قاضي قادن جا اهي سڀ بيت ميين شاهه ڪريم جي زباني مليا آهن، ۽
انهيءَ ڪري مجموعي طور اسان اهي ’لاڙ جي ٻولي’ جي
لهجي ۾ اسان تائين پهتا آهن.انهن مان ايترو معلوم
ٿئي ٿو ته ٻولي نج سنڌي آهي ۽ ان ۾ آيل لفظن ۽
بيان جي سٽاء ڳوڙهي آهي. پر جيئن ته قاضي قادن بکر
۾ ئي ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو، انهيءَ ڪري سندس ٻولي
پڻ انهيءَ ڀاڱي جي ٿي سگهي ٿي؛ يعني ته انهن بيتن
جي اصلي ٻولي ان دور جي ’سري واري سنڌي ٻولي‘
هوندي. انهيءَ حقيقت جي تصديق تازو شايع ٿيل ڪلام
جي ذخيري مان ٿئي ٿي، جيڪو قاضي قادن جي نالي سان
هڪ جدا باب هيٺ دادو - پنٿي فقيرن جي هڪ مڙهي ۾
رکيل دستخط پستڪ ۾ لکيل آهي
(2).
انهيءَ ۾ ۽ ٻين اهڙن دستخطن ۽ ان باب جي عنوان ۽
خاتمو هيٺينءَ طرح ڏنل آهن: عنوان
”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سنڌي
اور ڀي ساڌان ڪي ساکي ايڪٺي“
[قاضي قادن جو سنڌي ڪلام ۽ پڻ ٻين فقيرن جو ڪلام گڏي لکيل]
”ڊاکني سنڌي ڀاشا ڪي سرو ساڌان ڪي ايڪٺي“
[ڏاکڻا (ڏکڻ طرف جا شعر) سنڌي ٻولي جا سڀني درويشن جا گڏ لکيل]
خاتمو ”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سمپورن سماپتہ“
[قاضي قادن جو ڪلام پورو ٿيو]
انهن عبارتن مان ظاهر آهي ته هن باب هيٺ قاضي قادن ۽ ’ٻين
فقيرن‘ جا بيت گڏي لکيا ويا، پر گهڻا بيت قاضي
قادن جا ئي هئا، جو شروع توڙي آخر ۾ قاضي قادن جي
نالي کي ئي وڌيڪ اهميت ڏني وئي. اهو اڃان پڪيءَ
طرح معلوم نه ٿيو اهي ته راڻيلا وارو پستڪ ڪڏهن
لکيو ويو، البت اهو ’پهريون’ پستڪ ناهي پر ڪنهن
اڳئين پستڪ جو نقل آهي. درويش دادو ديال (1544 -
1603ع) يقيني طور قاضي قادن جي بيتن کان متاثر
ٿيو، ۽ هن يا ته پنهنجي حياتي ۾ اهي بيت پاڻ لکيا
۽ لکايا، يا پوءِ سندس پوئلڳن لکيا ۽ سانڍيا.
راڻيلا واري پستڪ کان سواءِ ٽي ٻيا پستڪ موجود آهن
جن ۾ هڪ جدا باب هيٺ قاضي قادن ۽ ٻين جا بيت لکيل
آهن. اُهي سنبت سالن 1745، 1802 ۽ 1805ع ۾ لکيا
ويا؛ سڀ کان آڳاٽو دادو جي وڏي ٻالڪي رجب سنبت
1745 ۾ لکيو جيڪو جيپور ۾ رکيل آهي جنهن ۾ هن باب
هيٺ 118 بدران 243 بيت لکيل آهن
(1).
دادو ديال ۽ ميون شاهه ڪريم ساڳئي دور جا هئا، پر
ميون شاهه ڪريم وطن ۽ ٻولي جي لحاظ سان قاضي قادن
کي وڌيڪ ويجهو هو، انهيءَ ڪري سندس ملفوظات (بيان
العارفين) ۾ جيڪي قاضي قادن جا بيت آهن، سي وڌيڪ
صحيح ۽ تصديق جوڳا آهن. اسان ’بيان العارفين‘ ۾
ڏنل قاضي قادن وارن بيتن جي ٻولي، شاعري ۽ معنيٰ
واري معيار کي سامهون رکي، راڻيلا واري پستڪ جي
باب هيٺ ڏنل ۽ پوءِ دهلي مان ” قاضي قادن جو ڪلام“
ڪتاب ۾ ڇپيل جملي بيتن کي وڏي سوچ ويچار سان
پرکيو، ۽ انهيءَ ’پهرين پرک‘ (جنهن تي اڃان به
نظرثاني جي ضرورت آهي) موجب انهيءَ نتيجي تي پهتا
آهيون ته جملي 112 بيتن مان وڌ ۾ وڌ 77 بيت اهڙا
آهن جيڪي قاضي قادن جا ٿي سگهن ٿا
(1).
بيتن جي انهيءَ وڏي ذخيري مان قاضي قادن جي سنڌي ٻولي، يعني ته
16 - صدي عيسوي جي دور ۾ بکر جي علائقي واري سري
جي اتراڌي ٻولي جا پڪا پختا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ملن ٿا،
جن جي آڌار تي اسان هيٺين نتيجن تي پهچون ٿا.
هن ڀاڱي ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليون گڏوگڏ هلندڙ هيون، ۽ قاضي قادن
غالباً ڪي بيت سرائيڪي ۾ پڻ چيا - مثلاً:
هَر هَر فال ڪَريند يَان راڌِي ڳئِي وِها
وَڃ پُڇو سانوڻ سُتِيَان، لابي لنگهَڻ آ.
(پوک پوکڻ جي موسم ۾، عملي طور جهنگ صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ بدران
وسوسا ڪرڻ ۽ سَوڻ ڳولڻ خاطر) هر وقت فالن وجهندڙن
(جو اهو حال ٿيو جو) پوک پوکڻ جو وقت وهامي ويو.
(جيڪي ائين غلفت ڪندي) سانوڻ ۾ سمهي پون ٿا تن کان
وڃي لاباري وقت (جڏهن ٻيا پيا نئون ان پيهن ۽
کائن) بک ۽ فاقي (لنگهڻ) جي خبر پڇو.
ان دور جي سري واري ٻولي ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي جي فطري سنٻنڌ هو:
يعني ته سرائيڪي عبارتن ۾ ڪي سنڌي لفظ (جيئن مٿئين
بيت ۾ ’وڃ‘) ۽ سنڌي عبارتن ۾ وري ڪي سرائيڪي لفظ
(جيئن ته ’ڏونهين‘ = ٻئي) پيوند ٿيل هئا. قاضي
قادن جي سنڌي بيتن ۾ پڻ سرائيڪي جي آميزش جا اهڃاڻ
ملن ٿا. مثلاً
تسان نه اسان جيتري = اوهان کي نه اسان جيتري
سڀي ڄڀان تکيان = سڀ زبانون تکيون
راڌي اُجاڙين = پوکيل پوک (راڌي) برباد ڪن
سڄڻ ڏڄڻ ڏيک ڪي = سڄڻ کي (ظاهريءَ طرح) دشمن واري
حالت ۾ ڏسي ڪري.
’آءٌ‘ بدران ’مان‘ سري واري ٻولي ۾ موجوده ’صورتن‘
۽ ’حالتن‘ مطابق استعمال ٿيندڙ هو. مثلاً
’مان کي سڄڻ گڏيو‘ = مونکي سڄڻ گڏيو
’جتي هوئن مان پرين’ = جتي منهنجا پرين هجن
قاضي قادن ’آئون‘ فقط ’آئون‘ فقط ’آپي‘ جي معنيٰ ۾ اسم طور
استعمال ڪيو آهي. قاضي قادن جي ٻولي ۾ لفظ ’ڪاٿي‘
پڻ ساڳيو موجوده ٻولي وارو آهي.
’جمع‘ جي پڻ ساڳي موجود صورت ’آن‘ واري هئي، جيئن
ته قاضي قادن جي بيتن ۾ ’جمع‘ جون هيٺيون صورتون
استعمال ٿيل آهن:
زيران = زيرون ٻانهان = ٻانهون
زبران = زبرون دانهان = دانهون
آيتان = آيتون ليِهان = ليهون
ڪتيبان = ننڍڙا ڪتاب پِريان = پِرين
سپيريان = سپرين پاڻيچيان = پاڻيچيون
سِران = مٿا = اوليون ٻيڙيءَ جون
ڄڀان = ڄڀون مَڪرُيان = مَڪرُيون
مُهان = مُنهن = ٻيڙيون
اسان مٿي باب ٻئي جي شروع ۾، ’فتحنامي‘ ۾ آيل ’برهمڻ گهراڻي‘
واري دور جي ٻولي جي اضافي ترڪيبن جي مطالعي مان
انهي نتيجي تي پهتاسون ته ان دور ۾ ”شايد ان وقت
حروف اضافت جداگانه استعمال ۾ آيل نه هئا“ (ص 36).
قاضي قادن جي بيتن جي ٻولي مان انهيءَ نتيجي جي
پوري تصديق ٿئي ٿي جو قاضي قادن جي اسمي کان وڌيڪ
بيتن واري ذخري ۾، ’جو‘، ’جي‘، ’جا‘. ’جون‘ (صورتن
۾، جدا بيٺل) حروف اضافت ڄڻ نه هئڻ جي برابر آهن.
انهن جي بدران، ساڳيون اسلام کان اڳ جي دور
واريون، گڏيل سٽاءَ سان هيٺيون اضافي ترڪيبون
موجود آهن:
رب پرتيان = رب جا پرتل (دهلي مان ڇپيل ڪلما، بيت نمبر 15)
ڪنولان ڪر = ڪنولن گلن جي پرگهور (ايضاً، 19)
جر سالور = جر جا سالور (ايضاً، 19)
پريان پور = پرين جا پور (ايضاً، 50، جتي ’پريان جا پور‘ لکيل
صحيح ناهي)
سمرتات = سمر جي تات (ايضاً، 80)
ترهي تات = ترهي جي تات (ايضاً، 81)
مون سيڻ = منهنجا سيڻ (ايضاً، 25 - 26)
مون سيڻن = منهنجي سيڻن (ايضاً، 42)
مون هٿ = منهنجي هٿ (ايضاً، 75)
تو در = تنهنجي در (ايضاً، 55)
لاهوتين = لاهوتين جو (ايضاً، 15)
اکڙيين = اکڙين جو (ايضاً، 27)
تعداد ۾ ايترين گهڻين، گڏيل اضافي ترڪيبن مان ظاهر آهي ته قاضي
قادن جي دور تائين سِري واري سنڌي ٻولي ۾ جدا بيٺل
حروف اضافت جو سلسلو شروع نه ٿيو هو.
جدا بيٺل حرف جر (کي، مان، لاءِ، وٽ، تي) جيتوڻيڪ استعمال ٿيل
آهن، پر انهن جي تعداد جي ڀيٽ ۾ ’گڏيل جري ترڪيبن‘
جو تعداد وڌيڪ آهي. مثلاً:
جيان = جتان کان
لوڪان = لوڪ لاءِ
تهان = تنهن کان
آڪا سان = آڪاس تان، کان
سڄڻان = سڄڻن کي
پاڻان = پاڻ لئي، پاڻ مان، پاڻ جو (پنهنجو)
ڪيڻان = کين
سيڻان = سيڻن کي
پيچري = پيچري تي، ۾
صرافين = صرافن وٽ
پير = پير سان
ڏونگرين = ڏونگرن ۾
’جان ئي‘ (= ڪڏهن کان) ۽ ’تان ئي‘ (= تڏهن کان)
سٽائون ساڳيون اهي ئي آهن جيڪي اتر واري موجوده
ٻولي ۾ استعمال ٿين ٿيون.
جان ئي پاران پڌرو، ٻڌائون سو سڏ،
مون هنيڙو تان ئي ڪيو سپريان سان گڏ.
(جڏهن کان روحن ڌڻي جي طرفان ’الست بربکم‘ وارو سڏ ٻڌو مون تڏهن
کان پنهنجي دل سائين سان ڳنڍي ڇڏي.)
ان وقت ڪي خاص لفظ ڳالهائڻ ۾ ايندا هئا، جيڪي هن وقت استعمال
نٿا ٿين. مثلاً:
مَئن = مِڙن ـــــ گڏ ٿين
مڄيئي = مڙيئي ـــــ سڀ
تڱا، تِڱانِ = تن کان (’تن ڪَنا‘ يا ’تن ڳنا’ جو هلڪو گڏيل
اچار. پستڪ واري اصل پڙهڻي ’تلڱان‘ آهي، پر صحيح
پڙهڻي ’تڱان‘ ٿيندي. پاڻيچي ج پاڻيچيان = پاڻيءَ ۾
ٻيڙيءَ کي هلائڻ واري اولي ج اوليون.
قاضي قادن جي بيتن مان ان وقت واري سنڌي ٻولي جي لفظن، اصطلاحن
۽ نحوي سٽائن جي انهن اهڃاڻن کان سواءِ ٻوليءَ ۾
اعليٰ فڪر ۽ ڳوڙهن ويچارن، مختلف نفسياتي ڪيفيتن ۽
ڪيترن ئي نون موضوعن جي بيان واري وڌندڙ صلاحيت جي
تصديق ٿئي ٿي. اعليٰ اخلاقي شاعري جي مضمونن ۽
عوامي شاعري جي موضوعن کي ملائڻ جو سلسلو جيتوڻيڪ
اڳ شروع ٿي چڪو هو، مگر وڌيڪ وسيع پيماني تي انهن
جو سنگم پهريون ڀيرو قاضي قادن جي بيتن ۾ ملي ٿو:
عام قصن ۽ زندگي جي عام مشغلن جي قالب ۾ اعليٰ فڪر
۽ معنيٰ جا ماڻ ڀريائين، ۽ خاصن جي خاص فڪر کي
عوام جي عام ذوق سان پيوند ڪيائين. سنڌي شاعري ۾
انهيءَ رجحان واري اساس ۽ بنياد کي قاضي قادن
ايترو ته پڪو پختو ڪري ڇڏيو جو کانئس پوءِ ايندڙ
وڏن شاعرن انهن تي ئي شعر ۽ ادب جي عمارت کي اڏيو
۽ موضوعن جي وسعت سان سنڌي ٻولي ۾ بيان جي قوت کي
اوج تي پهچايو. قاضي قادن سنڌي اساسي شاعري جو ابو
هو، جنهن پنهنجي نج سنڌي بيتن ۾ توحيد ۽ ڪامل
يقين، اعليٰ اخلاق، ۽ سچي سڪ ۽ محبت جا سب
سمجهايا، ۽ يڪترن ئي نون معنوي مضمونن ۽ عام
موضوعن کي پنهنجي بيتن جو قالب بنايو؛ ۽ توحيد ۽
هيڪڙائي، وحدت ۽ ڪثرت، نينهن ۽ سڪ، ۽ اعليٰ انساني
اخلاق جهڙن معنوي ۽ نفسياتي ڳوڙهن نُڪتن کي زندگي
جي عام ماحول ۽ مشغلن، ۽ عام هلندڙ ڳالهين ۽
افسانن مان مثالن ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين.
موجوده ڄاڻ جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته سَر ۽
ڪنول، مهراڻ ۽ ساگر، موتي ۽ هنجهه، ڪنڌي ۽ ترهو،
ڪپر ۽ ڪانُهه، ٻيڙا ۽ سمنڊ، سونهان ۽ مُعلم،
واڍوڙيل ۽ ويڄ، اُٺ ۽ ان جي الٽي عادت، بٺ ۽ باهه،
اَپيرِي ۽ اَواٽ، ٻگا ۽ ٻاٻيها، سِيچاڻا ۽ شينهن،
سورهيه ۽ رڪ وهندي راند، جوڳي ۽ درويش، سسئي ۽
ساٿ، ۽ مورڙي جي گهاتو ڀائرن ۽ سندن پيءُ اوباهيو
- انهن مڙني جي مثالن کي قاضي قادن پنهنجن بيتن ۾
آندو، ۽ انهن بابت اشارن ۽ اهڃاڻن لاءِ موزون
الفاظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا. سندس اهي مثال ئي
اڳتي هلي اعليٰ شاعري جي رسالن جي سُرن جا مکيه
موضوع بنيا.
نتيجا
سمن جي دور بابت مٿئين سلسليوار ۽ قدري تفصيلي جائزي بعد اسان
هيٺين نتيجن تي پهچون ٿا:
1. سمن جي دور ۾، عربي تعليمي ٻولي رهي ۽ فارسي سرڪاري دفتر ۽
ڪاروبار جي زبان طور استعمال ٿيڻ شروع ٿي. سمن
قبيلن جي نج سنڌي ٻولي ’معياري سنڌي ٻولي‘ جي صورت
۾ ترقي ڪئي.
2. سمن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ڏکڻ - اوڀر ڏانهن ڪڇ ۽
گجرات طرف، ۽ اتر ڏانهن بهاولپور ۽ ملتان طرف
وڌيون، ۽ انهن سرحدن تي سنڌي ٻوليءَ جو ٻين
پاڙيسري ٻولين - خصوصاً گجراتي، بلوچي ۽ سرائيڪي
سان رد عمل شروع ٿيو. اولهه طرف ڪوهستان ۽ لس ٻيلي
۾، ڏکڻ طرف ڪڇ ۾ ’سنڌي ٻولي‘ جي ٻن مقامي محاورن
يعني ’ڪوهستاني ۽ ٻيلي جي ٻولي‘ ۽ ’ڪڇي ٻولي‘ جي
تشڪيل ٿي.ملتان جي ڏاکڻي خطي جي ٻوليءَ تي سنڌي جو
گهرو اثر پيو، جنهن سببان سرائيڪي جو ’سنڌي -
سرائيڪي‘ محاورو وجود ۾ آيو، جو هيٺ سنڌ ۾ پڻ رائج
ٿيو. بلوچستان جي اولهندين توڙي اڀرندين ڀاڱي جي
بلوچي تي سنڌي جو اثر پيو، ۽ انهيءَ آميزش سببان
’مغربي‘ توڙي ’مشرقي‘ بلوچي ۾ سنڌي جا ’صوتيا‘
توڙي الفاظ داخل ٿيا. اولهه بلوچستان ۽ مڪران طرف
مخصوص مقامي بستين ۾ آباد سنڌي قبيلن جي ’جداگاني‘
محاوري جنم ورتو.
3. سمن جو اوائلي دور سومرن جي دور وانگر سنڌي ٻولي جي قصن ۽
ڳاهن، پهاڪن ۽ اڳڪٿين وارو روماني دور هو جنهن ۾
سنڌي شاعري وڏي ٿي ساماڻي، ۽ پڻ روايتي قصن ڪهاڻين
ذريعي ٻولي ۾ بيان جي صلاحيت پئي وڌي.
4. سومرن جي دور وانگر سمن جي دور جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ جون
لساني خصوصويتون خواه ادبي روايتون ساڳيون سومرن
جي دور واريون رهيون.
5. سنڌي نثر ۾ بيان جي قوت ۽ قصه خواني جي وڌندڙ صلاحيت سببان،
سمن جي دور ۾ سمن سردارن جي سخا ۽ سورهيائي جا
نوان قصا ۽ عشقيہ داستان رائج ٿيا، ۽ ’ڳاهن‘ وارين
ڳالهين ذريعي ڀٽن ۽ ڀانن سنڌيءَ ۾ قصہ خواني ۽
داستان گوئي کي هڪ ’ادبي فن‘ جي درجي تي پهچايو.
6. نثري داستانن سان گڏ، سمن جي دور ۾ سنڌي شعر ڳاهن، رجزن ۽
بيتن جي صورت ۾ ترقي پذير ٿيو. درويش جون خانقاهون
۽ صوفين بزرگن جون سماع جون مجلسون ۽ صحبتون اعليٰ
سنڌي شاعريءَ جي اُسرڻ لاءِ هڪ مؤثر ذريعو بنيون.
سمن جي دور ۾ سنڌي شاعري تاريخ جي روشني ۾ چمڪي، ۽
هن دور سان ئي سنڌي شاعري جي تاريخي دور جي شروعات
ٿي.
7. سمن جي دور ۾ قاضي قادن جي ڪلام ۾ ’سنڌي بيت‘ هيئت ۽ فن جي
لحاظ سان تڪميلي صورت کي پهتو. ’سنڌي بيت‘ جي
بنيادي سٽاءَ ۾ قافين جي ڦير گهير سان تبديلي آئي،
۽ پهريون ’سنڌي بيت‘ جنهن جي ٻنهي مصراعن جي وچ ۾
قافيو آهي، سو 900هه/1494ع جي لڳ ڀڳ شيخ عبدالجيل
چوهڙ رحه جي سماع جي مجلس ۾ پڙهيو ويو. انهيءَ
تصديق موجب، فني لحاظ سان ’سنڌي بيت‘ سمن جي دور ۾
بدليو ۽ نائين صدي هجري جي آخر ڌاري فن جي لحاظ
سان تڪميلي صورت کي پهتو. فني سٽاءَ توڙي معنوي
لحاظ سان ’بيت‘ جي اوسر واريون مڙيئي ارتقائي
منزلون قاضي قادن جي ’بيتن‘ ۾ ملن ٿيون.
8. الف اشباع وارو قافيو، پهريون ڀيرو سمن جي دور ۾ سنه
891هه/1486ع ۾ پير مراد شيرازي ٺٽوي جي چيل دعائيہ
مگر موزون مصرع - ”الله او ڀاتي ڏيئي وڏي ڄمارا“ -
۾ ملي ٿو، جنهن جي معنيٰ ته سمن جي دور ۾ ئي ان جي
شروعات ٿي.
9. قاضي قادن جي بيتن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي جي اترئين ڀاڱي ۾
’سري واري سنڌي ٻولي‘ هلندڙ هئي جنهن جون ڪي خاص
لساني خصوصيتون هيون.
10. هن دور ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي جو هڪ ٻئي سان وڌيڪ سنٻنڌ ٿيو ۽
اترئين سنڌ ۾ ڄڻ ساڳئي ملڪ جون ٻوليون بنيون. قاضي
قادن غالباً سرائيڪي ۾ پڻ بيت چيا ۽ سنڌ ۾ هو
سرائيڪي ٻولي جو پهريون شاعر ٿيو.
باب ڇهون
سنڌي ۽ فارسي جي وڌندڙ تعلق، سنڌي اصطلاحن ۽ نثري جملن جي
وضاحت، سنڌي جي ادبي ثقافتي دائري جي وسعت، روايتي
ادب ۾ اضافي ۽ سنڌي شعر جي تحريري ذخيري ۾ واڌاري
وارو دور.
(ارغون، ترخان ۽ اوائلي مغليه دور: 1520 - 1590ع)
ارغونن (927 - 962هه/ 1520 - 1555ع)، ترخانن ۽ مغلن وارو اوائلي
دور (963- 1000هه/1556-1090ع) سنڌ توڙي هندوستان ۾
فارسي زبان جي وسعت ۽ اثر رسوخ وارو دور هو. فارسي
سرڪاري دفتر، انتظامي ڪاروبار، خط و ڪتابت، تعليم
۽ تنصيف، ادب ۽ شاعري جي زبان طور وسيع پيماني تي
استعمال ٿيڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي ملڪي زبانون پڻ
پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي تقاضائن هيٺ هن دور ۾
عوامي ۽ مقامي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نمايان
طور اُسريون. ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾، سنڌي اڳ ۾ ئي
پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي اعتبار سان هڪ اعليٰ سطح
تي پهچي چڪي هئي؛ انهيءَ ڪري باوجود فارسيءَ جي
عمل ۽ اثر جي سنڌي جي انفراديت ۽ افاديت قائم رهي.
مقامي طور سنڌ ۾، فارسي ۽ سنڌي جي وچ ۾ عمل ۽ رد
عمل جو سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ سنڌي جي اهميت ۾
اضافو ٿيو، سنڌي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي ٻه -
طرفي ڏي - وٺ ٿي، ۽ فارسي عبارتن ۽ ادب جا هڪ ٻئي
سان پيوند لڳا.
سنڌ جي سماع ۽ راڳ جا سلسلا جيڪي هن کان اڳئين دور ۾ ويندي
پنجاب، ۽ دهلي تائين اثر انداز ٿي چڪا هئا سي هن
دور ۾ وڌيڪ وسيع ٿيا، بلڪ اوج ۽ عروج کي پهتا.
سنڌي ’بيتن‘ ۾ ’قافين‘ ۽ انهن سان گڏ سنڌ جي نغمن
۽ راڳن جو اثر اوڀر توڙي اتر هندوستان (برهانپور -
دهلي - آگره) تائين پهتو، جنهن ڪري سنڌي ٻولي جي
ثقافت جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿيو؛ ڏکڻ طرف سنڌي ٻولي
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين پهتي ۽ سنڌي لفظ گجراتي ۾
رائج ٿيا. هن دور ۾ سنڌي - سرائيڪي جي ٻه دريائي
گڏي ۽ ان جي پلٽ ۽ پالوٽ ٿي، ۽ پڻ سنڌي ۽ هندي جي
ادبي آشنائي لاءِ ميدان هموار ٿيو.
سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي پنهنجي اندروني اراضي ۽ مقامي ماحول ۾ ڪن
اهم سماجي، اخلاقي ۽ علمي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ
سنڌي ’ٻولي‘ جي مطالعي ڏانهن خاص توجهه ٿيو. هڪ
طرف ديني عالمن سنڌ جي مسلمان عوام جي مرڻي پرڻي،
قسم نامن، طلاق نامن، من جي مدعائن، ۽ عقيدي جي
اظهارن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ خاطر سنڌي ۾
رسمي طور استعمال ٿيندڙ لفظن ۽ اصطلاحن کي فقهي
طور پڙهڻ ۽ پروڙڻ شروع ڪيو، تن ٻئي طرف سنڌ جي
صوفي بزرگن ۽ درويشن جي پنهنجي سنڌي شعر ۽ ڪلام
ذريعي عوام جي روحاني اصلاح ۽ اخلاقي تربيت جي
سلسلي کي وڌايو.
هن باب ۾ مٿين رجحانن ۽ سلسلن تي روشني وڌي ويندي جيڪي هن دور ۾
سنڌ جي لغوي ۽ ادبي اهميت، جغفرافيائي وسعت، ۽
سنڌي شعر جي مستند ذخيري ۽ سنڌي زبان جي تحريري
سرمايي جي ترقي ۽ توسيع لاءِ ڪارگرد ثابت ٿيا.
فارسي ۽ سنڌي جو وڌندڙ تعلق
هيءُ دور سڄي هندوستان ۾ فارسي زبان جي وسعت ۽ فوقيت وارو دور
هو. هن دور ۾ فارسي جو ادبي، ثقافتي ۽ تحريري
سرمايو پنهنجي اوج ۽ عروج کي پهتو. مغليه سلطنت ۾
فارسي شعر ۽ ادب جو وڏي ذوق سان مطالعو شروع ٿيو ۽
هر صوبي ان جي وسعت ۽ واڌاري ۾ بهرو ورتو. سنڌ جي
عالمن، اديبن ۽ شاعرن پڻ پنهنجي اعليٰ لياقت سان
فارسي جي علمي ۽ ادبي سرمايي جي واڌاري ۾ نمايان
ڪارنامو سرانجام ڏنو؛ فارسي زبان ۽ ادب جي مطالعي،
شعر و شاعري ۽ تصنيف تاليف ۾ سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن
وڏو نالو ڪڍيو. ساڳئي وقت هن دور ۾ سنڌي زبان پڻ
پنهنجي تاريخي ارتقاء مطابق هر لحاظ سان اهڙي منزل
تي پهچي چڪي هئي، جو باوجود فارسي جي وڏي اثر ۽
افاديت جي، سنڌ ۾ سنڌي جي پنهنجي حيثيت ۽ افاديت
گهٽجڻ بدران ويتر وڌڻ لڳي. ادبي توڙي لساني لحاظ
سان فارسي ۽ سنڌي جو هڪٻئي سان عمل ۽ رد عمل شروع
ٿيو: سنڌ بابت فارسي ۾ ڪتاب لکيا ويا؛ سنڌ جا
افسانوي موضوع ۽ سنڌ جو مقامي ماحول ۽ فارسي شاعري
۽ ادب جا جز بنيا؛ سنڌي الفاظ فارسي عبارتن ۾
استعمال ٿيڻ لڳا، بلڪ فارسي تصنيفن ۾ سنڌي بيتن ۽
عبارتن جا پيوند لڳا.
(الف) سنڌ جي تاريخي ۽ ادبي مواد جو فارسي نثر ۽ نظم ۾ نروار
ٿيڻ.
اٺين صدي هجري (14 صدي عيسوي) کان وٺي سمن جي
حڪومت واري دور ۾ سنڌ ۾ فارسي جو استعمال وڌڻ لڳو.
ارغونن - ترخانن واري دور ۾ سرڪاري دفتر ۽
دستاويزن کان سواءِ تعليمي نظام پڻ باقاعدي فارسي
۾ شروع ٿيو. مغلن جي دور ۾ اهي سلسلا وڌيڪ وڌيا
ويجهيا ۽ پڪا پختا ٿيا. هن ئي دور ۾ سنڌ بابت،
خصوصاً سنڌ جي تاريخ ۽ سوانح جي سلسلي ۾ فارسي
ڪتاب لکيا ويا. مير معصوم جي ’تاريخ سنڌ‘ ۽ مير
طاهر محمد نسياني جي ’تاريخ شهر ٺٽہ‘ يعني تاريخ
طاهري، ادراڪي بيگلاري جو ’بيگلار نامو‘، يوسف
ميرڪ جو ’مظهر شاهجهاني‘، سيد عبدالقادر جو ’حديقة
الاولياءَ‘، ’تذڪرة المراد، ۽ ’تحفة الطاهرين’
وغيره معلوم ۽ مشهور آهن. ٻئي طرف فارسي جي علمي،
تعليمي ۽ ادبي رجحانن جو سنڌي جي ادبي روايت توڙِ
لغت تي اثر پيو. مگر جيئن ته هن دور ۾ سنڌي جي
پنهنجي انفراديت پڻ پختي ٿي چڪي هئي، انهيءَ ڪري
خاص سنڌ جي اندر وري سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي روايت
توڙي سنڌي لغت جو اثر فارسي تحريرين ۽ تصنيفن ۾
شروع ٿيو؛ سنڌ جا حالات ۽ حڪايتون توڙي سنڌ جا
افسانا ۽ داستان فارسي نثر ۽ نظم ۾ آندا ويا، ۽ پڻ
سنڌ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي فارسي تحريرن ۾ استعمال
ڪيو ويو.
|