سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 25

 

دوست

1- مسٽر منگهارام پرسرام ٽهلراماڻي

(ٽلٽي، ڪراچي: بئنگلور)

        هتي ان ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو احوال لکي رهيو آهيان، جو ظاهري طرح نه سياسي ڪارڪن رهيو آهي، نه سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ اهڙو ڪو نمايان ڪم ڪيو هجيس، جو مشاهير سنڌ ۾ سندس حياتيءَ جو ذڪر ڪيو وڃي. پر ان هوندي به هي صاحب اهڙين خوبين جو مالڪ آهي، جن کي قلمبند ڪرڻ ۾ مون کي ڊپ ٿئي ٿو ته آيا منهنجي قلم ۾ اها توفيق ٿيندي، جو هن جي سموري ڪردار کي پوريءَ طرح ادا ڪري سگهندس.

        آءٌ برادرم ميران محمد شاهه مرحوم جي زندگيءَ جي احوال ڏيندي، ٻڌائي آيو آهيان ته انساني زندگيءَ جي مکيه مقصدن مان دائمي خوشي حاصل ڪرڻ             هڪ آهي. خوشي ڇا آهي؟ان جون جدا تشريحون ڪيون ويون آهن. هڪڙن هن دنيا جي زندگيءَ جي خوشيءَ کي ترجيح ڏني آهي، جن کي رند يا ايپيڪيورين  (Epicurian) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ٻيا هن دنيا جي خوشيءَ ۽ غم کي ناپائدار ۽ عارضي ڄاڻي،ٻيءَ دنيا ۾ دائمي خوشي حاصل ڪرڻ جي درپي رهيا آهن. انهن کي تارڪ الدنيا، بيراڳي اسٽائڪس  (Stoics) جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ٽيان اهي هئا، جن زندگيءَ جي خوشيءَ ۽ غم کي هڪ شيءِ جا ٻه پاسا سمجهي، ٻنهي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ دائمي نجات پئي سمجهي آهي. نتيجو سڀني جو ساڳيو وڃيو نڪري. يعني زندگيءَ جو آخري مقصد مڪمل سڪون ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ آهي. پوءِ هڪڙن کي سڪون يا شانتي هن زندگيءَ مان ازخود لطف وٺڻ مان ملي ٿي، ٻين کي جسماني لطف کان روحاني خوشيءَ جو زياده فڪر رهي ٿو، ۽ ٽيان خود هن سنسار جي چڪر کي مکيه مصيبت سمجهي، ان کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. پهريان ڪرم ۾ لطف وٺان ٿا، ٻيا تياڳ ۾، ٽيان  صحيح ڪرم ۽ صحيح فڪر ۾ نجات ڄاڻن ٿا. پر سڀني وٽ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو محبت، پريم پئي رهيو آهي.

        وري سوال اٿي ٿو ته پريم ڇا آهي؟ اهو مسئلو نهايت ڳوڙهو آهي. مختصر لفظن ۾ صوفين ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي - هڪ مجاز، ٻيو حقيقت. ”مجاز“ جي تشريح مختصر لفظن ۾ اها ڪئي وڃي ٿي ته جا ڳالهه جسم ( مئٽر) سان واسطو رکندڙ هجي يا جا ڪانڪريٽ  (Concrete) يا مخصوص ٿي سگهي يا جنهن ۾ اندرين يا حواسن کي زياده دخل هجي، سا مجاز آهي. ”حقيقت“ جي تشريح هن طرح ڪئي وڃي ٿي، ته جا ڳالهه روح يا آتما سان واسطو رکندڙ هجي، جا ائبسٽرئڪٽ  (Abstract)  يا خيالي هجي، جا حواسن ذريعي نه پر فڪر ۽ گيان جي وسيلي معلوم ٿي سگهي ٿي، سا ”حقيقت“ آهي.

        محبت هڪ شيءِ آهي، پر ان جا درجا ٻه چوڻ ۾ اچن ٿا - هيٺيون ۽ ابتدائي ڏاڪو چاڙهيءَ جو مجاز آهي، ۽ حقيقت ان جو مٿيون ۽ آخري ڏاڪو آهي.

        جسم ۽ روح ڳنڍيا پيا آهن. جسم جو ترجمان جذبو آهي ۽ روح جو ترجمان عقل آهي. مجاز ۽ حقيقت جدا ٿي نٿا سگهن. شروعات هميشه مجاز سان ٿيندي آهي. ماڻهوءَ، مرشد يا گروءَ ۽ خدا جي شخصي تصور جي محبت مجازي پريم سان واسطو رکي ٿي.

        سچو، وفادار، هم خيال، هم جنس، هم نفس دوست ڳولي لهڻ محبت جو پهريون مرحلو آهي. سيڪس  (Sex)  يا جنسي ڪشش کي به دوستيءَ ۾ وڏو پارٽ آهي، ليڪن دراصل اهي سڀ ڪجهه نه آهن. ان کان سواءِ دوستيءَ جا ٻيا ڪارڻ به رهن ٿا. هم خيال، هم نفس، وفادار رفيق يا دوست کي ان ۾ خاص حيثيت رهي ٿي. ان جو حصول زندگيءَ جي سفر تنهائيءَ ۾ مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڏي مدد ڏئي ٿو. اهڙي دوست بابت هڪ شاعر چيو آهي ته

”اين سعادت بزور بازو نيست،

تانه بخشد خداي بخشنده“

واقعي، اهو بخت صرف ازغيبي عنايت ذريعي حاصل ٿئي ٿو. درويش، فقير، ساڌو سدائين ست سنگ ۽ نيڪ صحبت جي تلقين ڪندا رهيا آهن. ان ڪري هرڪو سچي دوست جي ڳولا ۾ پئي رهيو آهي. سچن دوستن جي ملڻ ۾ ڪيئي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. ظاهري ڏسڻ جا سهڻا ٽوهه پٽن ۾ پيا آهن، پر چکڻ ۽ تجربي بعد پتو پوي ٿو ته سڀ ڪنهن شيءِ جو اندر ۽ ٻاهر هڪجهڙو نه آهي. ڪيتريون سهڻيون زالون ۽ مرد ڏسجن پيا، پر صورت ۽ سيرت جو ميل ڇڊو ٿئي ٿو. ماڻهو هن دنيا ۾ اڪيلو آيو آهي، اڪيلو رهي ٿو، اڪيلو ويندو. اهو احساس ڪمزور ۽ نامڪمل دلين لاءِ مايوسيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿو. اهڙي اڪيلائيءَ جي عالم ۾ جيڪڏهن ڪو سچو ساٿي ملي ٿو، ته وڏي نعمت شمار ڪجي ٿي.

        آءٌ به زندگيءَ ۾ اهڙن دوستن جهڙيءَ اڻ لڀ شيءَ جو ڳولائو رهيوآهيان. سچن دوستن جي صحبت تتل ڏينهن ۾ ٿڌيءَ ڇانو برابر آهي. مسٽر منگهورام ٽهلراماڻي انهن مان هڪ آهي. هن سان ڪڏهن غلط فهمي نه ٿي اٿم. هم نفسيءَ ۽ محبت جو جيڪڏهن سٺو مثال پيش ڪري سگهان ٿو، ته اها هن جي دوستي آهي.  دوست جا عيب ڍڪڻ هڪ ڳالهه آهي. دوست جا عيب به ثواب ڏسڻ ۾ اچن سا ٻي ڳالهه آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ته ٽهلراماڻي پوئين خيال وارن ماڻهن مان آهي. مون کي هن ۾ ڪو عيب ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ نه ڪا هن بابت ڪڏهن غلط فهمي ٿي. اختلاف راءِ هوندي به ڪڏهن عملي اختلاف نه ٿيو. منهنجي سمجهه موجب هن جا به منهنجي لاءِ ساڳيا ئي جذبا آهن.

        اها ڳالهه نظر ۾ رکي، هن جي زندگيءَ جي احوال کي مثالي دوست جي لسٽ ۾ شمار ڪريان ٿو، جا ڳالهه مون لاءِ وڏي ۾ وڏي قيمت رکي ٿي.

        مسٽر منگهارام اصل ٽلٽي، تعلقه سيوهڻ جو رهاڪو ٽهلراماڻي ڪٽب مان آهي. ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ منهنجي ڏاڏي شاهه حيدر عليه الرحمت جو مرشد مخدوم بلاول عليه الرحمت ڪجهه وقت رهيو هو. ان ڳوٺ، پوئين وقت ۾، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پيدا ڪيو.

        مسٽر منگهارام جو والد مسٽر پرسرام ڪيترا ورهيه ڀين جي ڳوٺ، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هيڊ ماستر هو. بعد ۾ 30 نومبر 1939 تائين منهنجي ڳوٺ سن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. هيءُ ان جو وڏو فرزند 11 آگسٽ 1904 تي ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هن ابتدائي تعليم ٽلٽيءَ ۽ لڪي ۾ ورتي. سيڪنڊري تعليم ڪجهه وقت ڀريا هاءِ اسڪول، ۽ ڪجهه وقت ٽلٽي مڊل اسڪول ۾ ورتائين. آخر ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان اپريل 1922ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جتي کيس مسٽر گوڪلي جهڙي لائق پرنسيپال جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو، ۽ اتان 1929ع ۾ گرئجوئيٽ ٿيو.

        1929ع ۾ ، هيءُ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم ٿيو، جتي 1933ع تائين رهندو آيو. 1933ع ۾ دادو ضلعو ٺهيو، جنهن جي لوڪل بورڊ ۾ هي چيف آفيسر مقرر ٿيو. اتي هن کي مقامي سياسي پارٽي بازين ڪري گهڻيون تڪليفون پيش آيون. ان عهدي تي هو 1937ع ۾ نوڪريءَ مان منهنجي دوست هئڻ ڪري ڪڍيو ويو، ڇاڪاڻ ته آءٌ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سر غلام حسين وزارت جي مخالفت ۾ هوس. ان کانپوءِ سمورو وقت هي مقاطعا کني، گذر معاش ڪندو هو.

        پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، جڏهن گهڻا هندو ڪراچيءَ ۾ 6- جنوري 1948ع جي واقعن ڪري، لڏڻ لڳا، تڏهن به جيتوڻيڪ انهن واقعن م هن جو گهر به ڦرجي ويو هو، پر هن وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ باوجود گذر معاش جي تڪليفن جي، پاڪستان ۾ رهندو آيو. 8- آڪٽوبر 1958ع تي پاڪستان ۾ جڏهن مارشل لا لڳائي آئيني حڪومت ختم ڪئي ويئي ۽ آءٌ گرفتار ٿيس، ته هي گرفتار ٿيڻ جي اطلاع پهچڻ تي ملڪ ڇڏي، وڃي بمبئيءَ ۾ رهڻ لڳو. اتان هو اديار (مدراس) ۾ ويو. اڄڪلهه بئنگلور ۾ رهي ٿو. اتي ڀارت ۾ به اڳوڻيءَ وانگر تعميرات جو ڪم ڪري ٿو.

        منهنجي ساڻس واقفيت سندس والد جي سن ۾ هيڊ ماستر ٿي اچڻ بعد ٿي، جا ڪراچيءَ ۾ منهنجي ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي وائيس پريزيڊنٽيءَ جي ايامڪاريءَ وقت وڌي، وڃي دوستيءَ جي درجي کي پهتي.

        ان کان پوءِ منهنجي زندگيءَ جي هر ڳالهه ۾ هي ڪپڙي جي تاڃي پيٽي وانگر ڳنڍيل رهيو آهي. جيڪڏهن ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيس، ته ان لاءِ حاتم علويءَ ۽ هن جي لاڳاپي جو اثر هو. ڪجهه وقت لاءِ سبزي خور (ويجيٽيرين) هن جي سنگت ۾ ٿيس. ڪراچيءَ ۾ جي صوفي سماگم ٿيندا هئا. تن جا هيءَ ۽ دادا ڄيٺمل روح روان هوندا هئا. ڀٽ شاهه لطيف تي، ميلي جي موقعي تي، ميران محمد شاهه جي سڏايل پهرينءَ صوفي ۽ ڪلچرل ڪانفرنس جي هيءُ مکيه مددگارن مان هو. ڪو وقت هو، جو آفيس جي وقت کان پوءِ اڪثري ٽي ماڻهو - منگهورام ٽهلراماڻي، ريجهو مل آڏواڻي، جهمٽ ٿڌاڻي - شام جو مون وٽ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ڪيترا ماڻهو شام جو جيڪڏهن اسان چئن مان ڪنهن کي اڪيلو ڏسندا هئا، ته پڇندا هئا ته باقي رفيق ڪٿي.

        1928ع ۾، ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ٿيڻ بعد، جي سماجي سڌاري جا ڪم هٿ ۾ کنيم - جهڙوڪ ڳوٺ سڌار هلچل، زالن جي ڀلائيءَ جا ڪم، ڪو آپريٽو تحريڪ - سڀ ۾ هن جو هٿ ۽ صلاح هئي. ڪراچيءَ ۾ بنگلو هن جي صلاح ۽ مدد سان ٺهرايم. مسٽر گبسن ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر سان لوڪل بورڊ پريزيڊنٽيءَ وقت ٿيل اختلافن وقت صلاح مشوري ۾ هيءُ سدائين گڏ هوندو هو.

        دادو ضلعي جدا ٿيڻ بعد جڏهن منهنجي ڪارڪردگيءَ جو مرڪز دادو ٿيو، ته هيءُ ڪراچيءَ ۾ اٻاڻڪو محسوس ٿيڻ لڳو ۽ مون کي به اڪيلائي محسوس ٿي. ان ڪري هن ڪراچيءَ کي خيرباد چئي، دادو ضلعي لوڪل بورڊ ۾ ملازمت ورتي، کيس انجنيئر ۽ چيف آفيسر ڪري رکيو ويو.

        ان عرصي ۾ هن دادو ضلعي اندر ڪيئي سٺا ڪم ڪيا. ضلعي جا رستا تعمير ڪرائڻ، دادوءَ ۾ ڊاڪ بنگلو ٺهرائڻ، رني ڪوٽ ۾ بنگلو ۽ رستو ٺهرائڻ وغيره ڪم سندس ايامڪاريءَ جا يادگار آهن. انهيءَ عرصي ۾ هي دادوءَ ۾ رهندو هو، ۽ آءٌ سن ۾ صرف ميٽنگن وقت ملندا هئاسون. پر ڪراچيءَ وارا اڪثر دوست ان اثر هيٺ هوندا هئا، ته هي ٻيئي گڏ گذاريندا هوندا. ان ڪري ڪاڪو ڪوٽوال جڏهن منگهي کي خط لکندو هو ته ان ۾ منهنجا سلام لکي ڇڏيندو هوس.

        جمشيد نسروانجيءَ کي دادوءَ ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. نئينءَ ”پيپلس پارٽيءَ“ جا رول هن ٺاهيا هئا، جا سر شاهنواز خان ڀٽي جي ليڊر شپ هيٺ ٿوري وقت لاءِ وجود ۾ آئي هئي. سنڌ جدا ٿيڻ بعد ڪوٽڙي - سيوهڻ تڪ مان جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَلاءِ اميدوار بيٺو هوس، ته هن منهنجي اليڪشن کي پنهنجو سمجهي ڊڪ ڊوڙ ڪئي هئي. چونڊجي اچڻ بعد جڏهن آءٌ مخالفت ۾ ويٺس ته وزارت طرفان سرڪاري ڪامورن ذريعي هن تي بار وڌو ويو ته مون کي سرڪاري پارٽيءَ ۾ آڻي. جڏهن هن ان لاءِ پنهنجي مجبوريءَ جو اظهار ڪيو ته ان تي هن کي چيف آفيسريءَ مان خارج ڪيو ويو. هن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ تي مخالف پارٽيءَ طرفان وزارت خلاف اسيمبليءَ ۾ مهمليءَ جي رٿ پيش ٿي، جنهن ۾ وزارت کي شڪست اچڻ کان، وقت جي اسپيڪر ديوان ڀوڄسنگهه رٿ کي ٽاڪ آئوٽ ڪرائي، بچائي ورتو. ان کان پوءِ سنڌ وزارتن جي ڦير ڦار ۽ منهنجي سياسي ڪمن ۾ هي مکيه صلاحڪار رهندو آيو.

        هن جي خصوصيت اها هئي ته هي پنهنجي ازادانه راءِ ڏيندو هو. جنهن ۾ ڪيترا دفعا هي اسان سان شامل راءِ نه به هوندو هو. پر صحيح جمهوري اصول مطابق جيڪڏهن سنگت سندس راءِ جي خلاف فيصلو ڪيو، ته هي باوجود اختلاف راءِ جي ساٿ ڏيندو هو. اها ڳالهه ٿورن ماڻهن کان پڄندي آهي. الهه بخش وزارت، ڍلن جي سوال تي، پارٽيءَ جي حڪم جي انحرافي ڪئي. ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽين پهرين ساٿ ڏيئي وري ڦيرو کاڌو. ان وقت مون جيڪي خط ڪانگريس ليڊرن کي لکيا هئا يا ڪانگريس جي ڦير گهير کي بيانن ۾ ظاهر ڪيو هو، انهن جي تيار ڪرڻ ۾ هن جو به هٿ هو. منزلگاهه مسجد جي لاءِ جڏهن مسلم ليگ طرفان هلچل هلائي رهيا هئاسون، تڏهن هن، مسٽر جمشيد ۽ دادا ڄيٺمل پرسرام گڏجي، مون کي صلاح ڏني ته آءٌ ان هلچل کان پري رهان. جڏهن مون سندن ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مون کي جيل ۾ وڃڻو پيو، ته هن، باوجود سنڌ جي هندن جي سخت مخالفت جي جيل ۾ ملڻ ۽ کاڌي خوراڪ پهچائڻ کان دريغ نه ڪيو.

        جڏهن نئين وزارت ٺهي ۽ آءٌ ان ۾ وزير ٿيس ته هيءُ ئي دوست هو، جو مون وٽ ڪم ڪار لاءِ نه ايندو هو.

        ان کان پوءِ به منهنجي اڪثر ڪمن ۾ ”ڀائو“ (هن جو گهرو نالو آهي) منگهي ٽهلراماڻيءَ جو وڏو هٿ هوندو هو. هن سان ڪڏهن به غلط فهمي نه ٿي. ڏک سک ۾ ساٿي رهندو هو. هن جو سياست سان ڪوبه واسطو نه هو، ليڪن مون سان شخصي دوستيءَ ڪري اسان جي هر معاملي ۾ هي صلاحڪار رهندو هو.

        پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سنڌ مان گهڻا هندو لڏيندا ويا.ايتري قدر جو هن جو والد ۽ ٻيا عزيز به لڏي ويا، ليڪن هي محڪم ٿيو ويٺو رهيو. ان وچ ۾ هن کي ڪيتريون تڪليفون پيش آيون. کيس مقاطعا ملڻ بند ٿيا، ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ موڪليو ويو، گهر لٽجي ويس، پر هن جي دل لوڏو نه کاڌو. هندن جا راڄ مهاڄڻ، عزيز خويش سڀ لڏي ويس، پر اسان جي شخصي دوستيءَ ۽ وطن جي محبت ڪري هي اٽل ٿيو ويٺو رهيو. مارشل لا قائم ٿيڻ بعد جڏهن کيس قيد ڪرڻ لاءِ وارنٽ نڪتو، تڏهن هن کي مجبور ٿي ملڪ ڇڏڻو پيو.

        آءٌ پندرهن مهينا جيل ۾ رهيس ۽ اٺ سال نظربند رهيس - ان جو مون کي اهڙو ارمان نه ٿيو، جهڙو هن جي جدا ٿيڻ جو، اها ڳالهه هر ڪو مظلوم محسوس ڪري سگهي ٿو، ته اهڙي حالت ۾ جو دک ۽ غصو پيدا ٿئي ٿو، اهو ڪيتري قدر شديد هوندو آهي.

        هي فراخ دل، ڪشاده دست، غلط فهمين کان دور، صاف ذهن، صاف دل، نيڪ خو، نيڪ خصلت ۽ محبت جو مجسمو شخص آهي. سڀ کان وڌيڪ هن ۾ لياقت سچي ۽ وفادار دوست جي آهي، جي شيون اڄڪلهه ڪمياب آهن.

        سندس والد بزرگوار، بئنگلور ۾ 26- آگسٽ 1960ع تي وفات ڪئي. افسوس جو آءٌ هن جي ان غم ۾ روبرو ڀائيوار ٿي نه سگهيس. شال پاڻ پنهنجن پيارن پٽن ۽ نياڻين سان جتي هجي، خوش هجي.

 

2- سيد ميان جئندل شاهه ولد ميان دوست علي شاهه لڪياري

(آراضي)

        سيد ميان جيئندل شاهه لڪياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي مان آهي، جي ميان غازي خان جي اولاد مان آهن، جنهن جو مقبرو شاهه صدر عليه الرحمت جي مقام ۾ ريلوي لائين جي الهندي طرف آهي.

        ڪن ڏينهن ۾ ميان پوٽن سيدن جو سيوهڻ تعلقي ۾ وڏو اوج هوندو هو. سندن وڏي زمينداري هوندي هئي. آبادي گهڻي ٿيندي هين. پيداش گهڻي هئڻ ڪري عمديون جايون، اوطاقون ۽ نوڪر چاڪر جام هوندا هئن. انهن مان پويون سيد، ميان حبيب الله شاهه، پنهنجو مٽ پاڻ هو. کيس نرينو اولاد ڪونه ٿيو. هي سوٽ هئا، پر گهرو اختلاف هئڻ ڪري حويليءَ جي ماڻهن ملڪيت سندن مرشد مخدوم صاحب، هالا، کي بخش ڪري ڏني. اڄڪلهه سڀ رنگ دنيا سان آهن. پوين جي هٿان ملڪيت نڪرڻ ڪري سندن دنياوي اوج اوترو نه رهيو آهي پر هي شاهه صاحب باوجود ملڪيت جي گهٽتائي جي، خانداني روايات کي زنده رکندو اچي. سڀ ڪو چوي ٿو ته ڀاڳين جا ڀاڻ خالي نه آهن، خانداني ڏيئو پيو ٻري. هن کي نه گهڻي تعليم آهي، نه وٽس وڏي ملڪيت آهي، نه صاحب فضل ۽ ڪمال آهي: پر انهن سڀني گهٽتاين کي سندس سچائيءَ جي صفت ڍڪيو بيٺي هئي. سندس وفاداريءَ، مردانگيءَ ۽ راڄن ۾ رهڻيءَ آسپاس ۾ سڪو ڄمائي ڇڏيو هو. سندس انهن صفتن ڪري، مون ۽ ٻين ڪيترن دوستن سندس دوستيءَ کي پسند ڪيو ٿي.

        هن جي مون سان وفاداريءَ جو هڪ مثال ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. 1945ع جي آخر ۾، اسان جو مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف پيدا ٿيو. 1946ع جي آخري ۾ اليڪشن ٿي. ان ۾ مسلم ليگ طرفان منهنجي مخالفت ۾ هڪ اميدوار بيهاريو ويو. اليڪشن ۾ اسلام کي خطري جي نعري، مسلم ليگ جي مخالفت ۽ حڪومت جي برخلافيءَ ڪري، ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، خوف ۽ لالچ کان متاثر ٿي، پينڌ ڇنائي ڀڄي ويا. هڪڙن کي ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته منهنجي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ ڪري، سنڌ مان اسلام جو نالو نشان گم ٿي ويندو. هنن مسلم ليگ کي اسلام جي علمبردار جماعت ٿي سمجهيو. ان جي هر حڪم جي انحرافي هنن ڪفر جي برابر ڄاتي ٿي. ماڻهن تي، ڪيترن موقعن تي، ڪن ڳالهين جو ڀوت سوار ٿي ويندو آهي. جنهنڪري سمجهه ڇڏائي ويندي اٿن. هو اهڙا ڪم ڪري ويهندا آهن، جو اڳتي هلي کين پڇتائڻو پوندو آهي: ليڪن ان وقت هو ڪنهن جي ڪانه ٻڌندا آهن. چي، سر غلام حسين جي وزارت جي مخالفت جناح صاحب جي مخالفت برابر هئي ۽ مسلم ليگ جي هوائن کان ڪو خوش قسمت ۽ مضبوط بدن ماڻهو بچي سگهندو آهي. هيءُ انهن خوش قسمت ماڻهن مان هو، جو انهن موسمي هوائن جي اثر ۾ نه آيو، ۽ دوستيءَ جي دامن کي مضبوط جهليو بيٺو رهيو. چي، ”جنهن ماڻهوءَ جو گهڻي وقت کان آءٌ واقف آهيان. تنهن بابت ڪنهن جي پروپيگنڊا مون تي ڪهڙو اثر ڪري سگهي ٿي! مون کي خبر آهي ته هن جي دل سنڌ ۽ سنڌين جي درد سان ڀريل آهي. مون کي خبر آهي ته هو خدمت خلق جي صفت سان موصوف آهي. مون کي اوهان جي ماضيءَ، حال، قول ۽ فعل جي پوري خبر آهي. اوهان جي اسلام جي علمبرداريءَ جي دعويٰ جو مون کي پورو پتو آهي: تنهنڪري هن محب وطن، درد دل رکندڙ، باهمت، دوست ۽ ڀاءُ کي آءٌ ڪنهن به قيمت تي ڇڏي نٿو سگهان.“ جڏهن ڏٺو ويو ته هن تي پروپيگنڊا جو ڪو اثر نٿو پوي، ته کيس لالچون ڏنيون ويون. سمجهيائون ته هي ماڻهو دوالي بند آهي، پيسي ۽ عزت جي لالچ هن کي لوڙهي ويندي: پر ان ڦندي ۾ ڦاسڻ کان هيءُ پکي، باوجود مسڪينيءَ جي، بي پرواهه هو. چي –

غني تريم گرچه مفلسيم ما،

که برسغره حاتم نه نشيند مگس ما

        جڏهن ڏٺائون ته اهو طريقو به ڪم نٿو اچي، ته آخري هٿيار دٻاءُ ۽ دهشت جو ڪتب آندائون. چيائونس ته جي ووٽ نٿو ڏين ته جيل ۾ موڪلينداسون ۽ هن چيو، بسم الله!

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد

اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد!

        نيٺ هن کي ”فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ“ هيٺ جيل ۾ موڪليو ويو. زمينداري ڪلاس جا اڪٿر ماڻهو ظاهري اهڙو ڏيکاءُ ڏيندا آهن. ڄڻ ته رستم پهلوان آهن، پر جيل جا گيدي ٿين ٿا. جيل جو دڙڪو ملين يا دروازه ڏسن ته ٽپڙ ئي ڍرا ٿيو وڃن. هنن ڀانيو ته هن جو به اهڙو حال ٿيندو، پر هيءُ ته جنس ئي جدا هئي. سارو اليڪشن جو وقت دادوءَ جي جيل ۾ پيو رهيو. کيس مسلم ليگ اميدوار کي مدد ڪرڻ جي شرط تي ٻاهر نڪرڻ جون آڇون ٿيون، پر هي ”زمين جنبد نه جنبد گل محمد“ وانگر آرادي تي محڪم رهيو. اصول پرست قومي ڪارڪنن ۾ اهڙا ماڻهو ملن ٿا، پر رواجي زميندار طبقي ۾ اهڙن ماڻهن جو وجود مشڪل سان ملي ٿو. انهن ڏينهن ۾ ميان علي محمد شاهه راشدي ”قرباني“ اخبار ۾ لکندو هو. ان هن قحط الرجاليءَ واري عالم ۾ ميان جئندل شاهه جي هيءَ همت ڏسي، هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هن لاءِ شاهه جو هيءُ مشهور بيت ڪم آندائين:

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،

ڏسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا

        نيٺ اليڪشن کانپوءِ کانپوءِ شاهه صاحب کي آزاد ڪرايو ويو. انهيءَ وقت کان آءٌ ميان علي محمد شاهه ۽ ٻيا دوست سندس ان همت جا مداح ۽ دوستيءَ جا گرويده رهياسون.

        ايتري تعارف کان پوءِ مختصر طور سندس زندگيءَ جو احوال ڪريان ٿو. هيءُ 1900ع ڌاري ڄائو، ابتدائي تعليم ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. هي 1936ع ڌاري ضلعي لوڪل بورڊ، دادوءَ جو ميمبر ۽ تعلقي لوڪل بورڊ، سيوهڻ جو پريزيڊنٽ چونڊيو هو. آسپاس چڱيءَ رهائي ۽ لاڳاپي جو مالڪ آه.ي خوددار، باهمت، بي ڊپو ماڻهو آهي: ان ڪري کيس ٻه - ٽي دفعا مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پيو آهي: ليڪن هر مقابلي ۾ هن جي همت کي پست ڪرڻ بدران تيز ڪيو آهي. پهريون دفعو تڪليف تڏهن آيس، جڏهن سندس عزيز ميان حبيب الله شاهه جي ملڪيت، اندر حويليءَ وارن گهرو اختلاف ڪري، مخدومن کي لکي ڏني ۽ هن ان تي اعتراض ڪيو. ان تي کيس جيل ۾ موڪليو ويو. ٻيو دفعو اليڪشن ڀيري، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، هي جيل ۾ موڪليو ويو. ٽيون دفعون ڪن آفيسرن جي دشمنيءَ جو شڪار ٿي، هن کي تڪليف ڏسڻي پيئي. سڀني مان آزاد ٿيو، پر هن جي همت ۽ مردانگيءَ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ٿي.

        مون کي سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن 1937ع، 1946ع ۽ 1953ع جي چونڊن ۾ چونڊائڻ ۾ هن جو هٿ هو. انسان سدائين هڪجهڙو نه آهي. يونان جي حڪيم، سولن، جو چوڻ آهي ته ماڻهو جيستائين جيئرو آهي، ان لاءِ ڪا اٽل راءِ قائم ڪرڻ غلط آهي. آخر تائين سچ جي رستي ڪي مهمير هلندا ۽ ساٿ ڏيندا: پر هن شاهه صاحب ۾ انهن مهميرن جا نشان مون ڏٺا آهن. کيس ٽي فرزند آهن: (1) سيد غلام حسين شآهه (2) ميان ڪوڙل شاهه، ايل ايل. بي (3) نظر علي شاهه.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org