سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:25 

شروعات:

ساراهجي سو ڌڻي واحد سڀ ويرا

جو رب رحمان رحيم ڌڻي جليل جبارا

ـــــ        لاڏاڻو، هيءَ ڪتاب مخدوم عبدالله اصل ڪتاب ”حَبِيبُ السِيرَ“ تان سنڌي ۾ آندو، 13- صدي جي پوئين نصف ۾ هي ڪتاب سنڌي نصاب ۾ داخل هو (1).

ـــــ        ”بَزع الحبيب“ يا ”بزغل جا ڪلما“: ’بزغ الحبيب المجتبيٰ في سُحمَةِ الليل الدّجيٰ‘، مشهور مدحيه سنڌي منظوميو چيل مولوي محمد صلاح جو جيڪو شاهه عبداللطيف جو همعصر هو.

ـــــ        نبي صلعم جي شان ۾ چيل منظوميو ، ڪتابت جي تاريخ 12- رمضان 1201هه (يعني ته ان سان گڏ اڳ جو. برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود).

ـــــ        نبي صلعم، حضرت علي ۽ مامن بابت عوامي رنگ وارو حڪايتي منظوميو: شروعات:

هيءَ حڪايت هيڪڙي سان پڻ سڻيجاهه

ته قادر قدرت جو ڌڻي غالب غيورا

مٿئين سان ملندڙ ثنا ۽ تعريف جو منظم

واکاڻئو واحد کي جو قدرت ڪمالا

مشهور ڪيائين محمد پير جو جلوو جمالا

ـــــ        بسم الله جي برڪت بابت منظوميو (هيءُ، ۽ مٿيان ٻئي ۽ ”سيِّد هارون جي سنڌي“ يعني ٽيہ اکري، چارئي قلمي، هڪ ساڳئي جلد ۾، برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود).

هاڻي برڪت بسم الله جي سهڻو مومناه

آهي جنهن جي ’بي‘ ۾ سڄي قرآن جي معنا

*-       نبي صلعم جي معراج بابت منظوميو، سنه 1251هه کان اڳ جو:

جڏهن رسئو رسول رب جو هاشمي حرما

*-  نبي صلعم جي شان ۾ منظوميو، سنه 1251هه کان اڳ جو:

ساراهيان سو ڌڻي رهندو جو آهي

*-  نبي صلعم جي شان جو ٻيو منظوميو، سنه 1251هه کان اڳ جو:

پاڪي سڀ الله جل جلالہ آهي جيڪا ڪا

جو بزرگ بلند بارءُ مڙنئو وڏو وڏيئا

*-  ٻيا ٻه منظوميا بني صلعم، حضرت علي ۽ امانن سڳورن جي ساراهه

             ۾ چيل، سنه 1251هه کان اڳ جا.

-         قُوت العاشقين: نبي صلعم جا هڪ سؤ سٺ معجزا، مخدوم محمد هاشم سنه 1127هه ۾ تصنيف ڪيو (ڪتبخاني انڊيا آفيس لنڊن واري قلمي نسخي جي ڪتاب ”2- رمضان 1167هه“ (1783ع) ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ بمبئي ۾ ڇپيو.)

ـــــ        معجزا، سنه 1228هه (1813ع) کان اڳ جا، جيڪي هڪ قلمي نسخي ۾ سيد هارون جي ٽيهه اکري جي پويان لکيل آهن.

ـــــ        معجزا، ’الف اشباع‘ جي قافيي سان منظوم ڪيل احمد جا، جيڪي برطانوي ڪتب خاني جي قلمي نسخي (No Add, 26335) ۾ موجود آهن.

ـــــ  معجزو، منظوم ڪيل مخدوم فضل الله پاٽائي (وفات 1290هه) جو.

ـــــ        نور نامو، نبي صلعم جي نور مان ڪائنات جي تخليق بابت، تصنيف ڪيل عبدالرحمان جو، سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        مجموع وفات نامو، سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        حيات العاشقين، مخدوم محمد هاشم سنه 1168هه (55 - 1754ع) ۾ تصنيف ڪيو، ۽ جنهن جو پوءِ سندس فرزند مخدوم عبدالرحمان منظوم ترجمو ڪيو جيڪو 20- ربيع الاول سنه 1288هه (1871ع) ۾ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيو. (مخدوم عبدالرحمان جي ترجمي جو صاف سهڻو قلمي نسخو خواجه منور علي هروي جو سنه 1227هه ۾ ڪتابت ڪيل، برٽش لئبرري ۾ Mss Sindh نمبر سان موجود).

ـــــ        معجزو نبي صلعم جو، سنه 1327هه (1909ع) ۾ مطبع علوي بمبئي مان اٺن ڪتابڙن جي مجموعي ۾ شايع ٿيو.

ـــــ        غزوات نبي صلعم يعني جنگيون نبي ڪريم جون، مخدوم عبدالله جو، تصنيف ڪيل سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        شجاعت سيد الانام (نبي صلعم جي بهادري بابت)، تصنيف ڪيل مخدوم عبدالله جو.

ـــــ        قصو بي بي خديجہ جو، تصنيف ڪيل مخدوم عبدالله جو، سنه 1290هه (1973ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        قصو خديجة الکبريٰ جو (غالباً ساڳيو)، 1327هه (1909ع) ۾ مطبع علوي بمبئي مان اٺن ڪتابن جو مجموعي ۾ شايع ٿيو.

ـــــ        خلفاء راشدين، تصنيف ڪيل مخدوم عبدالله جو، سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        سيدنا امير عمر جو اسلام آڻڻ، تصنيف ڪيل مخدوم عبدالله جو، سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        ’شهادت امام حسين سڳوري جي جو بيان‘، تصنيف ڪيل مخدوم عبدالله جو، سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        شهادت نامو امام حسين سڳوري جو، منظوم ڪيل محمد نالي عالم  جو، الف اشباع جو قافيي سان (1).

ـــــ        قصو شهادت امام حسين جو، منظوم ڪيل محمد مقيم جو، برٽش ميوزيم لئبرري ۾ قلمي نسخو موجود. شروعات:

سڀ ساراه رب کي جل جلاله وصف وڏايا

آهين جهين جهان ۾ عجب ڪها ڪمڙا

ـــــ        روضة الشهداء سنڌي، سنڌ جي عالم احمد هيءَ ڪتاب ملاحسين ڪاشفي جي ڪتاب ’روضة الشهداء‘ تان سنه 1172هه (59/1758ع) ۾ سنڌي ۾ آندو. سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        مناقب مرتضوي، منظوم ڪيل خليفي محمد جو، ٽيهه اکري جي صنعت ۾، قلمي نسخو برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود. شروعات:

”هيءَ مناقب مرتضوي سڻهو سنڌي واءِ“

ـــــ        مناقب مرتضوي (الف اشباع جي قافيي سان). هي ڪتاب پڻ آڳاٽو تصنيف ٿيو. ان جو قلمي نسخو راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

ـــــ        افادة العَينين (عربي) تان کنيل ۽ منظوم ڪيل خليفي محمد جو. قلمي نسخو، برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود.

ـــــ        قصو حضرت يوسف جو، احمد نالي عالم ’سوره يوسف‘ ۾ ڏنل اهڃاڻن جي روشني ۾ منظوم ڪيو. پنهنجو نالو هن طرح آندائين:

”الاهي احمد چئي آهيان عاصي اپارا“

هن قصي جو هڪ آڳاٽو قلمي نسخو سنه 1180هه ۾ ڪتابت محمد ملوڪ جو لکيل برٽش لئبرري ۾ موجود آهي.

ـــــ        قِصَص الانبياء (نبين جا قصا)، مولوي محمد حسين شعبان سنه 1177هه (1763ع) ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، ۽ سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيو.

تصوف، اخلاقيات

ـــــ        نصيحت نامو (موت کان پوءِ واري حالت بابت)، مخدوم محمد هاشم جو.

ـــــ        تحفة التائبين (گناهن کان توبهه ڪرڻ بابت) مخدوم محمد هاشم جو.

ـــــ        هدايت المريدين، مخدوم محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف سنه 1206هه (1791ع) ۾ لکيو ۽ سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان پهريون ڀيرو شايع ٿيو.

ـــــ        سنڌي ابراهيم جي *، تصوف ۽ نقشبندي طريقي بابت، جنهن جو قلمي نسخو ”29 ذوالحج سنه 1317هه“ ۾ لکيل، اسان مرحوم حڪيم معين الدين جي ڪتبخاني (نواب شاهه) ۾ ڏٺو. آخر ۾:

آگا هن عاجز کي تون پنهنجي رنگ رنگيج

طرف طاعت تائب ڪري، ڏونہ عبادت آڻيج

ـــــ        تذڪرة لطابين سنڌي، مخدوم مولوي عبدالله مقتدي مخدوم محمد هاشم جو.

ـــــ        سراج المشتاقين، تصنيف اسماعيل شاه ويٺل شهر پانڍ (ڪڇ جو)، 23 ربيع الاخر 1760هه ۾ تصنيف ڪيائين.

ـــــ        مجمع الفيوضات، پير صاحب محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات جنهن کي خليفي محمود نظاماڻي سنه 1248هه (1832ع) ۾ تاليف ڪيو.

ـــــ        سيد هارون جو ٽيهه اکري منظوميو، الخاقي نصيحت ۽ هدايت بابت، قلمي نسخو برٽش لبئرري لنڊن ۾ محفوظ. غالباً اها ٽيهه اکري ”مجموعه سي حرفي سيد هارون ميان عبدالله“ جي نالي سان 1287هه (1870ع) ۾ يا ان کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيل.

ـــــ        سيد هارون جو ٻيو ٽيهه اکري منظوميو. اخلاقي، نصيحت ۽ هدايت بابت، قلمي نسخو برٽش لئبرري لنڊن ۾ محفوظ.

ـــــ        تصوف ۾ رسالو، خليفي محمود نظاماڻي (وفات 1267هه) تصنيف ڪيو.

ـــــ        مفيد الانام، سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        وحدت نامو يا توحيد نامو، مخدوم فضل الله پاٽائي سنه 1264هه (1848ع) ۾ تصنيف ڪيو.

ـــــ        تصوف نامو، جنهن ۾ مخدوم فضل الله (وفات 1290هه) توحيد نامي جي پهرين ٻن سٽن جو شرح ڪيو.

ـــــ        انيس العابدين (يا منهاج الزاهدين يعني انيس العابدين)، سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        زيورنامو، مخدوم فضل الله پاٽائي سنه 1278هه ۾ تصنيف ڪيو.

ـــــ        موت نامو، اَٺن ڪتابن جي مجموعي ۾ مطبع علوي بمبئي مان سنه 1327هه (1909ع) ۾ ڇپيو.

ـــــ ڪتاب انيس المتقين، سنڌي منظوم، 1285هه کان اڳ تاليف ٿيو.

ـــــ        حڪايت الصالحين، اخلاقي تعليم ۽ تربيت لاءِ مولوي ولي محمد سنه 1220هه (1805ع) ۾ سنڌي ترجمو ڪيو، ۽ سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي، بمبئي مان ڇپيو (وڏو ڪتاب 578 صفحا).

ـــــ        معراج المؤمينن، رسالو شيخ عبدالرسول حجازي جي سنڌي ۾ تصنيف ڪيو (جنهن تان محمد صديق نصرپوري عبارت نقل ڪئي جنهن جو ذڪر سيد علي محمد شاهه دائرائي پنهنجي بياض ۾ ڪيو آهي).

ـــــ        منهاج الزاهدين ۽ سراج للعابدين سنڌي، جوڙيل محمد جو (نورنامي سان گڏ ڇپيل).

سماجي اصلاح

ـــــ        مُلڪي سنڌي (گهٽ علم وارن اڻ ڄاڻ مَلن جو اجاين خيالن ۽ ڳالهين جي پٺڀرائي تي تنقيد)، تصنيف محمد شريف راڻي پوري جي سنه 1160هه (1747ع) ۾ تصنيف ڪيل:

”ڪاره سؤ گذرئا، ٻيو ساٺيڪو ورهن“

(6 صفر 1310 هه برابر 29 آگسٽ 1892ع ۾ قاضي ميان نور محمد صاحب سانوڻي پنهنجي پريس مان ليٿو ۾ ڇپيو.

ـــــ        نصيحت نامو: نقصانڪار سماجي رسمن ۽ انهن جي نتيجن بابت، تصنيف ڪيل مخدوم عبدالله جو، سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان ڇپيو، ۽ ٻيو دفعو اٺن ڪتابن جي مجموعي ۾ مطبع علوي بمبئي مان سنه 1327هه (1909ع) ۾ ڇپيو.

ـــــ        تنبيه الجاهلين، مخدوم عبدالله جو منظوم سنڌي ۾ تصنيف ڪيل جيڪو سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان بمبئي مان ڇپيو، ۽ پوءِ مطبع نامي ڪريمي بمبئي مان (1336هه/1917ع) ۾ پڻ مفيد عام پريس لاهور مان ڇپيو.

ـــــ        تنبيہ الغافلين، محمد اسماعيل جو (؟)، مطبع حيدري بمبئي مان سنه 1291هه (1874ع) ۾ ڇپيو.

ـــــ        جاهلن کي تنبيهه، مخدوم غلام محمد بگائي جو قاضي نورمحمد قريشي هالائي ڇاپايو.

ـــــ        حقوق الخزَّوجَين (گهرو زندگي کي سهڻي نموني نباهڻ لاءِ زال ۽ مڙس کي هدايت)، اٺن ڪتابن جي مجموعي ۾ مطبع علوي بمبئي مان سنه 1327 هه (1909ع) ۾ ڇپيو.

طب

ــــ         حڪيم محمد جعفر، رمضان 1264 هه (1848ع) ۾ طب ۾ ڪتاب ’مفيد الخلق‘ سنڌي ۾ منظوم ڪيو، جيڪو ’خطب جعفري‘ جي نالي سان 1294هه ۽1303هه ۾، ۽ پڻ ان کان پوءِ بمبئي مان شايع ٿيو.

تعويذات

ـــــ        مجمع الفوائد تعويذات ۽ فالنامو، ٻئي گڏ 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيا.

4- ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو شروع ٿيڻ

هن دور اندر سنڌي ۾ تعليمي تحريڪ جي ڪاميابي، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ توسيع لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ سنڌي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ذوق وڌيو. نتيجي طور نه صرف سنڌي ۾ درسي، علمي ۽ عام مطالعي جا ڪتاب تصنيف ٿيا پر ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو پڻ شروع ٿيو: نه فقط عربي ۽ فارسي مان سنڌي ۾ ڪتاب ترجمو ڪيائون، پر سنڌي جو اعليٰ فڪر وارو مواد پڻ عربي ۽ فارسي ۾ ترجمو ٿيو.

(الف) سنڌي مواد جو عربي فارسي ۾ ترجمو ٿيڻ: فڪر جي بلندي ۽ اعليٰ معياري جي لحاظ سان هن دور اندر سنڌي زبان ۾ اهڙو اهم مواد ظهور پذير ٿيو، جو ان کي وسيع علمي حلقن ۾ روشناس ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ان کي فارسي ۽ عربي ۾ ترجمو ڪيو ويو.

ـــــ        محمد رضا ٺٽوي، پنهنجي مرشد ميين شاهه ڪريم جي سنڌي بيتن، قولن ۽ هدايتن کي سنه 1038هه (1628ع) ۾ ’بيان العارفين‘ جي نالي سان فارسي ۾ لکيو ۽ محفوظ ڪيو.

ـــــ        مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (شهادت 1192هه/1778ع) پنهنجي مرشد ۽ ولي خواجه محمد زمان جي سنڌي بيتن جو عربي ۾ ترجمو ۽ تفسير ڪيو.

ـــــ        مخدوم فضل الله پاٽائي. سنه 1284هه (1867ع) ۾ سيد علي محمد شاهه جي سنڌي ڪتاب ’مصلح المفتاح‘ جي علمي اهميت محسوس ڪندي ان کي ’اصل المصلح و المفتاح‘ جي نالي سان فارسي ۾ آندو.

(ب) عربي ۽ فارسي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ٿيڻ. هن دور ۾ نه فقط سنڌي ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا ويا، مگر ٻين ٻولين جا به سنڌي ۾ ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. انهن ترجمن جو مکيه مقصد اهو هو ته اصل ڪتابن جو تحت لفظي ترجمي بدران شروع کان آخر تائين صاف مطلب ۽ مفهوم سولي سنڌي ۾ سمجهايو وڃي. هيٺيان ترجما مشهور ۽ معلوم آهن.

ـــــ        آخوند عزيزالله متعلوي (1160 - 1240هه/1746 - 1824ع) قرآن عنوان سان ڪيو، جيڪو 1293هه (1877ع) ۾ پهريون ڀيرو (؟) بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        مخدوم عبدالله، عربي ڪتاب ’شرح سراج المنير‘ کي ’قمر المنير‘ جي نالي سان سنڌي ۾ آندو.

ـــــ        مولوي احمد، ملاحسين ڪاشفي جي پارسي ۾ لکيل ڪتاب ’روضة الشهداء‘ تان سنه 1272هه (58 - 1759ع) ۾ ’روضة الشهداء سنڌي‘ تيار ڪيو (مطبع ڪريمي بمبئي مان 1321هه ۾ ڇپيو. وڏو ڪتاب، 463 صفحا)

ـــــ        قصص الانبياء (نبين جا قصا) جيڪو اصل فارسي ۾ هو، تنهن جو مولوي محمد حسين شعبان سنه 1177 هه (1763ع) ۾ ’سير بُستان‘ جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

ـــــ        فالنامو، فارسي تان سنڌي منظوميي جي صورت ۾ ترجمو (اداره سنديات ۾ قلمي نسخو محفوظ، نمبر 22702).

ـــــ        مخدوم عبدالسلام، ترمذي جي ڪتاب شمائل نبوي، جو جمادالثاني مهيني سنه 1197هه (1783ع) ۾ سنڌي منظوم ترجمو جوڙي راس ڪيو. حضرت جن جي صورت ۽ سيرت جو تفصيلي احوال، ڪتاب وڏي تختي تي 296 صفحا ليٿو ۾ ڇپيو.

ـــــ        فرائض الاسلام سنڌي: مخدوم محمد هاشم جي عربي ڪتاب ’فراض الالسلام’ مان جملي 1262 صفحن جو سنڌي ترجمو علي بن حافظ (ذات جو ٻيجورو بزرگ، جيڪو چون ٿا ته سن لڳ ڇڇرن جي ڳوٺ جو ويٺل هو) سنه 1177 هه (1763ع) ۾ ڪيو. قلمي نسخو برٽش لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي.

ـــــ        فرائض الاسلام سنڌي: مڪمل سنڌي ترجمو مخدوم محمد هاشم جي عربي ڪتاب، ’فرائض الاسلام‘ جو، پهرئين ڀاڱي جو مخدوم عبدالله ۽ ان بعد ٻئي ڀاڱي جو مخدوم عبداللطيف سنه 1181هه (68/1867ع) ۾ ڪيو.

ـــــ        سراجي سنڌي: علم مييراث، يعني ورثي ترڪي بابت لکيل عربي ڪتاب ’سراجي‘ جو سنڌي ترجمو علي بن حافظ (مٿئين بزرگ) سنه 1162هه (1749ع) ۾ ڪيو.

ـــــ        مخدوم عبدالخالق، اسلامي مسائل بابت ابوالدرداء طبراني جي عربي ڪتاب ’الطريقة المحمدية‘ کي سنه 1157هه (1744ع) ۾ ’مطلوب المؤمنين‘ جي نالي سان سولي، سنڌي ۾ آندو جنهن جو ذڪر اڳ اچي چڪو آهي.

ـــــ        عبدالرحمان بن ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ، ميين شاهه ڪريم جي فارسي ۾ لکيل ملفوظات ’بيان العارفين‘ کي 1210 - 1213هه (1795 - 1798ع) وارن ٽن سالن ۾ سنڌي ترجمو ڪيو. سنه 1291هه ۾ مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي ان کي مختصر ڪيو ۽ سنواريو، ۽ 27 رجب سنه 1293هه ۾ ان کي مطبع مرغوب هرديار بمبئي مان ڇاپايو.

ـــــ        مخدوم فتح محمد سنڌي جي فارسي ڪتاب ’مفتاح الصلواة‘ جو مخدوم محمد انور لاڙائي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جو ذڪر علي محمد شاهه ڪيو آهي: يعني ته ’مطلح المفتاح‘ جي تصنيف 1270 - 1277هه کان اڳ ٿيو. پڻ ان جو ذڪر مخدوم فضل الله پاٽائي ڪيو آهي. هي ترجمو 1302هه (1884 -- 1885ع) کان اڳ مطبع فتح الڪريم بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        حامد پٽ حسن جي ’قوت العاشقين يا عشقيہ‘ نالي سان شيخ عثمان انصاري جي اصل فارسي ڪتاب تان، مهيني شعبان سنه 1243هه (1827ع) ۾ ترجمو ڪيو. (شولداس ڪتب فروش شڪارپور طرفان سنه 1915ع ۾ ڇپيو.

ـــــ        محمد عارف ’صنعت‘ شڪارپوري (وفات 1266هه) شيخ مصري جي فارسي ڪتاب ڪريما جو منظوم ترجمو ڪيو.

ـــــ        ڪتاب انيس المتقين، سنڌي منظوم ترجمو، شيخ عبدالصمد جي عربي ڪتاب ’انيس المتقين‘ جو، سنه 1285هه (1868ع) کان اڳ ٿيو. هن جو قلمي نسخو ڪتابت ڪيل ”فقير سومار ابن اسحاق ساڪن شهر و نجان ملڪ ڪڇ 1285هه“ جو موجود آهي.

ـــــ        محمد مقيم نالي ”تفسير خواب“ فارسي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

ـــــ        عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽي، مخدوم فتح محمد سنڌي جي فارسي ڪتاب ’مفتاح الصلواة‘ تان سنڌي ترجمو ’مفتاح الصلوات سنڌي‘ 15- محرم 1288هه (1871ع) تي ڪيو، جنهن کي قاضي عبدالرحيم ڪوٽ عالمي واري وڌيڪ سنواري 7- ذوالحج سنه 1293هه تي پورو ڪيو.

ـــــ        قاضي عبدالحڪيم (هاله ڪنڊي جي) سنه 1280هه کان اڳ هندوستان جي عالم محمد هادي جي ’ڪتاب رد نصاريٰ‘ جو اردو مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

ـــــ        عيسيٰ پٽ موسيٰ جي، مير امن دهلوي جي فارسي مان اردو ۾ ڪيل ترجمي تان، ”قصو چار درويش“، ذوالحج 1262- ربيع الاول 1263هه (1846ع) وارن سالن دوران سنڌي ۾ ترجمو.

5. تجرباتي تحقيقي نتيجن کي سنڌي ۾ شايع ڪرڻ.

موضوع جي علمي ڄاڻ، ۽ ان مان گڏ عربي ۽ فارسي توڙي سنڌي ٻولي ۾ مهارت جي لحاظ سان هن دور جي سنڌي عالمن جي علم جو معيار نهايت بلند هو. انهيءَ اعليٰ لياقت نه فقط سندن تحقيق جي معيار کي بلند ڪيو، پر ان سان گڏ سنڌي لغت جي استعمال توڙي عبارت ۽ بيان ۾ صحت ۽ وسعت پيدا ڪئي. مثلاً ابوالحسن جي ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ (ابوالحسن جي سنڌي)، مخدوم محمد هاشم جي ڪتابن ’بناء الاسلام‘ ۽ ’ذبح شڪار‘، ۽ علي نالي عالم جي تصنيف ڪيل ’تسهيل الفرائض‘ ۾ موضوعن ۽ مسئلن بابت ڪيل علمي تحقيق، صحت ۽ جامعيت جي لحاظ سان، مثالي ۽ معياري آهي. ان جو هڪ خاص مثال مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي تجرباتي تحقيق ۾ ملي ٿو جيڪا هن ’پُور - منجهند’ واري پاڇي جي لڙڻ ۽ وڌڻ، بابت ڪئي، ۽ جنهن جي بيان ۾ آڳاٽي سنڌي ٻولي توڙي ان وقت جي ٺٽي واري ٻوليءَ جي لغات جا انوکا مثال موجود آهن.

پاڇي لڙڻ جي لحاظ سان اڳين نماز جي وقت مقرر ڪرڻ تي تحقيق.

هر نماز مقرر وقت مطابق ئي پڙهڻي آهي، ۽ اڳين نماز (ظهر) جو وقت پُور - منجهند ٿيندي ئي سج جي لڙڻ (”زوال“) ساڻ شروع ٿئي ٿو ۽ وڌندڙ ’پاڇي جي مقرر ڊيگهه‘ تي پورو ٿئي ٿو. پور - منجهند بعد پاڇي جي ٿوري ورڻ سان ئي سج جي لاڙي کي هرڪو پروڙي ٿي سگهيو، پر سوال هو ته اڳين نماز جي آخري وقت واري مقرر حد کي لڙيل پاڇي جي لحاظ سان ڪيئن سڃاڻجي. هڪ هزار ورهيه کن اڳ جڏهن واچون نه هيون ۽ وقت پاڇي جي لحاظ سان ئي سڃاڻبو هو تڏهن فقہ جي امامن ظهر نماز جي آخري حد لاءِ هي قاعدو مقرر ڪيو:

آخر وقت ظهر تا آن کہ رسد سايہ هر چيز بدو برابر او سواي فيء الزوال نزد ابي حنيفہ - وبہ يک برابر او سواي في الزوال نزد صاحبيہ و شافعي و احمد.

[يعني: اڳين نماز جي آخري وقت جي حد ابو حنيفة جي چوڻ موجب اها آهي جو ڪنهن به شيء جي پور - منجهند واري پاڇي کان پوءِ اهو پاڇو وڌي ان شيء جي قد کان ٻيڻو ٿئي، ۽ صاحبيہ (ابو يوسف ۽ محمد) شافعي ۽ احمد جي قول موجب اهو وڌي ان شيء جي قد برابر ٿئي].

هن قاعدي موجب ڪنهن به شيء جي ڊيگهه، ۽ منجهند بعد ان جي لڙيل پاڇي جي ڊيگهه کي سمجهڻ ضروري آهي. ان لاءِ فقيهن لڙندڙ پاڇي تي تحقيق ڪري هن قاعدي کي آسان بنايو: هنن هر ماڻهو جي پنهنجي قد جي لحاظ سان لڙندڙ پاڇي جي ماهوار سراسري ڊيگهه جي ماپ خود ماڻهو جي پنهنجي ’قدم‘ يا ’پير‘ جي ڊيگهه سڄي حساب سان مقرر ڪئي؛ جئن هرڪو ماڻهو پنهنجو لڙندڙ پاڇو پاڻ قدم قدم وقت سمجهي سگهي. اها ماهوار سراسري ڊيگهه شمسي مهينن جي حساب سان ڏني وئي، جو هر سال ساڳئي مهيني ۾ ساڳئي ماڳ تي سج جو پاڇو اندازاً ساڳي ماپ وارو ٿو رهي.


(1) . انگريز مصنف رچرڊ برٽن، ڪتاب ”سنڌ ۾ وسندڙ قومون“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.

* . اهي پنج منطوميا جدا جدا فاضلن جا جوڙيل 138 ورقن جي ذخيري ۾ شامل، جيڪو خليفي محمد بن مرحوم عبدالخالق تاريخ 21- رمضان 1251هه تي لکي پوروڪيو، ۽ هاڻي برٽش لئبرري لنڊن ۾ محفوظ آهي.

(1) . قلمي چڱو وڏو ڪتاب، آڏو ۽ پويان ناقص، جناب مير علي شاهه صاحب (ڳوٺ جوڻا، تعلقه گولاڙچي) جن وٽ اسان ڏٺو.

* . غالبا ساڳيو مٿيون ڪتاب مخدوم ابراهيم جو (؟)، ڇاڪاڻ جو هن قلمي نسخي مٿان سندس نالو وڏي احترام سان کنيل آهي: ”تاليف تصنيف مولانا هادينا مهدينا سيدنا و مرشدنا دام فيوضاتہ مخزن الشمس مع شجرة العارفين“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org