سياسي زندگي:
سنه 1919ع ۾، خلافت ۽ ڪانگريس هلچل شروع ٿي، ته باوجود يارهن
سالن جي عمر جي، ٻين اسڪولن جي هندو شاگردن سان گڏ
هيءُ به ان ۾ بهرو وٺندو هو. ساهتيءَ جي حصي ۾، جا
سياسي بيداري پيدا ٿي هئي، تنهن هن تي به اثر ڪيو.
1928ع ڌاري جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر گاڏيءَ مان
پڊعيدن اسٽيشن کان لنگهيا ٿي، ته هن ٻين شاگردن
سان گڏ وڃي اسٽيشن تي "سائمن گو بئڪ" جا نعرا هنيا
هئا. انهن ڏينهن ۾ هي نوشهري مدرسي ۾ پڙهندو هو.
1922ع ڌاري هي خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو. ان
وقت ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي خيرپور رياست ۾ سيشن
جج هو، جنهن جي صحبت بابرڪت کان هو مستفيد ٿيو.
پوءِ 1933ع ۾ جڏهن ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تن ڏينهن ۾ هيءُ،
عبدالرحيم ميمڻ هالاڻيءَ واري، ۽ الهداد شجراهه
شڪارپور واري سان گڏ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو.
1942ع ۾، جڏهن بنگال ۾ ڏڪر پيو، ته هي خاڪسار
تحريڪ طرفان والنٽيئر ٿي، ٻن مهينن لاءِ بنگال ويو
هو. سنه 1943ع ۾ هيءُ مسلم ليگ جماعت ۾ شامل ٿيو.
ان کانپوءِ ان ۾ ڪم ڪندو آيو. 1948ع ڌاري، هيءُ
هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سنه 1949ع ۾ جڏهن پير
الاهي بخش جي خالي ٿيل جاءِ تي ضمني چونڊ ٿيڻ واري
هئي، ۽ صوبه سنڌ مسلم ليگ جو صدر خانبهادر کهڙو ۽
مسلم ليگ وزارت جو وزيراعليٰ قاضي فضل الله هئا
تڏهن ان جاءِ لاءِ پنج اُميدوار بيٺا: (1) ميان
عبداللطيف پنوهر، خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو
سالو، (2) ميان حيدر بخش جتوئي، (3) ميان شفيع
محمد آخوند، (4) ميان تاج محمد صحرائي، ۽ (5) پير
الاهي بخش جو پٽ شاهنواز شاهه.
مسلم ليگ وارن مقابلو ڪرڻ نٿي گهريو. ان ڪري آخوند شفيع محمد کي
گهرائي، نامينيشن ڀرڻ کان اڳينءَ رات، کيس جيل ۾
موڪلي ڇڏيائون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي ڪليڪٽر
جي آفيس ۾ نامينيشن ڀرڻ لاءِ ويندي، دروازي تان
گرفتار ڪري، لاريءَ ۾ چاڙهي، ايترو پري وڃي
ڇڏيائونس، جو هو فارم ڀرڻ جي وقت تائين واپس پهچي
نه ٿي سگهيو. شاهنواز شاهه کي نابالغ ٺهرايو ويو.
باقي فقط هڪ مخالف اُميدوار، تاج محمد صحرائيءَ،
فارم ڀريو. ان جو فارم به ڪليڪٽر سيد مدد علي شاهه
کي چئي، رد ڪرائي، باقي ميان عبداللطيف کي بنا
مقابلي ڪامياب ڊڪليئر ڪري ڇڏيائون. ان ڳالهه بعد
قاضي ميان فيض محمد مسلم ليگ مان نڪري آيو.
1951ع ۾، هن کي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ان عهدي
تي هو ٻه سال رهيو. سنه 1952ع ڌاري ميان افتخار
الدين طرفان سڀني قومپرست ڪارڪنن کي آزاد پاڪستان
پارٽيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، ته ٿوري وقت لاءِ
هيءُ به دوستن سميت ان ۾ داخل ٿيو هو. سنه 1953ع
جي سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن وقت سنڌ جي چئن جماعتن-
پيپلس پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، عوامي ليگ ۽
هاري پارٽيءَ گڏجي متحده محاذ ٺاهي، اُميدوار
بيهاريا. چونڊن کانپوءِ هن نوابشاهه ۾ متحده محاذ
جي پهرين ڪنوينشن سڏائي، ان ۾ محاذ جو دستور پاس
ڪرايو ۽ محاذ کي جماعتي صورت ڏياري. ان ڪنوينشن ۾
شيخ عبدالمجيد کي جماعت جو صدر ۽ قاضي صاحب کي
جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سنه 1954ع جي آڪٽوبر
۾ جڏهن مون کي ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ ڪري، جيل ۾
موڪليو ويو، ته هن لاريءَ ۾ سوار ٿي، ساريءَ سنڌ
اندر ون يونٽ جي خلاف پرچار شروع ڪيو، جنهن ڪري هن
کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري، جيل ۾ موڪليو ويو،
جتان هي هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪرڻ ڪري آزاد ٿيو.
سنه 1955ع ۾، هيءُ ولايت جي سير تي ويو، جنهن ۾
انگلينڊ، فرانس، جرمني، اٽلي، يونان ۽ ترڪيءَ جو
سير ڪري واپس آيو.
سنه 1955ع ۾، کهڙي صاحب پاڻ کي سانگهڙ مان سنڌ اسيمبليءَ جي
ميمبريءَ تي چونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت کهڙي
صاحب ملڪ ۾ اهڙو دٻاءُ قائم ڪيو هو، جو ڪو به
ماڻهو سندس سامهون اُميدوار بيهڻ لاءِ تيار ڪو نه
ٿي ٿيو، ليڪن قاضي صاحب جرئت ڪري، هن جي سامهون
اُميدوار بيهڻ لاءِ سانگهڙ پهچي ويو. پر کيس فارم
ڀرڻ کان اڳ گرفتار ڪرائي، موٽر ۾ کڻائي، تمام دور
فاصلي تي ڇڏيو ويو، جتان واپس موٽي، وقت اندر فارم
ڀري نه ٿي سگهيو.
سنه 1956ع ۾، هيءُ ٿوري وقت عوامي محاذ کي ڇڏي عوامي ليگ جماعت
۾ ويو، ۽ اُن جو سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ
لڳو. انهيءَ وقت مسٽر حسين شهيد سهروردي پاڪستان
جو وزيراعظم هو. مسٽر سهرورديءَ ون يونٽ جي فائدي
۾ بيان ڏنا، ۽ خارجي پاليسيءَ ۾ اهڙو رويو اختيار
ڪيو، جو عرب نيشنلزم جي خلاف هو. انهن ڳالهين تان
قاضي صاحب ڪيترن دوستن سميت عوامي ليگ مان
استعيفيٰ ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو، ۽ پاڪستان نيشنل
پارٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت کانپوءِ
مولانا ڀاشاني ۽ سندس گروهه به سهرورديءَ جي عوامي
ليگ کان جدا ٿي ويو ۽ نيشنل پارٽيءَ سان گڏجي،
نيشنل عوامي پارٽي ٺاهيائون. تنهن کانپوءِ قاضي
ميان فيض محمد سنڌ نيشنل عوامي پارٽيءَ جو جنرل
سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت، هن جي هارين
جي ڪمن سان همدردي پڻ هلي آئي. الاٽي هارين کان
جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي، مهاجر دعويدارن کي
ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ته هن ان جي خلاف هارين طرفان
احتجاج ڪرائڻ لاءِ ميٽنگن ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ شروع
ڪيا. اهڙي هڪ ڪانفرنس لُنڊي اسٽيشن جي ڀر ۾ سڏائي
هئائين، جنهن ۾ مولانا ڀاشاني، خان عبدالصمد خان ۽
ٻين ڪيترن شرڪت ڪئي هئي. ان تحريڪ جي سلسلي ۾
هارين کان زمين کسجڻ جي خلاف هن احتجاج طور مرڻ
برت رکيو هو، جو ڪن دوستن جي سمجهائڻ تي پوءِ
افطار ڪيو هئائين.
سنه 1958ع ۾، ڪراچي شهر اندر هارين جي حقن جي حمايت ڪرڻ لاءِ
گوليمار محلي ۾، هن هڪ وڏي هاري ڪانفرنس سڏائي. ان
کان پوءِ محرابپور، تعلقي ڪنڊياري ۾، هارين جو
ستياگرهه ڪرايائين، جنهن ۾ ڪيترا هاري جيل ۾ ويا،
ليڪن ساريءَ سنڌ جي هارين طرفان هڪ ئي وقت ۾ گڏيل
همدردي ۽ همت نه ڏيکارڻ ڪري، اها تحريڪ ناڪامياب
ٿي.
8 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ سان مارشل لا لاڳو ٿيڻ بعد، نيشنل عوامي
پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن وانگر هن کي به جيل ۾
موڪليو ويو هو، جنهن مان ڇهن مهينن بعد هن کي آزاد
ڪيو ويو.
هن وقت هو وڪالت جي ڪم مشغول آهي. قاضي صاحب مخلص اڻٿڪ، جوشيلو،
جذباتي قومي ڪارڪن آهي. قربانيءَ جو مادو منجهس
گهڻو آهي. اڪثر وڪيل صاحب پنهنجن ڪمن ۾ اهڙو مشغول
رهن ٿا، جو هو قومي ڪم لاءِ ڪافي وقت سيڙائي نٿا
سگهن. وڪالت جو ڌنڌو اهڙو آهي، جو جيڪڏهن سارو وقت
ان طرف توجهه نه ڏبو، ته ماڻهو آهستي آهستي ڪري ان
وڪيل کي ڇڏيو ڏين، جنهن ڪري ڌنڌي گهٽجڻ ۽ پيدائش ۾
نقصان جو انديشو رهي ٿو، ليڪن قاضي صاحب ان عام
فاعدي کان پاڻ کي مستثنيٰ رکيو آهي. جڏهن به قومي
ڪم جي تقاضا ٿي، ته هي وقت ۽ پيسي وغيره جي پرواهه
نه ڪري، هڙؤن خرچ ڪري، ڪم ۾ ڪاهي پوندو آهي. هن
قحط الرجالي جي حالت ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثر قلت رهي
ٿي.
مارشل لا جو عائد ٿيڻ هن لاءِ ذاتي طور مفيد ثابت ٿيو آهي. قومي
ڪم جا دروازا بند ڏسي، هن وڃي وڪالت طرف زياده
توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ڪري نوابشاهه ۾
پنهنجي رهڻ لاءِ جاءِ به ٺهرائي سگهيو آهي.
هن ماستر فيض محمد مرحوم ولد مولوي عبدالله هالاڻيءَ واري جي
نياڻيءَ سان شادي ڪئي آهي. ان مان کيس پنج پٽ ۽ ٻه
نياڻيون ٿيون آهن: سندس پٽن جا نالا هي آهن: (1)
غلام مرتضيٰ، (2) غلام مجتبيٰ، (3) غلام مصطفيٰ،
(4) غلام رضا، ۽ (5) جاويد. سندس وڏي نياڻيءَ بي.
ايس. سي جو امتحان پاس ڪيو آهي. سندس ٻيا ٻار اڃا
تعليم وٺي رهيا آهن.
قاضي صاحب چار دفعا قومي ڪم ڪندي، جيل ۾ ويو آهي. ٻن ڪتابن جو
مصنف آهي: (1) جنسار، ۽ (2) منهنجو خواب. سندس
بيانن ۽ ننڍن مضمونن جو ڪاٿو ئي ڪو نه آهي.
زندگيءَ جي انهن سڀني خفن ۽ خسارن ۽ هماهميءَ وارين ڳالهين
هوندي به، قاضي صاحب هڪ خوشدل ۽ سدا زنده دل شخص
آهي. هو ڪلاسيڪل راڳ ۾ چڱي واقفيت ۽ چڱو ملڪو رکي
ٿو. راڳ ۾ سندس استاد الهڏنو خان ولد لعل بخش خان
نوناري ڪنڊياري وارو هو.
9- ميان عبدالڪريم خان ولد بجار خان لاشاري
"گدائي"
(جيڪب آباد)
ميان عبدالڪريم "گدائي" سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان
آهي. هو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع، سمجهدار، حب
الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار، بيڊپو، انقلابي مجاهد
آهي. هن جي زندگيءَ جو احوال سندس پنهنجي لکيت ۾
هيٺ ڏجي ٿو:
"آءٌ غريب ۽ اڻ پڙهيل خاندان ۾ پيدا ٿيس. ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقو
ٺل، منهنجو زاد بوم هو. جنوري 1901ع تي ڄائو
آهيان. منهنجو والد ان وقت مرحوم مير حسن خان کوسي
جو ڪمدار هو، جنهن جي زمين جو هو ڪاروبار
سنڀاليندو هو. مون کي هڪ وڏو ڀاءُ ۽ ڀيڻ هئا.
"منهنجي ڄمڻ کان ٻن ٽن سالن بعد منهنجو والد صاحب لڏي اچي ٺل جي
شهر ۾ ويٺو، جتي کيس مختيارڪار جي آفيس ۾
پٽيواليءَ جي نوڪري ملي، ۽ منهنجي ڀاءُ کي تپيدار
جو ڪوٽار ڪري رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ پٽيوالن ۽
ڪوٽارن جو پگهار نـَـوَ رپيا ماهوار هوندو هو.
"مون کي ياد آهي ته هن مختصر آمدنيءَ مان، عام سهانگائيءَ سبب،
اسان جي ڪٽنب جو، اٺن ڀاتين هوندي به، چڱو سفيد
پوشيءَ سان گذارو پيو ٿيندو هو. اسان وٽ ٻه ڳئون،
چار ٻڪريون، ست اٺ ڪڪڙيون هونديون هيون. اٽڪل ساڍن
چئن سالن جي عمر ۾ منهنجي والد مون کي ٺل جي سنڌي
اسڪول ۾ داخل ڪيو. جتان آءٌ پنج درجا پاس ڪرڻ بعد
سال 1911ع ۾، جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگلو
ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيس. اٽڪل ٻن مهينن بعد
مون کي فري بورڊنگ ملي ويئي. آءٌ اسڪول سان شامل
بورڊنگ هائوس ۾ رهڻ لڳس.
"مون کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ جيڪب آباد موڪلڻ ۽ اُتي فري بورڊنگ
وٺي ڏيارڻ ۾، ان وقت ٺل جي هڪ حيدرآبادي، مسٽر
وستيرام مختيارڪار، جو وڏو هٿ هو. مون تي والده جو
گهڻو پيار هو. هوءَ پنهنجي اکين کان مون کي پري
ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، پر منهنجي والد کي،
مختيارڪار زور بار رکي جيڪب آباد پڙهڻ لاءِ مون کي
موڪلڻ واسطي تيار ڪيو. مون کي اهو به ياد آهي ته
ان وقت ٺل جي مختيارڪار جو هندو سرشتيدار مسٽر
انندرام، لاڙڪاڻي وارو هو، جنهن کي منهنجي والده
پٽ ڪري سڏيندي هئي. اُن به منهنجي والده کي منهنجي
پڙهائڻ لاءِ چيو. جيڪب آباد ۾ فري بورڊنگ ملڻ
تائين ان صاحب مون کي پنهنجن ٻارن سان گڏ گهر ۾
رهايو. مسٽر انندرام ۽ سندس گهرواري مون کي بنهه
پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڪندا هئا. سندس ٻارن سان گڏ
کائيندو پيئندو، راند ڪندو هوس. ڪهڙو نه محبت ۽
خير و برڪت جو زمانو هو!
"تن ڏينهن ۾ جيڪب آباد اسڪول ۾ پنج درجا انگريزي هئا. اُهي پاس
ڪرڻ بعد، سکر ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس، پر
حسابن ۾ گهٽ هئڻ ڪري، مئٽرڪ پاس ڪري نه سگهيس.
جيڪب آباد ۾ قاضي عبدالڪبير درٻيلائيءَ ۽ مسٽر
هيرانند خيرپوريءَ وٽ پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيم. سکر ۾
قاضي علي رضا ايم. اي. روهڙيءَ واري وٽ پڙهيس.
"پڙهڻ ڇڏڻ بعد مسٽر انندرام جي ڪوشش سان 1918ع ۾،
مون کي پوسٽ آفيس، شڪارپور ۾، ڪلارڪيءَ جي جڳهه
ملي، ليڪن اُتان ڪن سببن ڪري، ٿوري وقت کانپوءِ
استعيفيٰ ڏيئي، ٺل جي سنڌي اسڪول مان ورنيڪيولر
فائينل جو امتحان پاس ڪيم. پوءِ پوليس ۾ نوڪريءَ
لاءِ درخواست ڪيم. زميندارن جي ڇوڪرن کي هيڊ
ڪانسٽيبليءَ جون جايون پئي مليون، پر مون کي
ڪانسٽيبلي ڏنائون. جيڪب آباد ٽائون پوليس ٿاڻي تي
ڇهه مهينا نوڪري ڪري، وري اُها ڇڏي ڏنم. 1923ع جي
آخر ۾ ٺل جي مکيه زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي
فرزند، شاهل خان، کي پڙهائڻ لاءِ ٽيوٽر ٿي ڪم ڪرڻ
لڳس. انهن ڏينهن ۾ بهادرپور جي اسڪول ۾ مسٽر لطف
الله بدوي شڪارپور وارو نائب ماستر هو. ان وقت
سندس تخلص "جوڳي" هو. مون "گدائي" تخلص رکيو. ٻيئي
شعر ٺاهيندا هئاسون، ۽ ڳائيندا به هئاسون. 1920ع ۾
جڏهين شڪارپور ۾ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي قتل
جي واقعن خلاف احتجاج جو ڏينهن ملهايو ويو هو.
هزارها ماڻهو هندو ۽ مسلمان، مٿا اگهاڙا ڪري، لکي
در کان جلوس ۾ نڪتا هئا. اهو نظارو ڏسي، منهنجي دل
ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. پوءِ بهادرپور ۾ رهڻ وقت
غريب هارين تي زميندارن جي ڏاڍ جي حالت ڏسي،
زميندار ڪلاس جي خلاف ٿيڻ لڳس. مون کي فخر آهي ته
منهنجي شاگرد مير شاهل خان، هارين کي هڪ لک روپين
جو پراڻو قرض معاف ڪيو - آءٌ سمجهان ٿو ته ان ڪار
خير جي تحريص ڏيارڻ ۾ منهنجي تاثير ۽ تربيت جو به
ڪجهه حصو هو.
"اتان نوڪري ڇڏڻ بعد، سنه 1925ع ۾، شهدادڪوٽ تعلقي (جو ان وقت
جيڪب آباد ضلعي جو حصو هو) جي کيرٿر سب ڊويزن ۾
اچي ڪلارڪيءَ جي نوڪري ڪيم. ان جو هيڊڪوارٽر پوءِ
ڳڙهي خيري ۾ ٿيو. سنه 1927ع کان سنه 1932ع جو
زمانو لائد براج جي ملازمت ۾ گذريو. ان وقت ڪيترا
نظم لکيم. جهڙوڪ: "آخر فنا"، "ليوڪس پارڪ"،
"مولانا امروٽي"، "اهي ڏينهن هئا"، اهي نظم
"صداقت"، "پيغام" ۽ "سنڌ زميندار" اخبارن ۾ شايع
ٿيا هئا.
سنه 1932ع ۾، طبيعت ۾ جوش اچڻ ڪري، نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ
۾ شريڪ ٿيس. سنه 1942ع تائين ٺل ڪانگريس ڪميٽيءَ
جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪندو رهيس. اهو دؤر منهنجي
شاعريءَ ۾ قومي نظمن جو هو، جي اخبارن ۽ سنڌو
رسالي ۾ شايع ٿيندا هئا.
"سنه 1932ع کان سنه 1942ع تائين بعضي بعضي پنهنجي دوست ۽ همعصر
مرحوم ماستر قادر بخش "حقير" (۽ پوءِ "بشير") سان
مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهيس. منهنجي حقيقي شاعريءَ جو
دور پاڪستان جي قيام کانپوءِ شروع ٿئي ٿو، جڏهين
قوم جي اُميدن ۽ اُمنگن جي برعڪس ساڳيو انگريزي
دؤر وارو جاگيرداري ۽ زمينداري ظلم، زبردستي،
هارين ۽ مزدورن جي ڦرلٽ ۽ ڏاڍن جو مٿن زور ۽ دٻاءُ
نه رڳو جاري هو، پر اڳ کان به زياده ٿي ويو هو.
عوام جي اهڙيءَ بيڪسيءَ ۽ بيوسيءَ منهنجي دل کي
سخت چوٽ رسائي، ۽ آءٌ سنڌ هاري پارٽيءَ ۾ شامل ٿي
ويس.
"هارين نارين ۾ سجاڳي آڻڻ، ۽ کين سندن ووٽ جي قدر ۽ قيمت
سمجهائڻ لاءِ، مون اليڪشن جي سلسلي ۾، سال 1945ع
کان سنه 1952ع تائين ڪيترائي نطم لکيا، جن ۾ هيٺ
ڏيکاريل مضمون مقبول ۽ مشهور ٿيو:
وري ڀوتار نڪري پيا:
وري آئي اليڪشن ۽ وري ڀوتار نڪري پيا!
ڇڏي طره ڪلهن تي قوم جا پڳدار نڪري پيا!
ڇڏي بنگلا، بخاريون گرم هن سرديءَ ۽ پاري ۾،
غريبن جي ڀلي لاءِ، هو لاچار نڪري پيا!
پروڊا جي حمام اندر ته سڀ ننگا نظر آيا،
نتيجو جو ٿيو ظاهر ته سڀ غدار نڪري پيا! (الخ)
خبردار، هاري، جو ڀوتار آيا!
ملن مولوين ساڻ موٽر ڀرائي،
اٿيا ليگ وارو هي ليبل لڳائي،
هنن گرم جهولن ۾ جيپون ڊڪائي،
اچن ڪين ها، پر هي لاچار آيا! (الخ)
"انهيءَ زماني ۾ پهريائين ضلعي هاري ڪميٽيءَ جيڪب آباد جو جنرل
سيڪريٽري، پوءِ ضلعي جيڪب آباد جي نيشنل عوامي
پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيس. ساڳئي وقت
مڪاني اخبارن "صبح سنڌ"، "فرنٽيئر پوسٽ"،
"انقلاب"، "امروز"، ۽ "مجاهد" جي ايڊيٽريءَ جا
فرائض بجا آڻيندي، مون زمينداري نظام جي خلاف چڱو
جهاد ڪيو. سنه 1958ع جي آڪٽوبر تائين نيشنل عوامي
پارٽيءَ سان وابسته رهيس. مارشل لا لڳڻ بعد، جڏهن
سياسي پارٽيون ختم ٿيون، ته چپ رهيس.
"سنه 1960ع جي مئي مهيني ۾، پاڪستان جي صدر طرفان سوشل ويلفيئر
فنڊ مان مون کي هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو ملڻ شروع
ٿيو، جو اڃا تائين ملندو رهي ٿو. ڊسٽرڪٽ ڊويلپمينٽ
ايسوسيئيشن طرفان منهنجي ڪن نظمن جي اشاعت لاءِ
تيرهن سؤ روپيا منظور ڪيا ويا، جي پوءِ ڇپجي شايع
ٿيا. ٺل ٽائون ڪميٽي مون کي ماهوار پنجاهه روپيا
وظيفو ڏيئي رهي آهي. سنه 1964ع جولاءِ کان جيڪب
آباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هڪ سؤ روپيا ماهوار تاحيات
ڏيڻ منظور فرمايو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال
آهي. هٿن ۾ رعشو اٿم. پورهئي کان لاچار آهيان.
ڪڏهين ڪڏهين شعر شاعري ڪندو آهيان، هن وقت "جمعيت
الشعراءِ سنڌ" جو نائب صدر ۽ انجمن فروغ ادب، جيڪب
آباد جو صدر، سنڌي بزم ادب، جيڪب آباد جو جنرل
سيڪريٽري، ۽ اپر سنڌ مڪئنيڪل ڊرائيورس ائنڊ ليبر
يونين جو صدر چونڊيل آهيان.
"منهنجا پسنديده نظم "ڏوراپو"، "بهار آيو"، "ستابي سنڌ"،
"آزاديءَ جا انگور"، "اڃا رات آهي"، "ڪانڊيري جي
عيد" آهن. منهنجن نظمن جو هڪڙو مجموعو "ساڻيهه جا
سور" نالي ڇپجي شايع ٿي چڪو آهي.
هن وقت مون کي ٻه فرزند آهن: وڏو ارڙهن سالن جو جيڪب آباد ڪاليج
۾ انٽر آرٽس جو شاگرد آهي. ننڍو سورهن سالن جو،
هاءِ اسڪول ۾ تعليم وٺي رهيو آهي. - عبدالڪريم
گدائي 64- 8- 17"
منهنجي واقفيت "گدائي" صاحب سان پرپٺ ڪانگريس جي ڏينهن کان ٿي،
جڏهين "پرڪاش" رسالي 19 فيبروري 1930ع ۾ هي شعر
لکيائين:
ڀارت ٿئي زمين تي، شل سرڳ جو نظارو!
هندو ۽ مسلمان ٻئي، ڇا شوق سان مليا ٿي!
نفرت نه هئي دلين ۾، ڇا پريم سان کليا ٿي!
شل ديس ۾ دوباره رونق اچي اها ئي،
ٿئي هر ڪنهن کي هاڻي شل وات هيءَ وائي،
موٽي اچي دوباره، سو وقت پيار وارو،
ڀارت ٿئي زمين تي، شل سرڳ جو نظارو!
وڌيڪ پوءِ واقفيت هاري ڪميٽيءَ ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ڏينهن
۾ گڏجي ڪم ڪرڻ وقت ٿي. سندس تازو لکيل هيٺيون بيت
وقت بوقت ڪنن ۾ گونجي اٿي ٿو:
آزاديءَ جي آڳ، ساڙي ويئي ساڻيهه کي،
بکن بيمارين ڪيو، ماروئڙن ۾ ماڳ،
ماروئڙا ملير ۾، سڪن ڪارڻ ساڳ،
ڏاڍائي ڏهاڳ، ڏاج مليو آ ڏيهه کي!
10- ڪامريڊ عبدالقادر ولد ميوو خان کوکر
(ڌامراهو، ضلعو لاڙڪاڻو: ڪراچي)
هي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌامراهن جي ڳوٺ ۾ هڪ غريب آبادگار جي گهر ۾
ڄائو. ان ڳوٺ ۾ سنڌ جو مکيه قومي ڪارڪن رئيس جان
محمد خان جوڻيجو به ڄائو هو. جو بارسٽريءَ جي
امتحان پاس ڪرڻ بعد، قومي ڪم ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۽
خلافت جي هلچل وقت هجرت ڪري، هڪ قافلي جو اڳواڻ
ٿي، ڪابل ويو هو، جتي ڪجهه وقت رهڻ بعد، اجمير ۾
اچي وفات ڪيائين.
ميان عبدالقادر ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتي. ان کانپوءِ
انگريزي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهايائين. 1925ع
ڌاري هن ڪراچيءَ ۾ اچي پورٽ ٽرسٽ ۾ نوڪري ڪئي.
پوءِ ڪراچيءَ جي شهر ۾ پورٽ ٽرسٽ ليبر ورڪرس يونين
۾ ڪم ڪرڻ لڳو.
1930ع ۾ جڏهين مسٽر جمشيد ۽ ڄيٺمل پرسرام جي ڪوشش سان ميرپورخاص
۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ڪانفرنس ڪئي ٿي ۽ هاري
تحريڪ جو بنياد پيو، ته ان ۾ هن شرڪت ڪئي. ان
کانپوءِ لاڳيتو هاري تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيو. ٽنڊي
ڄام ۾ جاگيري هارين جڏهين پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد
شروع ڪئي، ته ان ۾ هن خاص حصو ورتو. نورائي،
ترائي، ڪاڪ ۽ ٻين جاگيرن جي هارين پنهنجن حقن لاءِ
جي ڪوششون ورتيون هيون، ان ۾ سيد شاهنواز شاهه
جوڻن واري ۽ پير ڀلڻ شاهه نورائيءَ واري سان گڏ،
هن به چڱو بهرو ورتو. ڪيترو عرصو سنڌ هاري ڪميٽيءَ
جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.
هو وڏيءَ توڪل جو صاحب هو. باوجود مستقل ذريعي معاش نه هئڻ،
روزگار جي تنگيءَ جي، هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن لرزش نه
کاڌي.
هو معتدل مزاج، دور انديش ۽ مخلص قومي ڪارڪن هو. هن ڪجهه وقت
لاءِ نيشنل عوامي پارٽيءَ جو مکيه ڪارڪن ٿي ڪم
ڪيو. سنڌ جي هاري ڪارڪنن ۾ هي صاحب ئي هو، جنهن
جوش کان هوش کي وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ زبان کي هميشه
پنهنجي وس ۾ رکندي، دشمن جي به ڪڏهن دل آزاري نه
ڪيائين. هاري ڪارڪنن ۾، هن جا 1930ع کان مون سان
جيئن دوستاڻا تعلقات ٿيا، ته فوت ٿيڻ تائين ائين
ئي هلندا آيا. سنڌ جي ڪانفرنسن ۾ هن شرڪت ڪئي.
وفات وقت سنڌ ۾ هيءُ سڀ کان جهونو هاري ڪارڪن شمار
ٿيندو هو.
هن ٻه شاديون ڪيون. هڪ ڳوٺ جي مائٽن مان، جنهن مان کيس هڪ فرزند
۽ هڪ نياڻي آهي، ۽ ٻي ڪراچيءَ جي شهر مان، جنهن
مان کيس هڪ نياڻي آهي.
پويون وقت ڪراچيءَ ۾ سول اسپتال جي پويان پنهنجي مسواڙي گهر ۾
ڪافي ڏينهن ڪمزور ۽ بدن ۾ بيمار گذاريائين. سندس
مجلس ۽ ملاقات مان هميشه روح کي راحت ملندي هئي، ۽
معلومات ۾ اضافو ايندو هو. مون سان ذاتي انس هيس،
جنهن ڪري ڪراچيءَ ۾ رهڻ وقت، جن ڏينهن هي منهن نه
ڏيکاريندو هو، ته اٻاڻڪائي پيو محسوس ڪندو هوس.
هاري تحريڪ ۽ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ ڪئين نوان
ڪارڪن پيدا ٿيا آهن، جي اڄڪلهه اڳرا ڏسڻ ۾ پيا
اچن. شل هو اڃا وڌن ۽ پنهنجي فرض جي ميدان ۾ همت ۽
حوصله مندي سان وڌندا رهن: پر ڪامريڊ عبدالقادر
مرحوم، مشهور سنڌي چوڻي وانگر ته"ڪراڙو اُٺ ٻه
ڪنواٽ لهي"، پنهنجو مٽ پاڻ هو. وطن جي خدمت
گذاريءَ ۽ خدمت خلق جي جهاد ۾ جيڪي به سک ۽ سر جو
سانگو لاهي ٻاهر نڪرندا، تن لاءِ ڪامريڊ عبدالقادر
مرحوم جي خاموش، بي غرض ۽ اعليٰ مقصد لاءِ وقف ٿيل
زندگي آئينده هميشه هڪ سدا روشن مشعل جو ڪم ڏيندي
رهندي. منهنجي پنهنجي هيءَ حالت آهي ته
"ڍاٽي گهڻا اچن، پر من سوڍي ونگيو!"
ڪامريڊ عبدالقادر 21 جنوري 1965ع، ڇنڇر ڏينهن تي وفات ڪئي.
11- ڪماري ڄيٺي تلسيداس سپاهيلماڻي
(حيدرآباد: ڪراچي)
هن مائيءَ کي سنڌ جي سياسي، سماجي ڪارڪنن ۾ اُتم درجو حاصل آهي.
سچ پچ ته هن کي عورتن ۾ شمار ڪرڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن ۾ زنانه
صفتن کان مردانه صفتون گهڻيون موجود آهن. عورت جو
مکيه گڻ درخت وانگر زمين ۾ پاڙ پختي ڪري سايه دار
۽ بارآور ٿيڻ هوندو آهي، جنهن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾
سارو وقت محنت ۽ مزدوري ڪندڙ مرد آسائش ۽ آرام
لاءِ اچي اجهو وٺن، ليڪن هن جو، مردن وانگر، هڪ
جاءِ تي ڪڏهين ٽڪاءُ نه رهيو آهي. صبح- شام هل
هلان پئي رهي اٿس، جنهن ڪري، عورت جي مکيه صفت
منجهس عدم پيدا هئڻ ڪري، هن ۽ مردن ۾ ڪو به تفاوت
نه رهيو آهي، ٻيو ته جيئن پارسيءَ جي مصرع آهي ته
"ڪند هم جنس يا هم جنس پرواز"-
جنس جنس سان ٺهندي آهي، ۽ اڪثر ڏسبو به ائين آهي ته مرد مردن
سان ڪچهريون ۽ ملاقاتون ڪندا وتندا آهن، ۽ عورتون
عورتن سان پيئون ريجهه رهاڻيون ڪنديون ۽ حال
اورينديون آهن، پر هن جي رغبت هميشه عورتن کان
مردن طرف گهڻي رهي آهي. ٽيون ته ڪرشن مهاراج جو
مردن تي پرتو پيل رهي ٿو، جنهن ڪري هو سيماب
(پاري) وانگر هڪ جاءِ تي ٽڪاءُ نه ڪري، ڪرم جي
زندگيءَ ۾ لطف محسوس ڪن ٿا ۽ دوستين ۽ لاڳاپن جي
سلسلي ۾، هر جائي رهن ٿا. شاهه صاحب هنن لاءِ
فرمائي ٿو ته
"ڪوڙيين سندءِ ڪامڻيون، تون ڪوڙن سندو ڪانڌ!"
پر هيءَ مائي ان عام ڳالهه جي عين برعڪس آهي. گهڻي آدرشي ڪم ۾
رُڌل رهڻ سبب، سندس عورت پڻي جي نفاست ۽ نزاڪت، جا
عورت جو سينگار هوندي آهي، منجهس خير ڪا رهي آهي.
عام عورتن وانگر هيءَ يڪجائي نه، پر مردن وانگر هر
جائي آهي. ڪرشن مهاراج وانگر، هن جا:
"جيءَ سڀڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار"
رهيا آهن. هن جا ڪيئي دوست آهن ۽ هر ڪنهن کي سندس دوستيءَ ۾
يقين پئي رهيو آهي. هيءَ به موتين جا مالا وانگر
انهن جي دوستيءَ جي داڻن کي ڳچيءَ ۾ ٻڌيو هلي ٿي.
مسٽر سنتداس عيدن مل، آچاريه گدواڻي، جميد ميهتا،
مرحوم الهه بخش، سيٺ ايسرداس ورندمل، لالجي مهرو
ترا، حاتم علوي، ڀائي پرتاب، ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ
مالها جا داڻا شمار ڪري سگهجن ٿا.
هر ٻوٽي لاءِ بهار جي موسم هوندي آهي، پر هن وڻ کي ڪڏهين به
بهار جي بوءِ واسو ڏنو نه ٿو ڏسجي، تنهن ڪري
بارآور ٿيڻ جي اُميد نه اٿس. ڊاڪٽر چوئٿرام مرحوم
وانگر شايد هيءَ به ڪرم جو سڳنڌ پويان نشانيءَ طور
ڇڏي وڃي.
بهرحال جنهن صورت ۾ جنس انساني موجب هيءَ عورت آهي، ۽ عورتن کي
پنهنجي خودي ۽ خود بيني رهندي آهي، منجهس درد دل ۽
لـُـڙڪن جون نشانيون ڏٺيون ويون آهن. ان کانسواءِ
عورتن ۾ اڳي ئي قومي ڪارڪنن جي، بنسبت مردن جي،
ڪمي آهي، ۽ باقي جيڪي عورتن ۾ قومي ڪارڪن هجن، تن
کي به زوريءَ ڇڪي مردن جي لسٽ ۾ شمار ڪبو، ته کين
شڪايت جو سبب ٿيندو، ان ڪري آءٌ هن کي عورت ڪارڪنن
جي صف ۾ شمار ڪريان ٿو.
هيءَ مائي منڍ کان ڪانگريسڻ رهي آهي، اڃا تائين آهي. شايد
سدائين ڪانگريسي رهي. ڪانگريسين ۾ هيءَ ساڄي گروهه
جي رهي آهي. مرحوم ڊاڪٽر چوئٿرام به ساڄي گروهه جو
ڪانگريسي هوندو هو: ليڪن پڇاڙيءَ جو ولايت ويندي،
جڏهين مون کي ۽ شيخ صاحب کي ڊرگ روڊ تي مليو هو،
ته ڏٺوسون ته حالتن کيس بدلائي، ترقي پسندن جي
نزديڪ ڪري ڇڏيو هو، پر هن مائيءَ مان اهڙي اُميد
رکي نٿي سگهجي.
سنڌي قوميت ۽ ڪلچر جو پڻ هن تي گهٽ رنگ چڙهيل آهي. هر ڳالهه ۾،
ساڄيءَ ڌر جي ڪانگريسين وانگر، هن تي هنديت (ڀارت)
جو گهڻو اثر ويٺل آهي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ هڪ
دفعي بمبئي مان واپس ٿي آيس، ته ٻين دوستن سان گڏ
هيءَ به مون کي ايئرو ڊرم تي اماڻڻ آئي. اتي هڪ
نوجوان سنڌي هندو ڪسٽمس آفيسر بيٺل هو. ان مون کي
ڏسي چيو ته "سيد، ڪڏهين ٿو اسان کي واپس ملڪ وٺي
هلين؟ وطن لاءِ دل پيئي واجهائي!" مائيءَ ان ڏي
شور جي نظر سان نهاري چيو ته "اهڙيءَ ڳالهه ڪرڻ
کان شرم نٿو اچيئي. هـُـتان گهر لٽائي، مارون
کائي، هتي پهتا آهيو، وري ڄٽن جي زير اثر وڃي رهڻ
لاءِ پيو سڌون ڪرين!" ان تي اُن نوجوان ڪسٽمس
آفيسر، جيڪو جواب ڏنو اهو اڃا تائين ڪنن ۾ پيو
ٻـُـريم. چي - "مائي، وطن جا ڄٽ، ڄاريون، سڪل
روٽي، هتي جي واڻين، شاهوڪارن، باغن، بنگلن ۽ عمدن
طعامن کان هزار بار بهتر آهن! هتي به ته ڪولهي ۽
مينگهواڙ آهن!" انهيءَ سوال جواب مان هڪ نئين
روشنيءَ واري سنڌي جوان جي رغبت ۽ هي قدامت پسند
ڪانگريسڻ جي لاڙي جو پتو پئجي وڃي ٿو.
سنڌي ۾ چوڻي آهي ته "مور گهڻو سهڻو، پر پير اٿس ڦڏا!" ان وانگر
خامين کان ڪو به پاڪ نه آهي. باوجود ان جي هيءَ بي
نظير عورت آهي. هيٺيان ٽي مثال ان جي ثبوت ۾ پيش
ڪريان ٿو:
سنه 1942ع جي ڪئٽ انڊيا هلچل ۾ ٻين ڪانگريسين سان گڏ، هيءَ به
جيل ۾ ويئي. ڏيڍ سال کن اتي رهڻ کانپوءِ بيمار ٿي
پيئي. سندس آزاديءَ جو سوال سنڌ اسيمبليءَ ۾
اُٿيو. حڪومت مسلم ليگ وزارت جي هٿ ۾ هئي. آءٌ
صوبه سنڌ مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ هوس. سياست ۾ هيءَ
اسان جي ساٿياري ڪارڪن هئي. ملڪ خاطر جيل ۾ ويل
هئي. انگريزن کي جنگ جي وقت ۾، ڪانگريسين جي بغاوت
ڪري گهڻو غصو هو، گورنر ۽ ملڪ جا وڏا عملدار گهڻا
انگريز هئا. طاقت سموري انهن جي هٿن ۾ هئي. اهي
ڪنهن به ڪانگريسيءَ سان رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نه
هئا. باوجود ان جي اسان جي خواهش هئي ته هن کي
آزاد ڪرائجي: تنهن ڪري هوم منسٽر سان گڏ آءٌ کيس
جيل ۾ ملڻ ويس. هيءَ بيماريءَ ڪري ڳري ڪمزور ٿي
ويئي هئي. هوم منسٽر همدرد هو. ان کيس چيو ته
"بيمار ٿي ڏسجين، توکي جيل مان آزاد ڪرڻ گهرجي!"
ان مان سندس مقصد اهو هو ته ڪو وجهه وٺي، کيس ڇڏي
ڏجي. هيءَ يڪدم تاڙي ويئي ته هو اڻ سڌيءَ طرح
کانئس ڪجهه اکر چوارائي، گورنر کي ان جي آڌار تي
يقين ڏياري، هن کي ڇڏڻ چاهي ٿو. پر مائيءَ جي غيرت
اها ڳالهه برداشت نه ڪئي ته باوجود ان جي، جو ڪو
لکيل واعدو ڪو نه ٿي ورتو ويو، پر جيڪڏهن هوم
منسٽر گورنر کي رڳو ڪجهه زباني ٿيل ڳالهه ٻڌائي به
کيس آزاد ڪرائي، ته اها ڳالهه سندس خود داريءَ ۽
آزاديءَ جي جهدي روايان جي خلاف ٿيندي. ان تي کيس
جواب ڏنائين ته "جن جهليو آهي، انهن تي ڇڏيل آهي
ته هو جو وڻين سو فيصلو ڪن پر جي تون ڀائين ٿو ته
اهڙي اُميد ڪنهن کي منهنجي جتيءَ مان به نه رکڻ
گهرجي." ان وقت، هن مائيءَ جي مردانه همت ڏسي،
ڪانگريس ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي خود قربانيءَ جو مادو ۽
آزاديءَ جي راهه ۾ سندن اٽل ارادي ۽ بي خوف جدوجهد
جو نقشو اکين اڳيان تري آيم. هڪ بيمار عورت، تنها
جيل ۾ ورهين جا ورهيه رهڻ بعد به اهڙيءَ جرئت جو
اظهار ڪري، اها معمولي ڳالهه نه هئي. ان وقت کان
سندس بلند اخلاقيءَ جو قائل ٿي ويس.
وري پوءِ جو هڪ واقعو ٻڌو: سندس ماءُ سخت بيمار ٿي پيئي.
ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هوس. ان
ڪري هن کي پئرول تي ماءُ سان ملڻ لاءِ ٻاهر ڇڏيو
ويو. پئرول جو مدو پورو ٿيو، ليڪن سندس ماءُ جي
حالت ساڳي رهي. ويتر خود کيس سائي ٿي پيئي. اکيون،
ننهن زردا ٿي ويس. اهڙيءَ حالت ۾ فطري ڳالهه هئي
ته هن کي جيل کان ٻاهر رهڻ گهربو هو. ان وقت سر
غلام حسين مرحوم سنڌ جو وزيراعليٰ هو. هن کي پئرول
جي مدي وڌائڻ لاءِ چيو ويو، جنهن مدو وڌايو، پر ان
وڌايل عرصي اندر به نه سندس والده جي بيماريءَ ۾
تفاوت ٿيو ۽ نه سندس پنهنجي طبيعت ٺيڪ ٿي. هاڻ هن
جي بنا شرط جي آزاد ڪرڻ جي ضرورت هئي. سر غلام
حسين مرحوم مائي صاحبه جي خاندان جو دوست هو. هن
جي دل گهريو ٿي ته کيس آزاد ڪري. مون به مٿس گهڻو
زور وڌو، پر طاقت انگريزن جي هٿ ۾ هئي ۽ هو بنا
شرط جي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ان تي سر غلام
حسين مون کي چيو ته مائي صاحبه لکي ڏئي ته ٻاهر
رهڻ وقت هلچل ۾ بهرو نه وٺندي، ته کيس آزاد ڪري
ڇڏيان. هڪ گانڌين قومي ڪارڪن لاءِ ان کان وڌيڪ بي
عزتيءَ جي ڳالهه ٿي نٿي سگهي، تنهن ڪري مائي صاحبه
ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. ان وقت ماءُ جي پيار
جي ڇڪ ۽ پنهنجي طبيعت جي ڪمزوري هڪ طرف هيس، ۽ ٻئي
طرف قومي ڪارڪنن جي روايات کان هيٺ ڪرڻ جو خدشو.
آخر هن جيل ۾ وڃڻ قبول ڪيو، ليڪن ڪو به شرط لکي
ڏيڻ قبول نه ڪيائين. جيتوڻيڪ اها ڳالهه صاف هئي ته
اهڙيءَ بيماريءَ جي حالت ۾ هن کي هلچل ۾ بهري وٺڻ
جي طاقت ئي نه ڪا نه رهي هئي پر ڪير ٿو اهڙيءَ
باريڪ بينيءَ کان ڪم وٺي. جيل ۾ موٽي وڃڻ کان اڳ
ساڻس ملڻ ويس، ته ڳالهين ڪندي روئي ڏنائين. ان
لاءِ نه ته ماءُ کان جدا ٿي رهي هئي، جا ڪنهن به
وقت هيءَ دنيا ڇڏڻ واري هئي. نه ان لاءِ ته هوءَ
پاڻ بيمار هئي، تنهن ڪري جيل ۾ وڃڻ کان نٽايائين
ٿي پر هن جو ارمان ان ڳالهه تي هو ته وطن جي
آزاديءَ لاءِ قومي ڪارڪن هر طرح جون تڪليفون
برداشت ڪري رهيا هئا، ۽ سندن ٻين وطني ڀائرن ۾
انهيءَ قربانيءَ يا وطن دوستيءَ جو احساس پيدا نه
ٿيو هو. آءٌ ۽ سر غلام حسين باوجود دوست هئڻ جي
کيس مدد ڪرڻ کان بيوس هئاسون. ان وقت مرحوم الهه
بخش اچي ياد پيس، جنهن ملڪ خاطر لقبن ۽ وزارتن کي
لت هڻي ڇڏي هئي، ۽ جيڪو پنهنجي اعليٰ مقصد خاطر
شهيد ٿي چڪو هو. اوڏيءَ مهل اٿي پرس کوليائين، ان
۾ مرحوم الهه بخش جو فوٽو پيل هو، سو ڪڍي، ان ۾
نهاري کلي ڏنائين. چي - "اوهان دوستن جي حالت تي
روئڻ آيو اٿم. هن مرد مجاهد کي ڏسي خوشي ٿي اٿم.
ممڪن آهي جيل ۾ وڃڻ بعد اوهان جهڙن گيدي دوستن کان
آزاد ٿي، وڃي هن مرد مجاهد سان ملان!"
وري ٽيون واقعو ياد اچيم ٿو: پاڪستان بنجڻ کانپوءِ خانبهادر
کهڙو سنڌ جو وزيراعظم ٿيو. ڪنهن ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ
لاءِ آءٌ ۽ مائي صاحبه سندس بنگلي تي وياسون. هن
آڌر ڀاءُ لاءِ چاءِ ڪيڪ گهرايو. ٻين چاءِ پيتي،
ليڪن مائي صاحبه چاءِ نه پيتي. کهڙي صاحب هن کان
سبب پڇيو. هن چيو ته "معاف ڪج، مون کي تو ۾ مرحوم
الهه بخش جي قتل جي سازش ۾ شرڪت جو گمان ويٺل آهي،
ان ڪري هــُـن جي دوست جي حيثيت ۾ تنهنجي چاءِ
پيئڻ تي دل نٿي چوي!" کهڙي صاحب ورندي ڏنيس ته
"مائي صاحبه، تون به عجيب عورت ٿي ڏسجين! مرحوم
الهه بخش جو ڀاءُ ۽ پٽ مون وٽ اچي کائين پيئن،
تنهنجو مرحوم سان انهن کان به وڌيڪ لاڳاپو آهي
ڇا؟" مائيءَ جواب ڏنو ته "کهڙا صاحب، هو وڏي جگر
وارا مرد آهن، آءٌ ننڍيءَ گجيءَ واري عورت آهيان،
هو ان سنڌ جي دودي جي ڀاءُ (چنيسر) سڏائڻ جي جريت
ڪري سگهن ٿا. آءٌ ته پاڻ ۾ سومريءَ ٿيڻ جي سمرٿي
به نٿي رکان، (سومرين ڌارين جي اڳيان پيش پوڻ کانِ
پاڻ کي جيئري باهه ۾ اڇلايو هو). هنن جو نسلي
لاڳاپو آهي، منهنجو اصولي."
مون کي هميشه اهو خيال ويٺل هوندو هو ته هن مائيءَ جي دوستي ۽
دشمني قومي مقصد ۽ آزاديءَ خاطر هئي: شخصي وفاداري
۽ دوستيءَ طرف هن جو گهڻو لاڙو نه هو، پر ان وقت
پتو پيم ته هيءَ نه صرف اوچ آدرش جي مالڪ هئي، پر
صاحب دل به هئي. هن جا روئڻ ۽ کلڻ معنيٰ وارا هئا.
سندس اهي ئي خاصيتون هيون، جن مون کي سندس گرويدو
بنايو ٿي. پر هينئر هيءَ شڪايت ٻڌي، نهايت ارمان
ٿو ٿئيم ته هيءَ مائي انهن سنڌين مان آهي، جي وطن
وساري، مهاجر سنڌين کي نئين ملڪ ۽ ماڻهن ۾ ملي،
قديم سنڌي ڪلچر ۽ زبان جي ختم ڪرڻ جا حامي آهن.
خدا ڪري ائين نه هجي! ارمان ٿو ٿئيم ته هيءَ ڇو نه
مارئي ٿي. سندس وطن ۽ مارو (گدواڻي، جمشيد، الهه
بخش) سنڌ جي خاڪ ۾ سمايل هجن! هيءَ سنڌين کي پڪيءَ
طرح رهائڻ لاءِ ڪالونيون ۽ فليٽ ٺهرائي ڏيڻ ۾
مشغول هجي! مارئي هجي ها، ته چوي ها ته
"مارو ڪيئن رهان مان وساري، عمر مرم مارن جو ٿو ماري!"
خير جتي هجي ۽ جهڙيءَ راءِ جي هجي، شل خوش رهي. بيمثال عورت
آهي. وري به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته باوجود وڏيءَ
عمر ۽ ايڏين مشڪلاتن جي، رات ڏينهن قومي ۽ سماجي
خدمت کان هڪ پل به واندي نٿي ويهي، ايتري مختصر
مهاڳ کان پوءِ سندس شخصي قومي ۽ سماجي زندگي جو
ذڪر ڪندس..
هيءَ 10 فيبروري سنه 1906ع تي، حيدرآباد ۾ سپاهيملاڻي ديوانن جي
فيملي ۾ مسٽر تلسيداس جي گهر ۾ پيدا ٿي، جو ملٽري
سروس ۾ پهريون سينئر هيڊ ڪلارڪ هو، جتان پوءِ آرمي
۾ ليفٽيننٽ ٿي رٽائر ڪيائين. کيس ٻه ڀائر (1) مسٽر
ليکراج، ۽ (2) مسٽر اڌارام ۽ ٻه ڀيڻيون هيون.
هن پهرين ڪندنمل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم ورتي. سنه
1920ع ۾، هي جڏهن ڪراچي لڏي ويا، ته انڊين هاءِ
اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي جي. سنڌ
ڪاليج مان. بي. اي. پاس ڪيائين. اسڪول توڙي ڪاليج
۾ شاگردن جي جماعتن ۾ مکيه پارٽ ورتائين. کاڌي
تحريڪ وقت وديشي ڪپڙا ساڙي، کاڌي پائڻ شروع
ڪيائين. سائمن ڪميشن اچڻ وقت شاگردن کان ڪارا
جهنڊا کڻائي، "سائمن گو بئڪ" جا نعرا هڻايائين.
سنه 1929ع ۾، هن تعليم ڇڏي ملڪ جي شيوا ڪرڻ شروع ڪئي. لاهور جي
آل انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾ سنه 1929ع ۾ شرڪت
ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ ملڪ جا لکين مرد ۽ عورتون
مهاتما گانڌيءَ جي اثر هيٺ، سڀ ڪجهه وساري، ملڪ ۽
قوم جا شيواڌاري ٿي پيا. هيءَ به انهن مان هڪ هئي.
هن به ڊاڪٽر چوئٿرام مرحوم وانگر گرهستيءَ جي بند
۾ ڦاسڻ عيوض، سمورو وقت قومي خدمت ۾ صرف ڪرڻ جو
پرن ڪيو. آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾، هيءَ 31-
1930ع ۾ ٿوري وقت لاءِ جيل ۾ ويئي، وري سنه 1932ع
۾ ڇهن مهينن لاءِ سابرمتي جيل ۾ ويئي. سنه 1942ع ۾
"ڪئٽ انڊيا" تحريڪ وقت ٻن سالن لاءِ سيڪيوٽي ايڪٽ
هيٺ جيل ۾ رهي.
منهنجي ساڻس واقفيت سنه 1929ع کان ٿي، جڏهن مسٽر جمشيد
نسروانجيءَ جي سماجي پوئلڳيءَ ۾ هن ٿياسافيڪل
سوسائٽيءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. شايد مون کان اڳ
ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يوٿ لاج جي پريزيڊنٽ به
رهي چڪي هئي. سنه 1930ع ۾ هيءَ ڪراچي ميونسپل
اسڪول بورڊ تي ميمبر چونڊجي آئي، جتي سنه 1935ع
تائين رهي. ان وقت آچاريه آسودومل گدواڻي ميونسپل
اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر هو. هو وڏو عالم،
مخلص قومي ڪارڪن، آدرشي انسان هو، ان سان گڏجي، هن
ڪراچي شهر جي زناني تعليم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪم ڪيو.
هوءَ آل انڊيا وومينس ڪانفرنس سنڌ جي پريزيڊنٽ رهي چڪي آهي.
ڪشور ٻائي گانڌي ميموريل فنڊ سنڌ جي پريزيڊنٽ هئي.
نرسن ۽ مڊوائيفن جي ڪائونسل جي پڻ پريزيڊنٽ رهي
آهي. سنه 1934 ۾، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن تي مردن
جي مقابلي ۾ بيهي، ڪامياب ٿي. مارچ 1931ع جي آخر ۾
آل انڊيا ڪانگريس جو ساليانه اجلاس سردار ولڀ ڀائي
پٽيل جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ٿيو. ان موقعي تي
مسٽر سنتداس عيدنمل وڪيل والنٽيئرن جو ڪئپٽن مقرر
ٿيو. زالن والنٽيئرن جي مهندار پارپتي گدواڻي هئي.
انهن سان گڏجي هن ڪم ڪيو. ان وقت 27 مارچ تي، آل
انڊيا ٻالڪن جي باريءَ جو اجلاس مسز ڪملا ڇتو،
ٻڌيا جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. انهيءَ وقت صوبي سنڌ
جي ٻالڪن جي ٻاريءَ جي هيءَ پريزيڊنٽ هئي ۽ ستي
آڏواڻي سيڪريٽري هئي. ان کانپوءِ، ڪانگريس جي
پروگرام موجب، شراب جي بهشڪار، کاڌيءَ جي پرچار،
اڇوتن جي اڌار لاءِ سارو وقت ڪم ڪندي رهي. ميونسپل
اسڪول بورڊ جي ميمبري، وقت ڪافي مشهوري حاصل ڪري
ويئي هئي، ان ڪري جڏهن سنڌ جدا ٿيڻ بعد سنڌ
اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته هيءَ جنرل تڪ مان
زالن طرفان ڪانگريس ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي
آئي، جتي کيس ڪجهه وقت بعد 1938ع ۾، ڊيپوٽي اسپيڪر
چونڊيو ويو، جنهن عهدن تي 6 سيپٽمبر 1946ع تائين
رهي.
جڏهن اتحاد پارٽيءَ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ وارا گڏجي مخالفت ۾ ويٺا،
تڏهن مون کي ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سر
غلام حسين جي وزارت کي شڪست اچڻ بعد الهه بخش
وزارت وجود ۾ آئي، جو سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو سنڌ
اسيمبليءَ اندر ليڊر هو. ڪانگريس جي ان وزارت کي
مدد هئي. ٿوري وقت کانپوءِ ڍلن وڌائڻ جي سوال تي
اتحاد پارٽيءَ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جي ڪيترن ميمبرن
جو الهه بخش وزارت سان اختلاف ٿي پيو. ڪانگريس
پارٽيءَ ۾ ٻن راين جا گروهه هئا- هڪ ڊاڪٽر چوئٿرام
جي راءِ جو هو، جن جو خيال هو ته جنهن صورت ۾
وزارت ڍلن جي سوال تي پارٽين جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي
ڪئي آهي، تنهن ڪري ڪانگريس کي وزارت کان مدد واپس
وٺڻ گهرجي. اتحاد پارٽيءَ وارن مان اسان به اُن
راءِ جا هئاسون. ٻئي طرف هڪ گروهه مسٽر سڌوا جي
راءِ جو هو ته آل انڊيا مصلحتن خاطر ڪهڙي به قسم
جي سنڌ ۾ نيم ڪانگريسي وزارت جو وجود غنيمت هو، ان
کان مدد کسي، وزارت کي ڪيرائڻ ٺيڪ نه هو. انهيءَ
گروهه جا روح روان ڪماري ڄيٺي ۽ سيٺ ايسرداس
ورندمل هئا. آخر ووٽن ۾ پويون گروهه حاوي ٿي ويو ۽
پهرئين گروهه کي پارٽي ضابطي طور ان فيصلي تي هلڻو
پيو. ان وقت اختلاف ايترا وڌي ويا، جو آل انڊيا
ڪانگريس جي ٻن پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن- سردار
ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد- کي سنڌ ۾
اچڻو پيو. سردار پٽيل کي ٻيو گروهه الهه بخش وزارت
کي مدد ڏيڻ لاءِ آماده ڪري ويو. آهستي ٿي آءٌ ۽
منهنجا هم خيال اتحاد پارٽيءَ جا دوست ڪانگريس کان
علحده ٿي، مسلم ليگ ۾ هليا وياسون.
اها ڳالهه ظاهر ۾ جيتوڻيڪ معمولي پئي ڏسڻ ۾ آئي. ليڪن ان جي
اندر ڪي بنيادي ڳالهيون لڪل هيون. هڪ طرف مڪاني نج
سنڌي سوال هئا، ٻئي طرف آل انڊيا آئيني مسئلا هئا.
آءٌ ۽ منهنجا ساٿي مڪاني مسئلن جي سوال تي آل
انڊيا سوالن کان ٽپائي آڻڻ جي خلاف هئاسون. هنن جي
خيال ۾ مڪاني سوال ايڏيءَ اهميت وارا نه هئا، جو
انهن خاطر هن صوبي ۾ برپا ٿيل ڪانگريسي اقتدار کي
ختم ڪجي. نقطه نگاهه جو فرق هو. هر هڪ گروهه
پنهنجي پنهنجي خيال موجب ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ان ۾
ٿي ڏٺو. مائي صاحبه ۽ سندس هم خيال دوستن جو خيال
هو ته آل انڊيا آئيني شطرنج جي ميدان مان هڪ نيم
ڪانگريسي وزارت کي طاقت مان ٻاهر ڪڍڻ سياسي مصلحتن
جي خلاف هو. اسان ان خيال جا هئاسون ته ڪانگريس
جهڙي اعليٰ اصولن واريءَ جماعت کي وقتي مصلحتن جي
خاطر پنهنجن بنيادي اصولن جي خلاف نه هلڻ گهرجي.
هڪ طرف حڪومت ۽ وزارت هئي ته ٻئي طرف چند مجذوب
غير تجربيڪار قومي ڪارڪن هئا. مائي صاحبه جي گروهه
پهرينءَ شيءِ کي وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارائتو سمجهي، مدد
ڪئي. هندستان ۾ فرقيوار مسئلا اڳيئي نازڪ صورت
اختيار ڪري ويا هئا. مسلم اڪثريت وارن صوبن مان
ڪانگريس سان رڳو صوبه سرحد ۽ سنڌ وڃي رهيا هئا.
سرحد ۾ خان عبدالغفار جهڙي اعليٰ شخصيت، عوامي
ڪارڪن، جي ڪري حڪومت ۽ عوام ٻيئي ڪانگريسي خيال جا
بنجي چڪا هئا. سنڌ جون حالتون جدا هيون. سنڌي عوام
خواب غفلت ۾ ستل هو. ان تي ڪانگريس جو اثر ڪو نه
هو. نه الهه بخش وزارت صحيح معنيٰ ۾ ماڻهن جي ڪثرت
تعداد جي صحيح نمائنده هئي. هن وزارت کي عارضي ڀڃ
گهڙ ڪري طاقت ۾ آندو ويو هو. ان جي مددگارن مان
جيڪڏهين ڪنهن گروهه کي عوام سان واسطو هو ته اتحاد
پارٽيءَ مان اسان جي گروهه کي هو. الهه بخش مرحوم
جو، باوجود مخلص ۽ هوشيار سياستدان هئڻ جي، تنهن
وقت تائين عوامي تحريڪن سان واسطو نه رهيو هو.
بهرحال ڪانگريس عوامي اثر واري گروهه کي نظرانداز ڪري، آخر
وزارت کي ترجيح ڏني. ضد ۾ تجربيڪار ۽ دانشمند
سياستدانن جو دماغي توازن به قائم نٿو رهي سگهي.
اسان ته غيرتجربيڪار هئاسون، قصو ڪوتاهه، آهستي
آهستي ٿي، اسان پنهنجي روايات جي خلاف، ردعمل جي
چڪر ۾ اچي، مسلم ليگ ۾ هليا وياسون. جناح صاحب کي
ڪراچيءَ گهرائي، شاندار مرحبا ڏيئي، صوبه سنڌ مسلم
ليگ ڪانفرنس جي صدارت ڪرائي ويئي. ضد وڌندا ويا.
هندو- مسلم فساد ٿيا. مجبور ٿي ساڳين ئي ماڻهن سان
ڪانگريس وارن کي سجهوتو ڪرڻو پيو، ليڪن ان وقت
اسان مسلم ليگي هئاسون. آل انڊيا سياسي چيس بورڊ
تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ برسر جنگ هيون. وقتي مصلحتن
خاطر منافقيءَ جو ٺاهه هو. ان ٺاهه کي مضبوط بنائڻ
لاءِ مون استعيفيٰ ڏيئي. مرحوم الهه بخش کي وزارت
۾ آڻي، گڏيل پارٽيءَ جي وزارت ٺهرائي، پر هاڻ
حالتون اسان جي طاقت کان ٻاهر نڪري چڪيون هيون.
سنڌ اندر آل انڊيا سياسي جماعتن جو دخل پيدا ٿي
چڪو هو. انهن جي ٺاهه کانسواءِ مڪاني ٺاهه گهڻو
وقت هلي نه سگهيا. اڳتي هلي، ساڳيءَ طرح مڪاني
سوالن تان اسان جي گروهه جو مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ
سان اختلاف پيدا ٿي پيو. اسان مسلم ليگ کان ٻاهر
نڪري، ترقي پسند گروهه ٺاهيو. ڪانگريس سان مڪاني
سوالن تي ٺاهه ڪري ڪوئليشن ٺاهيسون، ليڪن حالتون
قبضي ۾ اچڻ کان ٻاهر نڪري چڪيون هيون. اسان پنهنجي
هٿن سان عوام ۾ فرقيوار ذهنيت پيدا ڪري چڪا
هئاسون. مسلم ليگ مضبوط ٿي چڪي هئي. مسلمانن ۾
زميندار ۽ ڪامورو طبقو سياسي شعور رکندڙ ۽ طاقتور
هو. انهن ڪانگريس سان ترقي پسندن جي اتحاد کي سندن
طبقاتي مفاد لاءِ نقصانڪار سمجهي، اسان جي سخت
مخالفت ڪئي. مسلم عوام مذهب جي نالي ۾ رجعت پسند
مسلم سياستدانن جو ساٿ ڏنو. اسان کي اسيمبلين ۾
شڪست آئي، ملڪ ورهائجي ٻه ٽڪرا ٿي ويو- "هڪ حصو
ڪانگريس جي حوالي ٿيو ۽ هڪ مسلم ليگ جي حوالي." ان
ٺاهه ۾ ٻنهي جماعتن رضامندو ڏيکاريو. اسان جهڙا
قوم پرست مسلمان وچ ۾ رهجي ويا.
هيءَ پاڪستان بنجڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ رهي پيئي هئي، پر 6
جنوري 1948ع تي، ڪراچيءَ ۾ وڳوڙن ٿيڻ بعد، هندن جو
پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل سمجهي، هوءَ لڏي بمبئي ويئي،
جتي سنه 1952ع کان سنه 1962ع تائين پهريائين بمبئي
ليجسليٽو ڪائونسل ۽ پوءِ مهاراشٽرا ڪائونسل جي
ڊيپوٽي چيئرمين ٿي رهي. سنه 1958ع ۾، بمبئي
ليجسليٽو طرفان انگلينڊ ۾ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري
ايسوسيئيشن جي ميٽنگ لاءِ کيس موڪليو ويو. هن وقت
بمبئيءَ جي نو جيون ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جي
چيئرمين آهي. ان ذريعي ٽن اسڪيمن ۾ هڪ هزار گهر
اڏائي چڪي آهي، جن ۾ ماڻهو ويٺا آهن. چوٿين اسڪيم
۾ 700 گهر زير تعمير آهن. اها هندستان ۾ وڏي ۾ وڏي
ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي چئي وڃي ٿي.
هتي اسان بدليل حالتن ۾، نئين پاڪستاني حڪام سان ملڪ جي تعمير ۽
ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هنن ان
دوستيءَ جي هٿ کي هٽائي ڇڏيو. هوڏانهن لڏي ويل
سنڌي ڪارڪنن مان اڪثريت نئين حالات ۾ ٺهڪي وڃڻ
لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. هڪ نوجوان گروهه پڻ اتي
آهي، جنهن وطن کي نه وساريو آهي. اسان مان ڪيترن
کي ابتدا کان يقين آهي ته سنڌي ڪلچر، زبان ۽ قوميت
کي ايشيا جي مستقبل ۾ هڪ مقام آهي. سنڌ هڪ خاص
پيغام جي حامل آهي، جو نيٺ هن بي آرام ۽ جنگباز
عالمي ماحول ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪندو. اُميد اٿئون ته
جلد موسمون بدلبيون، مانڊاڻا ٿيندا، محبت جا مينهن
وسندا، ٿر بر وسندا، ڏک ويندا، سک ايندا پر ارمان
رهجي ويندو ته شايد مائي صاحبه ۽ ان جي خيال جا
ماڻهو انهيءَ محبتي مانڊاڻ جي سڌڙين مان نه هجن،
جو انهن کان سنڌيت وسري ويل آهي!
"جي قيام مڙن، ته به ڪر اوڏا سپرين،
تهان پوءِ سڄن، واڌايون وصال جون!" (شاهه) |