سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:17 

ڏهين صدي هجري (16 صدي عيسوي) کان وٺي جڏهن ترخانن هميشہ لاءِ سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو ته هنن سنڌ جي ادبي روايت کي فارسي ۾ آڻن شروع ڪيو. شاهه قاسم خان (شاهه زمان) جي پٽ مير ابوالقاسم سلطان، ليلان - چنيسر جي داستان کي شاعر ادراڪي بيگلاري کان فارسي مثنوي ۾ منظوم ڪرايو، جنهن کي ”چنيسر نامو“ نالو ڏنو ويو. ان کان پوءِ مغلن جي دور ۾ هي سلسلو وڌيو: عمر - مارئي جي قي کي دهلي ۾ اڪبر بادشاهه جي آڏو ڳايو ويو؛ ٺٽي جي شاعر مقيم مومل - مينڌري جي داستان کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ۽ مير محمد معصوم سسئي - پنهون جي داستان کي مثنوي ’حسن و ناز‘ ۾ نمايان ڪيو؛ مير طاهر محمد نسياني ليلان - چنيسر جي قصي کي ’ناز و نياز‘ جي عنوان سان فارسي نثر ۾ بيان ڪيو ۽ پڻ ٻين قصن جهڙوڪ سيف الملوڪ، عمر سومري ۽ گنگا، عمر مارئي، ۽ دودي سومري - سلطان علاؤالدين واري ڳالهه کي پنهنجي تاريخ ۾ مختصر طور بيان ڪيائين (1).

(ب) سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جو فاسي عبارتن ۾ استعمال ٿيڻ. سنڌ جي ادبي روايت مان نه فقط سنڌي افسانا ۽ داستان فارسي نظم ۽ نثر ۾ نروار ٿيا، پر ان سان گڏ سنڌي الفاظ مقامي فارسي تصنيفن ۾ زير بحث آيا: سنڌي فقرا ۽ عبارتون فارسي تحريرن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا، جن مان ڪن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي وضاحت ڪئي وئي.اهڙين تصنيفن جا نمايان مثال اهي تاريخي ڪتاب آهن، جيڪي 11 صدي هجري (16 صدي عيسوي) ۾ تصنيف ٿيا: خاص طرح مير طاهر محمد نسياني جي 1030هه (1621ع) ۾ لکيل تاريخ طاهري؛ ٻيو ادراڪي بيگلاري جو لڳ ڀڳ انهيءَ ساڳئيءَ دور ۾ تنصيف ڪيل ’بيگلارنامو‘ جيڪو شاهه قاسم بيگلار جي سوانح حيات بابت آهي، مگر ان سان گڏ ان دور جا ڪي تاريخي واقعات پڻ تفصيل سان بيان ڪيل آهن. مير طاهر محمد ٺٽي جي هڪ سيد خاندان مان هو ۽ ڄائي ڄم کان سنڌ جو هو ۽ سنڌي سندس مادري زبان هئي. ٻئي طرف ادراڪي بيگلاري، بيگلار خاندان سان وابسته هو جيڪو سؤ کن سال اڳ ڏهين صدي هجري ۾ سنڌ ۾ آيو. ٿي سگهي ٿو ته ادراڪي سنڌ ۾ ئي ڄائو هجي يا بالڪل ننڍي وهي ۾ هت آيو هجي: بهرحال حياتي جو وڏو حصو سنڌ ۾ ئي گذاريائين. مير طاهر محمد توڙي ادراڪي ٻئي فارسي زبان جا اديب ۽ شاعر هئا، ۽ پنهنجا تاريخي ڪتاب پڻ فارسي ۾ لکيائون. مگر ان دور ۾ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي لغات جي اهيمت جو اهو اثر ٿيو جو پنهنجن تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي ادبي روايتن جو ذڪر ڪيائون ۽ ان گڏ پنهنجي فارسي عبارتن ۾ سنڌي الفاظ ۽ فقرا استعمال ڪيائون ۽ پڻ ڪن لفطن جي فارسي ۾ معنيٰ سمجهايائون.

تاريخ معصوم. فارسي متن صفحو 318 (ايڊٽ ڪيل مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو): کن کوت = ڪَڻَ ڳوت، داڻيبندي

تاريخ طاهري ۾ سنڌي الفاظ. انهن لفظن مان ڪن جون معنائون پڻ سمجهايون ويون مثلاً (1):

نار (صفحا 27، 112): ٺٽي جي ٻولي (سنڌي) ۾ سنهڙي ’نالي‘ کي چون.

رين (=رِڻ صفحا 42، 67، 102): يعني فارسي ۾ ’چول‘ (بيابان).

ماه سَڦرو جمعو (52): يعني مهيني جو پهريون جمعو

ماه سڦرو سومار (53): يعني مهيني جو پهريون سومار

کِيرو (54): ’کيره‘ (هڪ تلاءُ جو سنڌي نالو يعني ’تالاب شيرين‘ (= کير وانگر مٺو تلاءُ)

خان واهه (58): ’واه‘ يعني ’نالہ آب‘ (= پاڻي جو واهه)

هيٺيان ٻيا سنڌي يا سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ الفاظ، فارسيءَ عبارتن ۾ آندا ويا:

چرخہ. (30) = چرخو

تکه، تيکہ (32، 44) =        ٽڪو. ڀانئجي ٿو ته اصل لفظ ’تيلہ‘ هو جنهن کي ڪاتبن غلطي مان ’تکہ‘ يا ’تيکہ‘ ڪري لکيو، ’ٽيلہ‘ يعني ’ٽيلہ‘ معنيٰ ’ٽيلو‘.

صاحب تيکہ (240):  ٽِڪي يا نشان جو ڌڻي. جيڪڏهن اصل ۾ ’صاحب تيلہ‘ هجي ته پوءِ ’صاحب ٽيلہ‘ يا ’ٽيلي جو ڌڻي‘. هي سڀ کان وڏي گادي واري سردار يا حاڪم جو لقب هو. ڪڪرالي جو ’ڄام هالو’ ’ٽيلي جو ڌڻي‘ هو.

کتاري         (62) = ڪٽاري

برچي          (64) = بڻڇي

جري بوتي     (68) = جڙي ٻوٽي

سوا لک  (70) = ’سوا لک‘ (جي بخشش جيڪا لاکو

ڪندو هو).

چوڪي                 (76، 80، 112، 245) = سرڪاري طور مقرر ڪيل پهرو

پهره            (76) = پهرو

کاچهي        (102) = ’ڪاڇي‘ يعني ’ڪڇ جا‘

دبہ             (108، 257) = دَٻو، دَٻا

جهروکہ                (118) = جهروڪو (جتي حاڪم ويهي رعيت

                                       جو سلام وٺندو هو.)

سڪرتوت      (126) = ’شَڪرتوت‘، معنيٰ عام  بازاري

                ماڻهو

رين    (127، فارسي لفظ ’جوئبار‘ سان گڏ آندل) ’ريڻ‘ جيڪو ڦليلي کان اڳ ٿورو هيٺ تي درياءَ جو هڪ مکيه ڦاٽ هو.

دوندي         (129) = ڊونڊي (ٻيڙي جو قسم)

لاهره           (130) = لهرُو يا لاهري (ٻيڙي جو قسم)

لَتہ             (38) = لِتو (ڪاغذ يا ٻي شيءِ مان جوڙيل

                گول تُڪو جيڪو بندوق ڀرڻ يا ٻي ڪنهن

                سوراخ کي بند ڪرڻ لاءِ ڪم آڻجي.)

تاپہ    (144) = ”ٺٽي جي ٻولي ۾ ’تخم نيلوفر‘ کي چون“ اصل معنيٰ ائين لکيل آهي. پر اها صحيح ناهي. ’نيلوفر‘ جي گل مان ننڍو ’ڪُم‘ ٿئي، جنهن جي اندرئين ڳڀ کي ’مِٺال جو گُبو‘ چون؛ ٻيو ’ڪُوڻي جو گل‘ جنهن مان وڏو ڪُم پيدا ٿئي، جنهن جي ڳتيل داڻن واري ڳڀ کي ’ناپو‘ چون.

هوم           (159) = هندن جو ’هوَن‘

لاکو            (188) = بخت وارو، سهڻو سنڌي لقب

                (جيڪو اڪبر بادشاهه لاءِ استعمال ٿيل آهي)

گهري          (206) = گهڙي (وقت جو هڪ مقرر ٿيل

                                                عرصو)

پهر            (206) = پهر (وقت جو هڪ مقرر ٿيل عرصو)

توبره           (223) = توبرو

کهت          (246) = کٽ

گات           (247) = گهاٽ

بيگلار نامي ۾ (1) هيٺان سنڌي الفاظ يا نالا فارسي عبارتن ۾ آندا ويا:

رانا (70) = راڻو

رانائي (69) = راڻائي (جو لقب)

گوني (105، 137) = ڳوڻي ’گوني غلہ‘ = ان جي ڳوڻ

لاهره (106، 110، 113 - 115) مرزا محمد باقي  جي ’لاهرو‘ ٻيڙي

لور (120 - 121) = لوڙهه

جواري (120) = جوار

رين (126) = ريڻ درياء

توبره (138) = توبرو

مرگهه (138، 160، 188) = گهوڙي جو نالو

جونجار (159) = جهونجهار (بهادري جو لقب)

وير (167) = وير (بدلو، خون وغيره جو)

کبوتر (193) = ڪتوبر، نالو گهوڙي جو

دونده (200) = ڊونڊي (ٻيڙي جو قسم)

طراز (201) = تراز (ٻيڙي جو قسم)

کيداره (216) = ’ڪيڏارو‘ (نالو گهوڙي جو،   يعني ’جنگ‘ يا ’جنگي‘)

لک سوا لک (222) لک سوا لک

بهت، چارن (222) = ڀَٽ، چارڻ

لار (234) = لاڙ

تويہ (270) = ٽويو (ان جو، چئن پاٽين جي برابر)

کاسہ (270) = ڪاسو (ان جو، چئن ٽوينجي برابر)

مظهر شاهجهاني ۾ هيٺيان سنڌي الفاظ فارسي عبارت ۾ آندا ويا.

کن کوت = ڳڻ ڳوت يا ڪڻ - ڳوت ۽ داڻبندي

هڪ بيگي تي پنج مڻ

ماري   (60) = ماڙي

گانہ    (60) = گهاڻه، گهاڻو

مد             (69) =مڏ

جپر            (69) = ڇپر

تر              (69) = تر، ترهو

کم ولور        (70) = ڪُم ۽ لوڙهه

بہ              (70) = بهه

بد              (71) = ٻڏ

دير             (71) = ڏِير گاه

گورا، کارا       (87) = ڳورا ۽ ڪارا

کاسہ           (182) = ڪاسو

تويہ            (182) = ٽويو

شيبہ           (212) = شينهن

خاص نالا

 ديرائون        (75)   = ڏيرائون (ڏيريجن جي اراضي)

دني پسايه     = ڌڻي پسايو

گرنگ          = گڙنگ

جاکلہ          = چاڳلہ، چاڳلو

کاجہ           = کاڇہ، کاڇو

(ج) سنڌي بيتن جو فارسي ۾ ترجمو ٿيڻ. اڪبر ۽ جهانگير بادشاهن جي دور اندر، اندازاً 998 - 1022 هه (1590 - 1613ع) واري عرصي ۾ محمد غوثي گجراتي مانڊوي، قاضي قادن جا ڪي بيت فارسي ۾ ترجمو ڪيا جن کي سندس سوانح سان گڏ پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ شامل ڪيائين. محمد غوثي سنه 990هه/1572ع ۾ گجرات ويو ۽ اتي جي مشهور عالم وجيهه الدين گجراتي وٽ پڙهيو. گجرات ۾ سنڌ جي بزرگن جون ڳالهيون ٻڌيو هوندائين، پر اڃان به وڌيڪ معلومات کيس تڏهن مليا جڏهن هو گجرات کان برهانپور پهتو جتي سنڌي عالم ۽ حڪيم عثمان پٽ عيسيٰ سنڌي کان رياضي علم پڙهيائين. برهانپور ۽ ان جي آسپاس ان وقت سنڌي عالمن ۽ درويشن جو وڏو اثر ۽ نالو هو، ۽ ان وقت تائين هنن سنڌ ۽ سنڌي زبان سان پنهنجو موروثي ناتو قائم رکيو هو. محمد غوثي سنه 994هه/1586ع تائين اُتي رهيو ۽ انهيءَ عرصي ۾ درويش لَڌي (لاڏ) سنڌي کان سنڌي ڪافيون ٻڌائين جن جو پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪتائين. ان کانسواءِ توحيد ۽ تصوف جي ڳوڙهن خيالن وارا قاضي قادن جا بيت اتي جي سنڌي بزرگن کان معنيٰ سميت ٻڌائين، جن کان هو ايترو ته متاثر ٿيو جو قاضي قادن جي بزرگي ۽ درويشي جي ذڪر سان گڏ سندس چئن سنڌي بيتن جو فارسي ۾ ترجمو پڻ ڏنائين. سندس ڪتاب ’گلزار ابرار‘ فارسي ۾ آهي جيڪو اڃان شايع نه ٿيو آهي، پر ان جو اردو ترجمو سنه 1336 هه ۾ ’اذڪار الابرار‘ جي نالي سان آگره مان ڇپيو جنهن ۾ قاضي قادن وارن بيتن جو اردو ترجمو ڏنل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ٽي بيت اهي ساڳيا آهن جيڪي لڳ ڀڳ انهيءَ ساڳئي دور ۾ ميين شاهه ڪريم پڻ پنهنجين مجلسن ۾ پڙهيا ۽ بيان ڪيا، البت چوٿون بيت نئون آهي جيڪو ’گلزار ابرار‘ جي مصنف ڏنو آهي:

(1) ترجمو:   کنز اور قدوري پڙهنلآ سلآ معرفت کي مهک

ذره برابر بهي ميرلآ دماغ مين نهين آئي اور

حصول مطلب جو هوا تو اس عالم کلآ پردلآ هوا-

اصل بيت: ڪنز، قدوري، ڪافيا، ڪِي ڪونه پڙهئوم

سو پار ئي ڪو ٻئو جئان پرين لڌوم.

((2)ترجمو: ’لا‘ کس کو نفي کرتها هلآ

جب ماسوائلآ حق، هستي هي نهين رکهتا

اصل بيت ’لا‘ لاهيندي ڪن کي، ’لا’ مورهين ناه

بالله ري پر ياه، ڪَٽو نه ڏسي ڪو ٻئو.

(3) ترجمو: هم جس کلآ مشتاق هين

اگر غور سلآ ديکها جاولآ تووه هم هي هين

اصل بيت: سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءِ ٿيا

هيڏان هوئان هٿڙا، هييئَين جاڙ وڌام.

(4) ترجمو: تمام زبانون مين کل ’لا‘ سلآ تبري نفي کي گئي هلآ

اور تو هنوز اپنلآ اثبات کلآ درپلآ هلآ

اصل بيت: توکي توڙائين ’لا’ سين لاٿائون

اڃان پڻ ’آئون’، ورائو وجهين وچ ۾.

محمد غوثي جي لکيي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قاضي قادن جا اهڙي وڙهي معنيٰ وارا گهڻان ئي ڪي بيت ٻڌا، جو چوي ٿو ته: ’قاضي قادن جا) هن قسم جا خيال (بيت) ايترا ته گهڻا آهن جو لکي پورا ڪري نٿا سگهجن. (ٻيو ته) هر بيان جو حقيقي لطب ان جي اصل زبان سان ئي مخصوص آهي، ۽ ترجمي ۾ اها لطافت قائم نٿي رهي سگهي (1)

(د) فارسي ۽ سنڌي جي گڏيل عبارتن سان ڪتابن جو تنصيف ٿيڻ: هن دور ۾ سنڌي جي اهميت انهيءَ حد تي پهچي چڪي هئي جو ڪي فارسي ڪتاب سنڌي عبارتن ۽ اقتباسن سان گڏي لکيا ويا. هي سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو سو يقين سان چئي نٿو سگهجي، پر غالباً 11 صدي هجري (17 صدي عيسوي) کان وٺي ان جي شروعات ٿي. ڪن خاص ڪتابن جي موضوع ۽ مضمون جي اها تقاضا هئي ته وڌيڪ وضاحت خاطر ڪن مقصدن ۽ معنائن کي سنڌي ۾ بيان ڪجي. اهڙا ڪتاب سنڌي مصنفن ئي لکيا ۽ انهن مان جيڪي اڄ تائين معلوم ٿيا آهن تن مان ’بيان العارفين‘ ۽ ’منهاج المعرفت‘ ذڪر لائق آهن:

بيان العارفين. ميين شاهه ڪريم سندس زندگي ۾ مختلف موقعن ۽ مجلسن ۾ پنهنجن مريدن ۽ مجلس ۾ حاضرينن کي اخلاقي تربيت خاطر کين ڪي نصيحتون پئي ڪيون ۽ ڪي ڳالهيون پئي سمجهائيون. انهن سهڻين نصيحتن ۽ سمجهاڻين کي سندس وفات (1032هه) کان ڇهه سال پوءِ سنه 1038هه ۾ سندس مريد محمد رضا ٺٽوي پڇا ڳاڇا ڪري گڏ ڪيو. ميين شاهه ڪريم جيڪي چيو پئي سو سنڌي زبان ۾ ئي هو، پر ان دور ۾ ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيا ويندا هئا جنهن ڪري محمد رضا پڻ پنهنجي مرشد جي ملفوظات کي ’بيدان العارفين‘ (عارفن جو بيان) جي نالي سان فارسي نثر ۾ لکيو. سندس نصيحتن ۽ سمجهائڻين ۾ ميين شاهه ڪريم موقعي به موقعي پنهنجا توڙي ٻين جا سنڌي بيت پڙهيا هئا ۽ پڻ ٻين طرفان پڇيل بيت سمجهائيا هئا. محمد رضا ميين شاهه ڪريم جي قولن ۽ بيانن جو فارسي ۾ ترجمو ڏنو، مگر ’سنڌي بيتن‘ جي هڪ خاص اهميت هئي جنهنڪري بيتن جي فارسي ترجمي سان گڏ اصل سنڌي بيت پڻ ساڳي صورت ۾ درچ ڪيائين. موجوده معومات جي لحاظ سان، ڪتاب ”بيان العارفين“ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو فارسي نثر ۾ سنڌي بيتن جي پويند سان 11 صدي هجري جي پهرئين اڌ ۾ تنصيف ٿيو، ۽ اڳتي لاءِ پڻ ٻين اهڙين تصنيفن لاءِ هڪ مثالي ڪتاب بنيو.

مِنهاج المعرفت. 11- صدي هجري جي آخر ۾ ’اگهم ڪوٽ‘ جي عالم ۽ عارف شاهه لطف الله قادري سنه 1084هه (1673ع) ۾ تصوف ۽ طريقن جي رمزن ۽ رازن سمجهائڻ خاطر هڪ خاص ڪتاب ”منهاج المعرفت“ جي نالي سان لکيو. هو عربي ۽ فارسي جو عالم هو ۽ وقت جي علمي ماحول مطابق ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ پڻ سجو فارسي (نثر) ۾ لکيائين ۽ ان کي ويهن بابن ۾ ورڇيائين؛ باوجود انهيءَ جي ’بيان العارفين‘ وانگر اهو به ضروري ڄاتائين ته هر باب ۾ ڪو ’سنڌي بيت‘ پڻ شامل ڪيو وڃي، جيڪو انهيءَ باب واري مضمون جو مکيه مقصد ادا ڪري. اهڙي طرح 11- صدي هجري ۾ لکيل هي ٻيو ڪتاب هو جيڪو فارسي نثر ۽ سنڌي بيتن جي جوڙ سان لکيو ويو.

سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ جملن جي معنيٰ ۽ مقصد کي سمجهڻ ڏانهن ڌيان

عرب - اسلامي دور ۾ ڪم از ڪم 4- صدي هجري (10 صدي) کان وٺي جڏهن عربي سنڌي ٻئي ٻوليون گڏوگڏ استعمال ٿيڻ لڳيون ۽ عربي سان گڏ سنڌي جي علمي اهيمت تسليم ٿي، ته سنڌ جي عالمن ديني فرضن، شرعي حڪمن، نماز جي نيتن ۽ خير جي دعائن لاءِ عربي سان هم معنيٰ سهڻا سنڌي لفط، فقرا ۽ عبارتون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. اهو سلسلو سومرن ۽ سمن جي دور ۾ وڌندو رهيو، تان جو ارغون - ترخاني دور جي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي عالم، شرعي قانون جي ڄاڻو ۽ تعليمي ماهر مخدوم جعفر بوبڪائي (1) سنڌي ۾ طلاق لاءِ عام طور استعمال ٿيندڙ لفظن ۽ فقرن جي معنيٰ ۽ مقصد جو شرعي قانون جي روشني ۾ جائزو وٺڻ شروع ڪيو. طلاق جو مسئلو هڪ سماجي مسئلو هو. انهي ڪري سنڌ جي عالمن مختلف نگاهن سان ان تي سوچيو: ڪن سخت سزا (ڪي طلاق) جي تائيد ڪئي ته جيئن گهرو جهيڙي وقت مڙس پنهنجن زالن لاءِ اهڙا سخن نه ڪڍن. مگر اڪثر عالمن انساني ڪمرزوري کي آڏو رکيو ۽ انهي ڪري ڪاوڙ وقت ڪڍيل ڪنهن سخن يا کنيل قسم کي ’جذباتي’ ڪري ڄاتائون ۽ ’ٽي ڀيرا‘ طلاق ڏيڻ کي ’هڪ ڀيري‘ برابر سمجهيائون.

(الف) طلاق لاءِ استعمال ٿيندڙ سنڌي الفاظ ۽ اصطلاح. مخدوم جعفر بوبڪائي هن موضوع تي هڪ خاص ڪتاب ”سنڌين جي طلاق نامي جي مسئلن جو حل“ (حَلَ العُقُود فِي طَلاقِ السّنود) جي نالي سان لکيو، ۽ پنهنجن ڪن ٻين ڪتابن ۾ (2) پڻ طلاق لاءِ استعمال ٿيندڙ سنڌي اصطلاحن ’ڇڏِي‘ ۽ ’ڇڏيم‘ جي وضاحت ڪئي ۽ هيٺين طور پنهنجي طرفان شرعي فيصلو عربي ۾ لکيو جنهن ۾ اهي سنڌي الفاظ ۽ اصطلاح آندائين:

”اِن قال لِمَو طُوئتہِ ’چهڏي، چهڏي، چهڏي‘ اور

’چهَڏيَم‘ ثَلات مَرات، واَرادَ بِالتکِرير التاسِيس دُون

التاکيد لا يَقَعُ الاّ الواحِدة““ (1):

[يعني ته جيڪڏهن ڪنهن مڙس پنهنجي زال لاءِ چيو ته (مون هي) ”ڇڏي، ڇڏي، ڇڏي“ يا ٽي ڀيرا ”ڇڏيم، ڇڏيم، ڇڏيم“ چيائين] مگر ائين ورائي ورائي چوڻ سان جيڪڏهن سندس مقصد پنهنجي گفتي تي زور ڏيڻ ۽ چٽي ڪرڻ جو (تاسيس) هو، ۽ نه (طلاق ڏيڻ خاطر پنهنجي) ارادي کي پڪو ڪرڻ (تائيد) ته ان حالت ۾ اهو ’هڪ طلاق‘ (جي اعلان جي برابر) ٿيندو.]

شرعي لحاظ سان پڪو طلاق تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪو مڙس سوچي سمجهي ٿڌي دماغ سان ٽي ڀيرا طلاق ڏيڻ جو اعلان ڪري. مگر ڪن وقتي ڪاوڙ سببان هڪ ساهي ۾ ٽي ڀيرا ”ڇڏيم، ڇڏيم، ڇڏيم“ چئي ٿي ڇڏيو، پر پوءِ پشيمان ٿي ٿيا. مخدوم جعفر مٿين وضاحت ڪئي ته اهڙي حالت ۾ اهو اعلان ٽن ڀيرن وارو نه، پر ’هڪ ڀيري‘ جي برابر ٿيندو: يعني ته اهو طلاق (صاف پڪو) نه ٿيندو، پر ’طلاق بائن‘) (پهريون اظهار وارو) چئبو. مخدوم جعفر هڪ سماجي ۽ نفسياتي مشڪل کي شرع جي روشني ۾ عملي طور حل ڪيو ته جيئن جذبات وچان ٽي ڀيرا ’ڇڏي‘ يا ’ڇڏيم‘ چوڻ سان ڪنهن جو گهر نه ڦٽي ۽ گهرو زندگي تباهه نه ٿئي.

ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ڌيان طلب ڳالهه هي آهي ته اصل عربي لفظ ’طلاق‘ جي معنيٰ ئي آهي ’ڇڏڻ‘ ۽ ان وقت سنڌ ۾ پڻ ’طلا’ ڏيڻ‘ يا ٻئي ڪنهن اصطلاح بدران نج سنڌي اصطلاح ’ڇڏڻ‘ استعمال ٿيو. سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي علمي، فقهي ۽ شرعي بحث جي هيءَ شروعات هئي جيڪا ڏهين صدي هجري (16 صدي عيسوي) ۾ ٿي ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ وسيع ٿي. مخدوم جعفر کان پوءِ سنڌي عالمن مختلف موضوعن بابت سنڌ جي نثري فقرن، جملن ۽ عبارتن کي زير بحٿ آندو. انهن بحثن ۽ وضاحتن جو تعلق هن کان پوءِ واري ’ڪلهوڙن ۽ ٽالپور اميرن‘ جي دور سان آهي؛ مگر جيئن ته موضوع ساڳيو آهي، اسان ان کي مختصر طور هيٺ بيان ڪريون ٿا ته جئين سنڌ جي سجاڳ عالمن جو پنهنجي مادري ٻولي جي اصطلاحن ۽ عبارتن تي جيڪو توجهه ٿيو تنهن جو اندازو لڳائي سگهجي، ۽ پڻ ان دور کان وٺي سنڌي جي نثري فقرن جي زير بحث اچڻ جي تاريخ مرتب ڪري سگهجي.

مخدوم جعفر کان پوءِ سنڌ جي ٻين عالمن پڻ پنهنجن تحريرن، فتوائن ۽ بياضن ۾ سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتن تي لغت ۽ معنيٰ توڙي شرعي حڪم جي لحاظ سان بحث ڪيو، ۽ اهڙي طرح اندازاً ڏهين صدي کان وٺي تيرهين صدي هجري تائين لڳ ڀڳ چئن سون سالن واري وڏي عرصي تائين سنڌي لفظ ۽ اصطلاح، نثري فقرا ۽ عبارتون زير بحث رهيا.

مخدوم حامد اگهمي (1). مخدوم حامد، مخدوم محمد هاشم کان اڳ ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي کان پوءِ غالباً يارهين صدي (جي پوئين نصف؟) ۾ ٿي گذريو. مخدوم حامد پهريون فقيہ ۽ عالم هو، جنهن مخدوم جعفر سان اختلاف ڪيو. سندس فتويٰ موجب جيڪڏهن ڪنهن شرع جو ’وڏو قسم‘ کينو ته اهو ٽي ڀيرا طلاق جي برابر ٿيندو ۽ پڻ جيڪڏهن ٽي ڀيرا سخن ڪيائين ته اهو به ’طلاق صريح‘ (پڪي طلاق) جي برابر ٿيندو (1).

انهي سلسلي ۾ مخدوم حامد پنهنجي هڪ خاص ”رسالي“ (ڪتاب) ۽ ٻين تحريرن ۾ هيٺيان سنڌي الفاظ ۽ جملا زير بحث آندا:

- جيڪڏهن ڪاوڙ مان ڪنهن پنهنجي پٽ کي چيو ته:

تَڪَر ماڻِہ کي طلاق آهي (2)

[اصل صورتخطي: تَکَر مانِہ کي طلاق آهِي]

هن جملي ۾ مخدوم حامد لفظ ’تڪر‘ جي معنيٰ سمجهائي ته:

لفظ ’تڪر‘ سنڌي زبان ۾ عربي لفظ کانَّ (= ڄڻ ته) جي برابر آهي.

- ڪي وري قسم کڻڻ وقت لفظ ’طلاقُون‘ (اصل: طُلاقن) آڻيندا هئا، جيئن ته: ’توکي طلاقون هجن‘! مخدوم حامد سمجهايو ته:

سنڌين جي اصطلاح ۾ لفظ ’طلاقون‘ ٻن توڙي جمع (جي عدد) جي معنيٰ ۾ ايندو آهي (انهيءَ ڪري لفظ ’طلاقون‘ چوڻ سان لازمي طور ٽن عددن جي مراد ڪانه وٺبي).

مخدوم رحمت الله ٺٽوي. ڪنهن شخص زال سان جهيڙي وقت ڪاوڙ ۾ اچي ٽي دفعا چيو ته:

توکي ڇڏئم توکي ڇڏئم توکي ڇڏئم (1)

[اصل صورتخطي: توکي چهدئم تکي چهدئم توکي چهدئم] اهڙي صورت ۾ ’ٽي طلاق‘ لڳندا يا هڪ؟ ان جو جواب مخدوم رحمت الله ٺٽوي ڏنو ته اهي ٽي طلاق ٿيا ۽ طلاق پڪو ٿيو.

حافظ احمد. هن صاحب سندس تحرير ۾ هن طرح وضاحت ڪئي ته: لفظ ’ڇڏي‘ (اصل: چهدي) سنڌ جي ڪن عالمن جي راءِ موجب ’طلاق صريح‘ (پڪي طلاق) جي برابر آهي، مگر گهڻن عالمن جي فتويٰ  موجب هڪ ’طلاق بائن’ جي برابر آهي، جيئن (مخدوم جعفر بوبڪائي جي ڪتاب) ’حَلَّ العُقُود‘ ۾ آهي. البت ٺٽي جي عالمن ۽ فاضلن جو معمول هن طرح آهي ته: جيڪڏهن ڪو هڪ دفعو (’ڇڏي‘) چئي ته پوءِ پڪو طلاق ٿيو.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1174هه/1760ع). مخدوم صاحب هن مسئلي بابت هڪ تفصيلي رسالو لکيو (2) ۽ پڻ پنهنجن تحريرن ۾ ان کي صاف ڪيائين. پنهنجي رسالي ۾ هي سوال کنيائين ته:

جيڪڏهن سنڌ جي باشندن مان ڪو پنهنجي زال کي ٽي ڀيرا چوي:

’مون فِلاڻي ڇڏي‘

[اصل صورتخطي: مَن فلاني ڇهڏي]

ته ان صورت ۾ ڇا لازم ٿيندو؟

ان جو جواب هن طرح ڏنائين ته: سڄو دارومدار چوندڙ جي نيت ۽ ارادي تي آهي. جيڪڏهن ٽن طلاقن جي نيت هئس ته پڪو صريح طلاق ٿي چڪو: پر جيڪڏهن اهڙي نيت ڪانه هئس ته پوءِ هڪ ’طلاق بائن‘ ٿيندو. اهو انهيءَ ڪري جو لفظ ’ڇڏي‘ هڪ ’ڪِنايو‘ آهي ۽ انهيءَ ڪري ’طلاق بائن‘ جي برابر آهي (ڪتاب ’تمام الغاية‘).

سنه 1156هه (1743ع) ۾ مخدوم محمد هاشم جي لکيل هڪ تحرير ۾ پن انهن لفظن تي بحث ٿيل آهي. سوال هو ته سنڌين (مسلمانن) مان ڪو پنهنجي زال کي ٽي ڀيرا چوي ته:


 


(1) . ڏسو راقم جي درستين ۽ وضاحتن سان شايع ڪيل سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي جي ”تاريخ بلده تهتہ المعروف بہ تاريخ طاهري“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1384هه/1964ع، ص ص 32 - 50.

(1) . لفظن آڏو عدد ’تاريخ طاهري’ جي فارسي متن ڇاپي جي صفحن جا آهن (فارسي متن، راقم جو ايڊٽ ڪيل ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو شايع ڪيل).

(1) . راقم جي درستين سان شايع ڪيل، سنڌي ادي بورڊ حيدرآباد سنڌ 1391هه/1971ع.

(1) . ’گلزار ابرار‘ جو اردو ترجمو ’اذڪارالابرار’، ڇپيل آگره، 1336هه، ص 25 -  هن ڪتاب جو مشيني عڪس ’اسلامڪ فائونڊيشن‘ طرفان سنه 1395 هه ۾ لاهور مان شايع ٿيو.

(1) . موجوده دادو ضلعي ۾ بوبڪن جي شهر جو مشهور عالم، استاد فقيہ مخدوم جعفر (پٽ مخدوم ميران پٽ يعقوب) جنهن 10 - صدي هجري (16 - صدي عيسوي) جي آخر ۾ وفات ڪئي.

(2) . مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب “”المتانة في مرمة الخزانة“ (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ) ۾ پڻ هن مسئلي تي روشني وڌي آهي.

(1) . مخدوم جعفر جا اهي ’اصلي‘ الفاظ مخدوم محمد هاشم پنهنجي ڪتاب ”تمام العنايہ“ ۾ ائين ڏنا آهن. هي ساڳي عبارت مختلف بياضن ۾ نقل ٿي آهي ۽ بعضي انهن لفظن کي ’چهڏي، چهڏي‘ ’چهڏيم يا چهڏيم’جي صورت ۾ لکيو ويو آهي.

(1) . مخدوم حامد ’اگهم ڪوٽ‘ جو هو، جنهن ڪري بعضي کيس ”ساڪن قلعہ اگهم“ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ’قلعہ اگهم‘ يا ’اگهم ڪوٽ‘ هن وقت ’اگهاماڻو‘ سڏجي. هن تاريخي شهر جا آثار موجود آهن جن ۾ شاهي مسجد جون پٿر واريون ديوارون، ۽ مخدوم محمد اسماعيل سومري جو مزار قابل ذڪر آهن.

(1) . ” اگر مردي ازل اهل اين ديار گفت کہ سو گند ڪلان است اگر فلان کار کنم - بعد فعل امر محلوف عليہ زوجہ او بہ سہ طلاق مطلق گردد“ (مخدوم حامد اگهمي).

(2) . سنڌ يونيورسٽي جي ڪتبخاني ۾ محفوظ بياض تان ورتل، جيڪو مخدوم محمد هاشم ڏانهن منسوب آهي.

(1) . سنڌ يونيورسٽي جي ڪتبخاني ۾ محفوظ بياض مان ورتل، سيد علي محمد شاهه (وفات 19 محرم 1287هه/1870ع) دائري واري پنهنجي ”بياض سنڌي“ ۾ خود مخدوم رحمت الله جي هٿ لکيل تحرير تان عبارت نقل ڪئي آهي، جنهن ۾سنڌي لفظن جي صورتخطي ”توکي ڇڏئم“ آهي.

(2) . نالو ”تمام الغايہ“ في الفرق بين الصريح واالطلاق بالکناية“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org