نسب ۽ خاندان جو احوال:
هي مشهور معروف بلوچ قوم جي کوسي قبيلي سان تعلق رکندڙ آهي.
بلوچ قوم بابت ٻه جدا روايتون آهن: هڪڙن کين مشهور
”آريه نسل“ جي شاخ قرار ڏنو آهي. ٻين کين
”سامائيٽ“ نسل جي شاخ ڄاڻائيندي، سندن نسب امير
حمزي سان ڳنڍي آهي. ان سوال تي بحث ڪري، ڪنهن
نتيجي تي پهچڻ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر آهي. هتي
صرف کوسا قبيلي بنسبت تاريخي روايتي حوالا ڏيئي
سندن موجوده جاءِ رهائش ۽ مختلف شاخن جو مختصر ذڪر
ڪندس.
هن قبيلي جو احوال مون کي مختصر طور هيٺين انگريزي
ڪتابن مان مليو آهي:
(1) پنجاب جون قومون: مصنف سر ڊينزل البيٽن
K.C.S.I
1883ع ۾ ڇپيل.
(2) ائڪراس دي بارڊر - پٺاڻ ۽ بلوچ : مصنف ايڊورڊ اوليور،
1890ع ۾ ڇپيل.
(3) بلوچي فوڪلور ۽ پوئٽري: مصنف لانگ ورٿ ڊيمس، 1907 ۾ ڇپيل.
(4) سنڌ گزيٽيئر.
(5) هسٽري آف بلوچ ريس ۽ بلوچستان: مصنف محمد سردار خان، 1958ع
۾ ڇپيل.
ٻيا ڪتاب مون کي هٿ اچي نه سگهيا آهن، نه مون کي ڪو
انهيءَ مسئلي تي کوجنا ڪري مستند احوال لکڻ جو
خيال هو، ان ڪري مٿين ڪتابن ۽ مڪاني هٿ ڪيل احوال
مان هيٺيون ذڪر مختصر طور بيان ڪريان ٿو.
کوسا بلوچن جي رند قبيلي جي شاخ آهن. اصل ڪيچ جي طرف جا
ويٺل هئا. هن وقت سندن گهڻو تعداد پنجاب ۾ديري
غازي خان ۽ ڪجهه بهاولپور ۾ ويٺل آهي. پنجاب ۾
سندن مکيه پاڙا :(1) بهيلاڻي، (2) عيساڻي (3)
جاگيل (4) جندواڻي (5) جروار ۽ مهرواڻي آهن. ديري
غازي خان جي کوسن جو سردار جاگيل شاخ مان آهي.
1848ع ۾ جڏهن سکن ۽ انگريزن جي وچ ۾ لڙائي ٿي هئي ته ان
۾ کوسن جي سردار ڪوڙا خان ديري غازي خان تي قبضو
ڪري، شهر انگريزن جي حوالي ڪيو هو.
ميجر پولڪ سندس رمارڪن ۾ کوسن لاءِ لکيو آهي ته ”هو
جرائم پيشي جا ماڻهو هئا.“ ليڪن کوجنا بعد معلوم
ٿيو هوس ته اها ڳالهه برابر نه هئي. هو بهادر
جنگجو ۽ غيرتمند قبيلي جا فرد هئا. کوسن بابت ”سنڌ
گزيٽيئر“ جو به چوڻ آهي ته اهي رندن جي شاخ هئا،
جن کي همايون بادشاه کي مدد ڏيڻ ڪري وڏيون
زمينداريون عطا ٿيل هيون.
سنڌ ۾ جيڪب آباد، دادو، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾
مختلف پاڙن جا کوسا رهندڙ آهن، جيڪب آباد ضلعي ۾
(1) ڄاماڻي، (2) بکراڻي، (3) بلبلاڻي پاڙن جا کوسا
رهن ٿا. سندن مکيه سردار عبدالرحيم خان ٿي گذريو
آهي، جنهن جي بنا اولاد وفات ڪرڻ ڪري، ان جي جاءِ
تي هن وقت سردار عبدالرزاق مسند نشين آهي. دادو
ضلعي ۾ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن ۾ (1) بڊاڻي
(2) دوست لاڻي، (3) هدواڻي، (4) روحلاڻي، (5)
بليلاڻي (6) اونراڻي.
“ (7) باشواڻي پاڙن جا کوسا رهن ٿا، جن جو هن وقت سردار غلام
حيدر خان آهي. دادو ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي جا کوسا
چئن مکيه پاڙن ۾ ورهايل آهن: (1) مٽيوال، (2)
سلمن، (3) کلولاڻي ۽ (4) للاڻي، جن مان هر هڪ پاڙي
جون شاخون ۽ ننڍيون شاخون نڪرن ٿيون. مٽيوال پاڙي
جون مکيه شاخون هيٺيون آهن.
(1) بندواڻي، (2) مڪڙاڻي، (3) امناڻي، (4) سنجراڻي، (5) ڦرياڻي،
(6) موندراڻي، (7) ڏتاڻي، (8) جهنڊاڻي (9) عيساڻي،
(10) جوڳياڻي، (11) تڳياڻي، (12) گهنوراڻي ۽ (13)
ملا.
انهن مان هر هڪ جون وري اڃا ئي ننڍيون شاخون آهن، جن
جو ذڪر طوالت جو باعث سمجهي، پيش نٿو ڪجي. هن وقت
سندن چڱو مڙس لعل بخش خان سنجراڻي آهي. اهڙي طرح
سلمن پاڙي جون هيٺيون مکيه شاخون آهن: (1) ڦاناڻي،
02) ملهواڻي (3) عيساڻي، 04) ميرواڻي (5) للاڻي،
(6) چاڪراڻي (7) الوداڻي، (8) فتحلاڻي، (9)
نهالواڻي، (10) جوڳياڻي، (11) بليلاڻي.
جن جون وڌيڪ ننڍيون شاخون طوالت ڪري، هٿ نٿيون ڏجن.
انهيءَ ساري قبيلي جو وڏيرو غلام حسين خان ڦاناڻي
هو. جنهن کانپوءِ سندس پڳ سندس وڏي فرزند درل خان
تي آئي: پر انهيءَ جي زماني ۾ انهيءَ پاڙي ۾ باهمي
اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن جي صلح نه ٿيڻ ڪري وڏيرا
اثر وڃائي ويٺا ۽ هن کان پوءِ ڪنهن کي پڳ ڪانه
ٻڌائي ويئي. ٽيون مکيه پاڙو للاڻي يا اسحاقاڻي جو
آهي، جنهن جون مکيه شاخون هيٺيون آهن: (1)
اسحاقاڻي، (2) پنجاڻي، (3) درياڻي، (4) گهراماڻي،
(5) زيمڪاڻي، (6) بئالاڻي، (7) ڌيرناڻي ۽ (8)
مٺاڻي آهن. انهن جون به ڪيتريون وڌيڪ ننڍيون شاخون
آهن. سندن چڱو مڙس هن وقت الياس خان آهي. چوٿون
مکيه پاڙو کلو لاڻي آهي، جنهن جون مکيه شاخون
هيٺيون آهن.
(1) لاسي، (2) ڀوراڻي، (3) هيبتاڻي، (4) کملاڻي، (5) ڪوڪاڻي،
(6) ڄندواڻي، ۽ (7) گاهياڻي. انهن جون به ننڍيون
شاخون آهن. منجهائن خان محمد خان وريل خان، عمر
خان وغيره مکيه ماڻهو ٿي گذريا آهن. ازانسواءِ سنڌ
جي حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ هيٺين مکيه پاڙن جا
کوسا رهن ٿا:
(1)( گهراماڻي (2) احمداڻي، (3) صاحباڻي ۽ (4) مهڪاڻي وغيره.
سندس شخصي زندگيءَ جو احوال:
ميان محمد امين خان ڄاماڻي پاڙي جي کوسن مان سندس ناناڻي ڳوٺ
مير حيات خان، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ 11
ڊسمبر 1913ع تي ڄائو. سندس پڙڏاڏي جو نالو ميان
ولي محمد خان عرف وليو خان هو، جو پنهنجي تر ۾ سخي
مرد ٿي گذريو آهي. ان کي ٻه فرزند پيدا ٿيا: (1)
مير حيات خان ۽ (2) محمد امين خان، محمد امين خان
پوليس جي نوڪري ۾ گهڙي، سب انسپيڪٽريءَ جي عهدي تي
پهتو. ۽ خلاف معمول، سارو وقت ايماندار ٿي رهيو.
ان کي هڪ فرزند ميان عبدالعزيز خان نالي سان پيدا
ٿيو، جنهن زمين سنڀالڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڪفايت شعاريءَ
۽ محنت سان سکيو ستابو ٿي ويو. هن سندس چاچي مير
حيات خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس
ٻه فرزند ڄاوا: (1) محمد امين خان ۽ (2) ميان نظام
الدين خان.
ميان محمد امين خان ابتدائي تعليم ڪريم بخش خان کوسي جي
ڳوٺ، تعلقي ٺل ۾ ورتي، جتان هو آدم پور، تعلقي
نصيرآباد ۾، ماستر عبدالرسول کوسي وٽ وڃي پڙهڻ
ويٺو. اتان پنجون درجو پاس ڪري، موٽي اچي جيڪب
آباد هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. اتي کيس (1)
مسٽر غلام قادر خان وڪيل ۽ (2) مسٽر شيوا رام
ڀاڳچند جهڙن لائق استادن جي شاگردي جو شرف حاصل
ٿيو. هن 1928 ۾، جيڪب آباد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ
جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ ساڳئي سال جي آخر ۾
هي عليڳڙهه ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
داخل ٿيو. اتان 1933ع ڌاري بي اي پاس ڪري گريجوئيٽ
ٿيو. ان کان پوءِ هي وڪالت پڙهڻ لاءِ اتي ئي لا
ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو ۽ 1936ع ڌاري فرسٽ ايل ايل
بي جو امتحان ڏنائين. ٻئي سال پروفيسر حليم پرو
وائيس چانسلر ڪن سببن ڪري، هن کي ڪاليج مان خارج
ڪري ڇڏيو ان تي ڇوڪرن گهڻي هلچل هلائي. پر هن کي
وري داخلا ملي نه سگهي: تنهنڪري هن کي واپس ڳوٺ
اچي رهڻو پيو.
عليڳبڙهه جي رهائش جي عرصي ۾ هن سر راس مسعود، ڊاڪٽر
محمد اقبال ۽ نواب محمد اسماعيل ميرٺ واري سان
واقفيت پيدا ڪري، سندن محبت مان مستفيد ٿيڻ جي
ڪوشش ڪئي. عليڳڙهه ۾ رهڻ وقت، هن جي ڪيترن نوجوانن
سان واقفيت ۽ دوستي ٿي، جن مان ميان غلام احمد خان
بن نواب محمد اسماعيل خان خاص ذڪر جي لائق آهي.
1935ع جي سڌارن جي ائڪٽ پاس ٿيڻ ۽ سنڌ جدا ٿيڻ بعد
1937ع جي اسيمبليءَ چونڊن ۾، جيڪب آباد ضلعي مان
سردار جعفر خان بليدي، مير سهراب خان سرڪي ۽ مير
زيب الدين خان سندراڻي ميمبر چونڊجي آيا، سال جي
آخر ۾ زين الدين خان وفات ڪري ويو. ان جي خالي ٿيل
جاءِ لاءِ ٻه اميدوار بيٺا: هڪ سردار شير محمد خان
بجاراڻي ۽ ٻيو ميان محمد امين خان کوسو، هڪ طرف
بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، لکها روپين جو مالڪ،
سرڪار ۾ خاص اثر رکندڙ، لقب بردار، قوم جو سردار،
عمر رسيده ماڻهو اميدوار هو. ٻئي طرف عليڳڙهه مان
تازو آيل، غير تجربيڪار نوجوان شاگرد، وڏي قبيلي
جي فرد هئڻ جي باوجود مال ۽ ملڪيت ۾ مقابلتا گهٽ،
سرڪار جي مخالف جماعت ڪانگريس جو اميدوار هو. سو
به اهڙي ضلعي مان، جتي فرنٽيئر ائڪٽ جي موجودگيءَ
ڪري، علمدار سياهه و سفيد جا مالڪ هئا. ملڪي ۽
قومي بيداريءَ جو نالو ئي ڪونه هو. پر تازو اهڙي
ئي پٺتي پيل لاڙڪاڻي ضلعي ۾، جيڪو زميندارن ۽ وڏن
ماڻهن جي جاگير رهندو آيو هو، شيخ عبدالمجيد سنڌي
ضلعي جي پهرئين نمبر خاندان، زميندار ۽ سنڌ جي
گورنر جي صلاحڪار سر شاهنواز ڀٽي کي اليڪشن ۾ شڪست
ڏني هئي. هيءَ ٻي آزمائش هئي. ان اليڪشن ۾ ڊاڪٽر
چوئٿرام گدواڻي، پير علي محمد راشدي ۽ ڪيترن قوم
پرست مولوين ميان محمد امين خان جي مدد ڪئي. بخت
پاور هوس. والد بزرگوار ۽ پير صاحب ڀرچونڊيءَ جون
دعائون شامل حال هيس. هن مارچ 1938ع تي، چونڊ ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي. اها ڪاميابي سنڌ اندر قومي
خادمن ۽ جماعتي عيوضين جي ٻي ڪاميابي هئي.
هن وقت ته حالتون پنجاهه ورهيه پوئتي وڃي چڪيون آهن،
ليڪن ان وقت کان پوءِ وري سنڌ جي عوام به اهڙي
بيداريءَ ۽ بلند همتيءَ جو ڪو ثبوت نه ڏنو آهي.
الهه بخٽ وزارت ابتدا ۾ چڱا قدم کنيا. ان لوڪل باڊيز
مان نامينيشن جو دستور ختم ڪيو. پير الاهي بخش
صاحب، روينيو وزير، جو گشت خاص اهميت وارو هو.
جنهن ڪاموري طبقي جي رعب کي گهڻو ڌڪ هنيو ۽ عوام
جي اميدن کي اڀاري ڇڏيو: ليڪن اڳتي هلي، هن مضمون
جي اول ۾ ذڪر ڪيل سببن جي ڪري، وزارت ۽ اتحاد
پارٽيءَ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. اسان وڃي مخالفت ۾
ويٺاسون. شيخ عبدالمجيد جي مشوري سان اڳوڻن نڪتل
وزيرن جي طرفدارن جي مسلم ليگ پارٽي ٺهي، جا به
مخالفت ۾ ويٺي. ان کانپوءِ جا احوال گهڻا ۽ ڊگها
آهن، جن جو مون ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ، ”پنهنجي
ڪهاڻي پنهنجي زباني“ ۽ هن ڪتاب ۾ مختلف سياستدانن
جي زندگيءَ جي احوالن جي سلسلي ۾ ذڪر ڪيو آهي. هتي
دوباره انهن جو ذڪر ڪرڻ طوالت جو باعث سمجهي نٿو
ڪريان.
البته هتي هي چوڻ ڪافي ٿيندو ته اهو سمورو وقت ميان
محمد امين خان خانبهادر الهه بخش مرحوم جو مددگار
ٿي رهيو هو. هڪ وقت، بيمار هوندي، پاڻ کڻائي،
ڪانگريس پارٽيءَ جي مخالفت هوندي، الهه بخش وزارت
کي بچائڻ لاءِ اچي ووٽ ڏنائين.
هي اڳ ۾ قوم پرست مسلمانن جو مصاحب ۽ حامي هو. ويتر جو
خانبهادر الهه بخش مرحوم جي ڪوشش سان مولانا
عبيدالله سنڌي سنڌ ۾ موٽي آيو، ته هن ان جي صحبت
مان مذهبي ۽ سياسي معلومات حاصل ڪئي. مولانا مرحوم
سندس پير طريقت، پير صاحب ڀرچونڊيءَ جو، فيض يافته
بزرگ هو. ٻيو هن سياست هند تي، پنهنجي جلاوطنيءَ
جي زماني ۾ حاصل ڪيل تجربي ۽ فڪر جي بنا تي نئين
نقطي نگاهه کان روشني وڌي ٿي، جا مسلم ليگ ۽
ڪانگريس جي طريقي ڪار کان ڪجهه علحده هئي.
منزلگاهه فسادن کانپو”، جڏهن هندن ۽ مسلم ليگ گڏجي الهه
بخش وزارت کي شڪست ڏيئي، نئين وزارت قائم ڪرائي،
ته انهيءَ موقعي تي، 1940 ۾، دهليءَ ۾ قوم پرست
مسلم پارٽين گڏجي آزاد ڪانفرنس الهه بخش جي صدارت
هيٺ ڪوٺائي. ميان محمد امين خان ان وقت به ساڻس
شريڪ ڪار هو. ليڪن 14 مئي 1943ع تي، الهه بخش
مرحوم جي شهادت کانپو”، سنڌي قوم پرست سياست ۾ جو
خال پيدا ٿي پيو، ان هن کي دل شڪسته ڪري وڌو. سگهو
ئي اسان جو به مسلم ليگ سان ٽڪر ٿي پيو. ليڪن اسان
اڃا ان جي مقصد جي حمايت ڪندا آياسون ٿي. ان ڪري
هي ته اسان سان گڏجي سگهيو ٿي، نه مسلم ليگ ۾ وڃي
سگهيو ٿي.
هي 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر هلندو آيو. ان
کانپوءِ جيئن فرقه پرستيءَ جو دور شروع ٿيو، ته هي
اسان سڀني وانگر اسيمبليءَ کان ٻاهر رهجي ويو.
سياست ملڪ، ۾ هن جا مون سان ڪيترين ڳالهين تي اختلاف
هوندا هئا، ليڪن هن شخصي محبت ۽ عزت کي ڪڏهن ڪمزور
ڪرڻ نه ڏنو. عين انهيءَ وقت جڏهن اسان وٽ الهه بخش
وزارت خلاف سٽون پيئون سٽبيون هيون ۽ ٻنهي گروهن
جي وچ ۾ اهڙا اختلاف هوندا هئا، جو باهمي ملاقاتون
به بند ٿي ويون هيون. هيءُ شخصي مروت ڪري مون وٽ
ايندو رهندو هو. بعضي منهنجا ڪي شريڪ ائين به چئي
ويهندا هئا ته هي الهه بخش جو جاسوس ٿي، مون وٽ
حال معلوم ڪرڻ اچي ٿو، ليڪن ان ڳالهه نه هن جي
مروت ۾ رڪاوٽ وڌي، نه وري هن جي صداقت ۾ ڪو شڪ
پيدا ٿيو. مرحوم ميران محمد شاهه کانپوءِ هي ٻيو
دوست هو، جنهن سياسي اختلافن ڪري دوستانه تعلقاتن
۾ ڪڏهن به ويڇو نه وڌو.
پاڪستان جي قيام کانپو”، حالتن جي ناسازگاريءَ ڪري، هي
قريبا گوشه نشين زندگي گذارڻ لڳو. ليڪن ملڪي سياست
تي هي مستقل راءِ رکندو آيو ۽ مون سان تعلقات
ٽوڙيندو آيو. ڪراچيءَ کي جڏهن سنڌ کان جدا ڪيو ويو
۽ مون کي ان جي راهه ۾ رنڊڪ سمجهي ڳوٺ ۾ نظربند
ڪيو ويو، ته هن کي ارمان ٿيو. ون يونٽ ٺاهڻ وقت
وري مون کي قيد ۽ نظربند ڪيو ويو، تڏهن هن جيل ۾
ڪيئي خط لکي، اظهار همدردي ۽ صداقت ڪيو. ان
کانپوءِ مارشل لا جو قيام ٿيو، ته وري قيد ۽
نظربنديءَ جي فال منهنجي نالي تي پيئي. مون نه
سمگلنگ ڪئي هئي نه عهدن جو طالبو رهيو هوس، نه
پرمٽون وٺي ملڪيت وڌائي هيم، نه وطن سان غداري ڪئي
هيم، نه پاڪستان جو مخالف هوس - بلڪه هڪ حد تائين
ان جي قيام ۾ منهنجو خاص هٿ هقو: سنڌ اسيمبليءَ ۾
پاڪستان جو ٺهراءُ مون پيش ڪري پاس ڪرايو هو، سنڌ
۾ مسلم ليگ جي تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ به مون وس آهر
هر ڪا ڪوشش ڪئي هئي: تنهن هوندي به هاڻ، جو مون کي
ساڍن ستن سالن تائين قيد ۽ نظربند ڪيو ويو: ان
لاءِ منهنجو ٻيو قصور ته نه هو، سواءِ ان جي ته ون
يونٽ جو مخالف هوس ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت جو حامي
هوس. ان جو غير واقفن کي ته کڻي پتو نه به هو،
ليڪن پنهنجن کي ته هو. ان تي اهل وطن جو برتاءُ
ڪيو. ان بعد مختصر ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان ۽ هن
صاحب جنهن انتهائي خلوص ۽ محبت جو اظهار ڪيو، اهو
به ٻڌائي آيو آهيان.
آزاد ٿيڻ کان اڳ آءٌ هن نتيجي تي پهتو هوس ته سياسي
محاذ تي اسان ”ڊنڪرڪ“ جي درجي تي پهچي چڪا هئاسون،
اسان جي اڪثريت ”سرڪار جي دعاگن“ جون صفتون اختيار
ڪري ويئي هئي. سياسي آزاديءَ يڪجهتيءَ ۽ قوم
پرستيءَ جا عارضي طرح سلا سڙي چڪا هئا. عنصري
حادثن اسان جي سياسي راهه ۾ اهي اڻ ٽر رڪاوٽون
وجهي ڇڏيون هيون، جن جو ٽاڪڻ هن وقت اسان جي طاقت
کان مٿي هو. اهڙين حالتن ۾ قومن جي قافلي کي ڪنهن
سازگار موسم تائين ترسڻو پوندو آهي. ان وچ ۾ سندن
قوت عمل کي ڪنهن ٻئي رستي تي مشغول ڪرڻو پوندو
آهي.
تاريخ ۾ ڪيئي اهڙا مثال ملن ٿا، جڏهن ڪن قومن کي سياسي
۽ اقتصادي طرح ملياميٽ ڪيو ويو هجي: ليڪن سندن
ڪلچرل ۽ اخلاقي بنياد پڪا هئڻ ڪري، ٿوري وقت اندر
اهي پاڻ جهلي ويئون. يونان تي رومن جي قبضي بعد
يوناني سياسي طرح محڪومٿي ويا، ليڪن ثقافتي نقطي
نگاهه کان هو مستقل ۽ مضبوط هئا. ٿوري وقت اندر
هنن رومن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. اڃا تائين
مغربي تهذيب يوناني تهذيب جي بنيادن تي اڏيل هلي
اچي. ساڳي حالت مسلم ايرانين جي ٿي منگولن هٿان وچ
ايشيا جي مسلم دنيا جي پائمال ۽ تباهه ٿيڻ بعد،
ڪنهن نٿي سمجهيو ته هو وري اڳوڻيءَ جاءِ تي موٽي
ايندا: پر سندن ڪلچر ۽ تهذيب سلامت هئڻ ڪري ٿوري
وقت ۾، هنن فاتحن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱي مفتوح ڪري
ڇڏيو.
اهڙين حقيقتن کي نظر ۾ رکي، مون خيال ڪيو هو ته حال
سياست کان ڪناره ڪشي ٿي، قوم کي اتحاد، حب الوطني،
قوم پرستيءَ، خود شناسيءَ امن ۽ اصلاح نفس جي
پيغام ڏيڻ لاءِ ڪلچرل پليٽ فارم تان تعليم ۽ تربيت
جي اهڙي ڪا مهم شروع ڪجي، جنهن ۾ نه حڪام وقت کي
سندن رموز مملڪت ۾ دست اندازيءَ جو انديشو پيدا
ٿئي، نه مختلف سياسي گروهن ۽ مفاد کي سندن حاصلات
۽ ڪارڪردگيءَ ۾ دخل اندازيءَ جو خطرو محسوس ٿئي.
بلڪه سڀ ۾ پرين پسڻ جي نقطه نگاهه کان هڪ اهڙو
پليٽ فارم تيار ڪجي، جنهن تي مختلف عقيدن، سياسي
نظرين، جماعتي گروهن ۽ طبقاتي مفاد جا ماڻهو،
رواداريءَ جي بنياد تي پنهنجا نقطه نگاهه ۽ مفاد
محفوظ رکندي، ملڪ جي گڏيل مفاد ۽ تحفظ لاءِ هڪ
جاءِ تي ملي، صلاح مصلحت، تبادله خيالات ڪري، گڏيل
قدم کڻي سگهن ۽ انهن ڳالهين جو سياست سان ڪو واسطو
نه رهي.
مون کي تاريخ جي مطالعي مان اهو معلوم ٿيو ته نه صرف
دنيا جي تاريخ بلڪه مسلم تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾
ڪي اهڙا مواقعا آيا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان
جي بزرگن مٿي ذڪر ڪيل طريقن تي ڪم ڪيو آهي. بني
امين، بني عباسين يا ٻين مسلم حاڪمن جي دور حڪومت
۾ جڏهن خود مطلبي، نفس پرستي، خانه جنگي وڌي ويئي
ته راسخ العلم، صالح ۽ دوربين حضرات، قوم جي
شيرازي کي درهم برهم ٿيڻ ۽ بداخلاقيءَ کان بچائڻ
لا”، سياست ملڪ کان ڪناره ڪشي ڪري، عوام جي بنيادي
خامين کي، تاليف قلوب ذريعي، نفسي ۽ ذهني تربيت
ڏيڻ طرف توجهه ڪيو، جنهن کي قديم مذهبي زبان ۾
”روحاني طريقه ڪار“ سڏيو ٿي ويو. ان جو جديد زبان
۾ ترجمو ”ڪلچرل اصلاح“ ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ پڻ اهڙين حالتن کي مدنظر رکي، اسان جي بزرگان
طريقت، جهڙوڪ حضرت قلندر شهباز عليه الرحمت، مخدوم
بلاول عليه الرحمت، شاهه عنايت الله صوفي عليه
الرحمت، شاهه عبداللطيف عليه الرحمت، سچل سرمست
عليه الرحمت ۽ پير صاحب ڀرچونڊي عليه ۽ ٻين اڪيچار
بزرگن مرده قوم ۾ خودشناسيءَ، حب الوطنيءَ، اتحاد
۽ محبت ۽ امن جي پيغام کي پکيڙيو. افسوس اهو آهي
ته ورهين گذرڻ بعد هڪڙن انهن جي ساديءَ ۽ سليس
تعليم کي رڳو ڪرامتن، خدا رسيدگيءَ ۽ روحانيت سان
منسوب ڪري، مافوق الفطرت ڳالهين سان مشابهت ڏيئي،
سندن پوين لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو کڻي بنايو. ٻين
انهن جي پوين کي نفس پرستيءَ، رجعت پسنديءَ،
توهمات ۽ بدعات جو ڪارڻ سمجهي، نظرانداز ڪرڻ
گهريو. اسان کي دراصل ”لقد ڪان في قصصهم عبرت
الاولي الباب“ مان سبق وٺڻ گهرجي. جڏهن به ڪنهن
قوم ۾ تنزل جا آثار نظر ايندا آهن، ته سندن اصلاحي
رهبرن، قومي هيرن، ذهني حڪيمن جي روايتن، قولن ۽
حڪمن احڪامن مان مدد وٺڻي پوندي آهي.
جهڙي طرح هنن اصلاحي بزرگن جا نالا ڄاڻايا اٿم، اهڙيءَ
طرح اسان جي دنياوي مجاهدن جي زندگيءَ جا ڪارناما
به اسان ۾ وطن پرستي ۽ همت افزائي پيدا ڪري سگهن
ٿا. مثلا، (1) دودو سومرو، (2) نواب درياهه خان،
(3) مخدوم بلاول عليه الرحمت، (4) سيد حيدر عليه
الرحمت، (5) مير شير محمد خان ٽالپر، (6) رئيس
غلام محمد خان ڀرڳڙي (7) سيٺ هرچند راءِ وشنداس
(8) مسٽر جمشيد مهتا، (9) مولانا عبيدالله سنڌي،
(10) مرحوم الهه بخش سومرو، (11) شيخ عبدالمجيد
سنڌي ۽ ٻين قومي سرفروشن جي زندگيءَن جا احوال
اسان ۾ ڪافي بيداري ۽ حوصله افزائي پيدا ڪري سگهن
ٿا.
انهيءَ نقطه نگاهه کان جڏهن حڪومت مون تان نظربنديءَ جا
احڪام هٽائي، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏني، ته
پهريائين سنڌ جي مکيه صوفيائي ڪرام جي درگاگهن جون
زيارتون ڪري، سروي ڪيم ته آيا اهي صاحب، جن سنڌ جي
تهذيب، اصلاح نفس، خودشناسيءَ ۽ حب الوطنيءَ لاءِ
پنهنجي قول ۽ فعل ذريعي خدمت ڪئي هئي، جن جي
درگاهن تي اڃا تائين لکين ماڻهو سال بسال ويندڙ
آهن، تن مرڪزن جي ذريعي سنڌين کي مٿي ذڪر ڪيل
ڳالهين جو پيغام پهچائي سگهجي ٿو يا نه؟ ڪن منهنجي
دوستن منهنجي مذهبي عقيدن ۽ گذشته روايات کي مدنظر
رکي، ان کي لڪ
(Camouflage)،
منافقي ۽ خوش فهميءَ سان تعبير ڪيو. ڪن منهنجي ان
تحريڪ کي گمراهي، رجعت پسندي، شڪسته خيالي ۽ ڪج
فهميءَ سان تشبيه ڏني. مون مٿي ذڪر ڪيل ڪنهن به
عتاب يا طعني جي پرواهه نه ڪري، رٿيل پروگرام کي
پورو ڪيو. مون کي خبر هئي ته آءٌ انهن درگاهن تي
فيض حاصل ڪرڻ، ڪرامتون طلبڻ، روحاني رمزن پروڙڻ
لاءِ ڪونه وڃي رهيو هوس، ۽ نه پير پرستيءَ سجاده
نشين جي اقتدار کي وڌائڻ ۽ ماڻهن کي توهمات ۾
ڦاسائڻ جي خيال سان زيارتون ٿي ڪيم. منهنجو مقصد
پڌرو هو، انهن بزرگن کي مون محبت، حب الوطنيءَ،
خودشناسيءَ، امن ۽ قربانيءَ جو پيغام پهچائيندڙ
ڄاتو هو. انهن جي سلام ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب هو! جڏهن
اڄڪلهه لينن، نيپولين، هن بيت سين، مصطفيٰ ڪمال،
مهاتما گاندي ۽ جناه صاحب جي مزارن ۽ مرقدن تي وڃڻ
نه صرف عيب شمار نٿو ڪيو وڃي، بلڪه قومي فرض
سمجهيو وڃي ٿو.
ان سفر ۾ مون نه صرف صوفيائي ڪرام جي زيارت ڪئي بلڪه
نواب درياهه خان، بلاول شهيد، الهه بخش سومري جي
مزارن تي به سلام ڀريو.
آخري سلامي زنده ماڻهن مان ميان محمد امين کوسي جي
ڀريم. هاڻ سوال اٿندو ته اڳين درويشن، قومي هيرن
جي زيارت مان ته ڪجهه معنيٰ ۽ مطلب نڪري سگهي ٿو.
پر محمد امين کوسي جهڙي گوشه نشين، نيم مجذوب
سياستدان ۾ مون ڇا ڏٺو هو، جو ان وٽ سندس ڳوٺ هلي
ويس. ان لاءِ سندس سياسي ۽ مذهبي اعتقادات ۽ ڪردار
جو ذڪر ڪري، ناظرينن تي ڇڏيندس ته پنهنجا نتيجا
پاڻ ڪڍن. |