(1) ديوان ڀڳوانداس ڪرپالاڻيءَ کي
پنج فرزند هئا، جن مان وڏو فرزند ڏيئو مل هو، جو
مسلمان ٿي، شيخ عبدالرحيم جي نالي سان سڏجڻ لڳو هو
هو انقلابي خيالن جو هو ڊاڪٽر صاحب جو ان سان
لاڳاپو هو. اهو صاحب 1913ع ڌاري هندستان ڇڏي، ملڪ
جي آزاديءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ ويو هو.
ديوان صاحب جو ٻيو فرزند به مسلمان ٿيو، جنهن 1911ع ۾ ترڪن
طرفان ٽرپوليءَ وڃي، اٽليءَ خلاف جنگ ۾ شرڪت ڪئي
هئي، ۽ شهيد ٿيو هو. ان سان به هن جو لاڳاپو هو.
ان جو نالو شيخ عبدالڪريم هو.
ٽيون فرزند، آچاريه جيوترام ڪرپالاڻي هو، جو ڊاڪٽر صاحب جو
استاد، قومي روح ڦوڪيندڙ ۽ مهربان اڳواڻ هو.
چوٿون فرزند سنياسي ٿيو، ۽ باقي ٻه فرزند حيدرآباد ۾ واپار ڪندا
هئا. ديوان صاحب جي ٻن نياڻين مان، هڪ شيخ
عبدالرحيم سان گڏ مسلمان ٿي جنهن جي شادي ڊاڪٽر
شيخ شمس الدين سان ٿي، ۽ ٻيءَ، شريمتي مينگهي ٻائي
عرف ڪڪي ڀيڻ، جي شادي ڇٻلداس لعلواڻيءَ سان ٿي.
(2) شري راس بهاري گهوش، جنهن ٻين سان گڏ دهليءَ ۾ چاندني چوڪ
تي، 1911ع ۾، وائسراءِ تي بم گولو اڇليو هو. سو
1913ع ۾، هڪ ڏينهن لاءِ مهاراج لوڪ شرما وٽ
حيدرآباد آيل هو. ڊاڪٽر صاحب سان ان جي چڱي واقفيت
ٿي ويئي. پوءِ هو امرتسر ويو، جتان ڪنهن طرح
آمريڪا هليو ويو.
(3) 1913ع ۾ هڪ گورو، آئرلينڊ جو ويٺل، ريلوي ۾ نوڪري ڪندڙ کيس
مليو. هن ٻڌايس ته آئرلئنڊ ۾ به انگريزن کان آزادي
وٺڻ لاءِ جدوجهد هلي رهي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ساڻس
واقفيت ٿي ويئي، ۽ جڏهن هو آئرلينڊ واپس ويو ته
اتان کيس لٽريچر موڪليائين.
(4) شري وشنو شرما جي آمريڪا وڃي پڙهڻ ۽ پرچار ڪرڻ لاءِ انتظام
ڪيائين، پر پهرين مهاڀاري لڙائي لڳڻ ڪري هو روڪجي
پيو ۽ وڃي نه سگهيو.
اهي سڀ واقعا سندس نوڪريءَ جي زماني سان واسطو رکندڙ معلوم ٿين
ٿا. نوڪريءَ کانپوءِ جڏهن لکنؤ ڪانگريس ۾ ويو ته
حيدرآباد ۾ واقف ٿيل مسٽر چئٽرجيءَ ڪيترن انقلابين
سان سندس واقفيت ڪرائي.
لالا لجپترا”، 1913ع ۾، ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي
موقعي تي ڪراچيءَ آيل هو. ڊاڪٽر صاحب به ساٿين
سميت ڪراچيءَ ويل هو، پر ان ۾ شريڪ ڪو نه ٿيو.
لالا صاحب کي دعوت ڏيئي حيدرآباد وٺي آيو، جتي
تقريرون ڪرائي، کيس سنڌ جي گشت تي وٺي ويو، ۽ ڏکڻ
آفريڪا جي هندواسين جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪرائي
ڏنائينس. انهيءَ وقت کان هو ڊاڪٽر صاحب کي پيار
ڪندو هو.
ٿوري وقت کانپوءِ پنڊت مدن موهن مالويه ڪراچيءَ آيو. ان کي دعوت
ڏيئي، حيدرآباد آڻي تقرير ڪرايائين، ۽ ساڻس ان
ڏينهن کان واقف ٿيو.
لوڪمانيه تلڪ 1914ع ۾ آزاد ٿيو. پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي
هئي. انگريزن هندستانين کي مدد لاءِ اپيل ڪئي.
ڪانگريس ۾ ان ڳالهه تان اختلاف پيدا ٿيو. لوڪمانيه
تلڪ ملڪ کي آزاديءَ جي واعدي ملڻ کان سواءِ مدد
ڏيڻ لاءِ تيار ڪو نه هو. ان ڪري، ڪانگريس کان جدا
ٿي، هن "هوم رول ليگ" ٺاهي. اها ليگ ڊاڪٽر ايني
بيسنت جي "هوم رول ليگ" کان الڳ هئي. ڊاڪٽر
چوئٿرام ان جي شاخ سنڌ ۾ کولي.
مهاتما گانڌي 9 جنوري 1915ع تي، ڏکڻ آفريڪا مان نڪري، انگلينڊ
کان ٿيندو، بمبئيءَ پهتو. ڊاڪٽر صاحب ڊسمبر 1915ع
۾ کيس بمبئيءَ ۾ مليو، ۽ سنڌ ۾ اچڻ لاءِ دعوت
ڏنائينس. هو 1916ع ۾ سنڌ جي دوري تي آيو، ۽
حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ڊاڪٽر صاحب کيس مانپتر
ڏيڻ لاءِ ميٽنگ سڏائي.
1916ع واري لکنؤ ڪانگريس کان موٽڻ بعد، ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ هر هنڌ
گشت ڪري ڪانگريس ڪاميٽيون برپا ڪرايون. 1918ع ۾
کيس حيدرآباد ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو
ويو.
جنگ پوري ٿيڻ کانپو”، ملڪ ۾ آزاديءَ جي هلچل کي زور وٺندو ڏسي،
انگريزن رولٽ بل پاس ڪيو. ان تي هندتان ۾ سخت
ناراضگي پيدا ٿي. انهيءَ بل جي خلاف اعتراض طور، 4
اپريل 1919ع تي، مهاتما گانڌيءَ ساري ملڪ ۾ هڙتال
ڪرائي، اعتراض جي ٺهرائن پاس ڪرائڻ جو حڪم ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب، محنت ڪري انهيءَ تاريخ تي ساري
حيدرآباد ۾ هڙتال ڪرائي، ۽ شام جو عام جلسي ۾
زوردار تقرير ڪئي.
1919ع ۾، جيڪب آباد سنڌ ۾ صوبه سنڌ پوليٽيڪل ڪانفرنس مسٽر جمشيد
نسروانجيءَ جي صدارت هيٺ گڏ ٿي. ان ۾ رئيس غلام
محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس ۽ لوڪامل
چيلارام، (ريل گاڏيءَ جي فرسٽ ڪلاس ۾)، ۽ ڊاڪٽر
چوئٿرام، مسٽر سڌوا، نارائڻداس بيچر، لعلچند
جڳتياڻي، مسٽر سنتداس، مائي سرسوتي، وشنو شرما (سڀ
گڏجي، ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهي) ڪانفرنس تي ويا.
ساڳئي سال جي آخر ۾، 26 ڊسمبر 1919ع تي، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس
جو اجلاس امرتسر ۾ پنڊت موتي لعل نهروءَ جي صدارت
هيٺ ڪٺو ٿيو. ان ۾ ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس دوست سنڌ مان
اسپيشل ٽرين ڇوڙائي ويا هئا. ان موقعي تي نرم ۽
گرم ڌر جي وچ ۾ متڀيد هو، پر مهاتما گانڌيءَ جي وچ
۾ پوڻ ڪري ٺاهه ٿي ويو. انهيءَ ٺهراءَ جو مسودو
مسٽر جيرامداس تيار ڪيو هو. ان اجلاس ۾ ڊاڪٽر صاحب
نهايت جوشيلي تقرير ڪئي هئي، جنهن تي ڊاڪٽر سيف
الدين ڪچلو، مرحبا ڪاميٽيءَ جي مکيه ميمبر جي ساڻس
دوستي ٿي ويئي. اتي ڊاڪٽر اسٽيج تي هڪ قومي راڳ
ڳائي به ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو.
اُتان واپس اچڻ تي، سنڌ ۾ ڪانگريس کي منظم ڪيائين، ۽ کيس 1920ع
۾ صوبي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي ملڪ
جي ورهاڱي بعد لڏي وڃڻ تائين قائم رهندو آيو. سارو
وقت مسٽر جيرامداس دولترام، ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مسٽر
گهنشامداس جي ٽمورتي ڪانگريس جو ڪاروبار هلائيندي
آئي. ان وقت کانپوءِ حيدرآباد ۾ سرڪار طرفان سختي
شروع ٿي، ۽ پوليس تلاشيون وٺڻ شروع ڪيون. پروفيسر
گهنشام جو گهر، مکي ڄيٺانند جو بنگلو ۽ ڪوٺي،
مهاراج لوڪارام ۽ وشنو شرما جو گهر، مسٽر ڄيٺمل
پرسرام جي آفيس، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو
بنگلو ۽ آفيس، ۽ شيخ عبدالمجيد جي رهڻ جي جاءِ جون
تلاشيون ورتيون ويون. شيخ عبدالمجيد ۽ ڄيٺمل
پرسرام جون گرفتاريون پڻ ٿيون. "هند واسيءَ" ۾
مسٽر ڄيٺمل سرڪار تي سخت نڪته چيني ڪئي هئي، جنهن
تي مٿس ڪيس هليو ۽ سزا ملي.
ان وقت مهاڀاري لڙائي پوري ٿي چڪي هئي. اتحادين ترڪن جي حڪومت
جا ڪيترا ملڪ کسي پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. ان
تان هندستان جي مسلمانن ۾ سخت ناراضگي پيدا ٿي، ۽
خلافت تحريڪ جي نالي سان مسلمانن حڪومت جي مخالفت
ڪرڻ شروع ڪئي. مهاتما گانڌيءَ ڪانگريس جي ڪلڪتي
واري اجلاس جي موقعي تي هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪري،
پاس ڪرايو:
"جنهن صورت ۾ خلافت جي سوال تي هندستان ۽ انگلينڊ جون حڪومتون،
هندستان جي مسلمانن ڏانهن، انجامن موجب، پنهنجي
فرض ادائي ۾ گٿيون آهن، ۽ وزيراعظم پنهنجن ڪيل
واعدن کي ڄاڻي واڻي ڀڳو آهي، هر غير مسلم هندستاني
تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته پنهنجن مسلمان ڀائرن کي
هن مذهبي مسئلي جي تڪليف ۾ واجبي نموني مدد ڪن.
اهو اجلاس لالا لجپتراءِ جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو. ٺهراءُ تمام
ڊگهو هو. ان ۾ قطع تعلقات لاءِ تجويزون ڏنل هيون.
خلافت جي سوال تي، ترڪن سان انصاف ٿيڻ لاءِ مهاتما
گانڌيءَ جي مسلمانن سان همدردي آزاد ۽ باشعور
مسلمانن ۾ اهو احساس پيدا ڪيو ته اهڙين ڳالهين جو
حل ملڪ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ ۾
لڪل آهي. ان تي هندو ۽ مسلمان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.
مسلمان هندن جي پوتر جاين تي وڃي تقريرون ڪندا
هئا، ۽ هندو ليڊر مسجدن ۾ اچي تقريرون ڪرڻ لڳا. ان
وقت ڊاڪٽر صاحب جي جوشيلين تقريرن مسلمانن ۾ به
آزاديءَ جو روح ڦوڪيو.
ڊاڪٽر صاحب کي آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪري
کنيو ويو. مهاتما گانڌيءَ ڪانگريس جي هڪ ڪروڙ
ميمبرن بنائڻ ۽ ان لاءِ هڪ ڪروڙ رپين ڪٺي ڪرڻ جي
اپيل ڪئي ۽ ظاهر ڪيو ته هڪ سال اندر سوراج وٺبو.
انهيءَ سلسلي ۾ 1920ع جي ابتدا ۾، لوڪمانيه تلڪ
سنڌ ۾ آيو. ڊاڪٽر صاحب ساريءَ سنڌ ۾ ساڻس گڏجي گشت
ڪيو.
21 جولاءِ 1920ع تي، لوڪمانيه تلڪ وفات ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ان وقت
حيدرآباد ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊيل هو. هن
ميونسپالٽيءَ ۾ رٿ آندي ته سرڪار کان اسڪولن لاءِ
گرانٽ نه وٺجي، پر اها رٿ پيسي جي کوٽ هئڻ ڪري
ميمبرن بحال نه ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ان تي
ميونسپالٽيءَ کان استعيفيٰ ڏيئي باهر نڪتو. پوءِ
تلڪ هاءِ اسڪول کولارايائين، ۽ ان جي ذريعي شاگردن
۾ قومي اتساهه پيدا ڪري، آزاديءَ لاءِ روح ڦوڪڻ جي
ڪوشش ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان "نيشنل سروس آف اسٽوڊنٽس" برپا ٿي، ۽
شاگردن جي ڪنوينشن ٺهي، جنهن جو پريزيڊنٽ مسٽر
جيرامداس دولترام ٿيو. ان جون ميٽنگون ڊي. جي.
سنڌ ڪاليج هاسٽل ۾، رام موٽواڻيءَ وٽ ٿيڻ لڳيون.
ان تي ڪاليج اختياريءَ وارن بندش وڌي. شاگردن ۾
تاءُ پيدا ٿيو، ۽ هيرانند ڪرمچند جي صدارت هيٺ،
برنس گارڊن ڪراچيءَ ۾ احتجاجي ميٽنگ ٿي. آخر ڪاليج
اختياريءَ وارن حڪم واپس ورتا.
1921ع ۾، ولايتي ڪپڙي جي بهشڪار لا”، مسٽر درگداس آڏواڻيءَ جي
صدارت ۾، راڄنيتي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ساڌو
واسواڻيءَ چڱو اتساهه پيدا ڪيو. انهيءَ ڪانفرنس ۾
حڪومت سان قطع تعلقات ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺهيو.
ڊاڪٽر صاحب ان ۾ مکيه پارٽ ورتو.
انهيءَ سال، اپريل مهيني ۾، مهاتما گانڌي وري سنڌ جي دوري تي
آيو، ته به ڊاڪٽر صاحب سڄو وقت ساڻس گڏ هو.
8 کان 10 جولاءِ 1921ع تي، ڪراچي شهر ۾، خلافت ڪانفرنس مولانا
محمد عليءَ جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ انگريزي
حڪومت خلاف زوردار تقيرون ٿيون، ۽ اتي هڪ ٺهراءُ
پاس ٿيو ته مسلمان انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي نه ٿين.
انهيءَ ٺهراءَ جي مولانا حسين احمد مدني ديوبندي، ڊاڪٽر سيف
الدين ڪچلو، پير غلام مجدد سرهندي مٽياريءَ، مولوي
نثار احمد ڪانپوريءَ، شري شنڪر آچاريا، ۽ مولانا
شوڪت عليءَ تائيد ڪئي. انهن تي ڪيس هليو، ۽ سندن
بچاءَ لاءِ مسٽر جمشيد نسروانجي، هريداس لعلجي ۽
ڊاڪٽر چوئٿرام جي ڪوشش سان فند ڪٺا ڪيا ويا. ان
ڪيس ۾ مٿين صاحبن کي سزائون ڏنيون ويون.
انهيءَ وقت ڌاري، مٽيارين ۾، خلافت ڪميٽيءَ جي ميٽنگ تي پوليس
فائرنگ ڪئي هئي. هڪ ماڻهو مارجي ويو هو، ۽ سيد
حاجي محمد نعيم الله شاهه ڦٽيو هو. انهيءَ سلسلي ۾
جانچ ڪميٽي مقرر ڪرائڻ لا”، ڊاڪٽر صاحب ٻين سان گڏ
ڪوشش ورتي، ۽ نيٺ بمبئي سرڪار ڪاميٽي مقرر ڪئي.
انهيءَ زماني ۾، حيدرآباد شهر ۾، چوريون ٿيڻ لڳيون هيون. ماڻهو
جڏهن پوليس ۾ رپورٽ ڏيڻ ويندا هئا ته کين چيو
ويندو هو ته وڃي ڪانگريسين کي چئو. ان حال معلوم
ٿيڻ تي، ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان، شهر جي چوڪيءَ
لاءِ ڪانگريس طرفان والنٽيئر مقرر ٿيا. ڪجهه وقت
کانپوءِ مسٽر ٽهلرام، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس، جي
ڪوشش سان، ڪانگريس سان ٺاهه ڪري، وري پوليس
نظرداري ڪرڻ شروع ڪئي.
انهيءَ وقت ڌاري شڪارپور ۾ سياسي گرفتاريون ٿيون. ماڻهن مان
هراس جهڪي ڪرڻ لا”، ڊاڪٽر صاحب ان طرف وڃي تقريرون
ڪري، ماڻهن ۾ همت پيدا ڪئي.
ان وقت، جولاءِ 1921ع ڌاري، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ وشنو شرما
تي بعاوت جي ڏوهه ۾ ڪيس هليو، ۽ کين ٻه- ٻه سال
سزا ملي. هنن ڪيس ۾ ڪو به بچاءُ نه ڏنو، صرف بيان
ڏنا هئائون.
18 مارچ 1922ع تي، پرنس آف ويلس ڪراچيءَ ۾ آيو. ان موقعي تي
ڪراچي شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪرائي ويئي. مهاراج لوڪرام
شرما ۽ ڪيسومل جهانگياڻيءَ کي ان سلسلي ۾ گرفتار
ڪري، ترتيبوار ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال سزائون ڏنيون
ويون (هن وقت ڪيسو جهانگياڻي هندستان ۾ آهي، تياڳ
ڪيو اٿس، ۽ "ساڌو ڪيشوانند" سڏجي ٿو.)
18 مارچ 1922ع تي مهاتما گانڌيءَ کي ڇهه سال سزا آئي، ۽ ڊاڪٽر
صاحب کي سگهو ئي پوءِ ڏيڍ سال سزا ڏني ويئي.
ان کانپو”، خلافت هلچل، ترڪن جي خلافت ختم ڪرڻ ڪري، جهڪي ٿي.
هندستان ۾ ڪيترن سببن ڪري هندو- مسلم اختلاف پيدا
ٿي پيا. اڪثر ليڊر جيلن ۾ هئا، ۽ انهيءَ اختلاف جو
اثر جيلن ۾ به وڃي پهتو. ٿاڻي جيل ۾ شعيب قريشي ۽
شيخ عبدالمجيد هئا، پرودا جيلن ۾ جيرامداس، لوڪرام
۽ ويرومل بيگراج هئا. جيل کان ٻاهر نڪرڻ بعد،
ڊاڪٽر چوئٿرام، مسٽر جيرامداس ۽ پروفيسر گهنشامداس
"هندو سڀا" ۾ داخل ٿيا. ڊاڪٽر صاحب "سنڌ هندو سڀا"
جو پريزيڊنٽ، ۽ پروفيسر گهنشامداس سيڪريٽري ٿيو.
شري جيرامداس آل انڊيا هندو سڀا جو جنرل سيڪريٽري،
۽ "هندستان ٽائيمس" جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. اهي
سڀيئي صاحب، ساڳئي وقت، ڪانگريس ۾ به هئا. ڊاڪٽر
صاحب سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو پريزيڊنٽ رهندو آيو.
1924ع ۾، مولانا محمد علي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ هو. هندو- مسلم
ڇڪتاڻ جو ان تي به اثر پيو، ايتري قدر جو هڪ بيان
۾ ائين چيائين ته "هڪ گناهگار مسلمان کي مهاتما
گانڌيءَ کان مٿي ٿو ڄاڻان!" آل انڊيا ڪانگريس
ڪاميٽيءَ جو اجلاس، جيڪو احمد آباد ۾ 27 کان 29
جون 1924ع تي ڪٺو ٿيو، تنهن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام
مولانا جي خلاف نندا جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جو مهاتما
گانڌيءَ جي چوڻ تي واپس ورتائين.
ان ميٽنگ ۾ هڪ انگريز، مسٽر ڊي، جي سياسي قتل تي مهاتما گانڌيءَ
نندا جو ٺهراءُ پيش ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪم اهنسا
جي اصول جي خلاف هئا. مسٽر سي. آر. داس ۽ موتي لعل
نهرو ميٽنگ ڇڏي ويا. ڊاڪٽر صاحب ان جي مخالفت ڪئي،
پر ٺهراءُ پاس ٿي ويو. مهاتما گانڌيءَ کي ڊاڪٽر
صاحب لاءِ ايتري عزت هئي جو ان وقت "ينگ انڊيا"
اخبار ۾ لکيائين ته "ڊاڪٽر چوئٿرام ديش خاطر فقيري
اختيار ڪئي آهي."
ان وقت ڪانگريس هلچل ۾ ماٺائي اچڻ ڪري، مهاتما گانڌيءَ هريجن
اڌار ۽ لوڪ شيوا جو پروگرام رٿيو هو. انهيءَ کي
نظر ۾ رکي، ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس سنگت ان ڏس ۾ گهڻي
ڪوشش ورتي، ۽ ڀنگي ڪوارٽرن ۾ وڃي انهن جي سڌسماءَ
لهڻ، انهن جي رهائش وغيره جي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ
طرف توجهه ڏنو. شاگردن لاءِ هڪ "لوڪ شيوا منڊل"
ساڌو واسواڻيءَ جي نظر هيٺ کوليائون، جنهن ۾
"سرونٽس آف انڊيا سوسائٽيءَ" وانگر، ميمبرن کي
پنجن سالن لاءِ ڪم ڪرڻو هو.
1926ع ۾، جيرامداس دولترام بمبئي ڪائونسل لاءِ اُميدوار بيٺو.
ڊاڪٽر صاحب سخت محنت ڪري کيس ڪامياب ڪرايو.
هن دؤر ۾ ڪانگريس ٻولين جي آڌار تي صوبن ٺاهڻ جو اصول قبول ڪيو.
انهيءَ اصول مطابق، آل انڊيا ڪانگريس ۾ سنڌ
ڪانگريس کي علحده نمائندگي ڏني ويئي. ليڪن هندو-
مسلم ڇڪتاڻ جو اهو اثر ٿيو جو ڊاڪٽر چوئٿرام، شري
جيرامداس ۽ پروفيسر گهنشامداس انگ اکر پيش ڪيا ته
سنڌ جدا صوبي جو بار برداشت ڪري نه سگهندي. مسلمان
سڀ سنڌ جي علحدگيءَ جي فائدي ۾ هئا. غير مسلمن مان
سيٺ هرچند راءِ وشنداس، مسٽر رستم سڌوا، ڄيٺمل
پرسرام ۽ جمشيد نسروانجيءَ وارا به سنڌ جي جدائيءَ
جي فائدي ۾ هئا.
1929ع ۾، سائمن ڪميشن ڪراچيءَ ۾ آئي. هندستان جي مکيه جماعتن ان
جو بهشڪار ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ اهڙو انتظام
ڪيو، جو سوين والنٽيئر اڳ ۾ ڪراچيءَ پهچي ويا.
ڪارا جهنڊا، پوسٽر ۽ پترا اڳ ۾ تيار هئا. ڪميشن جي
ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پندرهن منٽ اڳ ۾ اهڙيءَ طرح
انتظام ڪيو ويو، جو پوليس پهچي نه سگهي. هزارين
ماڻهو ڪارا جهنڊا کڻي رستن تي بيهي ويا، پوسٽر لڳي
ويا، ۽ هر طرف کان "سائمن گو بئڪ!" جو آواز اچڻ
لڳو. انهيءَ سلسلي ۾، لاهور ۾ لالا لجپتراءِ به
سرگس ڪڍيو هو، جنهن تي لٺبازي ٿي، ۽ هي زخمي ٿي
پيو- سگهوئي، 17 نومبر 1929ع تي وفات ڪيائين.
1929ع ۾ مهاتما گانڌي جڏهن لوڻ جي قانون جي ڀڃڪڙيءَ ڏانهن، 12
مارچ تي، آشرم جي اسي رهاڪن سان ڊانڊيءَ ڏانهن
روانو ٿيو، ۽ 6 اپريل تي قانون ٽوڙڻ تي گرفتار
ٿيو، ته ڊاڪٽر چوئٿرام ڪراچيءَ ۾ جنگي ڪائونسل
ٺاهي، ساريءَ سنڌ ۾ قانون جي ڀڃڪڙيءَ لاءِ پروگرام
رٿيو. کيس ان ڪائونسل جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. 6
اپريل 1929ع تي، ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي، خالقڏني
هال اڳيان ستياگرهين جو هڪ جٿو نڪتو. 13 اپريل تي،
رام باغ ۾ وڏي ميٽنگ ٿي، جتي پهرين نارائڻ داس
بيچر لوڻ ٺاهي قانون ڀڳو- ۽ پوءِ هر هنڌ قانون جي
ڀڃڪڙي ٿيڻ لڳي. 16 اپريل 1930ع تي، صبح جو، ڊاڪٽر
چوئٿرام، نارائڻ داس بيچر، سوامي ڪرشنانند، مني
لال وياس، تاراچند لعلواڻي ۽ وشنو شرما گرفتار ٿيا
۽ مٿن ڪيس هليو. ڪيس ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي
ڪٺا ٿيا. پوليس گوليون هلايون، ان ۾ شري جيرامداس
زخمي ٿيو، ۽ ٻه والنٽيئر، مينگهراج ۽ دينچند، شهيد
ٿيا. ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ساٿين کي ڇهه - ڇهه مهينا
سزا آئي. جيل ۾ ڪن ڪارڪنن کي تڪليف ڏني ويئي، انهن
جي تڪليفن لهرائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب گهڻي ڪوشش ڪئي.
سگهوئي گانڌي- ارون ٺاهه ٿيو، ۽ سڀئي ستياگرهي
آزاد ٿيا.
ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس 27 اپريل 1931ع
تي، سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب مرحبا ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو. اجلاس
نهايت ڪامياب ٿيو. ان موقعي تي پاڻ سباش چندر بوش
۽ ٻين انقلابين سان مليو، جن ۾ سوريه سين، پريت
لتا ۽ ڌار ڪيشور به هئا.
ٺاهه بعد به ولايتي ڪپڙي جو بهشڪار جاري رهيو. مهاتما گانڌي گول
ميز ڪانفرنس لاءِ ولايت ويو. پوئتان سرڪار طرفان
ڪانگريسي ڪارڪنن تي سختيون جاري رهيون. 1- جنوري
1932ع تي مهاتما گانڌي ولايت کان واپس آيو. کيس
گذريل حالتن کان واقف ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب به ان
وقت بمبئيءَ ۾ هو. مهاتما وائسراءِ کي خط لکيو پر
هن نه مڃيو. 4 - جنوريءَ تي مهاتما کي گرفتار ڪيو
ويو. پوءِ بمبئيءَ ۾ ستياگرهه جو ڪاروبار ڊاڪٽر
صاحب هلائڻ لڳو. ان تي کيس گرفتار ڪري، ٻه مهينا
بائڪلا جيل ۾ رکيو ويو، جتان کيس آزاد ڪري،
بمبئيءَ مان نيڪالي ڏيئي، حيدرآباد موڪليو ويو.
پاڻ رستي مان بڙودي لهي پيو، جتان دهليءَ روانو
ٿيو. اتان الهه آباد آيو، جتي ايڪتا ڪانفرنس ۾
مکيه حصو ورتائين. اتي وري به کيس گرفتار ڪري،
نئني جيل ۾ ٻه مهينا رکيو ويو، جتان پوءِ بدلي
ڪري، کيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ آندو ويو. اتي کيس
آزاد ڪري، حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ نظربندي آرڊر ڏنو
ويو. پاڻ آرڊر ڀڃي، ڪراچيءَ هليو ويو، جنهن ڪري
کيس گرفتار ڪري ڇهه مهينا سزا ڏني ويئي. ان دفعي
پاڻ جيل ۾ شعر لکيائين.
ان کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ ڌرتي ڌٻڻ جو حادثو ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب
مصيبت زده ماڻهن جي سهائتا لاءِ چڱي ڪوشش ورتي.
اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾ بارش ۽ ٻوڏن جي ستايلن لاءِ فند
ڪٺا ڪري، ماڻهن ۾ ورهايائين.
1935ع ۾، حيدرآباد ۾ دادا ليکراج "اوم منڊلي" کولي، جنهن ۾
بيوهه هندو عورتون شامل ڪيون وينديون هيون. هندو
ڀائيبند طبقي ۾ ان تان ناراضگي پيدا ٿي، خاص طرح
ساڌو واسواڻيءَ جي برخلافيءَ ڪري اها منڊلي
ڪراچيءَ ۾ آئي. اتي به ان جي سخت مخالفت ٿي، ۽
ڊاڪٽر صاحب منڊليءَ کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي.
ان سمي، ٻني، تعلقي ميرپور بٺوري ۾، ڪانگريس جي پريزيڊنٽ وڏيري
نور محمد پليجي کي پوليس گرفتار ڪيو، ۽ ٻيءَ طرح
ڏاڍائيءَ جا قدم کنيا. ان تي ڊاڪٽر صاحب ٻنيءَ ۾
وڃي، جانچ ڪري، پوليس جي ڏاڍائيءَ خلاف بيان ڪڍيو.
مون سنڌ اسيمبليءَ اڳيان قرضن جي معافي ۽ رضا نامي جو خانگي بل
پيش ڪيو هو. مسٽر نهلچلداس وزيراڻيءَ ان تي بيان
ڪڍي، هندن کي ڊيڄاري، فرقيوار خيال ڦهلايا هئا. ان
تي ڊاڪٽر صاحب هڪ جوابي بيان ڪڍيو ته هندن کي ان
سوال تي ٿڌي سيني سان غور ڪرڻ گهرجي، اهڙا بل
ڪانگريس صوبن ۾ پاس ٿيا آهن، وغيره. ان بل ۾ سخت
فقرن تي ترميمن ڪرڻ لاءِ هو مون سان سن ۾ مليو هو.
مون ساڻس مناسب ترميمن قبول ڪرڻ لاءِ آمادگي
ڏيکاري هئي.
سنڌ جي جدائيءَ کانپو”، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪانگريس جا ست
ميمبر چونڊجي آيا هئا. ٿوري وقت کانپوءِ حيدرآباد
ضلعي جي ٽنڊي محمد خان ڊويزن مان چونڊيل ميمبر
ديوان بهادر هيرانند کيمسنگ جي انتقال ڪري، جاءِ
خالي ٿي هئي. ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب اُميدوار بيٺو ۽
چونڊجي آيو.
سنڌ ۾ ڍلن وڌائڻ جي سوال تي الهه بخش وزارت، ڪانگريس، اتحاد
پارٽي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي وچ ۾ متڀيد
ٿيو. الهه بخش وزارت، پارٽين جي راءِ جي خلاف،
ڍلون وڌائي ڇڏيون. ڪانگريس پارٽيءَ پهريائين وزارت
کان پنهنجي مدد موٽائي وٺڻ جو اعلان ڪيو. پوءِ اها
پارٽي ٻن راين ۾ ورهائجي ويئي. هڪ گروهه ڊاڪٽر
چوئٿرام جي راءِ جو هو ته جنهن صورت ۾ وزارت وعدي
ڪيل پروگرام مطابق ڪا نه ٿي هلي ۽ پارٽين جي راءِ
جي خلاف ڍلون وڌائي ڇڏيون اٿس، ۽ جنهن اتحاد
پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي وزير چونڊجي آيل هئا، تنهن جي
ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئائون، تنهن صورت ۾ ڪانگريس
کي وزارت جي خلاف ووٽ ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف مسٽر
سڌوا ۽ ٻين ميمبرن جي راءِ هئي ته جنهن صورت ۾
مسلم اڪثريت واري صوبي اندر هن وزارت ڪانگريس جي
پروگرام مطابق هلڻ قبوليو هو، ان ڪري آل انڊيا
مسئلن ۾ ڪانگريس جي اثر جو دائرو وڌيل آهي، ۽ ان
کي گهٽائڻ نه گهرجي. هڪ گروهه، اصولن جي بنياد تي،
سياسي نفعي خاطر، ڪانگريس جي پنهنجي اعليٰ آدرشي
معيار کان هيٺ لهڻ جي خلاف هو. ٻئي گروهه، حاصل
ڪيل سياسي تسلط کي هٿان ڇڏڻ، خلاف مصلحت پئي
سمجهيو. آخر پارٽيءَ جي ڪثرت ڊاڪٽر صاحب جي راءِ
جي خلاف ٿي ويئي، جنهن ڪري هن پارٽيءَ جي انتظام
خاطر، ڪثرت راءِ سان شموليت اختيار ڪئي.
ان وقت ڌاري مون ڊاڪٽر صاحب (سنڌ ڪانگريس پريزيڊنٽ) ڏانهن
اخبارن ذريعي کليل خط لکيا. ڊاڪٽر صاحب آل انڊيا
ڪانگريس پارليامينٽري بورڊ جي ٻن ميمبرن، سردار
ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد، کي
ڪراچيءَ ۾ اچڻ لاءِ چيو، ۽ منهنجي راءِ انهن جي
سامهون پيش ڪيائين، پر جڏهن اتان به سندس راءِ کي
قبول نه ڪيو ويو، ته پوءِ هن الهه بخش وزارت کي
مدد ڪئي.
ان کانپوءِ اسين اتحاد پارٽيءَ مان نڪري، مسلم ليگ ۾ وياسون.
صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪٺو
ٿيو. جناح صاحب جو وڏو آڌر ڀاءُ ٿيو. منزل گاهه
مسجد جي سوال تان هندو مسلم فساد ٿيا. الهه بخش
وزارت کي شڪست آئي. ڪانگريس جي مدد سان، مسلم ليگ
جي وزارت وجود ۾ آئي. سنڌ ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي
ٺهراءَ کي پائدار بنائڻ لاءِ 1940ع ۾، مون مولانا
ابوالڪلام آزاد جي مدد سان گڏيل، وزارت ٺهرائي.
مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ان ٺهراءَ کي قبول نه ڪيو. ۽
ٻئي سال، ڪانگريس جي مدد سان،وري الهه بخش جي
وزارت ٺهي.
1940ع ۾، لاهور ۾ ڪيل تقرير جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ارڙهن
مهينا سزا ملي.
9 آگسٽ 1942ع تي، ڪانگريس طرفان انگريز حڪومت خلاف "ڪوئٽ انڊيا"
جي نعري سان هلچل شروع ٿي، ۽ سنڌ ۾ به چوڌاري
ڪانگريس جي مکيه ڪارڪن جون گرفتاريون ٿيون.
ڪراچيءَ، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص،
نوابشاهه، دادو ۽ ٻين شهرن مان گهڻا ورڪر گرفتار
ٿيا. ڊاڪٽر صاحب به 13 آگسٽ 1942ع تي گرفتار ٿيو.
کيس ڪراچي جيل ۾ رکيو ويو، جتي وري شعر چوڻ ۽ لکڻ
لڳو، جنهن مان نموني طور ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:
ڪانئر جاءِ نه آهه ڪا، جت سڌڙيا سڌون ڪن،
سر جا سانگا رکي، سي موٽيو پوءِ وڃن،
جي عاشق آزاديءَ جا، سي ثابت قدم رهن.
هي آڏو آهي تن، جن ڪسڻ قبوليو قرب مان.
جن ڪسڻ قبوليو قرب مان، سي ئي سورهيه سبحان،
قائم رکن قوم جو، بالا بلند شان،
ڪنڌ نوائين ڪينڪي، مر ٿي وڃن قربان،
چيتن آزاد ڪندا هندستان، توڙي قابو رهن قيد ۾.
هي ٻه ٽي سال جيل ۾ رهيا، ۽ جنگ کانپوءِ آزاد ٿيا. ان وچ ۾ شيخ
عبدالمجيد صاحب سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ اسان جو
گروهه، مت ڀيد پيدا ٿيڻ جي ڪري مسلم ليگ مان ٻاهر
نڪري آيو. جنوري 1946ع ۾، وري سنڌ اسيمبليءَ جون
چونڊون ٿيون. ان ۾ جملي هندو ميمبر ڪانگريس ٽڪيٽ
تي چونڊجي آيا، جن جو تعداد ٻاويهه هو. اسين قوم
پرست، ست ڄڻا چونڊياسون، جن پاڻ ۾ ڪوئليشن پارٽي
ٺاهي، جنهن جو جو واسطو صرف صوبائي معاملن سان هو،
آئيني مسئلن ۾ هر گروهه آزاد هو. مقامي ڪانگريس
پارٽي، آل انڊيا ڪانگريس جي راءِ سان ٻڌل هئي.
اسين مسلم اڪثريت وارن صوبن جي جدا حيثيت قائم رکڻ
جا طرفدار هئاسون. مسلم اڪثريت وارن صوبن جي جدا
حيثيت قائم رکڻ جا طرفدار هئائسون. مسلم ليگ جا
ستاويهه ميمبر هئا، ۽ اسان جا اوڻٽيهه ميمبر ٿيا،
ليڪن گورنر ٽن گورن ميمبرن کي گڏي (جي تنهن وقت
تائين ڪنهن پارٽيءَ سان شامل نه هوندا هئا)، وزارت
ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ جي ليڊر مسٽر غلام حسين کي
سڏايو- چي، اها اڪيلي وڏي ۾ وڏي تعداد واري پارٽي
آهي. ڪجهه وقت اسيمبليءَ اندر چٽاڀيٽي هلندي آئي.
هڪ فعي، اسپيڪر ۽ گورنر جي مدد سان، وزارت کي ووٽن
۾ شڪست کائڻ کان بچايو ويو. هڪ دفعي، وزارت کي
شڪست اچڻ بعد، گورنر وزيريون وڌائي، وري ساڳيءَ
وزارت کي طاقت ۾ رهڻ ڏنو.
ان وچ ۾، سن ۾، 24- 23 فيبروري 1946ع تي، ڪوئليشن پارٽيءَ جي
ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ جملي ڪوئليشن پارٽيءَ جا اسيمبلي
ميمبر ۽ قوم پرست هندو ۽ مسلمان ڪٺا ٿيا، ۽ مستقبل
لاءِ پروگرام ٺاهيو ويو.
ان کانپوءِ منهنجو برٽش ڪئبنيٽ جي اچڻ مهل دهليءَ وڃڻ ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب گڏ هو. آخر 9 سيپٽمبر 1946ع تي، سنڌ
اسيمبليءَ جي اجلاس هلندي، وزارت وٽ، باوجود
يورپين ميمبرن جي، اڪثريت نه رهي. مخالف ڌر ۾ ٽيهه
ميمبر ٿيا، ۽ وزارت وٽ اوڻٽيهه ميمبر. ان تي سنڌ
اسيمبليءَ جي اسپيڪر، جو مسلم ليگ جو ميمبر هو،ڪ
استعيفيٰ ڏني، جنهن ڪري ٻنهي طرفن ٽيهه ميمبر ٿيا.
جلد ئي ٻه ميمبر، محمد يوسف چانڊيو ۽ سيد نور محمد
شاهه، وزارت پارٽي ڇڏي، مخالفت ۾ آيا. ان تي
گورنر، مخالفت کي وزارت ٺاهڻ جي وجهه ڏيڻ عيوض،
اسيمبليءَ کي ختم ڪري، نين چونڊن ڪرائڻ جو اعلان
ڪيو. ساڳي وزارت طاقت ۾ رهي، جنهن چونڊن ۾ غلط
طريقا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. مرڪز ۾ مسلم ليگ
وزارت جي بي قاننين بابت، گورنر جنرل ۽ ڪانگريسي
وزيرن کي آگاهه ڪيو ويو. گورنر جنرل ڪجهه نه ڪيو،
۽ ڪانگريسي وزيرن پنهنجي مجبوري ڏيکاري. ڊاڪٽر
صاحب هڪ - ٻه دفعا دهليءَ ان ڪم سان ويو پر
ڪانگريسي وزيرن طرفان خاطر خواهه تدارڪ نه ٿيو.
نتيجو اهو نڪتو، جو چونڊن وقت حڪومت طرفان دست
اندازي ڪري، ڪوڙا ووٽ ڏياري، هر طرح جي غلط ۽
ناجائز طريقن سان، اسان کي اليڪشن ۾ شڪست ڏياري
ويئي. هندن طرفان ساڳيا ميمبر ڪانگريس ٽڪيٽ تي
چونڊجي آيا.
ان کانپوءِ 3 جون 1947ع تي، انگريز سرڪار طرفان ملڪ جي ورهاڱي
جو اعلان ٿيو.
هندستان جي ٻنهي حصن ۾ فرقيوار فساد ٿيڻ لڳا. سنڌي هندن ۾ حراس
ڦهلجڻ لڳو. خود سنڌ ڪانگريس ۾ ٻن راين جا ماڻهو ٿي
پيا. 30 جون 1947ع تي صوبه سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ
جو ميڙ ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب هندن
کي صلاح ڏني ته کين سنڌ ڇڏي، ڀارت لڏي وڃڻ گهرجي.
پر ڪانگريس جي اڪثريت سندس اها راءِ قبول نه ڪئي.
ان تي ڊاڪٽر صاحب، 3 جولاءِ 1947ع تي، دهليءَ ۾
ٿيندڙ هندو اقليت وارن صوبن جي ڪانفرنس ۾ ويو، جتي
سڀني گڏجي ورهاڱي جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري، ڪانگريس
کي عرضداشت ڪئي ته ورهاڱو قبول نه ڪيو وڃي. پر
ڪانگريس اڳي ئي ورهاڱو قبول ڪري چڪي هئي، ۽ هاڻ
ڪجهه نٿي ٿي سگهيو.
ڊاڪٽر صاحب ساري زندگي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ صرف ڪئي هئي، جيل
ڪاٽيا هئا، سختيون سـَـٺيون هيون، ۽ سڀ ڪجهه ديس
خاطر تياڳ ڪيو هو. آزادي ملي چڪي هئي. هاڻ کيس
سنڌي هندن جو مستقبل نهايت تاريڪ ڏسڻ ۾ آيو. هو
حڪومت مسلم ليگ جهڙيءَ فرقه پرست جماعت جي هٿ ۾
اچڻ جي خيال کان ڏڪي ٿي ويو. هن ويچار ٿي ڪيو ته
هندن کي سلامتيءَ سان لڏائي، چڱي طرح آباد ڪبو. ان
ڪري هو مهاراجا اڌيپور وٽ، 20 جولاءِ تي، دهليءَ
کان موٽندي ويو. نوجوانن کي اتي فوجي تعليم لاءِ
موڪليو هئائين، ان ڪم جو معائنو ڪيائين، ۽ رياست ۾
سنڌي هندن جي رهائش لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪيائين. واپس
اچڻ بعد، هو کليءَ طرح هندن کي لڏائڻ جو پرچار ڪرڻ
لڳو. 24 جولاءِ 1947ع تي تقرير ڪندي، پنهنجن انهن
جذبن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيائين:
"مسلم ليگ جهڙيءَ فرقي پرست جماعت جي حڪومت هيٺ هندن جي جان،
مال ۽ عزت سلامت رهڻ جو يقين نه آهي. اهڙيءَ حالت
۾، مون کي پاڪستاني سڏائي هن ملڪ ۾ رهڻ تي دل نٿي
ٿئي."
ان کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب اجمير ۽ جوڌپور طرف، هندن کي آباد ڪرڻ جي
بندوبست لاءِ ويو. 4 آگسٽ 1947ع تي، آچاريه
ڪرپالاڻي سنڌ ۾ آيو، ته ان به هندن کي ساڳي صلاح
ڏني. بهرحال هندن جي لڏپلاڻ شروع ٿي.
آگسٽ جي آخر ۾ ڪوئيٽا، بلوچستان، طرف هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي
ٿي، جنهن تي سنڌ جي هندن ۾ هراس ڦهليو. ڊاڪٽر
صاحب، 26 آگسٽ 1947ع تي، پروفيسر گهنشامداس، مکي
گوبندرام، سيٺ روچلداس گنگارام واڌواڻي ۽ سيٺ
شولداس سان گڏ، پاڪستان جي وزيراعظم نوابزاده
لياقت علي خان سان ملي، ڪوئيٽا ويو. اتي هندن جي
زبون حالت ڏسي، هن جي دل ڦسي پيئي ۽ زار زار روئڻ
لڳو. واپس اچڻ بعد، لڏپلاڻ مهل، هندن کي سانتيڪي
نموني ملڪ ڇڏڻ لاءِ صلاح ڏنائين پر پوءِ جي
نوابشاهه ۾ ٿيل واقعن ويتر هراس پکيڙي ڇڏيو هو.
هاڻ هن مناسب سمجهيو ته ڀارت وڃي، لڏي ويلن جي اتي
سهائتا ڪري. نومبر 1947ع تي، هو سنڌ ڇڏي بمبئيءَ
پهتو. ان کانپوءِ سمورو وقت سنڌ ڇڏي آيل شرنارٿين
جي آبادڪاريءَ ۽ سهائتا لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
ٻين ڪيترن، آزاديءَ مان فائدو وٺي عهدا قبول ڪيا،
پر هن جي دل درد سان ڀريل رهي- چي ماڻهو دکي ۽
عذاب ۾ مبتلا هجن، ۽ اسين ويهي عهدا ماڻيون، اها
ڳالهه مون کان برداشت ٿي نه سگهندي!
دل جليل ماڻهوءَ جي زبان به ذرا تلخ ٿيندي آهي. سو، ڪانگريس
هاءِ ڪمانڊ خاص طرح سردار ولڀ ڀائي پٽيل سان، سنڌي
شرنارٿين جي آبادڪاري جي سوال تان اختلاف ٿي پيس
۽ ڪانگريس کان ٻاهر نڪري آيو. آخر ۾، ڊاڪٽر صاحب
سوشلزم طرف وڃي رهيو هو. 12 سيپٽمبر 1947ع تي
ڊاڪٽر صاحب وفات ڪئي. |