6- مسٽر نيچلداس ولد ديوان ڇتومل وزيراڻي
(ٺٽو: بمبئي)
هي صاحب ٺٽي شهر جي مشهور وزيراڻي عاملن جي ڪٽنب مان
آهي. هي 8 مارچ 1889ع تي ڄائو هو. ابتدائي تعليم
ٺٽي جي سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. شيخ عبدالمجيد ۽ هي
ساڳئي وقت هڪ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ثانوي تعليم به
اتي ورتائين، سن 1907 ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيو. انهيءَ سال سندس والد وفات ڪري ويو گهر جي
وڏي هئڻ ڪري ڪٽنب جي پرورش جو سمورو بار مٿس پيو.
ڪن ويجهن عزيزن يا دوستن جي مدد نه هئڻ سبب هي
وڌيڪ پڙهي نه سگهيو ان ڪري پندرنهن روپين پگهار تي
روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. نوڪري کان باچتو وقت
۾ ٻارن کي خانگي تعليم ڏيئي هو ڪٽنب جي گذر جو
پورائو ڪندو هو. ساگهوئي هن روينيو کاتي جو هاير
امتحان پاس ڪيو. ڏهه سال ملازمت ڪرڻ بعد جڏهن هي
مختيارڪار جي عهدي کي ويجهو پهتو ته سنڌ سرڪار
طرفان فرقيوار بنيادن تي مسلمان ملازمن لاءِ جڳهون
مقرر ڪيون ويئون جنهن ڪري هن کي سنيارٽيءَ جي
بنياد تي جلد اضافي ملڻ ۾ رڪاوٽ پئجي ويئي: ان ڪري
هن سنڌ وڪالت جو امتحان پاس ڪري، نوڪري ڇڏي. 1919ع
۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. هو لاڳيتي محنت ۽ لياقت سان
وڪالت ڪرڻ ڪري ڪامياب وڪيل ثابت ٿيو. ساري ڪراچي
ضلعي ۾ نالو ڪڍيائين. ٿوري وقت بعد ٺٽي
ميونسپالٽي4 جو ميمبر چونڊجي ويو. بمبئيءَ کان سنڌ
جد اٿيڻ بعد 1937ع جي چونڊ ۾ هي ڪانگريس ۽ مهاسڀا
جي اميدوارن خلاف اميدوار بيٺو. هن جي واقفيت
مڪاني اثر ۽ ضلعي ۾ اثر رسوخ ايتريقدر هو جو ٻنهي
اميدوارن جي مقابلي ۾ هي اڪثريت سان ڪامياب ٿي
ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ ست کن هندو ميمبر ڪانگريس ٽڪيٽ
تي چونڊجي آيا هئا ۽ چوڏهن ٻيا آزاد، شخصي حيثيت ۾
پيسي، لڳ لاڳاپي وغيره ڪري چونڊجي آيا هئا جن ۾
اڪثر ڀائيبند طبقي جا هئا جن گڏجي هڪ گروهه ٺاهيو
جنهن جو ليڊر مکي گوبند رام چونڊيائون مسٽر
نيچلداس جنهن صورت ۾ عامل قبيلي جو هو تنهن ڪري هن
جو ابتدا ۾ زياده اثر هلي نه سگهيو ۽ هي پارٽي جو
سيڪريٽري ٿي رهيو سرڪار ۾ ڪوبه عهدو جو ان وقت صرف
پارليامينٽري سيڪريٽري جو مليس ها هن نه ورتو.
جيتوڻيڪ ان وقت کان ٿورو اڳ ديوان بهادر هيرانند ۽
ديوان ڏيئمل جهڙن مکيه ماڻهن هندن مان ۽ خان بهادر
کهڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيد ميران محمد شاهه
جهڙن ماڻهن مسلمانن مان به ان عهدي کي وٺڻ ۾ عيب
نه ٿي سمجهيو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ابتدا کان
وٺي هن کي پنهنجي لياقت ۽ بخت ۾ يقين ويٺل هو ۽
سياسي دور انديشي ڪري هو صبر سان موقعي تي جي
انتظار ۾ ويٺو رهيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ هن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل منهنجي
قرضن واري ۽ مسٽر گزدر جي"قانون انتقال ايراضي" جي
بلن تي اخبارن ذريعي مضمون لکڻ شروع ڪيا جنهن ۾
هندو ڀائيبند ڪلاس جي ماڻهن کي انهن بلن جي پاس
ٿيڻ مان جي نقصان پهچڻ وارا هئا تن کان انهن کي
آگاهه ڪيائين ان مان هن جي نسبت ۾ ٻه نتيجا نڪتا
هڪ ته هو پنهنجي پارٽي ۾ مقبول ٿيو ۽ ٻيو ته
مسلمان ميمبرن ۾ هن متعلق مخالفانه رد عمل پيد
اٿيو. ٿوري وقت کان پوءِ مکي گوبندرام کي ڪن خانگي
سببن ڪري وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ اها جاءِ
خالي ٿي ان تي هندو وزير رکڻو هو هندو آزاد گروهه
هن دفعي مسٽر نيچلداس کي وزارت ۾ کڻڻ لاءِ گهر
ڪئي. مسلمان ميمبرن طرفان ايتري ئي زور سان ان جي
مخالفت ٿي. ان وچ ۾ اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس جي گڏيل
مخالفت ۽ پروپگنڊا کان مرعوب ٿي سر غلام حسين
اتحاد پارٽي سان پروگرام جي بنياد تي ڪوئليشن ڪئي
هئي: جنهن ڪري هن پنهنجي پارٽيءَ جي ڪثرت راءِ جو
لحاظ رکندي، ڊاڪٽر هيمنداس کي وزير مقرر ڪيو. ان
تي هندو آزاد پارٽيءَ جو وڏو حصو ناراض ٿي وڃي
مخالفت ۾ ويٺو. ٿوري وقت بعد ڏٺو ويو ته سر غلام
حسين جي وزارت مختلف سببن ڪري پروگرام کي عمل ۾
آڻڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻي نه رهي هئي. ان جو مکيه
ڪارڻ اهو هو ته سر غلام حسين جي وزارت جا ٻه وزير،
مير بنده علي خان ۽ ڊاڪٽر هيمداس، تجربيڪار ۽
منتظم نه هئڻ ڪري سيڪريٽرين جي سست رفتاري کي تيز
ڪري نٿي سگهيا. ان خاميءَ کي دور ڪرڻ ۽ هندن جي
وڏي گروهه کي راضي ڪرڻ لاءِ اسان سر غلام حسين کي
هڪ تجويز ڏني ته خان بهادر الهه بخش، خان بهادر
کهڙي ۽ مسٽر نيچلداس کي وزارت ۾ کنيو وڃي. ڪيترن
سببن ڪري اهو اها تجويز عمل ۾ آڻي نه سگهيو جنهن
ڪري 1938ع جي بجيٽ وقت سندس وزارت کي شڪست ملي ۽
خان بهادر الهه بخش جي وزارت وجود ۾ آئي، جنهن ۾
ديوان نيچلداس کي وزير ڪري کنيو ويو.
ان وقت سنڌي سياست تي ڪاموري طبقي جو گهڻو اثر هو. سر
غلام حسين گروهه تي مسلمان ڪاموري ۽ زميندار ۽
هندو انڊپينڊنٽ گروهه تي هندو ڪاموري ۽ زميندار جو
اثر هو. الهه بخش وزارت هندو ميمبرن جي اڪثريت سان
وجود ۾ آئي هئي. ٻاهر نڪتل وزيرن طرفان نئين وزارت
جي خلاف فرقيوارانه بنيادن تي پروپيگنڊا شروع ڪئي
ويئي. ان جي روڪڻ لاءِ پير الاهي بخش کي عوام سان
رابطي پيدا ڪرڻ لاءِ گشت شروع ڪرايو ويو. وزيرن کي
پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ويئون.
مسٽر نيچلداس جي هٿ ۾ انجنيئرن کاتو هو. ان تيز
رفتاريءَ سان لوور سنڌ براج لاءِ اسڪيم تيار ڪرڻ
جي ابتدا ڪئي. ان وچ ۾ هن ڪراچي ضلعي ۾ واهن کي
سڌاري، پيڃاريءَ ۽ ٻين کي درست ڪرڻ لاءِ ڪم شروع
ڪرايو. ٻين تجويزن بابت ٿورو ڪجهه ڪيو ويو. ليڪن
ان جي رفتار اميدن مطابق نه نڪتي.
الهه بخش وزارت خلاف ٿوري ناراضگي ماڻهن ۾ اڳ ۾ پيدا ٿي
هئي، ويتر هن منزل تي ڍلن وڌائڻ جي سوال تان اسان
جو به هن جي وزارت سان اختلاف ٿي پيو. ديوان
نيچلداس، باوجود مون سان لاڳاپي هئڻ جي پنهنجي
وزيراعظم سان وفادار رهيو. ان وچ ۾ ڪانگريس هاءِ
ڪمانڊ جا ميمبر سنڌ ۾ آيا. اسان کين حالتن کان
واقف ڪيو پر هندو عام راءِ کي موڙڻ جو مسٽر
نيچلداس کي اهڙو ڍنگ ياد هو جو ان جي اثر ڪري
ڪانگريس جو وڏو گروهه وزارت جو طرفدار ٿي پيو ۽
اسان کي مجبورن وڃي مسلم ليگ جو سهارو وٺڻو پيو.
تنهن وچ ۾ هندن ۾ اوم منڊلي ۽ هنومان مندر جي ٻن
سوالن تان وزارت خلاف ناراضگي پيدا ٿي پر ديوان
نيچلداس ٻنهي موقعن تي دانشمندي سان هندو ميمبرن
کي ڦيرائي وزارت جي طرف ڪيو. ٻيئي دفعا هندو وزير
استعيفائون ڏيئي ٻاهر نڪتا ۽ هر دفعي گفتگو بعد ڪن
شرطن تي وري وزارت سان ٺهي ويا.
ان کان پوءِ مسلم ليگ طرفان مسجد منزلگاهه مسلمانن کي
موٽائي ڏيڻ جو سوال کنيو ويو. هندن انهي جي نه ڏيڻ
تي زور رکيو. آخر مسجد تي مسلمانن زوري قبضو ڪيو.
کانئن قبضي ڇڏائڻ مهل، هندو مسلم فساد ٿي پيا اسان
جيل ۾ هئاسون اپر سنڌ جي هندن حالتن کي درست ڪرڻ
لاءِ هندو وزيرن ۽ ميمبرن کان الهه بخش وزارت جي
ڊاهڻ جي گهر ڪئي. ڳالهين بعد هندو ميمبرن، ڪانگريس
سميت مسلم ليگ سان شامل ٿي الهه بخش وزارت کي شڪست
ڏيئي نئين وزارت وجود ۾ آندي ان ۾ اسان سان گڏ
هندن طرفان مسٽر نيچلداس ۽ مسٽر گوڪلداس وزير مقرر
ٿيا. ان زماني ۾ مون کي هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو
پهريون موقعو مليو. ان وقت مون کي معلوم ٿيو ته
هندن جو عيوضي ٿي ڪري هيءُ هندو ڪاموري ۽ شاهوڪار
جي حقن جي هڪ حد تائين حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو
هو ليڪن هر واجبي سوال تي هو سمجهوتي ڪرڻ لاءِ
تيار هو انهيءَ مان مکيه سوال هندن ۽ مسلمانن جي
نوڪرين جو هو. ان وقت هندن جو تعداد قريبن ستر
سيڪڙو نوڪرين ۾ هو. هن ان کي پنجاهه سيڪڙو تائين
قبول ڪيو. اهو سوال آبادي جي تعداد موجب هندن لاءِ
فائديمند هو جو سندن تعداد پنجويهه سيڪڙو هو. ليڪن
ان وقت تائين ڪنهن به هندو وزير ۾ اهڙي همت ڪانه
ٿي هئي جو ايتري تائين به قبول ڪري ها. جاگيرن کي
سروي ڪرائڻ جي سوال کي جاگيردار وزيراعظم کان ان
جي مفاد خلاف هن اهڙي طرح قبول ڪرايو جنهن لاءِ هن
کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ان کان پوءِ
جڏهن مون سنڌ ۾ امن امان آڻڻ ۽ ٻاهرين جماعتن جي
دست اندازي کان بچائڻ لاءِ وزارت ۾ الهه بخش کي
پنهنجي جاءِ تي آندو، ان سموري ڳالهه ۾ هي منهنجو
صلاحڪار هو. هن جي الهه بخش مرحوم وانگر اها ڪوشش
پئي رهي ته آل انڊيا آئيني سوالن ڪري سنڌ جي سياست
کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سياسي جهڳڙن جو آکاڙو نه
بڻايو وڃي. ليڪن ان وقت تائين عوام تي ٻنهي جماعتن
جو ايڏو اثر ويهي ويو هو جو اسان جي ڳالهه ڪنهن نه
ٻڌي. آخر مسلم ليگ منهنجو الهه بخش سان ڪيل
سمجهوتو قبول نه ڪيو ۽ ٻئي سال الهه بخش وزارت وري
طاقت ۾ آئي. اڳتي هلي، سيپٽمبر 1942ع ۾، گورنر
الهه بخش جي وزارت کي ڊسمس ڪيو، هن وزارت جي ٻين
وزيرن - سر غلام حسين ۽ پير الاهي بخش ٻي وزارت
ٺاهي، ٿوري وقت کان پوءِ منهنجو غلام حسين وزارت
سان اختلاف ٿي پيو پر هاءِ ڪمانڊ جي دخل ڏيڻ سان
سمجهوتو ٿيو. ديوان نيچلداس ۽ محمد علي شاهه وزارت
۾ اسان جي خيال جا طرفدار رهيا.
سن 1946ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ جا گهڻا ميمبر اسيمبلي ۾
چونڊجي آيا. هن دفعي سڀ هندو ڪانگريس ٽڪيٽ تي
چونڊجي آيا هئا. انهن ۾ هيءُ به هو. اسان مخالفت ۾
ڪوئليشن پارٽي ٺاهي، جنهن جو آءُ ليڊر هوس.
ڪانگريس پارٽي جو ليڊر پروفيسر گهنشام داس هو،
ليڪن حقيقي طور انهيءَ گروهه ۾ ڪار آمد، هوشيار ۽
باهمت ميمبر ديوان نيچلداس ئي هو، اسان سڀني گڏجي
نئين ٺهيل وزارت کي ڪم هلائڻ نه ڏنو. گورنر سڀني
دستوري پابندين کي ڀڃي مخالف پارٽي کي وزارت ٺاهڻ
جي وجهه ڏيڻ کان سواءِ نيون چونڊون ڪرايون جن ۾
نهايت اڍنگن طريقن سان مسلم ليگ اسان کي شڪست ڏني.
هندن ڪانگريس جي اميدوارن کي اسيمبلي ۾ چونڊي
موڪليو. سگهو ئي پاڪستان ٿيو. 1948ع جي 6 جنوري تي
ڪراچي ۾ هندن جي ڦرلٽ ٿي، جنهن ڪري هندو ليڊرن
لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ سلامتيءَ وارو نه ڏسي هيءُ لڏي
بمبئي ڏي هليو ويو. ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت لاءِ
هندستان ۾ شرنارٿين جي مقرر ٿيل صلاحڪار بورڊ جو
دهليءَ ۾ چيئرمين ٿي رهيو ۽ ڪجهه وقت بمبئي علائقي
جي شرنارٿين جي آبادڪاريءَ جي ڪميٽي جو چيئرمين
رهيو. ڪنڊلابندر جي اسڪيم ٺاهڻ ۾ اوائلي هي ڀائي
پرتاب ڏيئلداس سان شريڪ ڪار هو. پوءِ زمين جو پلاٽ
وٺي چمبور ۾ پنهنجي جاءِ ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳو. هن
وقت بمبئي ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي ۽ خاص طرح
شرنارٿين کي ڪليمن وٺائي ڏيڻ ۾ مدد ڪندو رهيو آهي.
هڪ وقت هو چمبور جي پئنچائت جو صدر هو.
هن وقت سندس عمر ستهتر سال آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي
جو سندس صحت ٺيڪ ۽ سالم رهندي ٿي اچي. کيس نو ٻار
آهن. سندس وڏي فرزند وڪالت جو امتحان پاس ڪيو آهي.
ليڪن هن وقت تجارت ڪري گذرمعاش پيو ڪري سندس ٻيو
فرزند پاليٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ دهليءَ ۾ پروفيسر
آهي. سندس ٽيون فرزند ايم. ايس. سي آهي، هڪ آمريڪن
ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي اٿس، ڪجهه وقت کوجنا جي
تعليم لاءِ زال سوڌو آمريڪا ۾ ويل هو. چوٿون پٽ
پڙهيس پيو. پنج ڪڪيون اٿس جن مان ٻه شادي شده آهن،
ٽئين ڪڪي رزورڊ بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي. چوٿين ايم.
ايس. سي. آهي ۽ آمريڪا مان پي ايڇ ڊي پڻ ڪيل اٿس.
سندس ڪردار تي هڪ نظر:
هي هوشيار ۽ محنتي ڪارڪن آهي. روزانه 12 ڪلاڪ ورهين
تائين ساندهه ڪم ڪندو آهي. عمدو منتظم آهي. جنهن
به کاتي جي چارج ۾ وزير ٿي رهيو، ان کي نهايت همت،
لياقت ۽ دانشمنديءَ سان هلايائين. دوستن جو بهترين
۽ وفادار دوست پئي رهيو آهي. هن کي گهوڙي وانگر
مستقبل جي مشڪلاتن کي محسوس ڪرڻ جو سٺو اندازور هي
ٿو ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي جرئت پڻ اٿس. هن ڪنهن
به سياسي تحريڪ يا جماعت ۾ سڄو وقت قومي ڪارڪن ٿي
ڪم نه ڪيو. باوجود ان جي صرف پنهنجي لياقت ۽
قابليت ڪري هيءَ ملڪ جي سياست ۾ پنهنجي خاص حيثيت
قائم رکيو آيو. سنڌ جي ڪانگريس جماعت ۾ نهايت مخلص
قومي ڪارڪن پئي رهيا آهن، جي ڪيترائي دفعا جيل ۾
ويا آهن انهن جون زندگيون قرباني ۽ اخلاص جا مثال
پئي رهيون آهن پر سياستي عمل ۾ ۽ انتظامي نقطه
نگاهه کان ديوان نيچلداس جو درجو سنڌ جي هندو
اسيمبلي ميمبرن ۾ سڀ کان مٿي رهندو پئي آيو. اها
فخر جي ڳالهه آهي ته ڪيترا سنڌي ٻاهر جي مجلسن ۾
نالو روشن ڪري سگهيا آهن، جهڙوڪ مغربي پاڪستان
اسيمبلي ۾ پنهنجي دور ۾ پيرزادي عبدالستار ۽ قاضي
فضل الله هميشه پنهنجو ڌاڪو رکندا آيا. ان کان
پوءِ نيشنل اسيمبلي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي
پنهنجو سڪو قائم ڪيو. مسٽر نيچلداس به سنڌين مان
انهيءَ پايي جو ماڻهو آهي.
بدقسمتيءَ سان هندستان ۾ لڏي ويل هندو اٽي ۾ لوڻ هئڻ
ڪري صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلين ۾ چونڊجي نٿا سگهن ۽
هندستان ۾ انتظامي لياقت، ايمانداري ۽ قابليت کان
وڌيڪ قومي خدمت جي رڪارڊ ۽ ڪانگريسي سياست ۾ ڪيل
قربانين کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. نه ته هي هندستان جي
ڪنهن به صوبي يا مرڪزي اسيمبلي ۾ وڃڻ بعد بهترين
وزير ثابت ٿي سگهي ها. ڀارت جي صوبن يا مرڪز ۾
ڪيترا وزير اهڙا آهن، سنڌ جا اڪثر هندو نانڪ پنٿي
آهن. تنهن ڪري انهن مان ڪٽر فرقه پرست هندن کي به
ڀارت جي اصل رهاڪن، هندن، مسلمانن کان وڌيڪ آزاد
خيال شمار ڪري سگهجي ٿو.
7- مير غلام علي خان ولد مير بنده علي خان شاهواڻي ٽالپر
(ٽنڊومحمدخان)
هي مير صاحب ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن مان هو،
جي سنڌ جي شاهي گهراڻي جي ڏاڏي مير شهداد خان جي
ڀائٽي مير شاهو خان جي اولاد مان آهن.
مير شاهو خان جي فرزند مير غلام محمد خان کي ٻه فرزند
ٿيا. هڪ جو نالو مير حاجي احمد خان ۽ ٻئي جو نالو
مير محمد خان هو. پهرئين جي اولاد مان ٽي پشت تي
مير غلام الله خان پيدا ٿيو. ان کي ٻه فرزند
ٿيا:(1) مير حاجي حسين بخش خان “(2) مير بنده علي
خان، ٻئي جي اولاد مان چوٿينءَ پشت تي مير الهه
بخش خان پيدا ٿيو.
انگريزن جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد خيرپور وارن ميرن کي
رياست ملي، باقت سڀ ٽالپرن کي جاگيرون مليون. شاهي
گهراڻي جي پوئين هزهائينس مير حاجي نور محمد خان
کي پينشن ملندي هئي. انگريزن جي اچڻ کان پو”، اڪثر
مير صاحب شڪارن ڪرڻ ۽ پنهنجي جائداد جي ڪمن ۾
مشغول رهيا. سنڌ جي سياسي ڳالهين ۾ بهرو مير صاحبن
جي خاندان مان سڀ کان پهرين مٿئين هزهائينس مير
الهه بخش خان شاهنواڻي ٽنڊي محمد خان واري ورتو
هو. هيءُ بمبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويو ۽ سرڪاري
حلقن ۾ اثر پيدا ڪري لقب القاب حاصل ڪري ويو هو.
هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن مير صاحب ان ڪم ۾ دلچسپي نه
ورتي. اڳتي هلي سندس سوٽ سردار بهادر مير حاجي بخش
خان مير گروهه جي ليڊريءَ جي واڳ هٿ ۾ ورتي.
بمبئي ڪائونسل ۾ ٻيا ڪيترا بلوچ ميمبر چونڊجي ويندا
هئا، ليڪن ٽالپرن مان، باوجود گهڻين ملڪيتن جي،
ڪنهن به ان طرف توجهه نه ڏنو هو. اهو خيال پهرين
سردار بهادر مير حاجي حسين بخش خان کي پيدا ٿيو
جنهن نه صرف ٽالپرن کي منظم ڪيو: ليڪن جملي سنڌ جي
بلوچن کي هڪ جماعت ۾ ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. هي
ڪيترو وقت بلوچ جماعت جو صدر ٿي رهيو. جڏهن سن
1937ع ۾ سنڌ جدا ٿي ته هو سنڌ جي لاڙ واري حصي مان
پنهنجن چئن ميمبرن کي چونڊائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،
جيڪي هي هئا:(1) سندس فرزند، مير غلام الله خان،
(2) سندس ڀائٽيو مير غلام علي خان، (3) مير بنده
علي خان ۽ 04) ميرپورخاص وارو سردار بهادر مير
الهداد خان، چونڊن کان پوءِ هن جملي بلوچ ميمبرن
کي هڪ گروهه ۾ آڻي، سر غلام حسين وزارت ۾ پنهنجو
عيوضي مير بنده علي خان کڻايو.
ان وقت ۾ سواءِ چند ماڻهن جي اسيمبليءَ جا اڪثري مسلمان
ميمبر ذاتي اقتدار ۽ مفاد خاطر ميمبر چونڊبا هئا.
جيڪا گروهه بندي ٿيندي هئي ان جو اصولن يا ملڪ ۽
عوام جي ڀلي سان واسطو ڪونه هوندو هو. سردار بهادر
به انهيءَ عام دستور مطابق ڪم ڪندو رهيو. هن
پنهنجي فرزند ۽ ڀائٽئي کي نظر انداز ڪري مير بنده
علي خان کي بلوچ گروهه جو اڳواڻ بنايو هو. کيس
اميد هئي ته هو انهيءَ گروهه جي ليدريءَ جا فرض
پوري طرح بجا آڻيندو ليڪن اڳتي هلي کيس معلوم ٿيو
ته اهي لياقتون مير بنده علي خان ۾، باوجود ذاتي
شرافت ۽ ڪم آزاريءَ جي عدم موجود هيون. خان بهادر
الهه بخش جي وزارت کي منزل گاهه مسجد جي فسادن کان
پوءِ هندن ۽ مسلم ليگ وارن گڏجي شڪست ڏني. مير
صاحبن جو گروهه الهه بخش وزارت جي طرف هو. نئين
وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر اسيمبلي جي ڪانگريس ميمبرن
کان سواءِ ميجارٽي ميمبرن جي گهر ڪئي. ان لاءِ
مسلم ليگ پارٽيءَ مير گروهه سان گفتگو ڪئي، جن
انهيءَ شرط تي مدد ڏيڻي ڪئي ته مير بنده علي خان
کي چيف منسٽر ڪيو ويندو، جا ڳالهه مسلم ليگ مجبور
ٿي قبول ڪئي. سردار بهادر سمجهيو هو ته انهيءَ طرح
سان هو ساريءَ سنڌ تي مير گيوهه جو اقتدار قائم
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو پر تجربي بعد کيس معلوم ٿيو
ته مير صاحب اهي اميدون پوريون نه ڪري سگهيو: بلڪه
پنهنجي هٿن سان جاگيرن جي سروي ڪرائڻ جي حڪم تي
صحيح ڪري، جاگيردار طبقي جي حقن کي نقصان
پهچيائين. کيس اهو به معلوم ٿيو ته اقتدار جي جنگ
۾ سڀڪو سياري جي سوڙ پاڻ ڏي سوري رهيو هو. ان تي
هن پنهنجي پاليسي بدلائي، پنهنجي ڀائٽئي مير غلام
علي خان کي طاقتور بنائڻ طرف رجوع ڪئي. هن جي
دوربين نظر مير غلام علي خان ۾ ليڊريءَ جون
لياقتون ڏٺيون هيون سي اڳتي هلي صحيح ثابت ٿيون.
پهريائين مير غلام علي خان کي حيدرآباد ضلعي لوڪل بورڊ
جي پريزڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيهاريائين. کيس اميد
هيئ ته مير بنده علي خان سندس اثر ڪري حيدرآباد
ضلعي لوڪل بورڊ ۾ هندو ميمبرن جا ووٽ وٺائي ڏيندو
پر ائين نه ٿيو هن ان تي احتجاج طور مير غلام علي
خان کان پارليامينٽري سيڪريٽري جي عهدي تان
استعيفيٰ ڏياري هندو ميمبرن سان سڌو سمجهوتو ڪيو.
سن 1943ع ۾ هن سر غلام حسين وزارت ۾ مير غلام علي
خان کي وزير چونڊرايو. مير غلام الله جي وفات بعد
سردار بهادر پاڻ ميمبري لاءِ اميدوار بيهي چونڊجي
آيو. ٿوري وقت بعد سردار بهادر 26 فيبروري سن
1953ع ۾ وفات ڪري ويو. ان بعد مير غلام علي خان
سندس سچو جانشين ثابت ٿي ڏيکاريو ان کان پوءِ سنڌ
جي اڪثر وزارتن ۾ هي رهندو آيو. آخر ۾ مرڪزي حڪومت
۾ وزارت داخله جهڙي مکيه عهدي تي وزير ٿي رهيو.
حڪومتن ۾ ڪهڙي به ردوبدل ٿيندي هئي ليڪن هيءُ اهڙي
طرح هلندو هو جو حڪام وقت سدائين منجهانئس راضي
هوندا هئا. انگريزي حڪام کي راضي ڪرڻ جو ڍنگ سنڌ
جي اڪثر مکيه زميندارن ۽ جاگيردارن کي ايندو هو.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ حڪومت جي واڳ انگريزي
حڪومت جي تربيت يافته ڪامورن جي هٿ ۾ آئي، ان ڪري
ساڳيا خوشامند وارا طريقا هنن لاءِ به ڪارگر ثابت
ٿيا. کين ۽ سندن مهمانن کي شڪار ڪرائڻ، سندن
ضيافتون ڪرڻ، کين تحفا ڏيڻ، مطلب ته سندن رضامندي
حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني اهڙن آزمايل طريقن جي استعمال
ڪرڻ ۾ هيءُ ماهر ثابت ٿيو.
مير صاحب جو سياسي اصولن ۽ عوام جي بنيادي مسائل حل ڪرڻ
سان ڪو لاڳاپو نه رهندو هو. اها صرف هن جي حالت نه
هوندي هئي ليڪن اڪثري مسلم زميندار طبقي جي
سياستدانن جو اهو حال هوندو هو. تفاوت منجهن صرف
ڊگريءَ جو هو ۽ نه قسم جو. ان ڪري سندس سياسي ڦير
گهير، جاءِ طلبي ۽ حڪام وقت اڳيان ڪمزوري جو عتاب
رڳو هن کي ڏيڻ ٺيڪ نه ٿيندو."اين همه خانه آفتاب
است" وارو حال آهي.
باوجود ان جي مير صاحب وڏين خوبين جو مالڪ هو. انهن مان
ڪن جو هتي بيان ڪرڻ آءُ پنهنجو فرض سمجهان ٿو:
(1) سندس دستر خوان، حڪام وقت، ڪامورن، دوستن، توڙي
ڌارين لاءِ هميشه کليل رهندو هو. اهڙو ڪو ڇٽو
ماڻهو هوندو هو، جو سندس وسيع مهمان نوازي مان
مستفيد نه ٿيو هوندو ان کان سواءِ ڪيترائي سوالي
سندس در تي ويٺا هوندا هئا، جن مان ڪنهن کي به هن
هٿين خال واپس نه ڪيو باوجود وڏي پيدائش جي، ايڏي
سخاوت ڪري، اڪثر تنگ دستيءَ ۾ هوندو هو.
(2) شخصي ڪمن لا”، مير صاحب وٽ ڪوبه ماڻهو ويندو هو ته
حتي الامڪان ان کي مدد ڪندو هو سوين ماڻهن جو صبح
شام سندس بنگلي تي هجوم لڳو پيو هوندو هو. ڪيئي
سفارشي خط هر روز ماڻهن کي ملندا هئا. اهڙي حالت
ٿيندي هئي جو هن کي خلاصگائي مشڪل ملندي هئي هي
شريف النفس ماڻهو ڪنهن کي اٿارڻ جي عيوض بنگلي جي
پاسن ۾ اٿي وڃي، ماڻهن کان خلاصو احوال ٻڌندو هو.
ڪيترو به ماڻهو تنگ ڪند اهئس، هن جي رخ تي ڪڏهين
ڪاوڙ جا آثار نه ڏسڻ ۾ ايندا هئا وٽس صبر جو اڻ کٽ
خزانو هوندو هو. هن ڪنهن کي به غصي ۾ اچي سخت نه
ڳالهايو هوندو. ايتري نرمائي ۽ هر ڪنهن ماڻهو سان
تواضح ۽ خوش خلقي مون مرحوم جمشيد ميهتا کان سواءِ
ٻئي ڪنهن ماڻهو ۾ نه ڏٺي. مرحوم جمشديد به هر هڪ
کي خط ڏيندو هو. بعضي حالتن ۾ ساڳيءَ ڳالهه لا”،
مخالف ۽ موافق ٻيئي سندس سفارش حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيندا هئا. ساڳي حالت مير صاحب جي هوندي هئي.
(3) هي خوش خلق ۽ دوست نواز حد درجي جو هو، ايتري قدر
جو ڪيترا هوشيار ماڻهو هن جي شرافت، ڪمزوري ۽
سادگي مان غير واجبي فائدو وٺي، سندس بدنامي جو
باعث بڻيا هئا.
(4) نظرياتي ڳالهين ۽ سياسي معاملن ۾، منهنجا اڪثر مير
صاحب سان اختلاف رهيا، ليڪن سياسي اختلافن ڪري هن
ڪڏهن به شخصي تعلقاتن ۽ مراسم ۾ رخنو نه وڌو. هو
منهنجي سياسي ڪردار جو مداح هو، ليڪن پوئلڳ ڪونه
هو. آءُ سندس شخصي اخلاق سبب، سياسي اختلاف هوندي
به ساڻس خوشگوار تعلقات رکندو آيس.
(5) اڪثر اقتدار پسند ۽ جاءِ طلب سنڌي مسلمان سياستدان
پنهنجي طاقت مان ذاتي نفعي حاصل ڪرڻ ۾ دريغ نه
ڪندا هئا، ليڪن پئسي ۽ ملڪيت جي معاملي ۾ مير صاحب
جا هٿ ڪڏهن غليظ نه ٿيا، جيڪڏهن ڪن سندس دوستن
ناجائز فائدا ورتا ته ان ۾ مير صاحب جو ڪو هٿ نه
هو. ان جو مثال اهو ٿي سگهي ٿو ته شينهن جي سهاري
ڪيئي لومڙيون پيئون پيٽ پالينديون آهن.
(6) مرڪزي وزارت تان استعيفا ڏيي سنڌ اسيپسڪري مهل ون
يونٽ جي مخالفت لاءِ حيدرآباد اچڻ ۽ بيماري جي
حالت ۾ مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ڏانهن نظربند ٿي وڃڻ،
سندس بيحد همت ۽ حوصلي جو ڪم ڪيو هو. جيڪڏهن پوءِ
هن مجبورن ون يونٽ جي فائدي ۾ بيان ڏنا: ته اهڙا
گناهه ڪيترن ڏسڻن وائسڻن ماڻهن کان سرزد ٿيا.
(_7) پر مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ جڏهن غلام مصطفي خان
ڀرڳڙي طرفان ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پيش ٿيو ته
هن مرڪزي حڪومت جي وزير هوندي به ان جي فائدي ۾
ووٽ ڪيو ۽ پوءِ ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ هن
مرڪزي وزارت تي زور رکيو ته آئين ۾ درستي ڪئي وڃي
پر سندس اثر هلي نه سگهيو.
(8) پوءِ حيدرآباد ۾ جڏهن سڄي سنڌ جي مکيه ڪارڪنن گڏ
ٿي، ون يونٽ خلاف متحده محاذ قائم ڪيو ته هي
باوجود مرڪزي وزارت جي ميمبر هئڻ جي ان ۾ کهڙي
صاحب جي چيئرمينيءَ هيٺ شريڪ ٿيو جنهن کيس بيماري
۾ مٺيءَ ۾ نظر بند ڪرايو هو.
(9) مير صاحب سياسي طور اهڙو ڪمزور نه هو جهڙي طرح سندس
سياسي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو. هو دوستن جي اثر ۾
هئڻ ڪري اڪثري سندن غلط مشورن جو شڪار پئي ٿيو هو.
حڪام وقت کي جڏهن ضرورت پوندي هئي، ته انهن جي
معرفت کيس ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا جي اڪثر کيس
ائين چئي گمراهه ڪندا هئا ته"مير سائين، طاقت کان
سوا”، توکي ڪو پڇندو به ڪونه؟" پير محمد محفوظ
صاحب سندس خاص مصاحبن مان هڪ هو.
مون زندگيءَ ۾ ٻه ماڻهو ڏٺا آهن، جن مان حڪومت به خُش
ته مخالفت به خوش رهندي هئي: هڪ مسٽر جمشيد ميهتا،
جنهن جي گورنر ۽ وائسراءِ به ساراهه ڪندا هئا ۽
ڪانگريس ليڊر به ۽ ٻيو مير غلام علي خان مرحوم هو.
جڏهن دل جي تڪليف ڪري هي بيمار ٿيو ته خان بادشاهه
خان عبدالغفار وٽ آءُ نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ ويٺو
هوس. هن کان مون اجازت گهري ته مير صاحب جي طبع
پرستيءَ لاءِ وڃان ٿو. ان موقعي تي مون مير صاحب
جي شخصي صفتن جي ساراهه ڪئي. سندس سياسي ڪردار کان
ته خان بادشاهه اڳي واقف هو. هن خواهش ظاهر ڪئي ته
هو ب سندس طبع پرستيءَ لاءِ هلندو. ٻيئي اتان پنڌ
مير صاحب جي بنگلي، کهڙو روڊ تي آياسون. مير صاحب
کيس ڏسي تعجب ۾ پيو ۽ خوش به ٿيو چيئاين ته"خان
صاحب، اوهان نوازش ڪئي آهي، جو منهنجي طبع پرستيءَ
لاءِ آيا آهيو. مون سياسي طرح ڪا اهڙي خدمت ڪانه
ڪئي آهي، جو ان جو مستحق ٿي سگهان." خان بادشاهه
کيس جواب ڏنو ته"مير صاحب، سياست سڀ ڪجهه نه آهي،
سيد کان تنهنجي خوش اخلاقي، مهمان نوازي، ماڻهن جي
شخصي ڪمن ڪرڻ، صبر ۽ دلي جذبات جو احوال ٻڌي، مون
کي خواهش ٿي ته تنهنجي طبع پرستي ڪرڻ اچان. هن قحط
الرجاليءَ جي حالت ۾، قديم شخصي مراسم ۽ خانداني
روايات قائم رکڻ وڏي ڳالهه آهي!"
مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد، مير صاحب خاموشيءَ ۾
ڳوٺ رهڻ لڳو. جتي هن جائيداد سڌارڻ طرف زياده
توجهه ڏنو. آخر جڏهن مارشل لا کان پوءِ نيشنل
اسيمبلي جي پهرين چونڊ ٿي، ته ان م ڪرنل حيدر
اميدوار بيٺو، جنهن کي عام طور تي سرڪاري اميدوار
سمجهيو ٿي ويو. ڪيترن ماڻهن کي گمان هو ته مير
صاحب ڪامياب نه ٿيندو، جو مير صاحب جي سموري اثر
جو مدار سياسي اقتدار تي بيٺل هو ۽ ان کان ٻاهر
نڪرڻ بعد مير صاحب ڪامياب ٿي نه سگهندو: ليڪن جڏهن
مير صاحب ڪامياب ٿيو ته سندس نقطه چينن کي معلوم
ٿيو يو ته مير صاحب جو اثر صرف طاقت تي مدار رکندڙ
نه هو، پر هن ۾ ٻيون خاصيتون به هيون جي سندس
ڪاميابي جو باعث بنيون هيون. ان جاءِ تي مير صاحب
گهڻو وقت رهي نه سگهيو جو ڪورٽ کيس ڊسڪئاليفاءِ
ڪري ڇڏيو. وري چونڊ ٿي، جنهن ۾ سندس فرزند مير
اعجاز علي خان نيشنل اسيمبلي ۾ چونڊجي ويو. اهو سڀ
مير صاحب جي ذاتي اثر جي ڪري ٿيو.
مير صاحب 19 آڪٽوبر 1962ع تي دل جي حرڪت بند ٿيڻ سبب
وفات ڪئي. هن جي وفاتيءَ ڪري سنڌ هڪ شريف النفس
انسان، ٽالپرن هڪ مکيه ليڊر، بلوچن باعث فخر بلوچ،
دوستن هڪ ڪارآمد دوست وڃايو آهي. هن وقت جڏهن سنڌي
اثر کي مٽائڻ جون هر طرف کان ڪوششون ٿي رهيون آهن.
مير صاحب، باوجود سندس نظرياتي خامين ۽ شخصي
ڪمزورين جي، سنڌ جي هڪ طاقت هو. سندس انتقال ڪري،
سنڌي محاذ ۾ ڪمزوري پيدا ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي.
مير صاحب مرحوم کي هيٺيون اولاد ٿيو: پهرئين گهر مان
(1) مير اعجاز علي خان(2) احمد علي خان، (3) ممتاز
علي خان، (4) منور علي خان ۽ (5) انور علي خان ۽
ٻه نياڻيون ۽ ٻئي گهر مان مير سلطان علي خان ۽ پنج
نياڻيون. |