ابن النديم جو هيءُ حوالو غور طلب آهي ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي
مقامي صورتخطيون رائج آهن. غالباً اسلام کان اڳ
واري دور ۾ سنڌ جي مختلف ڀاڱن يا شهرن ۾ جدا جدا
صورختيون استعمال ٿيندڙ هيون، جيڪي چوٿين صدي هجري
جي آخري تائين هلنديون رهيون، حالانڪ سڄي ملڪ لاءِ
ان وقت عربي صورتخطي رائج ٿي چڪي هئي. سنڌ جي
مختلف صورتخطين واري اها رسم ويندي ٽالپرن اميرن
جي دور تائين هلندي آئي جو ان وقت پڻ سنڌ جيڪن
شهرن ۾ جدا جدا قسم جا ’واڻڪا يا هٽڪا اکر‘ هلندڙ
هئا جن کي ڪئپٽن اسٽئڪ
(Stack)
سنه 1850ع ۾ پنهنجي ٺاهيل گرامر ۾ شايع ڪيو آهي.
اِصۡطَخّري ۽ اِبن حَوقل جا حوالا ته سنڌ کان ملتان تائين سنڌي
ٻولي ڳالهائجي ٿي، ۽ ابن النديم جو حوالو ته سنڌي
ٻولي جا جدا جدا محاورا ۽ رسم الخط آهن، - انهن
مڙني حوالن جي تصديق سٺ سال کان پوءِ محقق بيروني
جي مشهور تصنيف ’ڪتاب الهند‘ مان ٿئي ٿي جيڪو هن
’هندن جي تهذيب ۽ ثقافت‘ بابت لکيو. هو پاڻ برصغير
هند ۾ آيو ۽ 1017ع کان 1030ع واري عرصي ۾ پشاور
کان وٺي ملتان تائين انهيءَ موضوع بابت تحقيق ڪندو
رهيو. بيروني هي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو پر هڪ محقق جي
حيثيت ۾ هن جابجا اصل سنسڪرت وارا الفاظ ۽ فقرا
توڙي ان وقت ۾ رائج مقامي ٻولين جا اسم ۽ الفاظ
ڏنا آهن، ۽ بعضي ڪي علاقائي معلومات پڻ درج ڪيا
آهن:
(الف) هڪ جاءِ تي ڳڻڻ جا انگ هيٺين طرح ڏنا اٿس
(1).
عدد قطاري |
عدد قطاري |
عدد قطاري |
عدد قطاري |
(البيروني) |
(موجوده سنڌي) |
(البيروني) |
(موجوده سنڌي) |
بَرفَة
بَيَہ
تَريَہ
چوٿ
پنچي
ست
ستين
اٺين |
برکُ، بَرڪَتُ
(*)
ٻه
ٽي
چار
پنج
ڇهه
ست
اٺين |
نوين
دهين
ياهي
دواهي
(تروهي) ترهي
چودهي
پنچاهي |
نَوَ
ڏهه
يارهن
ٻارهن
تيرهن
چوڏهن
پنڌرهن |
(ب) ٻارهن مهينن جا نالا هن طرح لکيا اٿس
(2).
مهيني جو نالو |
مهيني جو نالو |
مهيني جو نالو |
مهيني جو نالو |
(البيروني) |
(سنڌي) |
(البيروني) |
(سنڌي) |
1- چيتر
2- بيشاڪ
3- جِيرتِ
4- آشار
5- شرابن
6-. بهادرو |
چيٽر
ويساک
ڄيٺ
آکاڙ
ساوڻ
بڊرو |
7- اشوج
8- ڪارتڪ
9- منکهر
10- پوش
11- ماڱ
12- پاڱن |
اسو
ڪتي
منۡگِهُر، ناهري
پوهه
مانگهه
ڦَڳُڻ |
(ج) هفتي جي ڏينهن جا نالا هن طرح قلمبند ڪيا اٿس
(1).
ڏينهن جو نالو |
ڏينهن جو نالو |
ڏينهن جو نالو |
ڏينهن جو نالو |
(البيروني) |
(سنڌي) |
(البيروني) |
(سنڌي) |
آدتِ بار
سوم بارَ
منڱل بار
بُدَبار |
آرت وار
سومار
منگل وار
ٻُڌر وار |
برهسپت وار
شُڪر بار
سنيشچر بار |
وسپت وار
شڪر وار
ڇنڇر
|
(د) بعضي ان وقت جا ڪي ٻيا الفاظ پڻ آندا اٿس، جيئن ته:
البيروني جي وقت ۾ |
موجوده سنڌي |
البيروني جي وقت ۾ |
موجوده سنڌي |
اڱل
ٿوهر
جِنُجُوا
پاتال (هيٺ ٽين نمبر زمين) |
آڱر
ٿوهر (ٻُوڙو)
جڻيو
پاتال |
ڀُومَ
پرَهِر
برلو
مڱر |
ڀون
پهر
ٻِرُون، ٻُلهڻ
منگر (مڇ) |
مٿين مثالن مان ڏسبو ته محقق ابو ريحان البيروني خالص سنسڪرت
لفظن کان سواءِ ٻيا جيڪي عام مروج مڪاني نالا ۽
الفاظ استعمال ڪيا آهن، تن مان اڪثر موجوده سنڌي
ٻولي سان ملن ٿا. ايڊورڊ سخاؤ
(Sachao)،
جنهن ’ڪتاب الهند‘ (عربي متن) کي ايڊٽ ڪيو آهي،
تنهن پنهنجي مقدمي ۾ البيروني جي استعمال ڪيل
مڪاني لفظن ۽ خصوصاً ڳاڻيٽي جي انگن بابت لکيو آهي
ته: ’اهي جنهن ٻولي جا آهن سا، بنسبت ٻين جديد
هند. آريائي ٻولين جي، سنڌي سان انگن کي ”برقہ،
بيہ، تريہ“ لکي ٿي،
(1).
البيروني ڳاڻيٽي جي انگن کي ”فرقہ، بيہ، تريہ“ لکي
ٿو يعني ته ”برڪت، ٻه، ٽڙي“. سنڌ ۾ اڃان تائين
جڏهن ان جي راهه مئيندا آهن يا ڪا شيءَ توريندا
آهن ته ڌڙا ڳڻيندي ’هڪ‘ جي بدران ’برڪت‘ چوندا
آهن: اهو غالباً دعائي اصطلاح آهي، يعني ته شال
برڪت پوي! البيروني جيڪي هفتي جي ڏينهن جا نالا،
سال جي مهينن جا نالا، يا ٻيا عام الفاظ ڏنا آهن
تن تي غور ڪرڻ سان پڻ انهن ۾ موجوده سنڌي نالن جي
عڪس نمايان نظر اچي ٿو. ان مان گمان نڪري ٿو ته اڄ
کان ساڍا نو سوُ ورهيه اڳ جڏهن البيروني سندس وقت
۾ (1020 - 1030 هه) اهي الفاظ انهن اچارن سان لکيا
تڏهن سنڌي ٻولي جو دائرو ويندي ملتان تائين وسيع
ٿي چڪو هو. البيروني ملتان ۾ رهيو ۽ غالباً سنڌ ۾
پڻ آيو
(1)
۽ اهي الفاظ ملتان ۽ سنڌ ۾ ڳالهائيندا ٻڌائين.
اسان ابن حُقل جو حوالو اڳ ئي ڏيئي آيا آهيون، جو
هو چوي ٿو منصوره ۽ ملتان جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي
(2
ابن النديم جو بيان ته سنڌ ۾ ڪيئي رسم الخط رائج آهن، تنهن جي
بيروني جي تحقيق مان پڻ پوري تصديق ٿئي ٿي. بيروني
لکي ٿوته:
”مالوا ۾ ’ٽاگري‘ الف - بي هلي ٿي. ان بعد ’اردنا گري‘، (=
’اڌناگري’ يعني ’اڌ اکري ناگاري‘) ’ڀاٽيہ‘ ۽ سنڌ
جي ڪن ڀاڱن ۾ رائج آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ سامونڊي ڪناري
لڳ ’مَلَقشۡو‘ علائقي ۾ ’ملقاري‘ الف - بي هلي ٿي؛
۽ بهمنوا يعني منصوره ۾ ’سَينۡدَبَ‘ هلي ٿي“
(3).
پنهنجي هن بيان ۾ بيروني ڪم از ڪم ٽن صورتخطين جو پتو ڏنو آهي،
جيڪي 1020 - 1030ع واري عرصي ۾ سنڌ اندر رائج
هيون. ’ڀاٽيہ‘ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن‘، يعني
ته جيسلمير واري سرحد لڳ سنڌ جي اُڀرندين ڀاڱن ۾
’اڌ - اکري ناگري‘ هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀانئجي
ٿو ته اندازاً موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ، ۽
ٿرپارڪر ضلعن جي اُڀرندين ڀاڱن ۾ اڌ - اکري ناگري
هلندڙ هئي. سامونڊي ڪناري، يعني موجوده ٺٽي ضلعي
جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ’ملقاري‘ رسم اخط رائج هئي.
تاريخي اعتبار سان درياءَ کان اولهه طرف ميرپور
ساڪري واري علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان ’نِڱامرا‘ قوم
آباد هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي صورخطي
’نڱامري‘ ڏانهن اشارو هجي. وچ سنڌ واري علائقي ۽
گادي جي شهر بهمنوا يا منصوره ۾ ’سَيُندَبَ‘، يعني
’سَينڌؤ‘ يا سنڌي صورتخطي هلندڙ هئي. اها ’عربي -
سنڌي‘ صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين منصور واري
علائقي ۾ استعمال ٿي، ۽ اتان آهستي سڄي سنڌ ۾ رائج
ٿي.
عربي - سنڌي صورتخطي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق بيروني جي
لکيتن ۾ ملي ٿو. هن ’ملقاري‘ لفظ ۾ ’ق‘ حرف آندو
اٿس، يعني ته خود محقق بيروني سنڌ جي مقامي اُچارن
کي ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن تي ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر
ڪڍيا. ان مان ظاهر آهي ته ’سنڌي -عربي - صورتخطي‘
جيڪا اسان تائين پهتي آهي ان جا لکيت ۾ تاريخي
آثار 1025-1030ع واري عرصي ۾ ملن ٿا.
سنڌ جي لساني انفراديت ۽ بين الاقوامي حيثيت جو تسليم ٿيڻ
عربي - اسلامي دور ۾، نئين علمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ماحول
جي زير اثر، سنڌي ۽ عربي جو پاڻ ۾ گهاٽو رشتو ۽
عمل ۽ رد عمل پيدا ٿيو، جنهن سان سنڌي ٻولي جي
لسانِي اِنفراديئت مضبوط ٿي ۽ پڻ اها بين الاقوامي
سطح تي تسليم ڪئي وئي. انهي انفرادي حيثيت ۽ اهميت
سببان، سنڌي ٻولي بابت بين الاقوامي سطح تي علمي
تحقيق شروع ٿي جنهن ۾ جاحظ، ابن حوقل ۽ ٻين عالمن
سنڌي ٻولي متعق حوالا قلمبند ڪيا. چوٿين صدي هجري
جي ٻئي نصف ۾ اسحاق ابن النديم انهيءَ تحقيق ۾
اڳتي وک وڌائي ۽ پڻ ساڳئي دور ۾ بشر بن عبدالوهاب
اَلۡفَزاري سنڌي لغت جو وڌيڪ گهرو مطالعو ڪيو. ان
بعد پنجين صدي هجري جي پهرئين اڌ ۾ محقق بيروني
سنڌ ۽ سنڌي ٻولي بابت وسيع پيماني تي معلومات
قلمبند ڪئ.ي
ٻي ۽ ٽي صدي هجري کان وٺي عربي عالمن ’علم طب‘ تي تحقيق شروع
ڪئي، ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات، جڙين ٻوٽين
۽ پسارڪي وکر بابت ڪتاب لکجڻ لڳا.
جدا جدا ملڪن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي سمجهه ۽ سڃاڻپ خاطر ضروري
هو ته انهن جا نالا ٻين اهرين ٻولين ۾ ڏنا وڃن، جن
جي ان دور ۾ بين الاقوامي حيثيت تسيلم ٿيل هئي، يا
جن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ پسار
(Materia Medica) جي ڄاڻ جو علم ڪافي ترقي ڪري چڪو هو. انهيءَ ڏس ۾، قديم ٻولين
مان يوناني، رومي ۽ سرياني، برائج ٻولين مان عربي
۽ فارسي، ۽ هند جي زبانن مان سنڌي ۽ هندي جي بين
الاقوامي حيثيت تسليم ڪري انهن ٻولين ۾ دوائن ۾
استعمال ٿيندڙ معدنيات ۽ جڙين ٻوٽين جا نالا ڏنا
ويا. ’سنڌي‘ مان مراد خاص سنڌي ٻولي، ۽ ’هندي’ مان
مراد (سنڌي کان سواءِ) هند جون ٻيون جملي لعاتون
هيون. سنڌي نه فقط ان وقت ۾ بين الاقوامي حيثيت
رکندڙ هئي، پر سنڌ ۾ پسسارڪي وکر جي ڄاڻ وڏي ترقي
چڪي هئي؛ سنڌ ۾ پسارڪي وکر جو واپار ايترو وڌيل هو
جو هند جي ٻين ڀاڱن جون جڙيون ٻوٽيون پڻ سنڌ مان
ئي اولهه طرف ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون
(1).
انهيءَ ڪري ٻين معاصر ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ جڙين ٻوٽين ۽
پسارڪي وکرن جا نالا ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو.
اهو چئي نٿو سگهجي ته سڀ کان پهريائين ڪڏهن کان وٺي پسارڪي وکر
جا نالا سنڌي ۽ هندي ۾ ڏنا ويا. غالباً اهو سلسلو
ٻي صدي هجري ۾ سنڌ ۾ منصوره جي عالمن کان شروع ٿيو
۽ پوءِ بغداد تائين ڇپهتو. ابو حنيفہ دينوري
پنهنجي ”ڪتاب النبات“ ۾ سنڌ جي وڻ ڪندليٰ (ڪندليٰ
يا ڪَرڙي) بابت لکيو جنهن مان ڳاڙهو رنگ نڪرندو هو
(1).
محمد بن زڪريا رازي پنهنجي تصنيف ’ڪتاب الصيدنہ‘ ۾
ڪن اهڙن وکرن جا نالا ڏنا، جيڪي سنڌ ۾ پڻ شامل هئا
۽ سنڌ مان ئي ٻاهر ٿي ويا. چوٿين صدي هجري (جي
آخر؟) ۾، ’بشر بن عبدالوهاب‘ الفزاري (فَزاري
قبيلي جو) پنهنجي ڪتاب ”تَفلسِير الا دوِيہ“ ۾
پسارڪي وکر ۽ دوائن جا سنڌي ۽ هندي نالا وڌيڪ
تفصيل سان درج ڪيا. غالباً هو سنڌ ۾ آيو ۽ رهيو،
اتي ئي سنڌ وارن کان سنڌ جي جڙين ٻوٽين ۽ دوائن
بابت تحقيق ڪيائين
(2).
ان کان پوءِ محقق بيروني سنه 51/1050ع ۾ پنهنجو ”ڪتاب
الَصَّيۡدَنَہ في الطب“ لکيو
(3)
جنهن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا يوناني،
سرياني، عربي، فارسي، سنڌي، هندي توڙي ٻين ڪن
مقامي ٻولين ۾ قلمبند ڪيائين ۽ انهن بابت ٻيو وڌيڪ
تفصيل پڻ ڏنائين. بيروني هن موضوع تي کانئس اڳ
لکيل مڙني مکيه ۽ مستند ڪتابن مان استفادو ڪيو ۽
پاڻ پڻ سنڌ ۽ هند ۾ اچي سرزمين تي وڌيڪ تحقيق
ڪيائين. اسان جي پنهنجي قائم ڪيل راءِ موجب،
بيروني سنڌ جي اترئين پرڳڻي ملتان ۽ پڻ هيٺين
ڏاکڻي پرڳڻي منصوره (موجوده سنڌ) ۾ آيو
(1)
۽ ٻئي مطالعي سان ڏگ سنڌ جي جڙين ٻوٽين بابت پڻ
معلومات حاصل ڪيائين. بيروني پنهنجي ”ڪتاب
الصيدنہ“ ۾، مني سؤ کن جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا
’سنڌي‘ ۾ ڏنا آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ بشر جي
”ڪتاب تفاسير الادويہ“ جي حوالن سان ڏنا اٿس ۽
باقي پنهنجي طرفان تحقيق ڪري لکيا اٿس. جيئن ته
اهي نالا سنڌي ٻولي جي انفرادي اهميت ۽ بين
الاقوامي علمي حيثيت بابت هڪ تاريخي دستاويزي
حيثيت رکن ٿا، انهيءَ ڪري اسان ’ڪتاب الصيدنہ‘ جي
گهري مطالعي جي بناء تي انهن کي پوري تفصيل سان
هيٺ جدوَل ۾ ڏيون ٿا.
هن جدول جي پهرئين خاني ۾ ان وقت جو اهو مشهور نالو آهي، جيڪو
بيروني ”ڪتاب الصيدنہ“ ۾ الف - بي وار قلمبند ڪيو
آهي.ان نالي آڏو گول ٻڙي مان مراد آهي ته ان جو
سنڌي نالو بشر بن عبدالوهاب الفزاري جي ڪتاب تان
ورتل آهي؛ آڏو ستاري واري نشاني ڏيکاري ٿي ته ان
جو سنڌ نالو ۽ ٻيا معلومات خود بيروني طرفان ڏنل
آهن. ٻئي خاني ۾، ’سنڌي‘ نالا جيئن ’ڪتاب الصيدنہ‘
مان ۽ پڻ ابو حنيفہ دينوري جي ”ڪتاب النبات“
(1)
مان ٻيا اهڙا ضروري معلومات ڏنا ويا آهن جيڪي وکر
جي سڃاڻپ ۾ ڪارآمد ٿي سگهن. ان سلسلي ۾ ’ڪتاب
الصيدنہ‘ جي انگريزي ترجمي مان پڻ ڪي ضروري
معلومات کنيا ويا آهن. پڇاڙي جو چورس ٽنگين ۾ اسان
پنهنجي طرفان سنڌي نالن ۽ وکرن جي سڃاڻپ بابت ڪجهه
وضاحت ڏني آهي، جيڪا هن مرحلي تي ابتدائي حيثيت
رکي ٿي ۽ وڌيڪ تحقيق طلب آهي.
|