7- مولانا ميان عبدالڪريم ميان عبدالله چشتي
(شڪارپور)
هي صاحب سنڌ جي مکيه قوم پرست ڪارڪنن مان ٿي گذريو آهي، جنهن
ڪانگريس، خلافت تحريڪ ۽ اوائلي مسلم ليگ ۽ هوم رول
ليگ ۾ ڪم ڪيو هو. آزديءَ جي تحريڪ ۾ هي ڪيترا دفعا
جيل ۾ ويو. ازانسواءِ، هو بهترين ڳالهائيندر،
اعليٰ اديب، خوش خلق، خادم خلق، سچو دوست، اعليٰ
صحافي ۽ واعظ الاسلام هو.
مون سان سندس تعلقات 1929ع کان ٿيا. جڏهن آئون ضلعي لوڪل بورڊ
ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد ڳوٺ سڌار هلچل کي
زور وٺائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي گشت ۾ ويل هوس. هي مون
سان ٺٽي کان سجاول، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن جي
دوري ۾ شريڪ هو. پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت ڪري حاضرينن
تي گهڻو اثر وڌو هئائين.
مرحوم جا ڪيترا خط مون وٽ محفوظ آهن. هي سندس زندگيءَ جو احوال،
ذاتي معومات، ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي سوانح نمبر ۾
لکيل ميان شهاب الدين چشتيءَ جي احوال، ۽ ميان يار
محمد ٽانوريءَ، سنڌ جي عمدي اديب (متوفي 20 مئي
1966ع) جي ”نئين زندگي“ (مئي 1964ع) ۾ لکيل احوال،
۽ پروفيسر لطف اله بدويءَ جي جون مهيني 1964ع جي
”نئين زندگي“ ۾ ڏنل احوال تان قلمبند ڪريان ٿوڳ.
شخصي زندگيءَ: مولانا چشتي، بقول ميان شهاب الدين چشتي، 1898ع
۾، ۽ بقول ميان لطف الله بدوي 1896ع ڌاري شڪارپور
جي شهر ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو ميان عبدالله
هو، جو نهايت نيڪ، عابد ۽ پرهيزگار شخص هو. هن جي
وڏي ڏاڏي جو نالو ميان صاحبڏنوهو، جو ميان محمد
امين شاهه چشتيءَ جي خليفن مان هو؛ ان ڪري ئي ميان
عبدالڪريم پاڻ کي چشتي سڏائيندو هو.
هي ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ خليفي حاجي عبدالغفور وٽ قرآن شريف جي
پڙهڻ لاءِ ويٺو. ٻن سالن ۾ قرآن شريف پورو ڪري،
1910ع تائين، سنڌي ۽ اردو تعليم وٺندورهيو. ان کان
پوءِ عربي ۽ فارسي پڙهڻ ويٺو. مولانا مولوي غلام
رسول صاحب چشتيءَ وٽ صرف ۽ نحو پڙهيائين. ان کان
پوءِ شڪارپور جي عربي مدرسي ۾، ان جي صدر معلم
مولوي عبدالرحمان وٽ، فقهه، اصول حديث ۽ تفسير،
ادب ۽ منطق پڙهي، 1918ع ڌاري، سيالڪوٽِ نصاب ختم
ڪري، دستاربند مولوي ٿيو. سندس والد 1917ع ۾ وفات
ڪئي. ليڪن ان کانپوءِ به هي پڙهندو رهيو. انهيءَ
وقت ڌاري، علم طب مان به چڱي معلومات حاصل ڪئي.
علم کان فارغ ٿيڻ بعد، هن طبابت جو دواخانو کوليو،
جنهن مان هي گذر معاش ڪندوهو. تعليم کان فارغ ٿيڻ
بعد، هن سياست ملڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1918ع جي
اوائل ۾، ڊاڪٽر ايني بيسنت جي برپا ڪيل هوم رول
ليگ جي تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنهن جا سنڌ مان ڪارڪن
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، مسٽر جمشيد ميهتا، مسٽر
ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻيا هئا.
ان کانپوءِ مهاتما گانڌيءَ جي اثر ڪري، ڪانگريس زور ورتو، پهرين
مهاڀاري لڙائي پوري ٿي. ان ۾ اتحادين ترڪن جي ملڪن
کي ورهائڻ گهريو. ان تي هندستان جي مسلمانن ۾
ناراضگي پيدا ٿي. خلافت تحريڪ شروع ٿي. سگهوئي
ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ گڏجي پهرين عدم تعاون جي
تحريڪ شروع ڪئي، ۽ پوءِ سول نافرماني ٿي. انهن
سڀني تحريڪن ۾ مولوي صاحٻ پورو حصو ورتو. انهيءَ
سلسلي ۾ هي ٽي دفعا جيل ۾ ويو. پهريون دفعو جيڪب
آباد ۾ بنا اجازت جلوس ڪڍڻ جي ڪري، هڪ مهينو جيڪب
آباد جيل ۾ رهيو. ٻئي دفعي 144 قلم جي ڀڃڪڙيءَ
ڪري چار مهينا ميهڙ جيل ۾ رهيو. ٽيون دفعو 108 قلم
جي هيٺ بغاوت جي ڏوهه ۾ هڪ سال سزا ڪاٽيائين.
انهيءَ وقت ڌاري، هن مولوي عبدالرحمان جي مشوري سان ”انجمن
مجاهد اسلام“ برپا ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته
وڏن ڏينهن جي موقعن تي دين جي بزرگن جي زندگيءَ تي
روشني وڌي وڃي. انهيءَ انجسن ٻه سال نهايت گرم
جوشيءَ سان ڪم ڪيو.
هي ڪيترائي سال خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ”جمعيت
العماءِ هند“ جو ميمبر هو. هن 1921ع ۾، مدرسه
محموديه جوبنياد وڌو، جو ڇهه سال کن هليو، ليڪن
عوام جي عدم توجهيءَ ۽ خرچ جي ڪميءَ ڪري آخر بند
ڪرڻو پيس.
1923ع ۾ هي جڏهن جيل ۾ ويو ته انهيءَ وقت سندس پهرين گهرواريء ۽
فرزند برڪات احمد وفات ڪري ويا. ان کانپوءِ هن ٻي
شادي 1928ع ۾ ڪئي، جنهن جڏهن وفات ڪئي، ته ٽين
شادي 1948ع ۾ ڪيائين. ان مان کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ
فرزند پيدا ٿيو.
1924ع ۾ جڏهن هندو-مسلمانن ۾ خلافت تحريڪ مهل پيدا ٿيو اتفاق
ڍرو ٿيو ۽ انگريزي حڪمت جي شرارت ڪري هندن شڌي
تحريڪ شروع ڪئي ۽ مسلمانن ان جي جواب ۾ تبليغ
اسلام شروع ڪئي. انهيءَ هوا ۾ گهڻا قومي ڪارڪن
سٽجي ويا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ”نو مسلم ڪانفرنس“
سڏائي ۽ مولوي چشتي صاحب ”انجمن اشاعت اسلام“ جو
بنياد وڌو. پوءِ هي ساريءَ سنڌ ۾ وڃي تبليغي جلسا
ڪرڻ لڳو، ۽ خاص ڪري سنجوڳي شيخن کي پڪي مسلمان
بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيائين. 1927ع ۾ جڏهن آريا سماجين
پيغمبر اسلام ۽ مسلمانن جي خلافت مضمون ۽ ڪتاب لکڻ
شروع ڪيا، ته هن به انهن جي جواب ۾ زوردار مضمون ۽
ڪتاب لکيا.
وري جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ زور ورتو، ته هن ساري سنڌ ۾ سوراج،
سوديشي هلچل ۽ هندو مسلمان ايڪتا جو پرچار ڪرڻ
شروع ڪيو. ساڳئي وقت ۾ هي مسلمانن ۾ خراب رسمن کي
بند ڪرائڻ ۽ کين تجارت ڏي توجهه ڏيارڻ لاءِ پرچار
ڪندو رهو. هن چشتي طريقي جي بزرگن کان محبت رسول
جو سبق سکيو هو. ڪيترا ڪتاب ان مسئلي تي لکيا
هئائين. ميلاد النبيءَ جي موقعن تي سندس تقريرون
نهايت اثر پيدا ڪنديون هيون.
صحافت ۾ به هن چڱو بهرو ورتو. آگسٽ 1927ع ۾ جيڪب آباد مان
”صداقت“ اخبار ڪڍيائين، جا پنجن مهينن کان پوءِ
مسٽر ٽانوري ايڊيٽر ”الحنيف“ جي حوالي ڪيائين. ان
کان پوءِ شڪارپور مان ”پيغام“ هفتيوار اخبار جاري
ڪيائين، جا پيسن جي گهٽتائيءَ ۽ اشتهارن جي نه ملڻ
ڪري ڇهن مهينن کان وڌيڪ هلائي نه سگهيو. ازانسواءِ
”جمهور“ هفتيوار اخبار، شڪارپرو، روزانه ”الوحيد“
اخبار، ڪراچي، روزانه ”آزاد“ اخبار، ڪراچي ۽
روزانه ”مجاهد“ اخبار، ڪراچيءَ ۾ ڪجهه وقت لاءِ
ايڊيٽريءَ جا فرائض انجام ڏنائين. ڪجهه وقت لاءِ
هفتيوار ”پاڪستان“ اخبار، لاڙڪاڻي، جي به ادارت
جا فرض انجام ڏنائين.
مولوي صاحب پهرين 1926ع ۾ حج تي ويو، جتي ”سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ
جي وفد کيس اتي رهڻ واري عرصي ۾ ”خدام الحج“ جو
پريزيڊنٽ مقرر ڪيو. اتي رهائش جي عرصي ۾ هن حاجين
جي دوا درمل مفت ڪئي. انهيءَ دفعي، سندس رهائش جي
وقت، سعودي حڪومت طرفان سندس چڱي خاطر تواضع ڪئي
وئي. ان کان پوءِ 1932ع، 1933ع ۽ 1944ع ۾، هو حج
تي ويو، ۽ ائين جملي چار حج ڪيائين. حج جي موقعن
تي هن عراق ۾ نجف اشرف، ڪربلا معلي ۽ بغداد جي
زيارتن جو شرف حاصل ڪيو هو.
هن جي وعظ جي اهڙي شهرت ٿي ويئي، جو ساريءَ سنڌ مان مکيه مجلسن
جي موقعن تي هن کي دعوت ڏيئي، گهرايو ويندو هو.
ان سلسلي ۾ هي اجمير، ملتان، خانپور، لاهور، دهلي
۽ لکنو ڏي به وعظ لاءِ ويندو هو. تقرير ۽ تحرير ۾
خاص ڏات عطا ٿيل هيس. هي ”سنڌ خلافت ڪامٽيءَ“ جو
نائب صدر، ڪيترا سال ”جميعت العلماءِ سنڌ“ جو نائب
ناظم ۽ ”آزاد قومي پارٽيءَ“ جو نائب ناظم به ٿي
رهيو هو. هي ٽي سال شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو وائيس
پريزيڊنٽ ٿي رهيو ۽ چار مهينا پريزيڊنٽيءَ جا
فرائض بجا آندانئين. ڪيترو وقت هي ميونسپل
ڪميٽِيءَ شڪارپور، جو ميمبر، نيو ايرا هاءِ اسڪول،
شڪارپور جو صدر، ”مدرسه محموديه“ جو صدر، ”جميعت
العلماءِ اسلام، شڪارپور“ جو صدر، ”انجمن اهل سنت،
شڪارپور“ جو صدر، ”انجمن اطباء، شڪارپور“ جو نائب
صدر، ۽ ”مدرسه دارالهديٰ، ٺيڙهي“ جو نائب صدر ٿي
رهيو هو. 9 نومبر 1950ع تي يارهين سنڌ ادبي
ڪانفرنس طرفان کيس ”سبحان سنڌ“ جو خطاب عطا ڪيو
ويو. ”جميعت الشعري سنڌ“ جي اجلاس، منعقد ميرپور
بٺوري 1- جنوري 1960ع. تي هن کي سکر ضلعي لاءِ
جماعت جو نمائدنو ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو رڪن چونڊيو
ويو.
مولانا جي دوستن احبابن جو دائرو نهايت وسيع هو. مولوي محمد
صادق صاحب، کڏي وارو، حڪيم مولوي فتح محمد صاحب
سيوهاڻي، مولوي دين محمد صاحب وفائي، مولوي محمد
سليمان، واعظ اسلام، ٿرڙي محبت، مولوي محمد هاشم
صاحب، رڪ، مولوي قمر الدين صاحب، واعظ السلام؛
منگيءَ، سان خاص دوستاڻا تعلقات هوندا هئس. هن جا
خانبهادر مرحوم الهه بخش صاحب سومري ۽ خانبهادر
حاجي موليٰ بخش صاحب سومري سان نهايت دوستاڻا
تعلقات هوندا هئا.
هي بهترين لکندڙ ۽ اديب هو. هن جملي 55 ڪتاب ۽ ٻيا رسالا تصنيف
ڪيا هئا، جن جا نالا هي آهن-
سنڌي ڪتاب:
هدايات محدي، (2) انوار محمدي، (3) خالات محمدي، (4) ڪمالات
محمدي، (5) احسانات محمدي، (6) وصال محمدي، (7)
حبيب خدا، (8) آئينه حق، (9) تلوار حق، (10) آفتاب
حق، (11) صرات المستقيم، (12) برهان رباني، (13)
حجت حقاني، (14) اهليت المومنين، (15) شهيد ڪربلا،
(16) قضيه ڪربلا، (17) امام اعظم، (18) امام
شافعي، (19) محبوب سبحاني، (20) امام رباني، (21)
سلطان الهند، (22) بيان المعراج، (23) نور خدا،
(24) جواهرات، (25) تعليم الاسلام، (26) مجاهد
اسلام، (27) اولياءِ الاسلام، (28) رهبر حج، (29)
علامات قيامت، (30) امير معاويه، (31) تقديس
الرسول، (32) پيغامِ محبت، (33) جواب لاجواب، (34)
عملن جو انجام، (35) مجموعه وظائف، (36) ڪتاب
النڪاح، (37) هدايت المسلمين، (38) ميلاد النبي
صه، (39) باطل نبوت، (40) طاهرات، (41) قرآني
دعائون، (42) پيغمبري دعائون، (43) مجربات چشتيه،
(44) پنج سوره مترجم، (45) شعاءِ الا سقام، (46)
عبدالڪريم، (47) معجزات محمدي.
فارسي ڪتاب:
(1) قرب قيامت، (2) معامله باغ فدڪ، (3) القول مقبول، (4)
القول الاطهر، (5) التلقين و هدايت، (6) ڪشف
الفطاء، (7) رافع الحب.
هن صاحب 31 مارچ 1964ع تي وفات ڪئي. مسلم عوام ۽ خاص جي
قدردانيءَ جي اها حالت آهي ته اهڙي خادم خلق،
بهترين اديب جي وفاتيءَ بعد انهي جي صغير سن
اولاد جي پرورش جو ڪو به خاطر خواهه انتظام ڪو نه
ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته قوم فروش،
راشي، خود مطلب، هر طرح جي براين جا مالڪ ته خود
پاڻ مزا ماڻي رهيا آهن. پر پنهنجي اولاد لاءِ به
وسيع ملڪيتون ڇڏيو وڃن. ڪوتاهه نظر وارو ان حالت
کي ڏسي شايد چوي ته خدا ترس، خادم خلق، بهترين
اديب ٿيڻ مان ڪهڙو فائدو آهي. ڇو ته ماڻهو بي
ايمان، خود مطلب، قوم فروش ٿئي، جو ان مان ڪيئي
فائدا آهن! پر اهڙن ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته زندگيءَ
جي اصلي مقصد، يعني خدمت خلق ۽ عبادت الاهيءَ، جي
پوري ڪرڻ مان جو نفعو حاصل ٿئي ٿو. خود مطلبيءَ
جا ڪم عارضي نفعو ڏين ٿا، جي نه تاريخ جي صفحن تي
ياد رهن ٿا، نه روح کي راحت ڏين ٿا.
سردر قدم يار فدا شد چه بجا شد، اين بار گران بود، ادا شد چه
بجا شد!
8- مرحوم ڊاڪٽر ٽلو مل ٽيڪچند ڌيرواڻي
(سن)
ڊاڪٽر صاحب پهرين مارچ 1899ع تي سن جي ڳوٺ، ضلعي دادو ۾ پيدا
ٿيو. سندس والد ٽيڪچند هڪ غريب واپاري هو. ڪجهه
وقت منهنجي والد جي ڏينهن ۾ زمين جي ڌڙوائيءَ جو
ڌنڌو به ڪيو هئائين.
مسٽر ٽلومل ننڍي هوندي کان سن جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو. ڇهن درجن
پاس ڪرڻ بعد، هن کي هوشيار شاگرد ڄاڻي، پيوپل ٽِچر
ڪري رکيو ويو. جتي هي پڙهائيندو به هو ۽ پاڻ به
پڙهندو هو.
کيس ننڍي هوندي کان راڳ ۽ ڊراما جو شوق هوندوهو. انهيءَ زماني ۾
اسڪولن ۾ ڊراما ڪرائيندا هئا. اهڙو هڪ ڊرامو،
ميرزا قليچ بيگ مرحوم جي ناٽڪ شهزادي فيروز ۽
خورشيد جو، سن جي اسڪول ۾ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ کيس
سونپيل پارٽ هن نهايت خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيو.
ٿوري وڏي ٿيڻ بعد شهر ۾ روزگار جو سٺو انتظام نه ڏسي، هي سنڌ
ورڪين جي نوڪريءَ سان جاوا، سماترا ۽ سينگاپور طرف
ويو، جتي هن سيٺين جي نهايت ايمانداريءَ سان خدمت
ڪئي. جاوا ۾ رهڻ وقت هي فرصت ۾ انگريزي به پڙهندو
هو ۽ هنر به سکندو هو. اڳتي هلي، ڪجهه عرصي
کانپوءِ، هن سيٺين جي نوڪري ڇڏي، آزاد ٿي، ڌنڏو
شروع ڪيو، جنهن مان چڱو پيسو گڏ ڪيائين. جي چاهي
ها ته اها رقم اتي سيڙائي، واپار وڌائي، گهڻي
ملڪيت گڏ ڪري سگهي ها؛ پر هن کي وطن جي سڪ کڻيو
بيٺي هئي. سو واپس ملڪ موٽيو. شهر سن ۾ اچي
پنهنجي گهر جون جايون ۽ اوطاق ٺهرايائين، جتي صابڻ
سازي، انشوئرنس ۽ ٺيڪيداري ڪري گذر معاش ڪندو هو.
هن کي ملڪ جي ڀلي جو خيال ستيءَ ۾ پيل هو. انهيءَ وقت ملڪ ۾
آزاديءَ جي هلچل هلي رهي هئي. ڊاڪٽر صاحب اچڻ سان
هڪ سرفروش سپاهيءَ طور ان ۾ پاڻ پيش ڪيو. اهو وقت
1928ع جو هو. ان وقت سوديشي پرچار، شراب جو
بهشڪار، سٽ ڪتڻ لاءِ ڇرخو چورڻ، کاڌي پچائڻ، شهرن
۽ ڳوٺن جي صفائيءَ لاءِ ڪوشش وٺڻ جا سوشل پروگرام
هلندڙ هئا. آئون ان وقت ۾ ڪانگريس ۾ هوس. سن ۾
ڪانگريس ڪاميٽي برپا ڪئي وئي. آئون ان جو
پريزيڊنٽ، ڊاڪٽر پوهومل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر ٽلومل
رضاڪارن جو ڪئپٽن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هڪ چرخا سنگهه
قائم ڪيو ويو، جنهن جي چارج ڊاڪٽر پوهومل ۽ ٽلومل
جي هٿ ۾ ڏني ويئي؛ جنهن مان سٽ ڪتائي کاڌي ٺهرائي
ويندي هئي. سگهوئي مهاتما گانڌيءَ لوڻ جي قانون
ٽوڙڻ لاءِ ستياگرهه شروع ڪيو. ساري ملڪ ۾ اها هلچل
باهه وانگر پکڙجي ويئي.
سن مان ڊاڪٽر پوهومل، ڊاڪٽر ٽلومل، شيخ ميان ذڪريو ۽ هڪ ٻه ٻيا
ماڻهو لوڻ جي قانون ٽوڙڻ ڪري جيل ۾ ويا. سزا ڪاٽي
اچڻ بعد، انهن جي چڱي آڌرڀاءُ ڪئي ويئي. انهن
ڏينهن ۾ سڪرنڊ تعلقي ۾ پوليس گهڻو ظلم ڪندي هئي.
ماڻهن کان رشوتون وٺندي هئي. انهيءَ خلاف پرچار
ڪرڻ لاءِ هڪ رضاڪارن جو جٿو تيار ڪيو ويو، جنهن ۾
وڏيرو راڌڻ پليجو، ڊاڪٽر ٽلومل ۽ ٻيا چند رضاڪار
دريا ٽپي پار ويا. ماڻهن کي رشوت نه ڏيڻ لاءِ
پرچار ڪيائون ۽ چيائون ته بيان ڏين ته مٿي عملدارن
کي پڪاريو وڃي. اها خبر جڏهن سب انسپيڪٽر کي پيئي،
ته مسٽر شرما رينج فاريسٽر کي ميڙ ڪري مون وٽ وٺي
آيو، ۽ ورتل رشوتون مالڪن کي موٽائي ڏنائين.
ڊاڪٽر صاحب وٽ مذهبي ڀيد ڀاءُ ڪو نه هوندو هو. مسلمانن سان گڏ
کائيندو رهندو هو. پڪو صوفي خيال جو ماڻهو هو. هو
سڀ ۾ پرين پسڻ وارو، ڇوت ڇات کان پري هوندو هو.
ڀنگين کي به گڏ کارائيندو هو.
ڳوٺ ۾ رضاڪارن سان گڏجي صفائي، شراب جي بهشڪار، کاڌي پرچار لاءِ
ويندو هو. گشت وقت دکايل وانگر هارمونيم کڻي راڳ
ڳائيندو ويندو هو. اڪثر چوندو هو ته،
”سور سختيون سالڪن کي، محب مهمانيون مڪيون“
انهيءَ وچ ۾ آئون ضلعي لوڪل بورڊ، ڪراچيءَ، جو پريزيڊنٽ چونڊجي
وڃڻ ڪري. گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳس. هن به ڳوٺ ۾
خدمت جو دائرو محدود سمجهبي، اچي ڪراچيءَ جي شهر ۾
سڪونت اختيار ڪئي. اتي هڪ اسپتال کولي دوا درمل
ڪرڻ لڳو. ۽ انشوئرنس ۽ ٺيڪيداري ڪري گذر معاش ڪرڻ
لڳو. پوءِ هن ”ناظم آباد“ جي ڀر ۾ چند زرعي نمبر
خريد ڪري، سڪني ڪرائي، هائوسنگ سوسائٽِ ٺاهي ۽
نئين ڪالوني ”ڌيرواڻي نگر“ نالي سان ٺهرائڻ لڳو.
اتي هڪ عاليشان بلڊنگ اسپتال لاءِ اڌ لک رپيا خرچ
ڪري ٺهرايائين، جنهن جو سنگ بنياد مون وڌو. ٻيون
به شهر ۽ آسپاس ۾ خيراتي اسپتالون کولرايائين، جن
۾ دوا مفت ٿيندي هئي. البت سرنديءَ سارو ماڻهو
خيراتي پيتيءَ ۾ چندو وجهندا هئا. اهڙيون اسپتالون
(1) ٺٽائي ڪمپائونڊ، (2) ابراهيم حيدري، (3) فريئر
روڊ، (4) گانڌي نگر، لياري ۽ (5) کاري در تي
کولايون هئائين.
هن مٿي ذڪر ڪيل سوسائٽِيءَ ۽ ٺيڪيداريءَ مان چڱي رقم ڪٺي ڪئي.
هي هٿ جو سخي هوندو هو. ڪو به وٽس ڪنهن خيراتي ڪم
لاءِ ايندو هو، ته موٽآئيندو ڪو نه هوس. ان ۾ بنا
تميز مذهب ملت جي خير ڏيندو هو. ماڻهن عربي مدرسن،
مسجدن، بيواهه عورتن ۽ يتيم ٻارن جي پرورش،
اسڪالرشپن ۽ اسڪولن لاءِ هن کان ڪيترائي پيسا
ورتا. ازانسواءِ يار ۽ دوست کي ڏکيو وقت اچي ويو ۽
اچي کيس هڪل هنيائين، ته هن ان کي ڪو نه موٽايو
هوندو.
ان وقت ڌاري ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي. حرن جي ڪاررواين ڪري رات
جو گاڏيون هلڻ بند ٿي ويئون. ٽرينون ٿوريون هيون.
ان ڪري گاڏين ۾ ماڻهن جي گڙدي ٿيڻ لڳي. سخت
گرميءَ، گاڏين ۾ پکن جي نه هئڻ، ۽ گاڏين ۾ صفائيءَ
جي گهٽ هئڻ، هن جي همدرد دل کي ڇڪ ڏني. انهن
شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ هن هڪ ”وطن خدمتگار“ جماعت
ٺاهي، جنهن جا رضاڪار گاڏين تي وڃي، ٻهارا هٿن ۾
کڻي، گاڏا صفا ڪندا هئا ۽ جي ڪنهن گاڏيءَ ۾
گپاگيهه گهڻي هوندي هئي ته هو ريلوي اختياريءَ
وارن جو ڌيان ڇڪائڻ لڳا. ليڪن جڏهن سرڪاري عملدار
هميشه وانگر بي پرواهه ۽ غير همدرد ثابت ٿيا، ته
هنن چينون ڇڪي گاڏيون هلڻ کان روڪڻ شروع ڪيون. ان
جي پاداش ۾ هن ۽ سندس رفيقن کي تڪليفون ڏنيون
ويئون. جيل ۾ موڪليو ويو، پر هنن ان ڪم ۾ گهٽتائي
نه ڪئي. نيٺ حالتن موجب ريلوي اختياريءَ وارن
گاڏين ۾ ڪجهه سهوليتون ڪرائي ڏنيون.
انهيءَ وقت ۾ جنگ ڪري دوائن جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي. هن رواجي
دوائن ٺاهڻ لاءِ ليبارٽري برپا ڪئي. جا آهستي ٿي
سدنس گود جي فرزند، ڪندن مل، جي هٿ هيٺ زور وٺي
ويئي. اها پوءِ ”واسدا ليبارٽري“ جي نالي سان سڏجڻ
۾ آئي، ۽ اڄڪلهه ان جو مرڪز حيدرآباد سنڌ آهي.
مون سان، ڳوٺائي ۽ خاص دوستانا تعلقات هئڻ ڪري، گهڻو رستو هوس؛
تنهنڪري منهنجي هر ڳالهه ۾ هن کي دلچسپي هئي. جڏهن
اسان مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ڪري مخالفت ۾
وڃي ويٺاسون. ته پنهنجو طرف پيش ڪرڻ لاءِ اخبار
ڪڍڻي پئيسون. چند دوستن مان چندو ڪري، ”قرباني“
اخبار خريد ڪري، پاڪستان پرنٽنگ پريس مان ان کي
ڪڍڻ لڳاسون. جيئن ته وزارت مسلم ليگ جي هئي، ان
ڪري سرڪاري اشتهار ڪو نه ملندا هئا. نئين اخبار
هئڻ ڪري واپاري اشتهار به ملڻ شروع ڪو نه ٿيا هئا.
ڪيتريون اخبار جون ڪاپيون مفت وينديون هيون. ان
ڪري ٽي-چار هزار رپيا ماهيانو نقصان پوندو هو. هن
دوست کي هڪل هنئين ويئي. ان ۾ ويهه هزار کن رپيا
کوٽ ۾ ڀري ڏنائين. اهڙيءَ طرح اليڪشن جي وقت ۾
لارين موٽرن وغيره سان هن نهايت ڪار آمد مدد ڪئي.
پاڪستان ٿيڻ جي نه اسان برخلاف هئاسون، نه هي اسان
جو دوست، اختلاف مڪاني ۽ انتظامي معاملن تان هو.
پاڪستان جي قيام بعد اڪثر هندن لڏپلاڻ شروع ڪئي. هن جا مٽ مائٽ
سڀ لڏي ويا، ليڪن هن لڏڻ کان انڪار ڪيو-چي، ”وطن
ڪيئن ڇڏبو!“ 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ ڦرلٽ ٿي،
جنهن ۾ هن جو گهر لٽجي ويو. رڳو ٺلهن ڪپڙن ۾ هن کي
سندس جاءِ مان کڻي اچي پاڻ وٽ پناهه ۾ رکيم. ان
کان پوءِ آهستي ڪري هن جي اسپتالن ۽ جملي جاين تي
مهاجرن قبضا ڪري ورتا. تنهن هوندي به، هي اسان
سان گڏ مهاجرن جي خدمت ڪندو رهيو؛ ليڪن اوچتو هن
جي گهر تي 13 سيپٽمبر 1948ع تي، پوليس چڙهائي ڪري،
تلاشي ورتي. هن وٽان ڪجهه به نه نڪتو. ٻئي ڏينهن
هن کي ٿاڻي تي گهرائي گرفتار ڪيو ويو. مٿس اهو
الزام مڙهيو ويو ته هن جو ”شڪارپور ڪالونيءَ واري
بم“ جي ٺاهڻ ۾ هٿ هو. ٻه سال مٿس ڪيس هليو. ان ۾
هن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ پيو؛ پر هن اهي سڀ
بهادريءَ سان برداشت ڪيون. اخر ان ڪيس مان باعزت
آزاد ٿيو؛ ليڪن پوليس هن کي وري سيفٽي ائڪٽ هيٺ
گرفتار ڪري، جيل ۾ رکيو. ان وچ ۾ به ٽي دفعا هن کي
چيو ويو ته هو هندستان جي مسلمان قيدين جي مٽاسٽا
۾ جيڪڏهن هندستان وڃن گهري، ته کيس اجازت ڏني
ويندي. هن چيو ته هو ڏوهاري ڪو نه هو؛ ازانسواءِ
هن کي پنهنجو وطن پيارو هو. پوءِ ڇو ملڪ ڇڏي! آخر
ڏيڍ سال جيل ۾ رکي، ڇڏي ڏنائونس. ان وچ ۾ هن جي
ٺيڪيداريءَ جا لکها رپيا، بنان هن جي اجازت جي، هڪ
مسلمان کي ڏيئي ڇڏيائون. هن جي جملي پلاٽن، جاين ۽
اسپتالن تي ناجائز قبضا ٿي ويا. حڪومت طرفن ان سڀ
جي داد رستي نه ٿي. لاچار ڪراچيءَ ۾ رهڻ ناممڪن
سمجهي، موٽي اچي پنهنجي وطن سن ۾ ويٺو. ان وچ ۾ هن
تي هڪ ٻه دفعا خوني حملا به ٿيا. اهو سڀ سندس
ملڪيت ڦٻائڻ جي نيت سان ڪيو ٿي ويو.
سن ۾ وري هن اچي اسپتال کولي. هاڻ هيءُ جو لکن جو خاوند هو. سو
پيسي لاءِ محتاج ٿي پيو. انهن تڪليفن هوندي، هن
محنت ڪري وري گذر معاش ٺيڪ ڪري ورتو. جيتوڻيڪ ڳوٺ
۾ کيس ڪافي دشواريون هيون. اتي سرڪاري اسپتال به
هئي، جنهن ۾ مفت دوا درمل ٿيندي هئي. پر انهن سڀني
ڳالهين هوندي به، هن هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
هن جون مشڪلاتون اتي پوريون ٿيڻ واريو نه هيون. 1954ع ڌاري،
آئون ون يونٽ جي سلسلي ۾ جيل ۾ هوس. پوليس اوچتو
هن جي سن واريءَ اسپتال تي حملو ڪري آئي. هن جون
دوائون،اوزار ۽ ڪتاب، بنان ڪنهن مشيرنامي ٺاهڻ جي،
پيتين ۾ بند ڪرائڻ کانسواءِ، کڻائي ويا ۽ هن کي
قيد ڪري، مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ته باقاعدي ڊاڪٽر
جي سرٽيفڪيٽ نه هئڻ ڪري، هن بي قاعدي اسپتال هلائي
ٿي. ڪيس ۾ ڪيترو وقت هن کي رلايو ويو. نيٺ ان مان
آزاد ٿيو؛ ليڪن ڪتابن ۽ دوائن مان هن کي گهڻو ڪجهه
به نه مليو. مشڪل سان ڪو ويهون حصو، سو به ردي
دوائن جو، کيس موٽايو ويو. ان واقعي هن جي صحت تي
گهڻو اثر ڪيو.
12- اپريل 1961ع تي هن کي دل جي تڪليف ٿي. مون کي ماڻهو
موڪليائين. آئون وٽس ويس. چيائين ته ”شاهه صاحب،
هن دفعي منهنجو بچڻ محال آهي.“ مون گهڻا دلاسا
ڏنس. ڪجهه دوا ڪئي ويس. ٿورو چاڪ ٿيو. پوءِ وڌيڪ
علاج لاءِ 16 اپريل 1961ع تي حيدرآباد وڃي رهيو
هو. ظاهري خوش چڱو ڀلو هو. گاڏيءَ ۾ ڳالهين ڪندي،
اوچتو دل جي تڪليف ڪري دم ڏنائين.
هي خوش خلق، قربانيءَ جو مجسمو، خادم خلق، نهٺو، حد درجي جو
سخي، سچو دوست، مهل سر دوستن کي ڪم ايندڙ، مذهبي
ڇوت ڇات کان مٿي، پڪو صوفي لاڪوفي، محبتي، ساري
زندگي ڪرم يوگي ٿي رهيو. اهڙا انسان اڄڪلهه نهايت
مشڪل سان ملن ٿا.
سن يونين ڪائونسل سندس يادگار ۾ لئبرري ۽ مارڪيٽ ٺهرايو آهي.
سندس فرزند ڪو نه هو. پنهنجي گهرواريءَ، دادي
جمنا، جي ڀيڻ جي فرزند ڪندن مل کي ننڍي هوندي کان
گود جو پٽ ڪري نپايو هئائين. ان ليبارٽريءَ جو ڪم
نهايت هوشياريءَ سان هلائي ڪم کي وڌايو؛ پر ان جي
حياتيءَ به جٽاءُ نه ڪيو، ۽ هو جوانيءَ ۾ وفات
ڪري ويو. هن وقت ڪم جي سنڀال دادي جمنا ٻائي ۽
ڪندن مل جو ٻيو ڀاءُ ڪري رهيو آهي. هو ڪجهه وقت سن
۾ رهن ٿا، ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڪم سانگي رهندا
آهن.
9- سيد شمس الدين شاهه سيد قلندر بخش شاهه
(هنگورا، پنو عاقل)
هي نوجوان وڪيل ترقي پسند، خوش خلق، خاموش قومي ڪارڪن، سنجيده
خيال، معتدل مزاج آهي. هي عوامي سياست ۽ سنڌ جي
سياست ۽ سماجي مسئلن سان ڪافي دلچسپي رکي ٿو. هم
خيال دوستن ۽ ساٿين جو چڱو گروهه گڏ اٿس. هن
عمدن ڪتابن جو وڏو ذخيرو ڪٺو ڪيو آهي ۽ باوجود
وڪالتي سرگرمين جي، پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ ڪافي وقت صرف
ڪري ٿو.
هن خاندان جا حسيني سيد اصل اچ کان آيل چوڻ ۾ اچن ٿا. اچ کان
سيد شاهه حسين شاهه لڏي اچي سنڌ جي شهر الور ۾
ويٺو. ان جا ٻه فرزند ٿيا، جن مان سيد حامد شاهه
هنڱورن، تعلقي پني عاقل، جي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار
ڪئي. باقي هڪ، سيد حميد شاهه، جو اولاد امروٽ ۾
آهي.
سندن شجرو نسب هيٺينءَ طرح آهي:
سيد حامد شاهه اول(مدفن هنگورو سيد حميد شاهه(مدفن هنگورو)
سيد فضل شاهه اول سيد موسيَ شاهه(مدفن آندل دل)
سيد حسين شاهه دوم سيد شير محمد شاهه(مدفن امروٽ)
سيد شاهه محمد شاهه اول نوٽ؛ سيد حاجي هدايت علي
سيد فضل شاهه دوم شاهه، حاجي امير علي شاهه ۽
مظهر علي شاهه، بئريسٽر
امروٽي، انهيءَ نسب مان آهن
سيد محب شاهه
سيد ميل شاهه
سيد محب شاهه
حاجي قلندر حاجي ارباب علي شاهه سيد مرسن سيد قطب
بخش شاهه شاهه علي شاهه
سيد شاهه محمد شاهه سيد مردان شاهه
نور احمد شاهه
نگار احمد
شاهه
سجاد احمد شاهه موسن شاهه
معزالدين شاهه سيد شمس الدين شاهه شرف الدين شاهه
نظام الدين شاهه عرف محب شاهه امين الدين شاهه
شمس الزمان شاهه
اسلم شاهه اڪرم شاهه آفتاب احمد شاهه، امتياز احمد شاهه
آفاق احمد شاهه مسعود احمد شاهه
سيد عبداللطيف شاهه محمد حنيف شاهه نجيب احمد شاهه
نويد احمد شاهه
ميان شمس الدين شاهه جو ڏاڏو، ميان محب شاهه، درويش صفت بزرگ ٿي
گذريو آهي، جنهن جا ڪيترا ماڻهو مريد ٿيا. سندس پٽ
ميان قلندر بخش شاهه کي اولاد جي تعليم ڏيارڻ جو
شوق هو. پنجن ئي فرزندن کي تعليم ڏياريا ئين، جن
مان ٿي وڪيل، هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ روينيويو کاتي جي
نوڪريءَ ۾ آهي.
سيد شمس الدين شاهه ڊسمبر 1919ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم مڪاني
طرح ورتائين. 1937ع ۾ مئٽرڪ، تلڪ هاءِ اسڪول سکر
مان، پاس ڪيائين. 1937ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ
لاءِ داخل ٿي، 1941ع ۾ بي اي ۽ 1943ع ايل ايل بي
پاس ڪيائين.
1937ع ۾ هي ٻين نوجوانن سان گڏ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 1940ع
ڌاري گڏيل علائقن (يوپي، هندستان) ۾ سني_شيعا
اختلاف پيدا ٿيا. انهن جي بند ڪرائڻ لاءِ علامه
عنايت ا: مشرقي ڪيترن خاڪسارکي وٺي اتي ويو، جتي
قاعدي جي انحرافيءَ ڪري ڪيترن خاڪسارن کي جيل ۾
موڪليو ويو. هن شاهه صاحب کي به ان سلسلي ۾ مظفر
نگر جيل جو در ڏسڻو پيو. ان کان پوءِ 1942ع ۾
ڪانگريس طرفان ”ڪئٽ انڊيا“ هلچل شروع ٿي، جنهن
ڪيترن نوجوان ڪارڪنن جو توجهه پاڻ ڏي ڇڪايو . هيءُ
به انهن مان هڪ هو. ليڪن مڪاني حالتن ڪري ان ۾ ڪو
عملي حصو وٺي نه سگهيو.
ايل ايل بي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سکر جي شهر ۾ وڪالت ڪرڻ
لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾ محنت ۽ هوشياريءَ سان وڪالت ۾
چڱو نالو ڪڍيائين، ۽ ڪافي پيسو گڏ ڪري، سکر شهر ۾
بنگلو ٺاهي، ڪتب خانو گڏ ڪري، پنهنجي حيثيت ٺاهي
ويوي.
پوءِ ميان حيدر بخش جتوئيءَ جي صحبت ۾ هن سنڌ هاري تحريڪ ۾ حصو
وٺڻ شروع ڪيو. ان لاءِ سکر مان هڪ هفتيوار اخبار
”روشني“ ڪڍي، پرچار ڪرڻ لڳو. 1953ع جي آخر ۾ .
مسلم ليگ کان ٻاهر جملي پارٽين هڪ متحده محاز
ٺاهيو، جنهن ۾ ”عوامي پارٽي“ ”هاري پارٽي“ ”آزاد
پاڪستان پارٽي“ ۽ ”عوامي ليگ“ گڏجي هڪ ٽڪيٽ تي
اميدوار بيهاريا. ان ۾ هن کي پني عاقل تعلقي مان
اميدوار بيهاريو ويو هو، ليڪن مڪاني زميندارن جي
پيسي ۽ اثر ڪري، هي ڪامياب ٿي نه سگهيو. انهيءَ
محاذ کي مستقل پارٽيءَ جي صورت وٺائڻ لاءِ قاضي
فيض محمد نوابشاهه ۾ هڪ ڪانفرنس سڏائي. جنهن ”
متحده محاذ پارٽيءَ“ جو آئين پاس ڪري، ان کي وجود
۾ آندو. ان کان پوءِ، 1954ع جي آخر ۾، سرڪار ون
يونٽ کي قائم ڪري، سنڌ کي ان ۾ شامل ڪيو. ان تي
مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن جا جملي عيوضي ڪراچيءَ
۾ گڏ ٿيا ۽ هڪ ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺاهيائون.
پوءِ آهستي ڪري مغربي پاڪستان جي ”آزاد پاڪستان
پارٽيءَ“ ۽ ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ گڏجي ”نئشنلسٽ“
پارٽيءَ جو قيام ڪيو ويو، جنهن جو صدر خان
عبدالغفار خان ٿيو. ٿوري وقت، بعد 1957ع ۾، مغربي
پاڪستان جي نئشنلسٽ پارٽي“ ۽ مشرقي پاڪستان جي
عوامي ليگ“ جي مولانا ڀاشاني گروپ گڏ ٿي، ”نئشنل
عوامي پارٽي“ جي ڪنوينشن ڍاڪا ۾ سڏائي، ان کي وجود
۾ آندو. مولانا ڀاشانيءَ کي ان جو صدر بنايو ويو.
انهن سڀني ڳالهين ۾ هي اسان جو شريڪ ڪار هو. سکر
ضلعي جي نيشنل عوامي پارٽيءَ جو ڪجهه وقت پريزيڊنٽ
پڻ ٿي رهيو.
ٻن موقعن تي چين ۽ ماسڪو ڏي وفدن ۾ هن جو نالو آيل هو؛ پر
پاسپورٽ نه ملڻ ڪري، هي اوڏانهين وڃي ڪين سگهيو.
هي گهڻي وقت کان ضلعي لوڪل بورڊ سکر، جو ميمبر هلندو آيو. ضلعي
لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهي چڪو آهي. هن
جو ننڍو ڀاءُ، امين الدين شاهه، هن وقت هنگورا
يونين ڪائونسل جو چيئرمين آهي. هيءُ پاڻ هن وقت
ڊويزنل ڪائونسل خيرپور جو ميمبر آهي. هي سکر بار
ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ پڻ رهي چڪو آهي. هن وقت
سياست ۾ حالات سازگار نه هئڻ ڪري حصو نٿو وٺي.
کيس هڪ فرزند شمس زمان شاهه ۽ نياڻيون آهن. |