سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 16

 

11- سيد ميان خير شاهه ولد حاجي ميان امام علي شاهه

(نوابشاهه)

        شاهه صاحب اصل ڪوئيٽا جي ڀر ۾ چئن ميلن جي فاصلي تي پهاڙ جي دامن ۾ ڪراني جي ڳوٺ ۾ رهندڙ سيدن مان آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن بلوچ مريد سنڌ ۾ لڏي آيل هئا، جنهن ڪري هي به اڪثر سنڌ ۾ پيا ايندا هئا. سندن خاندان جا ٻيا ڪيترا سيد بلوچستان ۾ ڊاڍر، مستونگ ۽ جهل مگسي ۾ رهندا آهن انهيءَ خاندان مان اڄ به سيد اورنگ شاهه بلوچستان جي شاهي جرڳي جو ميمبر آهي. سندن خاندان مان ٻيو به هڪ سيد، مير محمد شاهه نالي، پشين ۽ ڪوئيٽا جي جرڳي ۾ هن وقت مکيه ميمبر آهي. سندن مريد سنڌ ۾ ٿرپارڪر، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ خيرپور ضلعن ۾ مري، چانڊيا، جمالي بلوچ ۽ خاصخيلي گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. ميان خير شاهه جي والد ميان امام علي شاهه کان اڳ سندن وڏا پهرين سنڌ ۾ ککري نالي ڳوٺ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڪوئيٽا کان لڏي اچي  ويٺا هئا. ان کان پوءِ شاهه صاحب جو والد ميان امام علي شاهه 1872ع ۾ نوابشاهه ضلعي ۾ زمين خريد ڪري، نوابشاهه جي ڀر ۾ پنجن ميلن تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو. تنهن بعد هي دائمي طور اتي رهڻ لڳا. سندن ڪجهه جايون ۽ ٻي ملڪيت اڃان تائين ڪوئيٽا طرف آهن.

حاجي ميان امام علي شاهه کي ٽي فرزند ٿيا:(1) سيد ميان خير شاهه، (2) سيد حاجي ڪرم شاهه، “(3) سيد حاجي غلام شاهه.

ميان خير شاهه مئي 1904ع ۾ سندن اصل ڳوٺ ڪراني ۾ ڄائو هو. ابتدائي سنڌي تعليم قديم دستور موجب ملا محمد دائود گهانگهري، ويٺل ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقي ڪنڊياري، وٽ ورتائين، پارسي مولوي الهه بخش سيٺر وٽ پڙهيائين. پوءِ کيس زمينداري ڪم تي رکيو ويو. سندس والد 1925ع ۾ وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ گهر ۾ وڏي هئڻ سبب، هو ڪاروبار جو مدارالمهام ٿي رهيو. نوابشاهه جي رهاڪو سيد ميان ٻڍل شاهه سان سندس دوستي ٿي ويئي. ٻنهي جي گڏيل اثر ڪري، هي شهر ۽ آسپاس ۾ چڱو رسوخ حاصل ڪري ويو. هي 1923ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو. 1928ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو، جنهن تي 1945ع تائين رهندو آيو.

        منهنجي شاهه صاحب سان اوائلي واقفيت 17 ڊسمبر 1933ع تي ٿي، جڏهن نوابشاهه ضلعي جي سڀني مک زميندارن جي، جامع مسجد نوابشاهه ۾ منهنجي صدارت هيٺ، ميٽنگ ٿي هئي، جنهن ۾ کيڙا ۽ جتوئي گروپن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ سڀ صاحب ڪٺا ٿيا هئا. ان کان پوءِ سردار نبي بخش خان ڀٽي جي چونڊ وٽ گڏجي ڪم ڪيو هوسون. سنڌ جدا ٿيڻ بعد جنوري 1937ع جي اليڪشن ۾ هيءُ نوابشاهه، سنجهوري تڪ مان سردار محمد لقمان، جنهن کي پير صاحب پاڳاري جي مدد هئي ۽ جو مرزا فرخ بيگ صاحب جو عزيز هو جيڪو ورهين جا ورهيه ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ رهي چڪو هو ۽ مڪاني آفيسرن ۽ آسپاس جي زميندارن سان سٺا تعلقات هئس. تنهن جي مقابلي ۾ شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو.

        سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن سر غلام حسين جي وزارت ٺهي ته هي اسان سان گڏ مخالفت ۾ ويٺو. مارچ 1938ع ۾ انهيءَ وزارت کي شڪست ڏيئي الهه بخش وزارت کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ هيءُ اسان سان گڏ هو. اڳتي هلي اتحاد پارٽي جو الهه بخش وزارت سان ڍلن وڌائڻ جي سوال تان اختلاف ٿي پيو ان ڪري اسان مخالفت ۾ اچي ويٺاسون ته هيءُ به اسان سان به شريڪ هو پوءِ اسان جڏهن مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿياسون ته پاڻ ان جو نوابشاهه ضلعي ۾ مکيه ڪارڪن ٿي رهيو. منزل گاهه مسجد جي سوال تان جڏهن الهه بخش وزارت خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ پيش ٿيو ته ان ۾ هي اسان سان شريڪ هو بلڪه ائين چئجي ته سندس اثر ڪري ميان محمد يوسف خان چانڊيي آخري ووٽ ڏيئي وزارت کي شڪست ڏياري هئي. ان کان پوءِ مسلم ليگ ۾ رهندا آياسون.

        1944ع کان مسلم ليگ جماعت ۽ مسلم ليگ وزارت(جنهن جو وزيراعظم ان وقت سر غلام حسين هو) جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. کهڙو صاحب جيل ۾ هو. مرحوم الهه بخش جي خالي ٿيل اسيمبلي جي جاءِ تي مسلم ليگ طرفان چونڊيل ميمبر احمد خان سڌائي جي وفاتيءَ ڪري شڪارپور تڪ جي جاءِ خالي ٿي ان لاءِ سر غلام حسين هدايت الله سندس فرزند ميان انور حسين هدايت الله کي اميدوار بيهارڻ گهريو. ٻئي طرف صوبه مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري آغا غلام نبي خان پٺاڻ اميدوار هو. آءُ صوبه مسلم ليگ جو صدر هوس. ٽڪيٽ اسان غلام نبي خان کي ڏني ان تان ناراض ٿي سر غالم حسين مير غلام علي خان کي وزير ڪيو، جنهن مسلم ليگ اندر بلوچ گروپ پيدا ڪرڻ جي خيال کان نوابشاهه ۾ خير شاهه جي خلاف بلوچن کي کڙو ڪيو. 1945ع جي آخر ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ ٺهيو، ان تي سيد ميان خير شاهه ۽ ميان غلام نبي خان پٺاڻ به ميمبر هئا. جناح صاحب جي وسيلي سر غلام حسين بورڊ کي نئين سر مقرر ڪرائي ان تي وزارت ۽ جماعت جي طرف جا هڪ جيترا ميمبر رکايا. اڳتي هلي معاملو ان حد تي بيٺو ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ۽ وزارت هڪ ٿي ويا. پوءِ صوبه مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري جنوري 1946ع جي اليڪشن ۾ هڪ ڪليڪٽر کي ڇڙواڳ ڇڏي اسان جي نوابشاهه وارن ميمبرن کي اسلام ۽ مسلم ليگ جي نالي ۾ شڪست ڏياري ويئي. انهن مان سيد خير شاهه به هڪ هو. سال جي  آخر ۾ وري اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون ته گورنر ۽ مسلم ليگ گڏجي اسان جي باقي رهيل ميمبرن کي شڪست ڏياري. شاهه صاحب ان ٻيءَ چونڊ ۾ اميدوار نه بيٺو هو. چي. "نوابشاهه جي ڪليڪٽر مسٽر مسعود گذريل اليڪشن ۾ کليو کلايو موٽرن ۾ چڙهي مسلم ليگ جي اميدوارن جي مدد ڪندو رهيو، اسان جي طرفدارن کي جيل ۾ وڌائين، ڪوڙا ووٽ ڏياري، 110 قلم هيٺ رجوع ٿيل اميدوارن کي چونڊائڻ لاءِ ڪوشش ورتي هئائين، هاڻ ساڳيو ڪليڪٽر ويٺو آهي، حالتون بدليون ڪونه آهن تنهن ڪري اليڪشن ۾ بيهڻ بيڪار هو.

        آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو، 1948ع ۾ خان بهادر کهڙي کي وزارت مان ڊسمس ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پير الاهي بخش وزيراعليٰ ٿي رهيو. بعد ۾ مسٽر يوسف هارون وزيراعليٰ ٿيو. ان وقت نوابشاهه - سنجهورو تڪ جي ميمبر، ميان محمد اعظم جي وفاتيءَ ڪري اسيمبلي جي جڳهه خالي ٿيل هئي. کهڙو صاحب صوبه مسلم ليگ جو صدر هو. کهڙي صاحب قديم تعلقات جي بنياد تي شاهه صاحب کي وري مسلم ليگ ۾ واپس آڻي کيس بنا مخالفت جي ميمبر چونڊرايو. آءُ ۽ منهنجا ٻيا دوست جيڪي هن وقت تائين حالات جي بدلجڻ ڪري مسلم ليگ نظريي جي خلاف ٿي ويا هئاسون، سي ان منزل تي اسيمبلي کان ٻاهر رهياسون.

        1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون، انهن ۾ هي مسلم ليگ طرفان اميدوار بيهي وري چونڊجي آيو. آءُ ۽ منهنجا دوست متحده محاذ طرفان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آياسون. 1954ع جي آخر ۾ خان بهادر کهڙي سنڌ کي زوري پنجاب سان گڏڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ان کان پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبلي جي ميمبرن جون چونڊون ٿيون. شاهه صاحب نوابشاهه ضلعي طرفان ان تي چونڊجي آيو ۽ ريپبليڪن پارٽي ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ اسان متحده محاذ طرفان مسلم ليگ سان ون يونٽ ڊاهڻ لاءِ گفتگو ڪئي، جنهن جون اڪثر ميٽنگون شاهه صاحب جي ڪراچي واري بنگلي تي ٿينديون هيون. اها ڳالهه ٻڌي ريپبلڪن پارٽي به ڳالهيون هلايون ٺهراءُ پيش ٿيڻ بعد ري پبليڪن پارٽي واعدي تان ڦري ويئي ۽ ٺهراءُ تي اسپيڪر جي مدد سان ووٽ وٺڻ کان سواءِ وقت ٽاري ڇڏيو. ان تي اسان ڊاڪٽر خان صاحب جي وزارت جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي جنهن ۾ شاهه صاحب اسان سان گڏجي وزارت خلاف محاذ ٺاهيو. نتيجو اهو نڪتو ته وزارت هلي نه سگهي ۽ ڪجهه وقت لاءِ گورنر حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون ان کان پوءِ سردار عبدالرشيد جي هٿ هيٺ نئين وزارت ٺهي ان اسان سان ڳالهيون ڪري واعدو ڏنو ته هو ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا. مسلم ليگ ته ان ڳالهه ۾ اسان سان اڳي ئي ٻڌل هئي. هاڻ اسان نيشنل عوامي پارٽي جي ورڪنگ ڪميٽي اڳيان آخري فيصلي لاءِ سوال رکيو. ڪميٽيءَ ميان افتخار الدين جي اثر سبب، ساڳين شرطن تي ريپبليڪن پارٽيءَ طرفان ٺهراءَ پاس ڪرائڻ کي ترجيح ڏني، ۽ ون يونٽ خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو. ان وقت مسلم ليگ ناراض ٿي وزارت ڪيرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳي. هنن شاهه صاحب کي چيو ته اوهان جي بنگلي تي ٿيل ڳالهين تان نيشنل عوامي پارٽيءَ وارا ڦري ويا آهن، تنهنڪري اوهان هاڻي اسان جي مدد ڪريو. ليڪن شاهه صاحب منهنجي چوڻ تي سردار عبدالرشيد جي وزارت کي بچايو. ان کان پوءِ هن کي ڊيپوٽي منسٽر ڪري وزارت ۾ رکيو ويو. ميان غلام نبي خان پٺاڻ کي وزير ڪري کنيو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ ريپبليڪن پارٽيءَ وارا، مٿان جي زور بار پوڻ ڪري، واعدي کان ڦري ويا، ۽ ون يونٽ جو سوال مرڪزي اسيمبليءَ ۾ آڻي آئين جي ترميم ڪرائڻ لاءِ تيار نه رهيا. ان تي اسان ريپبليڪن پارٽيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ سان گڏجي وزارت جي مخالفت ڪئي. ان تي سيد ميان خير شاهه ڊيپوٽي منسٽري ڇڏي اچي اسان سان گڏ مخالفت ۾ ويٺو.

مارشل لا ٿيڻ بعد جڏهين ملڪ ۾ حڪومت جو جمهوري سرشتو ختم ڪيو ويو، ته شاهه صاحب ڪناره ڪشش ٿي، ماٺ ۾ رهيو. نئين آئين ٺهڻ بعد جڏهين مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته هي ان لاءِ نوابشاهه ضلعي طرفان اُميدوار بيٺو. ليڪن سندس گروهه مان سيد حسن بخش شاهه، پير ميان زين العابدين کنيارن واري جي اثر ڪري، سندس مخالفت ڪئي، جنهنڪري شاهه صاحب اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي پيو.

شاهه صاحب نظرياتي سياست مان گهڻو واقف نه آهي، ليڪن منجهس ڪي خاصيتون آهن، جي زميندار طبقي جي عام سياستدانن ۾ ڇڊيون هونديون آهن. هي جوشيلو، بي ڊپو، آزاد خيال، بي طمع سياستدان آهي. هر مقابي جي ميدان قائم ٿيڻ بعد هي سڏ ٿي لبيڪ چئي، اچي حاضر ٿيندو آهي، ۽ مخالفت جو ساٿ ڏيندو آهي. ليڪن نوابشاهه جي ضلعي جي سياست عجيب آهي. جيتري قدر انهيءَ ۾ پڙهيل طبقو زيادهه آهي اوتري قدر سياسي فهم گهٽ اٿن. هنن کي اڪثر عيوضي اهو کپي جو سرڪاري گروهه ۾ رهي، سندن ذاتي ڪم سرانجام ڪرائي، جا ڳالهه هميشه ميان خير شاهه صاحب جي طبع وٽان نه رهي آهي.

12- مرحوم سيد ميان محمد علي شاهه

ولد مرحوم سيد ميان الهندو شاهه

(ڊيرو: نوابشاهه)

هي شاهه صاحب مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي مان ليکجڻ ۾ اچن ٿا، جي شايد گذريل هڪ سؤ سالن کان پنهنجي ڳوٺ ڊڀري ۾ رهندڙ آهن. منهنجي سامهون هن وقت شجري موجود نه هئڻ ڪري پوريءَ طرح پتو پئجي نٿو سگهي، ليڪن معلوم ائين ٿئي ٿو ته ميان پوٽي پاڙي جي سخي ابراهيم شاهه جي اولاد مان هڪ شاخ نوابشاهه ضلعي ۾ وڃي ويٺي، جن مان ڦـُـٽي چار شاخون ٿيون: هڪڙا نوابشاهه وارا سيد ٿيا، ٻيا موري وارا سيد ٿيا، ٽيان ڀرين وارا سيد ٿيا، ۽ چوٿين شاخ ڊڀري وارن سيد جي هئي. اسان سن وارا سخي ابراهيم شاهه جي ٻئي فرزند جو اولاد آهيون.

خانبهادر سيد الهندو شاهه وڏو قابل، باهمت ۽ بارسوخ زميندار ٿي گذريو آهي. هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو. سرڪاري عملدارن سان لاڳاپن هئڻ ڪري اسپيشل ماجسٽريٽي مليل هيس ۽ خانبهادريءَ جو خطاب پڻ مليو هوس. نوشهرو مدرسو سندس ڪوشش سان جاري ٿيو. ساهتيءَ جي ٽڪري ۾ جتي چار هندن جا هاءِ اسڪول هجن، اتي هڪ مدرسي جو هئڻ به غنيمت هئي. ان طرف جي مسلمانن کي پڙهڻ لاءِ نوشهرو مدرسو مکيه مرڪز ٿي ڪم آيو. هن 19 آڪٽوبر 1919ع تي وفات ڪئي. شاهه صاحب خلافت هلچل ۾ حصو نه ورتو هو. کيس ٻه فرزند ٿيا: (1) سيد ميان قرارو شاهه، (جنم 1908ع) ۽ (2) سيد ميان محمد علي شاهه (جنم 1912ع).

شاهه ميان الهندي شاهه صاحبزادن جي ابتدائي تعليم لاءِ مولوي ميان فتح محمد سيوهاڻي رکيو هو بعد ۾ هنن کي نوشهري مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو هئائين. ميان محمد علي شاهه نوشهري مدرسي ۾ ميان عثمان علي انصاريءَ جي هٿ هيٺ پڙهيو. ڇهن درجن تائين تعليم ورتائين. 1933ع ڌاري سياسي ڳالهين ۾ حصو  وٺڻ لڳو. پهريائين ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو. 1933ع ۾ سر شاهنواز خان ڀٽي جي ليڊرشپ هيٺ هڪ جماعت پيپلس پارٽيءَ جي نالي سان ٺاهي هئيسون. ان جي پهرينءَ ميٽنگ ۾ 13 جون 1934ع تي شاهه صاحب ڪراچيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ 1934ع جي آخر ۾ هن اسان سان گڏجي نوابشاهه ضلعي ۾ سردار نبي بخش خان ڀٽي جي مرڪزي اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ مدد ڪئي. بعد ۾ هو سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو ميبر ٿيو، ۽ ان جي ٽڪيٽ تي جنوري 1937ع ۾ چونڊجي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. سر غلام حسين جي وزارت ٺهڻ بعد هي اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن سان مخالفت ۾ ويٺو. 1938ع ۾ سر غلام حسين وزارت ڊٺي ۽ الهه بخش وزارت ٺهي، ته هي ان جي اوائلي مددگارن مان هڪ هو. ليڪن جڏهن ڍلن جي سوال تان اتحاد پارٽيءَ الهه بخش وزارت جو ساٿ ڇڏي ڏنو، ته مرحوم الهه بخش سان دوستانه تعلقات ڪري، پاڻ وزارت سان گڏ رهيو.

انهيءَ عرصي ۾ هڪ ڀيرو مسلم ليگ وزارت ٺهي، پوءِ وري 1941ع ۾ الهه بخش وزارت طاقت ۾ آئي، سيپٽمبر 1942ع ۾ الهه بخش سرڪار کي خطاب موٽائي ڏنا. ان تان سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. ان جي جاءِ تي سر غلام حسين وزارت ٺاهي. 14 مئي 1943ع تي مرحوم الهه بخش جي شهادت ٿي. ان کان پوءِ شاهه صاحب اسان سان اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ گڏ رهندو آيو.

1944ع ۾ صوبه مسلم ليگ جا جڏهين سر غلام حسين جي وزارت سان اختلاف پيدا ٿيا، ته هي اسان سان گڏ هو، سگهوئي سر غلام حسين جي وزارت کي اسيمبليءَ ۾ شڪست ملي. ان تي جناح صاحب ڪاوڙجي پيو. مسلمانن جي پڙهيل طبقي طرفان گهر ٿي ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جو حڪم مڃي، سر غلام حسين جي تابع ٿجي. ان ڪري وري اسان سر غلام حسين سان ٺاهه ڪيو، جنهن حاجي مولا بخش کي وزارت مان ڪڍي، ان جي جاءِ تي سيد محمد علي شاهه کي پي ڊبليو. ڊي. وزير مقرر ڪيو. ان کان پوءِ به مسلم ليگ وزارت ۽ صوبه مسلم ليگ جي وچ ۾ اختلاف هلندا آيا، ۽ ان دور ۾ وزيرن مان رڳو هيءُ اسان سان وفادار رهندو آيو.

1945ع جي آخر ۾ نين چونڊن لاءِ ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو، ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وزارت جو طرف وٺي، صوبه سنڌ مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ائڊهاڪ مسلم ليگ ڪاميٽي ٺاهي. ان وقت هن جي ٽڪيٽ رد ڪري، سندس سامهون 110 قلم هيٺ ٻه دفعا سزا يافته ماڻهوءَ کي ٽڪيٽ ڏنائون. اهو ڪم مسلم ليگ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن خود ڪيو. نواب شاهه جي تڏهوڪي ڪليڪٽر کي مسلم ليگ جو جنون ويٺل هو. ان جي دست اندازيءَ ۽ مسلم ليگ اُميدوار کي هر طرح جي مدد ڪرڻ جي باوجود، شاهه صاحب اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. ڪانگريس پارٽيءَ سان ڪوئليشن ڪرڻ ۾ هي اسان سان گڏ هو. ٿوري وقت کان پو”، سر غلام حسين جي وزارت کي اڪثريت نه هئڻ جي نتيجي ۾ گورنر مخالف پارٽيءَ کي وزارت ٺاهڻ جي موقعي ڏيڻ کان سواءِ، اسيمبلي ختم ڪري، نيون چونڊون ڪرايون. ان اليڪشن ۾ مسلم ليگ وزارت، انگريز گورنر جي کليءَ طرفداريءَ سان سرڪاري عملدارن کي ڪتب آڻي، اسلام جي خطري جي نعري ۽ اڻ وڻندڙ طريقن سان اسان کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني. هنن چونڊن ۾ شاهه صاحب به چونڊجي نه سگهيو. ان کان پوءِ سياست کان هي دل شڪستو ٿي پيو. سياست ۾ پوءِ هن جي ڪا نظرياتي وابستگي يا دلچسپي نه رهي.

سنڌ جا اڪثر سياستدانن وانگر هي پاور پاليٽڪس ۾ دلچسپي رکندڙ هو. ليڪن منجهس وفاداري، همت، خوش خلقي، عام ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ ۽ سندن ڪم ڪار ڪرڻ جون خاص لياقتون هيون. هن ڏٺو ته عام ماڻهو جن جي نفعي خاطر اسان وزارت سان اختلاف ڪيا هئا، تن ۾ خود سياسي شعور نه هو، ۽ انهن ڪامورن جي چوڻ تي، ووٽ انهن شخصن کي ڪيو، جي سندن دشمن هئا. از انسواءِ اُن وقت تائين شاهه صاحب تي اهو اثر ويٺل هو ته مسلم ليگ جا مکيه ڪارڪن، اصول پرست، خلق خدا جا خير خواهه ۽  ذاتيات کان مٿي هئا پر جڏهن هن خود انهن جا ڪارناما ڏٺا ٿي ته هي ملڪي حالتن مان نااُميد ٿي پيو ۽ سياست مان دلچسپي ڇڏي ڏنائين.

انهن ئي ڏينهن ۾، شاهه صاحب جيپ جي حادثي ۾ ڪراچيءَ ايندي سخت زخمي ٿي پيو، ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ 8 فيبروري 1948ع تي وفات ڪيائين. کيس هڪ فرزند ميان ظفر علي شاهه آهي، جنهن ايل. ايل. بي. پاس ڪئي آهي. 1956ع ۾ هي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چوندجي آيو هو، ليڪن عمر جي ننڍي هئڻ ڪري ميمبريءَ مان خارج ڪيو ويو. مارشل لا کان پوءِ وري مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ هي ميمبر چونڊجي ويو ۽ اتي ڊيپوٽي اسپيڪر ٿي رهيو. عمر ۾ نوجوان ۽ آسائش طبع هئڻ ڪري، ملڪي سياست ۾ ڪا خاص جڳهه پيدا ڪري نه سگهيو آهي. خدا ڏينهن ڏئيس، قومي درد رکندڙ ۽ لائق نوجوان آهي. قومي خدمت جي ميدان ۾ عملي طور، ڪو حوصلي، همت ۽ ڊگهيءَ نگاهه کان ڪم ورتائين، ته اُميد آهي ته سنڌ جي سياست ۾ آئيندي پاڻ کي ڪافي ڪارآمد ثابت ڪري سگهي ٿو.

سيد ميان قراري شاهه کي هيٺيان فرزند آهي: (1) سيد اصغر علي شاهه، (2) سيد اڪبر علي شاهه، (3) سيد نور محمد شاهه ۽ (4) سيد ابراهيم شاهه،. سيد ميان محمد علي شاهه کي چارفرزند آهن: (1) سيد الهندو شاهه عرف ظفر علي شاهه (2) سيد منور علي شاهه، (3) سيد احمد علي شاهه، ۽ (4) سيد انور علي شاهه.

 

13- سيد نور محمد شاهه ولد سيد ميان مراد علي شاهه

(ڀريا: نوابشاهه)

هيءُ شاهه صاحب مٽياري سيدن جي ميان پوٽي قبيلي مان آهي. سندس والد ميان مراد علي شاهه نوشهري تعلقي ۾ مکيه زميندار هو. ڪجهه وقت هو ضلعي اسڪول بورڊ جو چيئرمين به ٿي رهيو هو. هن پنهنجي زمينداري سڌاري، عام ماڻهن سان لاڳاپا پيدا ڪري، آسپاس ۾ چڱو اثر رسوخ پيدا ڪيو هو. ميرزا فرخ بيگ سان خاص دوستانا تعلقات هوندا هئس. هن، 6 فيبروري 1932ع تي وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند ٿيا: (1) سيد امام علي شاهه، (جنم: 9 جنوري 1919ع)، ۽ (2) سيد نور محمد علي شاهه (جنم: 1 جنوري 1911ع).

نور محمد شاهه صاحب ابتدائي تعليم ڀرين جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. پوءِ ڀريا هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. 1929ع کان 1933ع تائين ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺي، بي. اي. پاس ڪيائين. ميان امام علي شاهه مئٽرڪ پاس ڪئي.

1937ع ۾ سنڌ جدا ٿيڻ بعد چونڊن ۾ ميان نور محمد شاهه نوشهري تعلقي مان پير قربان عليءَ جي مقابلي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. جيتوڻيڪ اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو هو، ليڪن پارٽيءَ جي ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽي جي شڪست ڪري جڏهن سر غلام حسين سنڌ جي وزارت ٺاهي، ته هي خانبهادر کهڙي سان تعلقات هئڻ سبب وزارت جو طرفدار ٿيو، ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ جڏهن الهه بخش وزارت قائم ٿي ته هي پهرين اسان سان گڏ وزارت جو مددگار ٿي رهيو، ۽ ڍلن جي سوال تان جڏهن اسان جا وزارت سان اختلاف ٿيا، ته اسان سان گڏ مخالفت ۾ اچي ويٺو ۽ مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو. 1938ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جي اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو، ۽ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو ميمبر به رهندو آيو. 1931ع ڌاري هي سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ڪراچيءَ جو ڊائريڪٽر چونڊيو ويو ۽ گهڻي وقت تائين رهندو آيو. 1945ع ۾، نوابشاهه ۾ زمينداري بئنڪ قائم ٿي، ۽ ان جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي اڃا تائين رهندو اچي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پڻ لاڳيتو ميمبر هلندو آيو. 1944ع ۾، جڏهن اسان جا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف پيدا ٿيا ۽ اسان مسلم ليگ کان ٻاهر نڪري آياسون، ته هي مسلم ليگ ۾ رهيو، ۽ محمد علي شاهه اسان ان گڏ ٻاهر نڪري آيو.

پاڪستان قائم ٿيڻ کان پو”، 1949ع ۾، يوسف هارون جي وزارت ۾ هي خوراڪ، زراعت ۽ ڪوآپريشن جو وزير ٿي رهيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو نئين سر چونڊون ٿيون، ته هي وري مسلم ليگ ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو. پيرزاده عبدالستار جي وزارت وڌائڻ وقت وري هن کي وزير ڪري کنيو ويو. 9 نومبري 1954ع تي، سنڌ کي پنجاب سان گڏي ون يونٽ بنائڻ جي سوال تان پيرزاده وزارت کي گورنر جنرل پاڪستان، مسٽر غلام محمد، ڊسمس ڪري، کهڙي صاحب کي سندس پروڊا جون پابنديون لاهي، وزيراعليٰ مقرر ڪيو. ان پنهنجي وزارت ۾ شاهه صاحب کي وزير ڪري کنيو، ليڪن اها وزارت گهڻو وقت هلي نه سگهي. سگهوئي مغربي پاڪستان حڪومت ٺهي، ۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ  جون چونڊون 1956ع جي، 19 جنوري تي ٿيون. انهن چونڊن ۾ هي سيد خير شاهه گروهه مان مغربي پاڪستان اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو.

ان وقت ڌاري هن کي فقيريءَ جي لهس لڳي ويئي. سياست ۾ گهٽ حصو وٺڻ لڳو. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڇٽو ايندو هو. هن وقت هي هالن نون جي هڪ ڪوري بزرگ جي اثر هيٺ آيل آهي، جو ڪجهه وقت اڳ خانوٺ جي ڳوٺ تعلقي ڪوٽڙي ۾ رهندو هو ۽ هاڻ گهڻو وقت وٽس ي رهي ٿو. ان اثر ڪري، هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪي جايون ٺهرايون آهن، ۽ خير خيرات ڪري رهيو آهي.

شاهه صاحب، سياسي طرح نظرياتي بنيادن تي تحريڪن ۾ رهي، جماعتن ذريعي ڪم ڪرڻ جو عادي نه رهيو آهي. لاڳاپن، دوستيءَ، مڪاني سهوليتن ۽ مصلحتن جي آڌار تي ئي هن ملڪ جي سياست ۾ پئي حصو ورتو آهي. آرام طبع هئڻ ۽ سياست ۾ سرسري طور دلچسپيءَ وٺڻ ڪري، هي وزارت ۾ رهڻ وقت به ڪي پوئلڳ ميمبر يا ڪا گروپ بنائي نه سگهيو. سياست ۾ هن بمصداق "آئي ته روزي، ويئي ته بلا" طور پئي ڪم ڪيو آهي. هي طبيعت ۾ ڪم آزار، يار ويس، رلڻو ملڻو رهيو آهي. خاموش طبع ۽ محبتي ماڻهو آهي. هن وقت ڪوآپريٽو تحريڪ باغن ۽ زمينداري ڪم ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. کيس هڪ فرزند آهي، سندس نالو سيد مراد علي شاهه، سندس ڀاءُ ميان امام علي شاهه کي ٽي فرزند آهن: (1) سيد غلام علي شاهه، (2) سيد اعجاز علي شاهه، ۽ (3) سيد احتشام علي شاهه.

ڊڀري ۽ ڀرين جي سيدن ۾ ڪڏهن اتفاق ته ڪڏهن مخالفت پئي رهندي آئي آهي، جنهن ڪري اڪثري نقصان به پئي رسيا اٿن. مڪاني حالتون اهڙيون پئي رهيون آهن، جو اهي اختلاف وري وري پئي ٿيا اٿن. هن وقت پاڻ ۾ صلح اٿن، خدا ڪري اهو ديرپا رهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org