سندس سياسي ۽ مذهبي نظريا ۽ اعتقاد:
هي بنيادي طرح جذباتي ماڻهو آهي، پر غور ۽ فڪر جي صفتن
کان خالي نه آهي. سندس اڪٿر سياسي ۽ مذهبي نظريا ۽
اعتقاد ڪن سوچيل خيالن تي ٻڌل ٿين ٿا ۽ سي به
زماني جي تبديل سان مختلف مرحلن مان پئي گذريا
آهن. هڪ مذهبي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ڪري ديني اثر هن تي
اصل کان پيل هو، ليڪن هر تعليم يافته، صاحب فڪر
نوجوان وانگر هڪ وقت هن تي اهڙو به گذريو آهي، جو
ذري گهٽ هي وڃي ناستڪ ٿيو هو. ليڪن آهستي آهستي
موٽي پنهنجي ماڳن تي آيو آهي. هن وقت خدا، پيغمبير
ولين، دين اسلام جي افاديت ۾ پڪو ويساهه ويٺل اٿس.
روزي نماز جو پابند ۽ تهجد گذار آهي. پير صاحب
ڀرچونڊيءَ جي روحاني رهبريءَ، مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي سياسي نظريي، سرزمين سنڌ جي روشن مستقبل
۽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻهن جي ترقيءَ لاءِ
سنڌ جي خاص حيثيت ۽ پيغام ۾ پڪو ويساهه ويٺل اٿس.
هي اڪثر مختلف خيالن ۽ نقطه نگاهن کي ڪثرت الفاظ ۾ اهڙو
منجهائي ڇڏي ٿو، جو رواجي طرح انهن کي سلجهائي،
معنيٰ ۽ مطلب ڪڍڻ ڏکيو لڳي ٿو. جيتوڻيڪ ڪي ڳالهيون
آسان ۽ عام فهم ڪري ٿو، ليڪن لفظن جي انبار ۾ اهي
ڳجهارتون بنجي پون. اڄڪلهه مشغولين جي ڪثرت ڪري،
ماڻهو هر شيءِ تي سطحي نظر ڪرڻ جا عادي ٿي پيا
آهن. ڪنهن کي فرصت آهي ته لمبيون تقريرون ۽ ڊگها
خط پڙهي، انهن مان معني@ ۽ مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري؟
جيتري قدر مون سندن مذهبي ۽ سياسي نقطه نگاهن کي
سمجهيو آهي، ان جو لب لباس هيٺ ڏيان ٿو:
(1) دين اسلام کي هو آخري ۽ مڪمل مذهب سمجهي ٿو. (2) هو
انسانذات جي نجات ان جي پوئلڳيءَ مان ٿيڻ جو قائل
آهي (3) حقيقي اسلام جي صحيح تشريح ۽ تعبير صرف
سرزمين سنڌ مان ٿيڻ تي يقين رکي ٿو. (4) انهيءَ
تعبير جو جملي اولياءِ ڪرام سنڌ طرفان آخري مفسر
پير صاحب ڀرچونڊيءَ کي ڄاڻي ٿو. (5) هن جو چوڻ آهي
ته مولانا عبيدالله سنڌي پير صاحب ڀرچونڊيءَ جو
فيض يافته هو، تنهنڪري انهيءَ جي پيغام جي، شاهه
ولي الله دهلويءَ جي فلسفي ۽ حاصل ڪيل تجربي جي
بنا تي، هن صحيح ترجماني ڪئي آهي. (6) مولانا
عبيدالله جي ان ترجمانيءَ ۽ تعليم کي سمجهڻ لاءِ
جنهن روحاني ۽ علمي ڪليد جي ضرورت آهي، سا سندس
(يعني ميان محمد امين جي) هٿ ۾ ڏني ويئي آهي.
اهي اهڙيون دعائون آهن، جن ۾ هاڻوڪي دور جو مذهب کان
برگشته نوجوان ويساهه رکي، سا ڳالهه ذرا مشڪل نظر
اچي ٿي. ازانسواءِ روايتي مذهب جا دعويدار به ان
کي ايڏي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.
اڄڪلهه جي مذهب کان ڇرڪيل نوجوان جا سندس مٿي ذڪر ڪيل
خيالن بابت هيٺيان تاثرات ٿين ٿا:
(1) جنهن دين اسلام کي دنيا جو آخري ۽ مڪمل مذهب سمجهيو
وڃي ٿو، ان جي ترجماني ۽ تشريح اڪثري جاهل ملا ۽
وهم پرست پيرن طرفان پئي ڪيئي وئي آهي، جي اڪثري
حڪمران طبقي جا دواليبند ۽ پيٽ جا پوڄاري پئي رهيا
آهن. سندن دين جي تشريح چند عبادات، رسومات،
توهمات، ۽ قديم فرسوده اعتقادات ۽ قوانين شريعت
تائين محدود پئي رهي آهي، جا موجوده هنري ۽ سائنسي
دور جي بدليل معاشري، وقتي تقاضائن، نين علمي
کوجنائن ڪري بيڪار ۽ بي معنيٰ پئي ڏسڻ ۾ اچين.
(2) سنڌ جي درويشن ۽ بزرگن اڳي ڇا به ڪيو - برابر ملڪ ۽
ماڻهن جي رهبريءَ ۽ خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي، انهن جي
اصلاح ڪيائون: پر هن وقت انهن جا اڪثر جاءِ نشين
قديم روايات ۽ ”پيغام سنڌ“ وساري، درگاهن کي
پنهنجي گذر معاش، هوس پرستي، اقتدار ۽ معتبريءَ جي
حصول لاءِ ڪتب آڻي رهيا هئا. انهن جو اهو گروهه
بيڪار ۽ نقصانڪار بنجي چڪو هو. هن زماني ۾ روحانيت
جي نالي ۾ ماڻهن کي وري ان طرف رجوع ڪرائڻ، رجعت
پسنديءَ جي اڏن کي تقويت پهچائڻ جي برابر هو.
(3) مذهبن جو رول اڳئين زماني ۾ ڪهڙو به رهيو هجي، هن
وقت اهي ماڻهن ۾ نفاق، نفرت، فرقه پرستي ۽ رجعت
پسندي ڦهلائي، عقل کان منحرف ڪرڻ جا ذريعا بنجي
چڪا هئا. اهي چند ڪتابن،بزرگن جي صداقت ۽ معصوميت
۾ ويساهه رکائي، ملا ۽ پير جي عوام مٿان تسلط قائم
رکڻ جا ذريعا ٿي ڪم اچن ٿا. ترقي پسند، صاحب علم
نوجوان سمجهي نٿو سگهي ته اهڙي قسم جي مذهب مان
انسانذات جي نجات ڪهڙيءَ طرح حاصل ٿي سگهي ٿي.
(4) هنن کي ميان محمد امين کوسي جي اها دعويٰ ته اسلام
جي صحيح تعبير ۽ تشريح سرزمين سنڌ مان ٿيڻي آهي،
ان جو آخري پيغام رسان پير صاحب ڀرچونڊي ۽ ترجمان
مولانا عبيدالله آهي، سمجهڻ ذرا ڏکيو پيو لڳي -
خصوصا جڏهن ڏسن پيا ته پير صاحب ڀرچونڊيءَ جا
موجوده پوئلڳ انهيءَ تعليم جو صحيح نمونو پيش نٿا
ڪن.
(5) مولانا عبيدالله بيشڪ موجوده دور جي عالمن ۾ جليل
القدر بزرگ ٿي گذريو آهي. ليڪن هن ولي الاهي فلسفي
جي بنياد تي جيڪا اسلام جي نئين تعبير ڪئي آهي، سا
موجوده دور جي مذهبي عالمن، جهڙوڪ علامه شيخ محمد
اقبال، علامه مولانا ابو العلي مودودي ۽ ٻين جي
تشريح ۽ قديم روايتي اسلامي تعبير کان مختلف هئي.
ازانسواءِ خود اها تشريح به موجوده هنري ۽ سائنسي
دنيا جي معلومات ۽ ضروريات جي ڪسوٽيءَ تي ٺهڪي نٿي
اچي.
(6) کوسي صاحب کي، سندس ڪثرت گفتگو مذهب، سياست ۽
روحانيت جي متضاد تشريحن جي موجودگيءَ ۾ اڄڪلهه جو
نوجوان مذهب، روحانيت ۽ سياست جو ڪليد بردار تسليم
ڪري، اها اهڙي ڪڙي گولي آهي، جا ڳهڻ هن لاءِ مشڪل
پئي نظر آئي.
کوسي صاحب هاڻ جا نئين کوجنا ۽ دعويٰ ڪئي آهي، سا هيٺين
طرح آهي:
(1) مذهب جي غلط تشريح ۽ ان جي استعمال غرضي (ايڪسپلاٽيشن) ڪري
دهريت جي زور وٺي وڃڻ کان بچاءُ ڪرڻ لازمي آهي.
(2) مذهب ۽ روحانيت جي عدم موجودگيءَ ۾ اتحاد ۽ امن عالم جو
حصول مشڪل ٿي پوندو.
(3) اتحاد ۽ امن جي غير موجودگيءَ ۾ دنيا ترقي جي عيوض تباهيءَ
ڏي وڃي رهي هئي.
(4) انهيءَ عالمي مشن جي سرانجاميءَ لاءِ سرزمين سنڌ کي خاص
پيغام ڏيڻو هو.
(5) انهيءَ پيغام پکيڙڻ لاءِ سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ ذهني
آزاديءَ جي ضرورت هئي.
(6) اها آزادي پاڪستان جي مضبوطي ۽ حفاظت جي عيوض ضمانت هئي.
(7) ايشيائي ۽ آفريڪا ئي ملڪن جي آزادي، اتحاد، امن ۽ ترقي لاءِ
هندستان ۽ پاڪستان جي باهمي سمجهوتي جي از حد
ضروري هئي.
(8) ايشيائي ۽ آفريڪائي ملڪن جي آزادي ۽ ترقي امن عالم جي ضامن
هئي.
(9) انهن ڪمن جي سرانجام اسلام جي چوڏهن سو ورهين جي مشن جو
مقصد هئي.
(10) انهن سمورن ڪمن جي سرانجاميءَ جو بار، بقول کوسو صاحب، سنڌ
جي ولين، بزرگن ۽ قدرت طرفان مون تي يعني جي ايم
سيد تي رکيو ويو هو.
ءِ آسمان بار امانت نتوان ڪشيد، قرعه فال بمن ديوان زدند“)
اهي اهڙيون دعوائون آهن، جن جي صداقت ۽ صلاحيت ۾ عوام ۽
خاص کي اعتبار اچي، سو ته مشڪل پيو نظر اچي. مون
لاءِ ته اها ڳالهه ڪرڻ به پنهنجي پاڻ تان مذاق ڪرڻ
کان گهٽ ڪانهي. مون کي پنهنجي عيبن ۽ ڪمزورين جي
مدنظر کوسي صاحب کان اها ڳالهه ٻڌندي ڊپ وٺيو وڃي.
هاڻ اچو ته سندس انهن ڪمن جي سرانجاميءَ لاءِ سندس رٿيل
طريقه ڪار تي نظر ڪريون.
(1) سياست عمليءَ جي جٿابندين ۽ خلفشارن کان علحده تي هڪ گڏيل
ڪلچرل پليٽ فارم تيار ڪجي، جتان انهيءَ پيغام جي
مشتهري ڪجي.
(2) مٿي ذڪر ڪيل سنڌي بزرگن طرفان سنڌ جي پيغام کي سندن مرڪزن
تان، نئين زبان ۽ انداز ۾ پيش ڪري، عوام تائين
پهچايو وڃي.
(3) سنڌ جي قديم ۽ جديد هيرن ۽ قومي خادمن جي ڪارڪردگيءَ ۽
خدمات کي عوام تائين پهچايو وڃي.
(4) موجوده حڪومت سان مٿين ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول لاءِ تعاون
ڪري، ان جي نزديڪ اچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
(5) حڪومت خلاف موجوده سياسي پارٽين جي جمهوريت، مذهب ۽ مختلف
نعرن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ کان ڪنارو ڪجي: ڇاڪاڻ ته هن
جي راءِ موجب، نه انهن جمهوريت جي علمبردارن، نه
مذهبي مهندارن جون روايتون ۽ ڪارناما اهڙا هئا، جن
مان سنڌ جي مشڪلاتن جو حصل حاصل ٿي سگهڻ وارو هو.
(6) هن کي جنرل محمد ايوب جي صلاحيت ۾ ويساهه ويٺل هو. سمجهي ٿو
ته سٺيءَ صلاح ۽ مشوري سان کيس سندس موجوده ماحول
۽ پابندين کان آجو ڪري، هن کان وڏا ڪم ڪرائي سگهجن
ٿا.
(7) هو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي موجوده دور جو سنڌ، پاڪستان ۽
ڀارت جو بهترين مفڪر، ايماندار ۽ مدبر سياستدان
سمجهي ٿو. سندس خواهش آهي ته ڪهڙيءَ به طرح شيخ
صاحب کي باز آڻي، سندس مٿي ذڪر ڪيل پاليسيءَ مطابق
ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪري.
(8) هو مرحوم الهه بخش کي مسلم ليگ جي متابعت نه ڪرڻ، هندستان
جي ورهاڱي جي مخالفت ڪرڻ“ مسلمانن جي جداگانه قومي
نظريي ۾ اعتاد نه رکڻ، سنڌ کي آل انڊيا سياسي
جماعتن جي آکاڙي ٿيڻ جي پاليسيءَ کان بچائڻ جي روش
اختيار ڪرڻ سبب بهترين سياستدان ڄاڻي، ان کي سنڌ
جي خادم سياستدان جو نمونو ماڊل بنائڻ گهري ٿو.
(9) هو سندس ڳوٺ عزيز آباد کي سنڌي نوجوان ڪارڪنن جي تربيت لاءِ
آشرم (خانقاهه) بنائڻ جو خواهشمند آهي - جهڙيءَ
طرح مهاتما گانڌيءَ سا برمتي ۽ وارڌا کي آشرم
بنايو هو.
اهي ڳالهيون آهن، جي هن مون ڏانهن سندس لکيل مختلف خطن
۾ ظاهر ڪيون آهن. انهن خطن کي مون کان سواءِ نه
ڪنهن پڙهيو آهي، نه ڪو شايد انهن کي پڙهڻ لاءِ
تيار ٿئي. ان لاءِ عام ماڻهو ڪهڙا رايا رکن ٿا،
ان لاءِ مثال طور هيٺ ٻن صاحبن جا رايا ملاحظي
لاءِ درج ڪريان ٿو.
محترم ميان حيدر بخش جتوئي هڪ دفعي مون وٽ ملاقات لاءِ
آيل هو: ان وقت ميان محمد امين کوسي جي خطن جو
بنڊل ٽپال ۾ آيل هو. انهن مان مختصر لب لباب کيس
ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيم. هن جواب ڏنو ته ءِ مون سمجهيو
هو ته گذريل ساڍن ستن سالن جي نظربنديءَ جي عرصي ۾
ڪيل مطالعي، غور ۽ فڪر بعد ڪو عقل پرايو هوندو پر
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته توکي ڪجهه به عقل نه آيو آهي.
ههڙيءَ خلافات جي طويل خطن پڙهڻ“ خلاف عقل ۽ شيخ
چليءَ جهڙين ڳالهين طرف توجهه ڪرڻ مان توکي آخر
ڪهڙو ٿو فائدو ٿئي! خبردار، جيئن اڳي منڌل خيالن ۽
غلط جذبات جي بنياد تي ڪي اهڙا ڪم ڪيئي، جن جون
ڪيتو تون ۽ اسان لوڙي رهيا آهيون، تيئن متان ڪا
وري ٻئي دفعي اهڙي غلط ڪئي اٿئي!“
ٻئي دفعي سيد ميان خير شاهه نواب شاهه وارو مجلس ّ۾
ويٺو هو، ته مون کي هڪ وڏو بنڊل خطن جو سوين صفحن
تي مشتمل مليو. مون ڪجهه پڙهي ان جو اختصار کيس
ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. جواب ڏنائين ته ”ميان محمد
امين کوسو واندو آهي، جو هر هفتي سوين صفحن جا خط
تو ڏي موڪلي ٿو. تون به واندو آهين، جو اهي غور
سان پڙهين ٿو. ٻيئي پنهنجو قيمتي وقت اهڙي طرح
ضايع ڪري رهيا آهيو. اهو اوهان جو ڪم آهي. ماڻهو
ناول پڙهڻ ۾ واندڪائيءَ جي وندر لاءِ ڪيترو وقت
صرف ڪن ٿا. جي اوهان به انهيءَ نقطه نگاهه کان وقت
صرف ڪندا ڪريو ته فڪر نه آهي: پر توکي هڪڙو عرض
ڪري ٿو ڇڏيان ته متان تون انهيءَ ڌوڪي ۾ چي ته
واقعي سنڌ، پاڪستان، ڀارت، ايشيا ۽ آفريڪا جي
معاملات سلجهائڻ جي واڳ، بقول کوسي صاحب، سنڌ جي
درويشن ۽ بزرگن طرفان تنهنجي حوالي ٿي ويئي آهي ۽
تون واقعي انهيءَ پد تي پهچي ويو آهين. اها ڳالهه
شيخ چليءَ جي هوائي قلعن جي برابر ٿيندي.
توکي تاريخ مان سبق وٺڻ گهرجي ته علامه شيخ محمد اقبال
اهڙن ئي هوائي خيالن جي بنياد تي هندستان جي پٺتي
پيل مسلمانن کي وحدت خيال ۽ عمل تي بنيل قوم قرار
ڏيئي، کين دنيا جي رهبريءَ ۽ امانت جو حقدار
بنائي، جدا ملڪ وٺڻ جي ترغيب ڏني. توکي خبر آهي ته
گذريل چاليهه سالن ۾ عوام ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ خواص کي
سندن قومي فرض ادائي کان واقف ڪرڻ لاءِ تو ۽
تنهنجي ٻين ساٿين ڪيڏا نه ڪشالا ڪاٽيا، محنت ۽
مزدوري ڪئي! ليڪن وريو ڪجهه به ڪونه آهي.
سنڌين جي مٿانهين طبقي، جنهن ۾ پير، سيد زميندار،
ڪامورا ۽ واپاري اچي وڃن ٿا. تن نه خود مطلبي ڇڏي
آهي نه قوم شناسيءَ جو جذبو پيدا ٿيو اٿن. منجهن
بزدلي ۽ بي غيرتي گهر يڪري ويون آهن. خانه جنگيءَ
ڪري هزارن ورهين جي ميراث يعني سنڌ هٿن سان وڃائي
ويٺا آهن. اڃا تائين کين ڪيل گناهن ۽ حرڪتن جو
احساس پيدا ڪونه ٿيو آهي. ”چري ڪيئن چي ويران وير
وڌ“ - هر روز حڪمران طبقي جي خوشنوديءَ لاءِ هڪٻين
تي چڙهت ڪري رهيا آهن. عوام اهڙي خواب خرگوش ۾ ستل
آهي، جو باوجود مٿي ذڪر ڪيل حرڪتن جي، انهيءَ
طبقي جا پوئلڳ ٿيا وتن، اهڙيءَ حالت ۾، ان لشڪر جي
آڌار تي تون ۽ ميان محمد امين کوسو سنڌ جي وجود
بحال ڪرائڻ، ۽ پاڪستان ۽ هندستان کي سمجهوتي تي
آڻڻ، ايشيائي اتحاد ۽ امن قائم ڪرائڻ ۽ انسانذات
کي تباهيءَ کان بچائڻ جي خوش فهميءَ ۾ مبتلا نه
ٿجو! درويشن جون دعائون ڪنهن ڪم نه اينديون. متان
ائين سمجهيو اٿئي، ته واقعي اوهان ۾ اهڙي قوت پيدا
ٿي ويئي آهي! تون سنڌ خاطر ساڍا ست سال جيل ۽
نظربنديءَ ۾ رهئين ڪنهن ماڻهوءَ آواز ڪڍيو، ته
اخبارن اکر لکيو، وڏا ماڻهو، باوجود، دوستيءَ جي
دم جي تنهنجي نزديم اچڻ کان به پيا ڊڄڻ ته متان
اها ڳالهه سندن آقائن جي ناراضگيءَ جو باعث بنجي.
سنڌي مختلف گروهن ۾ ورهايا پيا آهن. هڪڙا خود
مطلب، بزدل ۽ بي غيرت آهن، بيا ملا جي آڱر سان ٻڌا
پيا آهن، جن کي مذهب جي نالي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.
ٽيان مٿين ٻنهي گروهن جي ردعمل ۾ مذهب کان بيزار ٿي،
دهريت ۽ ڪميونزم ۾ ملڪ جي نجات ڏسن ٿا. اهي ٽيئي
گروهه هڪٻين کان ايترو پري ۽ متضاد آهن، جو انهن
جو اختلافن کي پاسي رکي، ڪن گڏيل مقصدن خاطر هڪ
پليٽ فارم تي گڏجي، صلاح مصلحت ڪرڻ ۽ اختلافن جي
باوجود باهمي رواداريءَ جو سلوڪ اختيار ڪرڻ، مشڪل
نظر اچي ٿو- اين خيال ست و محال ست وجنون.“
ليڪن اهڙن صريح ۽ واضح نصيحتن ۽ هدايتن هوندي به، مون
ساري ۽ سنڌ جي اڪثر مکيه درگاهن جي زيارت ڪري،
انهن جي مرڪزي جاذبيت کي ملڪ ۽ قوم ۾ احساس
خودشناسيءَ، اصلاح نفس ۽ اخلاقي درستگيءَ لاءِ
مرڪز ڪري ڪتب آڻڻ لاءِ سروي ڪئي ۽ بزم صوفيائي سنڌ
جي قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيم. ڪي دوست اڃا تائين مون
کي چئي رهيا آهن ته اهي درگاهون سندن موجوده حالت
۾ پير پرستيءَ هوس پرستيءَ ۽ جهالت جا اڏا ٿي ڪم
اچي رهيون آهن. منجهائن روحانيت، قوم پرستيءَ، خود
شناسيءَ، اتحاد، امن ۽ ترقيءَ جا ڪم حاصل ٿيڻ مشڪل
مسئلو آهي: ليڪن باوجود ان جي انهيءَ نئين تجربي
جي آزمائش لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪي ماڻهو بيماريءَ يا ڪنهن
تڪليف ۾ ڦاسن ٿا، علاج ۽ حيلن مان ڪو فائدو حاصل
نٿو ٿئين ته دعائن ۽ لڪل مافوق الفطرت طاقتن طرف
رجوع ٿين ٿا. ان مان اگر جسماني صحت يا فائدو حاصل
ڪري نٿا سگهن، ته نفسياتي تسڪين حاصل ڪن ٿا. ائين
پيو ٿئي ۽ ٿيندو آيو آهي. شاهه صاحب اهڙين حالتن
لاءِ چيو آهي ته:
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا،
تهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا!
ويچاريءَ واري، وڌا ڪم ڪريم تي!
جڏهن ظاهري اسباب سامهون آيل مصيبتن ۽ مشڪلاتن مان نجات
حاصل ڪرڻ جا مفقود ڏسڻ ۾ اچن ٿا، چو طرف اوندهه
اونڌوڪار پيئي نظر اچي ته ان وقت نوان حيلا وسيلا
ڳولڻا پون ٿا، تاريخ شاهد آهي ته جڏهن ڪن شخصن يا
قومن جي ترقيءَ جي راهه ۾ ڪي پهاڙ آڏو اچيو وڃن،
ته ڪن شخصن يا قومن جي ترقيءَ جي راهه ۾ ڪي پهاڙ
آڏو اچيو وڃن ته انهن مان ڪيترا عام راهون ۽ رستا
ڇڏي، نيون راهون ۽ رستا اختيار ڪري، زندگيءَ جي
جدوجهد کي ڪنهن نه ڪنهن نموني قائم رکيو اچن. شاعر
چيو آهي ته ”اگر کهو گيا اڪ نشيمن تو ڪيا غم،
مقامت آه وفغان اور بهي هين“، اسان پڻ بنهه ساڳئي
دور مان گذري رهيا آهيون، اسلام، پاڪستان، مسلم
قوم جي نالي ۾ اسان جي هزارن ورهين جي قومي
روايات، حاصلات، آزادي ۽ ڪلچر جي تباهيءَ جا جملي
اسباب اچي ڪٺا ٿيا آهن. داد رسيءَ جا آئيني طريقا
ختم ٿي چڪا آهن. غير آئيني رستا ٿيا آهن. داد
رسيءَ جا آئيني طريقا ختم ٿي چڪا آهن. غير آئيني
رستا بدامنيءَ جو باعث آهن. ازانسواءِ نه اسان ان
لاءِ تيار آهيون نه توفيق اٿئون. هن وقت اسان لاءِ
صرف ڪلچرل پليٽ فارم بچيو آهي، جنهن تان عوام ۾
خودشناسيءَ، همت، حب الوطنيءَ، محبت، امن ۽ انصاف
جو پيغام پکيڙي سگهون ٿا. ان ۾ حڪمران طبقي جي
مفاد سان سڌو ٽڪر نٿو ٿئي. حاڪم ڪير به هجي اسان
کي ان ۾ ڪا دلچسپي نه هئڻ گهرجي. اسان کي صرف
اصلاح نفس، ذهني تربيت ۽ اخلاق جي درستيءَ لاءِ ڪم
ڪرڻ گهرجي.
موجوده دور ۾ سر سيد احمد خان اعليٰ مذهبي ۽ سياسي
مجتهد ٿي گذريو آهي. هن جڏهن محسوس ڪيو ته انگريزي
حڪومت انتظامي صلاحيت، علم، سائنس ۽ جديد اسلح ڪري
مضبوط ۽ مستحڪم ٿي چڪي هئي ۽ انهن کان سياسي ميدان
تي جنگ کٽڻ جو ترت ڪو امڪان نظر نٿي آيس، ته
باوجود حريت پسند ديوبندي گروهه طرفان مٿس بزدليءَ
۽ غلاميءَ جي طعني ۽ الزام لڳڻ جي، هن مسلمانن جو
سمورو توجهه انگريزي تعليم پرائڻ، ۽ پنهنجي ڪلچر
جي بچائڻ طرف ڏياريو. پاڪستان اڄ ان جو نتيجو آهي.
مهاتما گانڌيءَ جڏهن به ڏٺو يٿي ته حڪومت جي سختي
قومي ڪارڪنن جي همت ۽ حوصلو ڪمزور ڪري ٿي ڇڏيو،
ته هن يڪدم طريقه ڪار بدلي، سياست کان ڪناره ڪشي
ڪري، سوشل فارم، اڇوته جي اصلاح، ايڪانامڪ ترقي ۽
صحت عام طرف توجهه ڏنو ٿي.
تعداد ۾ اسان گهٽ آهيون. علم، اخلاق، يڪجهتي، خود
شناسيءَ سرمايي وغيره ۾ پوئتي پيل آهيون. جمهوريت
جو قيام ڪهڙيءَ طرح ترت اسان جي جملي مسئلن جو حل
ٿي سگهي ٿو! جيستائين اسان قوم جي ڪلچرل تاڃي پيٽي
کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي آهي، تيسين اسان
پراڻن آزمايل سياسي پيچرن سان قومي منزل مقصود تي
پهچي ڪين سگهنداسون.
اسان جي سياست هن وقت تائين قومي خدمت، عوام جي ڀلي ۽
ملڪ جي ترقيءَ لاءِ نه پئي رهي آهي، بلڪه شخصي ۽
طبقاتي مفاد لاءِ پئي ڪتب آندي ويئي آهي. ان اسان
۾ نفاق، بزدلي ۽ خود مطلبيءَ جي موتمار عيبن کي
پئي پيدا ڪيو ۽ وڌايو آهي.
اهي ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون آهن، جن مون کي هن مجذوب
سنڌيءَ جي ڳالهين تي غور ۽ فڪر لاءِ ترغيب ڏياري
آهي.
آءٌ يا ٻيو ڪوبه اڪيلو ڪجهه ڪري نٿو سگهي. مون کي ملڪ ۽
قوم جي مستقبل لاءِ ترقي پسند اديبن ۽ عوام ۾
اميدون آهن.
محمد امين کوسو اسان جي مخلص قومي ڪارڪنن مان آهي. سندس
زندگيءَ جي احوال پيشه ڪرڻ ۾، انهيءَ جي نقطه
نگاهه کي، سندس جملي خوبين ۽ خامين سان ظاهر ڪيو
اٿم، هاڻ اهو ماڻهن تي ڇڏيل آهي، ته ان کي ڪهڙي ٿا
رنگ ۾ وٺن.
7- مولانا ميان عبدالڪريم ميان عبدالله چشتي
(شڪارپور)
هي صاحب سنڌ جي مکيه قوم پرست ڪارڪنن مان ٿي گذريو آهي، جنهن
ڪانگريس، خلافت تحريڪ ۽ اوائلي مسلم ليگ ۽ هوم رول
ليگ ۾ ڪم ڪيو هو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هي ڪيترا
دفعا جيل ۾ ويو. ازانسوا”، هو بهترين ڳالهائيندڙ،
اعليٰ اديب، خوش خلق، خادم خلق، سچو دوست، اعليٰ
صحافي ۽ واعظ الاسلام هو.
مون سان سندس تعلقات 1929ع کان ٿيا. جڏهن آءٌ ضلعي لوڪل
بورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد ڳوٺ سڌار
هلچل کي زور وٺائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي گشت ۾ ويل هوس.
هي مون سان ٺٽي کان سجاول، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن
جي دوري ۾ شريڪ هو. پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت ڪري
حاضرينن تي گهڻو اثر وڌو هئائين.
مرحوم جا ڪيترا خط مون وٽ محفوظ آهن. هي سندس زندگيءَ
جو احوال، ذاتي معلومات ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي سوانح
نمبر ۾ لکيل ميان شهاب الدين چشتيءَ جي احوال، ۽
ميان يار محمد ٽانوريءَ، سنڌ جي عمدي اديب (متوفي
20 مئي 1966ع) جي ”نئين زندگي“ (مئي 1964) ۾ لکيل
احوال ۽ پروفيسر لطف الله بدويءَ جي جون مهيني
1964ع جي ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڏنل احوال تان قلمبند
ڪريان ٿو.
شخصي زندگي: مولانا چشتي، بقول ميان شهاب الدين چشتي،
1898ع ۾، ۽ بقول ميان لطف الله بدوي 1896ع ڌاري
شڪارپور جي شهر ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو ميان
عبدالله هو. جو نهايت نيڪ، عابد ۽ پرهيزگار شخص
هو. هن جي وڏي ڏاڏي جو نالو ميان صاحبڏنو هو جو
ميان محمد امين شاهه چشتيءَ جي خليفن مان هو، ان
ڪري ئي ميان عبدالڪريم کي چشتي سڏائيندو هو.
|