8- مسٽر عبدالستار ولد ميان عبدالرحمان پيرزادو
(سکر)
پيرزادو صاحب سنڌ جي موجوده پارليامينٽري سياستدانن ۾
مکيه درجو رکي ٿو. پاڪستان آئين ساز اسيمبلي ۽
مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ هن جيڪو اهم پارٽ ادا ڪيو
سو لائق ستائش آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ۽ مغربي پاڪستان
اسيمبلي ۾ هن جي شخصيت هميشه حاوي رهندي هئي. سندس
مقابلي جو ٻيو ماڻهو اتي ڪونه هو. اسيمبلي اندر
پارليامينٽري ڪاروبار لا”، هي اهڙي لياقت رکي ٿو،
جنهن جهڙا فرد ڇٽا ٿيندا.
هي سکر شهر جي مشهور معروف ولي الله شاهه خيرالدين عليه
الرحمت جي درگاهه جي پيرزادن جي خاندان مان آهي.
جي پراڻي سکر ۾ گهڻي وقت کان خاص خانداني حيثيت،
طاقت ۽ لڳ لاڳاپو رکندا آيا آهن. هن جي والد ميان
عبدالرحمان کي ٽي فرزند ٿيا:(1) حاجي ميان
عبدالرزاق(2) مسٽر عبدالستار ۽ (3) مسٽر عبدالغني.
ميان عبدالستار پراڻي سکر ۾ 4 جولاءِ 1907ع تي ڄائو هو.
ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي سنڌي اسڪول ۾ ورتائين.
سيڪنڊري تعليم پهريائين ميولس اي وي اسڪول ۾
ورتائين پوءِ تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر منجهان
1923ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. انٽر آرٽس،
ميٿميٽڪس ۾ امتيازي درجي سان 1925ع ۾ پاس ڪيائين.
آگسٽ 1927ع ۾ انگيلنڊ تعليم لاءِ روانو ٿيو، جتي
لنڊن يونيورسٽي ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس ۾ ڊگري ڪورس
واسطي “"لنڪنس ان" ۾ بار لاءِ داخل ٿيو. هن اتي
1929ع ۾ بار جا امتحان ڏنا ۽ جولاءِ 1930ع ۾
بارسٽر ٿيو. ڊسمبر 1930ع ۾ موٽي آيو ۽ جڊيشل ڪمشنر
جي ڪورٽ مان سند وٺڻ بعد سکر ۾ وڪالت ڪرڻ شروع
ڪيائين.
پهريان چا رسال هي سمورو وقت پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾
مشغول رهيو. 33-1932ع ۾، هي اسسٽنٽ پبلڪ
پراسيڪيوٽر سکر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ 38-1937ع ۾ هڪ سال
لاءِ جيڪب آباد ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو.
1934ع ۾، هي سکر ميونسپالٽيءَ ۾، ميمبر چونڊجي آيو
۽ ميونسپل اسڪول بورڊ سکر جو چيئرمين چونڊيو. ٻئي
سال سکر ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو
ويو.
سنڌ جدا ٿيڻ بعد، سنڌ اسيمبلي جي چونڊن ۾ هي سکر تڪ مان
چونڊجي آيو. ابتدا ۾ هي سر غلام حسين وزارت جو
مددگار ميمبر ٿي رهيو. 1938ع ۾، سر غلام حسين جي
وزارت کي شڪست آئي ۽ الهه بخش وزارت قائم ٿي ته ان
۾ هن کي چيف پارليامينٽري سيڪريٽري ڪري کنيو ويو.
1940ع۾ سکر منزلگاهه مسجد واري سوال تان الهه بخش
وزارت کي شڪست آئي ۽ مير بنده علي خان جي وزارت
قائم ٿي. هي الهه بخش سان گڏ مخالفت ۾ رهيو. وري
جڏهن 1941ع ۾ مير بنده علي خان جي مسلم ليگ وزارت
کي شڪست ملي ۽ الهه بخش وزارت قائم ٿي ته ان ۾ هن
کي وزير ڪري کنيو ويو. پبلڪ ورڪس، ايريگيشن ۽ صحت
جا کاتا هن جي چارج ۾ هئا. سيپٽمبر 1942ع تي، خان
بهادر الهه بخش، ڪانگريس جي ڪئٽ انڊيا تحريڪ جي
سلسلي ۾ برٽش حڪومت طرفان سختيءَ جي پاليسي اختيار
ڪرڻ تي صداي احتجاج ڪندي پنهنجا لقب سرڪار کي واپس
ڪيا. ان تي سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. سر غلام
حسين وزارت ٺاهي، جنهن ۾ پيرزادي صاحب کي نه کنيو
ويو. مئي 1943ع الهه بخش مرحوم شهيد ٿيو. ان کان
پوءِ هي ڪجهه وقت لا”، سياست طرف گهٽ توجهه ڏيئي،
پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾ مشغول رهيو.
1945ع تائين هي مسلم ليگ کان ٻاهر رهيو. سال جي آخر ۾
نئين چونڊن لاءِ تياريون ٿيڻ لڳيون. ان وقت
ڪانگريس کان سوا”، ڪابه پارٽي مخالفت ۾ نه هئي، ان
ڪري هي به مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ويو. جنوري 1946ع جي
چونڊن ۾ هي مسلم ليگ ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊجي
آيو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن سر غلام حسين جي
وزارت لوڏي ۾ آئي ته هن کي تعليم، لوڪل سيلف
گورنمينٽ ۽ قانون جا کاتا ڏيئي وزير مقرر ڪيو ويو.
ساڳئي سال ۾ هو مسلم ليگ طرفان آئين ساز اسيمبلي
تي ميمبر چونڊيو ويو، جتي هي"پبلڪ پرنسلپلس لا
ڪميٽي" جو چيئرمين ٿي رهيو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ
اسيمبلي ۾ وزارت کي اڪثريت نه ٿي. گورنر ٻي پارٽي
کي وزارت ٺاهڻ جي چانس ڏيڻ کان سواءِ نئين سر
چونڊون ڪرايون. انهن ۾ وري هي چونڊجي آيو ۽ سر
غلام حسين جي وزارت ۾ وري دوباره وزير مقرر ٿيو.
هن دفعي روينيو ۽ قانون جا کاتا سندن حوالي ڪيا
ويا. ان وقت هن 57 نوان بل پاس ڪرايا جن مان سنڌ
يونيورسٽي جو بل به هڪ هو. هن موجوده سنڌ ڪوڊ تيار
ڪرايو جنهن ۾ سڀ قانون نئين سر سڌاريا ويا هئا. 14
آگسٽ 1947ع تي پاڪستان بنجڻ تائين ان جاءِ تي وزير
رهيو. ان کان پوءِ سر غلام حسين کي سنڌ جو گورنر
مقرر ڪيو ويو ۽ خان بهادر کهڙي سنڌ جي وزارت ٺاهي.
ان ۾ پيرزادي صاحب کي شامل نه ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1947ع تي، هن کي اقوام متحده ۾ پاڪستان طرفان
موڪليل نمائندن ۾ شامل ڪيو ويو، جتان ڊسمبر ۾ واپس
آيو. سگهوئي هن کي مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير ڪري
رکيو ويو. جتي فوڊ، زراعت ۽ صحت جا کاتا هن جي
حوالي رهيا. مسٽر منڊل جي ڀارت وڃن بعد هن کي هيلٿ
کاتي جي عيوض قانون جو کاتو مليو. مرڪزي وزارت ۾
گورنر جنرل مسٽر غلام محمد خان جي هٿان سر ناظم
الدين جي وزارت جي ڊسمس ٿيڻ تائين هو رهندو آيو.
مرڪزي وزارت جي ڏينهن ۾ پڻ هن ڪيترائي قانون پاس
ڪرايا.
اپريل 1953ع تي سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ٿيون ان ۾ خان
بهادر کهڙو قاضي فضل الله، غلام نبي خان پٺاڻ
وغيره، پروڊا ڪري ميمبر چونڊجي نه سگهيا. مسلم ليگ
پارٽي ميمبرن جي اڪثريت چونڊجي آئي هي اسيمبليءَ
جو ميمبر ڪونه هو پر مير غلام علي خان جي مدد سان
کي هن کي پارٽي جو
ليڊر چونڊي، وزيراعليٰ ڪيو ويو. 23 مئي 1953ع تي هن اها چارج
ورتي ان وقت آءُ ۽ ٻيا ڪي دوست متحده محاذ طرفان
چونڊجي آيا هئاسون ۽ مخالفت ۾ ويٺاسون. هن جو رويو
مخالفن سان همدردانه رهيو سندس مدد سان اسان ڪراچي
موٽائي سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرائي
سگهياسون. اهڙي طرح سنڌين جي حقن جي درخواست
اسيمبلي کان پاس ڪرائي. مرڪزي حڪومت کي موڪليسون.
سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي ٺهرائڻ جي تجويز به ان
وقت ۾ پاس ڪرائي سگهياسون. هن سنڌ ادبي بورڊ لاءِ
ڏهه لک ۽ شاهه لطيف ڪلچرل مرڪز لاءِ حڪومت طرفان
پنجويهه لک روپيه منظور ڪيا، جي پوءِ ون يونٽ ٺهڻ
ڪري نه ملي سگهيا. 1954ع ۾ سندس وزارت جي ٽن وزيرن
قاضي محمد اڪبر، سيد علي محمد شاهه راشدي ۽ خان
صاحب غلام رسول ڪيهر، ڪن ڳالهين تان ناراض ٿي
بغاوت ڪئي ليڪن هن مرڪزي حڪومت جي مشوري سان وزيرن
جو تعداد وڌائي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي ۽
ٽنهين وزيرن کي ڊسمس ڪري ڇڏيو. انهي وقت ڌاري آئين
ساز اسيمبلي جي بنيادي حقن واري ڪميٽي اڳيان مغربي
پاڪستان جي صوبن کي ملائي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جي
تجويز پيش ٿي. هن ان جي مخالفت ڪئي ۽ رٿ ڪري پئي
رٿ جي فائدي ۾ صرف ٽي ووٽ ٿيا. گورنر جنرل مسٽر
غلام محمد پوءِ زوري ان تجويز کي پاس ڪرائڻ لاءِ
رٿون رٿڻ لڳو. ان وقت مسٽر غلام محمد ولايت ويل هو
۽ سندس غير حاضري ۾ آئين ساز اسيمبلي، گورنيمنٽ آف
انڊيا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري، گورنر جنرل کان ڪجهه
اختيار کسي ڇڏيا. ولات کان واپس اچڻ بعد هن
پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي کي ڊسمس ڪري ڇڏيو.
تنهن کان پوءِ ون يونٽ کي ٺاهڻ لاءِ هن مغربي
پاڪستان جي صوبن جي سڀني وزيراعظمن جي ڪانفرنس ان
مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ گهرائي. ان ڪانفرنس ۾
پيرزادي ون يونٽ يا زونل فيڊريشن ٺاهڻ جي مخالفت
ڪئي. نومبر 1954ع ۾ هن تي مرڪزي حڪومت طرفان زور
پيو ته ون يونٽ جو ٺاهڻ قبول ڪر يا استعيفا ڏي. هن
پنهنجي پارٽيءَ ۽ اسان کي گهرائي صلاح ڪئي جتي
سڀني کيس يڪراءِ چيو ته اسيمبلي جو اجلاس گهرائي،
ان کان ون يونٽ جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي، کين
موڪلي ڏي. اڃان هي انهيءَ اجلاس سڏائڻ جي تيارين ۾
هو ته هن کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو. هن ون
يونٽ قبول ڪرڻ يا استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان
تي هن کي 9 نومبر 1954ع تي ڊسمس ڪيو ويو، جنهن تي
هن اخبارن م پنهنجي راءِ بابت بيان ڏنو.
خان بهادر محمد ايوب کهڙو ان وقت پروڊا هيٺ سياست کان
ڊسڪئاليفاءِ ٿيل هو. گورنر جنرل ان کان ون يونٽ جي
فائدي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جو انجام وٺي سندس
ڊسڪئاليفڪيشن دور ڪري کيس وزيراعليٰ مقرر ڪيو جنهن
۾سيد علي محمد راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر وزير ڪري
کنيائين، ترت ئي مون کي جيل ۾ موڪليو ويو. خان
بهادر کهڙي حيدرآباد ۾ 21 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ
اسيمبلي جو اجلاس پوليس ۽ ايس پي آر جي پهري هيٺ،
گهرائي ان جي اسپيڪر مير غلام علي خان کي نظر بند
ڪري ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي ڳوٺ ڏانهن اماڻي ميمبرن
کان زوريءَ ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ٺهراءُ
جي مخالفت ۾ صرف چار ميمبر ويا. پيرزادو صاحب
اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. سگهوئي پوءِ مغربي پاڪستان
صوبو وجود ۾ آيو. ان جو وزيراعليٰ ڊاڪٽر خان صاحب
کي مقرر ڪيو ويو. کهڙو ۽ دولتانه صاحب ون يونٽ جا
معمار ان جي وزارت ۾ شامل ڪيا ويا. ٿوري وقت بعد
1956ع ۾، مغربي پاڪستان اسيمبلي جي ميمبرن جي اڻ
سڌيءَ طرح چونڊ ٿي. مسلم ليگ وارن ڊاڪٽر خان صاحب
جي عيوض سردار بهادر خان کي وزيراعظم چونڊڻ ٿي
گهريو. مرڪزي حڪومت طرفان ان جي مخالفت ٿي ۽ ڊاڪٽر
صاحب کي اجازت ڏني ويئي ته ميمبرن کي ڊپ ۽ لالچون
ڏيئي هر صورت ۾ پنهنجي وزارت مضبوط ڪري. مسلم ليگ
جي دور حڪومت کان ماڻهو تنگ اچي چڪا هئا ۽ سگهوئي
ڊاڪٽر خان صاحب کي اڪثريت حاصل ٿي ويئي سنڌ مان
سندس وزارت ۾ قاضي فضل الله، مير علي احمد خان ۽
پيرزادي صاحب کي کنيو ويو. پيرزادي کي قانون ۽
زراعت جو پونقوليو چارج ۾ ڏنو ويو. سندس وزير ٿيڻ
بعد اسيمبلي اندر پارليامينٽري ڪاروبار زياده تر
هي هلائيندو هو.
جيتوڻيڪ اسان مخالفت ۾ ويٺل هئاسون، پر وزارت کي شڪست
کان بچائڻ ۾ مدد ڪندا هئاسون. مسلم ليگ پارٽي ٻه
ٽي دفعا ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾
ناڪامياب ٿي ان تي مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي اسان
سان سازباز لاءِ گفتگو ڪئي اسان شرط وڌو ته ون
يونٽ ڊاهڻ جي ٺهراءُ کي پاس ڪرائڻ ۾ جي اسان جي
مدد ڪدنا ته اسان ساڻن شريڪ ٿي سگهنداسون ان تي
هنن لکت ۾ اسان سان اهڙو سمجهوتو ڪيو. جڏهن اهو
ٺهراءُ اسيمبلي اڳيان پيش ٿيو ته نواب گرماني،
گورنر مغربي پاڪستان، جي زور بار پوڻ تي، داڪٽر
خان صاحب ان ٺهراءُ جي مخالفت ڪرائي. پيرزادو
عبدالستار ان تي ناراض ٿي، هال ڇڏي ويو. ليڪن
اسپيڪر جي مدد سان اهو ٺهراءُ هنن ٽائيم اندر پاس
ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٽائيم پوري ٿيڻ ڪري ٺهراءُ
رهجي ويو. ان تي اسان مخالفن سان گڏجي ڊاڪٽر خان
صاحب جي وزارت جي مخالفت ڪئي جنهن تي هائوس ۾
ميجارٽي نه هئڻ ڪري گورنر کان اسيمبلي مهمل ڪرائي
ويئي. ڪجهه وقت حڪومت گورنر جي هٿ ۾ رهي. ان کان
پوءِ وري سردار عبدالرشيد جي هٿ هيٺ نئين وزارت
ٺهي، جنهن ۾ به پيرزادي کي وزير ڪري کنيو ويو.
انهي عرصي ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي طرفان ون
يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ ٻيهر مغربي اسيمبلي ۾ پيش
ٿيو. هن دفعي ريپبليڪن پارٽي اسان سان ٺهراءُ پاس
ڪرڻ جو لکت م سمجهوتو ڪيو هو. ٺهراءُ اچڻ بعد
قانوني حجت اٿاري ويئي ته اهو ٺهراءُ صوبائي
اسيمبلي اڳيان اچي نٿو سگهي. پيرزادي، وزير قانون
هئڻ ڪري راءِ ڏني ته اهو ٺهراءُ اچي سگهيو ٿي. ان
تي ٺهراءُ پاس ٿي ويو. 1958ع تائين هي مغربي
پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رهندو آيو. مارشل لا ملڪ
سان لاڳو ٿيڻ بعد هي سياست کان ڪناره ڪشي ڪري
وڪالت ڪري رهيو آهي.
سنڌ جي اڪثر سياست عمل جي پيرو سياستدانن وانگر هن پڻ
طاقت ذريعي خدمت ڪرڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي. ملڪ جي
ڪنهن قومي هلچل يا سياسي تحريڪ ۾ هن ڪو نمايان حصو
نه ورتو آهي ان ڪري هر ڪنهن گروهه جي وزارت ۾ هيءُ
شامل پئي رهيو آهي. باوجود گهڻو وقت طاقت ۾ رهڻ
جي، هيءُ اسيمبلين اندر پوئلڳ ميمبرن جو وڏو گروهه
پاڻ سان ڪٺو رکي نه سگهيو. ان جو مکيه سبب اهو چيو
وڃي ٿو ته پنهنجن کاتن سان تعلق رکندڙ سوالن کي
ترت فيصل ڪرڻ جي منجهس قوت نه هئي. ميمبرن کي راضي
ڪرڻ لاءِ هو حد کان ٻاهر نه ويندو هو. اڪثر ميمبر
ڪم جا يار هوندا آهن. صرف ڳالهيون کين راضي نه رکي
سگهنديون آهن ان کان سواءِ ٻيا وزير خصوصن قاضي
فضل الله ۽ مير غلام علي خان سدائين ميمبرن کي پاڻ
وٽ رهائي انهن کي کاڌا کارائيندا هئا. هي ان ڳالهه
۾ ڪشاده دست نه هو. هي ميمبرن جي هر گهر کي پوري
ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. زياده دور انديش هئڻ ڪري
سيڪريٽرين جي راءِ خلاف اڪثر حالتن ۾ فيصلو نه
ڪندو هو.
هيءُ هندستاني وڏي راڳ جو شوقين ۽ سنڌي ڪافين ۾ دلچسپي
وٺندو رهيو آهي. پاڻ به سٺو راڳ ڳائي ڄاڻي، باغن ۽
گلن ۾ خاص دلچسپي اٿس، پاڪستان باغن جي سوسائٽيءَ
جو پريزيڊنٽ رهي چڪو آهي کيس ان لاءِ آمريڪن
گارڊننگ انسٽيٽيوٽ کان ميڊل به مليل آهي. هيءُ
نازڪ ۽ محبت واري دل رکندڙ آهي ان ڪري خوف ۽
مشڪلات جي وقت ۾ ٿورو ڪمزور ٿيو وڃي. عمل جي ميدان
۾ جدوجهد بدران آسان رويءَ سان اڪثر زياده چاهه
ڏيکاريو اٿس.
9- قاضي فضل الله ولد قاضي عبيدالله صاحب
(نوشهرو: لاڙڪاڻو)
قاضي صاحب جو والد ميان عبيدالله پرائمري اسڪول جو
ماستر هو کيس چار فرزند ٿيا. (1) قاضي ميان
عبدالحڪيم، (2) قاضي ميان نورالدين، (3) حڪيم شمس
الدين احمد ۽ (4) قاضي فضل الله، انهن مان پهريون
نمبر فرزند 1911ع ۾ وفات ڪري ويو کيس اولاد ڪونه
ٿيو ٻيو نمبر فرزند ميان نورالدين حيات آهي،
زمينداري سنڀاليندو آهي: هن کي ٻه پٽ ۽ نياڻيون
آهن. ٽيون نمبر حڪيم ميان شمس الدين احمد صاحب سنڌ
جي چوٽيءَ جي حڪيمن مان ٿي گذريو آهي. 1919ع ۾
شروع ٿيل خلافت تحريڪ ّ ۾ حڪيم صاحب گهڻو بهرو
ورتو. صوبه سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ
ٿي رهيو هو. سندس اکر نهايت عمدا هئا، طب تي
ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، يار ويس ۽ فياض ڪارڪن هو،
کيس نرينو اولاد ڪونه ٿيو.
قاضي ميان فضل الله سڀني ڀائرن ۾ ننڍو آهي. هو 15 جنوري
1902ع تي نوشهري جي ڳوٺ ۾ جائو هو. ابتدائي تعليم
ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ وٺي سيڪنڊري تعليم ڇهن درجن
تائين نوشهري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ورتائين. پوءِ
سنڌ مدرسه ڪراچي مان 1920ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين اتان ساڳئي سال علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ
ويو. خلافت تحريڪ ڪري علي ڳڙهه يونيورسٽي جي ڪن
شاگردن مولانا محمد علي جي چوڻ تي علي ڳڙهه ڪاليج
کي انگريزن جي مددگارن جو اڏو سمجهي بائيڪاٽ ڪيو،
انهن شاگردن مان قاضي فضل الله به هڪ هو اتان هي
شاگرد اچي جامع مليه دهليءَ ۾ پڙهڻ لڳا، جن مان
ڪيترا 1921ع جي شروع ۾ مولانا محمد علي جي حڪم
موجب پڙهڻ ڇڏي اچي قطع تعلقات ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڪم
ڪرڻ لڳا. قاضي صاحب به انهي ڪري پڙهڻ ڇڏي 1923ع
تائين قومي ڪارڪن ٿي رهيو پوءِ جڏهن خلافت هلچل
جهڪي ٿي ته 1923ع ۾ قاضي صاحب حيدرآباد جي نيشنل
ڪاليج ۾ پڙهڻ شروع ڪيو. اتان 1925ع ۾ ڪراچي جي ڊي
جي سنڌ ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو ۽ 1927ع ۾ بي اي جو
امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ شهاڻي لا ڪاليج
ڪراچي ۾ پڙهي، 1929ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس
ڪيائين.
قاضي ميان فضل الله پو”، سال 1931ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت
ڪرڻ شروع ڪئي. ساڻس گڏ مسٽر محمد حنيف صديقي
شڪارپور وارو وڪالت ڪندو هو. ٿوري وقت کان پوءِ هي
مڪاني سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. خان بهادر محمد ايوب
کهڙي سان دوستي ٿيس. 1944ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ
تي ميمبر چونڊجي آيو. سنڌ جدا ٿيڻ تي جنوري 1937ع
۾ سنڌ اسيمبلي جي چونڊن ۾ هن ۽ خان بهادر محمد
ايوب کهڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي کي دعوت ڏيئي
رتيديديري ۽ ميرو خان تڪ مان سر شاهنواز خان ڀٽي،
لاڙڪاڻي ضلعي جي بااثر زميندار ۽ ان وقت سنڌ سرڪار
جي صلاحڪار وزير، جي سامهون اميدوار بيهاريو ڀٽي
خاندان جون زمينداريون ۽ لڳ لاڳاپا انهيءَ تڪ ۾
گهڻا هئا ليڪن قاضي صاحب ۽ سندس دوستن جي سر
جوشيءَ ۽ محنت ڪري شيخ صاحب ڀٽي صاحب کي شڪست ڏيئي
ويو. ان ڪاميابي ۾ جيڪڏهن ڪجهه دخل شيخ صاحب جي
مقبوليت جو هو ته گهڻو حصو قاضي صاحب ۽ کهڙي صاحب
جي اڻٿڪ مقبوليت جو هو. ان وقت کان قاضي صاحب جي
سياسي شهرت ۽ اثر ضلعي ۽ سنڌ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو.
1939ع هي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ لاڙڪاڻي جو چيئرمين چونڊيو
ويو جتي هن ڳوٺاڻي تعليم ۾ چڱي دلچسپي ورتي. ان
کان پوءِ 1945ع ۾ هن کي ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جو
پريزيڊنٽ چونڊيو ويو جنهن عهدي تي هي گهڻي وقت
تائين هلندو آيو. 1946ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ختم
ڪري گورنر موڊي نيون چونڊون ڪرايون ته هي ڏوڪري
وارهه تڪ مان سنڌ اسيمبلي تي چونڊجي آيو. 1947ع ۾
جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ۽ سر غلام حسين، گورنر
موڊيءَ جي پنجاب وڃڻ کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٿيو ته
خان بهادر محمد ايوب کهڙي سنڌ جي وزيراعظمي جي
چارج ورتي. ان جي وزارت ۾ قاضي صاحب کي وزير ڪري
رکيو ويو ۽ کيس لينڊ روينيو جو پورٽنوليو ڏنو ويو
ٻئي سال ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڇني مرڪزي حڪومت جي
ماتحت ڪرڻ جي سوال تان خان بهادر کهڙي جو مرڪزي
حڪومت سان اختلاف ٿيو ۽ ان وقت جي گورنر جنرل مسٽر
محمد علي جناح هن جي وزارت کي ڊسمس ڪري پير الاهي
بخش جي وزارت وجود ۾ آندي ته کهڙي صاحب سان گڏ
هيءُ به وزارت کان ٻاهر نڪتو. ان بعد ڪجهه وقت
لاءِ پير الاهي بخش صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ ٿي ڪم
هلايو. 1949ع ۾ منهنجي اليڪشڻ پٽيشن ۾ ٽربيونل جي
فيصلي موجب جڏهن پير صاحب کي ميمبري کان خارج ڪيو
ويو ۽ سندس جاءِ تي وزيراعظمي جي چارج مسٽر يوسف
هارون کي ڏياري ويئي. تڏهن به ان وزارت ۾ قاضي
صاحب کي هوم منسٽر ڪري کنيو ويو. يوسف هارون سنڌ
اسيمبلي جو ميمبر ڪونه هو. هن پهرين سانگهڙ، پوءِ
نوابشاهه، پوءِ دادو جي ضمني چونڊن ۾ چونڊجڻ جي
ڪوشش ڪئي ليڪن خان بهادر کهڙي جي مخالفت ڪري هو
ٽنهي تڪن مان چونڊجڻ جي اميد نه ڏسي، اميدوار نه
بيٺو. ان ڪري هن خان بهادر کهڙي جي طرفدار وزير
قاضي فضل الله کي وزارت مان ڪڍي، مير غلام علي خان
کي آندو. ان کان پوءِ منجهن سمجهوتي ٿيڻ بعد 20
جنوري 1950ع تي وري قاضي صاحب کي يوسف هارون جي
وزارت ۾ آندو ويو جتي کيس هوم کاتو چارج ۾ ڏنو
ويو.
8 مئي 1950ع تي، يوسف هارون کي پاڪستان سرڪار آسٽريليا
۾ سفير ڪري موڪليو. ان جي جاءِ تي قاضي صاحب کي
وزيراعليٰ ڪري رکيو ويو. سندس وزارت ۾ مير غلام
علي خان ٽالپر، سيد ميران محمد شاهه ۽ آغا غلام
نبي خان پٺاڻ وزير مقرر ٿيا. ٿوري وقت کان پوءِ
مرڪزي سرڪار جي وزيراعظم لياقت علي خان جي کهڙي
صاحب تي ڪاوڙ جهڪي ٿي ۽ کيس ڪورٽ به سڀني چارجن
کان آزاد ڪيو ته وري کهڙي صاحب 25 مارچ 1951ع تي
وزيراعليٰ جي چارج ورتي، جنهن ۾ قاضي صاحب کي هوم
منسٽر ڪري کنيائين ۽ سندس وزارت ۾ ٻيا ساڳيا وزير،
مير غلام علي خان، سيد ميران محمد شاهه ۽ آغا غلام
نبي خان پٺاڻ رهيا. وقت گذرڻ تي وزارت ۾ اختلاف
پيدا ٿيا ۽ وزيرن هڪ ٻئي تي پروڊائون داخل ڪيون
جنهن تي سنڌ جي گورنر ميان دين محمد 28 ڊسمبر 195ع
تي آئين کي سسپينڊ ڪري، حڪومت پنهنجي هٿ ۾ رکي.
1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نيون چونڊون ٿيون ان ۾
خان بهادر کهڙو، قاضي صاحب ۽ ڪي ٻيا صاحب قانوني
رڪاوٽن ڪري، اسيمبلي ۾ چونڊجي نه سگهيا، جنهن ڪري
مرڪزي حڪومت جي مشوري ۽ مير غلام علي خان جي مدد
سان پيرزادي عبدالستار وزارت ٺاهي. ان وزارت ۾
قاضي صاحب پنهنجي ڀاڻيجي قاضي عبدالمنان کي وزير
ڪري کڻايو. ان وزارت جي دور ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ
ائڪٽ کي درست ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قاضي صاحب جي
چيئرمينيءَ هيٺ مقرر ٿي، جنهن ايڪٽ کي درست ڪرڻ
لاءِ ڪي تجويزون ڏنيون.
9 نومبر 1954ع تي سنڌ کي ون يونٽ ۾ ملائڻ کان انڪار ڪرڻ
تي پاڪستان جي گورنر جنرل مسٽر غلام محمد پيرزادي
وزارت کي ڊسمنس ڪري خان بهادر کهڙي تان پروڊا جون
پابنديون هٽائي، ان کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. شرط
اهو رکيل هو ته سنڌ اسيمبلي کان هو ڪنهن به طرح
سنڌ کي ون يونٽ ۾ ملائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرائي
ڏيندو. 25 جنوري 1955ع تي قاضي فضل الله صاحب جيئن
سنڌ اسيمبلي ڏي وڃي رهيو هو ان کي رستي تان خان
بهادر کهڙي گرفتار ڪرائي سکر جيل ۾ رکرايو جتان هو
هاءِ ڪورٽ جي حڪم هيٺ آزاد ڪيو ويو وري هن کي
ڪراچي ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو. ان کان
پوءِ 21 جون 1955ع تي حيدرآباد ۾ مرڪزي اسيمبلي
لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊون ٿيڻ واريون هيون جن ۾
قاضي فضل الله به اميدوار هو ان ڏينهن کيس صبح جو
اسيمبلي هال جي ٻاهران گرفتار ڪري هالن جي جيلن ۾
موڪليو ويو جنهن ڪري هو چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي
سگهيو. سندس گرفتاري لاءِ اهو به بهانو بنايو ويو
هو ته هن اسان سان گڏ اسيمبلي هال کي بم سان اڏائڻ
جو منصوبو رٿيو هو. اهو ڪيس ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ
مغربي پاڪستان حڪومت جي وزيراعظم ڊاڪٽر خان صاحب
مرحوم ڪڍرايو هو.
1955ع جي آخر ۾، مغربي پاڪستان جو صوبو قائم ٿيو. 1956ع
جي جنوري ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي جون چونڊون ٿيون
جنهن تي قاضي صاحب ٺٽي ضلعي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ٻنهي
مان ميمبر چونڊجي آيو. هن ٺٽي ضلعي جي ميمبري تان
استعيفيٰ ڏيئي لاڙڪاڻي واري جاءِ تان ميمبر ٿي رهڻ
قبول ڪيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر خان صاحب کي مغربي
پاڪستان حڪوت جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. هن
ريپبليڪن پارٽيءَ جي وزارت ٺاهي جنهن ۾ قاضي صاحب
کي وزير ڪري رکيائين ۽ کيس آبپاشي جو کاتو ڏنو
ويو. قاضي صاحب مغربي پاڪستان جي وزارتن ۾ 8
آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا قائم ٿيڻ تائين وزير
رهندو آيو. ان بعد لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ ۽ زمين
سنڀالڻ جي ڪم ۾ مشغول رهيو آهي. کيس ٻين سڀني
بااثر سياستدانن وانگر سياست کان ڪجهه عرصي لاءِ
خارج ڪيو ويو آهي.
هي صاحب يار ويس، دوستيءَ جو سچو، مهمان نواز، اعليٰ
قسم جو منتظم ٿي رهيو آهي. انهن خوبين سان گڏ
مشڪلات جي وقت ۾ منجهس سست ۽ ڪمزور ٿيڻ جو مادو به
رهي ٿو. خان بهادر کهڙو هر قسم جي مشڪلاتن هوندي
سر مٿي ڪري پيو هلندو آهي. قاضي صاحب دل هاريو،
گوشي ۾ ويهي رهو، موجوده معاشري ۾ سياسي ليڊر لاءِ
ٿورو سخت جان ۽ شير دل ٿيڻ لازمي آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ کهڙو صاحب ۽ قاضي صاحب ڪنهن وقت ۾ بي
تاج بادشاهه ٿي رهيا هئا. ڪابه ٻي طاقت سندن
مقابلو ڪري نه پئي سگهي. هن وقت مارشل لا کان پوءِ
آفيشل طبقي جي دست اندازيءَ ڪري حالتون بدلجي
چڪيون آهن. ٻين زميندارن وانگر لاڙڪاڻي ضلعي جا
اڪثر زميندار پڻ طاقت جا پوڄاري آهن ۽ سدائين
اڀرندڙ سج جا سلامي پئي رهيا آهن پوءِ جڏهن سر
شاهنواز خان ڀٽي جو فرزند مسٽر ذوالفقار علي خان
مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير خارجه هو ته به هن
حڪومت وقت، قديم خانداني لاڳاپن ۽ شخصي لياقت جي
اثر سبب مرڪزي اسيمبلي جي ضمني چونڊ ۾ هو کهڙي ۽
قاضي صاحب جي گڏيل اميدوار کي شڪست ڏياري پنهنجي
عزيز ميان پير بخش خان ڀٽي کي ڪامياب ڪري ويو.
آئنده پڻ کهڙي ۽ قاضي صاحب ٻنهي دوستن جي اتحاد،
دور انديشي، همت ۽ سياسي دانشمندي تي مدار آهي ته
پنهنجي وڃايل طاقت کي ڪيئن ٿا حاصل ڪن.
قاضي صاحب هيٺين ادارن ۽ ڪاميٽين تي ڪم ڪيو آهي: 01)
جائنٽ سيڪريٽري، صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي 1931ع، (2)
چيئرمين لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول ڪميٽي(3) ليڊر پاڪستان
ڊبليگيشن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ڪانفرنس، معقده
روم، 1949ع، (4) ليڊر پاڪستان ڊيليگيشن، ورلڊ
ايڪانامڪ ڪانفرنس، منعقدد لاهور 1950ع ۽ (5)
چيئرمين، لوڪل سيلف گورنمينٽ ايڪٽ جي درستيءَ جي
ڪميٽي وغيره وغيره. قاضي صاحب هن وقت چوهٺ ورهيه
عمر جو آهي، سڄي عمر مجرد زندگي گذاري اٿس.
10- پير الاهي بخش ولد پير نواز علي شاهه
(دادو: ڪراچي)
پير صاحب جو خاندان ڀان سعيدآباد، تعلقي سيوهڻ جي ڀر ۾
پير جي ڳوٺ جو رهاڪو آهي. سندن خانداني تعلقات
مخدوم صاحب هالن واري سان رهيا آهن. سندس ڏاڏي جو
نالو پير غلام حسين صاحب هو. هن خاندان جا مريد
ڪاٺياواڙ رياست طرف هئا ۽ اڃان تائين آهن.
پير الاهي بخش 1897ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هن
ابتدائي تعليم ڀانن جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. پوءِ
خيرپور ميرس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم وٺي 1919ع
۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ان کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ
علي ڳڙهه ڪاليج ۾ ويو جتي ٿورو وقت پڙهڻ بعد
مولانا محمد علي"جوهر" جي چوڻ تي جن شاگردن 1920ع
۾ قطع تعلقات ڪري ڪاليج ڇڏيو هو انهن مان هيءُ به
هو. اتان نڪري هي علي ڳڙهه ۾ نئين برپا ڪيل جامع
مليه يونيورسٽي ۾ اچي پڙهڻ ويٺو انهي درسگاهه جو
سنگ بنياد مولانا محمودالحسن وڌو هو ۽ حڪيم اجمل
خان ان جو چانسلر هو. اها يونيورسٽي پوءِ دهلي ۾
کڄي آئي.
ڪجهه وقت جامعه ملير ۾ تعليم وٺڻ بعد اتان پڙهڻ ڇڏي سنڌ
۾ آيو ۽ خلافت هلچل ۾ بهرو وٺڻ لڳو. هي ڪراچي ۾ 8
کان 10 جولاءِ 1921ع تي مولانا محمد علي"جوهر" جي
صدارت هيٺ سڏايل صوبه سنڌ ڪانفرنس ۾ به شريڪ هو
جنهن ۾ ڪيل تقريرن جي آڌار تي، مولانا محمد علي،
مولانا شوڪت علي، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، پير غلام
مجدد سرهندي ۽ شنڪر آچاريه کي ٻه - ٻه سال سزا ملي
هئي. هي ڪجهه وقت آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ۽ آل
انڊيا خلافت ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.
خلافت تحريڪ جهڪي ٿيڻ بعد، هن 1927ع ۾ وري علي
ڳڙهه ۾ پڙهڻ شروع ڪيو جتان 1929ع ۾ ايم . اي. ۽
ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪري موٽي اچي لاڙڪاڻي
۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. وڪالت ڪرڻ واري وقت ۾ به هي عام
ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ ويندو رهندو هو جنهن ڪري خلافت
جي ڏينهن وقت ماڻهن سان پيدا ڪيل تعلقات قائم
رکندو آيو.
سنڌ جدا ٿيڻ تي جڏهن 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو پهريون
چونڊون ٿيون ته هي دادو - جوهي تڪ مان خان بهادر
يار محمد خان جوڻيجي، پاٽ جي ويٺل، مکيه وڪيل ۽
بااثر ماڻهو جي مقابلي ۾ اسيمبلي جي ميمبري تي
چونڊجي آيو. هو سنڌا تحاد پارٽي جو ميمبر هو.
اتحاد پارٽي جا چوويهه کن ميمبر چونڊجي آيل هئا پر
سر غلام حسين جي وزارت ٺاهڻ بعد آهستي آهستي ڪري
گهڻا ميمبر پارٽي ڇڏي وڃي وزارت پارٽي سان شامل
ٿيا باقي اٺ يا نو ميمبر وڃي مخالفت ۾ رهياسون خان
بهادر الهه بخش اسيمبلي اندر پارٽيءَ جو ليڊر هو
پير صاحب پارٽي سان وفادار رهندو آيو. ڪراچي ۾
اسيمبلي سيشن جي موقعي تي پير صاحب گهڻو ڪري مون
وٽ ئي رهندو هو.
مارچ 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت کي بجيٽ جي موقعي
تي هڪ روپئي ڪتر جي رٿ پاس ٿيڻ تي شڪست آئي، جنهن
بعد الهه بخش وزارت ٺهي ان ۾ پير صاحب کي روينيو
کاتي جو وزير ڪري کنيو ويو. سر غلام حسين جي وزارت
کي شڪست اچڻ کان اڳ اتحاد پارٽي جي ميمبرن وزارت
سان هڪ پروگرام جي بنياد تي ڪوئليشن ٺاهي هئي.
وزارت طرفان پروگرام جي سرانجاميءَ ۾ سست رفتاري
ڏيکارڻ ۽ وزيرن نه وڌائڻ ڪري جڏهن اسان هندو ووٽن
جي اڪثريت سان گڏجي وزارت کي شڪست ڏني ته ٻاهر
نڪرندڙ وزيرن"الوحيد" اخبار ذريعي نئين وزارت ۽
اتحاد پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کي منهن
ڏيڻ ۽ وزيرن جا عوام سان تعلقات پيدا ڪرڻ خاطر مون
۽ سيد علي محمد شاهه راشدي، پير الاهي بخش جو
ساريءَ سنڌ ۾ گشت لاءِ هڪ ڊگهو پروگرام رٿيو ۽ کيس
دوري تي موڪليو جنهن ۾ هن پبلڪ ميٽنگن ذريعي عوام
کي ذهن نشين ڪيو ته نئين وزارت سندن ڀلي لاءِ ڪم
ڪرڻ چاهي ٿي، وغيره انهن جون َشايتون ٻڌائين، حال
احوال ورتائين اهو سنڌ ۾ پهريون دفعو هو جو سرڪاري
عملدار ۽ عام ماڻهو هڪ ٻئي سان برابري جي درجي تي
تي مليا عملدار پٽ تي عام ماڻهن سان گڏ ويٺا ۽
دستر خوان تي گڏ ماني کاڌائون. پير صاحب تقريرن
ذريعي عام ماڻهن کي ٻڌايو ته وزير عوام جا خدمتگار
هئا ۽ عملدار وزيرن جا زيردست هئا، تنهن ڪري وزير
۽ عملدار سڀئي خلق جا خادم هئا نه حاڪم، انهيءَ
گشت عوام جي مرده دلين ۾ بيداري ۽ امنگ پيدا ڪيا ۽
عملدار طبقو پنهنجي رعب گهٽجڻ ڪري ناراض ٿيو.
گشت پوري ٿيڻ بعد اڳوڻن نڪتل وزيرن جي غلط پروپيگنڊا کي
ته ٻنجو اچي ويو ليڪن يورپين عملدارن طرفان گورنر
وٽ احتجاج ڪيو ويو ته پير صاحب جي گشت عملدارن جو
اثر زائل ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن جا حوصلا وڌي ويا
هئا ۽ قاعدي قانون جي عزت گهٽجي ويئي هئي انهيءِ
تي سڀني گڏجي هڪ منظم سازش جي ذريعي پير صحب جي
پيدا ڪيل اثر تي پاڻي ڦيرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪريٽرين
جي قانوني رنڊڪن، گورنر طرفان دٻاءُ، ڪامورن جي
پروپيگنڊا ۽ عدم تعاون کان مرعوب ٿي ٻين وزيرن هن
جي همت افزائي نه ڪئي. ماڻهن ۾ پيدا ڪيل اميدن جو
ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو ۽ عوام ۾ بددلي پيدا
ٿيڻ لڳي. پير صاحب مجبور ٿي ٻين وزيرن جي راءِ
پٽاندر چپ ٿي ويو. حقيقت ۾ عوام جي حوصلي وڌڻ مان
ٽن گروهن کي خطرو محسوس ٿيو هو: (1) وڏا زميندار،
هندو يا مسلمان، (2) شاهوڪار، “(3) ڪامورا اهي
ٽيئي عوام کي دٻائي ماتحت رکڻ ۾ شريڪ هئا. عوام جو
حوصلو وڌڻ، سندن طاقت ڪمزور ٿيڻ جي برابر هو اها
پاليسي پير صاحب کان اختيار ڪرائڻ ۾ منهنجو ۽ علي
محمد شاهه راشدي جو وڏو هٿ هو ان لاءِ مخالفن
طرفان پهريون قدم اهو کنيو ويو ته علي محمد شاهه
کي پير صاحب کان جدا ڪيو ويو. مون به پير صاحب کي
ڪمزور ڏسي ابتدا ۾ سندس ٻين وزيرن سان اختلاف پيدا
ٿيڻ جي ڊپ کان مٿس وڌيڪ زور نه رکيو نئين وزارت
جنهن ڪانگريس پروگرام مطابق هلڻ جو اعلان ڪيو هو،
تنهن کي اهو رخ اختيار ڪندو ڏسي آءُ دلشڪسته ٿي،
ڳوٺ اچي ويٺس.
ٿوري وقت کان پو”، ڍلن وڌائڻ جو سوال وزارت جي سامهون
آيو. اهو سوال اهڙو هو جو وزارت کي اسان جي مدد
وٺڻ جي ضرورت محسوس ٿي. مون کي ڪراچي گهرايو ويو
پارٽين اڳيان اهو سوال رکيو ويو. وزارت کي مدد
ڪندڙ ٽنهي پارٽين ان سوال تي غور ڪرڻ لاءِ مهلت
گهري. وزيرن، گورنر جي دٻاءُ هيٺ اچي ڍلون وڌائي
ڇڏيون. اها اسان ترقي پسند گروهه جي ٻي شڪست هئي.
هڪ عوام جي اميدن کي پورو نه ڪرڻ ۽ ٻي اسيمبلي
ميمبرن جي ڪثرت جي راءِ کي ريٽي ڍلون وڌائڻ ان ڪري
اتحاد پارٽي ۽ اسان جو گروهه وزارت جي مدد ڇڏي
مخالفت ۾ هليا ويا. پير صاحب جيڪو نظرياتي نقطه
نگاهه سان اسان جي گروهه جو شمار ڪيو ويندو هو سو
وزارت سان رهجي ويو. پير صاحب بنيادي طور عوام جو
طرفدار ۽ ترقي پسند خيالن جو هو. خلافت تحريڪ جي
ڏينهن جو تربيت يافته هو پر اقتدار جو لڏون اهڙو
مٺو آهي جو زاهدن جا به روزا ڀڃي ڇڏي ٿو. انهيءَ
لهس لڳڻ بعد هو پنهجي گذشته روايات جي پاور
پاليٽڪس جي پويان ڀٽڪندو رهيو. جيستائن ڪه حالتن
کيس مجبور ڪري موٽائي ماڳ تي آندو.
پير صاحب الهه بخش وزارت ۾ مارچ 1940ع تائين رهندو آيو.
ان کان پوءِ مير بنده علي خان جي وزارت هڪ سال کن
رهي. ان وقت هي وزارت کان ٻاهر هو. وري جڏهن 1941ع
۾ الهه بخش وزارت دوباره قائم ٿي ته هي ان ۾ وزير
ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1942ع ۾ خان بهادر الهه بخش
ڪانگريسين تي انگريزن جي کنيل سخت قدمن خلاف
احتجاج ڪندي پنهنجا لقب ڦٽا ڪيا. ان تي گورنر کيس
ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ
گهرايائين. پير صاهب ان جي وزارت ۾ شريڪ ٿيو ۽
مسلم ليگ ۾ آيو.
سن 1945ع ۾ مسلم ليگ وزارت ۽ مسلم ليگ جماعت جي وچ ۾
اختلاف پيدا ٿيا. اسان مسلم ليگ کان ٻاهر نڪري
آياسون. 1946ع جي ابتدا ۾، سنڌ اسيمبلي جون چونڊون
ٿيون. هي ان ۾ مسلم ليگ ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو.
وري ساڳئي سال سيپٽمبر مهيني ۾، گورنر اسيمبلي ختم
ڪري، ڊسمبر ۾ نيون چونڊون ڪرايون. مسلم ليگ طرفان
قاضي محمد اڪبر کي منهنجي خلاف اميدوار بيهاريو
ويو.ا ن ۾ پير صاحب ڀانن جي پولنگ تي بي قانوني
ڪرائي ۽ مون کي اليڪشن ۾ شڪست آئي. مون اليڪشن
پٽيشن داخل ڪئي. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم
ٿيو. سر غلام حسين سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، ۽
وزيراعظمي جي چارج کهڙي صاحب کي ملي. 1948ع ۾ کهڙي
صاحب جو ڪراچيءَ جي سوال تان مرڪزي حڪومت سان
اختلاف ٿي پيو. ان ڪراچي کي مرڪزي حڪومت جي حوالي
ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مرڪزي حڪومت ان کي ڊسمس ڪري،
وزيراعليٰ پير صاحب کي بنايو. ان ڪراچي مرڪزي
حڪومت جي حوالي ڪئي. 1949ع ۾ منهنجي اليڪشن پٽيشن
جو فيصلو مليو، جنهن ۾ پير صاحب کي ميمبريءَ کان
ڊسڪواليفاءِ ڪرڻ جي سفارش ڪيل هئي. ان ڪري پير
صاحب کي وزارت ۽ ميمبريءَ کان ٻاهر نڪرڻو پيو. 4
سيپٽمبر 1950ع تي پير صاحب جي خالي ٿيل ميمبري جي
جاءِ ڀرڻ لاءِ نامينيشن فارم ڀريا ويا. ان تي پير
صاحب پنهنجو فرزند، شاهنواز اميدوار بيهاريو. قاضي
فضل الله وزيراعليٰ هو. کهڙو صاحب سنڌ مسلم ليگ جو
صدر هو. انهن وقت جي ڪليڪٽر کان پير صاحب جي فرزند
کي نابالغ ٺهرائي ان جو نامينيشن پيپر رد ڪرائي
ميان عبداللطيف پنوهر، خان بهادر کهڙي جي سالي، کي
بنا مخالفت جي ميمبر چونڊرايو. ان کان پوءِ وري
پير صاحب اچي اسان سان شامل ٿيو. 17 مارچ 1951ع تي
سن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر ڪارڪنن جي ميٽنگ سڏائي
ويئي، ان ۾ پير صاحب شريڪ ٿيو.
1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نئين سر چونڊون ٿيون ان ۾
متحده محاذ طرفان پير صاحب سنڌ اسيمبلي تي چونڊجي
آيو ۽ متحده محاذ ۾ اسيمبلي پارٽيءَ جو جنرل
سيڪريٽري ٿي رهيو. 9 نومبر 1954ع تي پيرزاده وزارت
ڊسمس ٿي ۽ گورنر جنرل، غلام محمد، کهڙي صاحب تان
پروڊا جون پابنديون هٽائي، کيس سنڌ جو وزيراعليٰ
ڪيو. هن طاقت ۾ ايندي پير صاحب جي فرزند کي جيل ۾
وڌو. پوءِ 11 ڊسمبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ
اسيمبلي جو اجلاس سڏائي، سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل
ڪرڻ جو ٺهراءُ ميمبرن کان زوريءَ پاس ڪرايو. ان
ٺهراءُ جي برخلاف ووٽ ڪندڙن مان پير صاحب هڪ هو.
19 جنوري 1956ع تي، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون
ٿيون. ان تي پير صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان
اسيمبلي ۾ متحده محاذ پارٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
پاڪستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي ٺهي ته هي ان جو
ميمبر ٿيو. 17 سيپٽمبر 1957ع تي، مغربي پاڪستان
اسيمبلي ۾، ون يونٽ ٽوڙڻ جو ٺهراءُ رئيس غلام
مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، پيش ڪيو، ان جي پاس ڪرائڻ لاءِ
پير صاحب گهڻي ڪوشش ورتي.
8- آڪٽوبر 1958ع ۾، مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد هن
کي ٻين مکيه سياستدانن وانگر سياست کان خارج ڪيو
ويو. هن وقت هو وڪالت ڪري رهيو آهي. مارشل لا پوري
ٿيڻ بعد جڏهن وري اسيمبليون قائم ٿيون ته امير
حيدر شاهه کي نيشنل اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊائڻ
لا”، هن گهڻي ڪوشش ورتي.
سندس شخصي ۽ سياسي ڪردار:
پير صاحب شخصي طرح نهايت خوش خلق، ڪم آزار، عوام سان
ميل جول ۽ رابطو رکندڙ سادي زندگي بسر ڪندڙ نمازي،
شريف النس انسان آهي. طاقت ۾ هجي يا ٻاهر هو ڪنهن
به ماڻهو کي حتي الامڪان مدد ڪرڻ کان انڪار نه
ڪندو آهي. يارن دوستن جا ڪيترا ڪيس فيءَ کان سواءِ
کڻندو آهي. طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ اڪثر ماڻهن جا
دماغ چڪر کائي ويندا آهن. هي صاحب هر حالت ۾ ساڳيو
نهٺو ۽ محبتي رهندو ايندو آهي. سنڌ جي جملي وزيرن
کان هن جي وزارت جي عرصي جا تعميري ڪم گهڻا آهن.
سنڌ ۾ سندس ايام وزارت جا مکيه يادگار هيٺيان آهن:
سنڌ مسلم ڪاليج برپا ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ،
سنڌ ۾ زوري ۽ مفت تعليم ۽ بالغن جي تعليم کي رائج
ڪرڻ، موجوده اين. جي وي هاءِ اسڪول ۽ تڏهوڪي سنڌ
ايس ٽي ڪاليج لاءِ بلڊنگ ٺهرائڻ، ڪراچي، ۾ ٻن پير
الاهي بخش ڪالونين ٺهرائڻ ۾ مدد ڏيڻ، ان کان سواءِ
ڪيترن ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن جي برپا ٿيڻ ۾ پڻ پير
صاحب جو هٿ هو.
پير صاحب جو سياسي ڪردار، سنڌ جي اڪثر زميندار
سياستدانن وانگر، سياست عمل موجب طاقت ذريعي خدمت
ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ جو پئي رهيو آهي. ان ڪري خلافت
تحريڪ کان پوءِ سياسي جماعتن ۾ هي وقت جي تقاضا،
شخصي سهوليت خاطر پئي داخل ٿيو ۽ نڪتو آهي. جنهن
ڪري هن کي هر وزارت ۾ شامل رهڻ ۾ تڪليف نه پئي
محسوس ٿي. گذريل يارنهن سالن کان هي مخالفت ۾
رهندو آيو. ليڪن موقعي ملڻ تي اقتدار واسطي آئينده
ڪهڙو رخ اختيار ڪري، ان باري ۾ ڪجهه به نٿو چئي
سگهجي.
کيس پنج فرزند آهن:(1) ميان محمد انور، (2) ميان شاهه نواز، (3)
ميان عبدالحميد، (4) ميان عبدالمجيد، ۽ (5)
عبدالرشيد. |