سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:22 

(ب) سنڌي بيت. هن ذخيري ۾، ’سنڌي بيتن‘ جو به هڪ تمام وڏو تعداد شامل آهي جن ۾، سٽاء جي لحاظ سان، سنڌي بيت جون اهي سڀ صورتون موجود آهن جيڪي اسان کي پهريائين قاضي قادن جي بيتن ۾ ملن ٿيون. پر فني سٽاء جي لحاظ سان، قاضي قادن جا بيت فقط ٻن مصراعن يا ٻن سٽن وارا هئا. ان وقت جي ٻئي هڪ شاعر ’پرهياڙ‘ جو بيت ٽن سٽن وارو ملي ٿو. ان بعد ميين شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ به فقط ٽي بيت ٽن سٽن وارا آهن. هن زخيري جي منظومين ۾ پهريون ڀيرو پنجن ۽ ڇهن ستن وارا بيت ملن ٿا. هيٺ اهڙن منطومين جي ’عنوانن ۽ نمبرن‘ جي حوالي سان ’بيت’ جي جدا جدا سٽائن جو تفيصل ڏجي ٿو.

ٻن سٽن وارا بيت، قافيا ٻنهي سٽن جي آخر ۾:

هن ذخيري ۾ وڏي ۾ وڏو تعداد، تقريباً سؤ، ٻن سٽن وارين بيتن جو آهي جن جي ٻنهي سٽن جي آخر ۾ هم آواز قافيا آيل آهن. اهڙا گهڻي ۾ گهڻا بيت (839) ”قصو مهتر يوسف عليه السلام جو“  [عنوان - 38] ۾ آهن. ’سنڌي بيت‘ جي اها آڳاٽن قصن ڪهاڻين ۽ ڳائڻ خاطر سٽيا ويا ۽ پڻ ڪن خاص موقعن ۽ واقعن وقت مخفي اهڃاڻن ۽ پيغامن خاطر آلاپيا ويا، انهيءَ ڪري انهن کي ”ڳاهه - بيت“ سڏي سگهجي ٿو. مثلاً [عنوان - 19] ”چار علم“ جي شروع وارا هيٺيان پنج بيت:

ساراهِجي سو ڌَڻِي جو خالِقُ خَلقَ

تَنہِ سَندي فَرمانَ ۾ ماڙهُو مِرُو مَلَڪَ.

تَنہ اوڙَ کَنِ ڪيترا ڪوڙين پَدَمَ لَکَ.

اَت اُپايا پاتشاهَه عالَمَ گَهڻا اَلَک

ڪي هَلَنِ، سُرَنِ ڪي، ڪَنِي ڏِنائِين پَکَ

ڪي عالِمَ، عاقِلَ ڪي، ڪي ڪِيائين بُکَ.

ڪَنِي گَنۡدَرِ گُذري، ڦوڙائو ۽ ڏُکَ.

ڪي سَرهَا سِڻين سين، ڪَنِي منہ ۾ ڏِکَ

ڪي ڪوجها، ڪي ڪُوڙا، ڪَنِيمُنہَ ۾ ڏِکَ

اِي پَرِ پَسِي ڪيتَرا وَهَ چَڙهيا ۽ تِکَ.

اهڙا بيت، جن جي پهرين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو، ۽ وري آخري سٽ جي وچ تي قافيو:

مثلاً [عنوان- 10] ”صفت ماهي و دريا“ ۾ آندل هيٺيون بيت:

اُهارِيندا ٻيڙِيُون، پَڳَہَ کَڻِي تَڙاءُ

مَڻَندا دَرِياءُ، پَسَنۡدا ڪوڏَ ڪَنا.

’سُر سامونڊي‘ جي سلسلي جو هيءَ هڪ آڳاٽو بيت آهي جيڪو هن ذخيري ۾ موجود آهي.

[عنوان -23] ” ڪتاب نظامي از ڪيداني“ ۾ هيٺيون بيت:

سَڀي ساراهون جِين چڱيون چاڳ کڻي

ڌُيون آهينءِ ڌڻي، ڪِي وڏي واکاڻِيون.

[عنوان- 30] ”مناجات موت نامه“ ۾ ٻن سٽن وارا اهڙا بيت:

اِلاهي رَبَ سَٻاجها، رَحقمت مڱا تَہِ ڏُهِلي وَيرَ

جِين ٻانهوُن ٻَڌِي پيرَ، هَلائِجي قَبَر مَڻي.

 

سَڙئي هَڏَ ڳورَ ڊَرهي، پِري پَچارَ نه پوءِ

ڪٿهِين ڪوءِ نه چوءِ، ته ڪي هُڙا ڪَڏِهين.

[عنوان - 15] ”الله ربي“ (ايمان جي اقرار جي دعا -1) ۾ پنجن سٽن وارو اهڙو هڪ بيت:

قُرآنُ مَهدارۡ منهنجو تَنِہ نالو فۡرقانۡ

نازۡل ٿِيوءُ نَبيَ کي خداُ جو فَرمانۡ

پَسي جَنِي مَحڃيوَءُ پُرور تَن ايِمانۡ

چڱايوۡن قِقامَ جوُن تِناءُ لَهندا دانۡ

جَنِيَ جو بَيان، ڄِڀانۡ ڪِيو نه ٿِئي.

اهڙا بيت، جن جي پهرين سٽ جي وچ تي قافيو ۽ باقي ٻين سٽن جي آخر ۾ قافيا:

مثلاً [عنوان - 33] ”قيامت نامو“ ۾ ، ڇهن سٽن وارو اهڙو هڪ بيت،

اَچي ڪِ آئِي، ڪونِہ شَڪۡ قيِامَ ۾

سِج موٽَندو، صُورَ لَڳندي، مرندا مِڙيائِي

پِيءَ نه پُڇندو پُٽرَ کي، ڀائۡرَ نه ڀائِي

ما چوندِي پُٽرَ کي آئون نه اُهائِي

نُو سِي ٿينِدي نَفسِي اهڙِي اُهکائِي

تَرسي تَهيِن ڏينہ کي ڪِرهَۡ سَمَرَ ساباهِي

اهڙا بيت، جن جي پهرين سٽ جي وچ تي قافيو، ۽ پڻ آخري سٽ جي وچ تي قافيو:

مثلاً [عنوان - 8] ”وفات پيغمبر عليہ السلام“ ۾ هيٺيان ٻه بيت:

درس درازي پارِ، آئو مَڪۡ حبيب جو

ڪندو سائي ڪار، حڪم جوءِ حبيب جو.

پِهرو پاڻ ڪِياءِ، پرت نبي جي پڌرو

مالڪ منجھا مون ڌڻي عالَمَ اُپاياءَ

دُرود پاهِجِي دوس اُتي پاڻِهي چياءِ

سَڄَڻ سو سَنڀالاءِ، جَہِ تاري ۾ تَڪئِو.

”قصي اسماعيل پيغمبر عليہ اسلام“ ۾ مٿين سڀني صورتن وارا بيت موجود آهن جيڪي چونڊي هيٺ ڏجن ٿا ته جئن هن آڳاٽي ذخيري ۾ شامل اهڙن بيتن جي سٽاءُ، ٻولي ۽ بيان بابت ڪجھ وڌيڪ تفصيل ذهن نشين ٿي سگهي.

نه دوستي دُورِ ڪِئاءَ، نه تو ڏۡڃَڻ ڏوُرِ

ڪي ڪوٺي تَڙايين، ڪي ڪوٺين حضُور.

-------------

سوَن وَنِڪا سُپرِين ڪوٺي ڪُسايا

ٻيا سي ٻُجھايا، جي سائينءَ سين نه سوُئا.

-------------

اَڳي اِبراَهيم کي آراڙِ وُجھاياءُ

پڻي فَرمان ڪِياءُ، قَهارۡ ڪوٺائيِي ٿي پاڻ کي.

-------------

آيوءُ ابِراهيم کي ڌَڻِيَ سَندو فَرمان:

ڪَرسِرِ کي قُربانۡ، تتِ به ٺاهيون قِبلي.

-------------

ٻِيءَ راتِ ”ٻَٻَرۡ“ چوءِ، پڻِ ڪو سَڏُ سوُئاءَ

مَاري ماهۡ ڪِياءِ، سۡڀا، سَهس گهاوَ تَنِہ.

-------------

تا ڪِيو ٽِريءَ رات، اَچيِ اِشارَتَ ۾

ٻَهوُن ماري ٻَڪَرا، ڏيہَ ڏنائِين ڏاتِ.

-----------

ڇوئين رات چياءِ ڏينهون سَوِکهو سُڦِروَ

اِن سُهڻي سَنِگؤ اُٿي آه ڏناءِ

-----------

اُتان اُٿِي هلِئو، پٺِي پُٽَر لَڳوسِ

سُتي سَڏَ ٿِئوسِ، پَسِي پارَڻۡ هَلئو.

-------------

ٻيٽو ٻاپۡ ٻِئو ڄڻا ويٺا ڪِٿهين وَجھُ

”هُو الله“ رِءَ اَڄۡ، تارِي طاقَتَ ناهِ ڪاءَ.

-------------

جَبِرئيل جهَتَ ۾ وَڃي ڪارِ قَرارۡ

اُسُہۡ، اسماعيل جو متان وڍي وارۡ.

-------------

جھَلي ٻانِہَ پيءَ کاءُ اَچِي اُٿارِياءَ

گهَٽو اُتِ ڪُٺاءِ، قائِمۡ اُڀارياءِ قِبلو.

-------------

جانۡ ڪِي زورَ منجھاءُ، ڪاتِي پائي پُٽَر کي

مۡنہۡ ميڻائِي ڪُونئرَو، موۡر نه وَري داءُ.

-------------

سَجھۡ ڪِيائيِن سُهڻو، تيِ پٽر لڌائيِن ڏانۡ

مَڃيائيِن جيِن اِحسان ، ته سائينءَ سَڀ سُهڻِي ڪِئِي.

-------------

سَئين دَماما نگَرا، ديهين دَسَ وَڄَنِ

پيغامبَر جِي بِکَڙيِ جاجَڪَ جُودَ نَچَنِ.

-------------

تَئين پَچِي سارَڙا، ڀوڄَنَ ڀَتَ رَجھَن

فَوجۡون فَقيِرنَ، آيۡون کايۡون اُسَهِي.

-------------

ڪُنڊوُن ڪَپَرَ آرَ، وَنگَ وَراڪا واديۡون

ڪَرَ کِيوۡون  غارَ، تارَ ڪِٿهيِن ڪنڌِيوۡن.

-------------

مِيين جي مُلۡڪَ ۾ عَجَب اَت اَپارَ

ڪي اَئڌ اَوارَ، ڪَنِ خَبَر پاڻ لَهي.

شاعرانه صنعتون:

جيتوڻيڪ اصولي طور هيءَ ’منظوم‘ ذخيرو آهي ۽ نه ’شعر شاعري‘ جو بياض، ۽ پڻ ’نظم‘ به بالڪل اوائلي صورت وارو سادو آهي. ته به ڪن منظومين ۾ شاعرانه شعور ۽ شعري صنعتن جي جھلڪ نظر اچي ٿي، هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ساڳين فقرن جو وري وري آڻڻ يعني ’وارڻ‘ واري خوبي يا ’صنعت تڪرار‘، پهريون ڀيرو هن ذخيري ۾ سالم صورت ۾ سربستي نظر اچي ٿي. مثلاً [عنوان - 30] هيٺ ’ڪنڌر‘ جي منظوم ڪيل ”منظوم ڪيل ”مناجات موت - نامي“ جا ٻاويھ بيت ”الاهي رب سباجھا رحمت مڱي“ واري ساڳئي التجائي فقري سان شروع ٿين ٿا. [عنوان - 1] ”جباري صفت خدائي“ واري منظوميي جي ٽيويهن بيتم ۾ ”هُئو ڌڻي سگھپ سين“ وارو ساڳيو فقرو هر بيت جي ٻئي سٽ ۾ ورجايل آهن.

پهرين سٽ ۾ ’وراڻ‘ يا صنعت تڪرار جو مثال

اِلٰهي رَبَ سٻاجھا، رَحَمت مَڱا مُحِمدَ اُتي

۽ سندِهيس آلَ

فضۡلۡ ڪَر سڀن سين جملي مومنين جالَ

اِلٰهِي رَبَ سٻاجھا رحمتَ مَڱا اوچتي مِرڻاءُ

رِءَ توبَہَ جو وڃي لَڏي دُنِي مَنجهاءُ.

 

اِلٰهي رَبَ سٻاجها، رحمت مڱا سندي مرڻ وير

جينءَ پَگهَرُ نِراڙاءُ نِڪري، اَکِين اَبَتا ڀيرَ

هِڏڪِي هڻي حَلِقَ ۾ جَڏِين ٺَرَهِ پِيرَ.

 

الٰهِي رَبَ سٻاجھا، رَحمت مڱا تَنِي اَهکايَن

جِين،ٻَيَڙَ روءِ ٻارَنِ سين، ما پيءَ دانهون ڪَنِ

پوٽرا ڏِسڻو پاهِجا هَي ڪيو هَٿَ هَڻَنِ.

ٻي يا پوئين سٽ ۾ ’وراڻ‘ جو مثال

جين پاڻِ هِي هوءَ ڌَڻي، اُپايائِين ڪِي نه (1)

تَڏءِهِ مُلڪُ سَندو تَهِين ڏٺو ٻي ڪَهِين نه.

 

سو هاڻي، سو تَڏهِين، سَرندو مُلڪُ جَبارَ

اُوڻو آڳَرِ نه ٿِئي، گَهٽ نه ڪِينِي وارَ (2)

نه هوءَ جِياڏُ ڪو، نه ڪو هوءُ راڳُ (3)

هوءُ ڌَڻِي سُگهِپَ سين، نه ڪو وري وَڻاڳُ.

 

حِرصُ نه هوءُ تَڏِهين، نه هُئِي هَرفاتِ

هوءُ ڌَڻِي سَگهِپَ سين، نه وِهاڳُ نه راتِ.

 

سُجههَ نه هُئِي تَڏهين، نه تَقديَر نه رُوحُ

هوءُ ڌَڻِي سَگهِپَ سين رازِقُ رَبُ صبُوحُ.

[عنوان- 29] وارو هيٺيون نظم هڪ ته مِٺي ترنُم واري ’ڇوٽي ڇوهي بحر‘ ۾ سٽيل آهي ۽ ٻيو ته سڄو ’مستزاد صنعت‘ سان سينگاريل آهي: يعني ته ان جي هر بند جي پويان وڌيڪ سهڻائي خاطر ساڳين قافين وارو هڪ ننڍو (وڌيڪ) فقرو آندل آهي.

جَنہ جِيُون ڪَنِ وِماسُون وِيرَ

سو پَنڌُ مٿي مون حَقِيرَ

صباحَ سَنجهه ٿِيندو سِيرَ - اَلله تو آهارَ

نه تَنہِ سَمَرُ،نه ساندارو

پار پِريان جي هَلِيو بارو

اڳِيان ڏِسي ڏيہُ ڀَوارو - نَڪا تِتِ تَوارَ

تُنهجو ٻانهو تو دَرِ آيو

پُسِي پاهنجا ڏوهَ لڄايو

رَحمتَ مَڱي پَلئُوه پايو - سٻاجها ستار

*              نه سو نَڪُ جو آمي ڦارِ

نه سي نيڻَ ڪَٽوري ڪارِ

نه سا ڀِرنِ ڪارِي بارِ - نه سي پِرين لَهنُون سارَ

*              نه سي اَهُرَ اَرَتي وَنِ (1)

نه سي پاتا ڳَلَ پِريَنِ

نه سي ڏندَ جها مُکڙيَنِ - نه سي سڄڻَ ڪَنِ سَنڀارَ

هِهو حالُ جهَيِنَ

ڪِيئن ڪَرئين منَجهاتون ڪِينَ

يا الرحيمُ الرّاحِميِنَ - ٻاجهان ٻانهي کي اُڪارَ

پَروِرُ سَڀا تو اُپايو

دوسُ تُهجو سَچو آيو

مُحمدُ رسول اسان کي شفيِع پَسايو - ميڙِ هو مُحمد کي مختارَ

وينداسي ايمانَ سين جَنِ ڪلمي سارَ

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

هن منظوميي جي ستاري وارن ٻن بندن ۾ سهڻين تشبيهن واري صنعت سمايل آهي، جن جو ٻيو موثر مثال [عنوان- 5] ”حضرت محمد صلعم جي سوانح“ جي هيٺين بيتن ۾ ملي ٿو جن ۾ نبي سڳوري جي سونهن جي - وصف لاءِ ’سينگار‘ جو لفظ آندل آهي. ’سنڌي سينگار شاعري’ جي روايت جنهن ۾ نبي صلعم جي سونهن جي سهڻين تشبيهن واري وصف هڪ خاص الخاص موضوع رهيو آهي، تنهن بابت هي بيت ۽ ان ۾ آندل اصطلاح ’سينگار’ ادبي تاريخ جي لحاظ سان وڏي اهميت وارا آهن:

پُنِ پُڇاءِ وَرُ ٿِيو سَلُ سَنَدسِ سينگارَ

سندي خَتم انبيا رسولَ ڪَهرا پارَ

 

اکيون هَٿَسِ اُجِريون پُوڇَڙَ يارا پاند

ڪِيا اوجاڳي سڄڻين ڪَڪوريا تو ڪاند

 

رِءَ سُوئيري سُوهڻا ڪارائي نيڻن

گهڻو اَڇائي اُجَرِي ڌارِي جا تارن

 

تِينِي سونهِن مُنہ ۾ تارا ڪاريَ ڪورَ

ڪِي پُڻِ پوءِ اکين ۾ ڳاڙهائي جِي مورَ

 

سونهِن سُپيرين کي سِر رُخسارين خالَ

پنبڻيون پوڄ تَهِين، ڇَپَر جوڙَ جمال

مٿين وضاحت جي روشني ۾، سنڌي منظوم بندن ۽ سنڌي بيتن جي فني سٽاء بابت ڪي نظريا جيڪي اسان هن کان اڳ شاهه لطف الله قادري جي ”سنڌي رسالي“ جي مطالعي جي بناء تي قائم ڪيا هئا تن ۾ ترميم جي ضرورت آهي. شاهه لطف الله قادري جي ’سنڌي رسالي‘ جي مقدمي ۾ (جنهن جا صفحا هيٺ ڏنا ويا آهن) ائين چاڻايو ويو هو ته:

ــــــ شاهه لطيف الله قادري، سنڌي ’بيت‘ جي ساڳئي قافيي واري ستن جي تعداد ۾ اضافو ڪري ’ڊگها بند‘ سٽيا، جن جو مثال پهريون ڀيرو سندس ڪلام ۾ ملي ٿو جو سندس هڪ بند ۾ يارهن سٽون........ سنڌي نظم جي تاريخ ۾ اهي آڳاٽي ۾ آڳاٽا منظوم ’ڊگها بند‘ آهن (ص 25).

ــــــ شاهه لطف الله قادري کان اڳ سنڌي بيت ٻن، ٽن يا چئن سٽن وارا هئا: سندس ڪلام ۾پهريون ڀيرو ڇهن ۽ ستن سٽن وارا بيت ملن ٿا (صفحا 23 - 24).

ـــــ فن شاعري جي لحاظ سان، بيتن ۾ ’تڪرار‘ يا ’وراڻ‘ جي صنعت جو باني مباني شاهه لطف الله قادري (صفحو 29)

هاڻي هن آڳاٽي ذخيري جي دستياب ٿيڻ سان معلوم ٿيو ته ’ڊگها بند‘ توڙي ’ڊگها بيت‘ شاهه لطف الله قادري کان اڳ منظوم ٿي چڪا هئا، ۽ پڻ بيتن ۾ اندروني ’وراڻ‘ يا ’تڪرار‘ واري صنعت شاهه لطف الله قادري کان اڳ جي سياڻن سڄاڻن پهريائين استعمال ڪئي. هن ذخيري ۾ ’سنڌي بيت‘ جي سٽاء جون پڻ سڀئي صورتون موجود آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي شعر جي تاريخ ۾ اهي رجحان گهڻو آڳاٽا نظر اچن ٿا جنهن جي تصديق هن ذخيري ۾ شامل اڪثر منطومين جي ٻولي مان ٿئي ٿي.

ٻولي جي سٽاءَ ۽ قدامت

هن ذخيري ۾ شامل گهڻن سڀني منظومين ۾ آندل ٻولي ڪافي آڳاٽي آهي، ۽ ڪي لفظ ۽ بياني ترڪيبون قاضي قادن (وفات 958هه) ۽ ميين شاهه ڪريم (وفات 1032هه) جي بيتن ۾ استعمال ٿيل لفطن ۽ ترڪيبن جهڙيون، يا اڃا به وڌيڪ انوکيون ۽ آڳاٽيون لڳن ٿيون. مثلاً

هاڻي ڪَرِيہُ ڪِي      = هاڻي ڪريون ڪيئن

تا پَڇيرو               = تنهن کان پوءِ جو

وڏِين ڏاتِين             = وڏيون ڏاتيون

آڳہُ اجهو جَن ۾ اَهان پُواءِ آهه = مدد جو آسرو ۽ بچاءُ جن ۾ اوهان

                                 کان پوءِ آهي. (اوهان کان پوءِ جن ۾

                                اسان لاءِ مدد جو آسرو ۽ بچاءُ آهي)

تو ڳاليان               = توکي چوان، توکي واکاڻيان

سَلُئان                  = سليان، سچ ڪري ٻڌايان

مُيَداهءِ                  = مُنجداءِ، موڪلينداءِ

سُڻيجاهُ                        = سڻجانءِ، تون ٻُڌ

ڏيجاهُ                  = ڏجانءِ، ڏجئو

ئه ڪو ڄييندس       = نه ڪو جنم ڏيندس

ڪُڄاڙي رُوءِ           = ڪهڙي حال ۾؟

پاڻو آڻو                        = خودبوخد

پُونۡدا           = پَوَندا

چُوندا           = چَوَندا

اِيۡہُ              = هيءُ، اهو

اُڻو اَڳرو         = گهٽ وڌ

مالُ گَرَٿَ       = مال ۽ ڳنڍ ۾ رکيل ناڻو، مال مُوڙي

ڳالِين          = ڳالِهين، ڳالهيون

لَهرِين          = لهريون

ڀيرِين          = ڀيريون (وڏا شاهي نقارا)

مُندِين          = مُندون

ڪوڙِين        = ڪوڙيون

سَٽراڻو          = سخت، ڏکيو، زورائتو

اَهان پَواءِ       = اوهان کان پوءِ

اَساهجو        = اسان جو

اسين رسئا ايتري= اسين ايتري تائين پهتا آهيون، اسان کي

                        ايتري قدر معلوم ٿيو آهي

وِيا وَهي        = لنگهي ويا

اُلهندو سينءِ   = اُلهندي تائين

اگهُه بازار      = بازار جي اگهه سان

هَٿوئي         = اَٿوئي، توکي اٿئي

هَٿَسِ           = اَٿس

ڌارو آر         = ڌاروڌار

ويري تار               = ويرو تار

امانگرا         = گهڻا

فعل

چوءِ            = چوي         آکڻ    = چوڻ

پوءِ             = پوي         اوڙکَڻُ  = ڏسڻ

پڙيِهُه          = پڙهين               پَرنَڻ   = سپرد ڪرڻ

سُڻيِههُ         = سُڻين               اُبهڻ، اُبِيٺڻ = سنئون ٿي بيهڻ،

                                        اٿي بيهڻ (اُبِيٺا = اُٿي بيٺا

جَکيِين         = ڏسين               اُپَٽڻُ            = کولڻ

هَٿَو            = اَٿوَ           اَندو هجڻ      = پريشان ٿيڻ

                                                        (اندوهِهين = تون

                                                        اندوهه ۾ پئين)

                                        اُلَهَڻُ           = مٿان لهڻ (اُلٿا = لٿا)

لِڌو             = لکيو         تُرڻ             = تور ۾ برار ٿيڻ

ڄيندُس                = هن کي ڄڻيندو     چوئِڻُ           = چوڻ

مَڃَهُون         = مڃيون              جوهڻ          = ڏسڻ

سنڀُوڙا         = سنڀريا               ڪَرِهو          = ڪريو

سَنۡڀُرئين               = حاصل ڪرين       آئو             = آيو

نِهيرَڻ          = دفنائڻ (ميت)       هوئڻ           = ٿيڻ، هجڻ (هوءُ

                                                        = هُج، ٿيءُ)

ڳَري لڳڻ      = ڳلي لڳڻ، ڀاڪر پائڻ

مُيَڻُ، مُيَئَڻُ     = مُنجڻ،               سَهُه ٿيڻ               = فرمان ٿيڻ،

                                                        حڪم ملڻ

ڦِڳائڻ          = اُڇلائڻ               وَه چڙهڻ               = لُڙهي وڃڻ

وِهُرَڻُ           = وِڦلڻ         مَڻڻُ            = سڌو لنگهڻ،

                                                قصد ڪري سڌو اچڻ

اسم، فاعل وغيره

ڏُڄڻ    = دشمن               اِرڪُ            = ٺونٺ

ٿوب   = ٿورو         اَنۡجُهه          = اهنج، ڏک

آهيڙو  = شڪار (ٿيڪل جانور) اَپاهتا        = ٻاهريان، اجنبي

کيڻَ    = کاڌا، طعام  آواجَ            = آواز

سَڳارَ  = واٽ، راه     بُجرو           = مُجرو، ادائگي

آهرو    = آرسي               گُوندر          = ڏک

چِينءَ   = باهه         مُنِيدِي         = منادي

پَريان   = اڇا وار               ڪِتيبُ         = ڪتاب

چوئڻهار        = چوڻ وارو     ٻاپُ            = پيءُ

لکڻهار = لکڻ وارو، لکندڙ دوسُ               = دوست

آجِڪو = رزق          مَرهيات                = رحمت ڪيل، بخشيل

آڏِتُ   = سج          ڳِيهرُون        = ڳاهن ڏيڻ وارا، ڳائيندڙ

سَمِرَٿَ         = سگهه، طاقت       مَڱر            = باهه، مچ

ويڻُ    = ڳالهه، گفتو، ٻولُ ڳاهَروُ              = ڳاهن ڏيڻ ورا، ڳائيندڙ

ڳويُون  = ڳانۡيون               چيتَ ڪِلاڙ    = جانچوسِي، خبر لهندڙ

سهڻو  = خواب                دِکَ            = نظر، ڏيکاء

پَڳريُون = ٽوليون (فوجن جون) وِياهُ             = وِهانء، شادي

پَرياڻ   = دليل         ڀاءُ             = تَر ڀاءُ، پتو

هورو    = ڀورو، گرانهه وا               = وائي، ٻولي

مهينن جا نالا: سِراڻ = ساوڻ، بَڊرو، اَسُو، ڪَتِي، ناهري يا نهاري، پوهُه، ماهُ = ماگهه، ڦھڻ، چيٽُر، وِهاءُ = ويساک، ڄيٺ، آراڙ = آکاڙ

ضمير، جري ۽ اضافي صورتون، ظرف وغيره

اِيہُ              = هيء         مَڻي           = وٽ

اِهين   = انهين               ڳَرِ              = کي (روئي لڳو ڀاءُ ڳَر)

تا              = تنهن کان   لڳ            = واسطي، لاءِ (نفعي لڳ

                                                = نفعي لاءِ)

پسا    = پوءِ          سِينءَ          = تائين

پڇيرو  = بعد ۾              ڳرا             = کان

ڦَرُ              = پوءِ          کاءُ             = کانءُ، کان

ڪَرا    = کان          تِهان           = تنهن کان

تَتاءُ    = تتان         تاءُ             = تانءُ

لوئاءُ    = لوءِ مان، ڳوٺ مان تانۡههُ            = ان جاءِ کان، اتان

پاڻياءُ   = پاڻيءَ منجهان      منجهارا                = اندر مان

ڏهياءُ   = ڏهين مان   پاراءُ            = پاران، ان طرف کان

اِڪارِ هياءُ= يارهين مان        ڏوهاءُ           = ڏوهه کان

ڌارو آر = ڌار ڌار               مُهاءُ           = مُنهن کان

ويري تار       = ويرو تار      تڙاء            = تڙ تان

آمانگرا = گهڻا        اَڀان            = اَڀن مان، آسمان مان

پانۡجا   = پاڻ جا، پنهنجا مِهِت پهڻاءُ = مسجد ۾ گهڙڻ کان

پَنره    = پنڌرهن      ويجهايا ويا    = ويم کي ويجهو

اُڃي پاڻي= اُڃي کي پاڻي     بُکئي کيڻُ    = بکئي کي کاڌو

جِهوءِ   = تو جهڙو     وزيروءِ          = تنهنجو وزير

ڏيهون  = اسان کي ڏئي       پڇڻ رنجورن   = ڏکويلن کي پڃڻ

اڳاڃُ   = گهڻو                جِمَ            = متان

اَتِ     = گهڻو               اوڙڪَ          = هرجاءِ، جٿي ڪٿي

اَلکِ   = بيشمار، ڳڻڻ کان ٻاهر تَتِ = تِتِ

جالارئو = گهڻو (پاڻي)        جيڪي تائين  = جيستائين

جَہِ، جُہ = جڏهن، جئن جو جئن جو

وَرُ              = ڀَلي، ڀَلو     وَري            =  توڙي

جَنۡهَر   = جنهن وير، جنهن وقت

ضمير استفهام

ڪِي   = ڪيترو، ڪهڙو              ڪُر    = ڇا، ڪهڙو

ڪيهِي = ڪهڙي              ڪُڄاڙو = ڪهڙو عدد

ڪاره، اِڪارَه = يارهين         پنرَه    = پنڌرهن

ڇهاستر        = ڇاهتر                        اَٺاره    = ارڙهن

اضافي ترڪيبون ۽ پڇاڙيون

نبيان سلطان           = نبين جو سلطان

نبيان راءِ               = نبين جو راءُ

وارِي ڊُها               = واريءَ جا دڙا

ڌَڻِي نانءِ               = ڌڻيءَ جي نالي تي

فرعونَ ڌِيُ              = فرعون جي ڌيء

واٽَ مُنۡہِ                = رستي جي منڍ ۾

اَميرَ گَهرِ               = امير جي گهر

ڪڇُنِ وِچُ              = بغلن جو وچ

ڪَنَنِ وَرِ                = ڪنن جا پاسا

وارَنِ پاڙون              = وارن جون پاڙون

ٻيرِ پَنَ                 = ٻيرَ جا پن

ساٿ - وڏيرو           = قافلي جو اڳواڻ

اُس تڙڪو              = اُس جي تپت

مون ڌڻي               = منهنجا ڌڻي

محمداءُ                = محمد جو

سَنۡدِ هِسِ              = سندس

اُتائُسِ                  = هن جي مٿان

ڳالهائوءِ                = تنهنجو ڳالهاء

لَهِسِ           = لهيس، ان کي لهي

مٿين حرفن، اسمن، فعلن، اضافي ۽ جري ترڪيبن ۽ فقرن تي ويچار ڪرڻ سان ٻه نتيجا سامهون اچن ٿا. هڪ ته انهن مان ڪي منظوميا سنڌ جي ٺٽي ۽ لار واري ڀاڱي جي ڪن عالمن ۽ سڄاڻن تصنيف ڪيا ۽ ٻيا سنڌ جي اُڀرندين ڀاڱي (ٿرپارڪر، سانگهڙ، خيرپور ضلعن جي اُڀرنديين ڀاڱن) جي عالمن ۽ سڄاڻن تاليف ڪيا. ڇاڪاڻ جو ٻولي توڙي لعات انهن پاسن جي معلوم ٿئي ٿي. ٻيو ته اندروني بيان جي لحاظ سان سڀني منظومين ۽ لفظن جي فراواني ۽ رواني بدران لفظن جي ٿورائي ۽ عبارت ۾ هٻڪ آهي. مجموعي طور سانهنن منطومين ۾ آندل ٻولي ’ٿور - لفظي‘ آهي، ۽ نظ۾ به نثر جهڙو اهي. ان مان ظاهر آهي ته گهڻن منظومين جي ٻولي ڪافي آڳاٽي آهي. ان مان ظاهر آهي ته گهڻن منظومين جي ٻولي ڪافي آڳاٽي آهي، ۽ اهي موضوع آڳاٽو منظوم ڪيا ويا. جيتوڻيڪ ڪاتب عزت بن سليمان هن مواد کي 1067 - 1029هه (1655 - 1657ع) وارن سالن ۾ اتاريو، پر يقيني طور گهڻي ڀاڱي اهو ڪافي اڳ موجود هو. ڪيترو اڳ موجود هو، سو چئي نٿو سگهجي، پر ايترو سارو مواد ڪم از ڪم سؤ کن سالن جي عرصي ۾ تصنيف ٿيو هوندو. انهيءَ اندازي موجب، اهو عين ممڪن آهي ته 1067 هه کان سؤ کن سال اڳ، يعني ته ڏهين صدي جي نصف کان وٺي سنڌي ۾ اهڙي مواد مهيا ڪرڻ جي شروعات ٿي هجي.

ڪاتب جي اُتاري وارو مواد به سڄو سالم نه بچيو آهي ۽ ڪجهه ڀاڱو ضايع ٿي ويو آهي. هڪ ته اهو اُتاريل مواد به اڃان وڌيڪ هو، ٻيو ته ايترو مواد هڪ ڪاتب پنهنجي ذوق ۽ ضرورت خاطر هڪ جلد ۾ اُتاريو. ان کان سواءِ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ٻيو به اهڙو مواد موجود هوندو، ڇاڪاڻ جو ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن ان وقت مختلف موضوعن تي سنڌيءَ ۾ مواد پئي منظوم ڪيو، جنهن جي اهڙي تصديق تيرهن جدا جدا عالمن، استادن ۽ سڄاڻن جي تاليف ڪيل منظومين مان ٿئي ٿي، جيڪي هن ذخيري ۾ شامل آهن، جيڪو ان وقت فقط هڪ ڪاتب گڏ ڪيو ۽ لکيو. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڏهين، يارهين صدي جي نصف (900 - 1050هه) دوران، سنڌيءَ ۾ هڪ وڏو تعليمي، علمي ۽ ادبي مواد لکيت ۾ موجود ٿي چڪو هو.

نتيجا

1.              هن دور ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن انهيءَ تعليمي نظريي ۽ تعليمي تحريڪ جو بنياد وڌو ته ٻارڙن کي بنيادي تعليم سندن مادري زبان سنڌي ۾ ڏني وڃي ته جيئن هو سَولائي سان مڪتبي تعليم پوري ڪري سگهن.

2.              هن تحريڪ هيٺ سنڌي ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ ان لاءِ سنڌي ۾ درسي مواد مهيا ڪرڻ جي شروعات ٿي.

3.              اهو درسي مواد منظوم صورت ۾ مهيا ڪيو ويو. انهيءَ لاءِ ته شاگرد توڙي ٻيا عام پڙهندڙ ان کي ذوق ۽ چاهه سان سکن ۽ پڙهن.

4.              اهڙو منظوم مواد جيڪو ان وقت هڪڙي ڪاتب، عزت بن سليمان، 1067 - 1069 هه وارن سالن ۾ اتاريو ۽ جنهن مان اوڻيتاليهن موضوعن وارا منظوميا سلامت بچيا آهن، جن ۾ تيرهن جدا جدا عالمن ۽ استادن جا تصنيف ڪيل منظوميا شامل آهن. ان مان اها تصديق ٿئي ٿي ته مواد جو ايڏو وڏو ذخيرو اتاري وارن سالن کان سؤ ڏيڍ سؤ سالن اڳ واري وڏي عرصي ۾، يا ڪم از ڪم سٺ ستر سالن واري عرصي (1000 - 1067هه) ۾ تصنيف ٿيو هوندو.

5.              ڪاتب عزت بن سليمان جي قلمبند ڪيل مواد جي گهڻائي مان هيٺين نتيجن تي پهچجي ٿو ته: اهو گمان نڪري ٿو ته هندور اندر، سنڌي ۾ ايترو گهڻو مواد تحريري صورت ۾ پيدا ڪيو ويو جيترو ان کان اڳ غالباً پيدا نه ٿيو هو.

6.              اوڻيتاليهن مختلف موضوعن بابت سنڌي منظومين جو هيء ذخيرو جيتوڻيڪ بنيادي طور تعليمي ۽ تدريسي آهي مگر ساڳئي وقت اهو هڪ قيمتي علمي ۽ ادبي ذخيرو آهي، جنهن جي مطالعي مان پهريون ڀيرو ڪي اهم نتيجا نروار ٿين ٿا. (الف) هن منطومين ۾ ’سنڌي بيت‘ جون اهي سڀ سٽائون جيڪي قاضي قادن جي بيتن ۾ ملن ٿيون سي موجود آهن. (ب) بيتن کان سواءِ هن ذخيري ۾ ’منطوم ڊگهن بندن‘ جو هڪ وڏو تعداد شامل آهي، ۽ ’ڊگها سنڌي منظوم بند’ پهريون ڀيرو هن ذخيري ۾ ملن ٿا. (ج) جيتوڻيڪ ’شعر و شاعري‘ بدران بنيادي طور تي هيء هڪ ’منظوم ذخيرو‘ آهي ته به ڪي ’صنعتون‘ پهريون ڀيرو هنن منظومين ۾ ملن ٿيون. جيئن ته بيتن ۾ ’وراڻ‘ يا ’تڪرار‘ جي صنعت ۽ ڇوٽي بحر ۾ ’مستزاد‘ واري صنعت، معنوي تمثيل جي لحاظ سان ’سر سامونڊي‘ جو هڪ بيت به وڏي اهميت وارو آهي.

7.              گهڻن منظومين جي ٻولي آڳاٽي آهي ۽ ممڪن آهي ته اهي ڏهين صدي هجري (950 هه ڌاري يا اڃان به اڳ) ۾ تصنيف ٿيا هجن. ’بيان‘ جون ڪي سٽائون، حرف ۽ ظرف، توڙي جري ۽ اضافي ترڪيبو، قاضي قادن (وفات 950هه) ۽ ميين شاهه ڪريم (وفات 1032هه) جي بيتن ۾ آندل لفظن، حرفن ۽ ترڪيبن کان به وڌيڪ انوکيون ۽ آڳاٽيون لڳن ٿيون.

باب اٺون

سنڌي ذريعي تعليمي تحريڪ جي ڪاميابي، سنڌيءَ ۾ معياري درسي ۽ علمي ڪتابن جي تصنيف، سنڌي صرف ــــ نحو ۽ لغات جي مطالعي، سنڌي نثر جي شروعات، ۽ اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي عروج وارو دور.

آخري مغلن، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جو دور

(1680ع - 1860ع)

هيءُ دور جنهن ۾ سنڌي ذريعي تعليمي تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿي ۽ سنڌي جي درسي علمي ڪتابن جي تصنيف ۽ اشاعت جو سلسلو وڏي پيماني تي شروع ٿيو، سو تاريخي لحاظ کان (پوئين مغليه دور ۾) سنه 1090 هه (1680ع) ڌاري شروع ٿيو، پر ڪامياب نتيجن جي لحاظ کان هيءُ سنڌ ۾ عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن اميرن جي آزاد حڪومتن وارو دور هو، جنهن ۾ نئين نصابي تنظيم جي نتيجي طور سنڌي ۾ معياري درسي ڪتابن توڙي علمي ادبي تصنيفن جو سلسلو وڌيو ۽ عام مقبول ٿيو. ايتري قدر جو ٽالپور حڪومت جي خاتمي (1259هه/1843ع) کان پوءِ به باوجود مخالف حالات جي اهو سلسلو ڪافي وقت تائين جاري رهيو. ڪتاب ”دائري واري سنڌي“ جيڪو هن دور جي علمي ۽ تعليمي تحريڪ جو نمايان نشان هو سو 1853 - 1860ع وارن سالن ۾ تصنيف ٿيو.


(1) . جپءُ = هئو.

(2) . اوڻو آڳر = گهٽ وڌ.

(3) . جياُ = جيئڏ، ساهوارو.

(1) . اَهَرَ = چَپَ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org