سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو :5

 

 

منهنجي ساڻس واقفيت:

مون حاجي صاحب جو نالو ته 1913ع کان ٻڌو هو، جڏهن طرابلس جي مسلمانن لاءِ فند ڪٺي ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي هئائين. ان بعد ساڻس پهرين ملاقات 5- 6 اپريل 1920ع تي، سکر ۾، سنڌ پراونشل ڪانگريس جي موقعي تي ٿي. پوءِ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ اڪثر پيا مليا هئاسون. 1926ع ۾ جڏهن پاڻ سنڌ مان مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ اُميدوار بيٺو هو، مون کيس مدد ڪئي. 1928ع ۾، ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزنٽيءَ ڀيري، حاجي صاحب جي اخلاقي مدد مون سان هئي.

1926ع کان وٺي، ساڻس خط- ڪتابت ٿيندي رهي. سندس اهڙن خطن جا ٽي ڪتاب مون وٽ محفوظ آهن. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪيوسون. مرحوم کي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو رات - ڏينهن اونو رهندو هو. نيٺ سنڌ جدا ٿي. پوءِ غير فرقيوار جماعت، "اتحاد پارٽي"، گڏجي ٺاهي ڪم ڪيوسون. 1938ع ۾ جڏهن هو اتحاد پارٽيءَ کي، وزيرن جي مخالفت ڪري ٽوڙي، مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو ته نيٺ مون کي به ان ۾ گهلي ويو، اتي گڏجي ڪم ڪيوسون. ان سلسلي ۾ هن لاري ۽ لائوڊ اسپيڪر وٺي ڏنو، لٽريچر ڇپايائين، ۽ آءٌ ڳوٺن ۾ ڪاهي ويس، ۽ گهر گهر مسلم ليگ جو آواز پهچايو ويو. منزلگاهه مسجد مهل گڏجي ڪم ڪيل هو. "الوحيد" کي گڏجي جائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ آندو ويو هو. 1941ع ۾، سندس ئي مشوري سان، مون کي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي چونڊيو ويو هو. اڪثر ڪري آل انڊيا اجلاسن وقت ڪٺا هوندا هئاسون.

سندس ئي صلاح تي آءٌ، 1942ع ۾، اتر سرحد پرڳڻي جي سير لاءِ ويو هوس. اسان جي دوستي سياست ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي، ۽ آخر ۾ هن جي مون سان عزيزن جهڙي محبت پيدا ٿي ويئي. هر ڳالهه ۾ مون سان مشوري ڪرڻ جو خواهشمند هوندو هو.

پاڪستان بنجڻ کان اڳ ئي هو اسان کان جدا ٿي ويو. اسين مسلم ليگ کان ٻاهر نڪري وياسون، جنهن پاڪستان لاءِ گڏجي رات- ڏينهن ڪوشش ڪئي هئيسون، ان کي  پاڻ ته ڏسي نه سگهيو، پر اسان کي ان بعد قيد ڪاٽڻا ۽ نظربنديءَ ۾ گذارڻو پيو. جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ گڏجي پاڻ پتوڙي آزاد ڪرايو هؤسون، سا وري پنهنجو وجود وڃائي، مغربي پاڪستان ۾ ضم ٿي ويئي آهي. هن وقت جي زنده هجي ها ته ڪهڙو رويو وٺي ها، سو چئي نٿو سگهجي، پر منهنجي دل ائين پئي سمجهي ته خوشي محسوس نه ڪري ها.

آخري خط جو مون کي لکيو هئائين، سو هتي پيش ٿو ڪريان. ان مان پتو پئجي سگهندو ته مرحوم جا منهنجي لاءِ ڪهڙا خيال هئا.

"25- اپريل 1942ع. ڪراچي

"بخدمت جناب شاهه صاحب، السلام عليڪم.

"عنايت نامو، مورخ 24 اپريل جو، سکر مان لکيل هو، پهتو. هن کان اڳ 3- 4 خط اوهان کي ڳوٺ جي ائڊريس تي موڪليا ويا آهن، جي اُميد ته پهتا هوندا. ڪوئٽا هلڻ لاءِ قاضي عيسيٰ کي تار موڪليان ٿو. سرحد پاسي گهڻا ڏينهن لڳائي آيا. دل گهري ٿي ته روبرو ڳالهيون ٻولهيون ڪري حال اورجن. افواهه آهي ته 27 تاريخ ڪانسٽيٽيوشن سسپينڊ ٿيندو. ڪيتري قدر ڳالهه سچي آهي، سو چئجي نٿو سگهجي. ٻي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، جنهن بابت احوال ڏيان. بهتر ٿيندو ته هڪ ڏينهن لاءِ ڪراچي اچي مون وٽ مهمان ٿيو، تان ته دل کي آرام اچي. سيد خير شاهه هن وقت مون وٽ ويٺو آهي، چوي ٿو ته مان به توهان سان گڏجي ڪوئٽا هلندس. ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ جلد سڏائڻ گهرجي. اوهان جو ڪراچي اچڻ ڪڏهن ٿيندو، تان ته ان موقعي تي "الوحيد" جي ميٽنگ به سڏائجي. جواب جو انتظار آهي. اُميد ته اوهين خوش خورم هوندا.- قلم تازو: هن سان گڏ اخبار جي ڪٽنگ به موڪلجي ٿي. قاضي عيسيٰ ويجهو شايد ڪوئٽا نه وڃي، ان ڪري مير جعفر خان جماليءَ کي اوهين خط لکي پڪ وٺو ته ساڻس گڏجي ڪوئٽا هلجي.       - نيازمند، عبدالله هارون."

2- مهاشيه ويرومل بيگراج

(سکر)

هن جو والد، ڀائي بيگراج، سوامي هرنامداس جي چوڻ مطابق، ساڌ ٻيلي ۾ پاڻيءَ جا مـَـٽ ڀرڻ جي شيوا ڪندو هو- ماني به گهران کائي ايندو هو، ۽ دريا مان پيئندو هو- چي، پنهنجي ڀريل انهن مـَـٽن مان پاڻي پيئڻ جي معنيٰ ٿيندي اُجورو وٺڻ!

سرييت ويرومل، 24 جنوري 1874ع تي رات جو نائين بجي، ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي جي ڀر واري پنهنجي گهر ۾ جنم ورتو.

سنڌيءَ جا ٽي درجا شڪارپور ۾ ماستر ڄيٺانند وٽ، ۽ چوٿون درجو سکر ۾ ماستر هريسنگهه وٽ پڙهيو. انگريزي پنج درجا سکر ۾ پڙهيائين، ۽ ڇهون ستون درجو شڪارپور ۾ پڙهيائين. پوءِ سيڪنڊ گريڊ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيائين، ۽ 18 مئي 1893ع تي، سکر اَلبرٽ پريس ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو، جتي ٽن ورهين کانپوءِ جڏهن پنجويهه روپين پگهار تي پهتو، ته روينيو کاتي ۾ کيس چوڏهن روپين پگهار سان نوڪري ملي. اهو آرڊر کڻي، شري گوڪلداس وٽ آيو، جنهن اهو آرڊر ڦاڙي، کيس چيو ته توکي ماڻهو بنائبو، نه غلام! انهيءَ واقعي سندس حياتيءَ ۾ عجيب ڦيرو آندو. پوءِ هو شري گوڪلداس جي صحبت ۾، 1895ع ۾ شروع ڪيل "سڌار سڀا" ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۽ "ڪنيا پاٺشالا" ۾ ماستر ٿي ڪم ڪيائين. شراب جي بهشڪار جو پرچار ڪندو، راڳ ڳائيندو رهيو. 1897ع ۾ پليگ جي بيماري پيئي، سکر شهر جا ماڻهو لڏڻ لڳا. ان وقت، سماجي خدمت ڪندي، شري ويرومل چڱو پاڻ موکيو.

ساڌو گوڪلداس شيوا ڪنڊي بيماريءَ جو شڪار ٿيو، ۽ 2- اپريل 1897ع تي وفات ڪيائين. پوءِ "سڌار سڀا" جو سمورو ڪم شري ويرومل کي سنڀالڻو پيو. سندس ڪوشش سان، "سڌار سڀا" جي عاليشان جاءِ تيار ٿي، جتي رام- ليلا ۽ پرهلاد- ليلا جا ناٽڪ ٿيندا رهيا، جن ۾ خود به پارٽ وٺندو هو.

1901ع ۾ شري ويرومل پنهنجي پريس چالو ڪئي. ابتدا ۾ ان جو نالو "ايڊورڊ پريس" رکيائين، جو پوءِ بدلائي "تلڪ پريس" ڪيائين. اتان "سنڌي" نالي هفتيوار اخبار ڪڍندو رهيو، جا تقريبن جا چاليهه سال کن هلندي رهي. صحافت جي دنيا ۾ به سندس نالو مشهور هو.

سکر ۾ پهرين راڄنيتي ڪانفرنس، اَنربل سيٺ هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ، 1908ع ۾ ڪٺي ٿي. ٻي پنگتي ڪانفرنس راءِ بهادر ڪـَـوڙيمل جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. شري ويرومل ٻنهي ڪانفرنسن جي سڏائڻ جو انتظام ڪيو، ۽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين.

ٻئي سال، 1909ع ۾، ساڳئي قسم جي ڪانفرنس حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي سوديشي لاءِ شري ويرومل جو ڇپايل ڪتاب شايع ڪيو ويو. ان تي شري ويرومل ۽ سيٺ چيٽومل کي ٽي ٽي سال شهر کان جلاوطني ۽ پنجاهه رپيا ڏنڊ پيو، ۽ مهراج گورڌنداس کي پنج سال جيل جي سزا ملي. سنڌ ۾ سياسي ڏوهن ۾ سزائن ڪاٽڻ جو اهو پهريون دفعو هو- ان ڪري شري ويرومل کي ملڪ خاطر سزا ڪاٽڻ وارن قومي ڪارڪنن جي صف اول ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

شري ويرومل 30- جون 1912ع تي آزاد ٿيو، ته سيٺ هيرانند مينڊي، کيس ٻه لک رپيا ڏيئي، ولايت وڃي واپار ڪرڻ جي آڇ ڪئي،ڪ پر هن جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان کي ڇڏي نه سگهيو. شري ويرومل صوفي منش ماڻهو هو. سن 1917ع ۾، حيدرآباد ۾، صوفي سميلن ڪانفرنس ڪٺي ٿي هئي، تنهن جو کيس صدر چونڊيو ويو هو. سکر ۾ "سرو سڀا منڊل"، مسٽر اڌارام مير چنداڻيءَ جي ڪوشش سان برپا ٿيو: مهاشيه ويرومل کي ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو.

انهن ڏينهن ۾ سندس اهڙو اثر هو جو جڏهن "تلڪ سوراج فند" لاءِ اپيل ڪيائين، ته سکر جي شهر مان پنجن ڏينهن ۾ پنجٽيهه هزار روپيا ڪٺا ٿي ويا‍‍! ان وقت سکر جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ماهيانو خرچ سورهن سؤ روپيا هو، جنهن ۾ قومي ڪورٽ تي چار سؤ روپيا، قومي اسڪول تي چار سؤ روپيا، ۽ باقي چار سؤ رپيا ريزڪي خرچ ٿيندو هو.

سکر ان وقت راڄنيتي هلچل جو مکيه مرڪز هوندو هو. ٽڪريءَ تي، ليوڪس پارڪ واريءَ جاءِ تي، پبلڪ مينٽنگون ٿينديون هيون، جن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. صوبه سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو دفتر انهن ڏينهن ۾ سکر ۾ هوندو هو. شري ويرومل ان جو صدر هوندو هو. 1916ع ۾ مهاتما گانڌي سکر آيو، ته مهاشيه ويرومل جي ڪوشش سان سندس وڏو پروگرام رٿيو ويو هيو هو. لوڪمانيه تلڪ سکر ۾ آيو، ته سندس وڏي آجيان ڪئي ويئي. ان کانپوءِ ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي تي "تلڪ هال" نالو رکيو ويو.

1922ع ۾، مٽيءَ مٽڪ واري ڪيس ۾، مهاشيه ويرومل کي ٻه سال سزا ملي. اتان آزاد ٿيڻ تي سکر واسين سندس نهايت وڏي آجيان ڪئي.

سکر ضلعي ۾، 1930ع ۾، فرقيوار فساد ٿيا ۽ ٻوڏون ٿيون. ان وقت هن سهائتا- ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي، 88 هزار رپيا ڪٺا ڪري ضلعي ۾ ورهايا.

شري ويرومل سکر ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين مکيه ميمبر رهندو آيو. ان جي جدا جدا ڪاميٽين جو چيئرمين به رهيو. سدائين پهرئين تڪ مان چونڊبو ايندو هو، ۽ کيس اڪثري "ميمبر ميڪر" ڪري سڏيو ويندو هو.

1931ع ۾ جڏهن آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيو، ته ان وقت هن سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ خلاف ڪانگريس ليڊرن سان بحث ڪيو. جڏهن الهه آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪٺي ٿي، ته ان ۾ مهاشيه ويرومل سنڌ جي جدائيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. ان کانپوءِ هن ڪانفريس کان جدا ٿي، سنڌ ۾ "هندو مهاسڀا" قائم ڪئي، جنهن جو ورهين جا ورهيه هو صوبائي پريزيڊنٽ رهندو آيو.

حيدرآباد دکن ۾ جڏهن هندن طرفان ستيا گرهه شروع ٿيو ته مهاشيه ويرومل اتي ڪيترائي والنٽيئر موڪليا هئا.

سکر ۾ گوديءَ جي مزدورن جي اسٽرائيڪ ۽ مساڻن واري ستياگرهه ۾ هن ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ورتي.

تعليم جي واڌاري جي ڏس ۾ به هن چڱي خدمت ڪئي. خاص ڪري ڇوڪرين ۽ مزدورن جي تعليم لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيائين. واڌو مل اڪيڊمي ۽ اپر سنڌ ڪاليج شڪارپور جي ترقيءَ لاءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي. "سڌار سڀا" طرفان، وڌوا عورتن جي لاءِ هڪ ڪارخانو کليو هو، ان جي کولائڻ ۾ به هن جو هٿ هو.

1939ع ۾، سکر ۾، منزلگاهه مسجد جي سلسلي ۾ هندو- مسلم فسادن وقت سرڪار کيس سکر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. وڏيءَ ٻوڏ ڀيري، هن چندو ڪٺو ڪري غريبن ۾ ورهايو.

هي سنڌي قوم پرستن ۾ مکيه ماڻهو هو، ۽ سندس وسيلي ڪيترائي نوجوان ڪم ڪندڙ پيدا ٿيا. ساريءَ سنڌ جي قومي ڪم ڪندڙن ۾ هن لاءِ وڏي عزت هئي.

مون کيس پهرين 1920ع ۾، سنڌ پراونشل ڪانگريس جي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏٺو، جا حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ٿي هئي ۽ هي ان جي مرحبائي ڪاميٽي جو چيئرمين هو.

پوءِ اهڙو دور آيو، جنهن ڪري مڪاني ردعمل جي چڪر ۾ اچي، هي فرقيوار ذهنيت واريءَ سياسي وهڪ ۾ لڙهي ويو. اها حالت گهڻن ئي قومي ڪارڪنن تان گذري آهي. ان ڪري هن ڪانگريس کي ڇڏي، "هندو سڀا" ٺاهي، ۽ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪرڻ لڳو، ليڪن سندس دل سالم هئي. سکر ۾ هندو- مسلم فساد ٿيا، ۽ جنهن وقت سڀ ڌريون جوش ۾ هيون، هن صاحب جو دماغ توازن ۾ هو. سندس ڪوشش سان مسلم ليگ ۽ هندن جي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. شيخ عبدالمجيد ۽ آءٌ وزارت ۾ داخل ٿيڻ جي خلاف هئاسون، پر هن ۽ دادا ڄيٺمل زوريءَ اسان کي وزارت قبول ڪرائي.

جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته سڀ هندو لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا. ڪانگريس جا مکيه ڪارڪن ملڪ ڇڏي ويا، پر هي محڪم ارادي جو ٿي بيٺو. چي، "وطن کي ڪيئن ڇڏبو! ڄاوا وطن ۾ آهيون، ته مربو به وطن ۾!" سکر مان جڏهن سڀ هندو لڏي ويا ۽ ٻاهران آيل مهاجرن جي وچ ۾ رهڻ هندن لاءِ دشوار پئي نظر آيو، ته به هن جي دل لوڏو ئي نه کاڌو. چي، "ملڪن ۽ قومن تي عارضي مشڪلاتون اينديون آهن، انهن کي مڙس ٿي منهن ڏبو. ڀڄي جان ڇڏائڻ، ڪانئرن جو ڪم آهي." پنهنجي انهيءَ ارادي تي، باوجود بيماريءَ ۽ ڪيترين تڪليفن جي، پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو.

1945ع ۾، جڏهن اسان جا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف پيدا ٿي پيا، ته سندس فرزند رامچند جي اخبار "قرباني"، پريس سميت خريد ڪري، اسان ڪراچيءَ مان ڪڍڻ شروع ڪئي، جا ڪجهه سال هلڻ بعد سرڪاري بندش پوڻ ڪري بند ڪئي ويئي.

ويرومل جي رهڻي ڪرڻي سادي، ۽ خيال اوچا هوندا هئا. ٻياسي ورهين جي عمر تائين سندس ڏند ۽ اکيون سالم رهيا. هميشه کاڌي پائيندو هو، ۽ سادو پائيندو هو. سندس دل سالم، ارادو مضبوط، ۽ ذهن صاف هو. هن سنڌ جي روشن مستقبل مان ڪڏهن به اُميد  نه لاٿي. 1941ع ۾ کيس اڌرنگ جي بيماريءَ جي چپيٽ آئي، پر وري چاڪ ٿي ويو. 16 جولاءِ 1956ع تي، شام جو، شڪارپور ۾، پنهنجي فرزند مسٽر رامچند جي ڪوهنور پريس مٿان جڳهه ۾، ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.

ڀاءُ ڄيٺمل پرسرام ۽ مهاشيه ويرومل بيگراج، پنهنجو مـَـٽ پاڻ هئا. شري ويرومل جو فرزند، مسٽر رامچند، اڃا تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو.

3- مير الهه بخش خان ولد مير فضل محمد خان ٽالپر

(جهول،سانگهڙ).

هي مير صاحب شاهواڻي ٽالپرن جي شاخ مان هو. 1899ع ۾، جهول جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. اڃا ٽن سالن جو مس ٿيو هو ته سندس والد، مير فضل محمد خان، 1901ع ۾ گذاري ويو. خاندان ۾ باقي صغير اولاد ۽ بيوهه عورتون وڃي رهيون، تنهن ڪري هي اتان لڏي وڃي ٽنڊي جان محمد تعلقي ڊگڙيءَ ۾ عزيزن وٽ رهيا. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. 1911ع ڌاري، پٿوري جي مدرسي ۾، قاضي عبدالڪبير ۽ سيد محمد شاهه پرنسپالن جي هٿ هيٺ، چئن درجن تائين تعليم ورتائين: پوءِ اتان اچي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان 1918ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ٿيو، ۽ جڏهن اتان غير ڪاٺياواڙي شاگردن کي ڪڍيو ويو، ته هن واپس سنڌ ۾ اچي، ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي.

1920ع ڌاري جڏهن خلافت هلچل شروع ٿي، ته مير صاحب تعليم ڦٽي ڪري وڃي تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو، ۽ ٿرپارڪر ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1924ع ۾ جڏهن خلافت هلچل جهڪي ٿي ويئي، ته هن ٿر پارڪر ضلعي جي زميندار ايسوسيئيشن برپا ڪرڻ ۾ حصو ورتو، جنهن جو صدر خانبهادر غلام نبي شاهه ٿيو ۽ پاڻ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.

سال 1927ع ۾ کيس "الوحيد" ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو ويو. 1928ع ۾ جڏهن قاضي عبدالرحمان ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو چيف آفيسر مقرر ٿيو، ته ڪجهه وقت لاءِ هن ايڊيٽريءَ جا فرائض به بجا آندا. اُتان، اکين جي خراب ٿيڻ ڪري، استعيفا ڏيئي، ڳوٺ موٽي آيو.

1930ع ۾ پهرين سنڌ هاري ڪانفرنس، ميرپورخاص ۾، مسٽر جمشيد ميهتا جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي، مير صاحب ان ۾ به حصو ورتو. 1937ع ۾ پاڻ خاڪسار هلچل ۾ شريڪ ٿيو، ۽ ان طرفان "خاڪسار سپاهي" نالي رسالو ڪڍندو هو. خاڪسار تحريڪ ۾ گهڻي وقت تائين ڪم ڪندو رهيو. 1945ع ۾، ان سلسلي ۾، دهليءَ ۾ ٿوري وقت لاءِ گرفتار ٿي جيل ۾ ويو.

مرحوم خوش خلق، مخلص، محنتي، بي ڊپو ۽ باهمت قومي ڪارڪن هو. منهنجي ساڻس واقفيت "الوحيد" جي ايڊيٽريءَ واري زماني کان ٿي. خاڪسار تحريڪ  ۾ ڪجهه وقت لاءِ گڏ رهياسون. آخر وقت ۾، ڳوٺ ۾ رهي، گهڻو وقت ڳوٺاڻن جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪندو رهندو هو. 22 جولاءِ 1953ع تي، موٽر جي حادثي ۾ وفات ڪيائين.

سندس ڀاءُ، مير غازي خان، اڃا تائين جهول جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.

4- سرڳواسي ڊاڪٽر چوئٿرام پرتابراءِ سنتداس گدواڻي

(حيدرآباد: ڀارت)

سنڌ جي ڪانگريسي ڪارڪنن ۾ آچاريه ڪرپالاڻي، شري جيرامداس دولترام، ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، چوٽيءَ جا ليڊر ٿي رهيا آهن. سنڌين کي اهڙين اعليٰ شخصيتن تي بجا طور فخر ڪرڻ جو حق آهي. پهريان ٻه، اڪثري آل انڊيا سياسي مسئلن ۾ مشغول رهڻ ڪري، سنڌ جي مڪاني ڳالهين ڏانهن گهڻو توجهه ڏيئي نه سگهيا، ليڪن ڊاڪٽر صاحب سنڌ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.

سنڌ جي هندن ۾ قديم سڀيتا لاءِ چاهه پيدا ڪري جاڳرتا پيدا ڪرڻ، سنڌ جي گوشي گوشي ۾ ڪانگريس جو آواز پهچائڻ، ماڻهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ روح ڦوڪڻ، عوام جي دلين مان حڪومت جو خوف دور ڪرڻ، ڪانگريس کي سنڌ اندر پوريءَ طرح منظم ۽ مضبوط بنائڻ، ۽ قومي ڪم لاءِ نوجوان مخلص ڪارڪن پيدا ڪرڻ جو سهرو ڊاڪٽر صاحب جي سر تي سونهي ٿو.

جيئن ننڍپڻ کان وٺي هن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي خدمت جو ڪم هٿ ۾ کنيو، تيئن آخر تائين ان کي نباهيندو رهيو. ساري عمر برهمچاري ر هيو. ڪا جاءِ ۽ ملڪيت ڪٺي نه ڪيائين. سندس گهر جون نهايت ٿوريون رهيون. هو قربانيءَ جو پتلو هو. ڪنهن وڏي ۾ وڏي طاقت اڳيان سر نه نوايائين. کيس نه ڪو ڊيڄاري سگهيو، نه خريدي سگهيو. مخالف کي شينهن جي ڏيکاري ڏيندو، پر عوام جي دک درد ۾ ننڍن ٻارن يا زالن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئي پوندو هو.

هي اهو ماڻهو هو، جنهن دنيا ۾ سواءِ سونهري ڪرمن جي رڪارڊ جي، ٻي ڪا به دنياوي ملڪيت ورثي ۾ نه ڇڏي. سچي سنياسيءَ وانگر، هن هڪ هنڌ آستانو نه ٺاهيو. هر جاءِ سندس اءِ هئي، جنهن کي پکين وانگر وڻ جي ٽاريءَ تي آرام طور ڪتب آڻيندو هو.

هو بنيادي طرح جذباتي ماڻهو هو. نهايت نازڪ دل رکندڙ هو. ٻين جا دک کيس دکي ۽ بيچين ڪري رئاري وجهندا هئا. ساري ديس جا دک سندس دل ۾ سمايل هوندا هئا. اهو ئي ڪارڻ هو جو هن ساري زندگي ماڻهن جي دکن دور ڪرڻ ۽ ساڻن همدردي ڪرڻ ۾ صرف ڪئي. شاهه صاحب جي لفظن "مـُـٺ مـُـٺ سورن سڀڪنهن، مون وٽ وٿاڻان" جو زنده مثال هو."

هو بنيادي طور مذهبي ماڻهو هو، ليڪن سندس مذهب خلقِ خدا جي خدمت هو، نه ڪريا ڪرم ۽ ڪن اکرن جو اُچارڻ، مطلب ته ٿورن لفظن ۾، هو اخلاص جو ڀنڊار، وطن جو خادم، ارادي جو پڪو، بي لالچ ۽ بنا ڊپ جي قومي ڪم ڪندڙ انسان هو.

ڊاڪٽر صاحب جو مفصل جيون چرتر، "هندو واسي " اخبار (ڀارت) ۾، مهاراج وشنو شرما، سندس پراڻو ساٿي، قسطن ۾ لکي رهيو آهي جنهن مان مون گهڻي مدد ورتي آهي پر سچ پچ ته سندس احوال لکڻ لاءِ اها ڪوشش ڪافي نه آهي. مکيه ديش شيوڪن جي زندگيءَ جو احوال دراصل ملڪ جي آزاديءَ جي هلچل، سياسي جاڳرتا، مختلف تحريڪن ۽ ملڪي ترقيءَ جي تاريخي ذڪر سمان آهي. اهڙي احوال قلمبند ڪرڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ودوانن جي ڪوشش جي ضرورت آهي. هو مون کان عمر ۾ وڏو هو. سواءِ آخر ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي، سندس اوائلي احوال مان پورو واقف نه آهيان. نڪو قلم ۾ اهڙي رواني اٿم، جو اهڙي مجاهد جي جيون- چرتر کي پوريءَ ريت رچي سگهان. بهرحال، سندس هن مختصر احوال لکڻ مان سندس مدح خوانن جي لسٽ ۾ پاڻ کي داخل ڪريان ٿو.

ڊاڪٽر صاحب جي شخصي زندگي:

ڊاڪٽر صاحب، حيدرآباد شهر جي عامل قبيلي جي گدواڻي ڪٽنب مان، ديوان مولچند جو پڙپوٽو هو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ديوان مولچند، پرڻجڻ بعد، جڏهين گسائين سورج گر وٽ آسيس وٺڻ ويو، ته هن دعا ڪيس ته توکي صالح اولاد ٿيندو. جڏهين کيس فرزند ڄائو ته ان تي سنتداس نالو رکيائين، جو واقعي سنتن جو داس ٿي، سندن ٽهل ٽڪور ڪندو هو. هي غريبن جي شيوا ڪرڻ، بيمارن جي پرگهور لهڻ، شاديءَ غميءَ ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ خوب دلچسپي وٺندو هو، کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو پرتابراءِ رکيائين. ان کي پنج پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون. سندس پٽن جا نالا هي آهن:

(1) مسٽر شامداس گدواڻي، جو انڪم ٽيڪس آفيسر هو. آخر ۾ مها سڀا جو ليڊر ٿيو. 1962ع ۾ وفات ڪيائين.

(2) گدو مل گدواڻي، ٽوبئڪو ڪمپنيءَ جو چيف ايجنٽ هو. 1913ع ۾ وفات ڪيائين.

(3) ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، جنهن جو احوال هيٺ ايندو.

(4) شري ٽيڪمداس گدواڻي، جو زنده آهي، ۽ اجمير ۾ رهندو آهي.

(5) شري هشمتراءِ گدواڻي، جو نانڪ نواس، وارڊن روڊ، بمبئي ۾ رهندو آهي.

ڊاڪٽر چوئٿرام 25 ڊسمبر 1889ع تي، حيدرآباد شهر ۾، گدواڻي گهٽيءَ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ڀر واري سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. انگريزي تعليم هيرانند اڪيڊميءَ ۾ وٺي، 1908ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪيائين.

هو ننڍي هوندي کان پراُپڪاري هوندو هو. رٺل ڇوڪرن کي پرچائڻ، سنگتين ساٿين جي مدد ڪرڻ، وڏن جي تعظيم ڪرڻ، راند روند تي گهٽ توجهه ڏيڻ، سندس مکيه خصلتون هونديون هيون. ننڍي هوندي کان سندس طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. مهاراج ڪرچمند ۽ ميٺارام سندس ڇـَـٺي ڏسي چيو هو ته هي دياوان ۽ پراپڪاري ٿيندو. پاڻ ننڍي هوندي کان سنتن جي سنگت جو شائق هو. ڀائي ڪلاچند وٽ، ۽ سپا سپاهيملاڻيءَ جي درٻارين ۾ ويندڙ هو.

سال بسال امتحان پاس ڪري، مئٽرڪ ڪرڻ کانپو”، هاڻوڪي دادو ضلعي جي ڳوٺ بوبڪن تعلقي سيوهڻ جي مڊل اسڪول ۾ اچي ماستري ڪرڻ لڳو، ۽ اُتي سال کن ماستر رهيو. پو”، اسڪالر شپ وٺي، حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ۾، 1909ع ڌاري، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ويٺو.

جڏهين سندس ڀائرن ۽ ڀينرن جي شادي ٿيڻ واري هئي، ته کيس به شاديءَ جي صلاح ڪيائون، پر هن شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ آزاد رهڻ کي ترجيح ڏنائين.

هندستان سرڪار 16 آڪٽوبر 1905ع تي بنگال جو ورهاڱو ڪيو هو، جنهن ۾ ڍاڪا، ميمن سنگهه ۽ چٽگانگ ڊويزنون بنگال صوبي کان ڌار ڪري، جدا صوبو بنايو ويو هو. قوم پرستن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي هئي. اُن ۾ هنن کي انگريزن طرفان زبان، جاگرافيائي ۽ انتظامي نقطه نگاهن کي ڇڏي، هندستانين کي فرقيوار بينادن تي ورهائڻ جي پهرين ڪوشش ڏسڻ ۾ آئي هئي. انهيءَ هلچل ۾ حصي وٺڻ لاءِ ڪيترن بنگالين سرڪاري نوڪريون ڇڏي ڏنيون هيون، ايتري قدر جو شري اروند گهوش، جيڪو بڙودي ڪاليج ۾ پرنسپال هو، ان 1906ع ۾ اتان نوڪري ڇڏي هلچل ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. بنارس يونيورسٽيءَ ۾ بنگالي گهڻا هئا، ۽ انهيءَ اثر هيٺ مهاراجا لوڪ رام شرما اتان پڙهڻ ڇڏي، اچي حيدرآباد ۾ سوديشيءَ جو دڪان کوليو هو. اتي قومي تحريڪ سان واسطو رکندڙ ماڻهو گڏ ٿيندا هئا، ۽ اخبارون ۽ قومي چوپڙيون به اتي ملنديون هيون. ڊاڪٽر چوئٿرام اتان اخبارون وٺي، پڙهي، ٻين کي به ٻڌائيندو هو. اهڙيءَ طرح هن ۾ قومي ويچار پيدا ٿيا.

ان وقت ڌاري پنجاب کان ڪيترا ودوان ۽ ساڌو سنياسي سنڌ جي گشت تي آيا، جن ۾ هڪ گريجوئيٽ به هو. ان جي چوڻ تي، ٽئين نمبر تلاءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي رستي تي، مهراج شنڪردت آشارام جي جاءِ ۾، "سناتن سڀا" کلي، ۽ پوءِ هڪ عمارت ٺهي، جتي برهمچاريه آشرم کوليو هو. اهو آشرم گروڪل ڪانگري ۽ هردوار جي رشي ڪل آشرم جي نيمن تي کوليو ويو هو، جتي ٻار ننڍيءَ عمر جا ورتا ويندا هئا، کين سنسڪرت سان گڏ ٻي سکيا به ڏني ويندي هئي ۽ حساب، جاگرافي، ۽ ٻيا اسڪول جا ڪم به سيکاريا ويندا هئا. ٻارن کي سناتن ڌرم جي اصولن تي روزانو گائتري- پاٺ ڪرڻو پوندو هو. ٻالڪ جپ به ڪندا هئا. هون به روزانو ٿيندو هو، ۽ ويد- پاٺ به ڪندا هئا. حيدرآباد مغربي تهذيب ۽ فيشن جو گهر هو. ان ۾ هي قديم تهذيب جي سيکا ۽ سادي حياتيءَ جي تربيت نئين ڳالهه پئي ڏسڻ ۾ آئي ٻارن کي سادو کاڌو کائڻو پوندو هو، ۽ سادي پوشاڪ پائڻي پوندي هئي. ڪپڙن ۾ هڪ لنگوٽ، هڪ چادر، هڪ چولو هوندو هو. پير اگهاڙا ڪري هلڻو پوندو هو. ڇرڪر آشرم جو ڪم ڪار ڪندا هئا، ڪپڙا ڌوئندا هئا، گئوشالا جو ڪم ڪندا هئا، ۽ ورزش، آسڻ ۽ يوگ اڀياس ه ڪندا هئا. انهن مان ڪي هوشيار ٿي ويا. سنڌي توڙي هنديءَ ۾ ڌرمي ۽ ٻين علمي ڳالهين تي تقريرون ڪري سگهندا هئا. سندن نالا به سندن گڻن کي ڏسي، بدلايا ويندا هئا. شروع ۾ ٿورا ٻار آيا، پر پوءِ ويا وڌندا، گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سالن تائين ٻارن کي سکيا ڏيڻ جو انجام وٺي، پوءِ آشرم ۾ ورتو ويندو هو.

ان سڄي ڪم ۾ مکيه بهرو ڊاڪٽر صاحب وٺندو هو. سندس چوڻ هو ته تعليم سان گڏ آشرم جي تربيت ٻارن کي ڪارائتو بنائيندي. ان آشرم هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهي، جنهن جو مهراج ڪاليداس سان گڏ، پاڻ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. آشرم جي انتظام لاءِ پيسن گڏ ڪرڻ، کاڌي خوراڪ ۽ ٻين گهربل شين مهيا ڪرڻ جو ذمو ڊاڪٽر صاحب تي رکيل هو، جا معمولي ڳالهه ڪا نه هئي، پر هن ان ڪم جي خوش اسلوبيءَ سان پورائي ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب خود آشرم ۾ رهندو هو. سناتن- سڀا جو ميمبر هو، پر هروڀرو ڪنهن فرقي جو پوئلڳ ڪو نه هو. آريا سماج ۽ سک درٻارين ۾ به ويندو هو. هن انهن سڀائن کي ديش شيوا جو ذريعو سمجهي، انهن سان لاڳاپو رکيو ٿي.

اتي بعد ۾ هڪ ودياليه به کوليو ويو، جتان ٻار سکيا پرائي تلڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا، جتان نيشنل ڪاليج ۾ وڃي سگهيا ٿي. انهيءَ ودياليه ۾ هيٺيان مکيه استاد پڙهائيندا هئا: ڪاڪا صاحب ڪليڪٽر، آچاريه جيوترام گدواڻي، پروفيسر جوهر مل منسکاڻي، پنڊت چنتامڻي شاستري، مهراج لوڪرام شرما، مهراج وشنو شرما، پڊت سوارڪا داس، روچيرام، ويڙهو مل، واپاريمل، مهراج گرڌاري لعل، پردواج، ڪاڪو اتسچند، وغيره.

انهيءَ آشرم ۾، تعليم ۽ تربيت سان گڏ، قومي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو انگ به پيدا ڪيو ويندو هو. آشرم ۾ جلسا به ٿيندا ها، جتي  ٻاهريان ودوان گهرايا ويندا هئا. سوامي سنديو ۽ پنڊت دين ديال انهن مان مکيه هئا. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي گشت تي به ويندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو. هڪ دفعي، سنياسي آلارام سان گڏ، گئورکشا لاءِ گشت تي نڪتو هو، ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي گئوشالائون کولارايائين. اهو سڀ ميڊيڪل ڪاليج واري زماني ۾ ڪيائين.

ڊاڪٽر صاحب اصل کان هندي ٻوليءَ جي فائدي ۾ هو ان ڪري سوامي ستيه ديو سان سنڌ جي دوري وقت، هندو سڀيتا کي زور وٺائڻ لا”، ناگري پرچارڪ سڀائون کولارائڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. انهيءَ واسطي "سنڌ ڀاسڪر" اخبار ۽ "هندو" اخبار، ديوناگريءَ ۾، برهمچاري آشرم مان ڪڍڻ لڳا. "هندو" اخبار پوءِ سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجڻ لڳي.

آخر، سنه 1913ع ۾، حيدرآباد اسڪول مان ايل. سي. پي. ايس جو امتحان ڏنائين. پهرين کيس حيدرآباد ضلعي جي هڪ تعلقي ۾ ڊاڪٽر ڪري رکيو ويو. اتي هن ڳوٺاڻن جي گهڻي خدمت ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ کيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڊاڪٽر ڪري رکيو ويو، جتي هن قيدين جي گهڻي خدمت ڪئي. اتي هو انقلابي ۽ قومي خيال رکندڙ سياسي قيدين سان لهه وچڙ ۾ آيوناجائز ڪمائي ڪا نه ڪندو هو، مائٽن کي سڪو پگهار ڏيندو هو. 4 آگسٽ 1914ع تي پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي. ڪجهه وقت بعد کيس عربستان ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هن اوڏانهن وڃڻ نٿي چاهيو. مائٽ غريب هئس. اهڙو احوال آچاريه ڪرپالاڻيءَ کي لکي موڪليائين، جو ان وقت بهار ۾ نوڪري ڪندو هو. هن کيس اسڪالر شپ وارا پيسا ڏياري موڪليا، جي سرڪار کي ڏيئي، جان آزاد ڪيائين. هو پوءِ به پيسا موڪليندو هوس، جي  پوءِ هن وٺڻ بند ڪيا.

سياسي زندگي:

1915ع ۾، ڊاڪٽر صاحب نوڪريءَ کان آزاد ٿي سياسي زندگيءَ ۾ حصو وٺڻ لڳو. پهريون دفعو، 1916ع ۾، آل انڊيا ڪانگريس جي لکنوءَ واري امبڪاچرن مزمدار جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿيل اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويو، جنهن ۾ سنڌ مان ريئس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، شري جيرامداس دولترام ۽ ٻيا ڪيترا صاحب عيوضي ٿي ويل هئا. ان اجلاس جي موقعي تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس به لکنؤ ۾ ڪٺو ٿيو هو. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ۾ آئيني ڳالهين تي ٺاهه ٿيو، جو "لکنؤ پئڪٽ" جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان اجلاس ۾ نرم ۽ گرم ڌر ڪانگريسين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو.

ائين نه آهي ته ان کان اڳ ڊاڪٽر صاحب قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هو. حقيقت ۾ هو ميڊيڪل اسڪول واري زماني ۾ ئي ان ڪم ۾ دلچسپي وٺندو رهندو هو جو 1909ع کان 1913ع تائين هو.

بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ اتي جيڪا خوني انقلاب جي تحريڪ شروع ٿي، ۽ ان ۾ جڏهن خوديرام بوس کي 1908ع ڌاري ٻن انگريز عورتن کي بم سان مارڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني ويئي هئي، ته هن ورت رکيو هو.

انهن ڏينهن ۾ هي "بندي ماترم" ۽ "ڪرم يوگي" اخبارون پڙهندو هو، جن ۾ انگريز حڪومت خلاف بغاوت جو پرچار ٿيندو هو. واڌواڻي گهٽيءَ ۾، هڪ ماڙيءَ تي قومي ڪارڪن گڏبا هئا ۽ اخبارون وغيره پڙهندا هئا. شري تولارام ٻالاڻي، لعل چند امر ڏنو مل، ۽ ڊاڪٽر صاحب، گڏجي، هڪ سوديشي ناٽڪ لکيو هو، جو اسٽيج ڪيائون. تمام گهڻا ماڻهو ان کي ڏسڻ آيا.

13 جولاءِ 1908ع ۾، ٻال گنگا ڌر تلڪ کي گرفتار ڪري، پنجن ڏينهن ۾ ڪيس هلائي، ڇهن سالن جي سزا ڏني ويئي. ان تي احتجاج ڪرڻ لاءِ ڦليليءَ تي هڪ عام جلسو رکيو ويو هو. ان ۾ ڊاڪٽر صاحب نهايت جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن کان متاثر ٿي هڪ ماڻهوءَ کيس بنا نالي ڄاڻائڻ جي پنج سؤ رپيا ڏياري موڪليا، جن مان هن لوڪمانيه تلڪ جا فوٽو گهرائي ورهايا. فوٽوءَ جي ٻئي پاسي سوراج جو سنيهو ڇپيل هو. ان کانسوا”، لوڪمانيه تلڪ جي اپديش جي چوپڙي سنڌيءَ ۾ ڇپائي ورهايائين. سندس انهن ڪمن جي ڪري پوليس ڪاوڙي، پر هن دليريءَ سان ان کي منهن ڏنو. هڪ ڏينهن اڪيڊميءَ جي وائيس پرنسپال، ديوان خانچند، هن کي گهرائي سمجهايو ته شاگردن کي سياست ۾ دخل ڏيڻ نه گهرجي، پر هي نه مڙيو، ۽ ڪم ڪندو رهيو.

انهيءَ زماني ۾، فرانس ۾ شريمتي بيکاجي ڪاما هندستان جي آزاديءَ لاءِ ساري يورپ ۾ پرچار ڪري رهي هئي. ان سان لکپڙهه ڪري، بم گولن ٺاهڻ جون رٿون رٿڻ لڳو. تن ڏينهن ۾ بنگال ۾ دهشت پسند انقلابين جو زور هو، ۽ ملڪ جا نوجوان انهن جي نموني تي خوني انقلاب ذريعي آزادي وٺن جا پهه پچائڻ لڳا هئا.

نه رڳو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ وقت، بلڪه ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هو نوڪريءَ جي زماني ۾ به انهن ڳالهين ۾ دلچسپي وٺندو رهيو. سنه 1913ع ڌاري، ڊاڪٽري امتحان پاس ڪري، نوڪريءَ ۾ گهڙيو، ۽ 1915ع جي آخر تائين نوڪريءَ تي رهيو. معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت به هو آشرم ۾ رهندو هو، ۽ تحريڪ سان لاڳاپو رکندو پئي آيو. هيٺيان واقعا ان جي ثابتي ڏين ٿا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org