سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:6 

ماضي

اَڃُون آئوسان = آءٌ آيس        اَسِي آواسان = اسين آياسون

اَتُون آئُون = تون آئين         اَئينُ آواس = اوهين آيا

هو آئو = هو آيو               هي آوا = اهي آيا

سنڌي جي ’ڪوهستاني’ محاوري ۾ اڃان تائين ’هو آئو‘ ۽ ’هي آوا’ رائج آهن. ’جتن جي ٻولي‘ ۾ ’ماضي مطلق‘ جا صيغا ’ي‘ جي اضافي کان سواءِ آهن: يعني ’آئو‘ ۽ (نه ’آيو‘)، ڳالهائو (= ڳالهايو)، ڀو (= بيٺو)، ڪو (= ڪيو) وغيره.

هي ڪم مين ڪو = هي ڪم مون ڪيو

هي ڪم پين ڪو = هي ڪم تو ڪيو

هي ڪم هُوڻ ڪو = هي ڪم هن ڪيو

هي ڪم اَسي ڪو = هي ڪم اسان ڪيو

هي ڪم اَئِين ڪو = هي ڪم اوهان ڪيو

هي ڪم هُڃيڻ/ وِڃيڻ ڪو = هي ڪم هنن ڪيو

غالباً ’قديم سنڌي‘ ۾ پڻ ماضي جي ساڳي صورت هئي ۽ اڃان تائين سنڌي ۾ ماضي لاءِ انهيءَ سٽاءَ وارا الفاظ موجود آهن. ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ ’آئو‘ جو لفظ موجود آهي: ”پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آئو“ (سر ڏهر). ’هو‘ جو لفظ عام رائج آهي، جيتوڻيڪ اتر جي محاوري ۾ ’هئو‘ ۽ ’هيو‘ استعمال ٿين ٿا. لاڙي محاوري ۾ ٻهراڙي جي عام ٻولي ۾ ’مو‘ (= مئو)، (= سئو، ٻُڌو) ۽ ’چو‘ (چيو) جا اچار رائج آهن.

جت - بلوچن جي قبائلي ٻولي جي مٿئين مختصر جائزي * مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا جن جو مدار انهيءَ نظريي تي آهي ته: ’جتن جي ٻولي‘ هڪ ’قديم مقامي سنڌي ٻولي‘ جو يادگار آهي جيڪا ڪن جت - بلوچ قبيلن صديون اڳ سنڌ جي ڪنهن ڀاڱي ۾ مستقل طور تي آباد ٿي اختيار ڪئي؛ سندن اها ٻولي ’قديم سنڌي ٻولي‘ جي هڪ خاص محاورو (dialect) هئي، ۽ انهيءَ ڪري ان جي مطالعي مان ’قديم سنڌي ٻولي‘ بابت هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

(1) قديم سنڌي ۾ ’ذ‘ ۽ ’ز‘ جا صوتيا گهڻا هئا، جيڪي وقت گذرڻ سان ’هه‘ ۽ ’س‘ سان بدليا. ’موجوده سنڌي‘ ۾ ’ز‘ ۽ ’ذ‘ وارا مقامي الفاظ ڪي تمام ٿورڙا بلڪ نه هئڻ جيترا وڃي رهيا آهن. (2) ’جتن جي ٻولي‘ ’تا‘ (= ٿا)، وِهه (= وِجهه) وغيره جي استعمال مان گمان نڪري ٿو ته ’اڳينءَ سنڌي‘ ۾ ’هه‘ سان مرڪب اچار (aspirates) گهٽ هئا، اهي پوءِ اُسريا. (3) ’ڪ‘ (کي)، تِ (تي) وغيره حرفن جي صورت وارن لفظن توڙي ماضي جي (بنا ’ي‘ ۽ ’ء‘ جي) ’ڪو‘، ’ڀو‘ وغيره صورتن وارن صيغن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’قديم سنڌي‘ ۾ گهڻا الفاظ صحيح حرفن ۽ ننڍين حرڪتن (زير، زبر، پيش) سان مرڪب هئا، ۽ انهن ۾ (ا، و، ي) جي زائد اُچارن جو استعمال نسبتاً گهٽ هو. (4) ’ڪڙو‘ (هڪڙو) ڪڙي (هڪڙي) وغيره جي سٽاءَ ڏيکاري ٿي ته سنڌي اچارن ۾ ’هه‘ جو ضمني اضافو نسبتا پوئين دور ۾ ٿيو. موجوده دور جي مطالعي مان پڻ ظاهر آهي ته سنڌي لفظن ۾ ’ن‘، ’هه‘ ۽ ’ء‘ ۽ ’ي‘ جو اضافو گذريل سؤ کن سالن کان وٺي گهڻو وڌيو آهي.

(ج) عربن جي دور حڪومت ۾ ٻولي جي تشڪيل ۽ ترقي.

عربي دور حڪومت ۾ ’سنڌ جي ٻولي يا ٻولين‘ تي جي اثرات پيا، سي هي هئا:

1- ٻولي ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي. هن دور ۾ سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ قبيلن جي ٻولين ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جنهن جي ڪري هڪ جامع ’سنڌي ٻولي‘ جي تشڪيل وجود ۾ آئي، اها عام ملڪي ٻولي بني، ۽ ان جو بنياد مضبوط ٿيو. هن مرڪزيت جا مکيه ڪارڻ هي هئا: (1) سڄي سنڌ هڪ پختي نظامِ حڪومت هيٺ آئي، جيڪو اڍائي سوَن سالن تائين قائم رهيو. ملڪ ۾ قافلن جي اَچ - وڃ ۽ تجارت، قضا ۽ عدالت، خراج ۽ زراعت جي ساڳئي سرشتي، سماجي ۽ اقتصادي زندگي ۾ يڪ - جهتي پيدا ڪئي. (2) ملڪ جي ماڻهن دين اسلام قبول ڪيو، ۽ اسلامي عقيدن عملي زندگي ۾ يڪسانيت پيدا ڪئي، جنهنڪري سماجي توڙي سياسي مرڪزيت وڌيڪ مضبوط ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو قبائلي فرق گهٽيا، ۽ شريعت اسلامي قبائلي ريتين رسمن کي هموار ڪيو. (3) هن دور ۾ نون شهرن ۽ آبادين جو سلسلو وڌيو ۽ منصوره جو نئون مرڪزي شهر تعمير ٿيو. واپار لاءِ خشڪي ۽ دريائي رستا کليا، ۽ واپار جي ترقي ۽ قافلن جي اچ وڃ سان ملڪ جا مختلف حصا پاڻ ۾ وڌيڪ ويجها ٿيا. ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ لهه وچڙ پيدا ٿي، ۽ انهيءَ لهه وچڙ ۽ لڳ لاڳاپي، ملڪ جي مختلف ٻولين ۽ محاورن ۾ لساني ربط پيدا ڪيو، جيڪو هڪ عام مشترڪ ’سنڌي ٻولي‘ جي اوڀر ۽ اوسر لاءِ ڪارگر ٿيو.

2- ٻولي جي نفسياتي ڪيفيت بدلي. محمد بن قاسم سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عربن جون آباديون قائم ڪيون (1) ۽ سنڌ وارن جا عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽ عالمن سان گَهرا معاشرتي تعلقات پيدا ٿيا. عربن سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو. محمد بن قاسم کان پوءِ، عرب باشندن پوئتي موٽڻ ٿي چاهيو، مگر خليفي سليمان جو فرمان آيو ته ”اتي رهي کيتي ڪريو ۽ هَرُ ڪاهيو ته سکيا هجو“ (2). انهيءَ حڪم کان پوءِ عرب باشندا سنڌ کي ئي پنهنجو وطن سمجهي ويهي رهيا، ۽ سنڌي هارين ۽ آبادگارن جا پاڙيسري ٿي پاڻ سنڌي بنجي ويا. سندن دائمي سڪونت سببان، عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ شادين مُرادين ۽ مائٽين جا سلسلا قائم ٿيا. سنڌين جي شرافت ۽ مروت کان وڏا وڏا عرب خاندان متاثر ٿيا، ۽ هو سنڌ وارن سان سڱيڻا ٿيا. معتبر حوالن موجب حضرت علي جي فرزند محمد، امام زين العابدين ۽ امام زيد بن الحسين جون مائرون سنڌي هيون (3). علي الاصغر بن زين العابدين علي بن الحسين جي امڙ به سنڌي هئي (1). بنو اُمَيہ جي مشهور جرنيل مُهلَّب جي پڻ بهادر پُٽن، مُفَضَّل ۽ عبدالملڪ، جي ماءُ سنڌي هئي ۽ سندس نالو مائي ’ڀَلِي‘ هو (2). بنو اميہ جي آخري ڪمانڊر اِن - چيف يزيد بن عمر بن هبيرة الفرازي جي ماءُ، جيڪا نهايت حسين عورت هئي، سنڌي هئي (3). انهيءَ سنڌي رشتي جي ڪري ئي ان وقت جي شاعر، ’ابو عطا سنڌي‘ سندس ظالمانه قتل ٿيڻ تي هڪ دردرناڪ مرثيو چيو، جو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو، ۽ عربي شاعريءَ ۾ مرثياگوئي ۾ بهترين مثالي شعر بڻيو، ۽ عربي ادب جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نموني طور نقل ٿيو (4).

عربن ۽ سنڌين جي مائٽين مطعلق ٻيا حوالا به موجود آهن، مگر مٿيان مثال بلڪل اوائل ۽ اهم آهن، عرب ۽ سنڌي پاڻ ۾ ايتري قدر سڱيڻا ٿيا، تنهن سنڌ وارن جي سماجي زندگي تي اثر وڌو.

ٻيو وڏو ڪارڻ جنهن ماڻهن جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگي ۾ وڏي نفسياتي تبديلي آندي، سو هو اسلام جو دلين تي اثر. خداي عزوجل جو خوف، ڪفر ۽ ايمان ۾ مفق، دنيا ۽ آخرت جو تصور، دوزخ ۽ بهشت (عذاب ۽ انعام) جو فڪر، حق تي سر ڏيڻ ۽ شهادت دلپزيري وغيره اسلامي اعتقادن، ماڻهن جي سوچ ويچار توڙي ارادن ۾ نئين ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن ڪري شخصيت توڙي اجتماعي نفسايت جو رخ بدليو، اهڙي طرح علمن - شريعت، اسلام جي پابندي، نماز، روزا، صداقت ۽ خيرات جهڙن - زندگي جي عملي طرز ۽ طريقي کي ڦيرايو، ۽ ماڻهن جي عادتن، ۽ اطوارن، اخلاقن ۽ اعمالن کي هڪ نئين نهج تي آندو، ۽ عوام جي شخصي توڙي اجتماعي نفسيات ۾ تبديلي آندي.

انهيءَ اجتماعي نفسيات جو ٻولي جي نفسيات تي اثر پيو، جڏهن ماڻهن جي خيالات، احساسات ۽ جذبات جي نوعيت بدلجڻ لڳي، تڏهن سنڌين نفس ڪلام جي هيئت بدلجڻ ضروري هئي. اسلام ۽ ايمان، شريعت، دين، توحيد، فرض، سنت، نماز، روزا، حج، زڪوات، خيرات، ۽ ٻيا متعدد الفاظ روز مرهه جي ٻولي ۾ رائج ٿيا: عملي زندگي ۾ انهن تخيلن (Concepts) جي اثر، خيال ۽ ويچار جي ڪيفيت (Thought process)، عمل جي نوعيت (Behavior)، ۽ اڃان به زياده نفس ڪلام هيئت ۽ ٻولي جي سٽاءُ تي پيو، جنهن ڪري سنڌي ٻولي جي نفسيات ۾ وڏو ڦيرو آيو.

3- ٻولي جي لغات ۾ وڌارو ٿيو. هن دور ۾ سنڌي ٻولي جي لغات جي سرمايي ۾ واڌارو آيو، زراعت توڙي ڌنڌن ۾ ڪم ڪندڙن، ڪم جي اصطلاحن، ۽ ڪم جي اوزان کي عربي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ نالا مليا. زراعت ۾ ”هاري“ ۽ ”مجيري“ جا بنيادي نالا، عربي لغت ۽ ان جي اثر سان سنڌي ٻولي جو جز بنيا. ’هاري‘ جيڪڏهن ’هر‘ مان اسم فاعل آهي، ته به عربي جو اثر هيٺ، ۽ جيڪڏهن ”حارث“ مان نڪتل آهي، ته به عربي اثر هيٺ. ’هرلي‘ يا ’ايٽ‘ لاءِ عربي نالي ’ناعُوره‘ مان سنڌي ۾ ’نار‘ جو نالو رائج ٿيو، ۽ نار چاڙهيندڙ کي اُن ابتدائي دور ۾ اسم فاعل جي ترڪيب موجب ’ناري‘ سڏيو ويو، جنهن جو اُڃاڻ اڄ تائين ’هاري ناري’ جي اصطلاح ۾ موجوده آهي. ’مجيري‘ (عربي ’اَجارَ - يُجِيرُ‘ مان نڪتل) جي معنيٰ آهي ’محافظ‘ يا ’سنڀال ڪندڙ‘. عراق جي آباد زمين وانگر سنڌ جي زمين جي ماپ ٿي ۽ ’جريب‘ جو آڳاٽو عربي لفظ عام مروج ٿيو. هاڻوڪي سکر براج وانگر، عربي دور ۾ خليفي معتصم باالله جي ڏينهن ۾، سنڌ جي گورنر موسيٰ بن ۽ عِمران زراعت جي ترقي لاءِ هڪ هڪ هڪ بئريج يا بند ٻڌايو، جنهن جو نالو رکيو ويو هو ”سَڪرالميد“، يعني ’ميد يا مهاڻن وارو بند‘. عربي ۾ ’سڪر‘ جي معنيٰ آهي بند: ’سکر‘ شهر جو نالو شايد انهيءَ آڳاٽي بند جي نالي جو يادگار هجي (1). درياءَ ۽ واهن جي ڪنارن تي آمدرفت لاءِ دِڪا بنيا، جن تان سنڌيءَ ۾ لفظ ’ڦُڙ‘ (عربي ’فُرضہَ = ڪڇي پُل) عام استعمال ٿيو. اهڙيءَ طرح اَن جي ماڻ جو نالو ”ڪاسو“ ڪنهن عربي ماپي ”ڪاسہ“ (برتن) جو يادگار آهي؛ ’چوٿائي‘ عربي لفظ ”ربع“ جو ترجمو آهي، ۽ ”خرار“ لفظ عربي جي ذريعي آيل فارسي ماڻ جو نالو آهي. لاهارڪي ڌنڌي ۾ مَتِرڪو (ع. مَطۡرَقًہَ) ۽ سنداڻ (ع. سَندان) عربي اثر جا يادگار آهن. جهازرانيءَ ۾ مَڪرُي (عربي ’مَخر‘ = ٻيڙي جو پاڻي جي سطح کي چيرڻ < مخري = ٻِڙي)، ملاح، ميربحر، زورق (ٻيڙي جو قسم) ونجهه (فارسي مان عربي ذريعي)، سُکاڻ (ع. سُڪان) وغيره الفاظ رائج ٿيا؛ ڪاسائڪي ڌنڌي ۾ ڪاسائي (ع. قصاب)، ڪاتي (ع. قاطع)، حُلوان (ننڍو ٻڪر)، ذبع، حلال، حرام ۽ تڪبير؛ واپار ۾ دڪان (فارسي مان عربي ذريعي)، ساهمي، دلال، مُنيب، بَيانو (ع. بُيعانَہ)، ڪاٻاڙو (ع. قبالہ)، کَڙيو يا کُرجين (ع. خُرج)، بقر يا باقري (ع. بقَّال)، بَجاج (ع. بزاز)، حلوو (ع. حلوه)، قُرص، ٿوم، بصر وغيره.

عربن ۽ سنڌين جي گَهري سماجي رشتي سبان عام ماڻهن جي نالن جي نوعيت ۾ ڦير گهير آئي. دشمنن تي رعب ويهارڻ لاءِ عرب پنهنجن ماڻهن ۽ قبيلن جا نالا ڪَڙن پِتن ۽ خطرناڪ جانورن جي نالن جهڙا رکندا هئا - مثلاً ماڻهو جو نالو ’حنظل‘ (= ٽوهه)، قبيلي جو نالو ’بنو اسد‘ (= شينهن جا ٻچا) وغيره. ساڳيو اثر سنڌي نالن تي پيو: سنڌيءَ ۾ ماڻهن جا نالا (مثلا= ٽوهه، ڪَوڙو، اڪ، نم، شينهڙو، سَگهو، سٻر، ڌڱاڻو، لوهه - مروڙ، وغيره)، ۽ ذاتين جا نالا (ناهر، بگهياڙ، شينهڙا، واسينگ وغيره) عربي نهج تي مگر خالص سنڌي ٻولي ۾ بنيا. روزمره جي پوشاڪ ۾ به ڦيرو آيو ۽ ڪپڙن جا عربي نالا سنڌي جي جز بنيا: مثلاً رئو (رداءِ)، پوتي (فوطہ)، گَج (قَز)، گَندِي (عِطاء) ۽ صدري؛ گَهرو زندگيءَ ۾ ابو، امان، دِلو، دٻڪي، تاک (طبق - طباق) وغيره عربي لغت سان سنڌي ٻولي جو جز بنيا.

عربن ۽ سنڌين جي سماجي ۽ معاشرتي سنٻنڌ جو اثر شهرن کان ٻاهر ٻهراڙيءَ جي رهڻي ڪهڻي خصوصاً مال جي پرورش، اُٺن ۽ گهوڙن ڌارڻ جي ڌنڌي تي پيو. ڀاڳين، مال جي سڃاڻپ لاءِ عربن جي قديم رسم کان متاثر ٿي داغ ۽ ڪڪر ڏنا. مال جي سڃاڻپ لاءِ ’داغن‘ جو سلسلو جيترو عرب ۽ سنڌي قبيلن ۾ عام مروج ۽ مڪمل نظر اچي ٿو، اوترو دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ نٿو ملي. سنڌي ۾ عربي گهوڙن ۽ اُٺن جا نسل پالجڻ شروع ٿيا. يمن جي قبيلي ’مهرة جي اُٺن جي بُڻ مان سنڌ ۾ ’مهري‘ اُٺن جو نسل آيو، ۽ ڀلن اُٺن تي نالو ئي ’مهري‘ پئجي ويو. گهوڙن مان ’ابلق‘، ’ڪُميت‘ جا بُڻ غالباً عراقي گهوڙن جي عربي نسلن مان نڪتا، ۽ چڙهيءَ جي گهوڙائين وهٽ جو نالو ’عيراق‘ (=عراق) پئجي ويو.

”ڪڏهن پُرن پيادا پَٽ تي، ڪڏهن آڻيندن عيراق“.

                    (ڪبير شاهه)

جيئن عربي ٻولي ۾ اُٺ ۽ گهوڙي جي قسمن، رنگن، پنڌن، مرضن ۽ علاجن جا جدا جدا نالا هئا، تيئن ساڳئي نموني سنڌي ٻوليءَ ۾ به جدا جدا نالا نروار ٿيا. اُٺ جا ڄم کان وٺي ڇهن سالن تائين عمر موجب نالا: ڄائو ته گونئرو يا مَزات (ما + زاد)، 2 سال، ٻِهاڻ؛ 3 سال، ٽِرهاڻ؛ 4-5 سال، ڇِٽ؛ 6 سال، دؤڪ؛ 7 سال، چؤڳو؛ 8 سال، ڇَڳو؛ ۽ 9 سال، ’نيش‘ (’نيش‘ يعني نون سالن جو جوان اُٺ، جيڪو بلڪل عربي لفظ ”بازغ“ جي هم معنيٰ آهي)؛ ان بعد 9 کان 12 سالن تائين ’بنيش‘، ۽ ٻارهين سال بعد ’رموش‘. اهڙيءَ طرح گهوڙي جا نالا، عمر موجب: وڇيرو، سَرل، دؤڪ، چؤ سال، پانجاريو، وغيره؛ رنگ موجب گهوڙو وري - ڪميت، جابون، نيرو، بور، مُشڪي، چينو، نقرو، ٻگلو، ابلق، سنجاف، سرخو، مَڪڙو، سَمنڊ، پنج - ڪلياڻ، ڪبوتريو، ديناري وغيره. گهوڙي جي سنجن مان ’رڪيب‘ ۽ اُٺ جي سازن مان ’نط‘ (= نطع‘ يعني چمڙي جي جهُل) ۽ ’گاشو‘ (غشاءِ = پوش) عربي ٻولي مان آيا. اهڙيءَ طرح چوپائي مال، گهوڙن ۽ اُٺن بابت لفطن ۽ اصطلاحن جو ذخيرو عربي ٻولي جي ساڳئي سرمايي جي زير اثر توڙي نهج ۽ نموني تي ويجهيو ۽ وڌيو.

پير کڻڻ، نکٽ نهارڻ، ڏٿ ڏورڻ، کوهيون ۽ تڙ کڻائڻ، وس چرڻ، جهوڪون ڪرڻ، جهوڪ جون باهيون ٻارڻ، دونهيون دکائڻ ۽ پڊڪرڻ - جيڪي سڀ سنڌ جي بري زندگيءَ جا نشانبر پهلو آهن، تن مڙني تي عرب جي بدوي لغت جو گهرو اثر پيل آهي. عرب رات جو جهوڪن وقت باهيون ٻاريندا هئا، ته مسافر پري کان ڏسي لڙي اچن. باهه ٻارڻ ۽ دونهون دکائڻ، مهمان نوازي ۽ مردانگي جو شيوو هو. سنڌي جا اصطلاح ’ٻُوٽو ٻارڻ‘ يا ’فلاڻي ڪانه ٻاري‘ جهڙا اصطلاح، انهيءَ بدويانه زندگي جا يادگار آهن:

”ٿو مِرون ماري مڙس کي، تون بيٺو آهين بي ايمان

انهيءَ جئي کان مُئو ڀلو هون، تو ڪانئر ٻاري ڪان!“

                             (دين محمد لغاري)

ساڳئيءَ طرح ’کيما کوڙڻ‘ (خيما کوڙڻ = منزل انداز ٿيڻ) انهيءَ بري تمدن جي ساک ڀري ٿو:

”عشق آڻي جت کيما کوڙي دين ڪفر جا ٽڳا ٽوڙي.“

عرب شاعرن پنهنجي محبوب جا ڦِٽل پَڊ (جهنگ ۾ گهرن جا نشان) ڳايا آهن. مثلاً ’امراؤالقيس‘ چوي ٿو:

قِفا نَبڪِ مِن ذِڪرى حبيب و منزلِ

(بيهو ته محبوب جي پَڊن جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيون)

شاهه صاحب چوي ٿو ته:

کاروڙيان کڻِي، ويڙهي جهَپ ويا

سيڻ منهنجا، سَيَّد چئي، هاڻي هِت هُئا

پَسي پَڊَ ان جا، لڙي لُڙِڪ پيا

ڏيهي ڏور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.

بدوي عرب شاعرن پنهنجي محبوب جي سونهن اُٺن ڏاچين جي سهڻين وصفن (مثلاً؛ ڊگهي ڳچي) سان مشابهت ڏني آهي؛ سنڌي شاعر به چوي ٿو:

نبي سر جون نام - ڪٺيون، سي ننگ ڀريون ڪن ناٽ

هڪڙو لوڏ لوهاڻين کي، ۽ ٻيءَ جا سونهن سماٽ

جويون جيسلمير جون، اٿئي ڪُل ڪَنواٽ

                                        (سانوڻ)

4. سنڌي الف - بي - جي سٽاءَ، صورتخطي ۽ صرف - نحو تي اثر پيو. عربي تعليمي نظام ذريعي سنڌي الف - بي جي حروف صحيح ۾ واڌارو ٿيو، ۽ عربي الف - بي جا 11- حرفَ (ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق) سنڌي الف - ب ۾ داخل ٿيا.

عربي زبان جي زير اثر ڊگهن حروف علت (ا، و ۽ ي) جو زياده استعمال ٿيو. انهيءَ ڪري اهڙا سنڌي الفاظ، جيڪي ان وقت گهڻو ڪري حروف صحيح جا مجموعا هئا، تن جي اچارن ۾ ا، و، ي جي هلڪن اچارن سهولت ۽ سلامت پيدا ڪئي. مثلاً، سنڌي لفظ ”ڀت“ کي عربن ”بهطہ“ يا ”بهطا“ ڪري لکيو.

عربن ۽ سنڌين جي مسلسل ميل جول ۽ عرب عالمن جي سنڌي داني ۽ علمي تصنيفن جي اضافي سان لفظن جي اُچارن جي صحت ۽ صورتخطي تي توجهه ٿيو. سنڌ ۾ ئي اڪثر سنسڪرت ڪتابن جا ترجما ٿيا. شهر منصوره ۾ جيڪي قابل عالم ۽ اديب موجود هئا ۽ جي سنڌي سان گڏ ’هندي‘ ٻولين جا پڻ ڄاڻو هئا تن يقيني طور ترجمن وقت لفظن جي صحت ۽ صحيح تلفظ تي ڌيان ڏنو هوندو. هن علمي ماحول ۾ سنڌي ٻولي جي لفظن کي صحيح صورتخطي مطابق لکيو ويو، جنهنڪري اڄ به سنڌي لفظن جي ذريعي اصلي پراڪرت لفظن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي پهريون ڀيرو عربي رسم الخط ۾ لکجڻ لڳي، ۽ عربي ٻولي جي زير، زبر، پيش، جزم ۽ مدّ وارين نشانين، لفظن جي صحيح اچارن قائم ڪرڻ ۾ وڏي واهر ڪئي.

سنڌ جي ٻولي يا ٻولين ۾ ان وقت ’ز‘ ۽ ’س’ جي اچارن جي گهڻائي هئي. ’جتن جي ٻولي’ جي تجزيي مان ’ز’ جي گهڻائي ظاهر آهي. انهيءَ ڪري سنڌ وارا عربي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ’ج‘ ۽ ’ش‘ جي اچارن کي پڻ ڦيرائي ’ز‘ ۽ ’س‘ اچارڻ لڳا. مشهور اديب جاحظ پنهنجي تصنيف ”ڪتاب البيان والتبيين“ ۾ هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي؛ لکي ٿو ته ”سنڌ جو رهاڪو لامحاله ’ج‘ جو اچار ’ز‘ ڪري ٿو، پوءِ ڀل کڻي هو عرب جي فصيح ۽ بليغ قبيلن ’بَنۡو قَيسُ ۽ بنو هَوازَن ۾ پنجاهه سال رهيو هجي“ (1). جاحظ پنهنجي ٻي تصنيف ”ڪتاب الحيوان“ ۾، سنڌ جي هڪ پوڙهي مائي (جنهن جي مادري زبان سنڌي هئي) جو سندس سواريءَ جي لاڏو اُٺ بابت عربيءَ ۾ ادا ڪيل هڪ فقرو نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ هن مائي ”جمل“ (اُٺ) کي ’زمل‘ ڪري ٿي اچاريو (2).

’ابو عطا سنڌي’ عربي جو مشهور ۽ مڃيل شاعر آهي، جنهن سنه 122 هه (ڌاري) وفات ڪئي. هو ننڍي هوندي کان عربي قبيلي ’بَنُواسد‘ ۾ رهيو هو، مگر تنهن هوندي به سندن زبان ۾ سنڌي اچارن واري خصوصيت باقي هئي‘ ۽ هو ’ج‘ کي ’ز‘ ۽ ’ش‘ کي ’س‘ ڪري اچاريندو هو. انهيءَ تي سندس ٻيا همعصر شاعر ۽ اديب مٿس نڪتہ چيني ڪندا هئا. هن سلسلي ۾ هڪ دلچسپ ۽ معتبر واقعو ٿي گذريو جو عربي ادب جي ڪتابن ۾ هن طرح مشهور آهي:

ابوالحسن مدائني جي تحقيق موجب، هيءَ ڳالهه هن ريت هئي ته مُعلّيٰ بن هُبيرة ۽ حَمادالراوية، جي ٻئي شاعر، راوي ۽ اديب هئا، تن جي وچ ۾ هڪ قسم جي ادبي رقابت هئي؛ انهيءَ ڪري مُعلَّيٰ هڪ سِٽ سٽي ته ڪنهن طرح هو حماد کي ابوعطا سنڌي سان ٽڪرائي، ته ابوعطا پنهنجيءَ هجو سان حماد کي خوار خراب ڪري. انهيءَ رٿ سان مُعلّيٰ هڪ ڀيري حماد کي چيو: ”جيڪڏهن تو ابوعطا کان ڪنهن طرح ’زُج‘ (ڀالو)، ’جرادة‘ (مڪڙ) ۽ ’مسجد نبي شيطان‘ جا الفاظ چوارايا، ته آءٌ توکي پنهنجي خچر سنجن سوڌي ڏيندس“. حماد اها ڳالهه قبول ڪئي. هڪ محفل رٿي ويئي، جنهن ۾، حماد ٿو ڳالهه ڪري ته، ابوعطا سنڌي آيو، اچي ويٺو، ۽ خوش خيرعافيت طور چيائين ته: مرهباً، مرهباً، هيا کم الله!“ (يعني مرحباً مرحباً، هيّا کُم الله). مون خوش خيروعافيت ڪئي مانس، ۽ سندس آڏو رات جي ماني آندم. جنهن تي چيائين ته”لا هاجَة لِي بِہِ“ (= لا حاجہَ لِي بِہِ) يعني ته مونکي ضرورت ڪانهي. ان بعد ’نَبيذ‘ طلب ڪيائين، جو اسان کيس ڏنو. پيئڻ بعد جڏهن خمار ۾ آيو، تڏهن مون (حماد) چيومانس ”اي ابا عطا! ڪنهن شخص اسان کي ڪي بيت پرولين طور ڏنا آهن، جن جا جواب نٿو ڏيئي سگهان، حالانڪ ڪالهه کان وٺي هن وقت تائين ڪوشش ڪئي اٿم؛ تون انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪري سگهندين!“ ابوعطا چيو ته ”بيت ٻڌاءِ“. مون چيو،

اَبِن لِي اِن سَئَلُتُ، اباعَطاءِ،

(اي ابوعطا!    مونکي سمجهاءِ جيڪڏهن آءٌ پڇان،

يقيناً کَيُف عِلُمِکَ بِالمّعانِي.

ته يقيني طور توکي معنيٰ جي فن ۾ ڪيتري مهارت آهي)

ابو عطاء چيو:

خَبِيُر عالِم، فَلسال تُزِدنِي

                  (تَجِدنِي)

(آءٌ ڄاڻو ۽ ماهر آهيان؛ پڇ ته خبر پوئي،

بها تَبّا وَ آياتِ المثانِي

                          (طبَّاّ)

ته آءٌ انهي فن ۾ يگانه روزگار آهيان)

اتي پڇيومانس ته:

فَمَا اسۡم حَدِيۡدَه فِيۡ راسِ رمۡحِ

(انهيءَ لوهه جي ٽڪر جو نالو ڇا آهي، جيڪو نيزي جي چوٽي ۾

دُوَيۡنِ الۡکَعۡبِ، لَيۡسَت بِالسۡنانِ؟

ٽِيڻيءَ جي نزديڪ آهي، مگر اهو نيزو به نه آهي؟)

چيائين:

هُوَ الزُّزّ الذي ان باتَ دَيۡفا

                        (الزج)          ضيفا)

(اهو زُزّ [صحيح ’زج‘ يعني ڀالو] آهي؛ جو جيڪڏهن

لِصَد رِکُ، لَم تَزِل لِکَ اَولَتَانِ

                                        (عولتان)

رات جو تنهنجي ڇاتي جو مهمان بنجي ته توکي هميشہ لاءِ سُور ڏيئي ڇڏي).

مون چيومانس ته ”ڌڻي توکي نيڪي ڏئي، شايد تنهنجي مراد ’زج‘ آهي‘“ وري پڇيومانس:

فَمَا صُفّراء تُدعيٰ اُمُّ عَوف

(ڀلا اها ڪهڙي پِيلي شيء آهي،جا ’اَم عوف‘ سڏجي ٿي

کانَّ رِجَيۡلَتَيۡها مِنۡجَلانِ؟

۽ جنهن جا پيرڙا ڄڻ ڏانٽي جهڙا آهن؟)

جواب ڏنائين:

ارَدتَ   زَرَادَةّ    وَ       اَزُنّ     زَنا

                        (جرادة)         (اَظن   ظنّا)

(تنهنجي مراد ’زرادة‘ [صحيح ’جرادة‘ يعني مڪڙ] آهي.

بانَّکَ ما ارَدت سِوَيٰ لِسَانِي!

مگر مونکي شڪ ٿو پوي ته تنهنجو ارادو سواءِ منهنجي زبان جي خاميءَ جي ٻيو ڪونهي!)

مون چيو ته ”ڌڻي سڀ سهنج ڪريئي، ۽ وڏي حياتي بخشيئي!“

پوءِ پڇيومانس ته:

اتَعۡفَ مَسۡجِدّا لِبَنِي تَمِيۡم

(ڀلا توکي بنو تميم وارن جي انهيءَ مسجد جي خبر آهي؛

فُوَيۡق الۡمِيۡل دُونَ بَني آبانَ؟

جيڪا ’ميل‘ کان ٿورو مٿي، ’بني ابان‘ پاڙي جي پريان آهي.

انهيءَ تي ابو عطا چيو:

بَنۡو سَيۡطانَ دُونَ بَني ابَانِ

                         (بنو شيطان)

(اها ’بنو سيطان‘ [صحيح ’بنو شيطان‘] جي مسجد آهي، جا بني ابان جي پاڙي کان ايترو ئي پري آهي،

کَقُرۡبِ ابِيۡکَ مِن ابدالمَدُان

                                   (عبدالمدان)


* . موقعو مليو ته ’تفصيلي جائزو‘ هڪ جدا ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو.

(1) . ڏسو ’فتحنامه سنڌ‘.

(2) . ’تايخ طبري‘، ليڊن (Lieden) ڇاپو، جلد 2، ص 1275.

(3) . ’ڪتاب المعارف‘ (اين قتيبہ)، ص 110.

(1) . ’عمدة الطالب‘، ص 304.

(2) . ’ديوان فرزدق‘، پئرس ڇاپو، ص 77 ۽ مصري ڇاپو، ص 16.

(3) .’ڪتاب المعارف‘ (ابن قتيبہ) ص 208.

(4) ’المعارف’ 208؛ ’الطبري‘ 3/70؛ ’الشعراء‘ 484؛ ’الامالي‘ 1/271؛ ’العقد’ 2/31؛ ’الخزانہ’ 4/167؛ ’الحماسہ‘ 2/ 25-151؛ ’الاغاني‘ 16/81؛ ’الوفيات‘ 3/91-290؛ ’المرتضي‘ 1/161؛ ’لمقطعات‘ 102؛ ’لحصري‘ 3/212؛ ’القتضاب، 292؛ ’الاضداد‘ 67؛ ’ادب الڪاتب؛ 24 وشرح 124؛ ’مراة الجنان’ 1/278؛ لسان العرب (عهد) اتم).

(1). مورخ بلاذري پنهنجي ڪتاب فتوح البلدان‘ ۾ سنڌ جي فتح واري باب هيٺ ’سڪرالميد‘ جو ذڪر ڪيو آهي (ڏسو، فتح البلدان‘ ’دغويہ‘ جو سنواريل، يورپ (برل) جو ڇاپو، 1886ع، ص 440) بلاذري جي بيان جي سلسلي جي بناءَ تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته اهو مهاڻن وارو بند، موجوده اروڙ - روهڙي - سکرواري ايراضيءَ ۾ ٻڌايو ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ موقعي تي موسيٰ جي ڇانوڻي ارڙو ڌاري هئي.

(1) . ”ڪتاب البيان والتبيين“، جلد 1، ص 44.

(2) . ”لقد رکبت عجوزة سندية ظهر بعير فلما اقبل بہ البعير و ادبر و طمر فمخضها مرة مخض السقاءِ وجعلها مرة کانها ترهز فقالت بلسانها، وهي سندية عجمية: اخزي الله هذالزمل“. (کتاب الحيوان، جلد 3، ص 9).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org