سندس سياسي مسلڪ:
خانبهادر الهه بخش شروعات ۾ سنڌ جي عام مسلم سياستدان وانگر
بنيادي طور سياست عمل (پرئڪٽيڪل پاليٽڪس) جو حامي
هو. هو طاقت ذريعي ملڪي خدمت ڪرڻ ۾ ويساهه رکندڙ
هو. ان ڪري ڪنهن آزاديءَ واريءَ عام تحريڪ ۾ هو
تڪڙ ڪري ٽپي ڪو نه پيو. اهڙن ماڻهن جا دماغ نهايت
صاف هوندا آهن. هو بنهه ڪنهن اتفاق سان تڪڙ ڪري يا
جوش ۾ اچي، ڳڻ ڳوت کان سواءِ، قدم کڻندا آهن.
جهڙيءَ طرح سر غلام حسين عمل جي سياست پئي هليو.
بلڪل ان وانگر خانبهادر جو پڻ انهيءَ ئي سياست ۾
عقيدو هو. سر غلام حسين هڪ دفعي سياسي ڳڻ ڳوت ۾
غلطي ڪري نقصان سـَـٺو. پر ان کان پوءِ ڪڏهن به
غلط اندازو نه لڳايائين. مرحوم الهه بخش به انهيءَ
پايي جو ماڻهو هو. تفاوت ٻنهي ۾ هي هو ته سر غلام
حسين عمر رسيده ۽ قانوندان ماڻهو هو. ان ڪري هو
وڏين ڳالهين لاءِ جوکم جهڙو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه
هو. الهه بخش مقاطعدار ۽ واپاري ذهنيت جو ماڻهو
هو. جي جوکم جي قدم کڻڻ لاءِ نه ڊڄندا آهن. انهيءَ
ڪري ئي، جيتوڻيڪ ابتدا ۾ نظرياتي سياست ۾ هن جي
دلچسپي نه هئي، پر آهستي آهستي پنهنجي قسمت ۾ آيل
حالتن کان مجبور ٿي، ويو انهيءَ رنگ ۾ رچندو.
انهيءَ جي ابتدا دهليءَ ۾، اپريل 1940ع جي آخر ۾، مسلم ليگ کان
ٻاهر قوم پرستن جي هڪ ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ کان
شروع ڪيائين. جنهن ڪانفرنس کي "آزاد ڪانفرنس" جي
نالي سان سڏيو ويو. انهيءَ نظرياتي سياست جي طرف
هن جڏهن توجهه ڏيڻ شروع ڪيو ته اسان مان گهڻن کي
شهه ڏيئي ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو اسڪول جي ڏينهن
۾ رياضيءَ جي ڪم ۾ نهايت هوشيار هو. انهيءَ
پنهنجيءَ لياقت کي هن سياسي نظرين ۾، آئڊيلسٽ
سياستدانن جي نقطه نگاهه سان، استعمال ڪيو. هي ان
بعد ڪهڙن نتيجن تي پهتو، ان بابت هن سان ڪيل گفتگو
جو لب لباب هتي پيش ڪريان ٿو.
انهن ڏينهن ۾ آءٌ نظرياتي طور هيٺين نتيجن تي پهتل هوس: (1)
هندستان جا مسلمان اتي جي ٻين رهاڪن کان مذهبي
نقطه نگاهه کان علحده قوم هئا، (2) تنهن ڪري هو
سندن اڪثريت واريءَ ايراضيءَ ۾، پنهنجي مذهبي
نظرين جي بنياد تي، جدا حڪومت قائم ڪرڻ جا حقدار
هئا، (3) ڪانگريس جا سنڌي ڪارڪن، هندو ذهنيت ڪري،
سنڌي عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ گٿا هئا، ۽ (4)
تنهنڪري مسلم ليگ ذريعي ئي سنڌي عوام جو ڀلو ٿي
سگهڻ وارو هو.
پوءِ مون سنڌ ۾ هندو- مسلمانن جي وچ ۾ ٺاهه آڻڻ خاطر وزارت تان
استعيفا ڏيئي، مرحوم الهه بخش کي بنده علي خان جي
وزارت ۾ آندو، ان واعدي تي ته ٻن مهينن کان پوءِ
سندس گروهه کي هڪ وڌيڪ وزارت ڏني ويندي. مسلم ليگ
هاءِ ڪمانڊ ان ٺهراءَ کي قبول نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان
بنياد تي مسلم ليگ ڪنهن غير مسلم ليگي مسلم گروهه
سان سمجهوتي ڪرڻ سان مسلمانن جي واحد نمائنده
جماعت واريءَ پنهنجي دعويٰ کان گويا دستبرداريءَ
جو اعلان ڪري ها. ان تي مون ڪوشش ڪري الهه بخش ۽
جناح صاحب کي ملايو. ليڪن ڪو سمجهوتو ٿي نه سگهيو.
مون الهه بخش مرحوم کان خيالن جي ان اختلاف جو سبب پڇيو. هن مون
کي ٻڌايو ته "مسلم ليگ جو مسلمانن کي مذهبي بنياد
تي جداگانه قوم سمجهڻ وارو نظريو غير اسلامي، ۽
موجوده دنيا جي تسليم ڪيل نظرين موجب صحيح نه هو.
صحيح قرآني تعليم مطابق، مسلمان اهو هو، جو خدا کي
مڃي، نيڪ عمل ڪري، ۽ انساني اتحاد، امن ۽ ترقيءَ
لاءِ ڪوشش ڪندڙ هجي. ماڻهن جي موجوده مختلف مذهبن
واري ورهاست غير حقيقي ۽ غلط هئي. ان ورهاست موجب،
مسلمان قومن جي دائري ۾ ظالم،غاصب، بداخلاق، ماڻهن
سان نفرت ڪندڙ، چور، زاني، منافق سڀ اچي ويا ٿي، ۽
ٻين مذهبن جا خدا پرست، نيڪ اخلاق، محبتيڌ، سچا
ماڻهو خارج سمجهڻ ۾ آيا ٿي. جي مسلم قوم جو بنياد
اعليٰ مذهبي عقيدن ۽ عملن واريءَ قوم تي ٻڌل شمار
ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ڪهڙيءَ طرح خراب ماڻهن کي مسلم
قوم ۾ شمار ڪري سگهبو ۽ ڪهڙي حساب سان ٻين مذهبن
جي بهترين ماڻهن کي ان دائري مان خارج ڪري سگهبو!
"اهو چوڻ ته ڪانگريس باوجود ملڪ جي آزاديءَ، اتحاد ۽ ترقيءَ جي
اصولن واريءَ جماعت هئڻ جي، پنهنجي ڪارڪنن جي
ذهنيت ٺيڪ نه هئڻ ڪري سنڌ لاءِ مفيد ثابت نه ٿي
سگهي آهي. ڪجهه قدر صهيح آهي. ان ڪري ئي آءٌ
ڪانگريس ۾ شريڪ نٿو ٿيان پر مسلم ليگ جا ڪارڪن
ڪيتري قدر ڪانگريس ڪارڪنن کي بهتر آهن، ان جو توکي
اڳتي هلي پتو پوندو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻيئي آل
انڊيا جماعتون آهن، جي سنڌ جي حالات ۽ حقيقتن کان
بي خبر آهن. انهن ۾ شموليت سنڌ جي جداگانه هستيءَ
لاءِ نقصانڪار آهي. سنڌين جدوجهد ڪري سنڌ کي بمبئي
علائقي کان جدا ڪيو آهي، وري ڪو به قدم نه کڻڻ
گهرجين، جيڪو ان جي خود مختياريءَ کي ختم ڪري."
ان تي مون کيس چيو ته "تازو لاهور ۾ جيڪو پاڪستان بابت ٺهراءُ
پاس ٿيو هو ان ۾ صوبن جي خودمختياريءَ جو اصول
قبول ڪيل هو. ان ڪري اڳتي هلي ان جي ڪهڙيءَ طرح
مخالفت ٿي سگهي ٿي؟"
جواب ڏنائين ته "تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو. ان ڪري عملي سياست
جي دستورن کان واقف نه آهين. سياست عمليءَ ۾
واعدن، ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو پڇيئي ڪو نه. تاريخ
پڙهي ڏسندين ته خود مذهبن جا احڪام ۽ حڪومتن جا
عهدناما به طاقت، حقيقتن، شخصي ۽ طبقاتي مفاد جي
ضرورتن ۽ مڪاني حالات جي گهرجن ۽ تقاضائن پٽاندڙ
اڪثر قربان ڪيا پئي ويا آهن. سٺا سٺا ۽ جذباتي
نعرا رڳو عوام کي ٻڌائڻ لاءِ آهن. سياست ۾ هميشه
ڏاڍي جي لٺ جو اثر رهيو آهي."
چوندا آهن ته پريم جو ديوتا انڌو آهي. عشق هڪ نشو آهي، جنهن جو
زياده وزن عقلي توازن درهم برهم ڪريو ڇڏي. عاشق
بنهه مجذوبيت جي درجي تي وڃيو پهچي. منهنجي ان وقت
بلڪل اها حالت هئي. مون کي هن جون ڳالهيون اُن وقت
سمجهڻ ۾ نه آيون. ويتر کيس ڏوهه ڏيڻ لڳس ته هن
مسلمانن کي وساري ڇڏيو هو. هن وقت انهن ڳالهين کي
گهڻو زمانو گذري ويو آهي. هن پنج پير جي مقام ۾
آرام جي ننڊ ستو پيو آهي. ڪيئن چئجي هو اسان جي
حالت تي کلندو هو يا روئندو هوندو!
هاڻ جڏهن ساري مسئلي تي سرسري نظر ڊوڙايون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو
ته اسان سڀني کان ڪي بنيادي غلطيون سرزد ٿيون. هن
جون غلطيون هي هيون ته (1) ڍلن جهڙي رواجي سوال
تي، پنهنجي پارٽيءَ جي پرخلوص ۽ مکيه ڪارڪنن جي
راءِ کي، حڪومت جي بانور ۽ ڪانگريسي آڌار تي، هن
پٺن پويان اڇلائي ڇڏيو، (2) جيتوڻيڪ هن جي پايلسي
مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کان ٻاهر رهي، سنڌين جي مفاد
لاءِ ڪم ڪرڻ جي هئي، پر انهيءَ کي عملي صورت وٺائڻ
لاءِ ڪا جماعت ٺاهي، قدم نه کنيائين، ۽ (3) آخر
بار وزارت کان ٻاهر نڪرڻ بعد، اٺن مهينن جي عرصي
۾، هن پنهنجن سياسي خيالن جي مشتهر ڪرڻ لاءِ ڪا به
ڪوشش نه ڪئي. اسان جون غلطيون هي هيون ته (1)
ڪانگريس جي ڪارڪنن جي غلطين کان جوش ۾ اچي، ردعمل
طور وڃي ٻيءَ آل انڊيا جماعت کي پاڻ حوالي ڪيوسين،
(2) نفرت جي باهه ۾ وڪوڙجي هندو ملسم نفاق جا ڪارڻ
بنياسون ۽ (3) صوفيانه اسلامي تعليم کي وساري
(جنهن جو مکيه متو محبت هو) ملا جي نفرت واري
مذهبي سيلاب ۾ لڙهي وياسون، ۽ هاڻ، "ڪنڌي ساريان
ڪا نه، امن امان!"
افسوس، جو سندس جيئري هن سنڌ جي سورهيه سپوت کي اسان ڪو نه
سڃاتو. شال خدا تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ڏئي، ۽ هو
اسان لاءِ اُتان دعاڳو هجي.
4- خانبهادر محمد ايوب ولد ميان شاهه محمد کهڙو
(لاڙڪاڻو)
سنڌ جي مکيه سياستدانن مان خانبهادر کهڙو هڪ آهي. سياستدانن کي،
جيئن مٿي چئي آيو آيهان، ٻن گروهن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو. هڪڙا ملڪ جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ داخل ٿي،
وقت جي حڪومتن يا صاحب اقتدار طبقي جي مخالفت
ڪندي، جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ سختيون سهن ٿا، ۽ ٻيا
پارليامينٽري طريرقي موجب، آئين جي اندر، اسيمبلين
۾ وڃي، مختلف رستن سان عهدا حاصل ڪري، انتظامي،
قانوني ۽ شخصي مسئلن جي حل ڪرڻ طرف توجهه ڏين ٿا.
خابهادر کهڙو ٻئي گروهه جي سياستدانن مان آهي، جن کي عام طور
ڏاها يا عملي سياستدان سڏبو آهي. اڄڪلهه اڪثر
نوجوان بنا تميز جي، هڪ ئي ڪسوٽيءَ تي ٻنهي گروهن
جي سياستدانن جي پرک ڪرڻ گهرن ٿا، جا ڳالهه ٺيڪ نه
آهي، هر ڪنهن سياستدان کي سندس طريقه ڪار جي دائري
اندر پرکي، پوءِ ان لاءِ راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
کهڙي صاحب جي سياسي زندگيءَ تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته هو،
ابتدا کان وٺي، فرقيوار سياست طرف مائل هو، پهرين
سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ هو، ان کان پوءِ جيئن مسلم
ليگ ۾ آيو ته آخر تائين ان ۾ رهندو آيو. سنڌ جي
ٻئي گروهه وارن سياستدانن، جهڙوڪ سر غلام حسين،
مير غلام علي خان پيرزاده عبدالستار، پير الاهي
بخش وغيره. وقتي ضرورتن پٽاندر پئي پارٽيون
بدلايون آهن، ليڪن کهڙي صاحب جي زندگيءَ ۾ اهڙو
مثال مشڪل ملندو. سڀ کان آخر ۾، جڏهين هن پنهنجي
پارٽي جي اجازت کان سواءِ مرڪزي ڪابينا ۾ وزارت
ورتي. تڏهن به ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ داخل نه ٿيو.
جيڪڏهن آفيشل مسلم ليگ کان ٻاهر سياست ۾ پهرين هن
کي سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪم ڪندي ڏسون ٿا. پوءِ
پاڪستان جي حصول لاءِ کيس ڪم ڪندي ڏسون ٿا.
ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جي مخالفت ڪندي، هو
وزارتن کان نڪري وڃي ٿو. ليڪن مسلم ليگ کي نٿو
ڇڏي.
سندس سياسي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪي مکيه خاميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ته
اهي آهن سياسي مخالفن سان سختيون ڪرڻ ۽ سنڌ کي
پنجاب سان گڏي، ون يونٽ بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ. هي واقعي
سندس زندگيءَ جي رڪارڊ ۾ وڏا عيب آهن پر ڏسبو ته
ڪو به اهڙو ماڻهو نه آهي جو عيبن کان پاڪ هجي؟ آءٌ
جڏهن پنهنجي گريبان ۾ نظر ٿو وجهان ته ڏسان ٿو ته
شايد منهنجا گناهه کهڙي صاحب کان به مٿي ٿي وڃن.
ڇا اهو ماڻهو، جو صوفي متي کي مڃيندو هجي، سڀ ۾
پرين پسڻ جي عقيدي ۾ ويساهه هجيس، سو ردعمل جي چڪر
۾ ڦاسي، مسلم ليگ جهڙي فرقيوارانه جماعت ۾ داخل ٿي
وڃي! نفرت جي وهڪري ۾ وهي، هندن کي يهودي سڏي! ڇا
اهي ڳالهيون گهٽ آهن، جو اسان ويهي کهڙي جا عيب
ڪڍون! ون يونٽ ٿئي ڪا نه ها، جي مٿيون غلطيون اسان
کان سرزد نه ٿين ها. اڳتي هلي، اهو فيصلو تاريخ کي
ڪرڻو آهي ته سنڌ جي منوجوده صورتحال جو ڪارڻ ڪهڙي
ڳالهه هئي.
ڏکئي دور ۾ هڪٻين جي عيبن جي اپٽار ڪرڻ مان ڪجهه نه
ورندو. باوجود جملي خامين ۽ ڪمزورين جي، قافلي جي
سڀني اٺن کي قطار ۾ رهڻو آهي. سنڌ جي ترقي پسند ۽
نظرياتي سياستدانن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش
جتوئي ۽ قاضي فيض محمد وغيره جو شمار صف اولين ۾
ڪري سگهجي ٿو پر عوام کي اهڙي شناخت جو انهن کي
اسيمبلين ۾ چونڊي موڪلين عام ماڻهن ۾ سياسي شعور
نه آهي. کين کري کوٽي جي تميز به ڪانه ٿي آهي.
زميندار، پير، ڪاموري ۽ شاهوڪار جو اڃان تائين قوم
تي قبضو آهي. سندن عيوضي ڪهڙا به ڪڌا ڪم ڪن ٿا، ته
به عام ماڻهو هنن کان حساب نٿا وٺن. انهن حالتن
هيٺ اڃا گهڻي عرصي تائين طاقت انهيءَ ڪلاس جي هٿ ۾
رهڻي آهي سياسي دانشمندي ۽ مصلحت وقت جي تقاضا اها
آهي ته موجوده مواد مان بهتر ماڻهو چونڊي انهن کان
ڪم وٺجي.
جيڪڏهن ترقي پسند ۽ نظرياتي سياستدانن کي ڇڏي موجوده
سياست عمليءَ جي سياستدانن تي نظر ڪبي ته کهڙي
صاحب جو رتبو سڀ کان مٿي نظر ايندو. هن ۾ مخالفت
کي منهن ڏيڻ جو دم آهي. منجهس معامله فهميءَ جو
دماغ آهي. وڏي ڳالهه ته هن کي زميندار، پير،
ڪاموري کي منظم ڪرڻ ۽ هلائڻ جو اهڙو ڍنگ آهي جو
سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن سياستدان ۾ ڇٽو هوندو. انهيءَ
ڳالهه کي نظر ۾ رکي، باوجود سندس ون يونٽ واري
گناهه جي، سنڌ جي جملي مکيه ڪارڪنن ون يونٽ ڊاهڻ
لاءِ مارشل لا جي قيام کان اڳ، جيڪو متحده محاذ
ڪيو هو، ان جو هو ليڊر چونڊيو ويو هو. ان محاذ ۾
پير صاحب پاڳارو، مخدوم صاحب هالا، پيرزادو
عبدالستار، مير غلام علي خان، حاجي مولابخش صاحب،
قاضي فضل الله، غلام نبي خان پٺاڻ، غلام محمد خان
وساڻ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ آءُ هئاسون.
هن وقت خان بهادر کهڙو پروڊا هيٺ آيل آهي. پنهنجي ضلعي
مان به اثر گهٽجي ويو اٿس. روا جي دستور مطابق هو
ڪا طاقت نٿو رکي، پر سندس همت، بلند حوصلو، سياسي
سمجهه کيس سنڌ جي سياست ۾ اهو درجو ڏين ٿا، جو ذرو
به حالتن جي سازگار ٿيڻ تي هو ڪارآمد پارٽ ادا ڪري
سگهي ٿو. انهيءَ مختصر تعارف کان پوءِ سندس
زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪريان ٿو:
سندس والد وڏيرو ميان شاهه محمد خان کهڙو لاڙڪاڻي تعلقي
جي عاقل ڳوٺ جو ويٺل هو، جنهن پنهنجي محنت، ڪفايت،
شعاريءَ ۽ سٺي انتظام ذريعي زمينداري وڌائي ۽
سڌاري، چڱو پيسو ورثي ۾ ڇڏيو. زميندار طبقي وٽ،
باوجود وڏين ملڪيتن ۽ گهڻي پيدائش جي به پيسي جي
اڪثر بچت ڪانه رهندي آهي. ليڪن ميان شاهه محمد
جهڙا ڇٽا زميندار ملن ٿا، جي ملڪيت به وڌائين ۽
پوين لاءِ پئسو به ڇڏي وڃن. ميان شاهه محمد 2
شاديون ڪيون هيون جن مان چار فرزند ٿيس: (1) ميان
محمد ايوب(2) حاجي محمد مراد خان، (3) محمد نواز
خان ۽ (4) ميان علي گوهر خان.
ميان محمد ايوب 1901ع ۾ ڄائو هو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ
جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. پوءِ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي
مدرسي ۾ ورتائين، جتان ڇهه درجا پاس ڪري، سنڌ
مدرسه ڪراچي مان اچي ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين. پوءِ
ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي پهريون سال پاس
ڪيائين. ان بعد پڙهڻ ڇڏي، وڃي زمينداري سنڀالڻ
لڳو. ٿوري عرصي ۾ مڪاني طرح سٺو اثر ۽ رسوخ حاصل
ڪري ويو. 1923ع ۾، بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي
لاڙڪاڻي ضلعي مان چونڊجي ويو، جنهن تي پوءِ وقت
بوقت چونڊيو آيو ۽ سنڌ جي جدا ٿيڻ تائين بمبئي
ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو. ان زماني ۾ سر
شاهنواز ڀٽي جو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نهايت اثر هو. هي
ان جي مقابلي ۾ پنهنجي طاقت بحال رکندو آيو.
هو 1926ع کان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو، ڪو
آپريٽو تحريڪ ۾ خان بهادر عظيم سان گڏ چڱو بهرو
ورتائين. 1928ع ۾ پنهنجي ضلعي ۾ زمينداري بئنڪ
کولائي، ان جو چيئرمين ٿيو: جنهن تي اڃان تائين
چونڊيو اچي. هي گهڻي وقت تائين اسان سان پراونشل
ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهندو آيو. "سنڌ
زميندار" اخبار، سکر جو هي مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو،
آغا نظر علي ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي ان جا
ايڊيٽر ٿي رهيا.
هيءُ گهڻي وقت تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو
ميمبر ٿي رهندو آيو سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ ڪاليج
بورڊ جو پڻ ڪيتري وقت تائين ميمبر چونڊيو آيو.
بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن ئي سيليڪٽ ڪاميٽين يا ٻين
سرڪاري ڪاميٽين تي ڪم ڪري تجربو پرايائين. انهي
عرصي ۾ سٺي تقرير ڪرڻ سکي ويو جنهن ڪري هي هوشيار
پارليامينٽرين شمار ٿيڻ لڳو. سنڌ جي بمبئي کان
جدائي بابت جڏهن تحريڪ شروع ٿي، ته هن ان لاءِ هڪ
ڪتاب"اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ" لکائي، ڇپائي ورهائي
علي محمد شاهه راشديءَ جهڙو هوشيار ڪارڪن هن جو
ڪيترو وقت سيڪريٽري ٿي رهيو. 1929ع ۾ سائمن ڪميشن
۽ سنڌ فنانشل انڪوائري ڪميشن اڳيان سنڌ جي جدائي
لاءِ دليلن سان ڪيس پيش ڪيائين. 1933ع ۾ سنڌ محمدن
ايسوسيئيشڻ طرفان سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾
پارليامينٽري ڪميٽي وٽ شاهدي ڏيڻ لاءِ هي لنڊن
ويو. هي ڪيترا سال سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو وائيس
پريزيڊنٽ رهندو آيو. هي سنڌ انتظامي ڪميٽي تي هند
سرڪار طرفان 1932ع ۾ ميمبر مقرر ٿيو، ان ڪميٽيءَ
جي سنڌ جدائي سان واسطو رکندڙ سوالن جي حل ڪرڻ
لاءِ مدد ڪيائين.
1936ع ۾ جڏهن سنڌ جدا ٿي ۽ هڪ سال لاءِ انتظامي ڪائونسل
مقرر ٿي، ته هي ان جو ميمبر ٿي رهيو. 1937ع جي
چونڊن ۾ هي سر غلام حسين واري مسلم پوليٽيڪل پارٽي
طرفان چونڊجي آيو ۽ سر غلام حسين جي پهرين وزارت ۾
پارليامينٽري سيڪريٽري ٿي رهيو. 1938ع ۾ سر غلام
حسين جي وزارت کي شڪست اچڻ بعد هي مخالفت ۾ وڃي
ويٺو. انهيءَ سال ۾ اسان جو الهه بخش وزارت سان
ڍلن جي سوال تان اختلاف پيدا ٿيو ۽ مخالفت ۾ وڃي
ويٺاسون صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوءِ اسان
به مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي ۾ شريڪ ٿياسون سر
غلام حسين ليڊر ۽ مير بنده علي خان ان جا ڊيپوٽي
ليڊر چونڊيا ويا. جنوري 1939ع ۾ پارٽي طرفان جڏهن
مون کي وزارت خلاف نندا جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ
چيو ويو، تڏهن ٺهراءُ تي ووٽ ٿيڻ کان اڳ پارٽي جو
ليڊر ۽ ڊيپوٽي ليڊر اسان کي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل
ٿيا، ان کان پوءِ پارٽي جو ليڊر خان بهادر کهڙي کي
چونڊيو ويو، جو 1942ع تائين رهندو آيو، جنهن کان
پوءِ وري سر غلام حسين موٽي مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو ۽
ان جو ليڊر بڻيو.
ان کان پوءِ سر حاجي عبدالله هارون جي مسلم ليگ
پريزيڊنٽيءَ وقت، خان بهادر اسان سان گڏجي مسلم
ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪئي. مسلم ليگ
طرفان جڏهن منزل گاهه مسجد واپس وٺن جي هلچل شروع
ٿي ته ان ۾ مکيه بهرو ورتائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾
کيس سندس ڳوٺ عاقل ۾ ڪجهه وقت لاءِ نظر بند ڪيو
ويو هو. مارچ 1940ع ۾ الهه بخش وزارت کي شڪست اچڻ
بعد مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. ان ۾
هيءُ اسان سان گڏ وزير هو. مسجد جي واپس ڏيارڻ جي
ڪميٽيءَ اڳيان ثابتين پيش ڪرائڻ ۽ فسادن جي وقت ۾
ناحق ڪيسن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي آزادي لاءِ هن سڀني کان
زياده دلچسپي ورتي.
سنڌ ۾ هندو - مسلم ٺاهه کي پختي پايي تي آڻڻ لاءِ خان
بهادر) الهه بخش کي راضي ڪري، وزارت ۾ آڻڻ ۽ هن جي
گروهه کي هڪ وڌيڪ وزارت ڏيڻ جي مشوري ۾ هيءُ به
مون سان شريڪ هو، ليڪن مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ان
ٺهراءُ کي قبول نه ڪيو ۽ صلح ٽٽي پيو، جنهن ڪري
وزارت کي مارچ 1941ع ۾ شڪست آئي. اسان مخالفت ۾
اچي ويٺاسون، ان وقت به هيءُ اسيمبلي اندر مسلم
ليگ پارٽيءَ جو ليڊر هو 27 اپريل 1942ع تي سر حاجي
عبدالله هارون جي وفات بعد يوسف هارون کي ان جي
جاءِ تي چونڊائڻ ۾، هن گهڻي سر جوشي ڏيکاري.
آخر(خان بهادر) الهه بخش مرحوم ڀاءُ کي هٿ کڻائي
يوسف کي بنا مقابلي اسيمبلي ۾ وڃڻ ڏنو.
جولاءِ 1942ع ۾ هي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي تي
نامزد ٿيو مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي بمبئي ۾ آگسٽ
1942ع ۾ ڪٺي ٿي. ان ۾ هن ۽ مون ٻين مکيه مسلم ليگ
ڪارڪنن سان گڏ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي سمجهوتي لاءِ
ڪوشش ڪئي پر جناح صاحب ان تجويز کي قبول نه ڪيو.
سيپٽمبر 1942ع ۾ مرحوم الهه بخش برٽش سرڪار طرفان
آزاديءَ لاءِ لڙندڙ ماڻهن تي ٿيندڙ سختي خلاف
احتجاج ڪندي پنهنجا لقب واپس ڪيا، جنهن تي گورنر
هن جي وزارت کي ڊسمس ڪري سر غلام حسين کي وزارت
ٺاهڻ لاءِ گهرايو جنهن کان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو
واعدو وٺي هيءُ ۽ مسٽر محمد هاشم گزدر وزارت ۾
شريڪ ٿيا. 14 مئي 1943ع تي(خانبهادر) الهه بخش جي
قتل جو واقعو ٿيو. 26 سيپٽمبر 1944ع تي کهڙي صاحب
کي ان جي قتل جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو
ويو. ڪيس يارنهن مهينا کن هليو ۽ خان بهادر ڪيس
مان 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ٿيو. ماڻهن طرفان وڏي
آڌر ڀاءُ مليس. آڪٽوبر 1945ع ڌاري، مسلم ليگ هاءِ
ڪمانڊ سان اسان جا اختلاف پيدا ٿيا. 21 جنوري
1946ع تي نيون چونڊون ٿيون. ان بعد گورنر سر غلام
حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. ان وزارت ۾ وري
خان بهادر کي وزير ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1946ع ۾
سنڌ اسيمبلي سپليمينٽري گرانٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي،
ليڪن وزارت کي ميجارٽي نه ٿي جنهن گورنر کي
اسيمبلي ختم ڪري، نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو
ان تي گورنر اسيمبلي ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان
ڪيو. نيون چونڊون 9 ڊسمبر 1946ع تي ٿيون. ان ۾
مسلم ليگ طرفان منهنجي مخالفت ۾ ڪڌين ڪاررواين ڪرڻ
لاءِ هر طرح جا حيلا هلايا ويا. کهڙي صاحب باوجود
هاءِ ڪمانڊ جي سخت اصرار جي منهنجي حد ۾ پير نه
پاتو: جيتوڻيڪ ان چونڊ ۾ پير ميان الاهي بخش جهڙي
ماڻهو کي به مجبور ڪري منهنجي خلاف استعمال ڪيو
ويو چونڊن کان پوءِ سر غلام حسين نئين وزارت ٺاهي
ان ۾ هن کي ڊپٽي چيف منسٽر ڪري رکيو ويو.
15 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد، سگهوئي
گورنر موديءَ جي جاءِ تي سر غلام حسين کي گورنر
ڪري رکيو ويو ۽ کهڙي صاهب وزيراعظم سنڌ جي چارج
ورتي. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي شهر ۾ هندن جي ڦرلٽ
۽ خونريزي ٿي، جنهن ۾ هن نهايت دليري سان ان تي
قبضو ڪري ورتو. ان ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون پڻ ٿيون
ان ۽ ٻين ڳالهين تان نوابزاده لياقت علي خان
وزيراعظم پاڪستان ۽ هن جي وچ ۾ غلط فهمي ٿي پئي.
سگهوئي ڪراچي شهر کي سنڌ کان عليحده ڪري مرڪزي
حڪومت جي ماتحت رکڻ جي تجويز رٿي ويئي، جنهن جي هن
مخالفت ڪئي. ان سموري ڪارروائي لاءِ مرڪزي سرڪار
هن کي جوابدار ٺهرائي هن کي اپريل 1948ع ۾ ڊسمس
ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعظم مقرر ڪيو، جنهن
ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري
ان کان پوءِ کهڙي صاحب کي هيسائڻ لاءِ مٿس پروڊا
هيٺ ڪيس هلائي هن کي سياست کان خارج ڪيو ويو. ان
کان سواءِ مٿس هڪ ڪيس ڪرائي کيس سزا ڏني ويئي جنهن
مان پوءِ هيءُ آزاد ٿيو ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت
وزارت کان ٻاهر رهيو ليڪن جڏهن پير الاهي بخش
منهنجي اليڪشن ٽربيونل جي فتويٰ ڪري ڊسڪواليفاءِ
ٿيو تڏهن خان بهادر جي ڪوشش سان يوسف هارون
وزيراعظم ٿيو يوسف هارون جي آسٽريليا ۾ پاڪستان
طرفان هاءِ ڪمشنر مقرر ٿي وڃڻ بعد قاضي فضل الله
سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو.
مارچ 1951ع ۾ وري هي سنڌ جو چيف منسٽر ٿي ڪم هلائڻ لڳو،
انهيءَ عرصي ۾ هن ۽ سندس طرفدار وزير قاضي فضل
الله ضمني چونڊن جي دور ۾ نامناسب قدم کنيا جنهن
ڪري ملڪ ۾ ڪافي چميگويون اٿيون. دادو ۾ پير الاهي
بخش جي ڊسڪواليفاءِ ٿيڻ ڪري ضمني چونڊ ۾ آخوند
شفيع محمد کي کهڙي صاحب جي سالي ميان عبداللطيف
پنوهر جي سامهون بيهڻ کان منع ڪئي ويئي هن سندن
چيو نه مڃيو ته کيس راتو واهه جيل ۾ موڪليو ويو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀرڻ پئي ويو ته ڪليڪٽر
جي دروازي وٽان کيس گرفتار ڪري لاري ۾ پوليس کان
کڻائي وڃي ويهه ميلن جي مفاصلي تي کيس ڇڏيو ويو.
پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هوندي سول
سرجن کان سرٽيفڪيٽ وٺرائي نابالغ قرار ڏنو ويو.
مسٽر تاج محمد صحرائيءَ جو فارم رد ڪرائي ميان
عبداللطيف کي بنا مخالفت جي، ميمبر ٿيڻ جو اعلان
ضلعي جي ڪليڪٽر هٿان ڪرايو ويو ان کان پوءِ
لاڙڪاڻي طرف مير محمد خان چانڊيي جي وفاتيءَ ڪري
خالي ٿيل اسيمبليءَ جي تڪ مان ان جي نابالغ فرزند
سلطان احمد کي بالغ قرار ڏياري ميان حيدر بخش
جتوئي اميدوار جي هاري ورڪرن کي مارون ڏياري موٽر
جا ٽائر ڦاڙائي چونڊايائين.
انهن ڳالهين تي اسان جو ترقي پسند ۽ نوجوان گروهه کهڙي
صاحب تي نهايت ڪاوڙيل رهي ٿو پر ان کي تصوير جو
ٻيو رخ به ڏسڻ گهرجي. کهڙو صاحب مسلم ليگ جي مشين
جو پرزو هو هو، جنهن تي ان وقت انهن ماڻهن جو قبضو
ٿيل هو جي هڪ خاص نظريي جا پوئلڳ ٿي پئي هليا هن
ڏٺو هو ته 1946ع جي جنرل اليڪشنن ۾ اهڙا ئي طريقا
اختيار ڪرائي مسلم ليگ اميدوارن کي چونڊايو ويو
هو. مرحوم محمد علي شاهه جهڙي تعليم يافته شريف
النفس ماڻهو جي خلاف مسلم ليگ جي نالي ۾ هڪ دفعا
بدمعاشيءَ جي قلم ۾ سزائون کاڌل ماڻهو کي ٽڪيٽ
ڏيئي آفيسرن هٿان زبردستي ڪرائي، شڪست ڏياري ويئي
هئي چي مسلم ليگ جو اميدوار بتيءَ جو ٿنڀو هجي ته
به مسلمانن کي ان کي ووٽ ڏيڻ گهرجي. هن ڏٺو ته
جنهن ماڻهو رات ڏينهن محنت ڪري مسلم ليگ کي زور
وٺايو جو صوبه سنڌ مسلم ليگ جو صدر آل انڊيا
ڪاميٽي آف ايڪشن جو ميمبر، سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان
جو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ وارو هو ان کي به معمولي
ڳالهه تان خفا ٿي هڪ اهڙي ماڻهو هٿان جنهن مرحوم
الهه بخش جي ڏينهن ۾ مسلم ليگ ورڪرن کي مارون
ڪڍايون هيون ناجائز طريقا اختيار ڪرائي شڪست ڏياري
هئي. چوڻي آهي ته"الناس عليٰ دين ملوڪهم"
يعني"جهڙو راجا تهڙي پرجا" خان بهادر به ان مشين
جو هڪ پزرو هو ۽ تنهن ڪري ساڳيا ڏوهه ڏيئي خاص هن
کي نشانو نه بنائجي.
حقيقت اها آهي ته انهي غلط پاليسي ڪري کهڙي صاحب گهڻو
سٺو به آهي عملن جي پاداش وارو قانون ڪنهن کي سزا
ڏني کان سواءِ نٿو ڇڏي. مون ۽ دوستن مسلم ليگ خاطر
حاجي مولابخش جهڙي پڙهيل نيڪ صفت، مرحوم الهه بخش
جهڙي ماڻهو جي ڀاءُ جي خلاف هڪ اڻ لائق آدميءَ کي
غلط طريقا اختيار ڪري، چونڊن ۾ کٽارايو. منهنجي
اليڪشن ۾ پير الاهي بخش صاحب ۽ سندس ساٿين ان کان
وڌيڪ خراب رستا استعمال ڪيا ان مان کهڙي صاحب
ساڳئي نموني ۾ ورتاءُ ڪيو. اڄڪلهه خود کهڙي صاحب
وارن سان ساڳيو ورتا5 ٿي رهيو آهي.
1951ع ۾ وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ وزارت ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ
ڪري سڀئي وزير پروڊا جا شڪار ٿيا ۽ حڪومت گورنر جي
هٿ ۾ آئي جو پنجاب جو رٽائر ٿيل جج هو. 1953ع ۾
وري سنڌ اسيمبلي جون چونڊون ٿيون انهن ۾ ساڳئي
کهڙي صاحب کي جنهن زندگي جو وڏو حصو مسلم ليگ جي
خدمت ۾ صرف ڪيو هو جنهن پاڻ کي عوام ۾ بدنام صرف
مسلم ليگ جي عزت خاطر ڪيو هو، آل پاڪستان ليگ کان
ٻاهر ڪڍي مسلم ليگ ۽ حڪومت جون واڳون انهن ماڻهن
جي هٿن ۾ ڏنيون ويون، جي ڪيترائي دفعا سياسي رنگ
بدلائي چڪا هئا جي ڍنڍ جي پکين وانگر اڪثر سک جا
سانگي پئي رهيا هئا. چونڊن ۾ مير غلام علي خان جا
ماڻهو ڪثرت ۾ چونڊجي آيا. مرڪز جي مدد انهن سان
هئي ان پيرزادي عبدالستار صاحب کي چيف منسٽر
بنارايو کهڙي کي ڪمزور ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته
هو هروڀرو جي حضور نه هو.
1954ع ۾ مرڪزي سرڪار طرفان سنڌ کي پنجاب سان گڏي ون
يونٽ ڪرڻ جي تجويز سنڌ سرڪار اڳيان پيش ٿي. اسان
صوبي سنڌ اسيمبلي ۾ هئاسون. ٺهرائن ۽ تقريرن ذرعي
يسنڌيت جو ماحول پيدا ٿي چڪو هو. پيرزاده
عبدالستار ان کان متاثر ٿي ون يونٽ جي مخالفت ڪئي.
پيرزادي صاحب ڪجهه وقت اڳي سيد علي محمد شاهه
راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر سان معمولي ڳالهين تان
ناراض ٿي انهن کي وزارت کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور
ڪيو هو. اهي صاحب وڏي عقل ۽ انتقامي جذبي جا مالڪ
هئا کهڙو صاحب جو هڪ وقت سنڌ جو ڪرتا ڌرتا هو اهو
طاقت کان ٻاهر نڪري اڳي ئي خار کائي رهيو هو چوڻي
آهي ته عشق ۽ انتام جي حالت ۾ دماغ سالم نٿو رهي.
ان وقت جي گورنر جنرل مسٽر غلام محمد خان انهن
حالتن جو فائدو وٺي کهڙي صاحب تان پروڊا لاهي بنا
ميمبر هئڻ جي کيس چيف منسٽر بنائي ڇڏيو. ان جي
عيوض ۾ هن کان هر طرح جا طريقا استعمال ڪرائي، ون
يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو. ان ۾ ڇا ڇا ڪيو ويو
ان کي دهرائڻ ڪري احوال لنبو ٿي ويندو. انهيءَ
گناهه ۾ کهڙي سان گڏ سنڌ جا بهترين دماغ، سيد علي
محمد شاهه راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر به شرڪي هئا آءُ
منڍ ۾ چئي آيو آهيان ته کهڙو صاحب
آئڊيلسٽ(نظرياتي) سياستدان نه آهي. هو سنڌ جي ٻين
مکيه سياستدانن وانگر پرئڪٽيڪل پاليٽيڪس(سياست
عمل) ۾ اعتقاد رکندڙ آهي. ٻنهين ۾ تفاوت هي آهي ته
پهرئين قسم جا ماڻهو مستقل ۽ دائمي مفاد کي ترجيح
ڏين ٿا ۽ ٻئي گروهه وارا حال ۽ عارضي نفعي کي وڌيڪ
پسند ڪن ٿا ۽ رڳو کهڙو صاحب هڪڙو نه آهي ليڪن دنيا
جا وڏا ڪامياب سياستدان اڪثري انهيءَ گناهه جا
مرتڪب پئي ٿيا آهن.
قصو ڪوتاهه-خان بهادر کهڙي ۽ سندس ساٿين اهو ڪيو جو
اڄڪلهه عام طرح ٿي رهيو آهي. ون يونٽ ٿيو. حال هن
کي ۽ ميان ممتاز محمد دولتانه کي مغربي پاڪستان
حڪومت ۾، ڊاڪٽر خان صاحب سان گڏ وزير مقرر ڪيو
ويو. اهي ٻيئي ون يونٽ جا معمار هئا پر کين جلد
وزارت مان نڪري، مخالفت ۾ وڃڻو پيو. گناهه جي
ڪمائي جو نفعو عارضي ٿئي ٿو. شدت ۽ جوش جي وقت
دماغ درست نٿا رهن. بعد ۾ کيس پتو پيو ته ٺيڪ ڪم
نه ڪيو هئائين.
ماڻهو جي وڏي خوبي اها آهي جو گناهه جي احساس ٿيڻ کان
پوءِ ان جي سدباب لاءِ ڪوشش ڪري هن ائين ڪيو. مسلم
ليگ کان ون يونٽ رد ڪرائڻ لاءِ قبوليت وٺائي ڏيڻ ۾
هن جو هٿ هو ريپبليڪين پارٽي مغربي پاڪستان
اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءُ ئي پاس ڪرڻ نه قبولي ها جي
مسلم ليگ وارا ان لاءِ تيار نه ٿين ها مسلم ليگ
پارٽي کي غير جانبدار رکڻ پاڻ ۽ سندس سنگتين جو
ٺهراءُ جي فائدي ۾ ووٽ ڪرڻ، اهي ڳالهيون سندس
پڇتاءُ ۽ اخلاقي جرئت جو ثبوت اهن. آءُ اهو ماڻهو
هوس جو خان بهادر کهڙي جي ون يونٽ جي سنڌ اسيمبلي
مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ بعد سندس گهر جو پاڻي به نه
پيئندو هوس، تنهن سندس ان بدليل ورش ڪري ساري سنڌ
جي مکيه سياستدانن جي محاذ جو کيس چيئرمين بنائڻ ۾
مدد ڪئي. آءُ سمجهان ٿو ته مارشل لا جي لاڳو ٿيڻ
جو هڪ ڪارڻ هن محاذ جو خوف پڻ هو، ان کان پوءِ هن
کي هڪ معمولي ڳالهه تان جيل ۾ موڪليو ويو. اها
کهڙي جي شخصيت هئي جنهن حڪومت جي ڪارندن کي مٿس ان
قدم کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، پوءِ مٿس موٽر جو ڪيس
هلائي کيس سزا ڏني ويئي جا پوءِ معاف ٿيس پر پروڊا
۾ سياست کان هڪ عرصي لاءِ کيس خارج ڪيو ويو. هن
وقت ظاهري طور هو بي اثر ۽ بي پهچ ماڻهو سمجهيو
وڃي ٿو پر سندس وجود دشمن داغ آهي. آئنده به ڪو
موقعو مليو ته ٻئي گروهه جي سياستدانن مان هيءُ ئي
صاحب آهي جنهن مان همت ۽ معامله فهميءَ جي اميد
رکي سگهجي ٿي.
هن کي چار فرزند آهن:(1) شاهه محمد، جيڪو زمينداري ڌنڌي
۾ رڌل آهي. (2) شاهه زمان جيڪو ايل. ايل. بي پڙهي
پيو. (3) مسعود احمد جيڪو آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهي
پيو. ۽ (4) خالد محمود، جنهن بي اي آنرس پاس ڪئي
آهي. سنڌ کي اڃان جيئن خان بهادر کهڙي ۾، تيئن
سندس هنن لائق اولاد ۾ گهڻيون اميدون آهن، خدا شال
کين وڏي حياتي ڏئي، وڌن ويجهن ۽ خوش گذارين!
|