سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:27 

تعليمي نگاه کان جڏهن مادري زبان جي اوليت ۽ اهميت وارو اصول قبول ڪيو ويو ته هڪ ته سنڌي ۾ ابتدائي تعليم ڏيڻ لاءِ درسي ڪتاب لکيا ويا؛ ۽ ٻيو ته ثانوي سطح تي فارسي پڙهائڻ لاءِ سنڌي کي ’تعليمي ذريعو‘ بنايو ويو. شاگردن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ خاطر ڪم از ڪم ٻه خاص اپاء ورتا ويا: (الف) سنڌي لفظن جي صحيح معنيٰ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ، ۽ (ب) سنڌي ٻوليءَ جي سٽاء يعني صرف - نحو کي مطالعي هيٺ آڻڻ. هن سلسلي ۾، ڄاڻو استادن جيڪو مواد تيار ڪيو سو سڄو سلامت نه رهيو آهي جو صحيح طور تي اندازو لڳائي سگهجي؛ البت جيڪو مواد قلمي صورت ۾ باقي بچيو آهي، ان مان اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽو ڏهين ۽ يارهين صدي ۾ فارسي لغات ۽ فارسي صرف - نحو (گرامر) سيکارڻ لاءِ پڻ سنڌي ۾ درسي مواد تيار ڪيو ويو.

(الف) ٻوليءَ جي ابتدائي سکيا کاءِ ’دو - وايا‘ ۽ ’ٽه - ويا‘. شاگردن کي شروعاتي طور فارسي لفظن سمجهائڻ لاءِ هم - معنيٰ فارسي ۽ سنڌي لفطن جا ’دو - وايا‘ مرتب ڪيا ويا، ۽ اڳتي هلي ساڳئي اصول تي فارسي ۽ عربي لفظن کي سمجهائڻ لاءِ هم - معنيٰ سنڌي، فارسي ۽ عربي لفظن وارا ’ٽه - وايا‘ مرتب ڪيا ويا. اهي ٻئي نصابي نالا سنڌي - آميز آهن، جن ۾ ’وائي‘ (ٻولي) جو مفهوم سمايل آهي: ’دو - وايا‘ يعني ٻن ٻولين (فارسي ۽ سنڌي) وارا هم - معنيٰ لفظ، ۽ ’ٽه وايا‘ معنيٰ ٽن ٻولين (سنڌي، فارسي، عربي) وارا هم معنيٰ لفظ. شاگردن جي شوق ۽ ذوق وڌائڻ خاطر ڪن ’دو - واين‘ ۾ ڪي لفظ تُڪ - بندي سان آندائون ۽ پڻ ساڳئي جنس وارا لفظ يڪجاءِ ڪيائون.

’دو - واين‘ ۾ تڪ - بندي جا مثال، جئن ته:

’عُودان‘ ببا - ’گنبذ‘ قبا

’جغرات‘ ڌونرو - ’ڪوزه‘ ڪؤنرو

ساڳي جنس وارا لفظ يڪجاء ڪرڻ، جئن ته رڌ پچاء جا وکر:

فُوفل = مرچ   : اَجمُود = ولجاڻ

زيره = جيرو    : ڪِشنيز = ڌاڻا

جوزبو = جعفر : قرنفل = لونگ

اَجوان = جاڻ   : خرُما = کارڪ

ساڳئي ڌنڌي وارا لفظ، جئن ته لوهارڪو ڌنڌو:

آهن = لوهه    : تبر = ڪهاڙي

آهنگر = لوهار : ڪلند = ڪوڏر

آتش = باهه   : دابس = ڏانٽو

اخگر = ٽانڊو  : خدنگ = تڪو

اِنِگشت = اڱار : سندان = سنڌاڻ، سانداڻ

سنڌ جي ڪن اڳين عالمن ۽ درسگاهن جي بچيل پراڻن پنن ۾ راقم کي مختلف قسم جا ’دو - وايا’ (۽ پڻ ڪي ’ٽه - وايا’) نظر آيا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڄي سنڌ ۾ سڀني وڏين درسگاهن جا استاد پاڻ پنهنجن شاگردن لاءِ اهڙو درسي مواد تيار ڪندا هئا: ان مان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته مڪتبي سطح تي جتي ڪٿي ’سنڌي‘ ئي تعليمي ذريعو هئي.

(ب) سنڌي ذريعي فارسي ۽ سنڌي گرامر جو مطالعو. ڪن استادن طرفان لکيت ۾ آندل مواد جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته نه فقط فارسي اسمن جي ڄاڻ لاءِ ’دو - وايا‘ مرتب ڪيائون، پر سنڌي ذريعي ’فارسي صرف - نحو‘ پڙهائڻ لاءِ پڻ مواد مرتب ڪيائون. درسگاه ولهار جي ڪتبخاني جي اجڙيل ذخيري ۾ ٻن جدا ڪتابن جا ڪي ورق نظر آيا، جن مان هڪ ۾ سنڌي ذريعي ’فارسي صرف - نحو‘ ۽ ٻئي ۾ سنڌي ذريعي ’عربي صرف - نحو‘ جي سمجهائڻي جون عبارتون شامل هيون. مٿال طور فارسي لفظ ’چہ‘ (ڇا) جيڪو حرف ’استفهام‘ آهي تنهن جي سنڌي استفهامي لفظن ذريعي سمجهائڻي ڏنل هئي؛ هيٺيون عبارتون جيڪي وڌيڪ صاف هيون ۽ سمجهه ۾ آيون سي هو بهو نقل ڪجن ٿيون.

”چہ    : ڪڄاڙو

چہ گفتي       : ڪڄاڙو تو چيو

چيست : ڪڄاڙو آهه، ڪهڙو آهه

چيستي        : ڪڄاڙو اَيِهين تون“1

”چہ    : ڪڄاڙو

سو ٻه ڀيرا اسمن تي ٿو اچي جي ٻئي اسم معنيٰ ۾ هڪ هوندا جهڙو:

چہ مردان لشکر چه زنان

جهڙو (مردن جو) ڪٽڪ تهڙي جماعت جوئن جي

چہ باشد مُيَسّر بزودي فرست

جيڪين هوءِ ميسّر سگهو موڪل“

”سو ڪو... تر تِهڙو گهنُون جيڪو بگو

ٺول تهڙو سو ڪوه ته جيڪِ گنون

اي پنجئي مضاءٌ استفهام جي آهين سو استفهامُ

ڪِٿَهِم پروڙ وَٽَن نڃانتل کالجلآ مُراد هُجلآ جهڙو

چہ گفتي : ڪڄاڙو چيو تو

(= ’سو‘، ’ڪوه‘،... ’تهڙو‘، ’گهڻو‘ جيڪين به چئو

ٽول تهڙو سو ڪو ته جيڪين گهڻو

اهي پنجثي معنائون استفهام جيون آهين:

’سو‘ استفهام ’ڪٿهين‘

پروڙ وٺڻ نه ڄاتل ڳالهه جي مراد هجي جهڙوڪ:

چہ گفتي ڪڄاڙو چيو تو؟)


جيم مان سين مٽجي جهڙو

چين (مان) صين

چندن (مان) صندل (= سرکن ڪاٺي)

ٻئي هڪ ڪتاب جي ورق ۾ عربي صرف - نحو جي عبارت سان گڏ وچ ۾ هيٺيان پنج فارسي شعر ڏنل آهن، جن ۾ ’سنڌي صرف - نحو‘ سمجهايل آهي. ڀانئجي ٿو ته ’سنڌي صرف - نحو‘ بابت فارسي ۾ ڪو جدا منظوم ڪتابڙو لکيو ويو جنهن مان اهي شعر نقل ڪيل آهن:

”پنجند نَي فُزون نَي کَم - مُضاف مُضمر ذواللام مبهم ست عَلم علامت خبر لفظ آهي بدان - کيني سو کهرو ست عطف بيان سو، سا، سي از روي اوهم ڪري - علامتِ تميز است بي شبهتي چو حال است منجهه حال هوئڻ ان جي - چو مفعول دارد نسان کي

کري ’لہ‘ واسطي هم سبب ’فيہ‘ منجهه - ’معه، سا، جو، جا اضافت پنج“

اهي منظوم سٽون جئن اصل قلمي صورت ۾ لکيل هيون تئن اتاريون ويون آهن. ٻيءَ سٽ جي پهريئن اڌ مان صاف ظاهر آهي ته مصنف سنڌي لفظ ”آهي“ جي سمجهائڻي ڏيئي رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته: ”لفظ ’آهي’ کي ’خبر‘ جي علامت ڪري ڄاڻ.“ اهڙيءَ طرح انهن منظوم سٽن ۾ سنڌيءَ جون نحوي سٽائون ’عربي نحو‘ جي حوالي سان هيٺينءَ طور سمجهايل آهن:

ــــــ ’سنڌي نحو‘ جون سٽائون پنج آهن، نه گهٽ نه وڌ:

    (عربي نحو جي مناسبت سان) اهي 1- مُضاف 2- مِضمر 3- ذواللام

    4- مبهم 5- عَلَم جي برابر آهن.

    لفظ ’آهي‘ خبر جي نشاني ڪري ڄاڻ

1- ڪيئن 2- سو 3- ڪهڙو، بيان ۾ ’بدل‘ ۽ ’عطف‘ لاءِ آهن.

ــــــــ 1- سو 2- سا 3- سي ۽ 4- ڪري

     (سنڌي نحو ۾) بلاشڪ تميز جي نيشاني آهن.

ــــــــ ’حال‘ مان مراد، ”منجهه حال هئڻ ان جي“ آهي

            ’کي‘ ۽ ’ڳري‘ ٻئي ’مفعول‘ جي سڃاڻپ آهن.

ــــــــ       سنڌي نحو ۾ لفظ ’واسطي‘ (عربي نحو ۾) ’لَہُ‘ جي برابر آهي، ۽ ’منجهه‘، ’فِيہ’ جي برابر آهي:

ـــــ        سنڌي لفظ ’سان‘ برابر آهي عربي ’معه‘ جي، سنڌي ’جو‘ ۽ ’جا‘ ٻئي ’اضافت‘ جي مفهوم لاءِ آهن، اهي جملي ٿيا پنج.

8. سنڌي ”الف - بي“ جو ساڳي هڪ ئي صورت ۾ لکجڻ ۽سنڌي صورتخطي جو وڌيڪ صحيح صورت ۾ رائج ٿيڻ

هن دور ۾، خاص سنڌي اچارن وارن اکرن جون صورتون وڌيڪ ساڳئي سٽاء سان عام ٿيون،۽ انهيءَ ڪري سنڌي الف - بي گهڻي ڀاڱي تائين ساڳي صورتخطي ۾ رائج ٿيڻ لڳي. الف - بي جي حرفن جي سڃاڻپ ۾ وڌندڙ آسانيءَ سان سنڌيءَ جي تحريري ذخيري ۾ وڏو اضافو ٿيو، ۽ ڪاتبن ۽ ڪتابن جي گهڻائي سان سنڌي الف - بي جي ساڳي سٽاء واري صورتخطي ويتر وڌيڪ تڪڙو لکيت ۾ عام ٿي.

’سنڌي الف - بي‘ جي صورتخطي جي تاريخ کي اڻڄاڻائي سببان هن پوئين ويجهي دور ۾ عام طرح ائين سمجهيو ويو ته اها انگريزن جي ڪوشش سان انگريزن جي دور ۾ ٺهي. ٻئي طرف ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي مصنف، ڪتاب ’ابوالحسن جي سنڌي‘ واري نالي مان


اهو گمان ڪڍيو ته ٺٽي جي عالم ميان ابوالحسن ”پارسي ۽ عربي لفظن مان ڀڃ - گهڙ ڪري سنڌي الف - بي ٺاهي“
(1). پر اهو خيال صحيح ناهي ته ميان ابوالحسن ڪا ”خاص صورتخطي ٺاهي“ يا ”نج سنڌي حرفن“ لاءِ هن ڪي اهڙيون ”خاص صورتون مقرر ڪيون“، جيڪي اڳ ڪين هيون ۽ پوءِ استعمال ٿيڻ لڳيون.

موجوده سنڌي - عربي صورتخطي جي ابتدا ۽ اوسر جي تاريخ ابوالحسن جي دور کان اٺ - نَو سؤ ورهيه اڳ شروع ٿي، ڇاڪاڻ جو سنڌي ٻولي لاءِ ’عربي - سنڌي الف - بي‘ ۽ عرب - اسلامي دور کان وٺي استعمال ٿي. 4- صدي هجري (10 صدي عيسوي) جي پوئين اڌ ۾، خاص طرح سنڌ جي منصوره واري پرڳڻي ۾ اها صورتخطي عام رائج هئي، جنهن کي محقق بيروني جي لکڻ موجب ”سَيَندب“ (سَيۡنڌَو = سنڌي) ڪري سڏيو ٿي ويو. ان صورتخطي ۾، عربي الف - بي جي ڪن حرفن تي نقطن وڌائڻ واري اصول سان نج سنڌي اچار نروار ٿيل هئا جو محقق بيروني پڻ انهيءَ نموني سان ڪي خاص مقامي اچارن وارا لکيا (2).

ان کان پوءِ ويندي ڏهين صدي هجري تائين عربي - سنڌي صورتخطي جي لکيت جو ڪوبه نمونو دستياب نه ٿيو آهي جو ان بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي 100- صدي هجري (16- عيسوي) ۾ قاضي قادن (وفات 958هه) جي مقبول صوفيانه بيتن جو وڏو ذخيرو (جنهن جو ڪجهه ڀاڱئو ديوناگري صورتخطي ۾ سلامت رهيو آهي) يقيني طور سنڌي - عربي صورتخطي ۾ قلمبند ٿيو هوندو پر اهو قلمي نسخو سلامت نه رهيو آهي. ان بعد ٻيو وڏو ذخيرو انهن سنڌي بيتن جو آهي جيڪو محمد رضا ٺٽوي سنه 1038هه ۾ ميين شاهه ڪريم (وفات 1032هه) جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۾ قلمبند ڪيو، ۽ جنهن ۾ ٻه سؤ تيرهن سٽن ۽ چوڏهن سؤ ايڪاسي کن (سنڌي يا سنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ) لفظن وارا هڪ سؤ ڇهه سنڌي بيت ۽ ڪي مصراعون شامل آهن. محمد رضا جو هٿ لکيل اصلي قلمي ڪتاب ويندي هن پوئين ويجهي دور تائين موجود هو جنهن مان سنه 1038هه واري ’سنڌي صورتخطي‘ جو مطالعو ٿي سگهيو ٿي، پر اتفاق سان اهو اصل قلمي ڪتاب به باقي نه بچيو آهي. ٽيون وڏو ذخيرو ’اوڻيتاليهن منظومين‘ وارو آهي جيڪو تازو دستياب ٿيو آهي ۽ جنهن کي باب ستين ۾ بحث هيٺاندو ويو آهي. موجوده ڄاڻ موجب، يارهين صدي جي 1067 - 1069هه وارن سالن ۾ ڪاتب عزت بن سليمان جي لکيل انهيءَ مواد ۾ عربي - سنڌي صورتخطيءَ جو هڪ آڳاٽو نمونو موجود آهي، جنهن جي سامهون رکي ٻارهين ۽ تيرهين صدي هجريءَ جي ڪاتبن جي صورتخطيءَ سان ڀيٽي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن دور ۾ ڪيئن ساڳي سٽاء واري سنڌي الف - بي ۽ صورتخطي جي اوسر لاءِ راهه هموار ٿي.

شروع کان وٺي سنڌي عبارتن لکڻ لاءِ ڪاتبن عربي الف - بي ڪم آندي انهيءَ ڪري عربي الف - بي جا سڀ حرف سنڌي الف - بي ۾ شامل ٿيا. خاص سنڌي اچارن لاءِ، عربي الف - ب جي ڪن حرفن تي هيٺيان مٿان نقطا ڏيئي نوان حرف وڌايا ويا. ٽن سنڌي اچارن لاءِ فارسي جا ٽي حرف پ چ گ کنيا ويا ۽ انهن تي نقطا وڌائي ٻيا سنڌي حرف جوڙيا ويا. اها سـڄي جوڙجڪ هڪ ئي وقت ۾ ڪنهن هڪ ئي ڄاڻو عالم يا ڪاتب ڪانه ڪئي پر صدين دوران ٿي، سو جيڪڏهن انهيءَ وڏي عرصي واريون سڀ سنڌي لکيتون سلامت هجن ها ته سنڌي الف - ب جي سٽاء ۽ صورتخطي جي سلسليوار اوسر جو صحيح مطالعو ڪري سگهجي ها. في الحال اهڙي مطالعي لاءِ ٻارهين ۽ تيرهين صدي جي انهن قلمي ڪتابن مان جيڪي دستياب آهن (1) ۽ جن مان گهڻن جي اتاري جا سن سال معلوم آهن، خاص سنڌي اچارن لاءِ جدا جدا ڪاتبن طرفان ڪم آندل حرفن کي شامل خاڪي ۾ نروار ڪيو ويو آهي. هن خاڪي جي مٿئين خالي ۾ ڏنل انگ هيٺين سلسلي جي سڃاڻپ جو نشان آهن:

1.      69 - 1067هه ۾ لکيل اوڻيتاليهن منطومين ۾ خاص سنڌي اچارن لاءِ آندل حرفن جي صورت

2.      1115 هه ۾ لکيل ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

3.      برٽش ميوزيم ۾ رکيل ’شاه جي رسالي‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

4. انڊيا آفيس ۾ رکيل شاه جي رسالي ۾ سنڌي حرفن جي صورت.

5.      1206هه ۾ لکيل ’شاه جي رسالي‘ جي ڪن بيتن جي مختصر مجموعي ۾ سنڌي حرفن جي صورت.

6. 1207هه ۾ ’شاهه جي رسالي گنج‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

7.      1207هه ۾ قاضي موسيٰ واري ’شاه جي رسالي‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

8.      ربيع الاول 1208هه ۾ لکيل ’منهاج المعرفت‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

9. ڪئپٽن سٽئيڪ واري ’شاهه جي رسالي‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

10. مخدوم محمد هاشم جي ڪتاب ’راحة المؤمنين‘ ۾ (جيڪو پوءِ

            ٽالپورن جي دور۾ لکيو ويو) سنڌي حرفن جي صورت

11. سنه 1267هه ۾ لکيل ’شاهه جي رسالي‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

12. سنه 1269هه ۾ لکيل ’شاهه جي رسالي‘ ۾ سنڌي حرفن جي صورت

13. شعبان سنه 1270 هه ۾ مير امام بخش ٽالپور جي لکايل رسالي ۾ سنڌي حرفن جي صورت

14. جولاءِ 1853ع (1269هه) ۾ انگريزن طرفان ’هڪ مقرر ڪيل‘ الف -

            بي جي صورتخطي

هن خاڪي جي مطالعي مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

(1)     يارهين صدي هجري تائين سنڌي لکڻ لاءِ گهڻي ڀاڱي عربي الف - بي استعمال ٿيندي هئي. ڪتاب عزت بن سليمان 69-1067هه ۾، سنڌي منظومين لکڻ لاءِ بهرحال ساڳي عربي الف - بي ڪم آندي البت ’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘ کي ’تر‘ ۽ ’در‘ جي صورت ۾ لکيائين. کيس سنڌي اچارن ’جهه‘ ۽ ’ڇ‘ ۾ ’هه‘ جي هئڻ جي احساس هو جو انهن کي ”جه“ (جيم جي پويان ننڍي ’هه‘) جي صورت ۾ لکيائين.

(2)    يارهين صدي کان وٺي جئن سنڌي ذريعي مڪتبي تعليم شروع ٿي ۽ سنڌي ۾ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو وڌيو ته عالمن ۽ ڪاتبن عربي الف - بي جي ڪن حرفن تي نقطن وڌائڻ ۽ الف - بي جي ٽن حرفن (پ چ گ) کي شامل ڪرڻ ۽ پڻ انهن تي نقطن وڌائڻ سان خاص سنڌي اچارن لاءِ نوان حرف جوڙيا. سنه 1270هه (سنه 1853ع) ۾ خاص سنڌي اچارن وارن حرفن مان هرهڪ کي فقط هڪ ئي صورت ۾ لکڻ جو ”انتطامي فيصلو“ ٿيو، پر خاص سنڌي اچارن جي سڃاڻپ وارا گهڻا سڀ حرف ان کان اڳي ئي استعمال پئي ٿيا.هن خاڪي مان هيٺين حرفن جي موجودگي جو ثبوت ملي ٿو:

ٻ ڀ پ ٿ ٽ ڄ ڃ چ ڇ

ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ڪ ک گ ڻ

’ٺ‘ ۽ ’ڳ‘ حرفن جون صورتون هن خاڪي ۾ موجود ناهن مگر ٻيا به ڪيترائي ڪتاب جيڪي هن عرصي ۾ لکيا ويا تن ۾ يقيني طور اهي صورتون موجود هونديون ڇاڪاڻ جو هڪٻئي مٿان ٻن ٽٻڪن واري صورت ’ٻ‘ ۾ موجود آهي.

(3)    عربي الف - بي ۾ ’ڪاف’ جي ٻن صورتن (ڪ ۽ ک) مان، ڪ کي صفا ’ڪ‘ جي اچار لاءِ ۽ ’ک‘ کي ان سنڌي اچار لاءِ استعمال ڪيائون جنهن ۾ ’ڪ‘ سان گڏ ’هه‘ جو اچار شامل هو.

(4)    ’جه‘ ۽ ’گه‘ واريون صورتون انهن اچارن لاءِ آندائون جن ۾ ’ج‘ ۽ ’گ‘ وارن اچارن سان گڏ ’هه‘ جو اچار شامل هو.

(5)     ڪن ڪاتبن ’ڃ‘ ۽ ’ڱ‘ جي اچارن کي ’نج‘ ۽ ’نک‘ (= نگ) جي صورت ۾ لکيو، يعني ته ’ڃ‘ جي اچار کي ’ن +ج‘ جو ادغام (ميل) ۽ ’ڱ‘ جي اچار کي ’ن + گ‘ جو ادغام ڪري سمجهيائون جنهن ۾ اصولي طور هو صحيح هئا.

(6)    هن خاڪي مان اهو چٽيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته ڪيئن آهستي آهستي گهڻن ڪاتبن ڪي حرف ساڳي هڪ ئي صورت ۾ لکڻ شروع ڪيا. هن خاڪي مطابق خاص سنڌي اچارن واريون ٽيويهن (23) حرفن مان (اڌ کان گهڻا) ٻارهن حرف (ٻ ڀ پ ٿ ٽ ڃ چ ڇ ڌ ڊ ڪ ک) اهڙا آهن جن کي گهڻن ڪاتبن هڪ ساڳي صورت ۾ پئي لکيو. ان مان ظاهر آهي ته هن دور ۾ (سنه 1853ع واري انتظامي فيصلي کان اڳ) هڪ ته سنڌي الف - بي جا گهڻي ۾ گهڻا حرف جدا جدا تحريري صورتن ۾ آيا، ۽ ٻيو ته گهڻن عالمن ۽ ڪاتبن جي آزادانه اختياري عمل سان خاص سنڌي اچارن وارن حرفن کي ساڳي هڪ ئي صورت ۾ لکڻ وارو اصول تسليم ٿيڻ لڳو.

سنڌي تحرير جو وڌيڪ صحيح صورت ۾ رائج ٿيڻ. هن دور جي قلمي ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته عالمن ۽ استادن سنڌي لفظن جي صحيح هِجي تي ڪافي توجهه ڏنو، ۽ اچارن جي مختلف صورتن کي جدا جدا نشانين ۽ نمونن سان نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيون ايجادون ۽ اپاء، هن دور ۾ سنڌي صورتخطي کي عام فهم بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.

(1) هر ننڍي وڏي لفظ کي زير زبر سان لکيو ويو. سنڌي صورتخطي جي سلسلي ۾ هيءَ هڪ نهايت ئي اهم ۽ علمي قدم هو. هن دور ۾ سنڌ جي عالمن جو علمي معيار نهايت ئي بلند هو ۽ پڻ سنڌي سندن ملڪي يا مادري زبان هئي. جيڪڏهن هو پنهنجا ڪتاب زيرن زبرن کان سواءِ لکن ها ته به انهن کي آساني سان سمجهي سگهن ها؛ پر هنن ٻوليءَ جي صحت، معنيٰ ۽ مفهوم جي اهميت، ۽ پڙهندڙ جي آساني ۽ سهوليت خاطر ڄڻ هڪ علمي اصول قائم ڪري ڇڏيو ته ’زيرون زبرون سنڌي صورتخطي جو لازمي جز آهن‘. سنڌي صورتخطي جي هن بينادي اصول جي هن سڄي دور ۾ پوري طرح پابندي ڪئي وئي.

(2) زبر، زير، پيش، جزم، مد ۽ شد کان سواءِ، سنڌي جي ٻن وچٿرن * ڊگهن اچارن لا3 نيون نشانيون ايجاد ڪيون ويون:

’او‘ (زبر يا پيش کان سواءِ) جي اچار لاءِ مٿان ابتو پيش آندو

            ويو، جئن ته اوّڪر، ڇوَّڪر، روَّڪڙ وغيره.

’اي‘ (زبر يا زير کان سواءِ) جي اچار لاءِ هيٺيان اُڀي ليڪ

            آندي وئي، جئن ته ڪَري، هير، وير وغيره.

(3) عربي ’نتوين‘ واري اصول ذريعي ’ن‘ گُهڻي وارا ’اين‘، ’اِينۡ‘ ۽ ’اُونۡ‘ اچار نروار ڪيا ويا:

وچٿرو اچار ’اينڍ: ۽، ۾

زبر وارو اچار اِين: ڪِ، سِ، ڪياءِ (ڪيائين)

پيش وارا اچار: آءٌ، ڏناءٌ، چياءٌ

(4) لفظن جي آخر ۾ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کان پوءِ ’ن‘ واري گُهڻي اچار کي ’م‘ جي آواز ذريعي نروار ڪيو ويو. جئن ته:

جڏهم = جڏهن                ماڳهم = ماڳهين

ڪڏهم = ڪڏهن             سانئيم        = سائين

(5) ’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘ ٻئي روز مره جي سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص اچار تسليم ڪري، انهن صَوتين جي صورتخطي پڻ ’ر‘ جي اضافي سان قائم ڪئي وئي. جئن ته:

ٽري، ٽِرئو، ٽريئي، پُٽر، مائٽر، آڳاٽرو

ڊريگهه، چنڊر، سمنڊر، چنڊر

(6) ٻولي جئن ڳالهائبي هئي تيئن ان کي لکيت ۾ آندو ويو. ڪي عربي يا فارسي لفظ جيئن روزمره واري عام سنڌي ٻوليءَ ۾ اُچاربا هئا، تيئن ئي لکيا ويا: يعني ته بنيادي طور اهو تسليم ڪيو ويو ته جيئن ٻولي ڳالهائجي ٿي، تيئن ئي لکجي. مثال:

’بيان العارفين‘ ۾ بلڙي واري لاڙي محاوري مطابق ’شال‘ کي ’ڇال‘ ڪري لکيو ويو.

مخدوم عبداللطيف پنهنجي والد مخدوم محمد هاشم جي عربي ڪتاب ’فرائض الاسلام‘ کي سنڌي ۾ آندو ۽ لکيائين ته:

”فقير عبداللطيف ڪئي سنڌي تصنيفا

منجهه وَرِهه ايڪاسِي ڪارَه سؤ پورا“

پوئين سٽ ۾ هلندڙ ٻولي مطابق ’ڪاره سؤ‘ (= ڪارهن سؤ) لکيائن ۽ نه ’يارهن سؤ‘.

9. سنڌي لغات بابت تحقيقي مواد جو شايع ٿيڻ

مٿي باب ڇهين هيٺ تفصيل سان بيان ٿي چڪو آهي ته ڏهين صدي هجري (12 عيسوي) کان وٺي سنڌ جي عالمن ۽ استادن سنڌي ٻولي جي مطالعي ۽ سنڌي لغات جي تحقيق جي سلسلي ۾ وڏي ڪوشش ڪئي. کين سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ جملن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهجڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت ٽن خاص مقصدن کي پوري ڪرڻ خاطر پيئي: فقهي، تعليمي ۽ لغوي. سماجي زندگي ۾، شادي ۽ طلاق، وصيت نامن، قسم - نامن، ماپن ۽ ماڻن، وهنوار ۽ وعدن ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي خالص سنڌي لفظ استعمال ٿيندا پئي آيا، جن جي اصطلاحي تشريح ۽ فقهي توضيح جي ضرورت ٿي ته جيئن صحيح فتوائن مطابق فيصلا ٿي سگهن. مخدوم جعفر بوبڪائي طرفان طلاق جي سلسلي ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي لفظن ’ڇڏي‘ ۽ ’ڇڏيم‘جي ڪيل تشريح ۽ توضيح هجن سلسلي جو هڪ آڳاٽو مثال آهي. مخدوم جعفر ڏهين صدي هجري جي آخر ڌاري وفات ئي پر لغات جي تحقيق جو سلسلو کانئس پوءِ جي عالمن به جاري رکيو، ۽ سنڌي لفظن جي نه فقط لغوي معنائن پر سماجي مفهومن کي به مُتعيُّن ڪيو ويو. مثلاً لفظ ’يار’ جي باري ۾ سيوهڻ جي عالم مخدوم محمد عارف چيو ته اهو ’دوست‘ جي برابر آهي، پر اتر توڙي لاڙ جي ٻين عالمن خصوصاً مخدوم عبدالڪريم متعلوي (مٽياروي)، انهي خالص لغوي معنيٰ تي وڌيڪ ويچار ڪندي، ان وقت جي سنڌي معاشري ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ’يار’ جي اصطلاحي ۽ سماجي معنيٰ کي زير غور آندو ۽ ان کي ’ڀاءُ‘ جي برابر ٺهرايو.


(1) . مصنف بنان ڪنهن ثبوت جي محض پنهنجي گمان موجب لکيو آهي ته: ”ابوالحسن مرحوم کي سنڌي صورتخطي ٺاهڻ ۾ جا دقت پيش آئي، سا خاص طرح نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن ۾... مولوي صاحب. نج سنڌي حرفن لاءِ هيٺيون صورتون مقرر ڪيون هيون“ (ان بعد هن صاحب انهن حرفن جون صورتون ڏنيون آهن) ميمڻ محمد صديق: ”سنڌي ادب جي تاريخ، برطانيه کان اڳ جو دور“، ص ص 26-58.

(2) . ڏسو مٿي باب ٽيون.

(1) . هن دور جا ٻي قلمي ڪتاب به موجود آهن، پر انهن جي فوري طور دستياب نه ٿيڻ سببان في الحال تيرهن قلمي ڪتابن کي سامهون رکيو ويو آهي. هر ڪتاب مان ڪاتب جون استعمال ڪيل هڪ يا وڏيڪ حرفن واريون ’نيون صورتون‘ کنيون ويون آهن، پوءِ ڀل کڻي اهي فقط هڪ يا ٻه دفعا ستعمال ٿيون هجن.

* . ’وچٿرا اُچار‘ يعني ته ’اَو‘ ۽ ’اُو‘ جي وچ وارو وچٿرو اچار ’او‘؛ يا ’اَي‘ ۽ ’اِي‘ جي وچ وارو وچٿرو اُچار ’اي‘.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org