سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اول بسم الله غلط“، سو
گورنر جو اهو پهريون قدم اڳتي هلي، هيٺين نتيجن جو
ڪارڻ بنيو: (1) جمهوري طريقن کي خيرباد ڪرڻ جي
شروعات ٿي، (2) فرقيوار پارٽين ۽ فرقيوار ذهنيت کي
تقويت پهتي، (3) پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل
ميمبرن کي، لالچن جي بنياد تي پارٽين کان ڦيراڻ ۽
سندن واقعي ڦرڻ جي شروعات ٿي، (4) آفيسرن معرفت ۽
شخصي لالچن جي ذريعي ميمبرن کي هٿ ڪرڻ جو بنياد
پيو، ۽ (5) انگريز ميمبرن اقليت کي بدلائي اڪثريت
بنائڻ ۾ کليو کلايو مدد ڪئي.
چوڻي آهي ته ”چو ڪفر از ڪعبه برخيزد، ڪجا مانند
مسلماني!“ يعني، ڪعبي مان ڪفر پيدا ٿيندو، ته باقي
مسلماني ڪهڙي رهندي! انگريز هڪ هٿ سان جمهوريت کي
مروج ڪن ٿا، ٻئي سان پنهنجي سامراجي مقصدن خاطر،
جن مان مکيه ويڙهائي راڄ ڪرڻ جو هون، ان کي ڊاهڻ
جي شروعات ڪن ٿا!
مطلب ته انهيءَ طرح سر غلام حسين جي وزارت ٺهي،
ڪانگريس جا ست ميمبر ۽ اتحاد پارٽيءَ جا نَوَ
ميمبر وڃي مخالفت ۾ ويٺاسون. سنڌ ۾ پهرين صوبائي
خود اختياري حڪومت جي ائين شروعات ٿي.
ڪانگريس ۽ اسان گڏجي، سنڌي اسيمبليءَ اندر تقريرن
۽ ٺهرائن ذريعي عوام جون شڪايتون پيش ڪيون، حڪومت
جي خامين جي اپٽار ڪئي، رشوت ۽ ڪامورن جي طلم جي
اوگهڙ ڪئي، اسيمبليءَ کان ٻاهر گڏجي ڪانفرنسون
ڪوٺايون، پهرين ڪنڊياري ڪانفرنس، پوءِ چڪ ڪانفرنس
۾ گڏ هئاسون. اتي عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ، عام
جي ڀلائيءَ جا ٺهراءَ پاس ڪرڻ، هندو- مسلم اتحاد
پيدا ڪرڻ، فرقه پرستيءَ جي مخالفت ڪرڻ، ۽ هندستان
جي آزاديءَ لاءِ ماحول هموار ڪرڻ جو پرچار ڪندا
رهياسون. اهڙيءَ طرح پيدا ڪيل پروپيگنڊا جو اثر
هندو ميمبرن تي ٿيڻ لڳو، جو انهن ۾ هڪ حد تائين
عام راءِ پيدا ٿي چڪي هئي. مسلم ميمبرن جي اڪثريت
سان ”صُم بُڪم عمي فهم لايرجعون،“ يعني ”گونگا،
ٻوڙا، انڌا هئا، ۽ ڪڏهين به راهه راست تي نه
ايندا“ واري ڪار هئي.
انهيءَ وچ ۾ ٻه- ٽي واقعا اهڙا سرزد ٿيا، جن سر
غلام حسين وزارت کي هندو آزاد پارٽيءَ جي ميمبرن
کان خوفزده ڪيو، ۽ هندو ميمبرن کي، ٻين ڪيترن سببن
سان گڏ، وزارت جي خلاف ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو.
مسٽر منگهارام ٽهلراماڻي سيوهڻ تعلقي جي ٽلٽي ڳوٺ
جو ويٺل، ضلعي دادو لوڪل بورڊ جو چيف آفيسر ۽
انجنيئر هو. هن جو پيءُ سن جي سنڌي اسڪول ۾ ورهين
جا ورهيه هيڊ ماستر هو. ان ڪري هن جي پٽ منگهارام
سان منهنجي واقفيت هئي. ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي
پريزيڊنٽيءَ مهل جڏهين منهنجو اڪثر ڪراچيءَ رهڻ
ٿيندو هو، مون سان هي ملندو رهندو هو. هو به ٿيا
سافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هو، آءٌ به ان
سوسائٽيءَ جو ميمبر هوس. هو به مسٽر جمشيد ميهتا
جي معتقدن مان هو، آءٌ به هوس. جڏهن دادو ضلعو
ٿيو، ته اُتي هي چيف آفيسر مقرر ٿيو. اُن جي
مقرريءَ لاءِ ٽي ڪارڻ هئا: (1) هن جو ڪاڪو ديوان
ڀاونداس رٽائرڊ ڊيپوٽي ڪليڪٽر، ضلعي لوڪل بورد
دادوءَ جو ميمبر ۽ خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي،
پريزيڊنٽ، صلعي لوڪل بورڊ، جو دوست هو. (2) هن
نوڪري ملڻ کان ڪيئي مهينا اڳ بنا پگهار جي
خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي ڳوٺ رهي، سندس ڪمن
ڪارين ۾ مدد ڪري، پاڻ کي مقبول بنايو هو. (3)
منهنجو دوست به هو.
سر غلام حسين، وزارت ٺاهڻ بعد، مٿي ذڪر ڪيل طريقن
سان ميمبرن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ مون تي
به ڪيئي اثر هلايا هئا. لالچ ۽ ڊپ ذريعي مون کي هٿ
ڪرڻ ناممڪن هو، انڪري دوستن لاءِ منهنجيءَ
ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، انهن ذريعي مون کي هٿ ڪرڻ
جا حيلا هلايا ويا. پهرين صاحبزادي عبدالستار جان
سرهنديءَ ۽ برادرم ميران محمد شاهه ذريعي ڪوششون
ڪيون ويئون، پر انهن ۾ ناڪاميابي ٿين. پوءِ
خانبهادر نور نبي، ڪليڪٽر، دادو،تي بار رکيو ويو
ته هو ڪنهن طرح سان مون کي راضي ڪري، وزارت جي طرف
ڪري. هن سڌو مون کي چوڻ جي جرئت نه ساري، مسٽر
ٽهلراماڻيءَ ذريعي اهو ڪم ڪرائڻ گهريو. هن کيس
ٻڌايو ته سيد خود خيال ۽ اصول پرست ماڻهو آهي، ۽
جڏهن ميران محمد شاهه جهڙي عزيز دوست جي اثر هيٺ
هو سرڪار طرف ٿي نه سگهيو آهي، ته سندس چوڻ تي ڦري
نه سگهندو؛ ان ڪري هو ان ڳالهه ۾ حصي وٺڻ لاءِ
تيار نه هو.
ازانسواءِ ڪليڪٽر خود فرقه پرست خيال جو آفيسر هو،
ان جي خواهش هئي ته ٽهلراماڻيءَ کي ڪڍي، خانبهادر
کهڙي جي سالي ميان عبداللطيف کي نوڪريءَ ۾ رکي، ۽
اهڙيءَ طرح حڪومت وٽ پاڻ کي سرخرو ڪري. تنهنڪري
وجهه وٺي، هن وزارت تي ذهن نشين ڪيو ته منهنجي
وزارت جي مخالفت ۾ رهڻ لاءِ سموري جوابداري
ٽهلراماڻيءَ جي هئي. ان ڪري پريزيڊنٽ ۽ ميمبرن کي
ڊيڄاري، اثر هيٺ آڻي، بنا سبب جي، چيف آفيسري ۽
انجنيئريءَ جي گڏيل جاءِ ختم ڪري، ٻه عهدا ڪري، هن
کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو.
انهيءَ صريح بي انصافيءَ جي سوال تي هندو ميمبرن
سر غلام حسين جو توجهه ڇڪايو، پر اتان جواب ملين.
ان تي هنن انهيءَ سوال تي اسيمبليءَ ۾ مهمليءَ جي
رٿ آندي. جملي هندو ميمبرن ۽ اتحاد پارٽيءَ جي
ميمبرن ان ٺهراءَ جي تائيد ۾ ڳالهايو ۽ ووٽن وٺڻ
لاءِ اصرار ڪيو. وزارت محسوس ڪيو ته ووٽن ۾ کين
شڪست اچڻ جو يقين هو؛ ان ڪري اِسپيڪر، ديوان بهادر
ڀوڄسنگ، کي منٿ ڪرائي، ٺهراءَ ووٽن وٺڻ کان سواءِ
”ٽاڪ آئوٽ“ ڪرائي ڇڏيائون. بهرحال، اِن ڳالهه
وزارت کي اهڙو هراسان ڪيو، جو صاحبزادي عبدالستار
جان جي معرفت اتحاد پارٽيءَ سان ڪوئليشن جي تجويز
پيش ڪيائون. گهڻيءَ گفتگو بعد، اهو فيصلو ٿيو ته
اتحاد پارٽي مخالفت جي بينچن تي رهندي، نڪته
چينيءَ ڪرڻ لاءِ آزاد هوندي، عهدو ڪوبه نه وٺندي،
پر هيٺئين پروگرام جي بنياد تي، وزارت کي ڊاهڻ ۾
حصو نه وٺندي.
پروگرام جا مکيه مَڊَ هي هئا: (1) قانون انتقال
ايراضي پاس ڪيو ويندو، جنهن موجب غير آبادگار فرقو
زمين خريد نه ڪري سگهندو (پنجاب ۾ اهڙو قانون اڳي
ئي عمل ۾ هو.) (2) پراڻن قرضن جي گهٽائڻ لاءِ
قانون پاس ڪيو ويندو، (ڪانگريس صوبن ۾ اهڙا قانون
پاس ٿي چڪا هئا.) (3) درٻارين جي ڪرسين جي دستور
کي ختم ڪيو ويندو. (4)آنرري ماجسٽريٽون ختم ڪيون
وينديون. (5) لوڪل باڊيز ۾ نامينيشن جا دستور رد
ڪيا ويندا. اِنهيءَ باهمي قبوليل پروگرام ۾ ٻيا به
ڪيترا اهڙا مکيه عام جي فائدي جا سوال هئا.
ان پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ گڏيل ورڪنگ
ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن کي وقت بوقت ان کي عمل
۾ آڻڻ جو جائزو وٺڻو هو.
اُڻ وچ ۾ ٻيا واقعا به رونما ٿيا. هڪ اهو ٿيو ته
مکي گوبندرام هندو وزير کي ڪن مالي مشڪلاتن سبب
وزارت تان استعيفا ڏيڻي پيئي. ان جي جاءِ تي هندو
وزير مقرر ڪرڻ جو سوال اٿيو. هندو ميمبرن جي راءِ
هئي ته ديوان نيچلداس کي وزير ڪري کنيو وڃي.
مسلمان ميمبر سڀ ان جي خلاف هئا، ڇاڪاڻ ته اتحاد
پارٽيءَ سان ڪوئليشن ڪرڻ بعد، هن اخبارن ۾ مضمون
کي، وزارت خلاف پروپيگنڊا ڪئي هئي. قانون انتقال
ايراضيءَ قرضن جي گهٽائڻ جي قانونن پاس ڪرائڻ جو
شرط قبول ڪري، وزارت هندن جي حقن کي ڪاپاري ڌڪ
هنيو هو. اُن وقت سڀ مسلمان ميمبر وزارت جا طرفدار
هئا. مسٽر نيچلداس جي پروپيگنڊا ڪري، سر غلام حسين
سندس وزارت ڏانهن هندن جي رويي کان شڪي ٿي پيو هو،
ان ڪري هن مصلحت ان ۾ ڏٺي ته ڊاڪٽر هيمنداس جهڙي
غير متعصب ۽ ماٺيڻي سڀاءَ واري ميمبر کي وزير ڪري.
ان سوال هندن کي ويتر ناراض ڪري، وڃي مخالفت ۾
ويهاريو.
ٻيو واقعو اهو پيدا ٿيو ته ديوان بهادر ڀوڄسنگ سنڌ
اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو انتقال ٿي پيو. ان جي جاءِ
ڀرڻي هئي. هندن تقاضا ڪئي ته اُها جاءِ ڪنهن
هندوءَ کي ڏني وڃي. سر غلام حسين ۽ مسلمان ميمبرن
جواب ڏنو ته هندن مان، سواءِ هڪ يا ٻن جي، وزارت
جي فائدي ۾ ڪو ڪونه هو. تنهن هوندي به، هندن کي
وزارت ۾ جاءِ ڏنل آهي. وزارت ڪهڙيءَ طرح ميجارٽيءَ
جي راءِ کي ريٽي، مشڪوڪ وفاداريءَ وارن هندو
ميمبرن خاطر، هندو اِسپيڪر چونڊائي سگهندي؛ ان ڪري
ميران محمد شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ جو اِسپيڪر
چونڊيو ويو.
سر غلام حسين وزارت مٿي بيان ڪيل پروگرام جا ٻه ٽي
سولا شرط پورا ڪيا؛ ليڪن مکيه سوالن جهڙوڪ قانون
انتقال ايراضي ۽ قرضن گهٽائڻ جي قانونن پاس ڪرائڻ
۾ پس و پيش ڪرڻ لڳي. هڪ ته گورنر اُنهن قانون جي
برخلاف هو، جنهن کي اقليتن جي حقن لاءِ خاص
اختيارات هئا؛ ٻيو ته سر غلام حسين هندو پبلڪ راءِ
کان هيسجي ويو. ازانسواءِ ڪيترا مسلمان ڪامورا
ڪلاس جا ماڻهو به ان جي خلاف هئا، جو ان قانون جي
زد ۾ انهن مان به ڪيترا اچي وڃن ها.
ان تي اسان ناراض ٿي، ڪانگريس سان مشورو ڪري، سر
غلام حسين جي وزارت کي ڪڍي، اتحاد پارٽيءَ جي
وزارت کي خانبهادر الهه بخش جي هٿ هيٺ وجود ۾
اندو. ان ۾، ڪانگريس کان علاوه، مکيه پارٽ مون ۽
سيٺ پرتابراءِ ورتو هو. ان تي مسلمان ڪامورو ڪلاس
ناراض ٿيو، ڇاڪاڻ ته مسٽر نيچلداس نئين وزارت ۾
وزير ڪري کنيو ويو هو. ان ڪري آءٌ الهه بخش وزارت
تي مشترڪ طور قبوليل پروگرام پوري ڪرڻ لاءِ زور
ڏيڻ لڳس، ليڪن هيءَ وزارت به اميدن موجب ڪم ڪري نه
سگهي؛ ويتر پارٽيءَ جي اجازت کان سواءِ سلائيڊنگ
اِسڪيل جي بنياد تي ڍلون وڌائي ڏيائين. هن ڳالهه
تان..... کي مدد ڪندڙ پارٽين ۾ اختلاف پيدا ٿي
پيا. اتحاد پارٽي ٽٽي پيئي. مسٽر نيچلداس حرفت
ڪري، هندو ميمبرن جي ڪثرت کي سيٺ پرتابراءِ کان
ڇني، الڳ ڪري ويو. ڪانگريس پارٽي ٻن گروهن ۾
ورهائجي ويئي. ڊاڪٽر چوئٿرام ڍلن وڌائڻ جي خلاف
هو. ٻيو گرهه، باوجود اُنهن ڪانگريس ليڊر سمجهوتي
ڪرائڻ لاءِ آيا، پر ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. ان
تان مسلمانن جناح صاحب کي وڏو آڌرڀاءُ ڏيئي، مسلم
ليگ کي سنڌ ۾ آندو. اِئين سانتيڪي سنڌ آل انڊيا
سياسي اختلافن جو آکاڙو بنجي پيئي.
انکان پوءِ مسجد منزلگاهه تان هندو- مسلم فساد
ٿيا. عارضي ٺاپر آڻڻ لاءِ مسلم ليگ ۽ هندن ۾
سمجهوتو آيو. وزارت مان الهه بخش کي ڪڍي، مسلم ليگ
۽ هندو آزاد پارٽيءَ جي گڏيل وزارت ٺهي. ٿوري وقت
کان پوءِ اهو ٺهراءُ ٽٽي پيو. وري الهه بخش وزارت
کي طاقت ۾ آندو ويو، پر مهاڀاري جنگ جي عرصي ۾
ڪانگريس ۽ انگريزن جي تصادم ڪري، الهه بخش جي
وزارت کي گورنر ڊسمس ڪيو. مون پاڪستان ٺهراءُ سنڌ
اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو، ۽ مسلم ليگ کي زور وٺايو
پاڪستان جي نالي تي هندو- مسلم نفاق وڌيو. حالتون
اسان جي مڪاني طاقت کان ٻاهر نڪري ويئون. جڏهن مون
۽ ڪن سنڌ جي خيرخواهه دوستن حالتن کي درست ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، ته ان تان مرڳو مسلم ليگ مان خارج ڪيو
ويو. اليڪشنن ۾ اسلام ۽ پاڪستان جي پرچار جي نالي
۾ اسان کي شڪست ڏني ويئي.
آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو. هندو سنڌ مان لڏڻ
لڳا. اسان قوم پرست مسلمانن کي ”غدار قوم“ ۽ ”دشمن
ملت“ جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو ويو. ٻيا ڪيترا
هندو لڏي ويا، پر سيٺ پرتابراءِ مڙس ٿيو ويٺو
رهيو.
انهيءَ مختصر تعارف کان پوءِ سندس شخصي زندگيءَ جو
احوال پيش ڪريان ٿو.
سندس شخصي زندگي: هي ميرپورخاص جي هڪ شاهوڪار
ڀائيبند- ڪلاس جي گهر ۾ پهرين سيپٽمبر 1894ع تي
ڄائو هو. سندس ڪٽنب، ملڪيت ۽ رهوڻيءَ ڪري، چڱي
حيثيت رکندو هو. چوندا آهن ته سلو اهو، جو ڄمندي
ڀلو. هن ننڍي هوندي کان راڄنيتي ۽ سماجي ڳاهين ۾
دلچسپي وٺڻ لاءِ موقعو ميسر ڪري ڏنو. هي ٿوري وقت
اندر ايترو اثر پيدا ڪري ويو، جو 1928ع ۾
ميرپورخاص جي ميونسپل ڪميٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو،
جنهن جو ڪاروبار نهايت خوش اسلوبيءَ سان هلايائين.
اسان جڏهن 1930ٿ ۾ ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ
جي پهرين ڪانفرنس، مسٽر جمشيد ميهتا جي صدارت هيٺ،
سڏائي هئي، ته ان وقت هي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ
هو.
سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون جنوري 1937ع ۾ ٿيون.
انهن ۾ هي ميرپورخاص تڪ مان ميمبر چونڊجي آيو،
جنهن مان وري 1945ع-1946ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو،
۽ 1952ع تائين ان جاءِ تي رهندو آيو.
پاڪستان قائم ٿيڻ بعد حالتون بدلجي ويئون. اسان جو
ملڻ به مشڪل ٿيندو هو. هيءُ دمڪشيءَ جي بيماريءَ
ڪري گهڻي وقت کان سال جو ڪجهه حصو ٻاهر گذاريندو
هو. ان عرصي ۾ هن جي ڪافي روپيا خرچ ڪري ٺهرايل
گهر جي بلڊنگ کڻي، ان ۾ اسڪول قائم ڪرايو ويو.
سندس ملڪيت کي لڏي ويلن جي ملڪيت ڪرڻ جي ڪوشش ٿي.
هن ان تي دعوى داخل ڪئي. سارو وقت تڪليفن ۾ هو، پر
ملڪ نه ڇڏيائين. ٻئي طرف اسان جي حالت به ڪم و بيش
ساڳي هئي. ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدا ڪرڻ وقت 1948ع ۾
مون کي نظربند ڪيو ويو. وري 1954ع جي آخر ۾ ون
يونٽ ٺاهڻ وقت مون کي قيد ۾ موڪليو ويو. هڪ دفعي،
1656ع ڌاري، سيٺ صاحب سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي.
ڏٺم ته طبيعت ۾ تمام ڪمزور هو. ساڳي حالت منهنجي
هئي. مون پڇيومانس .توکي ڇا ٿيو آهي؟“ هن اڳيو
سوال مون کان پڇيو- نيٺ بمصداق
اچو سورن واريون، ڪريون سور پچار،
ڪن گهڻا ڪن ٿورڙا، ڪانهي سورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، سي مون جهوليءَ پائي جهليا. (شاهه)
حال اهوال ڏنسون. هي منهنجو اسيمبليءَ ۾ نه رڳو
همعصر ساٿي رهيو هو، بلڪ ويجهڙو دوست هو. حالتون
بدلجي ويئون هيون. ورهين کان ڪونه مليا هئاسون.
مون کي چيائين ته ڇا، تو پاڪستان ۽ مسلم ليگ جو
جهنڊو کڻي، هندن خلاف نفرت ڦهلائڻ ۾ گهٽتائي ڪئي
هئي؟ ڇا، تو ”مسلمان واپارين سان ئي واپار ڪرڻ“ جو
نعرو بلند نه ڪيو هو؟ سنڌ اسيمبليءَ اندر جناح
صاحب جي قتل ٿيڻ جي ڪوڙي خبر ٻڌي، ٻارن ۽ زالن
وانگر زاروزار تو نه رنو هو؟ سنڌ اسيمبليءَ ۾
پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪر، تو نه پاس ڪرايو هو؟
1938ع ۽ 1943ع ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽
جناح صاحب جي اعلى استقبال لاءِ انتظام به ته تو
ڪرايو هو؟ پوءِ به اُهي ماڻهو، جن مسلم ليگ سان
دعائون ڪيون هجن، رشوتون کاڌيون هجن، ذاتي ملڪيتون
وڌايون هجن، سي اوج تي هجن ۽ تون .غدار ملت“ سڏجين
۽ جيل جون هوائون کائيندو وتين! ڳري ڪنڊا ٿي ويو
اهين، ان ڳالهه جو راز مون کي نٿو معلوم ٿئي. اهي
تڪليفون هندن طرفان توتي ٿين ها، ته سمجهي سگهجن
ها؛ پر اِهي انهن مسلمانن طرفان توکي ڏنيون وڃن
ٿيون، جن لاءِ تو رت ولوڙي پاڻي ڪري ڇڏيو!“
مون ڪجهه تپرس ۾ پئجي کيس جواب ڏنو ته ”ڀائي، مون
کي پنهنجي گناهن جو پتو آهي، جنهنڪري اهي ڏينهن
ڏسڻا پيا اٿم. آءٌ صوفي خيال جو ماڻهو، درويشن جي
اولاد مان هوس، جن جي منزل ڪفر ۽ اسلام کان مٿي
هئي. هُنن هرهنڌ پرين پئي پسيو هو. بقول سچل فقير،
هندو مؤمن نه هئا، پر اهو ڪجهه هئا، جن جو پتو عام
کي ڪونه هو. انهن هرطرف حق پئي رکيو. تنهن ساڳئي
ماڻهوءَ سياسي گندگيءَ جي ردعمل ۾ اچي اسلام جي
صحيح تشريح، جنهن موجب هر چڱو ماڻهو خدا جو پيارو
هو، ان کي وساري، هندن ۽ مسلمانن کي، بنا تميز،
اخلاق ۽ اعمال جي، جدا سمجهڻ شروع ڪيو، ۽ دوئيءَ
کي زور وٺايو؛ راشي، بدمعاش، ظالم، نفرت
ڦهلائيندڙن کي، جي رڳو نالن ۾ مسلمان هئا، تن کي
به مسلمان ۽ چڱو سمجهڻ لڳس، ۽ شريفن، خدا ترسن، سڀ
۾ پرين پسڻ وارن، محبت جي ڀنڊار ماڻهن کي، جي رڳو
نالن ۾ هندو هئا، تن کي هندو ۽ خراب سمجهيم ۽
سڏيم! پکا پکن سان اڏي ويٺل، جنم گڏ گذاريندڙ،
هزارن ورهين کان کير کنڊ وانگر شاديءَ غميءَ ۾
ڀائرن وانگر رهندڙ هندن کي ڌاريون سمجهڻ لڳس.
بيخبر هجان ها، صوفي نه هجان ها، خود مطلب ۽ جاهل
هجان ها، ته ٻي ڳالهه هئي. پر مون جهڙي ماڻهوءَ
کان اهي خطائون ٿين، سو ٿورو گناهه هو! حق جو ڄاڻو
ماڻهو، جڏهن گمراهه ٿئي ٿو، ته ان جي سزا وڌيڪ ٿئي
ٿي. توکان ته صرف تنهنجو بنگلو ۽ زمينون کسيون
ويئون اهن. تون اڃا به چاهين ته ڀارت وڃي سکي
زندگي گذاري سگهين ٿو. مون سان خبر اٿئي ڇا ٿيو
آهي؟ جيلن ۾ موڪليو پيو وڃان. خود مطلبن، ۽ ابن
الوقتن کي اڳي ڪيو ويو اهي. ڇا، مون جهڙي حساس دل
ماڻهوءَ لاءِ اهي ٿوريون سزائون آهن، جو تون مون
کان ڪمزور ٿيڻ جو سبب ٿو پڇين! پر يار، مون خدا
مان اميدون نه لاٿيون آهن. يقين اٿم ته دائما دؤر
يڪسان نه رهندو. گهگهه اونداهيءَ م روشنيءَ جو
ترورو پيو نظر اچيم. مالڪ مان اميدون نه لاٿيون
اٿم. نيٺ مهر جا مينهن وسائيندو. ک ۽ ڏڪار ويندا.
سک ۽ سڪار ٿيندا. هميشه اها دعا گهرندو رهان ٿو.
”الله، ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾!“
ان کان پوءِ ڪونه ملياسون. 1958ع ۾ مارشل لا ٿيڻ
بعد مون کي جيل ۾ موڪليو ويو، پوءِ ڇهه سال نظربند
هوس. ان وچ ۾ ڪيئي حادثا ٿيا. منهنجي سالي حاجي
غلام شاهه ڀاڻوٺ واري وفات ڪئي. بندس ڪري، ڪلهي
ڪانڌي نه ٿي سگهيس. عزيز ڀاءُ ميران محمد شاهه
وفات ڪئي. ان جي عزيزن سان هاءِ هاءِ ڪرڻ لاءِ وڃي
نه سگهيس. آخر خبر پيم ته سيٺ پرتابراءِ 13 ڊسمبر
1965ع تي دل جي ٽٽڻ ڪري وفات ڪري ويو. سواءِ خط
لکي، عذر خواهي ڪرڻ جي ڇا ٿي ڪري سگهيس!
سيٺ صاحب سنڌ جو شيدائي هو. شال ڌڻي سرهيس! کيس
نرينو اولاد ڪونه ٿيو. هڪ نياڻي ۽ ڀائٽيا اٿس.
14. پير ميان محمد باقر شاهه ولد پير ميان محمد
معظم شاهه جيلاني
(ٿاڻو بولاخان)
هي صاحب سفيد ريش، قديم وضع جو بزرگ، هي صاحب سفيد
ريش، قديم وضع جو بزرگ، محبتي، مهمان نواز ۽
رهواڻيءَ وارو، ٿاڻي بولاخان ۾ ويٺلَ جيلاني پيرن
جو سجاده نشين هو.
سنڌ ۾ سيد عبدالقادر جيلاني عليه الرحمت جي سلسلي
۾ طريقت جو گهڻي وقت کان اثر پئي رهيو آهي- اهو
سلسلو طريقتَ ڪجهه ٻين بزرگن جي معرفت ۽ ڪجهه
جيلانيءَ جي اولاد مان سڏائين ٿا. اُهي سنڌ ۾ ڪهڙي
زماني ۾ ڪٿان ڪٿان اچي، سڪونت پذير ٿيا، تنهن جي
تفتيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته
سنڌ ۾ ويٺل موجوده جيلاني پيرن جي تاريخ، شجرن،
پزرگن جي احوال، اقوال ۽ خدمات کي قلمبند ڪري،
محفوظ ڪرڻ جو ڪنهن به فڪر نه ڪيو آهي. انهيءَ
سلسلي جي مريدن جو زياده توجهه مرشدن جي مزارن جي
مرامت ڪرائڻ، يارهين ڪرڻ، ۽ پير صاحبن کي ساليانه
نذر نياز ڏيڻ تائين محدود رهيو آهي. خود پير صاحبن
جو شوق ملڪيت وڌائڻ، وڏ ماڻهپي حاصل ڪرڻ، نذر نياز
اڳاڙڻ، سياست ۽ مڪاني معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ سان پئي
رهيو آهي. ليڪن سندن ڌيان پنهنجن بزرگن جي سلسلي
طريقت جي اَحياء، عوام جي اصلاح نفس ۽ اخلاق جي
درستيءَ طرف نه پئي رهيو آهي. جن ڳالهين ڪري سندن
عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ٿو. انهن ڳالهين کي وساري
ڏيو اٿن.
سندن مڪمل تاريخ، شجرا، اقوال ۽ احوال گڏ ڪري لکڻ
منهنجي وسعت ۽ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر آهي. هتي
جو به احوال معلوم ٿي سگهيو آهي، سو ان ڪري پيس
ڪري رهيو آهيان ته سنڌ جي تاريخ نويسن کي هن
خاندان جي سياسي، نسبي ۽ سلسلي طريقت جي تاريخي
مواد ميسر ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ملي سگهي.
جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي، ته سنڌ ۾
جيلاني پيرن جا هيٺان مکيه پنج خاندان ان جي مختلف
حصن ۾ رهن ٿا.
(1) راڻيپور ۽ گمبٽ جي جيلاني پيرن جا ڪٽنب.
(2) گهوٽڪي، عادلپور ۽ انهن سان تعلق رکندر پيرن
جو خاندان.
(3) نورائي ۽ بدين جي پير صاحبن جو خاندان.
(4) نصرپور، ٿاڻي بولاخان، ميرپورخاص ۽ سندن
متعلقه خاندان.
(5) ٺُل ۽ ان سان تعلق رکندڙ پير صاحبن جو خاندان.
(6) دنگ جمال شاهه، تعلقي سڪرنڊ ۽ ان سان واسطو
رکندڙ خاندان.
اُنهن مان پهرين ٻن جا شجرا ۽ مختصر احوال معلوم
ٿي سگهيا آهن، ليڪن ٻين جو احوال، باوجود گهڻيءَ
ڪوشش جي، پوريءَ طرح معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
پير صاحب ميان محمد باقر شاهه بابت سندس فرزند ۽
سجاده نشين کان هيٺينءَ طرح احوال معلوم ٿي سگهيو
آهي، جو درج ڪجي ٿو.
سندس خاندان نصرور جي جيلاني پيرن جي شاخ اهي.
سندن بزرگ ڪهڙي زماني ۾ بغداد کان لڏي اچي نصرپور
۾ ويٺو، ان جو پتو پئجي نٿو سگهي؛ ليڪن جيڪي بزرگ
پهرين سنڌ ۾ اچي ويٺا، انهن جا نالا شاهه محمود
عليه الرحمت ۽ شاهه عنايت چيا وڃن ٿا. هي پير سيد
عبدالقار جيلانيءَ جي فرزند سيد عبدالرزاق جي
اولاد مان سڏائين ٿا. شاهه محمود کي اولاد ڪونه
ٿيو. نصرپور جي قاضين مان سندس ڀاءُ ميان عنايت
شاهه شادي ڪئي، ۽ کيس ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. انهن
مان هڪ فتح باغ جي جيلاني پيرن کي ڏنائين ۽ ٻي
پنهنجي ڀائٽئي سيد قاسم شاهه کي بغداد مان گهرائي
پرڻايائين.
سيد قاسم شاهه کي اُنهيءَ بيبيءَ مان چار فرزند
ٿيا. (1) بچل شاهه، (2) چاند شاهه، (3) اڪبر شاهه،
۽ (4) معظم شاهه. انهن چئن ئي ڀائرن مان صرف معظم
شاهه کي هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو محمد باقر
شاهه اول رکيو ويو. ان کي ٻه فرزند (1) جهان شاهه،
۽ (2) معظم شاهه ٿيا ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
محمد باقر شاهه پنهنجون نياڻيون پنهنجن عزيزن
نصرپور وارن پيرن يک ڏنيون، جن مان کين هيٺيون
اولاد پيدا ٿيو: (1) احمد شاهه، (2) عظيم شاهه،
(3) نور شاهه، (4) حيدر شاهه، (5) امام بخش شاهه،
(6) سهندل شاهه.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته هي ٿاڻي بولا خان ۾ پير ميان
باقر شاهه اول يا پير ميان معظم شاهه جي زماني ۾
لڏي اچي ويٺا هئا. ميان محمد باقر شاهه جي فرزند،
ميان جهان شاهه، کي اولاد ڪونه ٿيو. سندس ٻئي
فرزند ميان معظم شاهه کي ٻه فرزند ڄاوا: (1) پير
ميان محمد باقر شاهه دوم (جنهن جي حياتيءَ جو بيان
لکجي ٿو، ۽ (2) پير جهان شاهه عرف پير ميان خدا
ڏنو شاهه، جن مان پهريون ڀاءُ ۽ سندس اولاد ٿاڻي
بولا خان ۾ رهيو. ٻئي ڀاءُ ميان خدا ڏني شاهه، پير
ميان حيدر شاهه نصرپور واري جي نياڻيءَ سان شادي
ڪئي، ۽ ميرپورخاص جي پيرن جي لاڳاپي ۽ گاديءَ جي
خالي ٿيڻ ڪري اتي رهجي پيو. ان جو فرزند پير ميان
غلام رسول شاهه هن وقت ميرپور خاص جي درگاهه جو
سجاده نشين آهي. ڪجهه وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر
هو، پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽
مرڪزي اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تي ڪجهه وقت رهيو.
هميشه سرڪاري پارٽيءَ سان تعلقات رکڻ ڪري، چڱو اثر
۽ ملڪيت حاصل ڪري ويو آهي. هن کي ٽي فرزند آهن:
(1) پير حيدر شاهه، (2) پير جهان شاهه، ۽ (3) پير
امجد حسين شاهه.
ميرپورخاص وارن پيرن جو اولاد لکپت ۽ فتح باغ وارن
پيرن جي اولاد سان مليو. ازانسواءِ پير امام بخش
شاهه پٻڻ وارو به هن خاندان سان واسطو رکندڙ هو.
ٻئي طرف پير ميان محمد باقر شاهه، جو ٿاڻي بولا
خان ۾ رهيو، ان کي چار فرزند ٿيا: (1) پير ولايت
علي شاهه، (2) پير محمد بخش شاهه، (3) پير رسول
بخش شاهه، ۽ (4) پير ميان اڪبر شاهه. انهن جو
اولاد هيٺينءَ طرح آهي:
1- پير ولايت علي شاهه جا فرزند: (1) پير طالب
حسين شاهه، (2) پير منور شاهه، (3) پير مهر شاهه،
(4) پير امير شاهه، ۽ (5) پير ارشاد علي شاهه.
2- پير محمد بخش شاهه جا فرزند: (1) پير عظيم
شاهه، (2) پير غلام نبي شاهه، ۽ (3) پير اسلام
شاهه.
3- پير رسول بخش شاهه جا فرزند: (1) پير انور
شاهه، ۽ (2) پير محمد زمان شاهه.
4- محمد اڪبر شاهه جا فرزند: (1) پير اصغر علي
شاهه، (2) پير روشن علي شاهه، ۽ (3) پير اعجاز علي
شاهه.
هن وقت ٿاڻي بولا خان جي پيرن جو سجاده نشين محمد
باقر شاهه جو ٽيون نمبر فرزند پير رسول بخش آهي،
جو ٻه وڏا فرزند والد جي حياتيءَ ۾ گذر ڪري ويا
هئا.
پير محمد باقر شاهه نوي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.
روزي نماز جو پابند، پرهيزگار، درويش صفت انسان
هو. ذڪر اذڪار وغيره طريقت جي معاملي سان سنڌ جي
اڪثر موجوده پيرن وانگر هن جو به واسطو نه هو. هن
جا سنڌ جي اڪثر موجوده پيرن وانگر هن جو به واسطو
نه هو. هن جا سنڌ جي مکيه خاندان سان دوستانه
تعلقات هئا. انهن جو منجهس چڱو اعتقاد هو. سندن
ڪمن ڪارين ۾ پير صاحب اڪثر کين مدد ڪندو هو.
15- ملڪ ميان صوبدار خان (ٽيون) ولد ملڪ سردار خان
نهڙيو
(ٿاڻو احمد خان، ڪوهستان)
هن صاحب جو احوال صرف اِن ڪري لکي رهيو آهيان، جو
هيءُ ڪوهستان جو مکيه سردار، ۽ انگريزي حڪومت ۾
عزت ۽ دست رسيءَ وارو هو- فرسٽ ڪلاس جاگيردار، راڄ
جو چڱو مڙس، آسپاس جي راڄن ۽ خاندانن ۾ رهوڻيءَ
وارو، اسان يج خاندان سان ڀائيچاري جهڙا تعلق
رکندڙ، شڪل جو سهڻو، ڏاڙهي چاپئين، ڏيا ڏيک ۾
رعبدار، خوش خلق ۽ شريف خاندان جو فرد هو: بلڪ هن
خاندان جي احوال پيش ڪرڻ ۾ سنڌي حڪمرانن جي سونهري
دور، سما گهراڻي، جي تاريخي مواد ميسر ڪرڻ لاءِ
مستقبل جي تاريخ نويسن اڳيان ڪي اهڙيون حقيقتون
پيش ڪري رهيو آهيان، جن جي بنياد تي هو ان گهراڻي
جي تاريخ لکي سگهن.
ڪوٽڙيءَ ۽ ڪوهستان جا مَلڪ اڳي ”ڄام“ سڏبا هئا. هي
سما گهراڻي سان تعلق رکن ٿا، جا سنڌ جي قديم قومن
مان شمار ڪرڻ ۾ اچي ٿي. ان جي اصل بابت ٽي روايتون
مشهور آهن: هڪ روايت موجب، ان کي عرب جي نسل جي
اولاد مان سمجهيو ويو آهي؛ ٻيءَ روايت موجب، هي
ايران جي شهنشاهه جمشيد جي نسل مان شمار ڪيا وڃن
ٿا؛ ۽ ٽينءَ روايت موجب، هي هندستان جي چندر بنسي
بادشاهن جي نسل مان آهن، جن جو وڏو ”يادو“ هو، جو
بدلجي ”جادَم“ سڏجڻ ۾ آيو- راجا يڌشٽر ۽ ڪرسن
مهاراج انهيءَ ڪل مان هئا- اُنهيءَ مطابق هي
راجپوت گهراڻي مان ٿين ٿا.
دنيا جو دستو آهي ته اڪثر ماڻهو اڀرندڙ سج کي سلام
ڪن ٿا. هن ملڪ ۾ جنهن جي تهذيب عيسوي صديءَ کان
اڍائي هزار ورهين بلڪ اُن کان اڳ جي شمار ڪئي وڃي
ٿي. اصل دراوڙي قومون رهندڙ هيون. ان کان پوءِ
آرين جي حڪومت ٿي. راجپوت اُنهن جي نسل مان آهن.
خود جمشيد به آريو هو. عربن جي حڪومت اچڻ بعد،
ڪيترن ماڻهن نه صرف قديم رسم رواج ۽ مذهب بدلايا،
بلڪ نسلن ۽ شخصن جي نالن جي بدلڻ جي به ڪوشش
ڪيائون. ان ۾ هو فخر سمجهڻ لڳا. سومرا علوي سيد ٿي
پيا، ڪي سما قريش سڏائڻ لڳا، بلوچ امير حمزي جي
ٻانهيءَ جي نسل مان سڏائڻ تي فخر ڪرڻ لڳا. ملڪ جا
ڪوري، موچي، ملا بدلجي ڪي سيد، ڪي قريشي، صديقي،
عقيلي، فاروقي سڏجڻ لڳا. ڄڻ ته عرب جي بدوي نسل
مان سڏائڻ گناهه ۽ بيعزتي هئي! خير، هتي مون کي
اِنهيءَ ساري مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪري، تاريخ لکڻي نه
آهي؛ اهو مستقبل جي تاريخ نويسن تي ڇڏيل آهي ته
انهيءَ مسئلي تي بنا تعصب جي مستند راءِ قائم ڪري،
فيصلو ڪن.
مون کي سرزمين سنڌ سان محبت آهي، ان جي پيار کي
آءٌ ايمان جو جزو سمجهان ٿو؛ ان ڪري ان جي تاريخ
جي لڪل ورقن بابت، پنهنجي معلومات مطابق، روشني
وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
سومرن کان پوءِ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت ٿي، جا 752هه
کان 928 هجريءَ تائين رهي. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف ته
ان کان پوءِ به سندن حڪومتون رهيون. ڪڇ جا جاڙيجا
راجائون اُنهيءَ گهراڻي مان هئا.
اها سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار
ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ، وغيره لقبن سان سڏبا
هئا.، هرهڪ پاڙي، ڪٽنب، قبيلي جي وفاداري پنهنجي
مُک ماڻهوءَ سان هوندي هئي. اُنهن مُک ماڻهن جي
وفاداري وري مُکيه راجا يا بادشاهه سان هوندي هئي.
جنهن جو لقب ”ڄام“ هوندو هو؛ ليڪن وڏي حڪومت وڃڻ
کان پوءِ ننڍن قبيلن جا مُکُ سردار به ”ڄام“ سڏائڻ
لڳا، ڪي ڄاموٽ سڏبا هئا، جنهن جي معنى ”ڄامزادا“
ٿئي ٿي- جهڙيءَ طرح راجا جي اولاد کي راجپوت يا
نواب جي اولاد کي نوابزادو سڏڻ ۾ آيو ٿي.
سما نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ لس
وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا، جي جدا جدا قبيلن جي نالن
سان سڏجڻ ۾ ايندا هئا، انڙ، ابڙا، پلي، سميجا،
ڏهر، هالا، لاکا، جوکيا، لاسي ڄاموٽ، رونجها،
جوڻيجا، جاڙيجا، شورا، سوڍا، نهڙيا، ڌاريجا، وغيره
سندن مکيه پاڙن جا نالا هئا. اهي سڀ هڪ قسم جون
مڪاني سرداري حڪومتون هيون. انهن جا سردار پنهنجي
حدن جا مالڪ هئا. اهي وري ڄام جا سلامي ۽ وفادار
هوندا هئا، جو سندن شهنشاهه مثل هوندو هو.
دنيا ۾ بقا خدا جي نالي کي آهي. ڪمال بعد زوال
هلندو اچي ٿو. سنڌ ۾ سما گهراڻي جو آخري بهترين
بادشاهه ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو هو، جو پاڻ
عادل ۽ مهذب، ۽ بزرگن، عالمن، شاعرن، پهلوانن ۽
هنرمندن تي شفيق ۽ مهربان هوندو هو. سندس وزيراعلى
نواب درياهه خان هوندو هو. انهن جي ڏينهن ۾ ڪنهن
به ڌارئين حاڪم يا قبيلي کي طاقت ڪانه ٿي، جو
حڪومت جو وار ونگو ڪري سگهي. شاهه بيگ ارغون جي
ڀاءُ، محمود، جرئت ڪري، حملو ڪيو؛ ان کي نواب
درياهه خان، مڪاني سردارن جي وسيلي، اهڙي شڪست
ڏيئي قتل ڪيو، جو وري ارغون سنڌ ڏي رخ ڪرڻ جي همت
نه ساري سگهيا. ليڪن چوڻي آهي ته ”مڙسن مئي پاڙا
پالها ٿيو وڃن“. 914هه ۾ ڄام نظام الدين وفات ڪئي.
ان جي جاءِ تي ڄام فيروز حڪمران ٿيو. تنهن نواب
درياهه خان جهڙي آزمودگار ۽ محب وطن وزير کي ناراض
ڪري، نوڪري ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. درٻار ۾ پٺاڻن ۽
ڌارين ماڻهن کي وڌايو ويو. عيش عشرت ۾ مشغول رهڻ
ڪري پنهنجي قومي سردارن سان، جن تي هن جو مدار هو،
تعلقات قائم رکي نه سگهيو. نتيجو اهو نڪتو ته شاهه
بيگ ارغون ملڪ تي ڪاهي آيو، ۽ آخر 928هه ۾ سنڌ جي
گاديءَ ٺٽي تي اُهو قابض ٿي ويو. دولهه درياهه خان
شهيد ٿي ويو. ۽ ٻين به همدردن ۽ وفادارن گهڻو
سَٺو.
اسان جي خاندان جو به سما خاندان سان لاڳاپو هو.
اسان به وس آهر سمن لاءِ ڪجهه قربانيون نيون،
تنهنڪري فطري طور ان مسئلي سان اسان کي ذاتي
دلچسپي پئي رهي آهي.
اسان جو ڏاڏو، سيد حيدر عليه الرحمت، مخدوم بلاول
عليه الرحمت جو خليفو هو. مخدوم بلاول ”سمو سردار“
ڪري سڏبو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اصل ٺٽي جي شاهي
خاندان مان هو، جو فقيري اختيار ڪري، اچي دادوءَ
جي ڀر ۾ باغبان ۾ ويٺو، جتي هن جي وڏي درگاهه آهي.
ڪي چون ٿا ته هو لس ٻيلي جي رونجهن ڄامن مان هو.
انهن ڳالهين جي کوج تاريخدانن کي ڪرڻي آهي.
نواب درياهه خان، مخدوم بلاول عليه الرحمت ۽ سيد
حيدر عليه الرحمت گهاٽا دوست ۽ رفيق هئا. سخي
ابراهيم شاهه عليه الرحمت، سيد حيدر جو ڏاڏو (مدفن
نزديڪ خاڻوٽ)، ڄام نظام الدين سمي جي مقربن مان
هو. جنهن ڪري نواب درياهه خان کي ساڻس عقيدت ٿي
ويئي. ان سندس ڀر ۾ اڳوڻيءَ گوپانگ اسٽيشن جي
ڀرسان، هڪ قبائين جاءِ پنهنجي رهڻ لاءِ ٺهرائي
هئي، جتي هو رهي، سخي صاحب سان اڪثري ملاقاتون
ڪندو هو، ۽ چانگ قبيلي کي شاهه صاحب جي مريدن جي
مدد سان هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو.
اهو تاريخي واقعو آهي ته انهيءَ زماني ۾ سيد محمد
ميران جونپوري پيدا ٿيو، جنهن مهدي ٿيڻ جي دعوى
ڪئي. سندس تحريڪ جا خيال ۽ مقصد هيٺيان هئا:
(1) وقت اچي ويو هو ته ساريءَ دنيا تي اسلام جو
غلبو ٿئي.
(2) انهيءَ مقصد واسطي، جنهن ماڻهوءَ جي ضرورت هئي
ته مسلمانن کي گڏي هڪ جهنڊي هيٺ آڻي ۽ اسلام جي
پکيڙڻ لاءِ جهاد شروع ڪري، اهو ميان محمد ميران
شاهه جونپوري هو.
(3) تنهنڪري هر مسلمان بادشاهه، عالم ۽ درويش کي
سندس هٿ تي بيعت ڪري، جهاد لاءِ تيار رهڻو هو.
(4) اسلام جي غلبي جو مطلب ۽ معنى اها هئي ته جتي
ڪٿي حڪومت اسلامي ٿيڻي هئي، ۽ شريعت دين اسلام جي
جاري ڪرڻي هئي. اهو اهڙي قسم جو نعرو هو، جهڙو
ترڪن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ سلطان عبدالحميد
جي ڏينهن ۾ هنيو هو، جنهن غير مسلمن ۾ ردعمل پيدا
ڪري، انهن کي مسلمانن جي دشمنيءَ لاءِ متحد ڪرڻ جي
شروعات ڪئي هئي.
اِنهن راين ۽ مقصد جي سلسلي ۾ قديم وقت کان اختلاف
هئا: اڪثر درويشن ۽ صوفياء ڪرام ان کي غلط، قرآن
جي صريح آيت- ”لااڪراه في الدين“- جي خلاف، ملڪي
مصلحتن لاءِ نقصانڪار ۽ قومي انتشار جو باعث
سمجهي، رد ڪيو هو. هندستان ۾ هندو چار حصا ۽
مسلمان پنجون حصو هئا. تڏهوڪين مسلمان حڪومتن جون
مٽيون مائٽيون هندو راجائن سان هيون، ۽ ٻاهرين
مسلمان حمله آوارن جي خلاف اُهي هندو راجائون ۽
هندو راڻا، ۽ سردار ملڪ جي مسلمان حاڪمن سان مدد
ڪندا هئا. سما قوم جو گهڻو تعداد اڃا مسلمان به نه
ٿيو هو، جهڙوڪ ڪڇ جا راجا جاڙيجا ۽ سنڌ جا هندو
سوڍا ۽ ٻيون قومون، ۽ ڪاٺياواڙ جا راجائون، وغيره.
پر اهي سڀ قومي لحاظ کان، عهدنامن موجب، سما حڪومت
جا مددگار هئا. تنهنڪري جونپوريءَ جي انهيءَ تحريڪ
کي سنڌ جي ڪيترن عالمن، درويشن ۽ سردارن، خلاف
مصلحت سمجهي، ان جي مخالفت ڪئي هئي. پر ڪي ملا،
جهڙوڪ قاضي قاضن، ۽ ٻيا ڪوتاهه نظر ماڻهو، ان ڦندي
۾ ڦاسي، ان جي بيعت ڪرڻ لڳا هئا.
سيد محمد ميران جونپوري، پاڻ کي مهدي سڏائيندي،
جڏهن ٺٽي ۾ آيو، ته ڄام نظام الدين رواجي مهمان
نوازي ڪري، نواب درياهه خان جي مصلحت سان، هن کي
سنڌ کان ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو هو، پر تنهن هوندي
به هن ٻيڙين جو قافلو گڏ ڪري، درياءَ رستي، سنڌ ۾
تبليغ ڪرڻ شروع ڪئي. ان تي مخدوم بلاول عليه
الرحمت، سيد عبدالرزاق لڪاري (شاهه صدرالدين عليه
الرحمت جي اولاد مان) ۽ نواب درياهه خان گڏ ٿي،
صلاح ڪئي ته اُن فتني کي روڪيو وڃي.
دادوءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين مخدوم بلاول ۽
لڪياري سيدن جو اثر هو. مخدوم ساهڙ لنجار به مخدوم
بلاول جو مريد هو. شاهه حيدر عليه الرحمت به سندس
مريد هو. آخر تجويز بيٺي ته جڏهن سن وٽ ٻيڙيون اچن
۽ بيعت لاءِ ميران شاهه گهر ڪري، ته حملو ڪرائي،
سندن ٻيڙيون ٻوڙائي ڇڏجن. اهو ڪم سيد حيدر عليه
الرحمت تي رکيو ويو. ان اهو ڪم سرانجام ڪري، ميران
شاهه جون ٻيڙيون ٻوڙائي، هن کي وهٽن ذريعي
افغانستان وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو.
شاهه بيگ ارغون چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميران شاهه جي
مريدن مان هو.
شاهه بيگ ارغون، سنڌ تي قبضي بعد، ٺٽي ۾ قتل عام
ڪرايو، جو سندس مرشد جي مرد ۽ سندس طرفدار قاضي
قاضن جي چوڻ تي پڇاڙيءَ ۾ هن بند ڪرايو. پوءِ
آهستي ڪري قوم پرست درويشن ۽ مخالف سردارن کي ختم
ڪرڻ جي ڪوشش شروع ٿي. مخدوم بلاول عليه الرحمت کي،
ملن کان غلط فتوى لکارائي، گهاڻي ۾ پيڙايو ويو.
سيد حيدر حالتون نازڪ ڏسي ڪڇ ڏي لڏي ويو. نواب
درياهه خان جي فرزندن، موٽڻ خان ۽ محمود خان، هندو
راڻي رڻمل سان گڏجي جنگ ڪئي، پر شڪست کائي شهيد ٿي
ويا. سنڌ جا سردار ڌارين حاڪمن جي بيعت ڪرڻ کان
انڪار ڪري، کليل جنگ ڪرڻ کان سواءِ، لڪل طرح ماڻهن
کي اُڀاري، حمله آوارن سان پنهنجي ويڙهه جاري
رکندي، انهن جي حفاظت ڪندا رهيا، سي هيٺيان قبيلا
هئا: لس ٻيلي جا رونجها، ڪوهستان جا نهڙيا، ۽ ٻين
پاسن جا انڙ، سميجا، ڏهر، ۽ ٻيا ڪيترا قبيلا، جيڪي
سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل هئا. اُڻهن نه صرف ارغونن ۽
ترخانن بلڪ مغلن جي ڏينهن ۾ به ڌارين حڪمرانن جي
مڪمل تابعداري نه ڪئي هئي. ”تاريخ مظهر
شاهجهانيءَ“ (ص840) ۾ 1044هه ۾، ”انهيءَ ڳالهه جو
ذڪر ڪندي، يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين بکري
لکي ٿو ته ”جن ماڻهن ملڪ ۾ فساد مچائي تباهي آندي
آهي، انهيءَ مان سميجا قوم به آهي، جنهن جا ٻارهن
قبيلا آهن: (1) ٻگهيا، (2) دل، (3) راڄپر، (4)
ٿيٻا، (5) کيبر، (6) بهڻ، (7) جوڻيجا، (8) اوٺا،
(9) منگواڻا، (10) پريا، (11) لاکيار، ۽ (12) انڙ.
اُنڙن جي پاڙن جو ذڪر ڪندي، راهو، ڏاهري، ساند،
ڌاريجا، راهوجا، مناهيجا، فيروزا ۽ ڪيريا ٻڌائي
ٿو. وري لکندي چوي ٿو ته ”انهن سرڪشي ۽ بغاوت
ڪندڙن مان قوم نومڙيا (نهڙيا) به آهن، جي سمن جي
قبيلي مان جدا ٿي، جبلن ۾ وڃي رهيا آهن، جن وٽ ڇهه
هزار کن لشڪر آهي، جن مان پندرهن سؤ سوار آهن، ۽
اڍائي هزار پيادو لشڪر آهي. هڪ جاءِ تي نٿا رهن،
سندن رهڻ وارن جاين کي ”ٿاڻا“ سڏجي ٿو.“
انهيءَ مختصر احوال ڏيڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي
ته هي قبيلا جن ۾ ملڪ صوبدار خان جو نهڙيو قبيلو
اچي وڃي ٿو، انهن غيرتمند سمن قبيلن مان هئا، جن
ڪڏهين دائمي طور ۽ خوشيءَ سان ڌارين حمله آوارن ۽
حڪمرانن جي تابعداري نه ڪئي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت
۾ مقابلو جاري رکندا آيا.
انهيءَ ابتدائي تعارف کان پوءِ مَلڪ ميان صوبدار
خان ۽ سندس خاندان جو ذڪر هيٺين ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي
ڪندس: (1) نسب ۽ خانداني احوال، (2) ملڪ جي انهيءَ
حصي ۾ سندن اچڻ ۽ رهڻ جا روايتي احوال، ۽ (3) مَلڪ
صاحب جي شخصي زندگي.
نسب ۽ خانداني احوال:
هي اصل ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي طرف کان آيل چوڻ ۾ اچن
ٿا. هنن جو وڏو، ڄام عيسب خان، پنهنجي پيءُ، هوتي
خان سان، جو ڪڇ جي ڪنهن حصي جو سردار هو، ناراض
ٿي، نهنجن چئن دوستن، هرهڪ لال، برده، چائڙي، بنر
شوري، هڪ غلام، هڪ ميراسي، ٻن نوڪرن ۽ ٻين نون
ڪتنبن جي جوانمردن سان گڏجي، پنهنجي ملڪ کي ڇڏي،
قلات ڪوهستان جي هڪڙي حصي ۾ آيو. اهو زمانو اٺين
صدي هجريءَ جي شروعات (720هه) ڌاري جو هو. اُن ملڪ
جي حصي جو حاڪم مرڪ نالي هندو سردار هو، جنهن مان
مڪاني ماڻهو ناراض هئا، ان جي مجلس ۾ هٿيارن سوڌو
وڃي، کيس قتل ڪري، هو انهيءَ ايراضيءَ تي قبضو ڪري
ويٺو.
اهو حصو ملڪ جو ان وقت افغانستان جي ماتحت هو. اتي
جي حاڪم سندس زيردست سردار جي قتل جي خبر ٻڌي،
پنهنجي عملدار کي لشڪر سوڌو چاڙهي موڪليو، ته
معاملي جي جانچ ڪري، رپورٽ ڪري. ان تي عيسب خان
سندس سلام ڪري ساري معاملي کان کيس واقف ڪيو، ۽
کيس افغانستان حڪومت جي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو.
بادشاهه اها خبر پهچڻ بعد کيس ان علائقي ۾ مرڪ جا
جاگير عطا ڪئي، ليڪن هن ملڪ جي ان حصي ۾ رهڻ خلاف
مصلحت سمجهي، مقتول حاڪم جي ڀاڻيجي کي ملڪ حوالي
ڪري، پاڻ لس ٻيلي ۾ آيو ۽ اُتي جي ڄام، دينار
گونگي، جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. اُن مان کيس
ڄام برفت خان پيدا ٿيو.
پوءِ اتان به لڏي هي باران ايراضيءَ ۾ اچي ڪوهستان
۾ ويٺو، جتي ان وقت مڪاني اثر وارا ماڻهو چانگ
هئا- انهن کي اُتان ڪڍي، اُتي جو حاڪم ٿي ويٺو. لس
ٻيلي ۾ سندس سهري، ڄام دينار، کي ڄام ابراهيم
فرزند ٿيو، اُن پڳ ٻڌندي، 1500 سوارن سان ڪيترن
هنڌن تي حملا ڪري، ڦرلٽ ڪري، ملڪيت گڏ ڪئي. آخر هٿ
آيل ملڪيت جي ورهاست تي سندس مددگارن ۾ تڪرار ٿي
پيو، ۽ هڪ سردار هن کي قتل ڪري وڌو. جنهن تي برفت
خان پنهنجي سالي جي بدلي وٺڻ لاءِ اٿل ملڪ تي حملو
ڪري، گونگن سردارن کي ختم ڪري، ڪجهه وقت لاءِ پاڻ
ان ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. ليڪن حقيقت ۾ حڪومت جي
واڳ رونجهن سردارن جي هٿ ۾ هئي، جن ڄاموٽن جي
سردارن، ڄام عاليءَ، جي ڀاءُ کي قتل ڪري وڌو، ان
کان پوءِ، ملڪ جون حالتون ناسازگار ڏسي، برفت خان،
لس ملڪ ڄام عاليءَ جي حوالي ڪري، پاڻ موٽي اچي
پنهنجي ايراضيءَ ڪوهستان ۾ ويٺو.
ڄام برفت کي ڇهه فرزند ڄاوا: (1) ڄام همرڪ، (2)
ڪارو، (3) دين، (4) خيبرڪ، (5) شاهو، ۽ (6) موچي.
پڳ ڄام همرڪ تي آئي. ٻين مان هيٺيان راڄ پيدا ٿيا:
(1) مير ڪارو جي اولاد مان عاقلاڻي راڄ ٿيو، (2)
مير دين جي اولاد مان ڏڌر پيدا ٿيا، (3) مير خيبرڪ
مان جوکيا پيدا ٿيا- جوکين جي پاڙي مان موسو مرڇڪ
به آهي، (4) موچي جي اولاد مان موچيجا پيدا ٿيا،
(5) شاهوءَ جي اولاد مان شاهڪ پيدا ٿيا، جي لس
ٻيلي طرف رهن ٿا.
پڳدار ڄام همرڪ کي ٻه پٽ ٿيا، جن مان وڏي فرزند
جنهن تي پڳ آئي، تنهن جو نالو ڄام جمروڪ هو. اُن
جي ٻئي ڀاءُ جو نالو ”فهميرو“ هو، جنهن کي حسن
نالي فرزند پيدا ٿيو. حسن کي گهڻو اولاد ٿيو، جن
مان هڪ جو نالو ”الترڪ“ هو، جنهن جي اولاد کي
”نوري پوٽا حسناڻي برفت“ سڏين ٿا. حسن جو ٻيو پٽ
سپوٽو هو، جنهن جو اولاد ”ڪندراڻي حسناڻي“ ٿيا.
سندس ٽيون فرزند ”منڌرو“ هو، جنهن مان ”ماڌوڙا“
پاڙو پيدا ٿيا، جي هن وقت لس ٻيلي طرف رهن ٿا. اهي
به اصل ۾ برفت آهن. چوٿون پٽ سڄڻ هوس، جنهن جو
اولاد ”برپاڪر“ مڪران جي ايراضيءَ ۾ رهي ٿو. اُهي
اُتي ”حسناڻي“ نالي سان مشهور آهن. سردار دين محمد
خان، محمد علي خان ۽ مڪراني سردار حسناڻي نسل مان
برفت آهن. سندن پنجون پٽ ”موچي“ هو، جنهن جو
اولاد، ”حسناڻي اسحاق پوٽا“، بارن ۾ رهن ٿا.
سندن پڳدار ڄام جمروڪ نهايت بخت ۽ طاقت وارو ٿي،
برفت قوم ۾ نالو ڇڏي ويو. هن چوويهه ٻيون نيون
ايراضيون ٻين ننڍن قبيلن کان کسي، پنهنجي حوالي
ڪيون هيون. ڄام جمروڪ جي وفات بعد سندس جاءِ نشين
ڄام ”بادين“ ٿيو، جنهن جي وفات کان پوءِ، ڄام
”آريءَ“ کي سرداري ملي. اُن جي اولاد مان موسا
ساسولي ۽ سڪونه قلات ايراضيءَ ۾ ويٺل آهن، جن جا
سردار هن وقت پهاڙ خان ۽ رسول بخش خان ساسولي آهن.
ڄام آريءَ، سنڌ ۾ ماڻهو موڪلي، ڦرلٽ ڪرائي، ان مان
لشڪر ۽ راڄ جي پورائي ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته جبل ۾
سواءِ مال جي اناج جي ايتري پيدائش ڪانه ٿيندي
هئي. اهو دور مغلن جي حڪومت جو هو. انهيءَ وقت
مغلن سنڌ ۾ پنهنجي خاندان کي جاگيرون ڏنيون هيون.
جڏهن پنهنجن گماشتن ۽ ڪارپردازن کان دهليءَ حڪومت
کي نومڙين جي پرلٽ جي شڪايت پهتي ۽ هنن ڄام آريءَ
کان سبب گهريو، ته جواب ڏنائين ته راڄ وڏو آهي،
جبل ۾ پيدائش ٿوري آهي، ان ڪري مجبور ٿي ان طرح
گذر ڪرڻو ٿو پوي. تنهن تي حڪومت طرفان کيس سنڌ ۾
ڪي جاگيرون ڏنيون ويئون. جن ۾ رهندڙ شورن ۽ منو
پسالو ماڻهن کي مجبوراً هن جي ماتحت رهڻو پيو.
ڄام آريءَ کي چار پٽ ٿيا: (1) لهار خان، (2) حمل
خان، (3) ٻاٻڙو، ۽ (4) بادين، وڏي فرزند درويشي
اختيار ڪري، پڳ حمل خان کي ٻڌائي، جاگيرون ۽ راڄ
حمل خان ۽ ٻاٻڙي جي اولاد کي ورهائي نا. چوٿين
فرزند، بادين، جو اولاد ”مردوئي“ هاڻ مينگلن سان
گڏ رهي ٿو.
ڄام حمل کي ٽي فرزند ٿيا: 1. مرجوڪ، 2. اوٿيمان، ۽
3. چاڳلو. اوٿيمان کي چار پٽ ٿيا: 1. وليداد، 2.
حاجي، 3. ديگي خان، ۽ 4. سريو خان- جن مان
”اُوٿمان پوٽا“ بارن ۾ رهن ٿا. حاجي خان جو اولاد
بارن ۾ ڌيناڻ:، جئند پوٽا ۽ پنليڌي پوٽا سڏائين
ٿا. چاڳلي جو اولاد به بارن ۾ رهي ٿو، ۽ ”چاڳلي
پوٽا“ سڏائين ٿا. ڄام مرجوڪ گادي نشين ٿيو. ان کان
پوءِ ان جو جاءِ نشين کيو خان ٿيو. ان کان پوءِ
ڄام جمروڪ ثاني جاءِ نشين ٿيو، جنهن کان پوءِ پڳ
ڪانڀو خان تي آئي. هن وري ڦرلٽ ڪري، مال ملڪيت گڏ
ڪرڻ شروع ڪئي، جنهنڪري کيس دهليءَ جي بادشاهه
گهرائي قيد ۾ رکيو، جتي بندي خاني ۾ ڪافي وقت
رهيو. هڪ ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو ته بادشاهي شينهن ڇڙي
نقصان ڪرڻ لڳو. ان جي مارڻ لاءِ ڄام ڪانڀو خان پاڻ
آڇيو، ۽ ان سان وڙهي، ان کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿيو،
جنهن جي عيوض کيس آزاد ڪري، جاگير ڏيئي، مَلڪ جو
خطاب ڏيئي، واپس موٽڻ جي اجازت ڏني ويئي. ان کان
پوءِ هي ”مَلڪ“ سڏجڻ ۾ اچن ٿا.
ملڪ ڪانڀي خان کان پوءِ، ملڪ نورالدين سندس جاءِ
نشين ٿيو، جنهن جو ٻيو پٽ، بهدي خان، هو، جنهن جي
اولاد کي ”بهدياڻي“ ۽ ”سنڌلاڻي“ سڏين ٿا. ملڪ
نوالدين خان کان پوءِ، ان جي جاءِ تي پهوڙ خان
جاءِ نشين ٿيو، جنهن ٺٽي جي حاڪم ۽ نائب، الف خان،
کي قتل ڪيو. دهلي حڪومت هن کان بازپرس ڪئي، پر ان
وقت ڌاري، دهلي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي، جن کانئس
عيوضو وٺي هن کي معافي ڏني.
پهوڙ خان جي پٽ، عزت خان، قلات جي واليءَ، خان جي
مزار ڄام لهار خان جي قبرستان، تولگ مڪان، ۾ آهي.
هي اهوئي پهوڙ خان هو، جنهن لس ٻيلو فتح ڪري، اُتي
ڪجهه وقت حڪومت ڪئي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته قلات جي
خان، جڏهن ڄام عالي ولد صديق ڄاموٽ کي، جو کنراج ۾
رهندو هو، لس ٻيلي جو هاڪم مقرر ڪيو، ته عزت خان
موٽي، پنهنجي ملڪ ۾ اچي رهڻ لڳو. ڄام عالي، جو
پوءِ ”کٿورئي“ جي نالي سان مسهور ٿيو، نهايت سٺو
منتظم ثابت ٿيو. ملڪ عزت خان کي خان قلات جي
نياڻيءَ مان اولاد ڪونه ٿيو. کيس ٻئي گهر مان
اولاد ٿيو، جنهن جو نالو ملڪ صوبدار خان (اول)
رکيو ويو. هِن مَلڪ صوبدار خان کي فرزند، مَلڪ
احمد خان ٿيو، جنهن جي نالي تي ”ٿاڻو احمد خان“
سڏجي ٿو. اُن کي فرزند، مَلڪ صوبدار خان، دوم،
ٿيو، جنهن ڄام مير خان دوم والي لس ٻيلي جي
نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن جي حڪومت لس ٻيلي تي
1830ع کان 1980ع تائين رهي. اُن مان کيس ملڪ سردار
خان (اول) پيدا ٿيو. ان جو فرزند ملڪ صوبدار خان
(صوم) پيدا ٿيو، جنهن جي زندگيءَ جي احوال ۾ هي
مضمون لکي رهيو آهيان.
ملڪ صوبدار خان (سوم) کي ملڪ سردار خان (دوم)
فرزند ڄائو ۽ ڪاروبار هلائڻ لڳو، ليڪن آخر عمر ۾
پنهنجي فرزند، موجوده ملڪ سڪندر خان سنڌ اسيمبليءَ
جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊجي آيو هو. ان کان پوءِ
مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ميمبر هو. هِن وقت به
هو مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.
خاندان جي اِنهيءَ مختصر احوال کان پوءِ، قوم برفت
جي مشهور وجهه تسميہ جو ذڪر ڪجي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي
ته انهن تي اِهو نالو انهيءَ ڪري پيو، جو ڦرلٽ ڪرڻ
ڪري، ”بَريِ آفت“ سڏيا ويندا هئا، جنهن مان سندن
نالو بدلجي برفت ٿي پيو. هڪ ٻيءَ روايت مطابق،
گهڻين فتحن ڪري، هي ”ابوالفتح“ جي خطاب سان سڏجڻ
لڳا، جو اکر بدلجي برفت ٿي پيو. ٽينءَ روايت موجب،
ڄام عيسب جي فرزند ”برفت خان“ جي نالي پٺيان کين
”برفت“ سڏيو وڃي ٿو. اها روايت قرين قياس سمجهڻ ۾
اچي ٿي. اُنهيءَ برفت قوم کي ڪي نومڙيا، ڪي
لومڙيا، ڪي نهڙيا سڏين ٿا. انهيءَ لاءِ هيٺيون
روايتون مشهور آهن: (1) هي قبيلو نهڙيا قوم جي شاخ
آهي؛ سندن وڏي ڏاڏي، ڄام جادم، کان پنجون نمبر
فرزند نهڙيو هو، جنهن جي نالي مان بدلجي، اُهي
”نومڙيا“ ٿي پيا آهن. (2) ڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن
ڄام عيسب خان ڪڇ کان پنهنجي والد هوتي خان سان
ڪاوڙجي، هن ملڪ ۾ آيو هو، ته پاڻ سان نون قبيلن جا
نوجوان مرد وٺي آيو هو؛ انهيءَ ڪري سندن اولاد کي
”نهمڙديا“ يعني ”نون سردارن جو اولاد“ سڏيو ويو.
اهڙيءَ طرح خاندان جي نسب جي مختصر تاريخ بيان ڪرڻ
بعد. سندن شجرا هيٺ ڏجن ٿا. برفت يا نومڙيا يا
نهڙيا قبيلي جو شجرو ملڪ صاحبن کان هيٺينءَ طرح
معلوم ٿي سگهيو آهي:
نوٽ: ڄام جادم کان مٿي شجرا نه ڄاڻايا اٿم، جو مٿي
ذڪر ڪيل روايتن موجب اُهي جدا جدا ٿي وڃن ٿا. چوڻ
۾ اچي ٿو ته ڄام آريءَ جا چار فرزند هئا: (1) ڄام
لهار خان، جو وڏو هو، پر درويشي اختيار ڪري، پڳ
حمل خان کي ڏنائين، ۽ جاگيرون ۽ راڄ ٻنهي کي
ورهائي ڏنائين. سندس اولاد، ”لهاراڻي“، تونگ ۾ رهن
ٿا. (2) آخر ۾ حملاڻي ”ٿاڻي احمد خان“ ۾ اچي ويٺا،
۽ ٻاٻڙا ”ٿاڻي بولا خان“ ۾. (3) چوٿين ڀاءُ،
پادرين، جو اولاد، مينگل سان گڏ، شاهه بلاول
نورانيءَ تي ”مردوئي“ سڏجي ٿو.
بلوچستان طرف سما قبيلي جا ڪٽنب، جي رهن ٿا، تن جو
احوالي هيٺينءَ طرح آهي: 1. مٿي بيان ڪيل برفتن جا
پاڙا، 2. ڄاموٽ، 3. ساهوڪ، 4. برد، 5. دودا، 6.
مانڌرا، 7. رونجها، 8. مونڌرد، 9. بنديجا، 10.
ڇٽا، 11. کهاوڙ، 12. سابڙا، 13. سينهان، 14.
جوکيا، 15. برباز، شاخ حسناڻي برفت، 16. مردوئي،
شاخ حملاڻي، ۽ 17. ساسوني.
انهيءَ ذڪر ڪيل احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته لس ٻيلي
جا اڳيان ڄام، رونجها، ۽ هاڻوڪا، عالياڻي ڄاموٽ،
سما نسل مان آهن، ۽ نهڙيا، برفت، ۽ جوکيا سما آهن.
ٿاڻي وارن ملڪن جون مائٽيون خان قلات ۽ لس ٻيلي جي
ٻنهي ڄامن جي گهراڻن ۽ جوکين سان پئي رهيون آهن،
ليڪن ٿرپارڪر جي نهڙين سان، سواءِ اڳوڻي ڏاڏاڻي
تعلق جي، پوءِ سندن ڪوبه تعلق نه رهيو آهي.
هن خاندان جا دوستانا تعلقات سنڌ ۾ حيدرآباد جي
ميرن، مٽياري سيدن، ۽ سيوهڻ ۽ سن جي سيدن سان گهڻو
وقت شاديءَ غميءَ جا هوندا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل احوال هيٺين حوالن تان ورتو ويو آهي:
1. تاريخ ”تحفته الڪرام“، 2. تاريخ ”راجستان“، ٽاڊ
صاحب، 3. هسٽري آف ائلينيشن، 4. شيخ صادق عليءَ جو
قومن جو احوال، ڇاپو احوال، 5. ”مظهر شاهه جهاني“،
6. سنڌ گزيٽيئر، 7. بلوچستان گزيٽيئر، 8. ٻيلاين
جا ٻول (ڊاڪٽر نبي بخش)، 9. ملڪ صاحبن جو موڪليل
احوال، ۽ 10. اسان، جي خانداني تاريخ.
شخصي احوال:
ملڪ صوبدار خان تي سرداريءَ جي پڳ هئن ڪري، فيصلا
۽ ڪم ڪاريون ان جي حوالي هوندا هئا. سندس ڀائر،
مير شير دل خان ۽ مير شاهنواز خان، سڌو پوليس ۾
انسپيڪٽرن جي عهدن تي چڙهيا هئا. مير شير دل خان
رياست خيرپور ۾ ڪجهه وقت لاءِ ناظم رهيو. رڄ چڍا
مڙس هئا. ٻيئي ڄام مير خان لس ٻيلي واري جون
نياڻيون، بيبي آغا مان مير مقبول خان جون
همشيرائون، پرڻيل هئا. مير شير دل خان ڪجهه وقت
تعلقي لوڪ بورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ ۽ ضلعي لوڪل
بورڊ دادوءَ جو ميمبر هو. مون تي خاص مهربان هوندو
هو.
بولا خان جي ملڪن مان مَلڪ دودا خان نالي وارو ٿي
گذريو هو. ملڪ بولا خان دوم کان پوءِ، جاگير ختم
ٿي ويئي، طاقت ويئي هلي، ڪي ورهايل راڄ نالي ماتر
ساڻن هلندا اچن، پر اوج ڪونه آهي.
حملاڻي خاندان جا سن ولادت ۽ وفات:
ملڪ صوبدار خان (سوم): تاريخ وفات 19 محرم 1341هه
ملڪ سردار خان (سم): تاريخ ولادت 1901ع، ۽ تاريخ
وفات 28- آڪٽوبر 1963ع.
ملڪ شير دل خان: تاريخ ولادت 19- جولاءِ 1876ع، ۽
تاريخ وفات 3- آگسٽ 1940ع.
مير شاهنواز خان: تاريخ وفات 10 جولاءِ 1924ع.
مير محراب خان: تاريخ ولادت 5 فيبروري 1906ع، ۽
تاريخ وفات 25 مارچ 1934ع.
مير قمرالدين: تاريخ وفات 28- آگسٽ 1956ع.
ملڪ سڪندر خان زادحياتہ: تاريخ ولادت پهرين جولاءِ
1928ع.
16. مير ايوب خان ولد ڄام مير خان عالياڻي
(وڌيڪ مليل احوال)
مير صاحب جي زندگيءَ جو احوال اڳي ڏنل آهي. بعد ۾
مليل احوال ضميمي طور هتي ڏيڻ گهران ٿو. لس ٻيلي
بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اول ۾ اُها گُجرن جي حڪومت
هئي. ان کان پوءِ سما قوم جي رونجها شاخ جي حڪومت
ٿي، جنهن جي چوهٺ ڄامن اُن مُلڪ تي حڪومت ڪئي. ان
کان پوءِ ساڳئي نسل جي هڪ شاخ مان گُنگا ڄام ٿيا.
پر اُهي ٽن پيڙهين کان مٿي هلي نه سگهيا.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام دينار گنگي جي پٽ، ڄام
ابراهيم، گادي نشين ٿيندي، ڀر وارن ملڪ تي حملا
ڪري، ملڪيت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. اُن جي ورهاست تان
ڪاوڙجي، هڪ سردار کيس قتل ڪري وڌو. ان جي عيوض،
سالي جي انتقام وٺڻ لاءِ، ڄام برفت حملو ڪري. لس
ٻيلي تي قبضو ڪيو، پر جيئن ته اهو ملڪ خان قلات جي
سلطانيءَ هيٺ هو، ان ڪري اُن جي چوڻ تي مُلڪ خالي
ڪري، ڄام عالي خان ڄاموٽ جي حوالي ڪري، ڄام برفت
موٽي آيو- ڇاڪاڻ ته ڄام عالي خان جي ڀاءُ کي گنگن
جي ڪنهن عملدار ناحق قتل ڪيو هو.
ڄام عالي ڄام ربنا عالياڻيءَ جو فرزند هو، جي سمن
جي ڄاموٽ قبيلي مان هئا. ڄام عالي حڪومت وٺڻ بعد
نهايت دانشمنديءَ ۽ هوشياريءَ سان ڪاروبار هلايو؛
جنهنڪري سندس نالو ”کٿوريو“ مشهور ٿي ويو. اهو
لاسي ڄاموٽن جي خاندان مان پهريون ڄام هو. ان کان
پوءِ هيٺيان ڄام گادي نشين ٿيا:
|