ڪجهه وقت کان پوءِ مڪاني هندن کي عقل آيو ته اخر
الهه بخش وزارت رکڻ خاطر ڇو ساريءَ سنڌ جا هندو
بدامنيءَ ۽ نقصان جو ڪارڻ بنجن. تن ڪانگريس ميمبرن
تي زور آڻي، کين مسلم ليگ سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ
مجبور ڪيو. نيٺ سڀني گڏجي، الهه بخش وزارت کي شڪست
ڏيئي، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو. ان ۾ اها
ڳاله نوٽ ڪرڻ جي لائق آهي ته الهه بخش وزارت کي
شڪست ڏيڻ ۾ ٻاويهه هندن جا ووٽ هئا ۽ رڳو اٺ
مسلمانن جا ووٽ هئا. جملي پنجٽيهه مسلمان ميمبرن
مان ستاويهه مسلمان ميمبرن الهه بخش وزرت سان ووٽ
ڪيو ۽ اهو ان لاءِ نه ته الهه بخش وزارت سان محبت
هين، پر سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثر مسلمان ميمبرن جو
حڪومت جي طرفداريءَ ۾ رهڻ پيشو ٿي چڪو هو. جنهن جي
هٿ ۾ لڪڙي هوندي هئي، هي ان جا سلامي هوندا هئا.
لڪڙي هٿ مان نڪري وڃن بعد اڪثر ميمبر ڍنڍ جي پکين
وانگر وري ساوا سر وسائيندا هئا. هي سک جا سانگي
هئا، اصولن ۽ اخلاق جي کين سُتي ڪا نه پيل هئي. ان
عام دستور جا ڏسڻا وائسڻا پير، سيد، قومي سردار،
سياستدان، سفيد ريش، عزت آبرو وارا ميمبر سڀ پوئلڳ
هئا.
مسلم ليگ وزارت طاقت ۾ اچڻ بعد منزل گاهه مسجد، ٽربيونل ذريعي،
فيصلو ڪرائي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ ۽ چند ڪوڙن ڪيسن
۾ ڦاٿل ماڻهن کي خانگي طرح مدد ڏيڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو به ڪم ڪري نه سگهي. آخر ڪجهه ڪري به ڪيئن سگهي
ٿي. ان جو سارو مدار هندو ميمبرن تي هو، جن جا
اقتصادي ۽ سياسي مفاد مسلمانن جي مٿين طبقي جي
ماڻهن سان ٽڪريل هئا. هندن ۾ سياسي شعور زياده هو.
ٻئي طرف مسلمان ميمبرن جي اڪثريت، وزارتن ۽ شخصي
مفاد خاطر، ڪنهن به وقت دغا ڏيڻ لاءِ تيار بيٺي
هوندي هئي.
ان مصيبت کان بچڻ لاءِ مون جملي مسلمان ميمبرن کي هڪ وزارت ۾
آڻي، ٺهراءُ ڪرائڻ جي تجويز سوچي. ليڪن ان ڳالهه
جي ڪانگريس هڪ طرف مخالفت ڪئي، ته ٻئي طرف آل
انڊيا مسلم ليگ ناراض هئي. مون کي خبر هئي ته هتي
جهيڙو ڪفر ۽ اسلام جو ڪو نهو. هي سڀ اختلاف وزارتن
۽ شخصي ۽ طبقاتي مفاد خاطر هئا. ان ڪري جماعتن جي
راضپي جي پرواهه نه ڪري، وزارت مان استعيفا ڏيئي،
الهه بخش کي وزارت ۾ آندم. ٺاهه جي شرطن موجب، جن
کي ٻنهي ڌرين قبوليو هو. الهه بخش جي ڌر جو هڪ
ٻيووزير به وزارت ۾ آڻڻو هو. پر مسلم ليگ وزيرن
مان ڪو به وزير استعيفا ڏيئي، مسلمانن کي گڏ ڪرڻ
لاءِ تيار نه هو. ويتر جناح صاحب کي وڃي ذهن نشين
ڪيائون ته مير بنده علي خان مسلم ليگ ۾ اچي ٿو ۽
ٿوري وقت بعد اسان ساري مسلم ليگ وزارت ٺاهي
وينداسون. مون کي ان ڳالهه جي بي بنياد هجڻ جو
پورو پتو هو. پر ڪنهن به مون کي نه ٻڌو. جڏهين
بجيٽ جو اجلاس آيو، تڏهن مسلم ليگ وزارت کي الهه
بخش گروهه ۽ هندن، وعده وفائي نه ڪرڻ جي بنياد
تي، ڪيرائي ڇڏيو.
وزارت کان ٻاهر نڪرڻ بعد وري مسلم ليگ حشر مچائي ڏنو. اسلام کي
خطرو لاحق ٿي پين. اسان سڀ مخطبوه الحواس ٿي،
فرقيوار زهر پکيڙڻ لڳاسون. پر باوجود ايڏيءَ
ساريءَ پروپيگنڊا جي، مسلمان زميندار ميمبرن تي
ذرو به اثر نه پيو. مسلم ليگ سان ساڳيا ست ميمبر
رهندا آياسون اهي مير ۽ پير ۽ ٻيا، جي اسان سان
هئا، سي وري وڃي نئينءَ وزارت سان شامل ٿيا.
انهيءَ سال 1942ع ۾ سکر ضلعي ۾ ٻوڏون ٿيون. غلام نبي خان ان ۾
سهائتا جو ڪم ڪيو.
ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويئي هئي. ڪانگريس انگريزن سان آزاديءَ لاءِ
تصادم ۾ اچي چڪي هئي. الهه بخش آزاديءَ جي مجاهدن
تي سختيون ٿينديون ڏسي، انگريزن کان مليل لقب
احتجاج طور ڦٽا ڪيا. ان تان گورنر ناراض ٿي، سندس
وزارت کي ڊسمس ڪيو. مخالفت ۾ مسلم ليگ پارٽي هئي.
اخلاقي ۽ جمهوري دستور موجب، گورنر کي انهيءَ
پارٽيءَ جي ليڊر کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرائڻو هو،
پر هن ائين نه ڪيو، بلڪه ساڳئي وزارت جي هڪ وزير،
سر غلام حسين هدايت الله، کي وزارت ٺاهڻ جو حڪم
ڏنائين، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته سنڌ جا مسلمان
ميمبر لڪڙيءَ جا سلامي هئا. هو جنهن کي به مقرر
ڪندو، هي ان جا سلامي ٿي ويندا. پير الاهي بخش اڳ
۾ ئي سندس ليڊر الهه بخش کي ڇڏي، سر غلام حسين سان
شامل ٿي چڪو هو. لاچار ٿي، مسلم ليگ کي به سر غلام
حسين سان شامل ٿيڻو پيو. خانبهادر محمد ايوب کهڙو
۽ محمد هاشم گددر مسلم ليگ طرفان سندس وزرت ۾ شريڪ
ٿيا.
انگريز هن وقت صاف طرح ڪانگريس جي مخالف ٿي چڪا هئا. انهن جو
رخ مسلم ليگ طرف ڏسي، سر غلام حسين ۽ پير الاهي
بخش به مسلم ليگ ۾ شموليت هئي.
سگهوئي مسلم ليگ جون نيون چونڊون ٿيون. اسان فيصلو ڪيو ته ڪم از
ڪم مستقبل کي درست ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ کي ترقي پسند
۽ ايماندار نوجوان گروهه جي قبضي ۾ آندو ُڃي.
انهيءَ ڳالهه جي وزيرن طرفان مخالفت ٿي، جن وزارت
۽ ليگ کي پنهنجي ملڪيت بڻائڻ ٿي گهريو. ليڪن
باوجود انهيءَ جي، اسان ساري صوبي ۾ مسلم ليگ تي
قابض ٿي وياسون.
ٿوري وقت بعد، خانهبادر الهجه بخش جي شهادت ٿيڻ ڪري، هن جي خالي
ٿيل جاءِ تي اسان مسلم ليگ جي طاقت آزمائيءَ لاءِ
خانبهادر احمد خان سڌايي کي اميدوار بيهاريو. ٻئي
طرف خانبهادر حاجي مولا بخش، مرحوم الهه بخش جو
ڀاءُ، اميدوار بيٺو. چار مهينا لاڳيتو مون ۽ آغا
غلام نبي خان سمورو وقت دوستن جي مد سان مسلم ليگ
اميدوار لاءِ ڪم ڪري، ان کي ڪامياب ڪرايو؛ پر
سڌايي صاحب جي حياتيءَ جٽاءُ نه ڪيو ۽ ٻئي سال جي
آخر ۾ وفات ڪري ووي. ساڳيءَ خالي ٿيل جاءِ تي هن
دفعي اسان غلام نبي خان کي اميدوار بيهاريو، جنهن
هن وقت تائين سارو وقت، بنا لالچ جي، پيسو ۽ وقت
صرف ڪري، مسلم ليگ جي خدمت پئي ڪئي هئي، جنهن ڪري
کيس صوبي سنڌ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري به چونڊيو
هئوسون، پر وزيرن اسيمبليءَ کي مورثي ملڪيت بڻائڻ
ٿي گهريو. تنهن ڪري سر غلام حسين سندس فرزند انور
حسين کي ان جاءِ لاءِ اميدوار بيهاريو. اسان مسلم
ليگ ٽڪيٽ غلام نبي خان کي ڏني. ان تي ناراض ٿي، سر
غلام حسين جو وزير اعظم هو، پنهنجو سرڪاري اثر
حاجي مولابخش جي مدد ۾ هلائڻ شروع ڪيو. اها حالت
ڏسي، غلام نبي خان هٿ کڻي ڇڏيو. اسان نالي خاطر
مخالفت ڪرڻ لاءِ پير راحم شاه، پير صاحٻ پاڳاري جي
ڀاءُ، کي اميدوار بيهاريو، پر سرڪاري مخالفت ۽
حاجي صاحب جي اثر ڪري مسلم ليگ اميدوار ڪامياب نه
ٿيو.
ان کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مير غلام الله خان جي وفاتيءَ ڪري
وري اسيمبليءَ جي جاءِ خالي ٿي. وزارتي ڌر سردار
بهادر مير حسين بخش خان ٽالپر کي اميدوار بيهاريو.
اسان صوبي سنڌ مسلم ليگ طرفان سيد قبول محمد شاهه
کي اميدوار بيهاريو. هاڻ کليو کلايو صوبي مسلم
ليگ جماعت ۽ مسلم ليگ وزارت ۾ مقابلو ٿيو. غلام
نبي خان، باوجود شڪارپور اليڪشن جي ٿڪاوٽ جي، جملي
ورڪرن سان صوبي سنڌ مسلم ليگ اميدوار کي مدد ڪرڻ
لاءِ پهچي ويو. آل انديا مسلم ليگ، وزارت کي ناراض
ڪرڻ جي ڀوکان، ڪا به دست اندازي نه ڪئي. باوجدو
گهڻيءَ محنت جي، کليل آفيشل دست اندازيءَ ۽ وزيرن
جي ورڪ ڪرڻ ڪري، اسان کي وري به شڪست ملي.
ان کان پوءِ اسان لاءِ ٻيو چارو نه بچيو. سواءِ هن جي ته عوام
تائين مسلم ليگ جو آواز پهچايون، ۽ ليگ کي نئين سر
منظم ڪريون.
ان ڪم ڪرڻ بعد اسان ايندڙ عام چونڊن لاءِ تياري ڪرڻ واسطي نئون
پارليامينٽري بورڊ چونڊيو. وزيرن کي وري طاقت ۾
اچڻ جي تار لڳل هئي. تنهن لاءِ، سواءِ پنهنجن
پوئلڳ زميندار ميمبرن جي مد جي، هو طاقت ۾ اچي
نٿي سگهيا. ان سلسلي ۾ کين مسلم ليگ ۾ ترقي پسند
گروهه جي ڪثرت تعداد ۾ اچڻ ۽ نئين پارليامينٽري
بورڊ جي ٺهڻ مان خطرو محسوس ٿيو، تنهن ڪري انهن
جناح صاحب کي گهرائي، صوبه پارليامينٽري بورڊ جي
بدلائڻ جي گهر ڪئي. جناح صاحب وزيرن جو طرف
وٺي، پارليامينٽري بورڊ اسان کان بدلائڻ گهريو.
صوبه سملم ليگ جي ڪثرت ان جي خلاف هئي، پر مون کي
جناح صاحب جي صداقت ۽ مسلم ليگ جي صلاحيت ۾
اميدون هيون. ان ڪري صوبه مسلم ليگ کي منٿ ميڙ
ڪري، بورڊ بدلارائي، وزيرن جي ڌر کي جناح صاحب جي
يقين دهانيءَ تي اڪثريت ڏياريم.
ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو، وزيرن جي اڪثريت
وارن ميمبرن، يقين دهانيءَ جي خلاف، ترقي پسند ۽
مخلص مسلم ليگي ڪارڪنن کي ڇڏي، سندن ڇاڙتن کي
ٽڪيٽون ڏيڻ شروع ڪيون. اسان مخالفت ڪئي، وزيرن
مرڪزي پارليامينٽري بورڊ ميمبرن ۽ جناح صاحب کي
پنهنجي مدد لاءِ گهرائي ورتو. انهن کليو کلايو
وزيرن جو طرف ورتو. اسان لاءِ ٻه رستا کليل هئا:
يا مرڪزي ليگ ۽ وزيرن جي جنٽا اڳيان سر نمايون، يا
انڪار ڪريون. اسان پاڻ ۾ ورهائجي وياسون. مون ۽ ڪن
ساٿين انڪار ڪيو. آغا غلام نبي خان ۽ ڪن ٻين هاءِ
ڪمانڊ جي مخالفت ڪرڻ مصلحت ڀري ڳالهه نه سمجهي.
خود اسان جا ذهن صاف نه هئا. ليگ جي اصولن، يعني
مسلمانن جي جداگانه قوميت جي بنياد تي پاڪستان جي
حاصل ڪرڻ جا حامي هئاسون، ليڪن ليگ ليڊر شپ کي
رجعت پسند ۽ غلط سمجهي ان جي مخالفت ڪئيسون ٿي_
جي ٻيئي ڳالهيون متضاد هيون.
1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو. غلام نبي خان سملم ليگ ٽڪيٽ تي جنوري
1950ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. وري به
مسلم ليگ ۾ اختلاف راءِ پيدا ٿي پيو. لياقت علي
خان جي مشوري تي جناح صاحٻ ڪراچيءَ کي سنڌ کان
علحده ڪرڻ گهريو. کهڙو صاحب سنڌ جو وزير اعليٰ هو.
هن مخالفت ڪئي، صوبه سنڌ مسلم ليگ ۽ سنڌ مسلم ليگ
اسيمبليءَ پارٽيءَ مخالفدت ڪئي، پر ڪنهن به نه
ٻڌو. ان تان کهڙي صاحب جي وزارت کي اسيمبليءَ ۾
ميجارٽي هئڻ جي باوجود، ڊسمس ڪيو ويو. غلام نبي
خان کي ڳوٺ نظربند ڪيو ويو. آئون ته اهڙن موقعن
تي اڳيئي نشآنو بڻبو هوس، سو مون کي به ڳوٺ ۾
نظربند ڪري رکيو ويو. پير الاهي بخش کي وڏو وزير
نامزد ڪيو ويو. کهڙي صاحٻ تي پروڊا هيٺ ڪيس هلائي
۽ ٻيا ڪيس ڪري، کيس تنگ ڪيو ويو. اهو سڀ جناح صاحب
۽ لياقت علي خان جي حڪم ۽ نظر هيٺ ٿيو. کين خبر
هئي ته کهڙي صاحب ۽ غلام نبي خان جون مسلم ليگ
لاءِ ڪهڙيون خدمتون هيون ۽ پير صاحب ۽ مير صاحب جن
جو ڪهڙو رڪارڊ هو.
هتي مثال لاءِ ٻه واقعا ناظرينن جي واقفيت لاءِ پيش ڪريان ٿو.
شڪارپور اليڪشن ۾ مسلم ليگ اميدوار کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جڏهن
ڪم پئي ڪيوسون، اونهاري جو چاليهو هو، اتر سنڌ جي
سخت گرمي هئي، رمضان جو مهينو هو، غلام نبي خان
روزو به رکندو هو ۽ مسلم ليگ اميدوار جي مدد لاءِ
سارو ڏينهن گشت به ڪندو هو. باوجود منهنجي منع
جي، پٺاڻ ماڻهو شدت تان نه لٿو. موٽر به سند، خرچ
به سندس، روزي ۾ گهمندو رهيو. هڪ ڏينهن ڪم ڪندي غش
ٿي ويو. کيس واپس جاءِ تي کڻائي آيا. سڀني صلاح
ڏنيسون ته روزو افطار ڪري پر چوي ته ”مري ويندس
ائين نه ڪندس!“ آخر سج لهڻ تائين پاڻي مٿانئس
وجهندي، واءُ هڻندي، ڏينهن گذاريوسون. اهڙيءَ حالت
۾ کيس ڏسي، مشورو ڏڌنومانس ته يا روزا نه رکي يا
گرميءَ وقت ڪم نه ڪري. هن ڪا به صلاح ڪا نه مڃي
جوش عقيدت سانسياسي ڪم لاءِ دک سهڻ معمولي ڪم نه
هو.
وري ٻئي گروهه مان هڪ صاحب جي ڳالهه ٻڌو. ضلعي لوڪل بورڊ جي
پريزيدنٽيءَ جي چونڊ ٿيڻي هئي. ان لاءِ چند هندو
ميمبرن جي ووٽن جي کيس ضرورت هئي، جن شرط وڌو ته
مسلم ليگ تان استعيفا ڏئي. هُن اُن لاءِ نه صرف
مسلم ليگ تان استعيفا ڏني، پر اهڙو پبلڪ بيان ڏنو
جنهن جي اظهار ڪرڻ ۾ به شرم ٿو اچي!
پر مسلم ليگ جي اعليٰ ليڊرن، باوجود انهيءَ علم جي به، ائين ڪيو
جيئن کين وڻيو. ان ۾ ڪهڙيون مصلحتون هين، تن جي
کين خبر. پر هر ذي فهم سنڌيءَ کي انهن ڳالهين جو
پتو پيل هو.
کهڙي صاحب ۽ غلام نبي خان کي اڃا به اسلام ۽ مسلم ليگ جي نالي ۾
برغلائي سگهيا ٿي، ليڪن مون جهڙو حساس دل ماڻهو،
هاڻ انهن ڳالهين ۾ ڦاسڻ کان آزاد ٿي چڪو هو. اسان
مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي انصاف مان اڳيئي اميد
وڃائي ويٺا هئاسون. هاڻ مسلم ليگ جي مقصدن ۽
اسلامي تشريح جو به ڪجهه پتو پوڻ لڳو هو، پر آغا
غلام نبي خان چوڌري خليق الزمان ۽ بيگم لياقت علي
خان جي حرصائڻ تي، وري وڃي مسلم ليگ ۾ ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو. هن کي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي 1949ع کان
1952ع تائين ميمبر ڪري رکيو ويو. 1950ع ۾ هن کي
سنڌ وزارت ۾ وزير ڪري کنيو ويو. انهيءَ وقت ڌاري
1951ع ۾ هن حجھ ڪيو ۽ شام ۾ پاڪستان طرفان وفد ۾
ويو. پوءِ يوسف هارون هن کي، غلام علي خان سان
سمجهوتي ڪرڻ ڪري، وزارت مان ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ
وري ٻئي دفعي خانبهادر کهڙي جي وزارت ۾ هن کي کنيو
ويو.
سگهوئي وزيرن ۾ اختلاف ٿي پيا. پروڊائن جون درخواستون هڪٻين تي
داخل ڪيائون. ميان دين محمد گورنر ان جو فائدو
وٺي، سڀني وزيرن کي ڪڍي، وزارت پنهنجي هٿ ۾ آندي.
سنڌ جي نئين سر مصيبتن جي هاڻ شروعات ٿي. مڪاني ماڻهن کي
نظرانداز ڪري، ٻاهرين کي زمينن ڏيڻ جي شروعات ڪئي
ويئي.
صوبي ۾ نئين سر چونڊن جي تياري ٿي. اڳين وزيرن مان خانبهادر
کهڙي ۽ قاضي فضل الله کي اسيمبليءَ ۾ بيهڻ کان
خارج ڪيوويو. عين انهيءَ وقت جڏهن سر ناظم الدين،
وزير اعظم ۽ صدر مسلم ليگ پاڪستان، چونڊن جي گشت
لاءِ روانو ٿي رهيو هو، ان جي وزارت کي ڊسمس ڪري،
پاڪستان جي آئين کي سسپينڊ ڪري، حڪومت جون واڳون
گورنر جنرل غلام محمد خان پنهنجي هٿ ۾ ورتيون.
پاڪستان ۾ نئين وزارت مسٽر محمد علي بوگرا جي هٿ
هيٺ ٺاهي ويئي.
صوبائي چونڊون ٿي گذريون. 1953ع جي ابتدا ۾ سنڌ ۾ نئين وزرت
پيرزادي عبدالستار جي هٿ هيٺ ٺهي. ان ۾ سواءِ کهڙي
صاحب جي، ٻين ليگي گروهن جا عيوضي وزير ٿيا. ڪم
خير خوبيءَ سان هلندو رهيو. ان دور ۾ اسان مخالفت
۾ ويٺاسون، پر اڪثر ڪمن ۾ اتفاق راءِ سان ڪم هلندو
رهيو. مثلن، ڪراچي سنڌ کي موٽي ملڻ جو ٺهراءُ سنڌ
اسيمبليءَ ۾ پاس ٿي سگهيو، ۽ مرڪزي حڪومت کي سنڌ
جي زمينن، نوڪرين، ڪارخانن ۽ ٻين جائز حقن ڏيڻ جي
سفارش جي درخواست پاس ٿي سگهي. شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ تي سنڌ جي ڪلچرل مرڪز قائم ٿيڻ جي تجويز
پاس ٿي سگهي.
ان وقت آئين ساز اسيمبليءَ ۾ سنڌ کي پنجاب سان گڏي، هڪ يونٽ
ٺاهڻ جي تجويز گورنر جنرل غلام محمد آڻڻ گهري.
پيرزادي عبدالستار ان جي مخالفت ڪئي. گورنر جنرل
کهڙي صاحب کان ون يونٽ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ
مان پاس ڪرائڻ جو شرط قبول ڪرائي، مٿانئس پروڊا
جون پابنديون هٽائي، پيرزادي وزارت کي ڊسمس ڪري،
هن کي بغير سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ ڪري، وزير
اعظم مقرر ڪيو. ان جي وزارت ۾ پير علي محمد شاهه
راشدي، قاضي محمد اڪبر، حاجي مولا بخش سومرو ۽
سيد نور محمد شاهه وزير مقرر ٿيا. مون کي جيل ۾
موڪليو ويو. ڪن تي وارنٽ نڪتا. ڪن تي ڪوڙآ ڪيس
ٿيا. مطلب ته جنهن طريقي سان ون يونٽ جو ٺهراءُ
پاس ڪرايو ويو، تنهن جي سنڌ جي ننڍي وڏي کي خبر
آهي.
آخر ون يونٽ ٺهي. ان ۾ نئين وزارت، ريپبليڪن پارٽِءَ جي سهاري
هيٺ، ڊاڪٽر خانصاحب کان ٺهرائي ويئي. ان ۾ کهڙي
صاحب ۽ ميان ممتاز دولتانه صاحب، ون يونٽ جي مکيه
مددگارن کي نه کنيو ويو.
اسان مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيسون. ۽ مخالفت ۾
ويٺاسون. غلام نبي خان آزاد ميمبر ٿي، اسيمبليءَ ۾
ويٺو. مسلم ليگ پارٽي به مخالفت ۾ ويٺي. تقرين
وزارت ۽ مخالف پارٽيءَ جا ميمبر تعداد ۾ برابر
هئا. اسان ”متحده محاذ“ جا ميمبر چند دوستن جي
همدرديءَ سان فيصله ڪن پوزيشن ۾ هئاسون. مسلم ليگ
وارا طاقت ۾ اچڻ لاءِ آتا هئا. انهن اسان سان
ڳالهيون هلايون، جنهن ۾ اسان کين ون يونٽ ڊاهڻ ۾
اسان جي مد ڪرڻ جو شرط پيش ڪيو. انهيءَ گفتگو
هلائڻ ۾ سيد خير شاهه، نواب شاهه واري ۽ آغا غلام
نبي خان خاص بهرو ورتو. آخر مسلم ليگين اها تجويز
قبول ڪئي. اهڙو ٺهراءُ اسيمبليءَ ۾ آيو. ريپبليڪن
پارٽيءَ وارن خواهه مخواهه تقريرون ڪرائي، وقت
وڃائي، ٺهراءُ ”ٽاڪ آئوٽ“ ڪرائي ڇڏيو. ان تي
اسان ناراض ٿي، سپليمينٽري گرانٽ وقت وزارت جي
مخالفت ڪئي. ڪيترا ميمبر وزارت پارٽي ڇڏي، مخالف
بينچن تي اچي ويٺا هئا. وزارت ميجارٽي نه ڏسي،
هائوس گورنر کان ”پروروگ“ ڪرايو. حڪومت جون واڳون
گورنر ورتيون.
وري ڪجهه وقت ترسي، ريپبليڪن پارٽِءَ کي، سردار عبدالرشيد جي
وزرت عظميٰ جي هٿ هيٺ، طاقت ۾ آندو ويو، جنهن اسان
سان ٺهراءُ جون ڳالهيون ڪيون ۽ ون يونٽ ڊاهڻ جو
عهدنامو لکي ڏنو. اسان مسلم ليگ ۽ ريپبليڪن
پارٽيءَ طرفان ون يونٽ ڊاهڻ جا عهدناما مغربي
پاڪستان نئشنل عوامي پارٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ
اڳيان رکيا. انهن ريپبليڪن پارٽي واري عهدنامي کي
قبول ڪيو، جن ون يونٽ کي ڊآهڻ جو ٺهراءُ مغربي
پاڪستان اسيمبليءَ کان پاس ڪرائي ڏنو. سندن خدماتن
جي ڪري، نئين تبديليءَ ۾، آغا غلام نبي خان پٺاڻ
کي وزير ۽ سيد ميان خير شاهه کي ڊيپوٽي وزير مقرر
ڪرايو ويو.
اسان لاهور کان واپس سنڌ موٽي رهيا هئاسون، ته حسين شهيد
سهروردي جو ان وقت پاڪستان جو وزير اعظم هو ۽
سڪندر ميرزا، گورنر جنرل، اعلان ڪيو ته هو ڪنهن به
صورت ۾ ون يونٽ ڊاهڻ نه ڏيندا. اسان عهدنامي موجب
ريپبليڪن پارٽيءَ تي زور رکيو ته مرڪزي پارليامينٽ
مان، جتي کيس اڪثريت هئي. آئين ترميم ڪرائي، ون
يونٽ ٽوڙائي ڏين. ليڪن اهي ڪيل واعدي کان ڦري ويا.
اسان مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۽ سنڌ جي وزيرن تي
زور رکيو ته پارٽِيءَ تي زور ڏيئي، آئين ترميم
ڪرائي ڏين يا استعيفائون ڏين. هو ٻنهي ڳالهين ۾
ناڪامياب ٿيا.
آخر ان تي سنڌ جي جملي گروهن حيدرآباد ۾ گڏجي، کهڙي صاحب جي
چيئرمينيءَ هيٺ، جو ان وقت مرڪزي حڪومت ۾ محڪمي
دفاع جو وزير بنجي چڪو هو، ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“
ٺاهيو، جنهن جا ميمبر هيٺيان ٿيا.
محمد ايوب کهڙو، چيئرمين، (2) پير شاهه مردان شاهه صاحب
پاڳارو، (3) مخدوم محمد زمان صاحب، هالا، (4) مير
غلام علي خان ٽالپر، وزير مرڪزي حڪومت، (5) قاضي
فضل الله صاحب، وزير مغربي پاڪستان، (6) پيرزاده
عبدالستار صاحب، وزير مغربي پاڪستان، (7) حاجي
مولا بخش صاحب سومرو، وزير مرڪزي حڪومت، (8) آغا
غلام نبي خان، وزير مغربي حڪومت، (9) خانبهادر
غلام محمد خان وساڻ، ميمبر مغربي پاڪستان
اسيمبلي، (10) شيخ عبدالمجيد سنڌي، نائب صدر نئشنل
عوامي ليگ، پاڪستان ۽ (11) جي ايم سيد، ميمبر
مغربي پاڪستان اسيمبلي.
سگهوئي ان کان پوءِ 8 آڪٽوبر 1958ع تي، ملڪ سان مارشل لا لاڳو
ڪيو ويو. مون کي ۽ ٻين نئشنل عوامي پارٽيِءَ جي
ميمبرن کي جيل ۾ موڪليو ويو. کهڙي صاحب کي موٽر جي
ڪيس ۾ جيل ۾ اماڻيو ويو. ٻين سنڌ جي اڪثر
سياستدانن کي ”ايبڊو“ هيٺ سياست کان خارج ڪيو ويو،
جن ۾ قاضي فضل الله، پيرزادو عبدالستار، آغا غلام
نبي خان پٺاڻ ۽ ٻيا شامل هئا.
هن وقت آغا غلام نبي خان ڪجهه وقت زمينن تي ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ ۽
ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪارخاني تي رهي ٿو.
ڊسمبر 1966ع ۾ سندس سياست ۾ حصي وٺن جي بندش جو
مدو پورو ٿيڻ وارو آهي. ان کان پوءِ هي ڪهڙو رويو
وٺي ٿو، ان بابت هن وقت اڳي ڪٿي ڪرڻ بي سود آهي.
هي باهمت، مخلص، محنتي ۽ يار ويس سياسي ڪارڪن آهي. عليڳڙهه
ڪاليج جي تعليم ۽ تربيت ڪري، فرقيوار سياست جي رنگ
۾ رچڻ سبب، مذهب ۽ مسلم ليگ جي نالي ۾، باوجود
ڪيتري تجربي جي، دوکي کائڻ جو منجهس امڪان رهي ٿو.
فرقيوار سياست ۽ سنڌ دوستي ٻيئي متضاد ڳالهيون آهن. خدا کيس
عمر دراز ڏئي. هي گهڻين خوبين جو مالڪ آهي. سندس
جوش جوانيءَ، همت، اخلاص ۽ ملڪي سياست مان حاصل
ڪيل تجربي جي بنا تي، کانئس مهل سر ملڪ ۽ قوم لاءِ
قربانيءَ جي اميد رکي سگهجي ٿي. خدا شل کيس طاقت،
عهدن ۽ خود مطلبين جي آلائشن کان_ جي سنڌي
سياستدانن جو عام پيشو ٿي ويئون آهن. آزاد رکي ۽
سنڌ جي خود اختياريءَ اتحاد ۽ ڪلچرل ترقيءَ لاءِ
ڪارآمد بڻائي.
کيس ۽ سندس ڀائرن کي هيٺيون اولاد آهي:
آغا محمد صديق خان کي صلاح الدين نالي فرزند آهي. جڏهن ته حاجي
محمد نواز خان جا فرزند (1) خالد خان، (2) زبير
خان، ۽ (3) اورنگزيب، ٻئي پاسي آغا غلام نبي خان
کي طارق نالي فرزند آهي.
13 سيٺ پرتابراءِ سيٺ کيسکداس
(ميرپور خاص)
هي صاحب سنڌ جي ڀائيبند ڪلاس جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن ۾، پنهنجي
هوشياريءَ، همت، يار ويسيءَ ۽ وفاداريءَ ڪري ممتاز
درجو رکندو هو. آزاد ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل هندو
ميمبرن جي آزاد هندو پارٽي ٺاهڻ، انهن کي، باوجود
متضاد خواهشن ۽ سڌن جي، گڏي هلائڻ، کين وزارتن
وٺي ڏيڻ، ۽ کانئن مکيه فيصلن ڪرائڻ ۾ اڪثري هن جو
هٿ هوندو هو. عام طرح هن کي پارٽيءَ جي ناني ڪري
سڏيندا هئا. سنڌ ۾ مثال مشهور آهي ”ناني رڌي ڏهٽا
کائين“. ان وانگر محنت ۽ جفاڪشي هي ڪندو هو. ان جو
فائدو ٻين ميمبرن يا سندس ڀائيبند ڪلاس کي پهچندو
هو. هي پنهنجي سر شخصي لالچ، خود مطلبيءَ ۽ خوشامد
کان آزاد هوندو هو.
1937ع جي اسيمبلي چونڊن ۾ هندن مان هڪڙا اميدوار ڪانگريس ٽڪيٽ
تي بيٺا هئا. ٻيا پنهنجي شخصي اثر، پيسي جي آڌار،
لڳ لاڳاپي ۽ مٽين مائٽين سبب آزد طرح اميدوار
بيهي، چونڊجي آيا هئا. ڪانگريس جا ست ميمبر مس
چونڊجي سگهيا هئا، ۽ ٻئي قسم جا چوڏهن ميمبر
چونڊجي آيا هئا. هن گروهه جي هندو سيٺين ميمبرن ۽
مسلمان وڏيرن ميمبرن ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪو نه هو.
هي به تعليم جي لحاظ کان سواءِ ڪن ٿورن جي، معمولي
حيثيت وارا هئا، ۽ شخصي مفاد، خود مطلبيءَ، تنگ
نظريءَ ۽ سرڪار پرستيءَ جا شڪار هئا ۽ سياسي
ڳالهين ۾ صحيح سياسي شعور رکندڙ نه هئا.
البت مسلمان ميمبرن کان ڪن ڳالهين ۾ هو وڌيڪ هوشيار ۽ سمجهدار
هئا. هندو، عامه راءِ، جا اخبارن ذريعي ظاهر ٿيندي
هئي. ان جو لحاظ رکندا هئا. پنهنجي ڀائيبند يا
هندو ڪاموري ڪلاس جي طبقاتي مفاد جو احساس هوندو
هون. جيڪو فيصلو ڪندا هئا، اهو گڏجي گڏيل مقصدن جي
حصول لاءِ ڪندا هئا. سنڌي وڏيرن وانگر، هڪ هڪ ٿي،
ذاتي ۽ شخصي مفاد خاطر، حڪومت يا وزيرن سان سودو
نه ڪندا هئا.
ائين نه آهي ته اها خاصيت هندو ميمبرن ۾ ازخود پيدا ٿي هئي.
دراصل هو به پارٽي اصولن کان سواءِ ذاتي اثڙ هيٺ
چونڊيا هئا. هڪٻين سان گهڻن جا قديم تعلقات به نه
هئا. جواري اٽي وانگر، انهن جو ميلاپ نهايت دشوار
مسئلو هو. هنن جا ذاتي مسئلا علحده متضاد هئا. ڪي
اتر جا ڪي لاڙ جا هئا. ڪي عامل ته ڪي ڀائيبند
سيٺيا هئا. ڪي هوشيار ته ڪي صفا ڳوٺاڻا ڀائيند
هئا. ڪي زميندار، ڪي واپاري، ڪي ڪاموري ڪلاس مان،
ڪي وياج خور، ڪي سرڪاري لقب بردار هئا. مطلب ته وڻ
وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿيا هئا. انهن کي هڪ پارٽيءَ ۾
ملائي هلائڻ ڪو معمولي ڪم ڪو نه هو. جيڪڏهن ان
ساري مسئلي تي غور ڪبو، ته ان لاءِ مڊل ڪلاس هندو
عام راءِ جي اثر ۽ سيٺ پرتابراءِ جي داشمنديءَ ۽
خدمت جو گهڻو دخل ڏسڻ ۾ ايندو. سيٺ پرتابراءِ جي
هن خاص حيثيت جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته ٻيا ميمبر
اڪثر وزيرن ۽ڪامورن وٽ شخصي ڪمن لاءِ درخواستون ۽
عرض کڻي ويندا هئا ۽ بعضي انهن کي منٿون به ڪندا
هئا. هيءُ خودداري، ۽ انهن ڳالهين کان حتي الامڪان
پري هو؛ ان ڪري سڀني ڳالهين ۾، هندو آزاد گروهه جي
ميمبرن ۾ هن کي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو.
سندس راءِ کي اهميت هوندي هئي. هن پارٽي قائم ڪرڻ
۾ اهڙي هوشياريءَ کان ڪم ورتو، جيئن ان ۾ گهڻن
متضاد مفادن کي هڪ حد تائين راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
سگهيو. ميمبرن ۾ ڀائيبندن جو تعداد زياده هو، ان
ڪري ان جو ليڊر سنڌ هندو پئنچات جي مکي گوبند رام
کي چونڊرايائين. لاڙ جي عاملن کي راضي ڪرڻ لاءِ،
هن پارٽِيءَ جو سيڪريٽري نيچلداس وزيراڻيءَ کي
چونڊايو. جڏهين سر غلام حسين کي گورنر وزارت ٺاهڻ
جو حڪم ڏنو ۽ ان طرفان هندو آزاد پارٽِءَ کي وزارت
۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڇ ٿي، ته هن شرط وڌو ته هڪ
وزارت ۽ هڪ اسپيڪريءَ جي جاءِ کين ملندي، ته پوءِ
شريڪ ٿي، وزارت جا مددگار ٿي سگهندا. سر غلام
حسين جي گروهه جا صرف چار ميمبر هئا. ميجارٽي ٺاهڻ
لاءِ هن کي مجبورا اها ڳالهه قبولڻي پيئي. اهڙيءَ
طرح سان هو لاڙ مان وزير مکي گوبند رام کي چونڊائي
سگهيو، ته اترادين کي راضي رکڻ لاءِ اسپيڪر ديوان
بهادر ڀوڄسنگ کي چونڊرايائين.
مسلمانن مان گهڻا ميمبر اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيا
هئا. پر انهيءَ پارٽِيَ جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽
ڊيپوٽي ليڊر ليڊر سر حاجي عبدالله هارون ٻيئي
چونڊن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. باوجود ان جي
به، اتحاد پارٽيءَ جا چوويهه ميمبر چونڊجي آيا
هئا، جن پوءِ گڏجي خانبهادر الهه بخش کي پنهنجو
ليڊڙ چونڊيو هو.
ان هوندي به، مسلمان ميمبرن ۾ پارٽي نظم ۽ ضبط قائم رهي نه
سگهيو، ۽ هو ذاتي لالچن هيٺ، هر سڏ پٺيان ڊوڙندا
رهيا!
هتي سنڌ صوبائي اٽو ناميءَ جي تاريخ جي پڙهندڙن لاءِ هيٺيان
نقطا غور ۽ فڪر جي لائق آهن:
انگريز، جي پاڻ کي جمهوريت جا علمبردار سڏائين ٿا، جن هن ملڪ ۾
جمهوري سرشتو حڪومت جو رائج ڪيو، تن جو تجربيڪار
گورنر، جمهوري اصول کي نظرانداز ڪري، وڏيءَ
پارٽيءَ جي ليڊر کي وزرت ٺاهڻ جي دعوت ڏيڻ عيوض،
سٺ ميمبرن مان چئن ميمبرن جي ليڊر کي وزارت ٺاهڻ
لاءِ گهرائي ٿو. اهو ميمبرن کي لالچون ڏيئي،
ميجارٽي ٺاهڻ شروع ڪري ٿو. پهرين مٿي ذڪر ڪيل
طريقي سان هندن کي پنهنجو طرفدار بڻايائين. پوءِ
اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن مان مير گروه کي وزارت
آڇي، پارٽيءَ کان ٽوڙي، پاڻ سان شامل ڪيائين. ان
کانپوءِ آفيسرن ۽ لالچ جي ذريعي ٻين ميمبرن کي هٿ
ڪرڻ شروع ڪيائين. ازانسواءِ انگريز گورنر يورپي
ميمبرن کي سندس مدد ڪرڻ لاءِ امده ٿو ڪري، اهڙيءَ
طرح سان پهرين سنڌ وزارت وجود ۾ آئي.
ان جا هيٺيان نتيجا نڪتا:
هندو ميمبرن، ڪن عهدن خاطر، غير فرقيوار جماعت يعني اتحاد
پارٽيءَ کي ڇڏي، سر غلام حسين جي گروهه، جنهن جو
نالو ”مسلم پارٽي“ هو ۽ اها فرقيوار بنيادن تي
ٺهيل هئي، ان سان شرڪت ڪئي.
اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل مير ۽ بلوچ ميمبرن وزارت خاطر
پارٽي اصول ٽوڙي، پبلڪ سان ڪيل وعدن جي خلاف،
پارٽي ڇڏي، وڃي وزارت سان شرڪت ڪئي.
آفيسرن معرفت ۽ شخصي لالچن ذريعي ميمبرن کي هٿ ڪرڻ جي ابتدا ٿي.
انگريز ميمبرن ٿورائيءَ واري گروهه جي ماڻهوءَ جي وزارت کي مدد
ڪئي.
اهي سڀ ڪم انگريز گورنر انهيءَ لاءِ ڪيا، جو سر غلام حسين هدايت
الله سندن اعتبار جون واڳون، تربيت يافته ۽
تجربيڪار سياستدان هو. انگريز حاڪم دراصل، سياست
جون اوڳون عوام جي مرضيءَ پٽاندڙ ڏيڻ لاءِ تيار نه
هئا.
انهيءَ لاءِ گورنر نه صرف ايترو ڪيو، پر شاهنواز خان ڀٽي، اتحاد
پارٽيءَ جي ليڊر کي، منٿ ڪري، بمبئي پبلڪ سروس
ڪميشن جي ميمبري قبول ڪرائي، سر غلام حسين لاءِ
وڌيڪ ميدان صاف ڪري ڇڏيو.
انهيءَ وقت جي هڪ مشهور ڳالهه هتي ذڪر ڪرڻ دلسچپيءَ کان خالي نه
ٿيندي. گورنر صاحب، سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ
لاءِ گهرائڻ جي وقت ڌاري، نواب غيبي خان سان
ملاقات ڪئي ۽ پڇيائونس ته ”نواب صاحب
اوهان جو فرزند، مير محمد خان، ڪهڙيءَ پارٽيءَ
سان شامل
ٿيندو؟“ گورنر کي خبر هئي ته مير محمد خان اتحاد
پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل هو؛ تنهنڪري اهڙي
سوال پڇڻ جي معنيٰ صرف اها هئي ته معلوم ڪري ته
جيئن ته نواب غيبي خان لاڙڪاڻي ضلعي جو ويٺل هو، ۽
سر شاهنواز خان سان ذاتي تعلقات هئس؛ تنهنڪري هو
سندس يعني گورنر صاحب جي چوڻ تي ڦري سگهندو يا نه.
نواب غيبي خان ڪهنه مشق ۽ جهانديده ماڻهو هو.
ورهين کان انگريزن سان هن جا تعلقات رهيا هئا. سنڌ
جي جاگيردارن ۽ زميندارن جون اهي پڪيون ۽ پختيون
روايتون ٿي ويئون هيون. هن کي انگريزي طور طريقي
گفتگوءَ جي ڍنگ جو پتو هو. هن يڪدم تاڙي ورتو ته
گورنر صاحب جو اهڙي سوال پڇڻ مان مقصد ڪهڙو هو. هن
يڪدم جواب ڏنو ته ”صاحب، منهنجو فرزند اوهان جي
پارٽيءَ سان آهي.“ تنهن تي گورنر صاحب جواب ڏنس ته
”نواب صاحب، منهنجي ته ڪا پارٽيءَ نه آهي؛ اتحاد
پارٽي سر
شاهنواز خان ڀٽي جي ۽ مسلم پارٽي سر غلام حسين جي
آهي!“ ان تي نواب صاحب جواب ڏنس ته ”صاحب، اسان جو
ڪلاس اوهان جو پيدا ڪيل آهي، اوهان تي مدار رکي
ٿو. اوهان جنهن کي پڳ ٻڌائيندا، اسان ان سان
ٿينداسون. اسان ”هر مير را رعيت“ آهيون“! |