سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 24

 

 

13- شري لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي

(حيدرآباد: بمبمئي)

        سنڌي ادب جي مکيه ڄاڻن مان سرڳواسي لعل چند هڪ هو. هي 25 جوري 1885ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. ڪانگريس به ان سال ٺهي، ۽ دادا ڄيٺمل پرسرام به انهيءَ سال ۾ جنم ورتو هو.

        هن کي سنڌي گهر ۾ پڙهائي ويئي. پوءِ هيرانند ائڪيڊميءَ ۾ مئٽرڪ تائين انگريزي ۾ تعليم ورتائين. ميٽرڪ 1903ع ۾ پاس ڪيائين. 1904ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهندو به پيو هو ۽ نوڪري به ڪندو هو. 1918ع تائين ائين ڪيائين. ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪيائين. ڪجهه وقت پروفيسر ٿي رهيو. مسلمانن مان ڪيترا پڙهيل کيس استاد ڪري سڏيندا هئا، جن جو هي مدرسي جي نوڪريءَ وقت ماستر ٿي رهيو هو.

        هي صوفي منش، صاف دل، بي تعصب ماڻهو هو. سنڌي ادب جي هن گهڻي خدمت ڪئي. هي پڪو محب وطن هو.

        منهنجي هن ساڻ واقفيت ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ٿيڻ بعد ڪراچي جي ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾ ٿي. دادا جھيٺمل ۽ هي ٻئي گهرا دوست هئا. نيٺ مائٽي به ڳنڍيائون. هن جي هڪ ئي ڪڪي، ستي هئي. ان جو وهانءُ رام جھيٺمل سان ٿيو.

        جڏهن 1940ع ۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو ويو ته ان ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جا ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي، ان جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. هي ڪانگريس هلچل ڪري 1922ع ۾ جيل ۾ به ويو هو ۽ ان ۾ چڱو بهرو وٺندو رهيو. جيل ۾ اندر يا ٻاهر هن ڪيترا ڪتاب لکيا، جن مان مکيه هيٺيان آهن؛ 1- سدا گلاب، 2- سچ تان صدقي، 3- سون ورنيون دليون، 4- ڪشتيءَ جو ڪشٽ، 5- ڦلن مٺ، 6- برونو، 7- ڌکن ڏڌي زندگي، 8- حر مکيءَ جا، 9- رام بادشاهه، 10- پريم جو ٻل، 11- لڳ ننڍو جيءُ گهڻو، 12- ماتمين کي دلداري، 13- حضرت محمد رسول ا: صلعم، 14- شهاڻو شاهه، 15- سچل سرمست، 16- بيرنگي گل جو گل، 2 ڀاڱا، 17- مسافريءَ جو مزو، 18- سنڌي چمن، 19- سر ڪيڏارو، 20- سيڻ ڪي ويڻ، 21- نقد ڌرم، ناٽڪ، 22- عمر مارئي، ناٽڪ، 23- سهڻي ميهار، ناٽڪ، 24- هندستان جي تاريخ، 25- ماڻڪ موتي لال، ان کان سواءِ ڪيترا ڪتاب اڻ ڇپيل لکيا اٿس، جهڙوڪ(1) ميران ناٽڪ، (2) سنڌي ٻولي جو نچوڙ، (3) جيل جي ڊائري، (4) ننڍڙا ناٽڪ، (5) شاهه جا ڪي سر، (6) ساميءَ جا سلوڪ، (7) چوٿ جو چنڊ ڇڏيا اٿس. هن ڪجهه وقت سنڌيءَ ۾ مهراڻ رسالو ادبي بورڊ طرفان 1946ع ۾ هلايو جو وري نئين سنڌي ادبي بورڊ 1951ع ۾ جاري ڪيو.

        پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن اسان جا گهڻا اديب ۽ سنڌي دوست سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ته هي به لاچار ويو. سنڌ مان وڃڻ تي هرگز دل ڪانه هيس. بمبئيءَ ۾ پوءِ ساڻس ٻه دفعا منهنجي ملاقات ٿي. هن روزگار جي معاملي ۾ گهڻي تنگدسي ڏٺي، پر وات مان ڪڏهين به ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍيائين، صبر جا ڀنڊار هئس. سانگيءَـ چيو آه ته

جي هجي رهڻ لاءِ لانڍي ڪکن جي،

ته به ڏيکارجي ٻين کي لوڏ لکن جي.

اها ڳالهه هن سان ٺهڪي آئي ٿي.

        1930ع ڌاري، لعل چند،   حيٺمل ۽ ٻين گڏجي سنڌي ساهت سوسائٽي برپا ڪئي هئي. ان جي پهرين ميٽنگ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٿي، ان ۾ آءُ به ويو هوس. شاهه لطيف جي پهرين ورسي 1932ع ۾ ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه تي سڏائي هئي. ان تي هيءُ اسان سان گڏ هو. سنڌ هاري ڪاميٽي ٺهڻ وقت ميرپورخاص ۾ به هي اسان سان شامل ٿيو هو.

18- اپريل 1954ع تي هن وفات ڪئي. سندس وصيت موجب سندس سنک 12 ڊسمبر 1955 ع تي سنڌ ۾ موڪليا ويا، جي 18 اپريل 1956ع تي سنڌو نديءَ ۾ حيدرآباد جي ڀر ۾ پرواهه ڪيا ويا، جنهن ۾ سنڌ جي گهڻن هندو توڙي مسلمانن حصو ورتو.

14- شيخ مبارڪ ولد غلام حسين”اياز“ شيخ

(شڪارپور سکر)

        هي شڪارپور شهر ۾ 23 مارچ 1923ع ۾ ڄائو، هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم شڪارپور۾ ورتي. ميٽرڪ شڪارپور هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، پوءِ ڊي، جي سنڌ ڪاليج مان بي، اي فلاسافيءَ ۾ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل ايل بي جي ڊگري ورتائين.

        هي شيخ واجد علي، ايڊووڪيت، منزل گاهه مسجد واري ستياگرهه هلچل جي ڊڪٽيٽر، جي پاڙي مان آهي. هن 1950ع ۾ وڪالت پاس ڪئي. ڪراچي شهر ۾ پريڪٽس ڪرڻ شروع ڪيائين، پوءِ سکر ۾ وڪالت  ڪرڻ لڳو. هن وقت سکر جي ڪامياب وڪيلن مان هڪ آهي.

        هن جي ننڍي هوندي کان شعر سان دلچسپي پئي رهي آهي، شعر کيئلداس فانيءَ جي اثر هيٺ چوڻ شروع ڪيائين. ننڍي عمر کان شعر ٺاهڻ ۽ مضمون لکڻ لڳو، جي سنڌو رسالي ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپندا رهيا. هن وقت هي ترقي پسند شاعرن  ۽ نثر نويسن ۾ چوٽيءَ جو شاعر ۽ اديب ليکجي ٿو.

        هي ڪجهه وقت سنڌي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي. هن 1946ع ۾ 1954ع ۾ ننڍين آکاڻين تي ڪتاب لکي ڇپايا. اردو ۾ به شعر چيو اٿس. جنهن جو ڪتاب 1955ع ۾ ڇپايائين. هن کي 1962ع ۾ اردو نويسيءَ ۾ رائيٽرس گلڊ کان، سٺي لکڻ تي، انعام مليو. 1958ع ۾ هن سکر ۾ آل پاڪستان ادبي ڪانفرنس سڏائي، جنهن جي صدارت هن ڪئي. پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي ٺهڻ کانپوءِ هيءُ ان جي مرڪزي ڪميٽيءَ تي ٻن ٽرمن لاءِ ميمبر رهيو.

        هن جو پهريون مکيه شعر جو ڪتاب ”ڀونئر ڀري آڪاس“ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان 1962ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ بيت، دوها، گيت، آزاد نظم، وايون، نظم، قطعا ۽ غزل چيا اٿس. اهو سچو حب الوطنيءَ ۽ آزاد خياليءَ جي پرمعني@ لفظن سان ڀريل آهي. ان ڪتاب مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ ”حافظ“ ۽ ”خيام“ وانگر رند مشرب جو جديد شاعر آهي. چوي ٿو ته:

سو نه روميءَ ۾ نه رازيءَ ۾ ”اياز“

مون ڏٺو جو حافظ و خيام ۾.

        اهو ڪتاب 1964ع ۾ مغربي پاڪستان سرڪار طرفان ضبط ڪيو ويو.   

        سندس ٻيو لکيل ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ آهي، جنهن ۾ هن جا پنهنجي دوست ميان محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل ادبي خط، سندس پنهنجي نوٽبڪ ”جا ڪي ورق ۽ ڪي چونڊيل نقطا ڏنل آهن. ان ۾ هن واقع نگاري ۽ فطرت جي نقاشي ڪندي، بحر عميق ۾ غوطه زني ڪري ڪي اهڙا املهه ماڻڪ ڪڍي پيش ڪيا آهن. جن جو قدر ۽ قيمت صرف جوهري ۽ صراف ڪري سگهن ٿا. عام کي انهن جي آڇڻ مان ڪو فائدو ڪونه آهي. ان ڪتاب ۾ اڳين ڪتابن کان وڌيڪ پختا خيال ڏيکاريا اٿس. پهرئين ڪتاب ۾ چوي ٿو ته:

ڀري ڀري پيءُ جيسين جئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام،

وري نه هي ميخانو ملندو، هيءَ ميءَ ناهه مدام!

ڄڻ ته حافظ کي پيو دهرائي. جيئن چيو آهي:

دم فرصت غنيمت دان وداد خوش دليَ بستان

بسي گردش کند گردون بسي ليل ونهار آرد

حافظ رسيد موسم گل معرفت مخوان،

درياب نقد عمروز چون وچرا ميرس.

        ٻئي ڪتاب ۾ هن جي نظر ذرا وڌي ويل آهي. تصوير جو ٻيو رخ به ڏسڻ ۾ پئي آيس. چي: ”زندگي ڪيتري نه حسين آهي! ڪيتري نه پياري آهي! امنگن جو جهولو آهي. آرزوئن جي ڦلواڙي آهي! هي چنڊ، هي ستارا، هي بادل، هي برساتون، هي گل، هي باغيچا، هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون، هي سڀ زندگيءَ جون دوستيون آهن! اي موت، تون هڪ تکي تير انداز وانگر ڪمان ڪشي بيٺو آهين. جنهن سيني ۾ مسرت جو واسو آهي، ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين!“ وري

”وسارج ّم ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“

پڙهي ٿو. ان مان معلوم ٿيندو ته بنيادي طرح هي ساڳيو رند آهي، پر شاهه صاحب جي اثر هيٺ اچي، جذبي کان سلوڪ طرف لاڙو ڏيکاري ٿو - ڄڻ ته شاهه صاحب پيو ياد ڏياريسي

”ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي هيتري،

توجو ساڻيهه ڀانئيو، سو مانجهاندي جو ماڳ“

        ٽيون ڪتاب سندس ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ آهي، جو ڊسمبر 1963ع ۾ ڇپيو آهي، ان ۾ اڃا به وک وڌائي اٿس. پهرئين ڪتاب ۾ مجاز تي موهت هو. ٻئي ڪتاب ۾ ان جي بي ثباتي معلوم ڪري، ويراڳ طرف ويل ٿو ڏسجي. ٽئين ڪتاب ۾ مجاز کان وڌي حقيقت طرف وڃي ٿو. اڳي شخص ۽ نظارا نظر ۾ هئس، هاڻي سنڌ ۽ مارونظر اچڻ لڳا هئس. قطرو ڪل ۾ سمائجي ويو هو. جيسين شخص ۽ مخصوص نظارا هئا ته فاني هئا، پر وطن ۽ مارو لافاني آهن. ان ۾ هڪڙا ماڻهو پيا مرندا ۽ ٻيا پيا ايندا. هڪڙا نظارا گم ٿيندا ته ٻيا ان جي جاءِ وٺندا. تنهنڪري وطن ۽ مارو لافاني ۽ حقيقت هئا. چوي ٿو ته:

تنهنجا پير چمان، ڌرتي، منهنجي مائڙي،

ڀاڪر پايان ڀاو مان، ماڻهوءَ ماڻهو سان،

آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

شال وسين او سنڌڙي، تنهن جا کيت وسن،

واهوندي جي واءُ ۾، مارو شال ملن،

جن جي ڪوٽ ڪڙن، جهوريو منهنجي جيءَ کي.

ان کان سواءِ هن شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڪيو آهي، جو 1963ع ۾ ڇپيو هو ۽ شاهه جي ميلي تي هن پاڪستان جي صدر کي پيش ڪيو هو.

هي محب وطن، بي تعصب، ترقي پسند ۽ آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي. مغربي دنيا ۾ ڪيئي اهڙن خيالن جا ماڻهو آهن، جن جي خيالن تي نڪته چيني يا مخالفت هروڀرو نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پهتا آهن، جتي ههڙا خيال سوين سال اڳي کان ظاهر پئي ٿيا - تنهنڪري اهي رواجي پيا ڏسڻ ۾ اچن. بدقسمتيءَ سان هن ملڪ ۾ ملا جي غلط اسلامي نظريي سبب اهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جو ماڻهو اسلامي رواداري ڇڏي، ڪٽر ۽ تنگ خيال ٿي پيا آهن ۽ ذرو به اختلاف راءِ برداشت نٿا ڪن. ”اياز“ جي لکڻ جي به اهڙيءَ طرح مخالفت ڪئي ويئي آهي. اها سنڌ ۾ ئي مخالفت هئي. پهريون دفعو حيدر بخش جتوئيءَ جي ”تحفه، سنڌ“ خلاف ٿي، ٻئي دفعي حاتم علويءَ جي مضمونن خلاف ٿي. هن دفعي اياز جي شعر جي مخالفت ڪئي ويئي آهي.

        ان مخالفت کي تيز ڪرائڻ لاءِ هن جي ڪن دوستن جي سندس محبت ۾ زيادتي ڏيکارڻ ۽ خواهه مخواهه ٻين شاعرن سان کيس مقابلي ۾ پيش ڪرڻ به هڪ ڪارڻ هو. دنيا ۾ خدا نه ڪنهن کي سونهن کان سڪايو آهي نه عقل کان. ڪنهن به ماڻهوءَ جي تعريف تي ايتري مخالفت ڪانه ٿئي ٿي، جيتري ان کي ٻين سان مقابلي ڪرائڻ ۾. ”لڪم دين ڪم ولي دين“ جي حڪم هوندي، اهو ضروري نه آهي ته سڀ ماڻهو هڪ خيال جا بنايا وڃن. ”امت جو اختلاف رحمت آهي“ جي ڳالهه کي خيال ۾ رکندي، هر ڪنهن کي حق آهي ته پنهنجا رايا پيش ڪري. پوءِ اهو ڪو ضروري نه آهي ته ٻيا ساڻس اتفاق ڪن. مون کي ته هن جي ڪتابن پڙهڻ بعد هن لاءِ عزت ۽ پيار وڌيو آهي.

        اميد ٿو ڪريان ته شل هو روز بروز پختا خيال ٿيندو، نوان ذهني مدارج طئه ڪندو رهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org