درويش
1- صوفي قبول محمد صاحب ولد خواجه نجم الدين فاروقي
(درازا، خيرپور)
انسان ذات جي رهبريءَ ۽ هدايت، اتحاد ۽ امن، ترقيءَ ۽
تهذيب لاءِ، جي راهون ۽ رستا رٿيا ويا آهن، مذهب
جو انهن ۾ مکيه درجو آهي. مذهب جون ٻه تشريحون پئي
ڪيون ويون آهن: هڪڙيءَ جو واسطو عام ماڻهن جي
ضروريات، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم،
رواج، عبادت ۽ قانون سان پي رهيو آهي، جهن کي عام
طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ٻيءَ تشريح جو
لاڳاپو رموز حقيقت، اسرار ڪائنات جي کوجنا، اتحاد
انساني، امن عالم جي مقصد، ذهني صلاحيت ۽ روحاني
ترقيءَ جي معلومات سان پئي رهيو آهي، جنهن کي عام
طور تصوف جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن پوئينءَ تشريح جا ڄاڻو هر ملڪ جي
رهاڪن، هر قوم جي ماڻهن ۽ هر مذهب جي پوئلڳن اندر
موجود پئي رهيا آهن، جن جا مقصد ۽ مرادون ساڳيا
هئا. انهن ڄاڻن اڪثر محدود دائري اندر، مخفي طور،
سينه بسينه رازن ذريعي انهيءَ تعليم کي راسخ
العلم، اهل نظر ۽ صاحب دل ماڻهن ۾ پئي پکيڙيو آهي.
مسلمانن انهيءَ گروهه کي صوفياءِ ڪرام جي لقب سان
منسوب ڪيو آهي. اهڙن بزرگن جا هر ملڪ ۽ زماني ۾
ادارا رهيا آهن. سنڌ ۾ به اهڙا ادارا يا خانقاهون
رهيون آهن. رواجي طرح سان ته ساري سنڌ درويشن ۽
ولين جي درگاهن سان ڀري پيئي آهي، جن ۾ ڪيترائي
حميده اخلاق وارا، برگزيده صفات پيران طريقت ۽
بزرگان دين ٿي گذريا آهن- جن جون درگاهون اڄ تائين
مرجع عام پئي رهيون آهن ۽ انهن جي سلسلن ۾ هزارين
بلڪه لکين معتقد منسلڪ آهن پر هتي صرف صوفي ادارن
جو ذڪر ڪرڻ مقصد آهي. سنڌ ۾ اهڙن ادارن جا چار
مرڪز هئا:
1. سيوهڻ ۾، قلندر لال شهباز جي درگاهه.
2. جهوڪ ۾، شاهه عنايت صوفيءَ جي خانقاهه.
3. ڀٽ تي، شاهه عبداللطيف جو آستانو.
4. درازن ۾، سچل سرمست جو ميڪده عشق.
اهي ادار، منهنجي نظر ۾، انهيءَ بين الاقوامي برادريءَ
جون شاخون آهن، جن جو وجود هر ملڪ ۽ هر زماني ۾
پئي رهيو آهي. انهن جا متا ۽ مقصد ساڳيا رهيا آهن،
ليڪن طريقه ڪار عليحده هئا. هڪڙن علم يا گيان کي
ترجيح ٿي ڏني، ته ٻين عشق يا ڀڳتيءَ کي رهبر راهه
ٿي بنايو.
هتي آءٌ درازن جي اداري جو ذڪر ڪندس، جنهن سان سخي قبول
محمد جو تعلق هو. ان سلسلي جو باني خواجه محمد
حافظ عرف صاحبڏنو هو، ليڪن ان تحريڪ کي زور وٺائڻ
جو سهرو سچل سرمست جي سر تي سونهي ٿو. اهي صاحب
فاروقي خاندان مان شمار ڪرڻ ۾ اچن ٿا، جن جو وڏو،
ميان شهاب الدين هو، چيو وڃي ٿو ته، سن 93 هجريءَ
۾ محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيل هو، جو سيوهڻ ۾
رهي پيو، ۽ ان جي پوين مان، ميان ابو سعيد لڏي اچي
راڻيپور جي ڀر ۾ ويٺو. سندس مقبرو راڻيپور مڪان
مرسيجي ۾ آهي. اهو شيخ بهاو الدين ذڪريا ملتانيءَ
جو، سندس خليفي شيخ ڄمار جي ذريعي مريد ٿيو. سندن
سلسله طريقت سهروردي هو. انهيءَ مخدوم ابو سعيد جي
نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو
پيدا ٿيو.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي پهريائين حڪومت جي نوڪريءَ ۾ هو،
پوءِ هڪ مجذوب عورت جي هن گفتي تي ته "خدا توکي ٿو
ڳولي، تون ڪنهن جي ڳولا ۾ آهين؟" جذبي ۾ اچي،
نوڪري ڇڏي، جهنگل وسائي ويٺو ۽ شاهه عبيد الله
قادريءَ جي صحبت ۾ اچڻ بعد، راز حقيقت معلوم ڪري،
سندس طريقو اختيار ڪيائين.
ميان صاحبڏني کي ٻه فرزند عطا ٿيا: 1. ميان عبدالحق
اول، 2. ميان صلاح الدين.
ميان عبداالحق والد جي مسند تي ويٺو. سندس ڀاءُ کي هڪ
فرزند ٿيو، جنهن جو نالو ڏاڏي جي نالي پٺيان
عبدالوهاب رکيو ويو. ليڪن سندس چاچو کيس پيار کان
"سچل" سڏيندو هو، جنهن ڪري سندس اهو نالو مشهور ٿي
ويو. اهو ئي صاحب هو، جنهن صوفياڻي تعليم کي سندس
جد امجد حضرت عمر فاروق وانگر، نقاري جي چوٽ تي،
کليو کلايو ظاهر ڪيوڳ. جيڪڏهن غور سان ڏسبو، ته
سندس تعليم جا مقصد هيٺيان ٽي هئا:
1. وحدت الوجود جو اظهار،
2. وحدت انساني جو پرچار،
3. وحدت مذاهب جو ذڪر اذڪار
سچل سرمست انهن مقصدن جي حصول لاءِ عشق کي رهبر راهه بنايو.
در حقيقت "عشق"، حسن، حق ۽ خير جي ڳولا جي بي انتها
جذبي ۽ خواهش جو ٻيو نالو آهي. سچي عاشق جي نظر ۾
خدا حـَـسين آهي ۽ ان جي پيدا ڪيل هر شيءِ ۾
حـُـسن ازلي سمايل آهي. هو ذات حقيقيءَ کانسواءِ
ٻئي ڪنهن وجود کي تسليم ڪو نه ٿو ڪري: هن وقت ذات
هڪ آهي، ٻي سڀ صفات آهي. انسان سڀ ان جو مظهر آهن.
هو حـَـسين جي هر مظهر ۾ حـُـسن ڏسي ٿو. هن وٽان
ڪاري ۽ گوري، چڱي ۽ مدي جا تفاوت ميٽجي وڃن ٿا.
"نه منجهه ڪفر، نه منجهه دين، عشق لڳيئي ته ڪر آمين."
جو ڪلمو سندس زبان تي جاري رهي ٿو. ظاهر جا اختلاف هو ڀلجيو
وڃي، دوئي ڪڍيو ڇڏي، سڀ جاءِ تي پرين پيو پـَـسي.
سچل سائينءَ جي تعليم جو لب لباب اهو هو. ان کانپوءِ درازا
انساني برادريءَ ۽ مذهبي وحدت جو مکيه مرڪز ٿي ڪم
اچڻ لڳو.
سچل سرمست جو اولاد زنده نه رهيو. سندس چاچي کانپوءِ انهيءَ
اداره، عشق جا مدارالمهام يا عام زبان ۾ جائنشين
هيٺيان ٿيا:
1. سخي قبول محمد اول، 2. خواجه نظر محمد، 3. خواجه نجم الدين،
4. سخي قبول محمد دوم - جنهن جي زندگيءَ جو احوال
هتي ڏجي ٿو، سو پنجون نمبر مسند نشين هو.
سخي ميان قبول محمد سن 1261هه، 1842ع ۾، درازن جي ڳوٺ ۾ تولد
ٿيو. هن ابتدائي تعليم راڻيپور جي هڪ مولويءَ ۽
سندن عزيز ميان عبدالقادر فقير وٽ سنڌيءَ ۽
فارسيءَ ۾ ورتي. سندن والد، خواجه نجم الدين،
ٽيويهن سالن جي ڄمار ۾، سنه 1272هه ۾ وفات ڪري
ويو، جڏهن هي اڃا يارهن ورهين جو مـَـس هو. ان
کانپوءِ کين درگاهه جي مسند تي ويهاريو ويو. مسند
نشينيءَ کانپوءِ پاڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنائون، سارو وقت
ذڪر فڪر ۾ گذارڻ شروع ڪيائون. هي بزرگ پرهيزگار،
ڪم سخن ۽ صاحب حال شخص هو.
اڪثر درگاهن جي سجاده نشينن وانگر، هي به درگاهه جي
مقرر ڪيل حد کان ٻاهر نه نڪتو. هن جي مسند نشينيءَ
جو جملي عرصو ايڪهتر سال رهيو. هن انهيءَ عرصي ۾
سچل سرمست جي شروع ڪيل تحريڪ کي نئين سر منظم ڪيو.
سندس ڪشش ۽ ڪوشش سان وٽس جملي مذهبن جا ماڻهو بنا
ڪنهن فرق جي ڪـَـٺا ٿي، صوفيانه تعليم جي بنيادي
متن ۽ مقصدن مان واقف ٿيڻ لڳا. هتي اچي ته هرڪو
سگهيو ٿي، ليڪن ان مان فيضياب صرف زنده دل ۽ صاحب
نظر ٿيا ٿي:
اِٿان جاءِ نهين ڪنهن دي آوڻ دي،
ري عشق ٻاجهون لئي پاوڻ دي.
ان وقت سنڌ جو تعليم يافته طبقو ٻن گروهن ۾ ورهايل هو:
(1) مـُـلن ۽ پنڊتن جو جن مان اڪثر فرقي پرست
تنگدل، ۽ ڪوتاهه نظر هئا، ۽ (2) ڪامورو ڪلاس. سخي
صاحب وٽ پوئين گروهه جا ڪيئي فرد اچي ڪـَـٺا ٿيندا
هئا، پر بدقسمتيءَ سان انهن جو گهڻو حصو نوڪرين،
اضافن، اولاد، ملڪيت وغيره جو زياده طالبو هو،
تنهن ڪري انهن ذريعي گهڻو ڪجهه ٿي نه سگهيو. پر
انهيءَ گروهه جي وسيلي اهو فائدو ٿيو جو هي آواز
ڪاليجي پروفيسرن، شاگردن، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي
ميمبرن تائين وڃي پهتو، جنهن ڪري سنڌ جا هندو ۽
مسلمان فرقه پرستيءَ جو ايترو شڪار نه ٿيا، جيترو
ٻين ملڪن جا هندو ۽ مسلمان ٿيا.
مون کي ساڻن ملاقات جو موقعو 6 آڪٽوبر 1924ع تي، شيخ
بهاءَ الدين ايڪسائيز انسپيڪٽر مانجهند، ساڪن
شڪارپور، جي ذريعي ٿيو. ڪلاڪ کن سندس مجلس عام ۾ ۽
ڏهه منٽ خلاصگائيءَ ۾ ملاقات ٿي. ان وقت آءٌ تصوف
جي مکيه متن ۽ مقصدن مان واقف ڪو نه هوس. درويشن ۽
بزرگن جي زيارت جي شوق مون کي ڇڪي نيئي اُتي
پهچايو هو. سندس مجلس عام ۾ ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي.
سخي صاحب کٽ تي سارو وقت استغراق جي حالت ۾ ويٺو
رهيو. طالب صوفيانه ڪلام چوندا رهيا. مجلس برخسات
ٿيڻ بعد، وري ڪجهه وقت کانپوءِ چبوتري ۾ ملاقات
ٿي. پاڻ سڪوت ۾ هئا. بهاول فقير تعارف ڪرائي، دعا
گهري. پاڻ نگاهه مٿي ڪري، اکيون مٿي کڻي دعا
ڪيائين، سندس نوراني شڪل، سفيد ريش، سبز دستار،
پرسڪون چهرو، پراسرار اکيون اڃا تائين نٿيون وسرن.
هن وقت جڏهن ڪيئي سال گذري ويا آهن ۽ صوفيانه تعليم جي مکيه متن
۽ مقصدن جو ٿورو پتو پوڻ لڳو آهي، تڏهن آءٌ سمجهان
ٿو ته دعا گهرڻ وقت سندس اکيون مٿي کڻي نهارڻ جو
دعا جي اجابت ۾ وڏو حصو آهي.
اَنانڪه خاڪ را بنظر ڪيميا ڪنند،
آيا بود ڪه گوشهءِ شمي بما ڪنند.
هن وقت مون کي هي معلوم ڪري خوشي ٿئي ٿي ته ڪيترا ماڻهو ان
تعليم جي سمجهڻ ۽ سوجهڻ ڏي توجهه ڏيئي رهيا آهن.
سنڌ صوفين جو ملڪ آهي. ان جي تهذيب ۽ تعليم
صوفيانه آهي. اها سنڌ جي وڏي خدمت ٿيندي، جيڪڏهن
انهيءَ تعليم جي مکيه متن ۽ مقصدن جي لاءِ وڌيڪ
کوجنا ڪئي وڃي.
سچل سرمست جي ڪلام ۾ منصور، شمس تبريزيءَ ۽ عطار جو
اڪٿر ذڪر اچي ٿو. اهي ايران جا رهاڪو هئا، جن قديم
ايران، يونان، هند ۽ مصر جي مذهبي ۽ تهذيبي قديم
ورثي سان گڏ، مسلمان صوفين وٽان اسلامي تصوف جا پڻ
ڪيئي نڪتا حاصل ڪيا هوندا. ان ڪري، انهن سڀني هنڌن
جي مذهبي ۽ تهذيبي روايتن ۽ انهن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ
ڪرڻ ضروري آهي. ان کانپوءِ ئي اها کوجنا مڪمل ٿي
سگهندي.
سخي صاحب کي چار فرزند ٿيا: (1) ميان محمد بچل، (2)
ميان محمد پريل، (3) ميان صاحبڏنو، (4) ميان رستم
علي. پهريان ٻه فرزند سندن حياتيءَ ۾ وفات ڪري ويا
هئا، جنهن ڪري سندن 23- ذوالقعد 1343هه مطابق 15
جون 1925ع تي وفات کانپوءِ، سندن جاءِ تي ميان
صاحب ڏنو مسند نشين ٿيو.
2- صوفي عبدالستار صاحب ولد پير غوث محمد صاحب
(جهوڪ)
هي صاحب سنڌ جي مشهور صوفي شاهه عنايت عرف شاهه شهيد جو يارهون
نمبر سجاده نشين هو، جنهن جي ترتيب هن ريت آهي:
سائين عزت الله شاهه، فرزند شاهه عنايت الله، سجاده
نمبر پهريون: سائين ابراهيم شاهه، فرزند نالي چڱو،
سجاده نمبر ٻيو: سائين محمد زاهد،ڪ فرزند سائين
ابراهيم شاهه، سجاده نمبر ٽيون: ابراهيم شاهه
قتال، بن ممد زاهد، سجاده نمبر چوٿون: سائين نور
الله شاهه بن محمد زاهد، سجاده نمبر پنجون: سائين
عزت الله شاهه دوم، بن نور الله شاهه، سجاده نمبر
ڇهون: ابراهيم شاهه سويم، بن عزت الله شاهه دويم،
سجاده نمبر ستون: محمد زاهد، بن ابراهيم شاهه
سويم، سجاده نمبر اٺون (لاولد): عبدالستار اول، بن
سلطان علي شاهه، سجاده نمبر نائون: سائين غوث ممد
شاهه اول، بن عبدالستار، سجاده نمبر ڏهون:
عبدالستار شاهه محمد، بن غوث محمد اول، سجاده نمبر
يارهون: غوث محمد دويم بن سائين عبدالستار دويم،
سجاده نمبر ٻارهون.
آءٌ سخي قبول محمد صاحب درازن واري جي احوال ۾ تصوف جي
متن ۽ مقصدن، طريقه ڪار وغيره بابت مختصر بيان ڪري
آيو آهيان. اهو به ٻڌائي آيو آهيان ته صوفياءِ
ڪرام هڪ انساني وحدت واري بين الاقوامي اداري جي
پيغام جا حامل آهن، ۽ انهن جون درگاهون انهيءَ
اداري جون شاخون آهن. اهو به ٻڌايو اٿم ته سنڌ ۾
اهڙا چار مرڪز هئا، جن ۾ قلندر شهباز عليه رحمت
کانپوءِ نمبر جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي خانقاهه کي ملي
ٿو. ان ۾ اهو به ڄاڻايو اٿم ته خواجه محمد حافظ
عرف ميان صاحبڏني، شاهه عبيد الله قادريءَ کان فيض
حاصل ڪيو هو.
اهو شاهه عبيد الله اُن شاهه عبدالمالڪ جو ڀاءُ هو، جنهن کان
شاهه عنايت جهوڪ واري کي فيض مليو.
شاهه عنايت الله مخدوم فضل الله جو فرزند هو، جو سنڌ جي
مشهور درويش مخدوم صدو لانگاهه جي اولاد مان هو.
“گلدسته صلحاءَ سورت" ۾ شاهه عبدالملڪ قادريءَ جو هڪ
سلسله طريقت هيٺين طرح بيان ڪيو ويو آهي:
شاهه عبدالملڪ قادري، شيخ شاهي، شيخ بهاوالدين، مخدوم
ابوالفتح، مخدوم ابراهيم، شيخ شمس الدين، بهاعه
الدين دولت آبادي، ابوالعباس احمد، مير حسن، سيد
موسيٰ قادري، سيد علي قادري، سيد محمد بغدادي، سيد
حسن بعدادي، سيد محمد صنود بغدادي، ابو صالح نصر
فخر الدين، سيد عبدالرزاق، سيد عبدالقادر جيلاني.
تاريخ "لحفته الڪرام" واري لکيو آهي ته شاهه عبدالملڪ
دکن جو رهاڪو هو.
سيد حسام الدين راشدي "گلدسته صلحاءَ سورت" جي حوالي سان
ڏيکاريو آهي ته "سلسله طريقت ۾ هي ڇهين واسطي سان
شيخ بهاءَ الدين دولت آباديءَ سان لاڳاپو رکندڙ
هو."
دولت آبادون چار آهن: هڪ اورنگ آباد (دکن) جي ڀر ۾ آهي.
هڪ افغانستان ۾، ۽ ٻه ايران ۾.
اورن آباد جي ڀر واريءَ دولت آباد ۾ شيخ بهاءَ الدين ۽
شيخ شمس الدين جون مزارون آهن، جي مون هندستان جي
سير وقت، 30 جولاءِ 1931ع تي ڏنيون هيون. انهن تي
ساليانو عرس 9 ذوالحج تي ٿيندڙ آهي.
ممڪن آهي ته اهي ساڳيا بزرگ هجن، جن کي "تذڪره اولياءَ
سنڌ" واري، شيخ شهاب الدين ۽ شيخ محمد جي واسطي
سان حضرت مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جند الله بن
شيخ يوسف پاٽائي سنڌيءَ جو فيض يافته ڄاڻايو ويو
آهي، جو پوءِ وڃي برهانپور ۾ ويٺو هو، جتي ان جي
مزار آهي.
ساڳئي "تاريخ تحفته الڪرام" جي مصنف پنهنجي "طومار
سلاسل طريقت" ۾ جيڪو شجرو ڄاڻايو آهي، تنهن ۾ هن
کي شيخ عزيز الله جي واسطي سان، شيخ ميرانجي
برهانپوريءَ تائين وٺي وڃي ٿو. ان کانپوءِ شيخ علي
خطيب احمد آباديءَ جي معرفت، مخدوم جهانيان جهان
گشت جي ذريعي، حضرت بهاءُ الدين ذڪريا جي معرفت،
شيخ شهاب الدين سهرورديءَ تائين پهچائي ٿو.
ساڳئي مير علي شير قانع پنهنجي ٻيءَ تصنيف، "معيار
سالڪان طريقت" (تصنيف سن 1202هه) ۾ شاهه عنايت کي
شاهه عبدالمالڪ جو مريد ڄاڻائيندي، وري شيخ عزيز
الله جي واسطي سان شيخ علي خطيب احمد آباديءَ
تائين پهچائي، شاهه عالم بخاري گجراتيءَ تائين
پهچائيندي، قادري سلسلي جو ڄاڻايو آهي.
انهن شجرن ۾ ٿوري گهڻي اختلاف هئڻ ڪري، وڌيڪ کوجنا جي
ضرورت آهي. هيٺ آءُ انهيءَ اداري طرفان جو انقلابي
نظريو صوفيائي سنڌ جي سامهون پيش ڪيو ويو، تنهن جو
ذڪر ڪندس.
طريقت جي ڄاڻڻ طرفان تصوف جا ٻه نظريا پيش ڪيا ويا ٿي،
جن ۾
(1) هڪ اهو هو ته مذهب اسلام آخري، مڪمل ۽ جداگانه دين آهي، ۽
ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين منسوخ ٿي ويا آهن. ديني
۽ دنيوي نجات انهيءَ جي ذريعي حاصل ٿيڻ واري آهي.
تنهن ڪري شريعت اسلامي جي پيرويءَ کانسوا”، طريقت
بيڪار آهي. خداشناسيءَ لاءِ بزرگان دين جي ٻڌايل
رستن تي هلڻ ضروري آهي.
(2) ٻين جو چوڻ هو ته سڀني مذهبن جي ظاهري مختلف شريعتن جي
پويان پيغام وحدت سمايل آهي. جملي پيغمبرن، رشين،
فيلسوفن جا متا ۽ مقصد بنيادي حيثيت سان ساڳيا
آهن. سندن شريعتن جو ظاهري اختلاف ملڪي حالات ۽
ضروريات، ماڻهن جي ارتقائي مدارج ۽ سمجهه مطابق
عارضي ۽ فروعي آهي. اسلامي شريعت انهن جي عارضي ۽
فروعي اختلافن ۽ تحريف ۽ تبديل جي ڪري، انهن جو
نعم البدل بڻي آهي، ان ڪري انهن شريعتن جو مسخ ٿيڻ
۽ منسوخ ٿيڻ لازمي امر آهي.
ان صورت ۾ به، رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي ڳولا جي
سلسلي ۾، تصوف جا بنيادي متا- اتحاد انساني، امن
عالم ۽ حقيقت شناسي- بنيادي طرح سان وڏي اهميت رکن
ٿا. انهن جي مرڪزي حيٿيت تي سڀئي مذهب ۽ فلسفا اچي
جمع ٿين ٿا. اصل ۾ اها جامعيت ئي اسلامي شرع جو
اجتماعي روح آهي، جنهن تي اهل تصوف پنهنجي مقصد جو
بنياد رکيو آهي. ان ڪري انهن پنهنجو مقصد "وحدت
انساني" رکيو، جنهن جي جواز ۾ هتي وحدت الوجود ۽
وحدت مذاهب جي نظرين کان ڪم ورتو ويو. ان حقيقت جي
تشڙيح مثنوي مولانا روم، توڙي شاهه ولي الله جي
ڪتابن، ۽ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي تحريرن ۾
موجود آهي. انهن جي تاويلات کي ڪي اهل شرع سلسلا
تسليم نٿا ڪن، جن جو تفصيل ڪتابن ۾ موجود آهي.
منهنجي ناقص خيال موجب، ڪيترا سنڌ جا صوفي بزرگ سندس
بنيادي متن ۽ مقصدن جا پوئلڳ هئا.
بدقسمتيءَ سان شاهه عنايت جو شعر، ملفوظات يا تصنيف ڪا
نه ٿي ملي سگهي، جو سندس تعليم بابت تفصيل سان ذڪر
ڪري سگهجي. ليڪن سندس چشمه فيض مان سيراب ٿيل
هيٺين بزرگن جي ڪلام مان سندس تعليم جو پتو ڪڍي
سگهجي ٿو:
(1) سيد جان الله شاهه رضوي، روهڙي
(2) روحل فقير، ڪنڊڙي، تعلقو روهڙي
(3) فقير قار بخش بيدل، روهڙي
(4) سيد رکيل شاهه صوفي، (فتحپور گندا واهه، سبي)
(5) صادق فقير صوفي، عمرڪوٽ
(6) سيد قطب شاهه صوفي، جهانيان، حيدرآباد
(7) نواب ولي محمد خان لغاري، تاجپور
(8) درياهه خان فقير، خيرپور
(9) خير محمد خان فقير هيسباڻي، خيرپور
(10) دلپت صوفي، روهڙي.
آءٌ سخي قبول محمد جي احوال ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته پيغام وحدت ۽
محبت انسانيءَ جي مقصدن جي حصول لاءِ صوفياي ڪرام
ٻه طريقا پئي اختيار ڪيا:
پهريون علم جو، ۽ ٻيو عشق جو. شاهه شهيد ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻنهي
طريقن کي ڪتب آندو آهي، جنهن جو پتو ان مان پوي ٿو
ته سندس طالبن صفاتي شعر کان ذاتي ڪلام طرف گهڻو
توجهه ڏنو آهي. صفات مجاز آهي، ۽ ذات حقيقت آهي.
هيٺ آءٌ سندس پوئلڳن جي ڪلام مان ڪي حوالا سندس متن ۽ مقصدن جي
ثبوت ۾ ڏيندس.
وحدت الوجود:
هر شيءِ وچ تو نهين وسيا، اپنا آپ ڇپايئه ڪيون!
اندر ٻاهر تو نهين وسيا، بانورا لوڪ ڀلايئه ڪيون!
"دلپت"
وحدت مذاهب:
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
"روحل: راهه پرين جي، جڏهين گهمي ڏٺوسون گهيڙ،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪيڏانهن ڪندي پير، جا سـُـتي ڪعبته الله ۾؟
"روحل فقير"
بحر عميق مين جوئي پوسي،
دين ڪفر دا دفتر ڌوسي.
"بيدل فقير"
پاڻ سڃاڻڻ:
پاڻ پنهون تون آهين، ڪيچ وڃين ڇو ڪاهين!
خلق الادم عليٰ صورته، غير خدا جو ناهين.
"بيدل فقير"
دوئي ڪڍڻ:
"بيدل ڳالهه وحدت دي من تون، طلسم وهم دوئي دا ڀن تون،
وچ عروج نزول دي گهن تون، لذت آوڻ جاوڻ دي.
"بيدل فقير"
عشق کي رهبر راهه ڪرڻ:
عشق هي پيغمبر ميڏا، عشق هي هادي رهبر ميڏا،
عشق هي حيدر صفدر ميڏا، عشق هي ميڏي پشت پناهه
مي رسد هر دم بگوش جان من پيغام عشق،
ڪاي فلان گر ترڪ جان سازي بنوشي جام عشق.
"بيدل فقير"
وحدت انساني:
حقيقت ۾ هڪ ٿيو، ڪفر ۽ ايمان،
مظهر مولا پاڪ جو، هندو مسلمان،
تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجهري.
حقيقت ۾ هڪ ٿيو، اڇو ۽ ڪارو،
نينهن هنيو نعرو، هر مظهر ۾ هڪڙو.
"بيدل فقير"
ان وقت جي تصوف جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي، جو وحدت الوجود جي
عينيت پسند نطريي تي قائم هو، جنهن موجب ڪائنات ۽
مخلوقات سڀ الله پاڪ جو مظهر ڪري مڃيا ويا آهن.
سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر صوفيانه آهن. ان جي واقفيت
لاءِ شاهه عنايت جي آستاني جو سلام ضروري آهي.
درويش ظاهري جامو بدلائي ويا آهن، پر انهن جي
اوتارن مان اهو ئي آواز اچي رهيو آهي: ٻـُـڌڻ ۽
سمجهڻ وارن جي کوٽي آهي.
انهيءَ مختصر تعارف کانپو”، شاهه شهيد جي يارهين نمبر جاءِ
نشين، ميان عبدالستار جي شخصي زندگيءَ جو احوال
پيش ڪندس.
هي سن 1902ع ۾ ڄائو هو. جهوڪ شريف جي شهر ۾ ئي سنڌي تعليم
ورتائين. ان کانپوءِ مولوي نواز علي خيرپوريءَ وٽ
پارسي ۽ ٿوري عربي پڙهيائين. پوءِ پڙهڻ ڇڏي
ڏنائين، ليڪن ڪتابن جي مطالعي جو کيس ڪافي شوق
هوندو هو ۽ چڱو ذخيرو ڪتابن جو گڏ ڪيو هئائين.
سندس والد جي وفاتيءَ بعد کيس مسند تي ويهاريو
ويو. هي پنهنجي بزرگن جي نيڪ راويت قائم رکيو آيو،
۽ هندو مسلمان درگاهه تي ايندا رهيا.
شاهه شهيد جي درگاهه تي ساليانو ميلو تاريخ 17 - صفر تي لڳندو
آهي. جنهن موقعي تي درگاهه جا اڪثر طالب اچي حاضر
ٿيندا آهن ۽ راڳ ۽ سماع جون مجلسون قائم ٿينديون
آهن.
صوفي ميان عبدالستار عابد، حليم، خوش خلق، تعصب ۽ دوئيءَ جي
خرابين کان خالي، ڪم آزار ۽ يار ويس بزرگ هو. سندس
صحبت ۾ راحت پيئي ايندي هئي. رات جو اڪثر فقير
ارجنداس کان صوفيانه ڪلام ٻڌندو هو. سندس خوراڪ ۽
پوشاڪ نهايت سادي هوندي هئي.
منهنجي ساڻس ملاقات 1926ع ۾ ميران محمد شاهه (مرحوم) جي معرفت
ٿي، جنهن سان هن جا دوستانه تعلقات هوندا هئا.
1929ع ۾ جڏهن ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ
طور آءُ دادا ڄيٺمل سان گڏجي جهوڪ ويو هوس. تڏهن
ڏاڍيون روح رهاڻيون ٿيون. پوءِ اڪثر پيو ملڻ ٿيندو
هو. آخر عمر ۾ اڪيلائيءَ ۾ ۽ ذڪر فڪر ۾ رهڻ کي
گهڻو پسند ڪندو هو.
پاڻ 23- جماد الثاني سن 1381هه، ڇنڇر ڏينهن، مطابق 2- ڊسمبر
1911ع تي وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس جاءِ تي،
هن وقت سندس فرزند ميان ارشاد عباس مسند نشين آهي.
ميان ارشد عباس نوجوان، فضيلت جو صاحب، خانداني روايت جو قائم
ڪندڙ آهي. خدا شل کيس عمر دراز ڏئي، ۽ اڳين جي
جلايل جوت کي زنده رکڻ جي توفيق عطا فرمائي!
3- ميان عبدالرحيم صاحب و لد ميان ولد محمد صاحب درس
(ملاڪاتيار)
سنڌ هڪ مرڊم خيز ملڪ آهي. ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا، جن
جون مزارون ۽ مقبرا ان جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. ڪو وقت اهڙو به هو،
جو هتي جا درويش ۽ عالم لاهور، دهلي، برهانپور،
گجرات، ڪڇ، بلڪه عرب تائين وڃي پيغامِ حق جو آواز
بلند ڪندا هئا. پر، "تلڪ الايام تداولها بين
الناس"- اڄ اهي مڙهيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا ته
بقول شاهه عبداللطيف عليه الرحمتت،
ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،
ڪـُـٽين ڪـُـٽ لهار، تنين سندي ڀيڻئين.
وارو حال آهي.انهن جاين تي نه اڄڪلهه ذڪر الاهي آهي، نه تزڪيه
نفس ۽ حميده اخلاق جي تعليم آهي. محبت جي جاءِ تي
ڪلفت ڪاهجي پيئي آهي. انهيءَ اڻٽيهين اونداهيءَ ۾
جي ڪٿي باهڙي ٻرندي ڏسبي آهي، ته روح کي راحت پيئي
ايندي آهي. هيءُ بزرگ انهن دونهين دُکائيندڙن مان
هڪ هو ۽ سنڌ جي هڪ ڪنڊ ۾ خاموش زندگي گذاري رهيو
هو.
ساڻس منهنجي ملاقات اوچتو ۽ اتفاقن ٿي. ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي
پريزيڊنٽيءَ جي زماني ۾، منهنجا ڪراچيءَ جي هڪ
انگريز ڪليڪٽر مسٽر گبسن سان اختلاف پيدا ٿي پيا.
ان وقت آءٌ ڪانگريس ۾ هوس. هن مون کي هيسائي، لوڪل
بورڊ مان ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ هو ڪامياب
ٿي نه سگهيو. ان ڪري هن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ڪوٽڙي
تعلقو، جنهن جو آءٌ رهاڪو هوس، لکپڙهه ڪري، نئين
دادو ضلعي سان لاڳو ڪرائي ڇڏيو. سندس انهن ارادن
کي شڪست ڏيڻ خاطر، دوستن جي صلاح سان، آءٌ ٻنهي
ضلعن ۾ لوڪل بورڊ ميمبريءَ لاءِ اُميدوار هئس.
پنهنجي تڪ مان بنا مخالفت جي چونڊجي آيس، ليڪن ڪراچي ضلعي جي
جهرڪ تڪ مان سرڪاري گروهه هڪ مڪاني وڏيري کي
اُميدوار بيهاريو، ۽ ووٽر سڀ انهيءَ طرف جا هئا.
انهيءَ مڪاني اُميدوار جي خلاف بيهي نه رهيس، پر
حالتن موجب ڪاميابي مشڪل پئي نظر آئي.
اليڪشن ۾ فتح ۽ شڪست لازم ملزوم شيون ٿين ٿيون، پر هتي منهنجي
شخصي فتح ۽ شڪست جو سوال نه هو، بلڪه سرڪاري گروهه
۽ مخالف گروهه جو سوال هو. ان ڪري جملي دوستن مون
کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر طرح جو زور لڳايو، ليڪن
ظاهري طرح ڪو خاطر خواهه نتيجو ڪو نه ٿي نڪتو.
هڪ ڏينهن جڏهن آءُ شال جي اراضيءَ ۾ هوس، چاچو حاجي عبدالحڪيم
شاهه ٽکڙ وارو هن بزرگ کي چاڙهي اچي اتي نڪتو. مون
کي چيائين ته "تنهنجي مدد لاءِ اهو بزرگ وٺي آيو
آهيان، جنهن جو هن ملڪ تي ايڏو اثر آهي، جو هن کي
ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. سڄا سارا ٽيهه سال هو
پنهنجيءَ خانقاهه کان ٻاهر نه نڪتو آهي. هينئر منٿ
ڪري وٺي آيو آهيانس."
درويش ڏٺم - ٿورو ڳالهائو، سندس اکيون خمار ۾ بنا نشي جي ڀريل
هيون. مون کي خيال ٿيو ته ههڙي بزرگ کي هن معاملي
لاءِ تڪليف نه ڏيڻ کپندي هئي. شاهه صاحب وڌي
فرمايو ته هن کانسواءِ قصو ٺهڻ وارو ڪو نه هو.
سندس اچڻ جو ٻڌي، تر جا سڀيئي ماڻهو، مخالف
اُميدوار سوڌا، اچي سندس خدمت ۾ ڪٺا ٿيا. انهن هن
کان پڇيو ته "سائين، تون نه اچڻو نه و ڃڻو، ڪيئن
اچي نڪتو آهين!"
چيائين، "ابا ولي محمد، توکي شاهه جي فائدي ۾ هٿ کڻائڻ آيو
آهيان." وڌيڪ چيائين ته "ابا، مون فقير کي انهن
ڳالهين سان دلچسپي ڪا نه آهي، ليڪن مون کي ٽن
ڳالهين لوڙهي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو:
1. حاجي عبدالحڪيم شاهه جهڙي پير مرد، باهمت ۽ بااخلاق سيد اچي
صبح جو منٿ ڪئي. اسان کي فيض رسول جي دروازي تان
مليل آهي، ان جي اولاد کي انڪار ڪري نٿي سگهيس. 2.
ٻيو ته شاهه صاحب چيو ته جنهن اُميدوار جي مدد
لاءِ هو مون کي وٺي ٿو هلي، اهو خدمت خلق جو جذبو
رکندڙ ۽ بااخلاق نوجوان آهي. 3. هو حڪومت وقت جي
دٻاءَ اڳيان سر نمائڻ کان انڪار ڪري بيٺو هو.
اهڙين حالتن ڪري اچي نڪتو آهيان.
اُميدوار ۽ ان جي طرفدارن يڪدم هائوڪار ڪئي، ۽ آءٌ بنا مخالفت
جي ڪامياب ٿي ويس. ان کانپوءِ هن مون کي مقابل ٿي
چيو:
"ابا، مون درويش جي هيءَ نصيحت ياد ڪري ڇڏج: خلق خدا جي خدمت جو
ڪم هٿان نه ڇڏج، سنڌي سٻاجهڙا اٿئي، انهن جي پارت
اٿئي. انهن جي خدمت ڪندي جي مشڪلاتون سامهون اچنئي
ته مڙس ٿي مقابلو ڪج. ڏسجئين، متان لالچ ۾ لڙهي ۽
دڙڪي ڀر دڄي وڃين. سچ جي ٻيڙي لڏندي، پر ٻڏندي ڪا
نه. الله جي مدد ۽ اسان درويشن جون دعائون توسان
شامل رهنديون."
مون بر وقت واعدو ڪيو ته، "سائين، دعا ڪجو، ٻنهي حالتن هيٺ حق
جي پاسي کي نه ڇڏيندس."
هن وقت هو بزرگ گذر ڪري ويو آهي. ان ڳالهه کي ٻٽيهه ورهيه گذري
ويا آهن. ان وچ ۾ ڪيترن مقابلن کي منهن ڏيڻو پيو
آهي. پر خدا جي لطف ۽ دوستن جي دعا سان، همت نه
هاري اٿم. هن وقت طبيعت بيچاڪ رهي ٿي، ۽ دل جي
بيماريءَ ڪري ڪو به سخت ڪم ڪرڻ جهڙو نه آهيان. ان
حالت هيٺ ڪيئي دفعا ڪمزوري پئي محسوس ٿي آهي، پر
اهڙن وقتن تي هن درويش جون پرخمار اکيون اچي نظر
سامهون بيهنديون آهن، ۽ ڪمزور کي نوشدارو جو ڪم
ڏيئي، تازو توانو ڪري ڇڏينديون آهن. هن وقت منهنجي
حالت هيئن آهي:
اَڏو اَڙيچن کي چڪڻ ۽ چاڙهه،
مون مـُـٺي کان نه ٿئي، وڏپڻ ۾ وِلاڙ.
ليڪن غيب کان ڪنن ۾ آواز گونجي رهيو آهي ته:
هٿين پيرسن مونڙين، ڪهج ڀر ڪپار،
متان ڇوري ڇڏئين، پريتڻي پچار.
اهڙو آواز وريو جوانيءَ جي جوش کي تازو ۽ همت کي مضبوط ڪريو
ڇڏي. دل ۾ يقين ويهي ويو آهي ته "هن سٻاجهڙي سنڌ ۽
ان جي رهاڪن لاءِ سگهو ئي واءَ سڻاوا لڳندا،
واهوندا ورندا، ٿر بر وسندا، سڪل پـَـٽ ساوا
ٿيندا، ڏک ويندا، سک ايندا." انهيءَ اُميد تي پيو
هلان.
هن مختصر تعارف کانپو”، هن درويش جي زندگيءَ جو مختصر احوال پيش
ڪجي ٿو:
سندس وڏا، ڪلهوڙن جي حڪومت کان اڳ، سڪريلا ڍنڍ ضلعي ٿرپارڪر کان
لڏي، اچي ملاڪاتيارن ۾ ويٺا هئا. ميان صاحب جو
ڏاڏرو، محمد قاسم عليه رحمت، حضرت غوث بهاءَ الحق
ذڪريا ملتانيءَ جي سلسلي جو فيض يافته ۽ سهروردي
طريقي جو بزرگ هو. پر سندس والد کي امانت لواريءَ
وارن نقشبندي بزرگن کان ملي. پاڻ نقشبندي طريقي جي
تلقين پنهنجي والد ميان ولي محمد کان ورتائين.
ميون عبدالرحيم صاحب سنه 1292هه ۾ ڄائو هو. هن فارسي سڪندر نامي
تائين ۽ ڪجهه عربي به پڙهي هئي. فقه، حديث ۽ تفسير
مان چڱو واقف هو. سندس والد جي انتقال کانپو”، هي
ان جي مسند تي ويٺو هو. طريقت جا سبق والد کان
ورتا هئائين.
هي درويشن جي انهيءَ گروهه مان هو، جي جيتوڻيڪ وحدت الوجودي فڪر
جي مکيه صوفياءِ ڪرام وانگر بين الاقوامي وسعت نظر
نه رکندا هئا، پر صاحب شريعت بزرگ هئا. صرف تزڪيه
نفس ۽ اخلاق جي درست ڪرڻ جو مشغلو هوندو هون، پر
تعصب، فخر ۽ دوئيءَ کان آزاد هئا. پاڻ سارو وقت
ڳوٺ ۾، ياد الاهي ۽ معتقدين جي تربيت ۾ گذاريندا
هئا. هن وٽان ڪيترا ماڻهو فيض يافته ٿي نڪتا، جي
اڄڪلهه پنهنجي تـَـرَ ۾ مرجع خاص و عام آهن. انهن
مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. حاجي بشام فقير بروهي، تعلقو کپرو.
2. ميان غلام احمد صاحب ملڪاڻي (دادو)، جنهن سندس والد کان ذڪر
ورتو هو.
3. سيد مهر شاهه، ڄام مراد علي خان جو ڳوٺ، ملير.
4. حاجي ٺارو فقير بروهي، کپرو.
5. پير سيد علي اڪبر شاهه جيلاني، لوني، مارواڙ.
6. ميان حاجي محمد صاحب، چوٽياري، جنهن جو خاندان هن وقت مديني
شريف ۾ آهي.
کين ٽي فرزند ٿيا، جن مان ميان محمد اسحاق وڏو آهي. پاڻ اڪثر
ڪري گوشه نشينيءَ ۾ گذاريندا هئا. پهرينءَ ملاقات
کانپو”، هڪ دفعي سندس خدمت ۾ ملاڪاتيار ۾ وڃڻ ٿيو.
هڪ ڪکن جي لانڍيءَ ۾، زمين تي، نهايت سادگيءَ ۾
ويٺل هئا. اکيون ساڳيءَ طرح خماريون پيون هئن. مون
بنا نشي جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي اکين ۾، ڪرشنا
مورتيءَ کانسواءِ، اهڙو خمار ڪو نه ڌٺو آهي. سندس
مجلس ۾ ويهڻ بعد هيٺين مصرع ياد پوندي هئي:
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا. (شاهه)
پاڻ 3- صفر 1359هه مطابق 14 مارچ 1940ع تي وفات ڪيائون. ان وقت
سندن عمر ڇاهٺ ورهيه هئي. کانئن پو”، سندن جاءِ تي
سندن وڏو فرزند ميان محمد اسحاق مسند نشين ٿيو،
جنهن کي هڪ فرزند محمد قاسم عرف غلام مصطفيٰ نالي
سان آهي. |