سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 22

 

 

 

7- پير سيد حسام الدين شاهه ولد سيد محمد حامد شاهه راشدي

(لاڙڪاڻو: ڪراچي)

سيد حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشديءَ جو ٻيو نمبر ڀاءُ آهي. هي اُنهيءَ بختاور ڪٽنب مان آهي، جنهن ۾ هڪ والد جا ٻه فرزند هڪ ٻئي کان وڌيڪ امتيازي لياقتن جا مالڪ ٿيا هجن.

سندس جنم خميس ڏينهن، ساڍي ستين بجي صبح جو، 25 رمضان 1329هه، مطابق 20 سيپٽمبر 1911ع تي، نصرت اسٽيشن جي ڀر ۾ راشدي پيرن جي ڳوٺ ۾ ٿيو.

هن ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ وٽ ورتي. ان کان پوءِ هن مولوي محمد الياس پنوهر کان درس ورتو. آخر ۾ مولوي سيد علي شاهه لڪياري ساعدي وٽ پڙهيو. انهن جملي استادن وٽ چار درجا سنڌي ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه تائين حاصل  ڪيائين. فارسي انهن ڏينهن ۾ قديم خاندانن ۾ پڙهڻ ضروري ڄاتي ويندي هئي. ان کان پوءِ انگريزي خانگي طرح نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ پڙهيائين.

هن جو ننڍي هوندي کان وٺي اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ تي شوق هوندو هو، جنهنڪري سندس معلومات وڌندي ويئي. باوجود درسي تعليم گهٽ هئڻ جي، هيءُ مطالعو ۽ محنت ڪري، پاڪستان جي چوٽيءَ وارن عالمن جي درجي تي پهتو آهي، جو هيءُ اڄڪلهه تاريخ ۽ ادب جي ماهرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو.

سندس ڪتب خاني ۾ چونڊ، ناياب ڪتابن جو ذخيرو ڪٺو ٿيل آهي. ڪي ڪتاب وٽس اهڙا به آهن، جي ٻئي ڪنهن خانگي يا پبلڪ لئبرريءَ ۾ مشڪل ملي سگهندا.

ميان علي محمد شاهه به سنڌي ادب جي ماهرن مان  شمار ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ان جو توجهه سياست ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين طرف ڇڪجڻ ڪري، هو ڪن بهترين مضمونن ۽ ننڍن ڪتابن کان سواءِ گهڻا ڪتاب لکي نه سگهيو آهي. پر ميان حسام الدين جو سمورو توجهه ڪتب بيني، تاريخي ۽ علمي کوجنا طرف هو، جنهنڪري سنڌ خواهه پاڪستان ۾ ممتاز درجو حاصل ڪري ويو آهي. هن وقت تائين ڪافي ڪتاب تاليف ۽ تدوين ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن ميان علي محمد شاهه بنا درسي علم جي پنهنجي خداداد ذهني لياقتن جي آڌار تي، پيسي جي ڪميءَ جي باوجود، ملڪي سياست ۾ مکيه درجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، ته هيءُ به، ساڳين حالتن هوندي، سنڌ ۽ پاڪستان جي علمي مرڪزن ۾ اها حيثيت حاصل ڪري ويو آهي، جا ڪن ڇٽن ماڻهن کي نصيب ٿي هوندي.

ٻيئي ڀائر پاڻ ۾ نهايت وفادار رهيا آهن. کين اها سمجهه ۽ محبت عطا ٿيل آهن، جا عام طرح ملڻ مشڪل آهي. ڏٺو ويو آهي، ته اڪثر رشتيدار باهمي حسد ۽ غلط فهمين ۾ گرفتار هوندا آهن، پر باوجود طبيعتن جي جدا هئڻ جي، هنن ۾ مڪمل سمجهوتو پئي رهيو آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته هنن ۾ ڪڏهن ڪا شڪر رنجي ٿي هوندي.

علي محمد شاهه طبيعت ۾ جوشيلو ۽ سخت گير آهي. زود رنج ۽ زود خوش ٿيڻ جون صفتون رکي ٿو. هيءُ ان جي برعڪس ٿڌو، درگذر ڪندڙ، ديرينه طبع ۽ خاموش زندگي گذاريندڙ پئي رهيو آهي. هن جو هجوم سان ملڻ ۽ سنگت رکڻ طرف لاڙو رهيو آهي. هن مخصوص ماڻهن جي دوستيءَ، ۽ تنهائيءَ کي زياده ترجيح ڏني آهي. ٻيئي خوش خوراڪ، خوش پوشاڪ رهيا آهن. ٻنهي جو خانداني روايات ۽ تربيت جي سبب معيارِ زندگي بلند رهيو آهي. هـُـن کي وڌيڪ اولاد پيدا ڪرڻ ۾ خاص مهارت رهي آهي. هن در  يڪتا ٿيڻ پسند ڪيو آهي. علي محمد شاهه سياست ۾ رهڻ ڪري، زياده دلير رهيو آهي. هن ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ سبب دور انديشيءَ کي ترجيح ڏني آهي. علي محمد شاهه جا سياست ۾ رهڻ ڪري، ڪيترا دشمن به لڀي سگهندا، ليڪن هن صاحب جو شاذو نادر ڪو دشمن هوندو. هي جيڪڏهن چاهي ته هر مجلس ۾ پسند پئجي سگهي، ليڪن هن ڄاڻي واڻي پنهنجي همنوا صحبتين جو دائرو محدود پئي رکيو آهي. علي محمد شاهه جيڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙبو آهي، ته ان جوش کي عملي صورت ڏيڻ کان ڪوتاهي نه ڪندو آهي، مگر ميان حسام الدين ٺلهي زباني جوش کان اڳتي نه وڌندو آهي- تنهنڪري هن مان ڪنهن کي شڪايت جو موقعو نه رهندو آهي. علي محمد شاهه سياست ۾، باوجود ڪن خامين ۽ ڪمزورين جي، سنڌ ۾ چوٽيءَ جو سياستدان ٿئي ٿو، ته هـِـن جو نالو ادبي دنيا ۾ محب وطن، ترقي پسند، سمجهدار اديبن جي لسٽ ۾ داخل آهي.

دور انديشيءَ ۽ زمانه شناسيءَ جي صفتن ڪري، ميان حسام الدين سنڌي ادب جي، جا خاموش خدمت ڪري سگهيو آهي، اها ڪنهن جوشيلي، انتها پسند اديب کان  مشڪل ٿي هوندي. دور انديشي ۽ زمانه شناسي ماڻهن کي ابن الوقت بنجڻ طرف مائل ڪندي آهي، ليڪن هن جي طبيعي صلاحيت کيس ان گپ کان آزاد پئي رکيو آهي. ڪجهه وقت کان ڪيترا اديب، مذهبي ڌوڪي ۽ مسلم قوم جي نالي ۾ کڙي ڪيل بتن اڳيان، مصلحت وقت، ملڪي تقاضان، يا ساده فهميءَ ڪري، سربسجود ٻئي ٿيا آهن، پر هن جي پيشاني، باوجود حڪام وقت سان سٺا تعلقات هئڻ جي، پاڪ پئي رهي آهي.

انهيءَ مختصر تعارف کان پو”، سندس زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو ذڪر ڪريان ٿو.

صحافت:

هي اول ۾ اخبار "جاڳڻ"، جا نواب، ميان خالقداد، ڀيو، جاڳڻ جي ڳوٺ نزديڪ شڪارپور مان 1926ع ڌاري ڪڍندو هو، ان جو نامه نگار ٿي رهيو. ان کان پوءِ 1929ع ڌاري، هڪ ماهوار رسالي "المنار" جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ساڳئي وقت ۾ ماهوار اخبار "پيغام" جا مولانا عبدالڪريم چشتي ڪڍندو هو، ان جو نامه نگار پڻ ٿي رهيو. ان کان پو”، خانبهادر کهڙي جي نظر هيٺ سکر مان هڪ اخبار "سنڌ زميندار" نالي نڪرندي هئي، جنهن جو مئنيجر آغا نظر علي هوندو هو، ان اخبار جو هيءُ 1930ع کان 1934ع تائين ايڊيٽر ٿي رهيو. پوءِ سکر مان ميان علي محمد شاهه ۽ هن گڏجي، 1934ع ۾، هڪ هفتيوار اخبار "ستاره سنڌ" جاري ڪئي، جنهن ۾ بهترين علمي، ادبي، تاريخي ۽ سياسي مضمون شايع ٿيندا هئا. ان جو 1937ع تائين هيءُ ايڊيٽر ٿي رهيو. 1941ع ۾ "الوحيد" اخبار ۾، هن بنا نالي جي ڪيترائي مضمون لکيا. 1945ع ۾ "الوحيد" اخبار ۾، هن بنا نالي جا ڪيترائي مضمون لکيا. 1945ع ۾ جڏهن اسان مسلم ليگ کان ٻاهر نڪتاسين، تڏهن قوم پرست مسلمانن جي نقطه نگاهه پيش ڪرڻ لاءِ "قرباني" اخبار جاري ڪئيسين. ان اخبار ۾ ڪيترو وقت بنا نالي جي ميان علي محمد شاهه مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکندو رهيو. ان اخبار ۾ ڪيترن وقتن تي ميان حسام الدين به بنا نالي جي مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکندو هو. جڏهن مسلم ليگ وارن پنهنجا مخصوص ذريعا استعمال ڪري، مون کي سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شڪست ڏياري، ته ان وقت هن جو "قرباني" ۾ لکيل ايڊيٽوريل ادبي شهڪار ڪري ليکجي ته بجا ٿي سگهندو.

ادبي ادارن ۾ شموليت:

"سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ" کي، تڏهوڪي وزير تعليم سنڌ، ميان غلام نبي خان پٺاڻ، 1950ع ۾، نئين سر ٺاهي، سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان هلايو، ته ان ۾ ٽن سالن کان پوءِ 1953ع کان ميان حسام الدين کي ميمبر ڪري رکيو ويو، جنهن تي اڃا تائين هلندو اچي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پو”، جڏهن "انجمن ترقي اردو" جو دفتر دهلي کان مولوي عبدالحق صاحب کڻي ڪراچيءَ ۾ آيو، ته ان بورڊ تي پير صاحب کي شريڪ ڪار ڪيو ويو، جنهن تي اڄ تائين ڪم ڪري رهيو آهي، هي مولوي عبدالحق جي ويجهي ۾ ويجهن دوستن مان هڪ آهي. پاڪستان حڪومت، اردوءَ کي ملڪ جي قومي زبان ٺهرائي، ترقي ڏيارڻ لاءِ هڪ "اردو ڊيولپمينٽ بورڊ" ٺاهيو هو، جنهن تي پير صاحب کي 1958ع کان رکيو ويو، ۽ اڇا تائين ان تي ڪم ڪندو رهي ٿو. نوابزاده لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان جي ياد قائم رکڻ لاءِ حڪومت طرفان لياقت نئشنل لئبرري قائم ڪئي ويئي، جنهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ تي هن کي 1949ع ۾ رکيو ويو، جنهن تي اڃا تائين ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سرڪار 1958ع ۾ نئشنل ميوزيم ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، ان تي اڃا تائين ميمبر رهندو اچي. پاڪستان سرڪار اردوءَ کي زور وٺائڻ لاءِ هڪ "مرڪزي اردو ڊيولپمينٽ بورڊ" قائم ڪيو آهي. 1962ع ۾، هن کي ان تي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ۽ پڻ ميمبر ڪري رکيو ويو آهي، جنهن تي هن وقت تائين ڪم ڪندو رهي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي ائڪيڊيمڪ ڪائونسل تي 1957ع ۾ هن کي ميمبر ڪري رکيو ويو آهي، جنهن جاءِ تي اڃا تائين هلندو اچي ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر 1957ع کان 1958ع تائين رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ تي 1963ع کان 1958ع تائين رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ تي 1963ع کان ميمبر مقصرر ٿيو آهي ۽ اڃا تائين رهندو اچي. لاهور يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيل ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان جو 1963ع کان ميمبر هلندو اچي.

سندس هن وقت تائين ڪيل تصنيفن جو انگ اٽڪل ٽيهاري کن تائين پهچي چڪو آهي.

سير و سياحت:

1952ع ۾ عراق، مصر، لبنان (بيروت)، شام ۽ لنڊن جو سير ڪيائين، جتي قديم تاريخي جڳهن، ميوزمن ۽ ڪتب خانن ڏسڻ جو موقعو ميسر ٿيس، ۽ اتي جي مکيه اديبن سان ملاقاتون ڪيائين. 1956ع ۾ وري هڪ دفعو بغداد، شام ۽ لبنان جي سير تي ويو. 1958ع ۾ افغانستان ويو. 1958ع کان 1962ع تائين فلپائين طرف سير لاءِ ويو، جتي سندس ڀاءُ ميان علي محمد شاهه سفير هو. اتي کيس مشرق بعيد ڏسڻ، ۽ اُتان جي رسم رواج ۽ ماڻهن جي حاصلات معلوم ڪرڻ جو موقعو مليو. 1963ع ۾ وري بغداد جي ٻارهن سؤ ساله جشن ۽ الڪنديءَ جي ورسيءَ ۾ شموليت لاءِ ويو. ساڳئي سال ۾ ايران جي حڪومت طرفان "نشان سپاس" جو  تمعو کيس ڏنو وڳيو. 1964ع ۾، پاڪستان سرڪار طرفان کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو، جتي هن کي مختلف تاريخي مقامات، ۽ ڪتب خانن ۽ نئين طور برپا ڪيل ادارن ۽ شهرن ڏسڻ جو موقعو مليو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه وقت وڃي رهيو، جتان نومبر 1964ع ۾ موٽي آيو.

1964ع ۾ هن کي حڪومت پاڪستان طرفان صدر صاحب "تمغهءِ امتياز" عطا فرمايو.

1965ع ۾ ايران جي وزارت فرهنگ و هنر خاص دعوت ڏيئي، کيس ايران گهرايو، جتي هڪ مهينو (22 آڪٽوبر کان 19 نومبر تائين) رهي، مختلف شهرن ۾ تاريخ تي ليڪچر ڏنائين. انهيءَ موقعي تي شهنشاهه ايران سان سندس خاص طرح اهتمام سان ملاقات ڪرائي ويئي ۽ ڪيترن ايراني شاعرن سندس مدح ۾ قصيدا ۽ قطعا تصنيف ڪيا. 1965ع ۾، جنهن وقت ايران ويو، ان وقت ايران جي شهنشاهه سندس علمي خدمتن جي بناءَ تي کيس "نشان سپاس- درجه اول" جو تمغو ڏنو. 1965ع ۾ کيس پاڪ روس ڪلچرل ائسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني لکندڙن جي وفد ۾ چين جي دوري (20 اپريل تا 15 مئي) تي ويو. مستشرقين جي عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روس، هندستان ۽ آمريڪا ۾ ٿيل اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ کيس دعوت ڏني ويئي، ليڪن خانگي ڪمن سبب وڃي نه سگهيو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان پهلوي ڪتب خاني جي تحت ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس خاص طرح مدعو ڪيو ويو (6 سيپٽمبر تا 16 سيپٽمبر). هو 1966ع ۾ افغان حڪومت جي دعوت تي افغانستان ويو، جتي هن سنڌ ۽ افغانستان جي مشترڪه تاريخ تي مواد هٿ ڪيو.

 

8- مخدوم ميان محمد زمان صاحب،

مخدوم ميان غلام محمد صاحب قريشي

(هالا نوان)

هي صاحب مخدوم نوح عليه الرحمت جو 16 نمبر سجاده نشين آهي. سندس جنم جي تاريخ 9 محرم سنه 1338هه مطابق 16 سيپٽمبر 1919ع آهي.

        پاڻ اول ۾ قرآن شريف درگاه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيائين ۽ ان کان پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻيءَ ۽ آخوند عبدالرحمان وٽ، ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي عبدالحئي ٺيڙهيءَ واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ ورتائين.

        ننڍي هوندي سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيو، جو سندن جدا امجد ۽ والد مرحوم جي ڏينهن ۾ سمورو ڪاروبار سنڀاليندو هو. سندن ڏاڏي مرحوم مخدوم ميان ظهير الدين صاحب سنه 1927ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندن والد درگاهه سروريءَ جو سجاده نشين ٿيو.

        هي پنهنجي والد کي اڪيلو فرزند هو. سنه 1937ع ۾ جڏهن ارڙهن سالن جي عمر کي رسيو ته سندس پهرين شادي ٽنڊي باگي جي پيرن وٽان ٿي، جي به مخدوم نوح عليه الرحمت جي اولاد مان قريشي پير آهن. ٽن سالن بعد سندن اهليه وفات ڪئي. ان مان کيس هڪ فرزند، ميان محمد امين صاحب، ٿيو. ان کان پوءِ مولوي فضل احمد غزنويءَ جي نياڻيءَ سان ڊسمبر سنه 1942ع ۾ شادي ڪيائين.

        سندن والد ميان غلام محمد صاحب 30 ذوالحج سنه 1363هه مطابق 16 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. هي سنه 1945ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيو. ان وقت سندس عمر پنجويهه سال هئي. ٻيو سندس ڪاروبار ساڳيءَ طرح هن جو چاچو ميان غلام حيدر سنڀاليندو رهيو مخدوم ميان غلام حيدر 27 رمضان سنه 1372هه مطابق 9 جون 1953ع تي وفات ڪئي. ان کانپوءِ سمورو ڪاروبار کيس سنڀالڻو پيو.

        مخدوم صاحب کي شاعريءَ ۽ راڳ سان ننڍي هوندي کان شوق هو. پهريائين تخلص ”بيوس“، پوء ”فراقي“، بعد ۾ ”زمان شاهه“ ۽ آخر ۾ سنه 1949ع کان ”طالب الموليٰ“ اختيار ڪيائين.

        پاڻ سنه 1936ع ۾ هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ادبي ڪانفرسون سڏايون ويون. سنه 1937ع ۾ سنڌي خان گوپي جي اثر ڪري راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري هالن ۾ هڪ پريس ”الزمان“ ”پاسبان“ ۽ ”الزام“ نڪرنديون هيون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ مارهوار رسالو ”فردوس“ سندس سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو. 1952ع ۾، ماستر جمع خان ”غريب“ سيتان شهر مان، ماهوار رسالو ”طالب الموليٰ“ سندس سرپرستيءَ هيٺ ڪڍيو. 1952ع کان سندس سرپرستيءَ هيٺ حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو.

        1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراءَ“ نالي سان قائم ٿي. ان ۾ هي دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهن جو 1952ع تي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست چونڊيو ويو. 1957ع ۾ کيس گهوٽڪي ڪانفرنس جي موقعي تي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. جنهن حيثيت سان پاڻ اڃا تائين انهيءَ جماعت سان وابسته رهندو اچي.

        تعليم سان خاص دلچسپي اٿن. ”طالب الموليٰ هاسٽل، هالا“ ۽ ”طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو“ سندس ان دلچسپيءَ جا زنده مثال آهن.

        1954ع ۾ اداره ”روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائين، جنهن جي سهاري هيٺ هالن ۾ راڳ ڪانفرنس 1955ع ۾ سڏايائين، ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرائياني. نومبر 1955ع ۾، ”بزم طالب المولي@“ جو پايو وڌائين، جنهن جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کلي ويون آهن. جنوري 1956ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ لاڙ ادبي ڪانفرنس سندن صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جو 1955 کان ميمبر رهندو آيو. مارشل لاءَ کان پوءِ  بورڊ جي نئين سر تشڪيل ۾ هن کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو. نومبر 1955ع کان شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ٿيو ۽ ان کان پوءِ به انهن تي ميمبر هلندو اچي. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سنڌ جي اڪثر ادبي مجلسن ۾ سندس شرڪت ضروري ڄاڻي، کين دعوت ڏيئي گهرايو ويندو آهي. پاڻ هن وقت تائين 17-18 ڪتاب تصنيف ڪري چڪو آهي، جنهن جي لسٽ رسالي ”مهراڻ“ جي يادگار نمبر 1857ع ۾ ڄاڻايل آهي. جنهن تان ڪجهه بيان هن احوال لاءِ ورتل آهي.

        مخدوم صاحب 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبري تي بنا مقابلي جي چونڊجي آيو. مسلم ليگ وزارتي پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ نه بيٺو. مارشل لا کان پوءِ نئين آئين جي چونڊن ۾ هي مرڪزي اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊجي آيو. مرڪزي اسيمبليءَ جي تازين چونڊن ۾ پڻ مخدوم صاحب ڪامياب ٿي، ان نشست تي فائز رهيو. سندس طبيعت جو اصل لاڙو ادب ۽ ثقافت طرف زياده آهي، پر مڪاني ضرورتن ۽ وقتي مصلحتن جي بناءَ تي هي مجبورا سياست ۾ حصو وٺي ٿو. بدقسمتي سان گهڻي وقت کان سنڌ جي اڪثر خاندانن، سياست عمل جي مدنظر، اقتدار ۾ آيل پارٽيءَ سان ساٿ پئي ڏنو آهي، جا ڳالهه مخلص قومي ڪارڪنن جي نقطه نگاهه کان ملڪ ۽ قوم جي مفاد عام لاءِ مضر پئي رهي آهي. مخدوم صاحب به جڳ جهڙو ٿي پئي رهيو آهي. ان ڪري مٿس ميار رکڻ يا نڪته چيني ڪرڻ ٺيڪ نظر نٿو اچي. هن وقت حالت ان ڪڙيي تي وڃي بيٺي آهي ته سنڌي من حيث القوم سياسي ميدان ۾ شڪست کائي چڪا آهن. وڪاڻن گهوڙن جا ملهه ئي ڪونه ٿيندا آهن. ان ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ جي سياسي پهلو کي ڇڏي، صرف ان جي ادبي ۽ ثقافتي پهلوءَ جو ذڪر ڪيو اٿم.

        دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترا مثال ملن ٿا. جڏهن ڪن قومن کي سياسي ميدان تي شڪست ملڻ جي باوجود، اهي قومون ختم ٿيڻ جي عيوض، ڌڪ جهلي، وري زنده ٿي ويئيون آهن. بشرطيڪه شڪسته خورد، قومن سندن ادب ۽ ثقافت کي مرڻ نه ڏنو. روم جي حاڪمن جو يونان تي قبضو ٿيو. پهرين سمجهڻ ۾ ائين پئي آيو ته يونان ختم ٿي ويندو، ليڪن يونانين جو ڪلچر ۽ ادب سلامت هئڻ ڪري، خود رومن لوڪ يونان جي تهذيب جا پوئلڳ ٿي پيا. يونانين جي سياسي شڪست ثقافتي ڪاميابيءَ ۾ بدلجي ويئي. ساڳي حالت منگولن جي ايران ۽ چين جي فتح ڪرڻ وقت بني. ايراني “چيني ڪلچر ۽ زبان زنده رهڻ ڪري، منگول انهن جي رنگ ۾ رڱجي ويا. اسان به جيڪڏهن هن محاذ ثانيءَ کي محڪم جهلي پنهنجي ڪلچر ۽ زبان کي قائم رکيو اچون، ته عين ممڪن آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ اسان جي سياسي شڪست ڪلچرل ڪاميابيءَ ۾ بدلجي وڃي.

        انهيءَ نقطه نگاهه کان مخدوم صاحب جي سنڌي ادب ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جي ڪوشش اهم درجو رکي ٿي.

        سنڌي ڪلچر، اتحاد انساني ۽ امن عالم جو پيغامبر آهي. سنڌ جا درويش ۽ بزرگ انهيءَ پيغام جا حامل هئا.

        سنڌ جي اديبن کي گهرجي ته مخدوم صاحب جي سياسي مجبورن کي درگذر ڪري، سندس ادبي ڪوششن جي پٺڀرائي ڪن. خدا کيس عمر دراز بخشي ۽ کانئس سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪرائيندو رهي.

        مخدوم صاحب کي پنج فرزند آهن: 1- مخدوم زاده ميان محمد امين صاحب، 2- ميان غلام محمد صاحب، 3- ميان الهه بچايو، 4- ميان عبدالحسين، 5- ميان غلام حيدر.

 

9- سيد عطا حسين شاهه ولد ميان وڌيل شاهه موسوي

(روهڙي)

        شاهه صاحب جن ميرڪي سيدن جي اولاد مان هئا، جي امير ميرڪ شاهه بايزيد حسيني، پوران ڳوٺ، علائقي هرات، جي ويٺل جا اولاد آهن. امير ميرڪ شاهه 928هه، مطابق 1521ع ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو، جنهن کي هو شايد بابر جي درٻار ۾ مليو هجي. هن کي بکر جو گورنر مقرر ڪيو ويو. پوءِ هو اها جاءِ پنهنجي فرزند سيد عبدالباقي پورانيءَ کي ڏيئي قنڌار ويو، جتي وفات ڪيائين. سکر ۽ آسپاس ۾ ڪيترا ميرڪي سيد آهن. ٺٽي ۾ به انهيءَ خاندان جا ڪي فرد هئا. منجهائن اڪثر شيعا فرقي جا آهن: ڪي ٿورا سني به آهن. ميرڪي ساداتن مان سيد مريد علي شاهه مشهور معروف ٿي گذريو آهي. جو ميان عطا حسين شاهه جو ڏاڏو هو.

        سيد مريد علي شاهه کي ميان وڌيل شاهه فرزند ٿيو. هو ابتدا ۾ سنڌي اسڪول جو ماستر هو، جتان آخر ۾ ڊيوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ميان وڌيل شاهه صاحب 12- آگسٽ 1946ع تي وفات فرمائي. کيس ٽي فرزند ٿيا. (1) سيد عطا حسين شاهه، جو آڪٽوبر 1898ع تي تولد ٿيو، (2) سيد عبدالحسين شاهه، جو 2- جنوري 1902ع تي تولد ٿيو، (3) سيد جواد حسين شاهه، جو 3- آڪٽوبر 1906ع تي تولد ٿيو. تعليم کاتي ۾ هئڻ ڪري، ميان وڌيل شاهه صاحب فرزندن کي پوري4 طرح تعليم ڏياري سگهيو. ٽيئي گريجوئيٽ ٿيا.

        ميان عطا حسين شاهه ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾ ئي ڇهه درجا انگريزي پاس ڪيائين. 1917ع ۾ سنڌ مدرسه ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهڻ ويٺو، ۽ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. ڪاليج جو پهريون سال جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهيائين، باقي ٽي سال ڊي - جي- سنڌ ڪاليج ۾ پڙهي، 1921ع ۾ بي. اي  (آنرس) پاس ڪيائين.

        انهيءَ سال کيس ايڊيوڪيشن کاتي ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول جو ماستر مقرر ڪيو ويو. 1923ع ۾، هن بمبئي مان بي. ٽي. جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ هي نوشهره مدرسه ۾ ماستر مقرر ٿيو. ڪجهه وقت بعد، هي نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي بورڊنگ هائوس جو سپرنٽنڊنٽ ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جو ماستر ٿي رهيو. پوءِ اتان بدلي ٿي، ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو، جتي پهرين جون 1927ع، تي کيس هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو ۽ 1929ع تائين اتي ان عهدي تي رهيو. ان وقت ڌاري هن عليڳڙهه يونيورسٽي مان ايم. اي جو امتحان پاس ڪيو. ان بعد کيس ڪجهه وقت لاءِ ملا اسڪولس جو ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو. 1929ع جي آخر ۾ هن کي ضلعي ٿرپارڪر جي اسڪولن جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو 1941ع تائين ڪم ڪندو آيو. 1941ع کان هن کي اپر سنڌ جي اسڪولن جو اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو، جنهن عهدي تي 1947ع تائين رهيو. 1947ع ۾ هن کي زمينداري ڇوڪرن جي اسڪولن لاءِ ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو. جتان کيس اپر سنڌ اسڪولن جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تي اضافو ڏيئي رکيو ويو. 1950ع ۾ هن کي سنڌ جو ڊيپوٽي ڊائريڪٽر اسڪولس مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تان 1953ع ۾ هي پينشن تي لٿو.

        سندس زندگيءَ جي احوال لکڻ لاءِ هن جي جن خاصيتن مون کي آماده ڪيو آهي، انهن مان مکيه هيءَ آهي ته جتي به هن نوڪري ڪئي ته ان حد جي مکيه زميندارن ۽ زيردستن سان هن جيڪي دوستانا تعلقات قائم ڪيا، سي زندگيءَ جي آخر دم تائين نباهيا ۽ قائم رکيائين. رواجي طرح سرڪاري ملازمن جو حال اهو آهي ته جيڪو وقت ڪنهن حد ۾ آهن، ماڻهو کين سڃاڻن، پاڻ ماڻهن سان لاڳاپا رکن ۽ اتان تبديل ٿيڻ بعد سيلاني پکين وانگر اهي ماڳ ئي مٽايو ڇڏين. ليڪن سيد عطا حسين شاهه سائين جدا جنس هئي. ٿرپارڪر ۾ ميان وڏل شاهه وارن سان تعلقات پڇاڙيءَ تائين نباهيندو آيو. بلڙيءَ ۽ ڀٽ جي شجادن سان سندن والد جي زماني کان پيدا ٿيل تعلقات نڀائيندو آيو. جن سان لاڳاپو رکيائين تن سان ڀائرن وانگر شاديءَ غميءَ ۾ شريڪ رهيو نه صرف مرحوم شاهه صاحب پاڻ انهيءَ بي مثل صفت جا حامل هئا، پر سندس ٻه ٻيا ڀائر، ميان عبدالحسين ۽ جواد حسين، به دوستن جي خدمت ڪرڻ، مهل سر ڪم اچڻ ۽ تعلقات کي نباهڻ ۽ قائم رکڻ ۾ نه صرف خوشيءَ بلڪه ان خصلت کي پنهنجي عظيم خانداني ورثي طور سمجهڻ ۽ سنڀالڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. هي سڀئي آزاد خيال، خوش خلق، يارويس، شرافت جا مجسما ۽ ادب جا دلداده پئي رهيا آهن.

        ميان عطا حسين شاهه عمدو ذخيرو قلمي ڪتابن جو گڏ ڪيو. ڪيترا ڪتاب تصنيف به ڪيائين جن مان ”ڪچ ڪوڏيون“ ۽ پير ميان صاحبڏني شاهه بلڙيءَ جي ڪافين جا ڪتاب مکيه آهن. ميان عبدالحسين به تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري 1957ع ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيو. اهو به اتم ادبي ذوق جو ماڻهو آهي. ”ديوان بيدل“، ”سرهاڻ“  ۽ ”سڳنڌ“، ”تفريق“ تقطيع“، ”ديوان بيڪس“ سندس تصنيفن مان مکيه آهن. ميان جواد حسين شاهه پهرين سنڌ سيڪريٽريٽ جي مالي کاتي ۾ ملازم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد هي مغربي پاڪستان سيڪريٽريٽ جي ملازمت ۾ ويو، جتان 1962ع ۾ پينشن تي لٿو. مون سان ٽنهي ڀائرن جي گهڻي وقت کان واقفيت پئي رهي آهي. جا آهستي ٿي وڌي وڃي برادرانه تعلقات تي بيٺي آهي.

        ميان عطا حسين شاهه مرحوم جون 1966ع تي وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند آهن: 1- ميان شفقت حسين شاهه، ۽ 2- امداد حسين شاهه.

        پهريون سنڌ اسيمبليءَ جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊيو ۽ پيرزاده وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري ٿي رهيو. ڪجهه عرصو مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو هو. هو وڪالت ڪندو آهي.

        ميان امداد حسين شاهه ايم. بي. بي. ايس پاس ڪيل آهي، روهڙيءَ ۾ خانگي اسپتال اٿس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org