سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 21

 

  

3-مولوي ميان دين محمد"وفائي" ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي

(ڪراچي)

        مولوي صاحب 27 رمضان سن 1311هه مطابق 4 اپريل 1894ع تي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ تولد ٿيو هو. پاڻ ڀٽي قبيلي مان هو. ابتدائي تعليم والد وٽ ورتائين. فارسي"پنندنامه، عطار" تائين پڙهيو. اڃا نو ورهين جو مس هو ته سندس والد گذاري ويو ۽ هن جي پرورش جو بار والده تي پيو. پوءِ هن فارسي مولوي ميان محمد عالم وٽ پڙهي پوري ڪئي. عربي پڙهڻ لاءِ هي سوني جتوئي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ مولوي غلام عمر صاحب جتوئي وٽ ويو، جتي 1325هه کان 1330هه تائين تحصيل ڪيائين. ان وقت سندس عمر اوڻٽيهه ورهيه هئي. سگهوئي پو”، هن پنهنجن سکر جي عزيزن مان شادي ڪئي. سندس اهليه هڪ سال اندر وفات ڪئي.

        عربيءَ جي تحصيل ڪرڻ بعد پنهنجي استاد جي مشوري سان، هيءَ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ 2 سال رهيو. ان زماني ۾ مولوي صاحب جي ملاقات مخدوم حاجي حسن الله صاحب پاٽائيءَ سان ٿي، جو عالم، زاهد ۽ عابد شخص هو جنهن جي صحبت جو مٿس گهڻو اثر پيو. 1322هه مطابق 1914ع ۾ مولوي صاحب ڪراچي مان جيلاني پيرن جي صاحبزادن جي تعليم لاءِ راڻيپور ويو، جتي 1916ع تائين هو. ان عرصي ۾ سکر مان ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد ٿيو. راڻيپور ڇڏڻ کان پوءِ هو ٺلاهه ڏي ويو، جتي پير حاجي امام الدين شاهه راشديءَ جي فرزندن کي پڙهائيندو هو. ان زماني ۾ پير سيد محمد رشدالله شاهه صاحب جهنڊي واري سان ملاقات ٿيس.

        پهرين مهاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ خلافت تحريڪ شروع ٿي ان ۾ هن شرڪت ڪئي. ان وقت مولوي فيض الڪريم موري واري ڪن آفيسرن جي چرچ تي ترڪيءَ جي خليفي خلاف شريف مڪه جي فائدي ۾ هڪ رسالو"تحقيقته الخلافته" لکيو جنهن تي ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان ڪامورن ذريعي صحيحون وٺي ڇپائي، ان کي عام ماڻهن ۾ ورهايو ويو. ان جي رد ۾ مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي نظرداريءَ هيٺ،"وفائي" صاحب رسالو"اظهارالڪرامت" لکي تيار ڪيو جيڪو 7 کان 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي ورهايو ويو.

        سگهوئي پو”، مولوي صاحب کي جمعيت العلماءِ سنڌ جو ناظم مقرر ڪيو ويو جنهن ڪري هو ڪراچي ۾ رهڻ لڳو. مارچ 1920ع کان الوحيد اخبار جاري ٿي. ان ۾ مولوي صاحب اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1923ع ۾ مولوي صاحب ماهوار رسالو"توحيد" جاري ڪيو جنهن ۾ علمي، تاريخي، مذهبي مضمون شايع ٿيڻ لڳا پر ان ڀيري اهو گهڻو وقت هلي نه سگهيو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي. ان وقت الوحيد اخبار طرفان"سنڌ آزاد نمبر" شايع ٿيو. ان جي تيار ڪرڻ ۾ مولوي صاحب خاص دلچسپي ورتي. ان کان اڳ مولوي صاحب 1926ع ۾ سنجوڳي شيخن جي رسمن رواجن ۾ اصلاح آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو. 1927ع ۾ پير جيئل شاهه عرف حزب الله شاهه راشديءَ جي سرپرستي هيٺ مولوي صاحب"الحزب" اخبار جاري ڪئي. اها اخبا ربه گهڻو وقت هلي ڪين سگهي. 1930ع ڌاري مولوي صاحب"الوحيد" ۾ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1934ع ۾ وري"توحيد" رسالو جاري ڪيائين، جو هن ڀيري آخر حياتيءَ تائين هلائيندو رهيو.

        1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطنيءَ کان واپس آيو ۽ سنڌ ۾ شاهه ولي الله دهلويءَ جي تعليم جا مرڪز کوليائين. مولوي صاحب انهن جي ڪاميابيءَ لاءِ سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو. مولوي صاحب جا مرحوم الهه بخش سومري، وزيراعظم سنڌ، سان دوستانه تعلقات هئا. هن وزيراعظمي جي چارج وٺڻ بعد 29 مارچ 1938ع تي پنهنجي حڪومت جي پاليسي بابت هڪ بيان ڪڍيو هو. ان ۾ واعدو ڪيو هئائين ته هو وس آهر مولانا عيبدالله سنڌي کي وطن ڏي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اهڙو ذڪر ڪرڻ ۽ پوءِ مولانا جي اچڻ تي هن جي استقبال لاءِ وڃڻ، وغيره ۾ مٿس مولوي صاحب جي ذاتي اثر جو ڪافي دخل هو. انهيءَ ڪري جڏهن مسلم ليگ ۽ (خان بهادر) الهه بخش جي وچ ۾ اختلاف وڌي ويا ته هن الوحيد مان استعيفيٰ ڏيئي، الهه بخش وزارت طرفان نئين جاري ڪيل اخبار"آزاد" جي ايڊيٽري جو ڪم سنڀاليو.

        باوجود روزانه اخبار جي ايڊيٽر هئڻ، سياسي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ، جمعيت العلماءِ جي نقطه نگاهه کي مشتهر ڪرڻ” شاهه ولي الله مرڪزن جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين اهڙين مشغولين جي، مولوي صاحب مطالعي، تصنيف ۽ تاليف جو گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل ڪتابن مان هيٺيان مکيه ڪتاب آهن: 1- سوانح حضرت محمد مصطفيٰ صلعم 2، سوانح صديق اڪبر رضه 3- سوانح فاروق اعظم رضه 4- سيرت عثمان رضه 5- سيت حيدر ڪرار ڪرم الله وجه 6- سوانح خاتون جنت رضه 7- سوانح غوث اعظم رحه 8- نو مسلم هندو راڻيون 9- راحت الروح، تذڪره نوح 10- توحيد الاسلام(سنڌي ترجمو: "تقويته الايمان") 111- اعتقاد صحيح مذهب اهل حديث 12- مقصد زندگي 13-  الختم عليٰ فم الحضر(رد قادياني) 14- لاجواب تحرير 15- قرآني صداقت 16- هندو ڌرم ۽ قرباني 17- الهام الباري ترجمه تجريدالبخاري(پنج جلد) 18- فتوح الغيب(نامڪمل مسودو) 19- تذڪره مشاهير سنڌ(مسودو) 20- اذڪار حسين(رد شيعه). مٿين ڪتابن مان ڪيترا ڇپيل آهن ۽ ڪي مسودن جي صورت ۾ موجود آهن. انهيءَ سلسلي ۾ هن سنڌ جي قديم ڪتبخانن جهڙوڪ پير صاحب جهنڊي واري، مخدوم صاحب هالن واري ۽ ٻين اهڙن علمي خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ وڃي ڪتاب ۽ مخلوطا پڙهي. نوٽ ورتا هئا. مولوي صاحب فارسي، عربي ۽ سنڌي ٻولين جو ماهر هو نه صرف نثر جو بهترين لکندڙ هو پر شعر به چوندو هو سندس تخلق"وفائي" هو. سندس پهريون شعر ڪراچي ۾ نڪرندڙ ماهوار رسالي"الاسلام" ۾ 1913ع ۾ شايع ٿيو هو."امداد يتيمان" نالي سان هڪ ڪتاب پڻ مولوي صاحب جو تصنيف ڪيل آهي. مولوي صاحب جي آخري تصنيف"لطف اللطيف" هو جو وفاتيءَ کان ٽي مهينا اڳ لکي ختم ڪري، ڇپائڻ ڏنو هئائين، جو سندس انتقال بعد ڇپجي شايع ٿيو.

        مولوي صاحب سان منهنجي واقفيت خلافت جي زماني کان هئي. پوءِ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ هئڻ جي زماني ۾ ڪراچي ۾ رهڻ وقت اها وڌندي ويئي. 1940ع ۾ جڏهن وزير تعليم ٿيس ته سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لا”"سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ" قائم ڪيم. ان ۾ مولوي صاحب کي ميمبر ڪري رکيم. ان سان گڏ سنڌي لغت تيار ڪرڻ لاءِ جاچ ڪاميٽي مقرر ڪئي هيم، ان ۾ مولوي فتح محمد سيوهاڻي، ڄيٺمل پرسرام، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر دائود پوٽو، مولوي دين محمد وفائي صاحب ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. موجوده سنڌي لغت جو پهريون جلد، جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي، ان ۾ ان ڪاميٽيءَ جو گهڻو ڪم ڪيل آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي درسي ڪتابن کي نئين سر تيار ڪرڻ لاءِ 1949ع ۾ هڪ ڪميٽي ٺهي هئي، ان ۾ به مولوي صاحب کي رکيو ويو هو.

        پاڻ 22 جمادي الاآخر 1369 مطابق 1950ع اڱاري رات وفات ڪيائين. کيس 3 فرزند آهن: (1) ميان مظفر وفائي،(2) ميان علي نواز وفائي ۽ 3 ميان شفيع وفائي.

4-ميان عثمان علي ولد ميان هدايت علي انصاري

(شڪارپور: ڪراچي)

        هن جو والد ميان هدايت علي انصاري سهارنپور ضلعي جي جنت آباد(ابنهٽه) ڳوٺ ۾ ڄائو هو. 1870ع ڌاري پوليس جي نوڪري لاءِ سنڌ آيو. 1980ع ۾ سيوهڻ ۾ انسپيڪٽر پوليس هو، جتي وفات ڪيائين. هن جي مستقل رهائش شڪارپور شهر ۾ هئي. هن ميرپورماٿيلي جي رندن مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي ڄايس، ميان عثمان علي 21 آڪٽوبر 1901ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو هو. سندس ولادت کان 2 مهينا اڳ سندس والد جو انتقال ٿيو.

        هن جي ابتدائي تعليم شڪارپور جي سنڌي اسڪول نمبر 2 ۾ ٿي جو اسڪول هاٿي در جي ٻاهران خان بهادر جان محمد جان پٺاڻ جي اوطاق جي ڀر ۾ هو. سندس چاچو شيخ صادق علي مرحوم ان وقت ميهڙ ڊويزن جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو. ان هن کي گهرائي ميهڙ جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ ويهاريو. اتي چار درجا پڙهي، هي موٽي شڪارپور ويو جتي ٻن سالن تائين قاضي بهادر علي شاهه وٽ پارسي پڙهندو رهيو، جتان شيخ صادق علي وري هن کي گهرائي خيرپور ميرس ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو جتي ٿورو وقت رهي وري اچي شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو ۽ 1918ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين.

        سندس "خودنوشته حياتي"مطابق، هو "پڙهڻ جو جڏو ۽ راندين ۾ هوشيار هو." انهيءَ ڪري پڙهڻ کان راندين طرف هن جو وڌيڪ توجهه هوندو هو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هو جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويو پر اتان پڙهڻ کان سواءِ موٽي آيو. ساڳئي سال، آڪٽوبر مهيني ۾ علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو، جتي 1921ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. خلافت تحريڪ جي وقت ۾ جڏهن مهاتما گانڌي ۽ مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي ڳڙهه ويا، تڏهن انهن جي تقريرن کان متاثر ٿي هي هجرت ڪري پشاور ويو، جتان ڪيترين مشڪلاتن سهڻ بعد 12 ڏينهن کان پوءِ هي واپس ڳوٺ پهتو. ان کان پوءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ ماستري ڪيائين.

        بعد ۾ هڪ سال لاءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جتان 1922ع ۾ هي برودا ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو ۽ 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. ساڳي سال وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. اتي تعليم وٺڻ ُقت، هي خانگي پڙهائيءَ مان پئسو ڪمائي، خرچ جي پورائي ڪندو هو. انگلينڊ مان آگسٽ 1925ع ۾ ايم اي جي ڊگري پاس ڪري جرنلزم(صحافت) جي ڊپلوما وٺي. واپس وطن وريو. موٽڻ بعد، "بامبي ڪرانيڪل" اخبار ۾ سيد عبدالله بريلويءَ جي زير نظر ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

        سگهو ئي اتان کيس سر غلام حسين ميرپورخاص مدرسي جو هيڊ ماستر ڪري، سنڌ ۾ نوڪري ڏني، جتي هن 27 نومبر 1925ع  تي چارج ورتي. اتي ٻه سال کن هو، جتان 1927ع ۾ هن جي بدلي نوشهري فيروز ڪئي وئي جتي 1933ع تائين هيڊ ماستر ٿي رهيو. اتان وري کيس بدلي ڪري ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ ٻئي دفعي رکيو ويو جتي 1940ع تائين هيڊ ماستر رهندو آيو. 1940ع تائين رهيو. پوءِ کيس ايس. ٽي ڪاليج ڪراچي جو پرنسپال ڪري رکيو ويو جتان چئن سالن بعد 1950ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿيڻ تي، هي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي آيو جنهن عهدي تان 1957ع ۾ پينشن تي لٿو.

        هي پنهنجي نوشهري مدرسي جي پرنسيپاليءَ جي زماني ۾ سيد محمد علي شاهه مرحوم جو استاد ٿي رهيو هو. اتي جي ٻين خاندانن سان پڻ سٺا تعلقات قائم ڪيائين. هن جا خان بهادر مرحوم الهه بخش ۽ حاجي مولابخش سان به دوستانا تعلقات هئا. هي شڪار ۽ راندين جو خاص شوقين هوندو هو. ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي زميندارن سان دوستانا تعلقات پيدا ٿي ويا هئس.

        منهنجي ساڻس واقفيت 1940ع ۾ وزير تعليم ٿيڻ وقت ٿي، مون تي سندس لياقت ۽ خوش خلقيءَ چڱو اثر پيد اڪيو. جڏهن"سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ" مقرر ڪيم، تڏهن  ان جو هن کي سيڪريٽري مقرر ڪيم. سنڌي لغت تيار ڪرڻ جو ڪم به ٻين عالمن سان گڏ هن جي سپرد ڪيم. ان کان سواءِ ٻين ڪيترين تعليمي ڪاميٽين جو هن کي سيڪريٽري ڪري رکيم: جهڙوڪ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن ڪميٽي، راڳ جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪميٽي، وغيره. جيتوڻيڪ سندس والد يو. پيءَ کان آيل هو، تڏهن به هي پاڻ سنڌيءَ جو پورو ڄاڻو ۽ ان ۾ پوري دلچسپي وٺندڙ ۽ اديب هو، سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر 1951ع ۾ ٺهڻ بعد، ان تي گڏجي ميمبر ٿي ڪم ڪنيوسون. هي انهن ڏينهن ۾ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هو. هن ادبي بورڊ کي زور وٺائڻ لاءِ گهڻيءَ محنت ۽ سرجوشيءَ سان ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ۽ هن جا رايا جد اهئا. شايد تعلقات به ٺيڪ نه هئن، مگر ٻنهي مون سان ادبي بورڊ جي چيئرمينيءَ جي زماني ۾ چڱو تعاون ڪيو. مون کي 10 آڪٽوبر 1959ع کان جنوري 1960ع تائين ڪراچي سينٽرل جيل ۾ نظربند ڪري رکيو ويو. ان عرصي ۾ هيءُ بورڊ جي هڪ سرڪرده ميمبر جي حيثيت ۾ ۽ ميان محمد ابراهيم جويو بورڊ جو ڪاروبار هلائيندا هئا. انصاري صاحب بورڊ جي ٺهڻ وقت به ان جو سيڪريٽري هو، ۽ مارشل لا قائم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن 1961ع ۾ بورڊ جي سيڪريٽري، جويي صاحب، کي سندس اصلوڪي سرڪاري ملازمت تي واپس گهرايو ويو، تڏهن انصاري مرحوم وري به ڪجهه عرصي لاءِ بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو.

ڪراچيءَ ۾ جڏهن به ويندو هوس، ته اڪثر ساڻس ملڻ پيو ٿيندو هو. هن ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، پر سندس قول مطابق، محنت واري ڪم ۾ دل نه لڳڻ سبب هو صرف ٻه ٽي ڪتاب مڪمل ڪري سگهيو جن مان 1- رساو سچل سرمست (سنڌي) هن جو مکيه ڪم ليکي سگهجي ٿو.

هن 2- سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچي ۾ دل جي ٽٽڻ سبب انتقال ڪيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس. عجيب پرذوق، ڳالهين جو ڳهير، لاپرواهه، همت ۽ حوصلي وارو ۽ محبتي مڙس هو. پنهنجي گهر ۽ ٻارن سان بيحد محبت هوندي هيس. سندس اهليه کانئس اڳ وفات ڪئي. سندس پونئير هڪ نياڻي زهرا ۽ هڪ پٽ، فريد، آهن. ٻڌجي پيو ته پاڻ ۾ ڪجهه راس نه آهن. شال پنهنجي ساهه سر صدقي ڪندڙ پيءُ ماءُ جي محبت ۽ رت جي ڳانڍاپي کي ياد ڪري هو قرب جي ڌاڳي کي قائم رکن ۽ خوش گذارين.

5- سرڳواسي مسٽر ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

(حيدرآباد)

سرڳواسي ڀيرو مل عرف عام ۾ ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن مان هو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري هن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو، سو تعريف جي لائق آهي. سنڌين کي جڳائي ته هن بيمثل اديب جو نالو دلين تان نه وسارين.

ڪره زمين تي، جي عظيم الشان ملڪ، جاگرافيائي وحدت، ڪثير آبادي، جمادي ۽ نباتاتي ذخيره پيداوار، قديم تهذيب ۽ تمدن جي نقطه نگاهه کان صف اول ۾ شمار ڪرڻ ۾ اچن ٿا، تن ۾ چين ۽ هند مکيه آهن. جيڪڏهن انهن تي نظر وجهبي ته، معلوم ائين ٿيندو ته چين، باوجود گهڻين بربادين ۽ تباهين جي، وري متحد ٿي، ترقيءَ جي راهه تي هلندي، اقوام عالم ۾ مکيه جڳهه والارڻ لاءِ ڪوشان آهي. مگر ٻئي طرف ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ هندستان اندروني اختلافن ڪري ورهائجي ورهائجي، ڪمزور ٿي، وڃي پست پوندو. ان جا مکيه ڪارڻ ڳوليا، ته ٻه ڏسڻ ۾ ايندا: (1) پنڊت جو هندو ڌرم ۽ ملا جو اسلام، ۽ (2) مختلف ايراضين ۾ رهندڙ قوميتن ۾ باهمي اختلاف ۽ اقتدار لاءِ جنگ ۽ اقتصادي چٽاڀيٽيون، هر ملڪ کي اوج تي رسڻ لاءِ هڪ منظم ۽ زنده قوم جي ضرورت آهي. اهڙي قسم جي قوم هندستان جهڙي برصغير ۾ تيار ٿيڻ لاءِ باهمي ڏي وٺ، رواداري ۽ سمجهوتي جي ضرورت هئي. ماڻهن کي بي حس ۽ بي جان شين وانگر ڪنهن قالب ۾ وجهي، بوتو بنائي نٿو سگهجي. سندسن قومي جوڙجڪ ۾ ذرو به ڏاڍائي، اڳرائي، خود مطلبي ۽ تڪڙ حالتن کي سڌارڻ بدران بگاڙيو ڇڏين. هندستان به انهن خرابين جو شڪار ٿي، مشڪلاتن ۾ اچي ڦاٿو.

قومون ڏينهڪ نٿيون بنجن، بلڪه هزارن ورهين بعد ڪا صورت وٺن ٿوين. سرزمين هند مختلف زبانن، خط زمين، روايات، وسائل پيداوار جي ٽڪرن جو ملڪ آهي، جنهن ۾  مڪاني حالات ۽ حقائق مطابق ننڍيون قوميتون وجود ۾ آيون: جهڙوڪ سنڌي، پنجابي، بنگالي، گجراتي، مرهٽا، تامل، هندي، بلوچي، پختون، وغيره. انهن سڀني کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي عمده مالها بنائڻ لاءِ هيرو لعل وڌيندڙن، وينجهارن جي ضرورت هئي، ليڪن بدقسمتيءَ سان اهو ڪم وڃي مذهبي لوهارن ۽ سياسي ٺاٺارن جي هٿ چڙهيو، جيڪي داڻن کي پوئي ڪٺو ڪري ڪو نه سگهيا. هندستان ورهائجي ٻه حصا ٿيو- هڪ کي ڀارت ڪوٺيو ويو، ٻئي کي پاڪستان. ڀارت ۾ پنڊت واري ڌرم جو دور دورو آهي. پاڪستان ملا واري اسلام جي پيدا ڪيل مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي. ٻنهي مان ٻئي مذهب جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي. سنڌ به انهيءَ لڏپلاڻ کان بچي نه سگهي آهي.

سرزمين سنڌ هڪ اهڙيءَ قوميت جو رهائش گاهه آهي، جنهن کي ماضيءَ جون بهترين روايتون، ڪلچر، حال لاءِ طرز عمل ۽ روشن مستقبل لاءِ ڪي تجويزون آهن. ان وٽ هڪ زنده، زرخيز ۽ بامحاورد زبان آهي، جنهن ۾ سندس اعليٰ ادب جو سرمايو محفوظ آهي. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهين قومي ڪارڪنن، سياستدانن ۽ مدبرن کي اهم پارٽ ادا ڪرڻو ٿو پوي، ته قوم جي مفڪرن، دانشورن ۽ اديبن کي به ان جي ترقيءَ، حفاظت ۽ تعمير لاءِ ڪو ٿورو ڪم ڪو نه ٿو ڪرڻو پوي. گذريل سٺ سالن ۾، هن ڏس ۾ جن مکيه اديبن حصو ورتو آهي، انهن مان ڪاڪو ڀيرومل هڪ هو.

هي صاحب حيدرآباد جي عامل پاڙي جي مشهور آڏواڻي ڪٽنب مان هو. هن جو ڏاڏو ديوان آئل مل اجو مل مختيارڪاريءَ تان پينشن تي لٿو هو. سندس والد، منشي مهرچند، سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو- چاليهه روپيا پگهار هوندو هوس. 1818ع ۾ ويهه روپين جي پينشن تي لٿو، پر سندس انگريز عملدار کيس چڱيءَ طرح نوڪري ڪرڻ تي، 500 ايڪڙ زمين بنا مالڪاڻي جي وٺي ڏني. پينشن تي لهڻ کانپو”، هو سوٽن سان گڏ، ٺيڪا پڻ کڻڻ لڳو. 1905ع ۾ وفات ڪيائين. مسٽر ڀيرومل 1875ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. انگريزي به حيدرآباد ۾ پڙهيائين. ڪهڙا خاص امتحان پاس ڪيائين، ان جو پتو نٿو پئجي سگهي، پر انهيءَ زماني ۾ پڙهائي سٺي هوندي هئي، ان ڪري ٿورا پڙهيل به قابل هوندا هئا. بهرحال، 1895ع ۾، ويهن سالن جي ڄمار ۾، هو سالٽ ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ پنجويهه روپين پگهار تي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1924ع ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جي عهدي تان 300 روپين پگهار تي پينش ورتائين.

انهيءَ وقت اسڪولن ۾ سنڌي مئٽرڪ تائين پڙهائيندا هئا. 1924ع کان پوءِ بي. اي. تائين پڙهائڻ شروع ڪيائون- سا به فقط ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهائي ويندي هئي. 1924ع ۾، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ولايت پڙهڻ لاءِ وڃڻ بعد، هيءُ سنڌي لاءِ اُن ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ۽ 1937ع تائين اُتي ڪم ڪندو رهيو. هو بمبئي يونيورسٽيءَ جو ڪيترن سالن کان سنڌيءَ ۾ ممتحن ٿي رهيو.

هن ايڪسائيز کاتي ۾ اٺاويهه سال ۽ ڪاليج ۾ تيرهن سال نوڪري ڪئي. انهيءَ ايڪيتاليهه سالن جي عرصي ۾ هن پنجيتاليهه ڪتاب تصنيف ڪيا. 1905ع کان وٺي، سنڌي درسي ڪتابن ۾ اٽڪل هڪ سؤ کن سبق هن جا کيل آهن- نظم توڙي نثر ۾. مثلا- "مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو"، "لاباري بابت"، "اجهو اسوءَ جو مهينو آيو، لاباري جو ڪريو سعيو"، ۽ "ماکيءَ جي مک بابت"، "وقت چوي ٿو مان بادشاهه"، وغيره، هن جا لکيل آهن. آخر وقت تائين هي سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جو اڀياس ڪندو رهيو.

برصغير جي ورهاڱي بعد، جيئن اسان کان ٻيا اديب ۽ عالم جدا ٿي ويا، هي به جدا ٿي ويو.

ورهاڱي کان پوءِ ڪجهه وقت هيءُ ڪراچي ۾ رهيل هو، پر گذر جي تنگيءَ ۽ بنگلي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مجبور ٿي، نومبر 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو. 3 جولاءِ 1950ع تي پوني ۾، رستي هلندي، ڌڪ لڳڻ ڪري، هن جي پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيو، ۽ 7 جولاءِ 1950ع تي ساسون اسپتال ۾ وفات ڪيائين. کيس هڪ فرزند ۽ ٽي ڪڪيون هيون. هن جي فرزند جو نالو پرڀداس هو، جو حيدرآباد سول ڪورٽ ۾ سنڌي ڪلارڪ هو، جنهن چاليهه ورهين جي عمر ۾ 1943ع ۾ وفات ڪئي. پرڀداس جي زال ۽ پٽ گوپ ڪولابا بمبئي ۾ رهن ٿا. مسٽر گوپچند بمبئي ۾ اليڪٽرڪ ريڊيو ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو. سندس هڪ ڪڪي پاريتيءَ نالي، مسٽر حشمتراءِ هيراننداڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان هڪ پٽ پرتاب راءِ ۽ ٻه ڪڪيون ڇڏي، 1932ع ۾ وفات ڪري ويئي. پرتاب راءِ سينٽرل ريلوي بمبئي ۾ نوڪري ڪري ٿو. مسٽر حشمتراءِ اڄڪلهه ڪراچي ۾ آهي. سندس ٻي ڪڪي، ڪوشليا عرف پدما، ماسٽر رام. ايڇ. آڏواڻيءَ جي گهر ۾ آهي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ چار ڪڪيون آهن. سندس ٽين ڪڪي، ستي، موهن ولد ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي گهر ۾ هئي، جي ٻيئي زال مڙس گذاري ويل آهن. سندن هڪ پٽ منگهارام موهن هوتچنداڻي گربخشاڻي ٽيهه سالن جي عمر ۾ آهي، جو انڊين ريان ڪارپوريشن ويراوال اسٽيشن ۾ ويونگ سپرنٽينڊنٽ آهي.

سرڳواسي ڀيرو مل جي لڪکيل ڪتابن جي فهرست مان هيٺيان نالا ملي سگهيا آهن:

1- سنڌي گرامر (ويا ڪرڻ) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو. 2- گلقند، 3- گولن جا گوندر، 4- طلسم (ترجمو)، 5- گلزار نثر، 6- نوبهار، 7- آنند سندريڪا، 8- موهني، 9- نئين سنڌي تاريخ، 10- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 11- قديم سنڌ، 12- لطيفي سير، 13- چونڊ ڪلام، 14- ڪاملن جو احوال، 15- سنڌي هندن جي تاريخ- ٻه ڀاڱا، 16- عمر مارئي ۽ ٻين شاهه جي سرن تي ڪتاب ۽ مضمون، 17- انگلينڊ جي تاريخ - ٻه ڀاڱا، 18- موهن جو دڙو (انگريزيءَ ۾)

سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هي ڪتاب شامل آهن: 1- ايٽيمالاجيڪل سنڌي- ٽو- سنڌي ڊڪشنري، 2- هندن جي لڏپلاڻ.

6- محمد هاشم "مخلص" ولد حافظ حامد

(ٽکڙ: حيدرآباد)

هيءُ سنڌ جي مشهور معروف شاعر، حافظ حامد، جو فرزند هو. حافظ حامد ٽن ورهين جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ سبب نابين ٿي پيو. ان جي باوجود هو ميان ولي محمد درس ۽ قاضي ابوالحسن ٽنڊي سائينداد واري کان تعليم وٺي قابل ٿيو، قرآن شريف ياد ڪري حافظ قرآن ٿيو، شعر چوڻ لڳو، جنهن جو ڪجهه حصو "ارمغان حامد" نالي سان ڇپيو آهي، هو شعر ۾ غلام محمد شاهه "گدا"، سنڌ جي مشهور شاعر، جو شاگرد هو، ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار ڪندو هو ۽ کيس خدا سائينءَ اهڙي شناخت ڏني هئي، جو ڪپڙي جي مختلف قسمن جي پرک ڪري ويندو هو، هن جوڌپور رياست جي مڪاني ڄاريلي ۾ 1315هه ۾ وفات ڪئي.

ميان محمد هاشم 1278هه مطابق 1860ع ۾، ٽکڙ جي شهر ۾ ڄائو هو. ڳوٺ جي حافظ محمد يوسف وٽ سنڌي، پارسي ۽ قرآن شريف پڙهيائين، ۽ پوءِ پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي والد کي دڪان جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لڳو.

هو ننڍپڻ کان صحافت جي ڪم ۾ دلچسپي وٺندو هو. ان وقت جي اخبارن، "آفتاب سنڌ" ۽ “خير خواهه" ۾ مضمون لکندو هو. ڪجهه وقت ته "خير خواهه" اخبار جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. 1901ع ۾ اخبار "الحق"، شيخ محمد سليمان واري، ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد آندي ويئي هئي. هو ان ۾ پڻ مضمون لکندو هو- شايد ان جا ڪي ايڊيٽوريل به لکيا هجنس.

1904ع ۾، ٽکڙ جي مشهور عالم، حاجي اسد الله شاهه، جي مدد سان هڪ ماهوار سالو "تحفه احباب" ڪڍڻ شروع ڪيائين، جو چئن پنجن پرچن بعد هلي نه سگهيو. ان ۾ ڪنهن ماڻهوءَ خلاف هن بدناموسيءَ جو مضمون لکيو، جنهن مٿس ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. ان ڪيس ۾ سزا اچڻ جو امڪان هوس، جنهنڪري هي هتان سنڌ مان روپوش ٿي، جوڌپور رياست ۾ وڃي رهڻ لڳو، جتي ٻه سال رهيو. اُتي پاڻ کي حڪيم ناصر عليءَ جي نالي سان سڏايائين ان کان پوءِ هو ڀرڳڙين جي ڳوٺ ڊينگاڻ، جيمس آباد تعلقي ۾ رهڻ لڳو. وڌيڪ ائين معلوم ٿئي ٿئي ٿو ته ڪجهه قت لاءِ هي صوفي قلندر بخش کي فارسي ۽ سنڌي پڙهائڻ لاءِ صوفي حاجي محمد صاحب جي ڳوٺ، ڍوري ناري، ۾ پڻ رهيو هو، جي تعلقات هو آخر تائين قائم رکندو آيو. 1906ع ۾، ٽکڙ جي ڳوٺ مان هڪ رسالو "بهار اعلان" نڪرندو هو، ان ۾ سندس مضمون حڪيم ناصر عليءَ جي نالي سان پوندا هئا. ساڳئي وقت ڪراچيءَ مان هڪ ماهوار رسالو "الاسلام" مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ادارت ۾ نڪرندو هو، ان ۾ به ناصر عليءَ جي نالي ۾ هن جا شعر ڇپبا هئا. ان وقت مٽيارين شهر جي مشهور عالم ميان هدايت الله "مشتاق" هڪ ڪتاب "ڪواڪب السعادات في مناقب سعادات" لکيو هو، جنهن ۾ سيدن جي ساراهه ڪيل هئي. ان جي ڪن مولوين مخالفت ڪئي هئي، جن مان هڪ مولوي احمد صاحب آبڙي وارو هو، جنهن هڪ ننڍو رسالو مخالفت ۾ لکي ڇپايو هو. ان جي جواب ۾ ميان محمد هاشم، ناصر عليءَ جي نالي ۾، هڪ ڪتاب "سيف المسلول" لکي ڇپايو هو، جنهنڪري هن جي گهڻي مشهوري ٿي. سگهوئي رئيس ميان غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ کيس حيدرآباد ۾ گهرايو، جتان "جعفر زٽلي" نالي رسالو ڪڍڻ شروع ڪيائين، جنهن جي، ظرافت ۽ علمي مضمونن ڪري، اهڙي شهرت ٿي، جو ماڻهو اڃا تائين ان جون ڪاپيون محفوظ رکيو ويٺا آهن، اهو رسالو سندس نياڻي ۽ ڀائٽئي، ماستر عبدالرحيم "شائق"، جي نالي ۾ نڪرندو هو، ليڪن منجهس مضمون هن جا پوندا هئا.

نيٺ سال 1913ع ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي ڪوشش سان هن کي ڪيس مان آزادي ملي. ان زماني ۾ رئيس صاحب حيدرآباد مان "الامين" اخبار ڪڍائيندو هو. ميان محمد هاشم ڪجهه وقت ان ۾ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو. جيئن ته هن جي لکڻي سخت هوندي هئي، امڪان هو ته اخبار يا پاڻ کي وري تڪليف ۾ وجهي، تنهن ڪري رئيس صاحب سندس جاءِ تي، الامين اخبار جي ايڊيٽريءَ تي شيخ عبدالمجيد کي رکيو. ان تي هيءُ ناراض ٿي، اخبار ڇڏي ويو، ۽ پنهنجو جدا رسالو، "ڪچڪول" نالي سان ڪڍڻ لڳو، جنهن جا فقط چار پرچا نڪتا. مخلص صاحب کي هجو ۽ نڪته چينيءَ ۾ گهڻي مهارت هوندي هئي، جنهن ۾ بعضي سخت مضمون لکندو هو. ان رسالي ۾ شيخ صاحب جي خلاف سخت شعر ۽ مضمون لکيائين، جن پنهنجي نئين طرز ۽ نوع ڪري چڱي شهرت حاصل ڪئي. انهيءَ رسالي ۾ هن حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان پارسي زبان جي اڀياس جي نڪرڻ خلاف نهايت عمدو مضمون لکيو هو، جنهن جو هيڊنگ هو "بيجان لاش" ان ئي رسالي ۾ مرحوم شمس الدين بلبل جي وفاتيءَ تي نهايت سٺو مضمون لکيو هئائين، جنهن جو هيڊنگ هو "فرياد گل".

ان کان پوءِ ميرپورخاص زميندار ايسوسيئيشن طرفان، "مسلمان" اخبار جاري ٿي. ان جو هي ايڊيٽر مقرر ٿيو. اها هفتيوار اخبار هئي، ۽ سالن جا سال هلي، جنهن ۾ هن پنهنجي قلم جي آخري زور آزمائي ئي. 1933ع تائين اها اخبار نڪرندي رهي.

ميان محمد هاشم "مخلص"، ڀرڳڙي صاحب سان لاڳاپي رکڻ ڪري، هوم رول ليگ “ڪانگريس تحريڪ جي فائدي ۾ مضمون لکيا ۽ حصو ورتو. ساڳيءَ طرح مرحوم ڀرڳڙيءَ طرفان بمبئي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل تجويز، رسائي ۽ لاپي جي بند ڪرڻ جي فائدي ۾ مضمون لکندو رهوي. هن جو قلم تلوار جيئن تکو هوندو هو، جي جوش ۾ اچي ويندو هوس ته ڪنهن تان ڪين ٽرندو هو، ان ڪري سنڌ جا ڪيترا زميندار، پير، اخبارن وارا، سندس نوڪ قلم جا زخمي پئي ٿيا. مرحوم نور محمد نظاماڻيءَ جي اخبار "نورالسلام" ۾ هن جي خلاف شعر ۽ مضمون پوندا هئا. هي ان جا جواب ڏيندو هو. ساڳيءَ طرح ميرپورخاص مان نڪرندڙ اخبار "ميرپورخاص" ۾ مهاشيه گرڏني جي مضمونن جا هن پوريءَ طرح "مسلمان" اخبار ذريعي جواب ڏنا. مولوي فتح محمد صاحب سيوهاڻيءَ، پير محبوب شاهه جهنڊي واري، شمس الدين "بلبل"، پير خدا ڏني شاهه نصرپور واري وغيره جي خلاف هن مضمون لکيا. بعضي سندس هجو تهذيب جي حدن جا ليڪا لنگهي ويندي هئي، پر باوجود ان جي، طرز ۽ نمونو اهڙو سلوڻو هوندو هوس جو ماڻهو سندس اُهي مضمون خوشيءَ سان پڙهندا هئا. سندس ڪي شعر ۽ مضمون نهايت چيدا هوندا هئا، انهن مان ڪيترا مون وٽ ڪتابي صورت ۾ اڃا تائين محفوظ آهن.

منهنجي ساڻس واقفيت سن ۾ مٽياري سادات ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، جتي هن ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيل سيدن جي مرحبا ۾ هڪ شعر پڙهيو هو. اڪثري ڪانفرنس جي موقعن تي کيس دعوت ڏيئي، گهرايو ويندو هو. خلافت ڪانفرنس هجي يا زميندار ڪانفرنس، تبليغ ڪانفرنس هجي يا سوشل ڪانفرنس - "مخلص" صاحب جي موجودگي ضروري ڄاتي ويندي هئي.

هي جهڙو نثر ۾ قابل هو، اهڙو شعر ۾ ماهر هو. سندس قلم طنز، هجو، ظرافت، منظرنگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هـِـجو ۽ ظرافت جي فن ۾ مرحوم نور محمد نظاماڻي ۽ مرحوم "مخلص" سنڌي ادب ۾ استاد سمجهيا ويندا هئا. "مخلص" صاحب کي صحافتي شاعريءَ ۽ نثر نويسيءَ ۾ خاص جڳهه حاصل هئي. سياسي مسئلن تي به چڱا شعر چيا اٿس. خلافت هلچل وقت ترڪن جي فائدي جي شعرن ۽ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ وقت سندس چيل شعرن چڱي شهرت حاصل ڪئي. سندس شعر جو ڪتاب ادبي بورڊ اڳيان ڇپجڻ لاءِ آيو، پر ان جي ڇپڻ لاءِ بورڊ طرفان جيڪي تجويزون پيش ٿيون، ان تي سندس ڀائٽي، ميان محمد خان غنيءَ، جي رضامند نه ٿيڻ ڪري، اهو ڇپجڻ کان رهجي ويو.

آخر عمر ۾ سندس مالي حالت ڪمزور ٿي ويئي ۽ نظر به گهٽجي ويئي. 2- فيبروري 1936ع مطابق 16- شوال 1352هه ۾ هن ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي، جتان کيس ڳوٺ کڻائي ميران شاهه جي مقام ۾ مدفون ڪيو ويو، کيس نرينو اولاد هو. ميان محمد خان "غني" سندس ڀائٽيو آهي، جو سٺو شاعر ۽ نثر نويس آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org