هن خاندان کي وڏي زمينداري آهي.

رئيس ميان محمد خان کي سرڪار مان خانصاحب جو خطاب مليل هو، ۽ کيس آفيسرن کان ڪيترن آفرين نامن جون سندون مليل هيون. هن کي ٽي فرزند ٿيا: (1) رئيس رسول بخش خان، (2) رئيس امام بخش خان، ۽ (3) رئيس ڌڻي بخش خان.

رئيس ميان رسول بخش خان جي ولادت قاضي احمد جي ڳوٺ ۾ ٿي. هن تعليم ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. جڏهن سندس والد وفات ڪئي، ته جملي ڀائرن ۽ راڄن کيس قبيلي جي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي، ۽ هي پنهنجي زمينداريءَ ۽ راڄن ڀاڳن جا ڪم سنڀالڻ لڳو.

اول ۾ هيءَ قاضي احمد شهر جي سينيٽري ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو. ان کان پوءِ ضلعي نوابشاهه جي لوڪل بورڊ جو، 1923ع ۾، ميمبر چونڊيو. 1928ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو. 1933ع ۾، هي نوابشاهه ضلعي لوڪل بورڊ جو، کيڙي پارٽيءَ جي مدد سان پريزيڊنٽ چونڊيو، ليڪن ٿوري وقت کان پوءِ هن استعفيا ڏيئي ڇڏي. سنڌ جدا ٿيڻ بعد، هي اتحاد پارٽيءَ طرفان سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ بيٺو. مون ۽ سيد حاجي حسين بخش شاهه سندس مدد مدد ڪئي. ٻئي طرف مقابلي ۾ خانبهادر حاجي امام بخش خان جتوئي اُميدوار بيٺل هو. هي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس دوستي خانبهادر حاجي مولا بخش سومري سان هئي، ان ڪري اتحاد پارٽي جڏهن مخالفت ۾ويٺي، ته هي اسان سان گڏ هو. ٿوري وقت کان پوءِ الهه بخش وزارت سان ڍلن جي سوال تان اتحاد پارٽيءَ جو اختلاف ٿي پيو. اسان مخالفت ۾ اچي ويٺاسون. هن شخصي لاڳاپن ڪري، وزارت جو ساٿ ڏنو. ان زماني ۾ سنڌ جي سماٽ قوم جي ماڻهن طرفان هڪ ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، جنهن ۾ هن کي سماٽ قوم جو صدر چونڊيو ويو.

1940ع ڌاري مٿس هڪ يورپين ڪليڪٽر، مسٽر ڊيوس، ڪن پوليس عملدارن ۽ چند بدنيت ماڻهن جي چوڻ تي 110 قلم هيٺ ڪيس هلايو. ان وقت به هو سنڌ اسيبليءَ جو ميمبر هو. سندس بچاءَ ۾ سنڌ جا وزير ۽ ٻيا مکيه ماڻهو آيا، ليڪن ان وقت، باوجود سڌارن ملڻ جي، يورپين علدارن جو ايترو زور هو، جو ڪليڪٽر هن کي سزا ڏيئي ڇڏي، نه رڳو ايترو، پر جڏهن چيف ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ويئي، ته اتي جي جج، جنهن جو نالو به مسٽر ڊيوس هو، اها رد ڪري ڇڏي. دراصل 110 قلم هيٺ مٿس اها ڪارروائي صرف سندس طاقت گهٽائڻ لاءِ هلائي ويئي هئي. هن جي آزاد خياليءَ کي دٻائڻ لاءِ ئي انگريز ڪليڪٽر اهو ڪڌو ڪم ڪيو هو.

ان کان پوءِ هن درويشيءَ طرف لاڙو رکيو. 1946ع جي چونڊن ۾ اُميدوار نه بيٺو. صوفين سان لاڳاپو رکيائين. راڳ ٻڌڻ جو مشغلو شروع ڪيائين.

1953ع ۾، هو وري سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اُميدوار بيٺو. ٻئي طرف سيد حاجي حسن بخش شاهه اُميدوار هو، جنهن جي مقابلي ۾ هو چونڊجي نه سگهيو. ان کان پوءِ نوابشاهه ضلعي جي سياسي گروهن ۾ هڪ وقت سيد خير شاهه سان لاڳاپو هوس، ته هاڻ ان جي مخالف گروهه سان رستو اٿس. انهيءَ سندس ڦير گهير لاءِ سبب، سندس پنهنجي سوٽ ميان علي نواز سان اختلاف ڄاڻايو وڃي ٿو. جيئن ته سنڌ جي اڪثر زميندارن جي سياست، اصولن جي بنياد تي ٻڌل ڪا نه ٿي رهي. بلڪه مڪاني لڳ لاڳاپن ۽ دوستين دشمنين جو ان تي گهڻو اثر رهي ٿو، ان ڪري سندس انهيءَ سياست لاءِ هن کي ڏوهه ڏيڻ ٺيڪ نه ٿيندو.

مون سان شخصي تعلقات رکندو اچي ٿو، باوجود ان جي، جو مون سنه 1953ع ۾ سندس مخالفت ڪئي هئي. هي ڪشاده دل، درويش صفت، ڪم آزار، يار ويس ۽ وڏيءَ جرئت جو صاحب آهي.

کيس هن وقت ٻه فرزند آهن - وڏي جو نالو ڄام تماچي رکيو اٿس.

 

18- حاجي مولا بخش صاحب ولد حاجي محمد عمر سومرو

(شڪارپور)

خانبهادر حاجي مولا بخش شڪارپور ۾ سنه 1905ع ڌاري ڄائو. سندس قبيلي ۽ والد ماجد جو احوال مرحوم الهه بخش جي حياتيءَ جي بيان ۾ ڄاڻايل آهي. هتي هي ڄاڻائڻ ڪافي آهي ته هيءُ مرحوم الهه بخش جو ننڍو ڀاءُ آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ان کان وڌيڪ سندس بهتر تعارف ٿي نٿو سگهي.

هن ابتدائي تعليم مڪاني سنڌي اسڪول ۾ ورتي. ان کانپوءِ ڪوئيٽا جي پبلڪ اسڪول ۾ سينئر ڪئمبرج تائين پڙهيو. پارسيءَ مان به واقف آهي. ادبي ڳالهين سان هن جي گهڻي دلچسپي پئي رهي آهي. چوڏهن سالن تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو ٿي رهيو. هي ابتدا ۾ سنه 1934ع ڌاري شڪارپور ۾ فرسٽ ڪلاس آنرري ماجسٽريٽ ٿي رهيو. ان وقت شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو هڪ ٽرم لاءِ پريزيڊنٽ به هو. سنه 1939ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ ٿيو. هي ڪجهه وقت لاءِ جيڪب آباد زمينداري بئنڪ جو چيئرمين ٿي رهيو آهي. کيس ضلعي لوڪل بورڊ سکر جي پريزيڊنٽيءَ جي ڏينهن ۾ خانبهادريءَ جو خطاب مليو.

هي سنه 1943ع جي آخر ۾، سنڌ اسيمليءَ جي ميمبريءَ تي، خانبهادر احمد خان سڌايي جي فوت ٿي وڇڻ بعد، چونڊجي آيو. پوءِ ٿوري وقت لاءِ سر غلام حسين جي مسلم ليگ وزارت ۾ غير ليگي وزير ٿي رهيو. جنوري 1946ع ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ هي پنهنجن ٻن ساٿي ميمبرن، سردار دادن خان لنڊ ۽ سردار خان کوسي، سان گڏ چونڊجي آيو ۽ نيشنلسٽ گروپ جي نالي سان ڪانگريس ۽ اسان سان گڏ مخالفت ۾ ڪوئليشن پارٽيءَ ۾ رهيو. اڳتي هلي، جڏهين سر غلام حسين جي وزارت کي ميجارٽي نه هئڻ ڪري، گورنر، مخالف پارٽيءَ کي وزارت ٺاهڻ جي موقعي ڏيڻ کان سواءِ، سنڌ اسيمبليءَ کي ختم ڪري، نيون چونڊون ڪرايون، ته هي زميندارن پاران وري سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. سنه 1946ع جي وچ ڌاري دهليءَ ۾، مسلم ليگ کان ٻاهر وارين جملي جماعتن جي ڪانفرنس ڪٺي ٿي، جنهن ۾ جميعت علماءِ هند، احرار، خاڪسار، شيعه ڪانفرنس، مومن جماعت، آزاد ڪانفرنس ۽ ترقي پسند مسلم ليگ جماعتن حصو ورتو هو- ان ڪانفرنس ۾ هيءُ اسان سان گڏ شامل ٿيو هو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هيءُ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. هن کي يوسف هارون وزارت ۾، کهڙي صاحب جي طرفدار ميمبرن کي ڪڍڻ وقت، وزير ڪري کنيو ويو. سنه 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ تي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو. سنه 1954ع ۾ پيرزاده عبدالستار وزارت کي، سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي، گورنر ڊسمس ڪري، خابهادر محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وزيراعظم مقرر ڪيو- انهيءَ شرط تي ته هو سنڌ کي ون يونٽ ۾ شريڪ ڪرڻ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ڏيندو. کهڙي جي ان وزارت ۾ ٿوري وقت کان پوءِ حاجي صاحب کي شريڪ ڪيو ويو. ان وزارت ۾ پير علي محمد راشدي، قاضي محمد اڪبر ۽ سيد نور محمد شاهه ٻيا وزير هئا. ان وقت حاجي صاحب پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ تي سنڌ اسيمبليءَ طرفان ميمبر چونڊجي ويو. اڳتي هلي، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ تي هي ميمبر چونڊجي نه سگهيو. پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جو آخر تائين هو ميمبر رهندو آيو. انهيءَ دؤر ۾ هن کي مرڪزي حڪومت ۾، اسٽيٽ منسٽر ڪري پڻ رکيو ويو، جتي ڪشمير، پارليامينٽري سوال ۽ نشر و اشاعت جا کاتا سندس سنڀال هيٺ رهيا. ٿورن مهينن کان پوءِ کيس وزير ڪري مهاجرن جي آبادڪاريءَ جو کاتو ڏنو ويو. آڪٽوبر 1958ع تائين هو مرڪزي حڪومت جو وزير رهيو.

مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد هن کي ٻين سڀني سياستدانن وانگر ايبڊو هيٺ سياست کان خارج ڪيو ويو. هن وقت اڪثر شڪارپور ۾ رهي ٿو.

سندس شخصي ۽ سياسي ڪردار:

حاجي صاحب شخصي طور وڏين خوبين جو مالڪ هو. نماز روزي جو پابند، خوش اخلاق، سرنديءَ ٽري وڃڻ وارو، طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ گهمنڊ پيدا ٿيڻ جي عيوض، برعڪس عام قاعدي جي، هن ۾ نوڙت زياده ايندي آهي: هلي وڃي دوستن سان ملندو آهي. يار دوست جو منجهس ڪم پيو ته حتي الامڪان ان کي سرانجام ڪرڻ ۾ نه صرف خوشي محسوس ڪندو آهي، بلڪه ائين سمجهندو آهي ته دوستن کيس خدمت ڪرڻ جو وجهه ڏيئي، مٿس احسان ڪيو آهي.

ڪاش، سندس سياسي ڪردار به اهڙو ئي بلند هجي ها، ته سنڌ جي سياستدانن ۾ هي وڏي درجي جو مالڪ هجي ها. هي ان شخص جو ڀاءُ آهي، جنهن جناح صاحب جهڙي زبردست هستيءَ اڳيان سر تسليم خم نه ڪيو- جناح صاحب معمولي هستي نه هو. هو ئي صاحب هو. جنهن باوجود خوجه فرقه جي مسلمان هئڻ جي، جن لاءِ عام مسلمانن ۾ عجيب غريب وهم ويٺل هئا، غيور مسلمانن کان "قائداعظم" جو خطاب حاصل ڪري ورتو. اِهو اُهو صاحب هو، جنهن هڪ ڏينهن به جيل ۾ وڃڻ کان سواءِ رئيس الاحرار مولانا محمد عليءَ جهڙيءَ شخصيت جي شهرت کي لـَـٽي ڇڏيو. اها ان صاحب جي شخصيت هئي، جنهن سر سڪندر حيات ۽ مولوي فضل الحق جهڙن ناميارن سياستدانن ۽ مدبرن کي نيچو نوائي ڇڏيو. اهو جناح صاحب ئي هو، جنهن ڪانگريس جهڙي منظم، قربانين جي رڪارڊ واريءَ ۽ انگريزن کان زوريءَ سوراج وٺڻ واريءَ جماعت کان سندن اصولن جي خلاف "ڀارت ماتا" کي ڪٽائي، ورهائي، پاڪستان حاصل ڪري ورتو. اهو جناح صاحب ئي هو، جنهن جي جادوءَ جي لڪڙيءَ برطانيه جي شير کي مطيع بنائي ڇڏيو. اهڙيءَ بلند شخصيت کي به الهه بخش خوشيءَ سان سنڌ تابع ڪرڻ نه ڏني، ساڻس انڪار ڪرڻ جي جرئت ڪيائين، ۽ جڏهن وقت آيو، ته مرحوم الهه بخش انگريز بهادر جي لقبن ۽ وزارت کي لسي ڏوڪڙ وانگر گهوري کڻي ڦٽو ڪيو. پڇاڙيءَ سوڌو، هو بمصداق "مرسان پر سنڌ نه ڏيسان" جو مثال قائم ڪري ويو. اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه ٿئي ها، جو مرحوم جي روايات زنده ڪرڻ جو ورثو حاجي صاحب کي نصيب ٿئي ها.

حاجي صاحب جا ڪي سياسي قدم عجيب غريب ۽ خلاف مصلحت پئي رهيا آهن. جهڙوڪ مخالفت جي سنگت کي ڇڏي 1945ع ۾ ٿوري وقت لاءِ سر غلام حسين جي وزارت ۾ عهدو وٺڻ، سارو وقت مخالفت ۾ رهي پاڪستان قائم ٿيڻ بعد مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ، خان بهادر کهڙي جي وزارت ۾ شريڪ ٿي سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ واري بري ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ.

        حاجي صاحب کي ٽي فرزند آهن:(1) ميان احمد ايل. ايل. بي، مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر آهي:(2) ميان الاهي بخش بي. اي، انجنيئرنگ کاتي ۾ مکيه عهدن تي رهندو ٿو اچي ۽ (3) منصور، جيڪو ڊاڪٽر آهي ۽ ولايت ۾ رهي ٿو.

19- مخدوم ميان غلام حيدر ولد مخدوم ميان ظهيرالدين قريشي

(هالا نوان)

        هي صاحب هالن جي صديقي قريشي گهراڻي مان هو، جي عام طرح مخدوم سڏجن ٿا هي مخدوم نوح عليه الرحمت جي اولاد مان، سندس چوڏهين نمبر سجاده نشين مخدوم ميان ظهيرالدين عرف ميان پريل ڄام جو چوٿون نمبر فرزند هو. پاڻ 12 ذوالحج 1316هه مطابق 24 اپريل 1899ع تي هالن نون جي شهر ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم هالن ۾ هڪ مڪاني عالم وٽ حاصل ڪيائين. پوءِ مولوي شاهه محمد وٽ پڙهيائين ان کان پوءِ هي ديوبند  ويو، جتان مولويءَ جو ڪورس پورو ڪري دستار بندي ڪري آيو. واپس اچڻ تي سندس والد مرحوم سمورو ڪاروبار سندس حوالي ڪيو. انهيءَ ساري مشعوليءَ هوندي به هي ادبي ۽ علمي صحبتن کي جاري رکيو ۽ ڪتابي مطالعو ڪندو آيو، جنهن ڪري سندن خانداني ڪتب خاني ۾ ڪتابن ۾ ڪافي اضافو ٿيو. هي تعليم جي معاملي ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو ۽ هٿ کولي پئسو خرچ ڪندو هو.

        سياست ۾ دلچسپي وٺڻ جي شروعات هالا ميونسپالٽيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ سان ڪيائين. منهنجي ساڻس واقفيت 1922ع کان ٿي ان جو خاص وجهه اهو هو ته سندن والد مرحوم مون کي پدرانه شفقت سان ڏسندو هو. انهن جي ملاقات لاءِ جڏهين ويندو هوس ته ميان غلام حيدر صاحب سان به ملڻ ٿيندو هو. ان وقت ميان غلام حيدر صاحب سان اڪٿر علمي ۽ ادبي گفتگو ٿيندي هئي. آهستي آهستي ٿي اسان جو دوستاڻو رستو ٿي ويو. اهو آخر تائين هلندو اچي ها، جيڪڏهن سياسي ڳالهيون انهيءَ ۾ رخنو نه وجهن ها.

        1938ع ۾ ميران محمد شاهه بمبئي ڪائونسل ۾ سر غلام حسين جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ بعد خالي ٿيل جاءِ تي اميدوار بيٺو. ميان غلام حيدر مهرباني ڪري منهنجي چوڻ تي هن کي مدد ڪئي ۽ هو ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو. ان کان پوءِ 1930ع ۾ وري بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ٿي. ان ۾ ساڳئي ڪم لاءِ وٽس ويس. ان وقت مخدوم ميان غلام محمد صاحب تي هر طرف کان اثر پوڻ لڳا هئا. ميان غلام حيدر تي ڪن دوستن طرفان ميان نور محمد جي فائدي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اثر پيا هئا. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته"اڻ هيريام هير متان هرني، هيريا نه ڦير متان ڦرني". ان وانگر مون ساڳيءَ مدد جي توقع رکي ليڪن هن کي مصلحتن جي بناءِ تي ٻنهي طرف رس رهائڻ جو خيال هو. اهڙي ڳالهه لڪي نٿي سگهي. هن وقت تائين مدد کي خاص مهرباني سمجهي پئي ويئي. هاڻ آسپاس ڪم ڪرڻ بعد معلوم ٿيو هو ته انهيءَ حد ۾ منهنجو شخصي به ٿورو گهڻو اثر هو. هالن پراڻين ۾ عزازت ۽ تعلقات هئا. خاڻوٺ ۽ ڀٽ وارن سيدن پيرن سان به لاڳاپا هئا. زير پير، جهنڊي جي پيرن جي هڪ گروهه، ڀاڻوٺ مٽياري وغيره طرف ازخود اثر هلي سگهيو ٿي. پهرين خيرات سمجهي مدد ورتي پئي ويئي. هاڻ حجت ۽ حق سان مدد گهري ويئي. نتيجي ۾ آهستي آهستي ٿي شڪر رنجي پيدا ٿي. جوانيءَ ڪري رت گرم ۽ تجربو ٿورو هو. سياست ۽ شخصي تعلقات کي جدا ڪري هلائڻ جو شعور ۽ جذبو پيد اڪونه ٿيو هو. اهي اختلاف وڌي وڻ ٿيا.

        سنڌ جدا ٿيڻ بعد جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته اسان پير بقادار شاهه کي سندس سامهون اميدوار بيهاري، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر مخدوم صاحب وڏي پير ميان الهيار شاهه، بقادار شاهه جي ڀاءُ سان سڌي گفتگو ڪري بقادار شاهه کي هٿ کڻائي ڇڏيو. چونڊن کان پوءِ اسان کي اميد هئي ته گڏجي ڪم ڪري سگهنداسون پر اسان مخالفت ۾ ويٺاسون. ميان غلام حيدر مصلحتن کي نظر ۾ رکي سر غلام حسين جي وزارت جو ساٿ ڏنو. اڳتي هلي جڏهن سر غلام حسين جي وزارت کي شڪست ملي ۽ الهه بخش جي وزارت وجود ۾ آئي تڏهن ميان غلام حيدر، پير الاهي بخش صاحب جي ڪري، وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهن ڍلن جي سوال تي الهه بخش وزارت سان اسان جو اختلاف ٿيو ۽ اسان وري مخالفت ۾ هليا وياسون ته هي وزارت سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح غلط فهميون ويئون وڌنديون. ساڳيءَ طرح سياست ۾ برادرم ميران محمد شاهه سان به منهنجا اختلاف پيدا ٿيا هئا پر هن باوجود منهنجي سخت ڪوشيءَ ۽ بي محابائيءَ جي تعلقات نه ٽوڙيا ۽ منهنجون ڪافر ماجرايون برداشت ڪندو آيو. ليڪن مخدوم صاحب جي حالت جداگانه هئي. هيءُ وڏي گادي نشين جو ڀاءُ ۽ پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ ۽ ڏسڻ وارو هو. سياست ۾ هر ڪو آزاد هو. جيڪڏهن اسان ڪن ڳالهين خاطر جن کي اصول ٿي سڏيوسون، حڪومتن جي مخالفت کي پسند ڪيو ٿي ته هن کي هر ڪو حق هو ته وقتي مصلحتن ۽ شخصي سهوليتن خاطر هو جدا رويو اختيار ڪري. تجربي ۽ سمجهه گهٽ هئڻ ڪري، رواداريءَ جي خبر ڪانه پيل هيم هاڻ معلوم ٿيڻ لڳو آهي ته اڪثر سياستدان ننڍن ٻارن وانگر رسڻ پرچڻ لڳن ٿا. هنن لاءِ دنيا ۽ مافيها سياست رهي ٿي. ڪاش اها سمجهه ان وقت اچي ها ته هن علم دوست، اديب، پراڻي شفيق، مهربان دوست سان قديم نياز مندانه تعلقات آخر تائين قائم رهندا اچن ها. پر هاڻ ڪجهه ٿي نٿو سگهي. صرف ميان الهيار شاهه مرحوم جا هي اکر ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. جيڪي هن پنهنجي ڀاءُ پير بقادار شاهه ۽ مخدوم صاحب جي اليڪشن چٽاڀيٽيءَ ۾ پير بقادار شاهه کي هٿ کڻائي مون کي چيا هئا: چي "ميان ميمبريون ايترو لهن ئي ڪونه، جيترو لحاظ لهي." هن وقت مخدوم ميان غلام حيدر مرحوم جو ڀائٽيو مخدوم صاحب به سياست ۾ آهي. سندس سياسي پاليسي به ساڳي، مصلحتن جي لحاظ کان حڪومت جي طرفداري آهي پر اميد ته ماضيءَ کان سبق پرائي، اهڙي گستاخي نه ڪبي جو سياست کي شخصي، ٿقافتي ۽ خانداني تعلقات ۾ دخل انداز ٿيڻ ڏبو.

        ميان غلام حيدر مرحوم سنڌ اسيمبليءَ تي 1946ع تائين ميمبر رهيو. سال 1946ع جي شروعات جي چونڊن ۾ هن پير بقادار شاهه کي اسيمبليءَ تي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي. وري سال جي آخر ۾ جڏهن اسيمبلي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون ويئون ته ان ۾ هي ميمبر چونڊجي آيو ۽ آخر عمر تائين ميمبر رهندو آيو. هي هالا ميونسپالٽيءَ ۽ هالا مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ به پڇاڙيءَ تائين رهندو آيو. مرحوم ڪي ڪتاب به تصنيف ڪيا آهن جن مان ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن سندس ڪوشش سان مخدوم نوح عليه الرحمت جي درگاهه ۽ مسجد جي سامهون هڪ وڏو ورانڊو جمعي نماز پڙهڻ لاءِ تعمير ٿي 1351هه ۾ مڪمل ٿيو. هن جو مکيه ڪارنامو 5 جنوري 1942ع تي هالن جي شهر ۾ مخدوم حيدر هاءِ اسڪول جو برپا ڪرائڻ آهي جنهن جي ساري بلڊنگ سندس خرچ ۽ ڪوشش سان تعمير ڪرايل آهي. ان هاءِ اسڪول ۾ 20 فيبروري 1944ع تي بورڊنگ هائوس ٺهرايائين. ان کان پوءِ ان هاءِ اسڪول کي وڌائي ۽ ان سان گڏ سروريه اسلاميه ڪاليج پڻ 27 مئي 1947ع تي قائم ڪرايائين. آخر عمر ۾ ذيابيطس جي بيماري ڪري سندن طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. کين ڪو اوالد نه ٿيو. پاڻ 26 رمضان 1372هه مطابق 9 جون  1953ع تي صبح جو نوين بجي اڱاري ڏينهن وفات ڪري ويو. نورالله مرقده.

20- خان بهادر ميان غلام محمد خان ولد خان بهادر محمد هاشم وساڻ

(سانگهڙ)

        هن جي ڏاڏي جو نالو ميان پنهون خان هو هي سماٽ نسل مان آهن. سندس والد خان بهادر محمد هاشم خان وساڻ وڏي دست رسيءَ وارو ماڻهو ٿي گذريو آحي جنهن کي 2 فرزند ٿيا، جن مان وڏو ميان غلام محمد خان آهي هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتي. ست درجا سنڌي ۽ چار درجا انگريزي پڙهيل آهي. پيءُ جي وفاتيءَ کان پوءِ وڏي فرزند هئڻ ڪري، زمينداريءَ جي سموري ڪاروبار جو بار هن جي مٿان پيو جنهن کي هن نهايت خوش اصلوبيءَ سان سڌاري وڌائي، نظام هيٺ آندو.

        هي 1944ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو ميمبر چونڊيو ان وقت مسلم ليگ اندر خان بهادر کهڙي ۽ اسان جي گروهه جي وچ ۾ رسا ڪشي هئي. هن خان بهادر محمد ايوب کهڙي جو ميان فقير محمد مڱريي سان گڏ دست راست ٿي ڪم ڪيو. ميان غلام هيدر شاهه اسان سان شامل هو. خان بهادر محمد حيات جوڻيجي ۽ خان بهادر غلام محمد خان جا 1940ع ۾ حـُـر تحريڪ جي زماني کان اختلاف هلندا ايندا هئا. جوڻيجن جو لاڳاپو خان بهادر غلام نبي شاهه سان هو. جو لاڳاپو هو غلام حيدر شاهه به رکندا آيا. جڏهن 1945ع جي آخر ۾ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اسان جو سنڌ اسيمبليءَ جي اميدوارن جي چونڊن تي اختلاف پيدا ٿيو ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ غلام حيدر شاهه جي مقابلي ۾ خان بهادر وساڻ کي ٽڪيٽ ڏيئي اسيمبليءَ تي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي.

        ان کان پوءِ 1945ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو پريزيڊنٽ چونڊيو. ان عهدي تي هي ڏهن سالن تائين رهندو آيو. انهيءَ زماني کان وٺي هي خان بهادر کهڙي جي خاص دوستن مان شمار ٿيڻ لڳو. هڪ وقت ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر، آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر ۽ صوبه سنڌ مسلم ليگ جي پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو آهي. 1953ع خان بهادر کهڙي جا پاڪستان مسلم ليگ سان اختلاف پيدا ٿيا ۽ هن جدا سنڌي مسلم ليگ ٺاهي، ته ان ۾ خان بهادر وساڻ به ساڻس شريڪ هو. انهيءَ ڀيري، چونڊ ۾ مسلم ليگ ۽ پير صاحب پاڳاري جي گڏيل مخالفت سبب، هي سنڌ اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊجي نه سگهيو. سندس مقابلي ۾ خان بهادر غلام قادر ناريجو ميمبر چونڊجي آيو.

        1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته ان ۾ هي چونڊجي آيو ۽ خان بهادر کهڙي سان گڏ مسلم ليگ گروهه ۾، ڊاڪٽر خان صاحب مرحوم جي وزارت جي مخالفت ۾ رهيو. مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ تائين ان اسيمبليءَ جو ميمبر رهندو آيو. 1957ع ۾ حيدرآباد ۾ جو ون يونت خلاف محاذ قائم ٿيو هو، ان ۾ هن شرڪت ڪئي. نئين آئين ٺهڻ بعد جڏهن 1961ع ۾ اسيمبلين جون چونڊون ٿيون ته هي سانگهڙ مان پير صاحب پاڳاري جي مخالفت جي باوجود نيشنل اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. سنڌ مان امير حيدر شاهه ۽ هيءُ 2 ميمبر ئي اتي مخالفت ۾ ويهندا هئا پر هن جا مخدوم صاحب هالن جي سان عقيدتمندانه تعلقات رهيا هئا ان جي هميشه کيس مدد ملندي هئي ۽ ان وقت ٻئي پير صاحب سرڪاري پارٽيءَ طرف هئا. حڪومت طرفان مخدوم صاحب تي زور بار پيو ته خان بهادر کان ووٽ سرڪار طرف ڪرائي. ان کان اول ۾ هن انڪار ڪيو. سندس دوست کهڙو صاحب اسيمبليءَ کان ٻاهر هو. پير صاحب پاڳارو اڳيئي مخالف هوس. باقي مخدوم صاحب هالا سندس مددگار هو. ان جي همدردي وڃڻ بعد هن جي مستقل مزاجي ٽٽي پيئي.

        ٿوري وقت کان پوءِ ميان محمد خان جوڻيجي جي وزير ٿيڻ بعد مغربي پاڪستان اسيمبليءَ تي ان جي ميمبريءَ جي جاءِ خالي ٿي. خان بهادر محمد حيات جوڻيجي، خان بهادر وساڻ کان مدد گهري. هن ان موقعي تي غنيمت ڄاڻي، جوڻيجي جي فرزند کي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي. ان کان پوءِ پير صاحب پاڳاري ۽ مخدوم صاحب طرفان مٿس سرڪاري پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ زور بار پيا. هن لاءِ ٻه رستا کليل هئا. يا مستقبل ۾ اسيمبلي جي ميمبريءَ تان هٿ کڻي يا سرڪاري پارٽي ۾ شريڪ ٿي، اڳتي چونڊ جي اميد رکي. هن پوئين ڳالهه کي ترجيح ڏني ۽ سنڌ جي وڏيرڪي سياست جو جزو بنجي وڃي جڳ سان جڳ جهڙو بنيو.

        حقيقت اها آهي ته اڄڪلهه مخالفت ۾ صرف غير معمولي ساخت جا ماڻهو رهي سگهن ٿا. عوام ۾ سياسي شعور نه آهي. زميندارن ۽ پيرن ۾ اخلاقي جرئت نه آهي، جو شخصي مفاد تي قومي مفاد کي ترجيح ڏين. ان ڪري ههڙا باهمت، سچا ۽ وفادار ماڻهو به حالتن ڪري مجبور ٿيو وڃيو حڪمران طبقي جي پيش پون."نواءِ سنڌ" اخبار تي هن جو گهڻو اثر آهي ان تي هن جو ڪافي پئسو خرچ ڪيل آهي. هن جي سرڪاري پارٽيءَ ۾ داخلا سان گڏ، اها اخبار به ڪجهه وقت سرڪاري مدح خوانن جي صف ۾ داخل ٿي ويئي.

        خان بهادر شخصي طرح مهمان نواز، وفادار دوست، سمجهو، باهمت ۽ مخلص ڪارڪن آهي. کيس نرينو اولاد نه آهي.

        تازو ٿيل صدارتي چونڊ ۾ هن محترمه فاطمه جناح کي مدد ڪئي ۽ پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ آزاد اميدوار طور اليڪشن لڙيائين، جنهن ۾ سنڌ ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ پير غلام رسول شاهه کي شڪست ڏيئي، ميمبر چونڊجي ويو آهي.

21- مير حاجي علي احمد خان ولد مير نبي بخش خان صاحب محموداڻي ٽالپر

(حيدرآباد)

        هيءُ مير صاحب حيدرآباد جي شهداداڻي پاڙي جي ٽالپرن مان آهي. مير شهداد خان کي چار فرزند ٿيا:(ق) ڄام نندو خان،(2) مير چاڪر خان، (3) مير بهرام خان “(4) مير خيرو خان، انهن مان ٽئين نمبر فرزند، مير بهرام خان کي ٽي فرزند ٿيا:(1) مير بجر خان، (2) مير صوبدار خان،(3) مير محمود خان، مير صوبدار خان کي چار فرزند ٿيا:(1) مير فتح خان(2) مير غلام علي خان(3) مير ڪرم علي خان “(4) مير مراد علي خان جي چار ئي سنڌ جا والي ٿيا ۽ چار ئي گڏ گاديءَ تي ويهندا هئا. هي مير صاحب انهن گاديءَ وارن ميرن جي چاچي مير محمود خان جي اولاد مان هئڻ ڪري محموداڻي سڏبا آهن ۽ ٽنڊي مير محمود ۾ رهن ٿا سندن شجرو هن طرح آهي: مير محمود خان جو فرزند مير علي احمد خان ٿيو. ان جو فرزند مير علي محمد خان، ان جو فرزند مير محمود خان ثاني، ان جو فرزند مير نبي بخش خان ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا:(1) مير علي احمد خان ۽ (2) مير رسول بخش خان.

        مير علي احمد خان 31 آگسٽ 1915ع تي ٽنڊي مير محمود ۾ تولد ٿيو، ابتدائي سنڌي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. 1931ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول(هاڻي نور محمد  هاءِ اسڪول) ۾ پڙهڻ ويٺو ۽ چئن درجن تائين پڙهيائين.

        اسڪول کان ٻاهر نڪرڻ بعد 1935ع ۾ هن علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي فضل احمد غزنويءَ ۽ مولوي خير محمد نظاماڻيءَ سان گڏجي"انجمن احياي ملت" ٺاهي. 1937ع ۾ هي ڪانگريس تحريڪ ۾ گهڙيو. پراونشل ڪانگريس ڪميٽيءَ ۽ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ وقت هي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ۽ مسٽر جيرامداس دولترام سان گڏ صوبه سنڌ ڪانگريس پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر هو. 1939ع ۾ هي خاڪسار تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو جنهن ۾ هي پاڪستان ٺهڻ تائين حصو وٺندو آيو. ان هلچل ۾ هي هڪ وقت نائب حاڪم اعليٰ صوبه بهار هو، ڪجهه وقت لاءِ حاڪم اعليٰ صوبه سنڌ ۽ بلوچستان هو ۽ 1947ع ۾ هي حاڪم اعليٰ صوبه پنجاب رهيو. 1946ع جي چونڊن ۾ جڏهن اسان مسلم ليگ خلاف اميدوار بيهاريا هئا ته اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ ساري هندستان جي قوم پرست مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ جمعيت العلماءِ هند، احرار، خاڪسار، شيعه ڪانفرنس، مومن جماعت آزاد ڪانفرنس ۽ ترقي پسند مسلم ليگ جماعتن حصو ورتو هو، ان ۾ هي به شريڪ ٿيو هو.

        پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هيءُ خان عبدالغفار جي صدارت ۾ ٺهيل پيپلس پارٽي ۾ شامل ٿيو. 17 مارچ 1951ع تي سن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر جملي سنڌ جي مکيه ڪارڪنن جي ميٽنگ ٿي ان ۾ به هيءُ شريڪ ٿيو. ٿورو ئي پوءِ ميان افتخارالدين"آزاد پاڪستان پارٽي" ٺاهي ۽ هن ڪوشش ڪئي ته اسان سڀ ان ۾ شريڪ ٿيون. مير صاحب جي بنگلي تي ڪراچي ۾ ميٽنگ ٿي. ان ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد ۽ مون، خان عبدالغفار خان ۽ ٻين ليڊرن جي جيل ۾ هئڻ ڪري سندن ٺاهيل پيپلس پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو. مير علي احمد خان، قاضي فيض محمد صاحب ۽ ٻيا دوست آزاد پاڪستان پارٽي ۾ داخل ٿيا. ٿوري وقت بعد مير صاحب ۽ سندس دوست ان پارٽيءَ کي اميدن مطابق نه ڏسي، وري ٻاهر نڪري آيا.

        مير صاحب ان کان پوءِ خان بهادر کهڙي جي دعوت تي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو. 1953ع ۾ هي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بنا مخالفت جي ميمبر چونڊجي آيو. 1954ع ۾ خان بهادر کهڙي کي سنڌ جو چيف منسٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن مير غلام علي خان کي جيل ۾ موڪليو ۽ جاگيرون رد ڪرڻ جو حڪم ڪيائين. مير علي احمد خان ان جي سخت مخالفت ڪئي، ليڪن ون يونٽ جي فائدي ۾ ووٽ ڪيائين. 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ان تي حيدرآباد ضلعي مان چونڊجي ويو. ڊاڪٽر خان صاحب جي وزارت ۾ کيس وزير ڪري 30 اپريل 1956ع تي رکيو ويو. ان کان پوءِ سردار عبدالرشيد ۽ نواب قزلباش جي وزارتن ۾ وزير رهندو آيو، جيسين تائين 8 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. هن وقت ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ مشغول رهي ٿو.

شخصي ۽ سياسي ڪردار:

        مير صاحب رنگين ۽ بوقلمون زندگيءَ جو مالڪ آهي. هڪ وقت کڌر پوش ۽ سادي زندگي گذارڻ وارو قومي ڪارڪن هو ٿوري ڏاڙهي هوندي هيس، مولوين سان ملاقاتون رهنديون هيس ٻيو دور مٿس اهڙو آيو جنهن ۾ هي جديد طرز زندگي گذارڻ لڳو جنهن ۾ ريش، تراش ٿي، بهترين سوٽ پائڻ، بهترين کاڌو کائڻ” نهايت آراسته پيراسته بنگلن ۽ جاين ۾ رهڻ لڳو سندس جاءِ تي وڃبو ته نهايت سليقي سان سينگاريل ٺهيل ڏسڻ ۾ ايندي کيس ملبو ته منجهانئس خوشبوءِ پيئي ايندي. جي دعوت تي وٽس وڃبو ته بهترين کاڌو نصيب ٿيندو.

        سندس ڪتب خاني ۾ بهترين ڪتابن جو ذخيرو رکيل آهي. کيس مطالعي جو گهڻو شوق آهي. اردو، پارسي ۽ سنڌي شاعرن جو گهڻو شعر برزبان ياد اٿس. گفتگو ڪندي مصرعون حوالي طور بيان ڪري ويندو آهي.

        مير صاحب جي طبيعت تي جوش کي زياده دخل پئي رهيو آهي. ان ڪري سندس ڪيترا ساٿي سندس ساٿ کان محروم رهجي پئي ويا آهن مير صاحب ترقي پسند خيالن جو ماڻهو آهي. جهڙيءَ طرح سندس ڪيترا ساٿي سندس تيز رفتاريءَ ڪري ساٿ ڏيڻ کان قاصر رهيا آهن. اهڙيءَ طرح سندس خيال ۽ عمل ۾ يڪ رفتاري نه هئڻ ڪري هو پاڻ به پنهنجن پراون وٽ نڪته چيني جو نشانو پئي بنيو آهي.

        مير صاحب تقرير ۾ فصيح ۽ بليغ آهي. هو پورالو بادشاهه آهي. ڪڏهن اڏ ٽپڻ کان پيو گوشو ڪندو، ڪڏهين درياءَ کي هڪ ڇلانگ سان ٽپو ڏيئي وڃي پار پوندو آهي. تازو حيدرآباد شهر ۾ محترمه فاطمه جناح جي صدارت جي مدد ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس منجهه، سندس ڪيل ولوله انگيز تقرير ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي.

        سندس ننڍو ڀاءُ مير رسول بخش خان سياستدان نه پر قومي ڪارڪنن جي صف ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. هو ننڍي هئڻ جي باوجود عملي طرح سياسي سرگرمين ۾ مير وڏي کان به ذرا اڳتي پئي هليو آهي. اڪثري مخالف پارٽين سان سندس ساٿ پئي رهيو آهي. عام ماڻهن جا گهڻا ڪم ڪري ٿو. حيدرآباد شهر ۽ آسپاس ۾ ڪافي اثر اٿس. حيدرآباد شهر ۾ قاضي برادرس سان ٻٽو ٻٽ هيءُ صاحب ئي آهي جو پنهنجي جدا حيثيت قائم رکيو پيو اچي. ڪاش، مير صاحب وڏي وانگر ادب ۽ ڪلچر ۾ وڌيڪ درڪ هجيس ها ته سندس ڳالهه واقعي اڃا ئي اور هجي ها پر دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو مڪمل نه آهي. ڪن ۾ هڪ قسم جون خوبيون هونديون آهن ته ٻين ۾ جدا خوبيون لڀن ٿيون. هن جوڙي کي خدا سجوڙو ڪري ۽ سلامت رکي. حيدرآباد شهر ۾ دوستن جو ڀر ۽ دشمنن جو ڏر آهن.

        مير صاحب وڏي کي ٽي فرزند آهن:(1) مير نبي بخش خان، (2) مير محمد علي خان ۽ (3) مير حيدر علي خان.

مير رسول بخش خان کي، مير فتح علي خان نالي هڪ فرزند آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org