باب ستون
مادري زبان سنڌي ذريعي تعليم ڏيڻ ۽ سنڌي ۾ درسي، علمي ۽
معلوماتي مواد جي منظوم ٿيڻ وارو شروعاتي دور
(مغليه دور 1590 - 1680ع)
سنڌ ۾ هڪ باقاعدي تعليمي نظام جو سلسلو، هند جي ٻين سڀني صوبن
کان اڳ عرب - اسلامي دور ۾ شروع ٿيو. منصوره، ديبل
۽ ٻين شهرن جي درسگاهن جي عالمن ۽ استادن جي تربيت
سان وڏا محقق ۽ مصنف پيدا ٿيا جن جو ذڪر مشهور
عربي ڪتابن ۾ موجود آهي. انهيءَ آڳاٽي تاريخي
تعليمي پس منظر جو ئي نتيجو هو، جو وقت گذرڻ سان،
سنڌ جي درسگاهن جي سڄاڻ استادن تعليمي نظام،
تعليمي طريقن ۽ استادن جي تربيت تي سوچڻ شروع ڪيو
۽ بالاآخر ڏهين هجري ۾ سنڌ جي وڏي محقق عالم ۽
استاد مخدوم جعفر بوبڪائي عربيءَ ۾ هڪ تفصيلي ڪتاب
”نهج الُتَعلُّم“ (’سکيا جو طريقو‘) لکيو، جنهن ۾
نصابي تنظيم، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي طريقن، شاگردن ۽
استادن جي ذهني نفسياتي صلاحيتن ۽ ذميدارين توڙي
استاد - شاگرد جي تعليمي تدريسي رشتن ناتن کي
تفصيل سان سمجهايائين. تعليم ۽ تعليمي طريقن بابت
سڄي هندوستان ۾ هيءُ پهريون ڪتاب هو جيڪو ايترو
آڳاٽو لکيو ويو(1).
مخدوم جعفر جو والد مخدوم يعقوب عرف مخدوم ميران پاڻ به هڪ وڏي
لياقت وارو عالم ۽ استاد هو، جنهن مرزا شاهه حسن
ارغون، پنهنجي فرزند مخدوم جعفر، ۽ ٻين کي ٺٽي ۾
پڙهايو، ۽ جتي پوءِ سنه 949 هجري (1543ع) ۾ هن
وفات ڪئي. انهيءَ سال جي مناسبت سان، ۽ پڻ انهيءَ
حوالي جي اعتبار سان ته مخدوم جعفر سنه 958ع ۾ حج
ڪيو، چئي سگهجي ٿو ته مخدوم جعفر سنه 930 هه
(1524ع) ڌاري ڄائو. پنهنجي والد جي رهنمائي هيٺ
تعليم پوري ڪيائين ۽ غالباً پوءِ مڪي ۾ (958 -
محرم 959هه) والد وانگر هڪ وڏي ڄاڻو استاد جي
حيثيت ۾ ٺٽي ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. مرزا عيسيٰ
ترخان (وفات 973هه) وٽ سندس وڏي عزت هئي، ۽ هو
ساڻس گذريل تاريخي دور جا احوال ڪندو هو. غالباً
مرزا عيسيٰ به مخدوم جعفر جا ليڪچر ٻڌا، ۽ سندس
فرزند ۽ تجربي جي روشني ۾ مخدوم جعفر تعليم ۽
تدريس جي طور طريقي جي اهميت محسوس ڪئي، ۽ سنه
973هه (1565ع) ڌاري ان موضوع تي ڪتاب ”نَهجُ
الَتعَلُّمِ“ لکيائين، اهو ڪتاب عربي ۾ هو، ۽ وڌيڪ
تفصيلي هو، ۽ خاص تعليمي ماهرن لاءِ لکيو ويو هو.
انهيءَ ڪري پوءِ مخدوم جعفر عام استادن جي رهنمائي
خاطر فارسيءَ ۾ ان کي مختصر ڪرڻ جي ضرورت محصوص
ڪئي، ۽ مهيني صفر سنه 976 هه (آگسٽ 1568ع) ’نهج
الّعلُم‘ جو فارسيءَ ۾ خلاصو يا مختصر ”حاصل
النَّهِج“ جي عنوان سان لکي پورو ڪيائين
(1).
شروع واري عرب - اسلامي دور توڙي غالباً سومرن جي دور ۾ تعليمي
ذريعو عربي هئي پر سمن جي دور کان وٺي فارسي ٿي.
انهيءَ ڪري ئي مخدوم جعفر پڻ عام استادن جي
رهنمائي لاءِ فارسيءَ ۾ ’حاصل النهج‘ تيار ڪيو.
سندس هن وڌيڪ سولي ڪتاب، سنڌ جي عالمن ۽ استادن جي
تربيت تي وڏو اثر وڌو جو هنن پڙهڻ - پڙهائڻ جي
طريقن تي سوچڻ شروع ڪيو. ايتري قدر جو ايندڙ ٽيهن
- چاليهن سالن ۾ سنڌ جي درسگاهن جا تجربيڪار ۽
ڄاڻُ استاد بالاآخر انهيءَ نتيجي تي پهتا ته ٻارن
لاءِ تعليم جي شروعات فارسي بدران سندن مادري زبان
سنڌي ۾ ڪئي وڃي ته جئن هو سَوَلائي ۽ سهنجائي سان
مڪتبي تعليم پوري ڪن ۽ پڻ منجهن اعليٰ تعليم حاصل
ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت پيدا ٿئي.
مادري زبان ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ جو نظريو
سنڌ ۾ هن نئين تعليمي نظريي ۽ تجربي بلڪ انقلابي تعليمي تحريڪ
جا سن سال لکيت ۾ موجود ناهن، پر اها تخميناً
مخدوم جعفر جي تعليمي ڪتاب ’حاصل النهج‘ کان پوءِ
ٽيهن - چاليهن سالن اندر يارهين صدي هجري (16- صدي
عيسوي) کان وٺي شروع ٿي. مادري زبان سنڌي ۾ مڪتبي
تعليم ڏيڻ واري نظريي جي اوسر جو هڪ مکيه ڪارڻ اهو
به هو جو سنڌي زبان ۾ اعليٰ فهم ۽ فڪر وارو مواد
قاضي قادن ۽ ميين شاهه ڪريم جي بي بها بيتن ذريعي
پيدا ٿي چڪو هو، ۽ اهو فڪر ايترو ته معياري هو جو
1022هه/1613ع کان اڳ هندوستان جي عالم محمد غوثي
گوالياري قاضي قادن جي ڪن بيتن جو فارسي ۾ ترجمو
ڪيو. سنڌ اندر محمد رضا ٺٽوي سنه 1038 هه ۾ ميين
شاهه ڪريم جي سنڌي بيتن ۾ سمايل فڪر کي ڪتاب ’بيان
العارفين‘ م فارسي ذريعي سمجهايو. سنڌي ۾ اهڙي
اعليٰ فهم ۽ فڪر جي موجودگي ۽ ان جي عام اشاعت،
افاديت جي لحاظ سان سنڌي کي فارسي جي برابر بنائي
ڇڏيو. اهوئي سبب هو جو يارهين صدي هجري (17- صدي
عيسوي) کان وٺي مادري زبان سنڌي ۾ بنيادي مڪتبي
تعليم ڏيڻ لاءِ حالات سازگار ٿيا.
اڄ تائين عام طرح ائين سمجهيو ويو آهي ته ٺٽي جي عالم ميان
ابوالحسن ئي سنڌي ۾ پهريون درسي ڪتاب ’ابوالحسن جي
سنڌي‘ لکيو. اهو گمان انهيءَ ڪري پيدا ٿيو جو ان
ڪتاب کان اڳ جو ٻيو ڪو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ڪونه ٿي
نظر آيو. پر هاڻي هڪ آڳاٽي سنڌي قلمي ذخيري جي
دستياب ٿيڻ سان ثابت ٿئي ٿو ته مادري زبان سنڌي
ذريعي تعليم ڏيڻ جي تحريڪ ۽ سنڌي ۾ درسي ۽ تعليمي
مواد جي تيار ڪرڻ جي شروعات ”ابوالحسن جي سنڌي“
کان اڳ ٿي چڪي هئي. ميان ابوالحسن وڏو عالم ۽
استاد هو ۽ هو به هن نئين تعليمي تحريڪ جي ٻئي دور
جو سربراهه هو، پر اها تحريڪ توڙي ان تحريڪ هيٺ
سنڌي درسي ڪتابن لکجڻ جي شروعات غالباً سندس
استادن جي دور (1000- 1050هه) ۾ ٿي، جن جي تعليمي
نظرين ۽ درسي ڪتابن کان متاثر ٿي پاڻ به سنڌيءَ ۾
هڪ بهترين درسي ڪتاب تصنيف ڪيائين جيڪو پوءِ
’ابوالحسن جي سنڌي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو
(1).
جن سڄاڻ سنڌي عالمن ۽ استادن فارسي بدران مادري زبان سنڌي ذريعي
مڪتبي تعليم ڏيڻ جو نظريو قائم ڪيو ۽ سنڌي ۾ درسي
ڪتاب لکي عملي طور ان نطريي کي پڪو ڪيو تن جي
اوائلي رٿن ۽ ڪوششن بابت جيتوڻيڪ ان وقت جا ڪي
لکيت ۾ حوالا موجود نه آهن، مگر اهڙي تبديل جي ڪري
پوءِ مختلف موضوعن ۽ عنوانن تي سنڌي ۾ پڙهڻ پڙهائڻ
لاءِ جيڪي درسي ۽ ٻيا ڪتابڙا لکيا ويا ۽ جيڪي هاڻي
هڪ ضخيم قلمي ذخيري جي صورت ۾ دستياب ٿيا آهن سي
هن نئين تعليمي تحريڪ ۽ تبديل تي پڪا پختا شاهد
آهن.
تعليمي مقصدن لاءِ سنڌي ۾ درسي ۽ علمي ڪتابڙن جو لکجڻ
جدا جدا عنوانن تي اهڙن اوڻيتاليهن ’منظوم موضوعن‘ جو هڪ قيمتي
ذخيرو هن وقت تائين سلامت رهيو آهي جيڪو عزت بن
سليمان نالي ڪتاب 1067 -1069 هه (1655 - 1657ع)
وارن ٽن سالن ۾ اُتاري پورو ڪيو. هن ذخيري جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت جي سنڌي عالمن
۽ استادن اهي موضوع تعليمي مقصد خاطر ان وقت جي
عام رائج سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ڪيا، انهيءَ لاءِ ته
سولائيءَ سان سيکاري پڙهائي سگهجن. هيٺ انهن
اوڻيتاليهن موضوعن جي فهرست ڏجي ٿي جن کي جدا جدا
عالمن فاضلن ۽ ٻين سڄاڻن سڄاڻن نظم ۾ آندو. جن
بنيادي موضوعن بابت اهي منظوميا جوڙيا ويا تن کي
مٿان چورس ڏنگين ۾ نروار ڪيو ويو آهي، ۽ هيٺان
انهن موضوعن متعلق اهي منظوميا ڪاتب جي قائم ڪيل
اصل عنوانن سان ڏنا ويا آهن. جتي اصل ’عنوان‘ ڏنل
ناهي اتي مضمون مطابق مناسب عنوان چورس ڏنگين ۾
رکيو ويو آهي.
[1]
[خالق جي هيڪڙائي، ڪائنات جي تخليق ۽ انسان جي پيدايش]
1. جباري صفت خدائي
2. آغاز اُڀا جي آدمي
3. صفت جوهر آفرينش عالم و مهتر آدم عليه السلام
4. نورنامہ حضرت رسالت پناه، جوڙيل ’آرادين‘ جو
[2]
[نبي سڳوري جي سوانح، ساراهه ۽ معجزا]
5. [سوانح نبي سڳوري جي]
6. مدح رسول الله صلي الله عليہ وسلم، جوڙيل ’عثمان‘ جي
7. معراج نامه، جوڙيل ’جمعي‘ جو
8. وفات پيغمبر عليہ السلام
9. معجزو ڳيرو ۽ باز
10. صفت ماهي و دريا
[3]
[تعليمي سلسلو: درسي ۽ علمي ڪتاب، موضوعاتي سمجهائڻيون]
[(الف) توحيد جو اقرار ۽ ايمان، ۽ ڪفر کان بچڻ]
11. [اَللٰهم اِني: تيوحيد جو اقرار] سنڌي ۾ ڪيل ’مُلين‘ جو
12. [ايمان مفصل- 1: آمنت بالله] سنڌي ۾ ڪيل ’آدم ڪناد‘ جو
13. [ايمان مفصل - 2] سنڌي ۾ ڪيل ’حاجي‘ جو
14. [ايمان مفصل - 3[ سنڌي ۾ ڪيل ’سگر ڏني‘ جو
15. [الله ربي: عقيدي جو اقرار]
16. ڪلمات ڪفر [۽ حرام ڪم]
17. ڪلمات ڪفر در بانگ نماز
[(ب) اسلامي شريعت جي سکيا لاءِ ڪتاب]
18. ڪتاب شريعت، جوڙيل ’صادق‘ جو
19. چار علم، جوڙيل ’عثمان‘ جو
20. ساڍيون ڇهه ويهيون فرضن، جوريل ’عثمان‘ جو
21. آب ده در ده (= گز چورس)
[(ج) فقہ بابت علمي تحقيقي ڪتاب]
22. ڪتاب اساس المُصّلي، ترجمي ۾ آندل ’پِسي‘ جو
23. ڪتاب نطامي از ڪيداني، سنڌي ۾ مختصر ڪيل ’مُوسي‘ جو
[4]
[اخلاقي تعليم]
[(الف) اخلاقي تعليم: نصيحت ۽ هدايت]
24. چند بيت پنديات سنڌي
25. ٽريہ اکري، چيل ’موسي‘ جي
26. ٽريہ اکري
27. ڳهڻا ڪوڙ - زيور ڪوڙ
28. قصو عتاب زنان بدڪردارن، جوڙيل ’گهُرئو پٽ عمر‘ جو
29. [مستزاد صنعت وارو نظم]
[(ب) اخلاقي تعليم: چڱن ڪمن جي ترغيب لاءِ موت، قبر، ۽ قيامت جي
سختي جو بيان]
30. مناجات موت نامہ، چيل ’ڪ!نڌر‘ جي
31. قصو ڳور (قبر) جو، چيل ’سيد‘ جو
32. حشر نامہ
33. [قيامت نامو]
[(ج) اخلاقي تعليم: سزا ۽ جزا بابت مثالي قصا]
34. قصو جمجما بادشاهه
35. قصو ابوشحم
[5]
[عام مطالعو: نبين جي تاريخ ۽ قصا]
36. [تاريخون آدم کان وٺي حضرت محمد صلعم تائين]
37. مصيبت نامہ پيغمبران، چيل ’نُوري‘ جو
38. قصو مهتر يوسف عليہ السلام
39. قصو پيغمبر اسماعيل عليه السلام،چيل ’ٻَٻَر‘ جو
هن سڄي ذخيري جي تفصيلي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌيءَ ۾
ايڏي وڏي آڳاٽي ذخيري جي تصنيف ۽ تاليف جا بنيادي
مقصد ۽ انهن جي تڪميل لاءِ ورتل اُپاء هيٺين طرح
هئا.
مادري ٻولي سنڌي ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ
اهڙي تعليم لاءِ سنڌي ۾ درسي مواد مُهّيا
ڪرڻسکندڙن جي ذوق وڌائڻ ۽ سندن واسطي آساني پيدا
ڪرڻ لاءِ، درسي توڙي مطالعاتي مواد کي روز مره
واري عام سولي ٻولي ۾ منطوم ڪرڻ.
سنڌ ۾ صدين کان وٺي اسلامي تعليمي نظام رائج هو جنهن ۾ بنيادي
مڪتبي تعليم کي وڏي اهيمت حاصل هئي. مسلمان ٻارن
لاءِ ’مڪتبي تعليم‘ اصولي طور ’ديني تعليم‘هئي
جنهن ۾ قرآن شريف پڙهائڻ سان گڏ توحيد ۽ رسالت ۾
ايمان پختو ڪرڻ، اسلام جي بنيادي ارڪانن مان خاص
طرح نماز 7 روزي جا فرض سمجهائڻ، ۽ نماز ادا ڪرڻ
لاءِ جسم، لباس ۽ نيت جي صفائي پاڪائي رکڻ لازمي
طور شامل هئا. ايمان ۽ شرعي ارڪانن سان گڏ ٽيون
موضوع اخلاقي تعليم هو
(1).
مٿئين ذخيري جي پنجن ڀاڱن ۾ شامل اوڻيتاليهن
عنوانن وارن موضوعن مان، پهرين چئن ڀاڱن هيٺ 35
موضوع نصابي ۽ درسي مقصدن خاطر تصنيف ڪيل آهن.
آخري پنجين ڀاڱي وارا ٽي موضوع عام معلومات ۽
مطالعي جي ذوق وڌائڻ لاءِ جوڙيل آهن.
ٽئين ڀاڱي هيٺ جملي 13 موضوع خاص طرح بنيادي تعليمي ضرورت پوري
ڪرڻ لاءِ درسي ڪتابن طور تيار ڪيا ويا. ان جي
تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو اڳتي هلي انهن موضوعن
کي درسي سلسلي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پڻ ڪن کي وڌيڪ
سوڌيو سنواريو ويو
(1).
ان وقت جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن نه فقط انهيءَ درسي
مواد کي عربيءَ مان ڪڍي سوَلي سنڌي ۾ مهيا ڪيو پر
ان کي منظوم صورت ۾ آندو، انهيءَ لاءِ ته شاگرد
درسي مواد کي مادري زبان ۽ منظوم صورت ۾ سولائي ۽
دلچسپي سان سگهو سکي پڙهي سگهن. هيٺيان مثال ان
وقت جي سنڌي عالمن استادن جي انهيءَ نظريي کي روشن
ڪن ٿا، ۽ خاص طرح حاجي نالي عالم جي ڪيل وضاحت مان
ان جي تصديق ٿئي ٿي ته: ”پانهجي واءِ پروڙي سگهائي
سکن“ (يعني ’پنهنجي ٻولي‘ ۾ سولائي سان سمجهي ڪري
هو سگها سکي سگهن).
[عنوان- 20] ”ساڍيون ڇهه ويهون فرضن“ جو بيان ڪندي وڏي عالم
فاضل عثمان ڄاڻايو ته علم پڙهڻ سڀني لاءِ ضروري
آهي پر عام سمجهه وارن لاءِ (عربي بدران) سنڌي ۾
پڙهڻ وڌيڪ سولو آهي:
عثمان چوءِ علم رِءَ، عقل مورِ نه ڪوءِ
سنڌي اٻوجهن کي گهڻو سُهلِي هوءِ
[عنوان - 13] هيٺ حاجي نالي عالم ’ايمان مفصل‘ جي سڄي عربي
عبارت کي ”سنڌي بيتن“ ۾ آندو، انهي لاءِ ته مادري
زبان ذريعي پڙهندڙ سولائي سان سکي ۽ سمجهي سگهن.
عربياء سنڌي ڪِئِي ”حاجي“ بيت ڪري
ته سکڻُ سَهُکِي ٿئي اٻوجهن وَرِي.
سنڌي آهي سَهُکي سکڻ اٻوجهن
پانهجِي واءِ پروڙي سِگهائي سکن.
[يعني: (ايمان مفصل جي عبارت) کي حاجي عربيءَ مان سنڌي بيتن ۾
آندو انهيءَ لاءِ ته عام سمجهه وارن لاءِ به سکڻ ۾
سوَلي ٿئي.
عام سمجهه وارن لاءِ سنڌي سکڻ ۾ سولي آهي:
جو هو پانهنجي ٻولي ۾ سمجهي سگهو ٿا سکن]
[عنوان- 14] ’سَگر‘ ڏني‘ نالي ٻئي عالم پڻ ”ايمان
مفصل“ جي عبارت کي ساڳئي مقصد خاطر سنڌي بيتن ۾
آندو:
”سگر ڏني“ سنڌي ڪئي صفت هِي ايمانَ
تن سڀئي پُنِيُون، جي ني ڪلميساڻَ
مادري زبان ۾، مادري زبان ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري نظريي کي
علمي طور ڪامياب بنائڻ لاءِ سڄاڻ عالمن ۽ استان نه
فقط پاڻ پنهنجي طرفان نصابي مواد مرتب ۽ منظوم
ڪيو، پر ساڳئي وقت عربي ۽ فارسي درسي ڪتابن مان
مواد چونڊي سنڌيءَ ۾ آندائون. ان سلسلي ۾ فقهه جا
مسئلا خاص طرح مشهور عربي ڪتابن مان ڪڍي سنڌيءَ ۾
سمجهايائون.
[عنوان - 22] عربي ڪتاب ’اساس المُصَلِي‘ پهريائين
فارسي ۾ ترجمو ٿيو جنهن تان سنڌي عالم پَئي:
’اَساس المصلي‘ ڪِتيب مُقيا، مون سنڌي ڳالهاءُ
يا ربّ! ڏينءُ سڀڪهين نماز سندو ساءُ
عربي ڦَرُ فارسِي، فارسي سنڌي ڦَرُ هوءِ
سائين سٻاجها مون ڌڻي سکي سَڀو ڪوءِ
يعني ’اساس المصلي‘ ڪتابڙو اصل عربيءَ ۾ هو جنهن کي مون سنڌي
ٻوليءَ ۾ آندو ويو، انهيءَ لاءِ ته سڀ ڪوئي ان کي
سولائي سان سکي سمجهي سگهي.
[عنوان- 23] موسي نالي عالم ڪيداني جي لکيل عربي
ڪتاب ’نظامي’ جو (جنهن ۾ 15 باب هئا) سنڌيءَ ۾
اختصار ڪيو۽ ان کي اٺن بابن ۾ مرتب ڪيائين. باوجود
اختصار جي، سڀ مسئلا سنڌي ۾ سوَلا ڪري سمجهايائين:
باب ٻيو بيان ’واجبين‘ سنود منجهه جهين
سنڌي ۾ سَهُکا ٿيا سکڻ سَڀڪهِين
ــــــــــ
مُفسِد پنج ۾’ڪيداني‘ ڏٺام
عربياءُ عامن کي سنڌي سهلَ ڪيامِ
[عنوان- 21] ڪي فقهي مسئلا، هڪ کان وڌيڪ عربي ڪتاب
ڏسي، پوريءَ تحقيق سان سنڌي ۾ بيان ڪيائون. ”ڏهه
گز مربع پاڻي“ جي پاڪائي يا پليتي جو مسئلو بيان
ڪندي، سڄاڻ سنڌي عالم سمجهايو ته:
’فتاوا سراجي‘ ۾ لِکي هيءَ نه ڀَتِ
’مجموع - خانِي‘ آب باب مون هي ڏٺو تتِ
يعني ته ڪتاب ’فتاويٰ سراجي‘ ۾ هي سمجهاڻي ڏنل ڪانه هئي، مون
اها ڪتاب ’مجموع خاني‘ جي باب ”آب“ ۾ ڏٺي.
[عنوان- 4] ’نور نامه حضرت رسالت پناه‘ جي مصنف
’آرادين‘ ڄاڻايو ته:
نور نامي منجهانء سا لکي سنڌي ڪيو پاڪا
سڀ پرياءُ پاڻهي پاتا بادشاهه
عربيا ۽ فارسيا سنڌي وا ڪيام
اربعا ’آرادين‘ چوءِ لکي پُڄَئِيامِ
[يعني: ’نور نامي’ بابت اصل مواد مان، مون هيءَ پاڪ صاف سنڌي
لکي.
ان جي لکڻ ۽ پوري ڪرڻ لاءِ، ڌڻي منهنجي ذهن ۽ دل تي اهڃاڻ روشن
ڪيا.
عربي ۽ فارسي تان مون هي بيان سنڌي وائي (ٻولي) ۾ آندا ’آرادين‘
چوي ته: اربعا جي ڏينهن مون هي لکي پورا ڪيا]
اسان هن کان اڳ سنه 1968ع ۾شاهه لطف الله قادري جي ’سنڌي رسالي‘
جي آڌار تي مادري زبان سنڌي ذريعي تعليم جي شروعات
بابت جيڪو هيٺيون نظريو قائم ڪيو هو سو مٿين حوالن
جي روشني ۾ بدلائڻو پوندو:
”شاهه لطف الله کان اڳ سنڌي عالمن يا شاعرن جون نظم خواه نثر ۾
جيڪي تصنيفون ملن ٿيون سي عربي يا فارسي ۾ آهن ۽
شاهه لطف الله قادري غالباً پهريون عالم ۽ عارف هو
جنهن محسوس ڪيو ته سنڌ جا عوام جن جي مادري ٻولي
سنڌي آهي، ۽ جي فقط سنڌي ۾ ئي آسانيءَ سان ڪنهن
ڳالهه کي سمجهي سگهندا تن جي سهوليت خاطر ضروري
آهي ته علمي مسئلا سندن پنهنجي مادري زبان ۾ بيان
ڪيا وڃن جيئن هو نه فقط سولائي سان مگر ذوق شوق
سان پڙهن ۽ سمجهن.......... انهيءَ تعليمي مقصد
خاطر هن عوام جي مادري ٻولي سنڌي ۾ رسالو تاليف
ڪرڻ ضروري ڄاتو، ڇاڪاڻ ته سندس نظريي موجب مادري
زبان ۾ ماڻهو سولائي سان، سگهو ۽ چاهه سان سکي
سگهندا. اهڙيءَ طرح شاهه لطف الله قادري پنهنجي
”رسالي“ جي مقدمي ۾ سنڌ جي عوام کي سندن مادري
زبان سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ جي نظريي جو بنياد وڌو“
(1).
مٿيون نتيجو انهيءَ بناء تي ڪڍيو ويو هو جو ان وقت شاهه لطف
الله قادري جو ”سنڌي رسالو“ پهريون ڪتاب هو جيڪو
دستياب ٿيو ۽ جنهن ۾ انهيءَ نظريي جي پٺڀرائي ٿيل
هئي. ان وقت، شاهه لطف الله قادري جي ’سنڌي رسالي‘
کان گهڻو اڳ جا هي اوڻيتاليهه منظوم ڪيل موضوع
اڃان دستياب نه ٿيا هئا. هن ذخيري جي پنجن منظومين
مان ڏنل مٿين حوالن مان تصديق ٿئي ٿي ته مادري
ٻولي سنڌيءَ ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ جو نظريو شاهه لطف
الله قادري کان اڳ انهن عالمن ۽ استادن (آرادين،
عثمان، جمعو، مُلو، آدم ڪناد، حاجي، سگر ڏنو،
صادق، پُسئو، موسو، گهُرئو پٽ عمر جو، ڪَنڌر، سيد،
نُورو، ٻٻر) قائم ڪيو جن ايترا سارا تعليمي ۽ درسي
موضوع منظوم ڪيا. انهن مان حاجي نالي عالم اهو
تعليمي نظريو صاف لفظن ۾ نروار ڪيو ته:
سنڌي آهي سَهُکي سکڻ اٻوجهن
پانهنجي واءِ پروڙي سگهائي سکن
شاهه لطف الله قادري جي آڏو غالباً کانئس اڳ وارو اهو تعليمي
نظريو
(1)
موجود هو جو هن (۽ پڻ ٻين) ان جي وضاحت بالڪل عالم
فاضل حاجي وارن ساڳين لفظن ۾ ڪئي ته:
”پاهنجي ٻولي ڪري سگهائي اي سکن“
سنڌي ۾ هڪ وڏي علمي ادبي ذخيري جو لکيت ۾ مهيا ٿيڻ.
سنڌ جي سڄاڻ عالمن جي هن ترقي پذير تعليمي نظريي تي عمل سنڌي ۾
پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ ڪافي درسي مواد پيدا ڪيو جيڪو
ساڳئي وقت وڏي علمي ۽ ادبي اهميت وارو هو. سکندڙن
۽ پڙهندڙن جي ذوق وڌائڻ خاطر سڀني عالمن ۽ استادن
هيءَ مواد منظوم صورت ۾ مهيا ڪيو. اهڙيءَ طرح سٽاء
جي لحاظ سان هن ذخيري ۾ شامل اوڻيتاليهه ئي موضوع
’منطوم‘ آهن جن کي سولائي خاطر ’منظوميا‘ سڏن
مناسب ٿيندو. انهن جا جوڙيندڙ جن مان پنڌرهن جا
نالا معلوم آهن، اهي جيتوڻيڪ شاعر نه هئا ته نظم -
گو (نظم جوڙيندڙ) هئا ۽ کين ’منظوم ڪلام‘ ’بيتن‘ ۽
’قافين‘ جي ڄاڻ هئي. منجهائن ڪي، ڪنهن حد تائين،
شاعرانه شعور رکندڙ هئا جنهنڪري سندن جوڙيل
’منظومين‘ ۾ شعري صفتون ۽ صنعتون اچي ويون آهن.
انهيءَ ڪري هيءُ ذخيرو ساڳئي وقت تعيلمي طريقن ۽
ترجمن جي لحاظ سان هڪ ’علمي ذخيرو‘ آهي، ۽
’منظومين‘ جي لحاظ سان هڪ اهم ’ادبي ذخيرو‘ آهي.
سنڌي نظم جون ٻه مکيه صنفون
هن ذخيري ۾ شامل اوڻيتاليهن منظومين ۾ سنڌي نظم جون ٻه مکيه
صنفون شامل آهن: (الف) سنڌي منظوم بند (ب) سنڌي
بيت.
(الف) سنڌي منظوم ’بند. ترڪيب جي لحاظ سان ’سنڌي منظوم بند‘ اهو
نظم آهي جنهن ۾ ٻن کان وڌيڪ هم - قافيي سٽون هجن،
۽ قافيا سڀني سٽن جي آخر ۾ آندل هجن. هن ذخيري ۾،
گهڻائي ڪي منظوم بند آهن، جن مان ڪي ٽن کان ڏهن
سٽن وارا ننڍا، ۽ ٻيا ڪي چوڏهن، اڙهن، ٻاويهن،
اٺاويهن ۽ ٽيهن سٽن وارا ’ڊگها بند‘ آهن [عنوان-
6] هيٺ ’مدح رسول صلعم‘ وارو منطوميو هڪ يڪو ڊگهي
۾ ڊگهو بند آهي جنهن ۾ (’او‘ قافيي تي) اٺهٺ سٽون
آهن. هن ذخيري وارا اهي ايترا سارا ننڍا توڙي ڊگها
بند آڳاٽي ۾ آڳاٽا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن کان اڳ جا
ڪي به اهڙا ’سنڌي منظوم بند‘ دستياب نه ٿيا آهن.
موجوده ڄاڻ موجب، پوري وچ ايشيا، يعني ان وقت
جي ايران، ترڪستان ۽ هندوستان ۾ فن تعليم بابت
هي ٻيو ڪتاب هو جيڪو تصنيف ٿيو. پهريون ڪتاب
”تُعليم المُتَلمِ طريقة التَعَلُّم“ جي عنوان
سان برهان الدين زّر نُوجِي 12 صدي عيسوي جي
خاتمي ڌاري تنصيف ڪيو.
. ’حاصل النهج‘ (فارسي متن) انگريزي ۾ ان جي
خلاصي، مقدمي ۽ مصنف جي سوانح ۽ تصنيفن سميت،
راقم جي تحقيق ۽ تصحيح سان سنه 1969ع ۾ سنڌ
يونيورسٽي مان شايع ٿيو. مٿئين بيان لاءِ ڏسو
”حاصل النهج“ جو مقدمو.
. ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“ لاءِ ڏسو باب اٺون.
. سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي مڪتبن ۾ هندو شاگرد
به پڙهندا هئا جن کي فارسي ٻولي، ڪتابت ۽
انشاپردازي سيکارڻ سان گڏ ادب ۽ اخلاق جي
تعليم ڏني ويندي هئي.
. ”سنڌي رسالو“، تصنيف شاهه لطف الله قادري،
راقم جي تصحيح ۽ تحقيق سان شايع ڪيل،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، سنه
1388هه/1968ع، مقدمو صفحا 25-26.
. شاهه لطف الله اندازاً 1078 - 1083 هه وارن
سالن ۾ پنهنجو ’سنڌي رسالو‘ جوڙيو. ان کان ڏهه
ڏندرهن سال کن اڳ ڪاتب عزت بن سليمان اڳين
عالمن ۽ استادن وارو ذخيرو اُتاريو. پر انهن
موضوعن کي ڪم از ڪم پنجاه سٺ سال کن اڳ واري
عرصي ۾ مخرلف عالمن ۽ استادن منظوم ڪيو هوندو.
|