سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 17

 

14- مسٽر غلام حسين قاسم همير خواجو

(ڪراچي)

هي ڪراچيءَ جي خوابن مان هڪ سکئي ۽ عزت واري ڪٽنب مان هو. سندس والد، سيٺ قاسم همير، ڪراچيءَ جي خواجه قبيلي جو مکي هو. اڃا تائين ڪراچيءَ جي پراڻي شهر ۾ مکي همير جي گهٽي سڏجي ٿي. هي وڏو واپاري ۽ گهڻين جڳهين جو مالڪ هو. هن کي هڪ فرزند سيٺ غلام حسين تولد ٿيو، جنهن کي ساري جائيداد ورثي ۾ آئي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي خواجه مسلمان واپارين ۾ هي ٻيو نمبر شاهوڪار هو- پهريون نمبر مسٽر غلام حسين چاڳلا هو. سيٺ قاسم همير ڪراچيءَ جي انهيءَ پهرئين خواجن جي سڌارڪ گروهه مان هو، جن آغا خان جو فرقو، سيٺ لالن شهيد سان گڏ، ڇڏيو هو. سيٺ لالن ان گروهه جو ليڊر هو. انهيءَ گروهه ۾ ٻيا مکيه ماڻهو سيٺ غلام حسين چاڳلا، سيٺ حاجي ٿانور ٿانهريا ۽ سيٺ عبدالله جاڳڻ هئا. سيٺ قاسم ڪراچيءَ ۾ پهريون امام واڙو ٺهرايو هو، ۽ ان جي خرچ لاءِ چڱو حصو ملڪيت جو وقف ڪيو هئائين. ان ۾ نئين گروهه جون، اثنا عشري فرقي موجب، مجلسون ٿينديون رهنديون هيون. سيٺ خالقڏنو سندس ويجهو عزيز ۽ واپار ۾ ڀائيوار هوندو هو. اهو آغا خان وٽ مقبول ۽ اعتمادي هو. ان جو فرزند غلام حسين خالقڏنو هو، جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ جو مکيه پبلڪ هال ٺهيل آهي ۽ غلام حسين خالقڏنو گرلس اسڪول ۽ غلام حسين خالقڏنو اسپتال به آهن. سيٺ خالقڏني به انهن جي صحبت ڪري آغا خان جي جماعت ڇڏي ڏني.

مسٽر غلام حسين قاسم 1872ع ۾ ڄائو هو. سنڌ مدرسي ۾ چئن درجن اگريزيءَ تائين تعليم ورتائين. هي بدن جو صحتمند ۽ ذهني طور قابل ماڻهو هو، جنهن ڪري ورثي ۾ ڇڏيل خانداني ملڪيت ۽ عزت جي آڌار تي، هي وڏي ٿيڻ بعد ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ ۾ مکيه مقام حاصل ڪري ويو. هي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو اٽڪل چاليهن ورهين تائين ميمبر ٿي رهيو. از انسواءِ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ ۽ ڪراچي ڪارپوريشن جي اسٽئڊنگ ڪاميٽيءَ جو ورهين جا ورهيه ميمبر رهندو آيو. هي چار دفعا ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ به رهي چڪو هو. هن کي انهيءَ عرصي ۾ ميونسپالٽيءَ جي ڪيترين ئي ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. هي ڪراچي ميونسپالٽيءَ طرفان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٻن ٽرمن لاءِ ميمبر به رهيو هو. جتي هن انگريز ملازمن جي مقابلي  ۾ هندستاني ملازمن جي واڌاري لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. جيڪو عرصو هي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو، ان مان گهڻو حصو هي نهايت بااثر ۽ طاقتور ميمبر ٿي رهيو. هن کان ميونسپالٽيءَ جو رشوت خور ۽ سست عملو ڪنبندو هو. هن ميونسپالٽيءَ جي عملدارن جي رکڻ ۽ ڪڍن ۾ گهڻو بهرو ورتو. ميونسپالٽيءَ جي ڪاميٽين ٺاهڻ ۽ عهديدار چونڊڻ ۾ هن جو مکيه هٿ هوندو هو.

ڪراچيءَ جي کاري دروازي تي سندس ڪوٺي اڪثري ماڻهن سان ڀري پيئي هوندي هئي، جي مختلف ڪمن لاءِ هر روز وٽس ايندا هئا. انهيءَ عرصي ۾ هن عام ماڻن ۽ يارن، دوستن جا گهڻا ڪم ڪيا. جيتري قدر ماڻهن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو ويو اوتري قدر سندس شهرت ۽ اهميت وڌندي ويئي. جڏهن گڏيل چونڊون هيون ته به هميشه هي گهڻا ووٽ کڻندو هو. ان مان سندس هندو مسلمان ووٽرن ۾ مقبوليت جو پتو پوي ٿو. شهر جي پراڻي نيپئر ڪوارٽرس مان هي اُميدوار بيهندو هو، جنهن ۾ هندن جي ڪثرت هوندي هئي.

هي پهريون مسلمان هو، جو ڪراچي شهر طرفان 1921ع ۾ بمبئي قانون ساز ڪائونسل تي چونڊجي ويو هو.بمبئي ڪائونسل ۾ زوري مفت تعليم، ڪاٽن ايڪسائيز سيليڪٽ ڪميٽيءَ، مٽياري فائرنگ ڪميٽي ۽ ٻين ڪيترين ڪميٽين تي کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هي ڪيترن خانگي ۽ پبلڪ ٽرسٽ جي ادارن جو ٽرسٽي ٿي رهيو- جهڙو سيٺ غلام حسين چاڳلا ٽرسٽ، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي اسٽيٽ وغيره.

هي پڙائي خواجه جماعت(اثنا عشري) جو مکيه ميمبر رهندو آيو، جن جا ٻيا مکيه ميمبر مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ناصر لطف علي هوندا هئا. مسٽر ناصر لطف علي نهايت خوش مزاج، رلڻو ملڻو ڪارڪن هو، جو مسٽر غلام حسين قاسم جو ميونسپالٽيءَ ۽ قبيلائي ڳالهين ۾ دست راست طور ڪم ڏيندو هو. ابتدا ۾ آغا خاني گروهه ۽ هن نئين جدا ٿيل گروهه ۾ گهڻا اختلاف ۽ جهڳڙا پيدا ٿيندا آيا، جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٽي مکيه ماڻهو پڙائي خواجن جا مدارالمهام ٿي ڪم ڪندا هئا. سيٺ غلام حسين قاسم پنهنجي فرقي جي ماڻهن ۽ عام شهرين جي گهڻي خدمت ڪئي، جنهن ۾ لياري ڪوارٽر جي رهاڪن جي سڌاري ۽ بهبوديءَ جو مسئلو مکيه هو.

هي اول ۾ ڪانگريس جو ڪارڪن هو. ڪراچيءَ جي 1913ع جي آل انڊيا ڪانگريس جي ساليانه اجلاس وقت هي مرحبا ڪميٽيءَ جي مکيه ميمبرن مان هو. انهيءَ وقت ڪڍايل فوٽي ۾، هي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

1920ع کان خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن ڪري، شهري عوام جو سياسي شعور وڌي ويل هو. هن عوام کي هٿ ۾ رکڻ جي پراڻن طريقن، سندن شخصي ڪمن جي سرانجاميءَ ۽ آفيسرن سان لڳ لاڳاپا قائم ڪرڻ تي اڪتفا ڪري، بدليل حالتن جو صحيح اندازو نه لڳايو، جنهن ڪري آهستي آهستي ٿي، عوامي تحريڪن کان الڳ رهجي ويو. مٿئين طبقي جي صحبت، پيسي جي فراواني، کيس عياش سوسائٽيءَ جو فرد بنائي ڇڌيو. 1923ع ۾ جڏهن بمبئي ڪائونسل جي دوباره اليڪشن ٿي ۽ قومي ڪارڪنن چونڊن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، ته هن کي سيٺ حاجي عبدالله هارون شڪست ڏني. ان کان پو”، وري ٻئي دفعي هن 1926ع ۾ حاجي مير محمد بلوچ سان قسمت آزمائي ڪئي. ان چونڊن ۾ به هي ناڪامياب ٿيو. هن چونڊن ۾ پراڻا ذاتي اثر رسوخ ۽ پيسي ذريعي ووٽ هٿ ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪيا ٿي، پر هاڻ انهن جو زمانو نه رهيو هو. ماڻهو آيا هڪڙن سان ٿي، ته ووٽ پنهنجي مرضي تي ڏنائون ٿي.

        انهن شڪستن، فضول خرچين، هن جي مالي حالت ۽ شخصي اثر کي گهڻو نقصان پهچايو پر حالتن بدلجڻ ڪري هن پاڻ نه بدلايو ويتر هي رد عمل ۾ عياش طبقي ۽ رجعت پسند ماڻهن جي چنبي ۾ ڦاسندو ويو. طبيعت چيڙاڪ ٿي پيس. پٽن ۽ مائٽن سان تعلقات ڪشيده ٿي ويس. اوج تان هيٺ لهڻ، پئسي جي گهٽجڻ، زماني جي ساٿ نه ڏين ۽ مشڪلاتن وڌي وڃن جي حالت ۾ ڪنهن ڇٽي ماڻهوءَ جو دماغ توازن ۾ رهندو آهي. هي هر ماڻهوءَ کي مخالف سمجهڻ لڳو، ان ڪري حالتون سڌرڻ بدران بگڙنديون ويس، جنهن ڪري پوئين عمر هن قريبا گمنام نموني ۾ گذاري. منهنجي ساڻش واقفيتر اءِ بهادر شيوا رام ڏيونمل پريزيڊنٽ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ سيٺ محمد جعفر خواجي ميرپوربٺوري واري جي معرفت ٿي هئي. پوءِ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي ڏينهن ۾ ساڻس پيو ملڻ ٿيندو هو پر اهو زمانو سندس اوج وارو نه هو.

        پاڻ 3 جولاءِ 1950ع تي وفات ڪيائين کيس ٽي فرزند ٿيا:(1) مسٽر علي ڏنو غلام حسين قاسم، (2) ڊاڪٽر حاجي غلام حسين قاسم، (3) مسٽر غلام علي غلام حسين قاسم.

15- سردار بهادر قيصر خان ولد سردار غلام محمد خان بوزدار

(ميرپورماٿيلو)

        بوزدار قبيلي جا وڏا ڪهڙي زماني ۾ لڏي اچي هن حد ۾ ويٺا، ان جو پوريءَ طرح پتو پئجي نٿو سگهي. ميرپورماٿيلي ۾ ڪيترائي قبيلا رهن ٿا. جهڙوڪ بوزدار لنڊ، پتافي، گبول، گڏاڻي ۽ مهر انهن قبيلن جا سردار يا وڏيرا به اتي انهيءَ حد ۾ ئي رهندڙ آهن.

        بوزدارن جا وڏا ميرن جي صاحبي ۾ چڱي حيثيت رکندا هئا. سردار قيصر خان جو پڙ ڏاڏو، سردار چاڪر خان، مشهور معروف ماڻهو ٿي گذريو آهي جنهن جي نالي تي انهيءَ اراضيءَ ۾"چاڪر واهه" سڏجي ٿو. هن جو فرزند نواب قيصر خان ٿيو، جنهن پنهنجي ڪوشش ۽ محنت سان پنهنجي زمينداري ۽ جائيداد ڪافي حد تائين وڌائي. نواب قيصر خان جو فرزند سردار غلام محمد خان ٿيو. هو ڪشاده دست ۽ لاپرواهه ماڻهو هو جنهن ڪري هن جي ڏينهن ۾ سندن گهڻي زمين وڪرو ٿي ويئي، يا پاڻ ماڻهن کي بخشش ڪري ڏيئي ڇڏيائين. سندس فرزند، سردار قيصر خان کي ٿوري زمين ۽ ملڪيت ورثي ۾ ملي.

        سردار قيصر خان ڊسمبر 1890ع مطابق محرم 1307هه ڌاري ڄائو هو. هن ستين درجي سنڌي تائين تعليم حاصل ڪئي پوءِ ڪجهه پارسي پڙهيائين. سندس والد جي وفاتيءَ بعد راڄن کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي. ان کان پوءِ هن ملڪيت کي وڌائڻ ۽ زمينداريءَ کي سڌارڻ شروع ڪيو. ٿوري وقت بعد هي محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ سان ڪافي ملڪيت گڏ ڪري پنهنجي زمينداري وڌائي ويو. ڳڙهي چاڪر خان ۾ جيڪي سندن بنگلا ۽ باغ هن وقت موجود آهن سي سڀ هن جا ٺهيل آهن.

        سردار قيصر خان زمانه شناس نهٺو، ماڻهن کي مهل سر ڪم ايندڙ، آفيسرن سان سٺا تعلقات رکندڙ ماڻهو هو. سنڌ جي قديم خاندانن وانگر پيرن، فقيرن، سيدن ڏي چڱي مراد رکندو هو. اول ۾ هي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر ٿيو. هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر پڻ ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پنهنجي تعلقي مان اتحاد پارٽي جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو پر ميرن جڏهن بلوچ گروپ ٺاهيو ته هي ان ۾ داخل ٿيو. سردار دادن خان لنڊ سان هن جا مڪاني اختلاف هئا ۽ جنهن صورت ۾ سردار دادن خان خان بهادر الهه بخش جي گروهه جو هو ان ڪري هن کي پاڻ بچاءُ طور ٻئي گروهه ۾ وڃڻو پيو ٿي. سنڌ جا اڪثر زميندار ميمبر گروهه يا پارٽيون پنهنجن پنهنجن شخصي مفادن ۽ مڪاني سهوليتن موجب بدلائيندا رهندا آهن. انهن جو اصولن يا وڏن ملڪي سوالن سان ڪو واسطو نه رهندو آهي جيڪا به پارٽي طاقت ۾ هوندي آهي. هي ان سان شامل ٿي پنهنجي مقامي وڏيرپ ۽ طاقت وڌائيندا آهن. سردار قيصر خان به سڀني سنڌي ميمبرن وانگر ان عام دستور موجب هلندو هو.

        ڳوٺاڻن ۽ انهن جي هنن وڏن جو سياسي شعور قريبا ساڳيءَ سطح تي رهي ٿو. ڳوٺاڻا مدتن کان ڏسندا ۽ ٻڌندا ٿي آيا ته اصل کان هنن جي زمين ڪانه هئي. هو زمانن کان رڳو مال چاريندا ۽ ٻين جون زمينون ڪندا ٿي آيا. بک، غربت، ڦاٽل ڪپڙا ورثي ۾ مليل هئن. سندن ملڪيت چوپايو مال ۽ سندن زالون هونديون هيون. چوپائي مال تي سندن گذر هو ۽ زالون ٻار ڏينديون هين ۽ گهر جو سمورو ڪاروبار هلائينديون هين پر ملڪ ۾ ڪي اهڙا به بدمعاش پيا هئا جي کين اهي به نه سهندا هئا. مال چوري ڪري ويندا هئن ۽ زالون ڀڄائيندا هئن. انهن سان هي پڄي نه سگهندا هئا.

        سردار يا وڏيرو سندن چوري ٿيل مال ورائي ڏيندو هون ۽ کين چورن کان پناهه ۾ رکندو هو ۽ جي زالون وينديون هين ته موٽائڻ ۾ مدد ڪندو هون. سندن ڪٽنبن جي جهيڙن جو فيصلو به هوئي ڪندو هو. منجهانئن اتفاق سان  جيڪڏهن ڪن کي اهو خيال ويهندو هو ته ڪي ڏاڍا،  ڪي هيڻا ۽ ڪي شاهوڪار، ڪي غريب ڇو ٿيا آهن ۽ سندن دماغ ڪم نه ڏيندو هو ته وڃي ملان کان پڇندا هئا. ان کان جواب ملندو هون ته بابا، اهو سڀ خدا ڪيو آهي خدا بي پرواهه بادشاهه آهي جي ڪنهن تي راضي ٿئي ته ڍئي ڇڏي، جي ناراض ٿئي ته برباد ڪري ڇڏي، تنهن ڪري ان جي عبادت ڪريو ته اوهان جا مشڪل حل ٿين. بعرضي ڪي ماڻهو باوجود عبادت ڪرڻ جي به ڏسندا هئا ته سندن حالت بهتر نه ٿي آهي ۽ ملان کان سوال پڇندا هئا ته سائين عبادت ڪرڻ هوندي به حالت بهتر ڪانه ٿي آهي ته کين جواب ملندو هو ته"بابا، تقدير ۾ جيڪي لکيل آهي، ان کان گهٽ وڌ ٿيڻُ ڪونه آهي، خدا جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي هيءَ دنيا عارضي آهي، مومن کي ٻيءَ دنيا ۾ ڀاڙا ملڻ وارا هئا. وغيره.

انهيءَ مذهبي تخيل، روايات ۽ ماحول جا هو صدين کان عادي ٿي ويا هئا. هو سمجهڻ لڳا هئا ته پاڻ مال ۽ زالن جا مالڪ هئا، ڪامورا سرڪار جا ملازم هئا، ۽ حڪومت بادشاهن جي هئي، جن کي خدا سائينءَ مقرر ڪيو هو. هنن جي زندگيءَ جا مکيه مسئلا مال ۽ زال جي حفاظت، بدمعاشن کان پناهه، روزگار جو مسئلو، جهيڙن جهڳڙن جا فيصلا ۽ انهن سان گڏ آخرت جو اوسيئڙو هو. هنن کي هي ڳالهيون ڪڏهن وهم ۽ گمان ۾ نه آيون هيون ته زالون به مڙدن وانگر آزاد هيون، اهي ڪنهن جي ملڪيت ٿي نٿي سگهيون. هو رضا خوشيءَ سان پنهنجي رفيق حيات چونڊي سگهڻ جو حق رکي ٿي سگهيون، شاهوڪاري ۽ غريبي خدا طرفان نه هئي، پر ماڻهن جي پيدا ڪيل هئي، ۽ ان کي بدلائي سگهجي ٿو، زمين تي زميندارن جو حق ڪو نه  هو، پر جيڪو ان کي پوکي، اهو ان جو حقدار هو، ماڻهو سڀ هڪجهڙا هئا- ننڍي وڏي، رئيس نوڪر جا تفاوت هٿرادو پيدا ڪيل هئا، ۽ ملن جو چوڻ ته اهي سڀ ڳالهيون خدا طرفان ٿيل هيون، غلط هو، هڪڙي ماڻهوءَ، قوم يا ملڪ کي ٻئي ماڻهوءَ، قوم يا ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ڪو نه هو ۽ ماڻهوءَ کي اها توفيق هئي ته هو پنهنجي حالت کي بدلائي سگهي، وغيره ۽ انهيءَ ڪري ملڪ جا حقيقي مسئلا زمين ۽ ملڪيتن جي ورهاست، عام جي حڪومت، ڌارين جي دست اندازي ڪڍڻ، غلط مذهب جي تسلط کان آزاد ٿيڻ، ڏاڍن جي ڏاڍائيءَ کي ٽوڙڻ، بيماريءَ، بيروزگاريءَ ۽ جهالت کي تڙي ڪڍڻ، علم، صحت، روزگار، گهر، سلامتي ۽ هڪجهڙائي حاصل ڪرڻ هئا، ۽ نه ڪي ٻيا.

جيڪڏهن ڪنهن کين اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون ٿي، ته انهن کي، قديم روايات، مذهب ۽ حالتن جي خلاف ۽ اڻ ٿيڻ جهڙيون سمجهي، بنهه رد ڪري ٿي ڇڏيائون، يا اهي مورڳو کين سمجهه ۾ ئي نٿي آيون. جي عام ماڻهن جي اها حالت هئي ته، سندن وڏيرا ۽ سردار به انهيءَ ئي ماحول جي پيداوار ۽ انهن ئي عقيدن جا قائل هئا، ان ڪري اها ڳالهه تعجب جي نه آهي ته جي عام ماڻهو مٿي ذڪر ڪيل حالتن موجب زميندارن ۽ سردارن ڪامورن ۽ سرڪار کي حاڪم ۽ ڏڍ سمجهي، انهن جي مخالفت ڪري نٿي سگهيا. قدامت پرستي هنن جي رت ۾ ويهي ويل هئي. سرڪار حاڪم هئي، ان تي ڪير به هجي، ان جو هنن کي سلام ڪرڻو هو. جهڙيءَ طرح عام ماڻهن پنهنجين حالتن کي بدلائڻ مشڪل پئي سمجهيو، اهڙيءَ طرح هي به حڪومتن کي بدلائڻ مشڪل سمجهي، ڏکئي ۽ اڻ ڏٺل رستي کي اختيار ڪرڻ جي عيوض سکئي ۽ گهڻي وقت کان آزمايل رستي يعني طاقت کي سلام ڪرڻ جي رستي کي سلامتيءَ وارو ڄاڻي، ان کي اختيار ڪندا آيا.

سردار قيصر خان انهيءَ ماحول ۽ حالات جي پيداوار هو. هن جو نقطئه نگاهه پنهنجي ملڪيت وڌائڻ، حڪومت ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ، راڄن جي مهل سر مدد ڪرڻ، ساڻن ڀائيچاري جا رستا قائم ڪرڻ، ڪمزورن جي مدد ڪرڻ، لچن لوفڪرن کي دڙڪي ۾ رکڻ، غريبن کي خيرات ڏيڻ، مسافرن کي ماني کارائڻ، عملدارن جي خوشامد ۽ خدمتگذاري ڪري کين راضي رکڻ، نمازون ۽ روزا رکي آخرت جو توشو حاصل ڪرڻ، پيرن ۽ سيدن جون دعائون حاصل ڪرڻ ۽ ڀر وارن مخالفن تي فتح حاصل ڪرڻ تائين محدود هو.

انهيءَ پروگرام مطابق، هي سنه 1922ع ۾ خانصاحب ٿيو. 1930ع ۾، خانبهادريءَ جو خطاب حاصل ڪيائين. 1941ع ۾، سردار بهادر ٿي ويو. اِهي لقب ذاتي عزت، ڪامورن وٽ معتبريءَ ۽ ملڪ ۾ مشهوريءَ جا نشان هئا. هي 1925ع کان وٺي 1937ع تائين سرڪار طرفان آنرري ماجسٽريٽ ٿي رهيو، ان ڪري پوليس ۾ اثر، ملڪ ۾ رعب، بدمعاشن تي دڙڪو رهندو هوس. ان سان گڏ هن موجوده حالتن جي تقاضا موجب ميرپورماٿيلي ۾ انگريزي هاءِ اسڪول برپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي. ان لاءِ ساڍا ڇهه ايڪڙ زمين ۽ کوهه پنهنجي طرفان ڏنائين.

منهنجي ساڻس واقفيت سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ وقت ٿي. هي واقعي انگريز عملدارن ۽ وقت جي حاڪمن جو نبض شناس هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي - هي ريلوي صلاحڪار ڪميٽيءَ جي ميمبريءَ لا”، سنڌ اسيمبليءَ طرفان اُميدوار بيٺو، ۽ سڀني ميمبرن کي مدد لاءِ ستائڻ لڳو. ان جاءِ واسطي ٻيا ٻه اُميدوار بيٺل هئا: (1) پير غلام حيدر شاهه بلڙيءَ وارو، ۽ (2) مسٽر رستم سڌوا.

مون کي ووٽ لاءِ چيائين. مون چيومانس ته "سردار صاحب، اها معمولي جاءِ آهي، از انسواءِ تون انگريزي پڙهيل نه آهين، ان ڪاميٽيءَ ۾ عام ماڻهن جون شڪايتون ڪهڙيءَ طرح پيش ڪري سگهندين! ان مان توکي ڪو فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه آهي. پوءِ ڇو خواهه مخواهه ايتري تڪليف وٺي رهيو آهين، ۽ پريشان ڏسڻ ۾ اچين ٿو!" چيائين "شاهه صاحب، ريلوي جا اڪثر ملازم مرڪزي حڪومت جا نوڪر ٿي ڪري، عام ماڻهن سان بي پرواهه رهن ٿا. اسان جو اڪثر اندر ٻاهر پيو اچڻ وڃڻ ٿئي، هن ميمبريءَ ڪري گارڊ، اسٽيشن ماستر اڪثر سلام ڪري خوشامد ڪن ٿا، ان ڪري عام ماڻهن تي اثر پوي ٿو ۽ دشمن داغ ٿئي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جنهنڪري ان واسطي هيترو پاڻ پتوڙي رهيو آهيان." نيٺ پير غلام حيدر شاهه کي منٿ ڪري ويهاري ڇڏيائين. باقي مسٽر رستم سڌوا کي ويهارڻ هن لاءِ مشڪل هو. ان وقت حڪومت ۽ مخالفت جا ووٽ اسيمبليءَ ۾ تقريبن هڪ هڪ جيترا هئا. فيصله ڪن ٽن انگريز ميمبرن جا ووٽ هئا. سڀني کي خيال هو ته انگريز سمجهدار قوم جا ميمبر هئا، سي مسٽر سڌوا جهڙي تعليم يافته ۽ قابل ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ هڪ ڳوٺاڻي وڏيري کي، انهيءَ جاءِ لاءِ ووٽ نه ڪندا. ليڪن چونڊ وقت انهن انگريزن سڀ کان پهرين اچي سردار بهادر کي ووٽ ڪيا، ۽ هو کٽي ويو. ان تي مون پڇيومانس ته "سرادر بهادر، اهي ووٽ ڪهڙيءَ طرح حاصل ڪيئي!" چيائين ته "فروٽ جو ٽوڪرو هر هڪ انگريز وٽ سندن گهر وڃي تحفو ڪري ڏنومان، ۽ چيو مان ته "صاحب، اسان سردار اوهان انگريزن جا قديم وفادار آهيون ۽ ان ڪري اوهان جي حڪومت طرفان مون کي لقب مليل آهي. هي ڪانگريسي انگريز بهادر جا دشمن ۽ مخالف آهن، انهن کان مون کي شڪست ڏياري لـڄي نه ڪيو. اها شڪست حڪومت جي ٿيندي، هنن کي ان ڳالهه اهڙو اثر ڪيو، جو يڪدم هائو ڪري اچي مون کي ووٽ ڪيائون!" ان مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته اهي ماڻهو ڪمن ڪڍڻ لاءِ ڪيترا هوشيار ٿين ٿا.

سردار بهادر انهيءَ قديم وڏيري ۽ سردار گروهه جو پورو نمونو هو. هن ۾ انهيءَ ڪلاس جون خوبيون ۽ خاميون ٻيئي موجود هيون. هو ماڻهن جا ايترا شخصي ڪم ڪندو هو جو سوين ماڻهو سدائين ڪمن لاءِ وٽس ويٺا هوندا هئا، جن کي ماني به کارائيندو هو ۽ سندن ڪم به ڪندو هو. ان ۾ پنهنجي پرائي جو ويڇو نه رکندو هو. هو نماز روزي جو پابند، پيرن سيدن جو معتقد، شريعت جو پابند، سخي، مهمان نواز، مهل سر ڪم ايندڙ هو. ان سان گڏ آفيسرن جي خوشامد ڪندڙ، جيڪا ڌر حڪومت ۾ آئي ان جو طرف وٺندڙ- پارٽي، اصول، ملڪ ۽ قوم جا مکيه مسئلا نه سمجهي سگهندو هو، انهن سان دلچسپي هوندي هيس. اها حالت صرف هن جي نه هئي، پر اڪثر سنڌي مسلمان ميمبرن جي پئي رهي آهي. هي پير رسول بخش شاهه گهوٽڪيءَ جي والد ميان محبوب شاهه جو مريد هو، ۽ پڇاڙيءَ تائين انهيءَ گهر سان عقيدت رکندو آيو. 1948ع ۾ هي باعيال حج ڪري آيو هو. اڪثري درگاهن ۽ بزرگن جي مزارن جي زيارت ڪندڙ هو.

هن پنج شاديون ڪيون هيون- ٽي پنهنجي قوم مان، ٻه ڌارين مان پر انهن سڀني مان هن کي ڪو نرينو اولاد ڪو نه ٿيو.

هن 7- ذوالحج 1371هه مطابق 29 آگسٽ 1952ع تي ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾، وفات ڪئي. سندس جاءِ تي سندس سوٽاري سوٽ جو فرزند، خان محمد خان ولد وزير خان، پڳ ٻڌي سردار مقرر ٿيو. هو تڏهانڪر سنڌ اسيمبليءَ ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊبو اچي.

سردار بهادر مرحوم گهڻي لڳ لاڳاپي جو مالڪ هو. سردار عبدالرحيم خان کوسي، سردار علي گوهر خان مهر، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، مير غلام علي خان ٽالپر، حاجي محمد هاشم گزدر ۽ آغا غلام نبي خان پٺاڻ سان سندس دوستانا تعلق هوندا هئا. ڀر وارن خاندانن مان سردار خدا بخش خان پتافي، سردار الاهي بخش خان گبول، ڄام عبدالرزاق ڏهر سان پڻ هن جا دوستانا رشتا هئا.

هي حد درجي جو مهمان نواز ۽ خوش اعتقاد ماڻهو هو. 1946ع ۾ اسان مخالفت ۾ هئاسون. سردار دادن خان لنڊ ان وقت اسان سان گڏ مخالف پارٽيءَ ۾ هو، سردار بهادر اسيمبليءَ ۾ ميمبر ڪو نه هو. آءٌ سردار دادن خان کي سندس ڳوٺ ملڻ ويس. سردار بهادر جو ڳوٺ رستي ۾ هو. مون وٽس وڃڻ مناسب نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هي سرڪاري پارٽيءَ جو طرفدار هو، متان هن لاءِ ڪا غلط فهمي پيدا ٿئي. ٻئي دفعي هي ڪراچيءَ ۾ مليو، ميار ڏنائين ته وٽس ڇو ڪين لڙيس. مون چيومانس، “سردار بهادر، اسان مخالفت ۾ اوهان سرڪار طرف، پنهنجو ملڻ ٺهي ٿو؟" چيائين، "شاهه صاحب، اسان ڪن مڪاني مجبورين ڪري وڃيو سرڪاري طرف وٺون، پر سادات جا نيازمند آهيون، انهن جو پنهنجي جاءِ تي اچڻ سعادت جو باعث سمجهون ها!" خدا رحمت ڪريس. عجيب دلبند، بارونق ۽ ڳالهه ڳت وارو شخص هو.

16- سردار علي گوهر خان ولد سردار حاجي خان مهر

(خانڳڙهه، ميرپورماٿيلو)

مهرن جو قبيلو گهڻي وقت کان موجوده روهڙي ڊويزن واري حصي ۾ گهڻي تعداد ۾ رهندو آيو آهي، ۽ ملڪ جي ان حصي تي سندن قبضو پئي رهيو آهي. سندن نسل بابت ٻه روايتون مشهور آهن. هڪ موجب هي عرب نسل مان هئا ۽ محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيل هئا! ٻيءَ روايت موجب هي راجپوتن جي ڇٽيهه ڪـُـلن مان هڪ جو اولاد هئا. ٽاڊ صاحب جي لکيل ڪتاب "تاريخ راجستان" ۾ ڄاڻايل شجري ۾ هنن کي راجپوتن جي شاهي گهراڻي جي ٽيهينءَ ڪـُـل مان ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ روايت موجب هي جيسلمير جي ڀٽي گهراڻي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ ۾ ميرپور ماٿيلي، سکر ۽ پني عاقل تعلقن ۾ انهيءَ قبيلي جا گهڻا ماڻهو رهن ٿا. ٻئي طرف جيسلمير رياست ۾ به انهيءَ قبيلي جا ماڻهو اڃا تائين رهندا اچن ٿا. "تاريخ ڪلهوڙا"، (مصنف-  مولوي غلام رسول مهر) ۾ ڄاڻايل آهي ته مهرن جا وڏا اوٻاوڙي طرف رهندا هئا. انهن مان هڪ سردار کي ست فرزند ٿيا، جنهن مان هڪ جو نالو جيسر هو، جو ڀائرن کان ناراض ٿي، درياءَ اُڪري، اچي جتوئين جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ويٺو، جتان پوءِ هي اچي لکي ڳوٺ ۾ ويٺا. ان جو فرزند عاقل خان نالي ٿيو، جنهن پنوعاقل ڳوٺ ٻڌارايو. جيسر ۽ جيسل ساڳيا نالا آهن. اهو ساڳيو نالو جيسلمير جي باني راجا جو پڻ هو. "مير" ڳوٺ، ماٿريءَ يا واديءَ کي چوندا آهن. ان ڪري "جيسلمير" جي معنيٰ ٿئي ٿي "جيسل جو ڳوٺ"، جيئن ته هي انهيءَ رياست سان لاڳاپو رکن ٿا، ان ڪري قوي گمان آهي ته هي جيلسمير جي ڀـَـٽي گهراڻي مان هجن. انهيءَ مسئلي تي کوجنا جي ضرورت آهي. پهرين روايت انهيءَ ڪري ٺيڪ نظر نٿي اچي، جو عربن جي اچڻ بعد سنڌ جي ڪيترن قديم قبيلن لاءِ عربي النسل هجڻ جي دعويٰ شروع ڪئي ويئي- جهڙيءَ طرح سومرن، سمن، بلوچن ۽ ٻين ڪيترن لاءِ اهائي دعويٰ ٿيندي رهي. جي ان ڳالهه کي قبول ڪبو ته پوءِ سنڌ ۾ قديم نسل جا ماڻهو تمام ڇٽا وڃي رهندا، جا ڳالهه مڃڻ جهڙي نه آهي.

سردار علي گوهر مهرن جي جملي پاڙن جو مکيه سردار چوڻ ۾ اچي ٿو. هن جي وڏي کان وڏي ڏاڏي، نواب شير محمد خان، جي ميرپورماٿيلي ۾ رياست هوندي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سردار علي گوهر جي وڏي ڏاڏي، مهر الهورايي خان، کي مغلن طرفان ان علائقي جي جاگيري سند مليل هئي، جنهن جي عيوض هي مغل حڪومت کي ٻارهن هزار روپيا سالياني خراج ڏيندا هئا. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ به هنن جي چڱي دست رسي هوندي هئي. بهاولپور طرف ويندي، دائودپوٽن سان هن جون گهڻيون چٽاڀيٽيون ٿيل هيون. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ هن جي ڏاڏي سردار محمد بخش خان کي وائسراءِ هند کان بندوق انعام طور ملي هئي.

علي گوهر خان ولد سردار حاجي خان 1910ع ۾ خانڳڙهه ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتي. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد 1931ع ۾ وفات ڪري ويو. هي 1933ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ ماٿيلي جو پريزيڊنٽ ٿيو. سردار بهادر قيصر خان جا سندس خاندان سان سٺا تعلقات هوندا هئا. هو ان کي چاچو ڪري سڏيندو هو. ان جي تربيت هيٺ هي سياست ۾ داخل ٿيو. پير رسول بخش شاهه گهوٽڪيءَ واري جي وفاتيءَ کان پوءِ ان جي خالي ٿيل جاءِ تان هي مسلم ليگ ٽڪيٽ تي 1946ع ۾ چونڊجي آيو. ان کان پوءِ هي سنڌ اسيمبليءَ تي 1946ع جنوري ۽ ڊسمبر جي ٻنهي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. 1953ع ۾ وري سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. جنوري 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ سکر ضلعي مان ميمبر چونڊجي آيو، ۽ مارشل لا لاڳو ٿيڻ تائين ان جو ميمبر رهندو آيو. هن پنهنجي سياسي استاد قيصر خان وانگر هميشه هر وزارت جو ساٿ پئي ڏنو. وزيرن ۽ آفسيرن سان بهرحال سٺا تعلقات رکندو آ:و. انهن کي دعوتن ڏيڻ ۽ شڪار ڪرائآڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. پاڪستان جي موجوده پريزيڊنٽ جنرل محمد ايوب سان هن جا فوج جي ڪمانڊر انچيف جي وقت کان وٺي سٺا تعلقات هوندا هئا. هو به سندس عزت ۽ لحاظ رکندو هو. ايتري قدر، جو جڏهن هي بيمار ٿيو ته پريزيڊنٽ صاحب اسپتال ۾ سندس طبع پرسيءَ لاءِ ويو. هن وفات ڪئي، ته صدر صاحب سندس عذر خواهيءَ لاءِ پڻ هنن جي ڳوٺ ويو.

هي صاحب سنڌ جي زميندار سياستدانن کان پنهنجي حد ۾ وڌيڪ اثر وارو هو. کڻي چئجي ته پنهنجي حد ۾ بي تاج بادشاهه هو، ته ٺهي اچي ٿو.

سنڌ گهڻي وقت کان قبيلن، راڄن، سردارن ۽ وڏيرن جو ملڪ رهي آهي. ان ۾ پيرن ۽ سيدن جو به ڪافي اثر رهيو آهي. موجوده دنيا جي سياسي نقطه نگاهه کان اها ڳالهه ماضيءَ جي بدعتن مان ملڪ ۽ عوام جي ترقيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سردارن، وڏيرن، پيرن، ميرن، سيدن جو، سياست ۾، ذاتي اقتدار عزت ۽ مطلب کان سواءِ ٻيو ڪو به مقصد نه پئي رهيو آهي. هنن مان گهڻن جو شخصي اخلاق ڪريل ۽ سياسي ڪردار گهٽ معياري پئي رهيو آهي، ليڪن ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته باوجود حڪومت جي تازه اقدام جي نتيجي طور سندن زمينداري اراضين جي گهٽجي وڃڻ، ۽ باوجود سندن باهمي اختلافن ۽ فضول خرچين جي، هو اڃا گهڻي وقت تائين سنڌ جي سياست تي هاوي رهندا ايندا.

هن صورتحال جي ڪارڻن جي جانچ ٿي ڪجي، ته هيٺيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون. سنڌ جي رهاڪن جو گهڻو حصو ڇڙوڇڙ گهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ رهي ٿو. سندن گذران زراعت يا مال چارڻ تي آهي. ٻهراڙي ۾ مال جي چوري عام جام آهي. ڪيترا ماڻهو جهيڙن ۽ جهڳڙن واريون بدويانه عادتون ڇڏي نه سگهيا آهن. سوشل بدعتن ڪري، زالن جي ڀڄڻ جا واقعا به اڪثر ٿيندا رهن ٿا. حڪومت جا قاعدا قانون، پوليس، ڪورٽون ۽ ٻيا انتظام سندن دادرسيءَ لاءِ ناڪيامب ثابت ٿيا آهن- بلڪه اُهي هنن لاءِ رشوت، ظلم ۽ تڪليفن جو هڪ مزيد باعث بنيا آهن. اهڙين حالتن هيٺ، باوجود سندن شخصي ڪوتاهين جي، مٿي ذڪر ڪيل طبقي جا ماڻهو اڪثري عوام جي تڪليفن دور ڪرائڻ لاءِ ڪارآمد پئي رهيا آهن. مال جي چوريءَ کان حفاظت، چوري ٿيل مال جي ورائڻ، ڀڳل زالن جي موٽائڻ، جهيڙن جهڳڙن مهل منجهن ٺاهه ڪرائڻ، ڪامورن جي رشوتن وغيره کان حتي الامڪان عان ماڻهن کي بچائڻ سندن مکيه ڪم پئي رهيو آهي.

پنهنجي مٿئين سماجي ڪارج جي پورائيءَ واسطي هو ڪامورن جي خوشامد ڪن ٿا ۽ انهن جي دعوتن ۽ شڪارن لاءِ انتظام ڪن ٿا. راڄن جا ماڻهو وٽن فيصلن لاءِ اچن ته کين ماني کارائين ٿا. ڪوڙن ڪيسن مان کين ڇڏائين ٿا. شادي ۽ غميءَ ۾ ساڻن شامل حال رهن ٿا. ملاکڙا لڳارائي ۽ راڳيندڙ گهرائي، سندن تفريح طبعي جو ڪارڻ بنجن ٿا. شادي، غمي، عرس، يارهين وغيره جي موقعن تي وڏيون دعوتون ڪري، عام خلق کي طعام کارائين ٿا. اڪثري وڏين ملڪيتن هوندي به، انهن خرچن ڪري هو تنگ دست گذارين ٿا.

انهن ڳالهين ڪري، عام ماڻهو زمينارن سان اهڙا لاڳاپجيو وڃن، جو سدائين ساڻن ٻڌل رهن ٿا. سياسي مسئلن جو عوام کي شعور نه آهي. ملڪ آزاد ٿئي، ڌارين جو تسلط نه رهي، زرعي سڌارا ٿين، جمهوري طريقي جي حڪومت قائم رهي، تعليم عام هجي، رستا ٺاهيا وڃن وغيره ڳالهين سان هنن جي دلچسپي نه آهي. هن جا شخصي ڪم سرانجام ٿين ۽ وقتي پناهه ۽ مدد ملندي رهين. سا ڳالهه هنن لاءِ غنيمت آهي. نوڪريون سنڌين کي ملن يا نه، انهيءَ ۾ هنن کي کي ڪهڙي دلچسپي آهي؟ جيڪي سندن هم وطني پڙهي وڃي عهدن تي چڙهيا آهن، انهن ساڻن ڪهڙا ڀال ڀلايا آهن! انهن سرڪار ۽ غريبن کان پيسا ڦري، کڻي گهر ڀريا آهن، منجهن رحم جو قطرو نه آهي، ٻهراڙيءَ ۾ ان ڪري مثال مشهور ٿي ويو آهي ته "ڪامورو نه دوست، اوجهري نه گوشت" ٻئي طرف مڪاني واپارين جي حقن جي حفاظت جي به هنن کي پرواهه نه آهي. هنن کي خبر آهي ته اُهي واپاري کين رکت تي اَن ويهه روپين مڻ ڏين ٿا، ۽ فصل لهڻ وقت اگهه لاهيو ڏهه روپيا في مڻ ڪن ٿا. هندو واپاري روپئي تي ٽڪو يا آنو نفعو وٺندا هئن، هي واپاري کانئن روپئي تي اٺ آنا نفعو وٺن ٿا. هو پنهنجي روزگار، حفاظت، بيمارين ۽ اندروني مشڪلاتن ۾ اهڙا غلطان ٿيا پيا آهن، جو حال کان سواءِ مستقبل جو کين خيال ئي نٿو اچي. تنهنڪري ئي سنڌي سياست سڌري نٿي سگهي.

سردار علي گوهر خان مرحوم سنڌ جي انهيءَ سردار ڪلاس جو مکيه ماڻهو هو. هن ڪلاس جون خوبيون ۽ خاميون سڀ منجهس موجود هيون. هر ڳالهه هوندي، سندس قبيلي جا ماڻهو يا ٻيا آسپاس جا راڄ سندس ڌاڳي ۾ ٻڌا پيا هوندا هئا. مجال هئي جو ڪو به ماڻهو سندس مقابلو ڪري سگهي ها. کيس ڪو نرينو اولاد نه ٿيو، ان ڪري سندس سوٽاري سوٽ ميان غلام محمد خان کي سندس جاءِ تي سردار مقرر ڪيو ويو. هي هن وقت پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. هن ۾ مرحوم جهڙيون صفتون هجن يا نه- ماڻهو سرشتي سان ٻڌل آهن، سي سندس پوئلڳي ڪندا ايندا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org