سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:26 

سنڌ جي ڪنهن عالم آڳاٽو انهيءَ ماهوار سراسري ڊيگهه واري جَدوَل کي سنڌي مهينن جي نالن ۽ حساب سان هيٺينء طرح منظوم ڪيو:

اَٺ ڏنائين ’پوه‘ کي، اٺ ڏنائين ’ماهِ‘

ڇهه ڏنائين ’ڦڳڻ‘ کي، چار ڏنائين ’چيٽِ‘

ٽي ڏنائين ’وِهاءَ‘ کي، ٻه ڏنائين ’ڄيٺِ‘

هڪ ڏنائين ’آراڙ‘ کي، ’ساوڻ‘ ڏنائين هيڪَ

ٻه ڏنائين ’بڊري‘ کي، تي ’اَسُوءَ‘ کي

چار ڏنائين ’ڪَتي‘ کي، ۽ ٻه ’نهاري‘ کي

پڻ وري وڌائين مٿان ٿي ’ساڍ‘ سڀن کي.

ٻئي سنڌي بزرگ کي ڪنهن ٻي ماهوار سراسري جدول کي هن طرح منظوم ڪيو.

اٺين پيرين پوه ڦڳڻ، ڇهين نِهاري چيٽ

چَئين ڪَتي وِهاءُ، ٽئين اَسو ڄيٺ

ٻِين بَڊرو آراڙِ، ڏيڍ ماه، ساوڻ هيڪ

ساڍَ سڀني اڳري ڏيئي ڪجي چيٺ

 يعني: پوءِ ڦڳڻ ٻنهي مهينن ۾ ماڻهو جو پنهنجو پاڇو منجهند بعد لڙي جيستائين ڊيگهه ۾ سندس پنهنجن اٺن پيرن جي ماپ جيترو ڊگهو ٿئي تيستائين اڳين نماز جو وقت آهي، ۽ جڏهن اها ڊيگهه پوري ٿي ته اڳئين نماز جو وقت ختم ٿيو. اهڙيءَ طرح اڳتي ٻين مهينن لاءِ اها ڊيگهه هيٺين طرح ڏني وئي آهي:

نِهاري (ناهري) ۽ چيٽ، ٻنهي مهينن لاءِ ڇهه پير

ڪَتي ۽ وهاءُ (ويساک)، ٻنهي مهينن لاءِ چار پير

اَسو ۽ ڄيٺ، ٻنهي مهينن لاءِ ٽي پير

بڊرو ۽ آراڙ (آکاڙ) ٻنهي مهينن لاءِ ٻه پير

ماه (ماگهه) مهيني لاءِ ڏيڍ پير ۽ ساوڻ لاءِ هڪ پير

پر مٿين سڀني اندازا ۾ ساڍ (اڌ پير) جيتري ماپ وڌائي سگهجي ٿي. ماپ جي لحاظ سان ٻنهي جدولن ۾ فرق آهي. اهي جدولون شايد سنڌ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ اتي جي عالمن عربي يا فارسي عبارت ۾ لکيون جن کي سنڌي ۾ منظوم ڪيو ويو. تاريخي لحاظ سان اهي منظوميا آڳاٽا آهن ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌي تحرير جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اهي منظوميا ڏهين يا يارهين صدي هجري (16 -- 17 صدي) جا هجن ڇاڪاڻ جو 12- صدي جي اوائل ۾ انهن کي مخدوم محمد هاشم پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيو آهي جيڪو هن سنه 1133هه (1721ع) ۾ اڳين نماز جي وقت جي سڃاڻڻ لاءِ پاڇي جي حساب بابت تصنيف ڪيو(1). مخدوم صاحب انهن ٻنهي منظومين ۾ آندل جدولن کي غلط ٺهرايو آهي ڇاڪاڻ جو سندس چوڻ مطابق اهي جدولون سنڌ سان نٿيون لڳن. غالباً اهي ٻئي ڪنهن ملڪ لاءِ عربي يا فارسي ۾ بنايون ويون ۽ پوءِ سنڌ جي بزرگن انهن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم صاحب به انهن ٻنهي بزرگن جا نالا ڪين لکيا آهن، جنهن جي معنيٰ ته اهي بزرگ اڳ ٿي گذريا، پر سندن اهي منظوميا ماڻهن کي ياد هئا ۽ عام مشهور هئا جو مخدوم صاحب نقل ڪيا. انهن ۾ ڪن سنڌي مهينن جا نالا جنهن صورت ۾ آندل آهن ان مان ڀانئجي ٿو ته اهي ڪافي اڳ هلندڙ هئا. ’نِهاري’ (ناهري)، ’ماهُ‘ (ماگهه)، وهاءُ (ويساک) ۽ آراڙ (آکاڙ) ڪافي آڳاٽا نالا آهن جيڪي ٺٽي واري ڀاڱي ۾ رائج رهيا آهن. سنڌي ٻولي جي آڳاٽي لغت جي لحاظ سان، اهي ٻئي منظوميا هڪ دستاويزي حيثيت رکن ٿا. مخدوم محمد هاشم انهن ٻنهي نظمن کي ”ابيات سنديہ“ (سنڌي بيت) سڏيو آهي.

انهن ٻنهي جدولن ۾ غلطيون محسوس ڪندي مخدوم محمد هاشم پاڻ پوءِ تحقيقي تجربو ڪيو جو هڪ ڪاٺي کوڙيائين ۽ هڪ سڄو سال ان جي پُور -- منجهند (پورن ٻن پهرن) واري پاڇي جي ڊيگهه کي ماپيائين؛ وري ٻئي سال به ٿورن ٿورن وقفن تي ماپون وٺي پهرئين سال وارين ماپن جي تصديق ڪيائين. ان بعد انهن ماپن جي آڌار تي هر ’اڌ مهيني’ جي ’سراسري ماپ‘ ڪڍيائين ۽ جدول ٺاهيائين. اهڙيءَ طرح ٺٽي ۽ نصرپور جي ٻنهي پرڳڻن لاءِ ان جدول جي تصديق ڪري (1)، پهريائين ان کي فارسي ۽ پوءِ سنڌي بيتن ۾ هيٺينءَ طرح منظوم ڪيائين (2).

سايو اصلي ملڪ سنڌ جو سُڻهو مومنا (1)

لکي ڪريان پَڌَرو ڪارَڻ رَبَّ رضا

ڪِيَم محنت تِنہ تي چوئيہ ماهَ سڄا (2)

اڌ اڌ مهيني جا سَڀَڪهين لکان پيرَ جدا (3)

ورهُ وِهي وهاءَ ڪنا، ڪريان شروع تِئا (4)

پهرِن اڌ ۾ وهاءَ جي اڍائي پيرَ ٿين

پوئين اڌ ۾ به ٿئا، اَّسڻي ياد ڪجن

پهري اڌ کي ڄيٺ جي ڏيڍ پير ڏبو

پويين اڌ کي تنہ جي قدم هيڪڙو (5)

اڌ ۾ پِهري آراڙ جي اڌ پير پِسجي (6)

تِها پوءِ اچي سج برابر ٿيي، پاڇو ڪين رهي (7)

نڪين ويين اڌ ۾ آراڙجي، نه ساوڻ سڀ سُڄي

جو ساوڻ لنگهي هليو ٿو وري سو وڌي

اڌ پسجي پير جو پَنره ڏينہ بڊري (8)

پويان پنره تنہ جا سڄو پير ٿئي

اَسُو پهري اڌ ’ڏيڍ‘ ٿيي، پويين ٻه پورا (9)

ڪتي پنرهه پهرا پير ٽري، پويان چار هئا

پنج پهري اڌ نَهاري جي، ساڍا پنج پُئا (1)

ڇَه پير پهري اڌ پوه جي، پوئين ڇه ساڍا

پهري اڌ ۾ ماهَ جي پورا ست ٿئا (2)

مُور نه وڌي سنڌ ۾ سايو ستنِئا (3)

وري موٽي واڌ ڪَنا اچي ان ماڳا

ڦِري ساڍا ڇه ٿئا پويين اڌ ماها (4)

ڇه پير پهري اڌ ڦڳڻ جي، پوءِ ساڍا پنج ٿئي

ساڍا چار پهري پنرهين چيٽ جي، پوئين ساڍاٽي

پاڇا ٻارهن ماهن جا اچي پُنا اي

پرپون مِڙئي اتر پار ڏانہ، ڏکڻ ڪونه پوي (5)

سکي سي ياد ڪَرِ هو ته آن کي رب تُسي

پر آن توکي چان ڳال جا، سڻيج ساساري (6)

تِه جني ساڍ- اٺ پير لکئا ’پوه‘ ڪيين ’ماه‘ مي (7)

اُو ڪم نه ايندي ڳالڙي مُوران سنڌين کي

سنڌ م ستن پيرنئون پاڇو ڪين وڌي

مگر ڪَهين ٻئي ملڪ سين جيڪر هوند جُڙي (8)

سايو سڀني ملڪن ۾ تفاوت ڪري (1)

پڻ جَني ڏنو ساوڻ کي ڏيڍ - پير سڄو

اُو نه جُڙندو سنڌ سين، چوکاري ڏسو (2)

سنڌ منجهه ساوڻ ماه ۾ پاڇو مور نه پوءِ

مگر قدر ٻن ٽن آڱرين جي، جنہ اعتبار نه ڪو (3)

سڻي دين شريعت کي سکي ياد ڪرهو

ويندا سي ايمان سين ڪلمو جن چيو.

مخدوم محمد هاشم جيتوڻيڪ پنهنجي ڪيل تجربي جي نتيجن کي پهريائين فارسي ۾ لکيو مگر ساڳئي وقت انهن کي سنڌي ۾ پڻ منظوم ڪيائين. سندس مٿيون منظوميو سنه 1133هه (1721ع) جو جوڙيل آهي، جڏهن شاهه عبداللطيف جي عمر ايڪٽيهه سال کن هئي. انهيءَ ڪري هي منظوميو به سنڌي لغت ۽ بيان جي لحاظ سان خاص اهيمت رکي ٿو.

6- سنڌي نثر ۾ عبارتن ۽ ڪتابن لکڻ جو شروع ٿيڻ

هن کان اڳئين باب ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته سنڌ جي عالمن ۽ فقيهن 10- صدي هجري (16- صدي عيسوي) کان وٺي سنڌي جي ڪن خاص اصطلاحن، فقرن ۽ جملن تي بحث شروع ڪيو، جيڪو هن دور ۾ پڻ جاري رهيو. اهي اصطلاح، فقرا ۽ جملا سنڌي نثر جا هئا، جيڪي سڀ کان اڳ لکيت ۾ آيا. هن دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ (ابوالحسن جي سنڌي) کان وٺي هڪ نئين قسم جو ’نظم نما نثر’ رواج ۾ آيو، جنهن سادي سنڌي نثر لاءِ ميدان تيار ڪيو. انهن ڪتابن ۾ سادا سليس نثري سٽاء وارا ’منظوم بند‘ استعمال ٿيا (جن تي اسان هيٺ وڌيڪ روشني وجهنداسون)، جن سان اڳتي هلي سنڌي نثر ۾ ڪتابن لکڻ ۾ آساني ٿي. ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي مصنف صحيح چيو آهي ته مخدوم محمد هاشم جي عربي ڪتاب جي سنڌي ۾ ڪيل ترجمي ”فرائض الاسلام وارو نظم تمام سادو آهي: ڄڻڪ رڳو نثر نما نطم آهي“ (1).

’فرائض الاسلام‘ جا سنڌي ۾ ترجما مخدوم محمد هاشم جي وفات (1174هه) کان پوءِ ٿيا، پر ان کان گهڻو اڳ ’ابوالحسن جي سنڌي‘ ۽ ان بعد خاص طرح مخدوم محمد هاشم جي هڪ ٻئي پويان تصنيف ڪيل سنڌي ڪتابن - جهڙوڪ زادالفقير (1130هه)، راحة المؤمنين (1130هه)، بناء لاسلام (1143هه) ۽ عقائد سنڌي (1143هه) - ذريعي نثري سٽاء وارو نظم عام مقبول پيو، ۽ 12 صدي هجري (18- عيسوي) جي پهرين پنجاهه سالن ۾ سنڌي نثر ۾ عبارتن لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. انهيءَ سلسلي جي سنه 1152هه ۾ لکيل هڪ عبارت مثال طور هيٺ ڏجي ٿي(2).

سنه 1152هه (1739ع) جي سنڌي نثر ۾ لکيل عبارت *

وِيہَ کُورِي سَيِدَ صاحِبَ ڏِني وارِي

ايڪِيہً ئي جا پَئِيسا سُورَه کُورِي ساهوءَ

جي هَٽَتا اني ڏِني اهين ڪِڪا کي

ڇَه کُورِي صالِحَ ڪَنا حسنَ کَني وَهِيُو

ڇَه کُورِي بازارِ ۾ ڇُوري کَٺي مَنجَا مُن ڏني اي سَڀَئي بابَ ٿِئا

کُورِي اُونوَنجاهُ

سي سَڀ ڏِنِي اهينِ ڪِڪا کي مَنج وَرَ ڏِيَ

جي اَڏَّپا: جي ڪِن کَنايُو ٿي ڪِڪا ڪَنا آڏِئي

             ديو يرا

هي عبارت ڳوڻين جي وچور بابت هيٺئين طور آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت ۾ ڪي هندو يا مسلمان هٽ جو ليکو به واڻڪي اکرن بدران سنڌي صورتخطي ۾ لکڻ لڳا هئا.

وِيهه ڳُوڻيون سيد صاحبڏني واريون

ايڪيهن جا پئسا (ڏنا ويا) سورهن ڳوڻيون ساهُوءَ

جي هَٽ تان آڻي ڏنيون آهينِ ڪِڪا (ڪِڪي) کي ڇهه ڳوڻيون صالح ڪنا حسن کڻي ويو آه

ڇهه ڳوڻيون بازار ۾ ڇوڙي ڳَٺِ منجها مون ڏنيون

اي (اهي) سڀئي باب (ڀاڱا) ٿئا ڳوڻيون اوڻونجاه

سي سڀ ڏنيون آهينِ ڪِڪا کي منجهه وَرَ ڏي جِي اَڏِيا

جيڪِين کڻايون ٿي ڪِڪا ڪَنا اَڏئي

ڏيوڻا (يا ڏيوي راء)

سنڌي بيان العارفين. رجب سنه 1038 هه ۾ محمد رضا ٺٽوي ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات کي ”بيان العارفين“ جي نالي سان فارسي ۾ تاليف ڪيو. عبدالرحمٰن بن محمد ملوڪ ڪاٺ - ٻانڀڻ تاريخ 1- ربيع الاول 1210هه کان وٺي 20- ربيع الاول 1213هه تائين ان جا 11 باب سنڌي ۾ آندا ۽ 5 باب ٻيا ان بعد پورا ڪيائين، اهڙيءَ طرح ’سنڌي بيان العارفين‘ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ ڪتاب تيار ڪيائين. انهيءَ لحاظ سان نثر ۾ اهو پهريون سنڌي ڪتاب آهي (جنهن ۾ بيت پڻ شامل آهن)، جيڪو هن وقت تائين معلوم ٿي سگهيو آهي (1).

قرآن شريف جو ترجمو. سنڌي نثر جي سلسلي ۾ هن دور جو وڏي ۾ وڏي ڪارنامو قرآن شريف جو سنڌي ترجمو هو، جيڪو ٽالپورن جي دور جي وڏي عالم استاد آخوند عزيزالله (بن قاضي محمد ذاڪر بن حافظ محمد صديق) ڪيو. هو مٽياري ۾ سنه 1160هه (1747ع) ۾ ڄائو ۽ سنه 1240هه (25/1824ع) ۾ لواري ۾ وفات ڪيائين (2). مٽيارين جي وڏي درسگاه جي استاد مخدوم محمد عثمان وٽ پڙهيو ۽ فارغ التحصيل ٿيو. اندازي موجب چئي سگهجي ٿو ته هن صاحب اهو ترجمو سندس پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ ۽ ان بعد ڪافي علمي مطالعي کان پوءِ چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ واري عرصي (1200- 1240هه) ۾ ڪيو هوندو. آخوند صاحب وارو ترجمو مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽي ويٺل ميرپور بٺوري واري سنه 1293هه ۾ ’مرغوب هر دئار ڇاپخاني’ بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڇپيل قرآن شريف مان هيٺ سوره ’اَلَّحَمد‘ جي معنيٰ ڏجي ٿي:

”سورة الفاتح نازل ٿي مڪي ۾ ڪن چيو مديني ۾ منجهس

ست آيتون آهينِ

شروع ٿو ڪريان ساڻ نالي خدا جي جو رزق ڏيندڙ ۽ بخشيندڙ

آه

سڀڪا ساراهَ جڳاءِ الله کي جو مالڪ آه مڙني عالَمن جو

جو صاحب آهي رحمت جو دنيا ۽ آخرت جو پڌرو بادشاه

ٿيندو منجهه ڏينہ قيام جي

توکي خاص عبادت ٿا ڪريهون ۽ توکان همراهي ٿا گهرون

منجهه عبادت

ڏيکار اسان کي آگا واٽ سئين پنهنجي جا آه واٽ تَنِ

نبين جي نعمت ڪِي تو مٿي جَنِ نه واٽ تَن جِي

ڏمرُ ڪِئو ٿئو مٿي جَن يَهُودَنِ ۽ نه واٽ گهمراهن جِي

جي آهينِ نصاريٰ

هيءُ تحت لفظي ترجمو آهي، پر جڏهن ان کي ان دور جي يا ان کان پوءِ جي فارسي يا اردو تحت لفظي ترجمن سان ڀيٽجي ٿو ته هيءُ ترجمو، نثر جي سٽاء ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ڪافي سليس نظر اچي ٿو.

آخري سٽ ۾ ’ضالين‘ جو ترجمو ’يهودي‘ ڪيل آهي، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته شايد مخدوم نوح رحه جو فارسي وارو ترجمو جنهن ۾ پڻ اها معنيٰ ڪيل آهي ان کان هو واقف هو. قاضي صاحب سورتن جي متن جي ترجمي کان سواءِ، پاسي تي ڪيترائي حاشيا پڻ سنڌين نثر ۾ ڏنا آهن. هو صاحب لواري وارن بزرگن جو مريد هو ۽ انهيءَ لحاظ سان سلوڪ ۽ طريقت ۾ باطني ۽ روحاني رازن ڏانهن مائل هو، جئن ته سندس لکيل ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو. سندس ڪن حاشين وارو بيان پيچيده آهي پر ڪن حاشين ۾ سهڻي سنڌي نثر جي جهلڪ نظر اچي ٿي. مثلاً

”محبت خدا جي گهرجي ته لڪائجي سڀني کان، بلڪ پاهنجي جسي کان ۽ نفس کان پڻ لڪائجي، مگر روح سان لڪي اورجي“.

18- صدي جي خاتمي ۽ 19- صدي جي شروعات کان انگريزن جي حڪومت جي پٺڀرائي سان ڪرستان پادرين ملڪي ماڻهن کي ڪرستان بنائڻ لاءِ پنهنجي مذهبي ڪتابن جا ڏيهي ٻولين ۾ ترجما شروع ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ هندوستان ۾ سيرامپور جي پادرين سنه 1825ع ۾ بائبل جي باب ’مِتي‘ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جو نئون سنڌي ترجمو ڪئپٽن جارج سٽئڪ ديوناگري صورتخطي ۾ ڪيو جيڪو سنه 1850ع ۾ ڇپيو.ٻه سال پوءِ برنس، بائبل جي باب ’يوحن‘ جو ترجمو سنه 1852ع ۾ عربي سنڌي صورتخطي ۾ ڪيو (1). بائبل جي ترجمن کان پوءِ پادرين اڳتي وک وڌائي ملڪي ماڻهن جي مذهبن تي حملا شروع ڪيا، جنهن جا کين هتان جي عالمن جواب ڏنا. هندوستان جي عالم محمد هادي سنه 1222هه (1807ع) ۾ ڪرستان پادرين جي اسلام تي ڪيل حملن جي جواب ۾ ’ڪتاب رد نصاريٰ‘ لکيو هو، جنهن کي هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) جي عالم قاضي عبدالحڪيم سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو. شروع وارا الفاظ هن طرح آهن: ”هي رسالو منجهه بيان سوالن عيسوي جوابن محمدي جي“. سنڌي نثر ۾ هي ڪتاب سنه 1280هه (شروع 18- جون 1863ع) کان اڳ لکيو ويو (2).

ٽالپور اميرن واري دور م سنڌي نثر ۾ ٻيا ڪي ڪتاب لکيا ويا، پر انگريزي دور ۾ انهن ڏانهن بي توجهي سببان اهي ضايع ٿي ويا (3).

7- سنڌي لفظن ۽ صرف - نحو (گرامر) جو مطالعي هيٺ اچڻ


(1) . مخدوم محمد هاشم جي ڪتاب جو نالو ”رَشفُ الَّزوال في فيءِ الَّزوال“ آهي جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. پير جهنڊه جي ڪتبخاني جي قلمي نسخي تان قاضي فتح الرسول صاحب نظاماڻي مهرباني ڪري راقم لاءِ هڪ نقل تيار ڪيو هو جنهن ۾ اهي جدولون ائين ئي ڏنل آهن. مخدوم محمد هاشم جو پنهنجو هٿ لکيل نسخو موجود ڪونهي جو اصلوڪي متن جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي.

(1) . ڀانئجي ٿو ته جيتوڻيڪ مخدوم محمد هاشم پنهنجو تجربو ٺٽي واري اراضي ۾ ڪيو پر ساڳئي وقت نصرپور طرف به ڪنهن کي پاڇي جي ماپن وٺڻ لاءِ چيائين ۽ اهي ماپون پڻ پنهنجي آڏو رکي نتيجا قائم ڪيائين.

(2) . ڪتاب جي ’ٻئي فصل‘ ۾ فارسي نظم ڏنو اٿس، ۽ ڪتاب جي ’خاتمي‘ ۾ سڄي جدول سنڌي نظم ۾ ڏني اٿس. نظم کان اڳ ’خاتمي‘ واري عبارت هيٺين طرح آهي:

”خاتمہ رسالہ در بيان تقدير اقدام سايہ اصلي ملک سند بزبان سنديہ: بايد دانستہ که آنچہ از تحقيق و امتحان از سايہ اصلي ملک سند معلوم شد پيشتر آن را در ابيات فارسيہ درج کرده شد بود - ڪما تقدم في الفصل الثاني - و الحال باز آن را در ابيات سنديہ درج نموده مي شود تسهيلا علي المبتدين و تعميما للفائده بدين طريقہ کہ:

(1) . سايو اصلي  پور منجهند وارو ڇاپو. سهڻو = سڻو، ٻڌو.

(2) . چوئيہ = چوويهه.

(3) . پير  جوان ماڻهو جي پيرن جا عدد، سندن پيرن جي ماپ مطابق.

(4) . وره وهي = سال شروع ٿئي. وهاءِ ڪنا = ويساک جي مهيني کان. تئا = تئان، يعني ويساک کان.

(5) . قدم = پير، يعني هڪ پير جي ماپ.

(6) . آکاڙ مهيني جي پهرئين اڌ ۾ سراسري طور ڇاپو ’اڌ پير‘ جيترو ڏسڻ ۾ اچي.

(7) . آکاڙ مهيني جي پوئين اڌ ۾ سج بالڪل اچي مٿان چوٽي برابر ٿئي ۽ انهيءَ ڪري هيٺ پاڇو به ڪونه پوي.

(8) . پنره = پنڌرهن.

(9) . اسو پهري اڌ = اسو مهيني جي پهرئين اڌ ۾.

(1) . پُئا  پويان (پنڌرهن ڏينهن).

(2) . ماه = ماگهه مهينو.

(3) . سايو = يعني پاڇو، ستن پيرن جي ماپ کان وڌيڪ ڪونه وڌي.

(4) . ماگهه مهيني جي پوئين اڌ ۾.

(5) . ڪنهن به شي جا جن مهينن ۾ زمين تي پاڇا پون ٿا، سي ان شي جي اتر واري پاسي پوندا؛ پر ان کان ڏکڻ طرف ڪونه پوندا.

(6) . آنۡ = آءٌ چانۡ = چوان.

(7) . مهيني پوه يا مهيني ماگهه ۾.

(8) . يعني ته ايترو (ستن پيرن کان وڌيڪ) پاڇو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پوندو هجي.

(1) . يعني هر ملڪ جي منجهند واري يا ٻئي ڪنهن به وقت جي پاڇي جي ڊيگهه ۾ فرق ٿئي ٿو.

(2) . چوکاري ڏسو = جانچي تجربو ڪري ڏسو.

(3) . جنہ اعتبار نه ڪو = جنهن کي ڳڻ ۾ نه آڻبو.

(1) . محمد صديق ميمڻ: ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ڀاڱو پهريون، ص 75.

(2) . هي عبارت مخدوم محمد هاشم جي سنڌي ڪتاب ’بناء لاسلام سنڌي‘ جي برطانوي ڪتبخاني ۾ رکيل قلمي نسخي جي بالڪل آخر ۾ ساڳئي ڪاتب جي لکيل آهي، جنهن ’بناء الاسلام‘ سنه 1152۾ اُتاريو.

(1) . هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ هو جنهن کي پوءِ مخدوم عبدالصمد سنه 1293هه ۽ ان بعد مخدوم نورنگ زادي سنواري مختصر ڪري، بمبئي مان ”مطبع مرغوب هردئار“ مان ڇاپايو. ان بعد مرزا قليچ بيت اڳيان قلمي نسخا توڙي بمبئي وارو ڇاپو سامهون رکي ”رسالہ ڪريمي“ مرتب ڪيو جيڪو سنه 1904ع ۾ ڇپيو. ان بعد مرحُم ڊاڪٽر دائود پوٽي ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ مرتب ڪيو جيڪو سنه 1356هه /1936ع ۾ شايع ٿيو.

(2) . آخوند عزيز الله بابت ڪي معلوت اسان نصرپور ۾ حڪيم مولوي احمد صاحب (آخوند عزيز الله جي ڀاءُ قاضي لطف الله جي پڙ پوٽي)کان هٿ ڪيا، جنهن کان ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي مصنف مرحوم محمد صديق ميمڻ کي پڻ حالات مليا. بعد ۾ مٽياري مان محترم اسرار احمد قاضي (جيڪو آخوند عزيز الله جي پوٽي قاضي ابوالحسن جو ڏوهٽو آهي) کان آخوند صاحب جي سوانح بابت هڪ تفصيلي مضمون پهتو جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته قاضي عزيز الله انگريزن جي دور جي شروعات ۾ لواري وارن بزرگن جي حمايت ۾ وڪالت ڪئي. انگريزن سنه 1259هه ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، جنهن جي معنيٰ ته قاضي عزيز الله ان سال بعد به جيئرو هو ۽ هڪ سؤ ورهين جي عمر ۾ وڪالت ڪيائين جيڪو ناممڪن آهي.

(1) . ڀيرومل: ’سنڌي ٻولي جي تاريخ‘، ڪراچي ڇاپو، 1941ع، ص 278.

(2) . عزت الله نالي ڪاتب هن ڪتاب کي خليفي عبداللطيف لاءِ سنه 1280هه ۾ نقل ڪيو. اهو قلمي نسخو اسان ڏيپرن ۾ منصوره جي درسگاه جي ڪتبخاني ۾ (2- اپريل 1970ع) ڏٺو.

(3) . ”ميرن جي صاحبي جا نثر ۾ جڙيل ٻه ٽي ڪتاب ٻڌجن پيا، پر اڄ تائين ڇپجي پڌرا ڪونه ٿيا آهن“ (ڀيرومل: سنڌي ٻولي جي تاريخ، ص ص 291 - 292).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org