سمن جي پوئين دور واري ٻولي ۽ شعر جو مستند مواد
پير مراد شيرازي جو منظوم دعائيه فقيرو (891 هه). سيد حسن عرف
شاهه مراد، ٺٽي جي شيرازي ساداتن مان مشهور درويش
ٿي گذريو آهي. محمد صالح ولد ملا زڪريا ٺٽوي سنه
1140 هه ۾ ڪتاب ”معارف الانوار“ فارسي ۾ لکيو
(2)،
جنهن ۾ هن بزرگ جي سوانح ۽ ڪرامات تي تفصيلي روشني
وڌي اٿس. سيد مراد 12- ربيع الاول، سنه 831 هه ۾
ڄائو ۽ 12- ربيع الول سنه 893 هه ۾ ڄام ندي جي دور
۾ وفات ڪيائين. 891 هه 1486ع ۾ شاهه مراد جي ڀائٽي
۽ ناٺي سيد جلال (پٽ سيد علي شيرازي اول جيڪو پير
مراد جو ڀاءُ هو) جي گهر ۾ فرزند ڄائو، جنهن جو
نالو ’سيد علي‘ (ثاني) رکيائون. هيءُ صاحبزادو
شاهه مراد جو ڏوهٽو پڻ هو، جنهن جي ولادت تي خوش
ٿي دعا طور چيائين ته:
”الله، او ڀاتي‘ ڏيئي وڏي ڄمارا.“
(1)
هيءُ سنه 891 هه جو هڪ منظوم دعائيه فقيرو آهي، جنهن ۾ پهريون
ڀيرو ’الف اشباع‘ وارو قافيو ’ڄمارا‘ ملي ٿو.
شيخ عبدالجليل چوهڙ شاهه جي سماع جي مجلس ۾ ڳايل سنڌي بيت:
شيخ الشيوخ عبدالجليل، جو عرف عام ۾ ’شيخ چوهڙ‘ جي نالي سان
مشهور هو ۽ روحاني فيض سببان سندس لقب ”قطب
العالم“ هو، سو نائين صدي هجري ۾ ضلعي رحيم يار
خان (بهاولپور ڊويزن) جي قديم شهر ”موءِ مبارڪ“ جو
هڪ وڏو صوفي درويش ٿي گذريو اهي. شيخ عبدالجليل،
سلطان بهلول لوڌي (1451 -1489ع) جو ناٺي هو. حسب
نسب جي لحاظ سان هو، ’موءِ مبارڪ‘ جي مشهور ولي
شيخ ’حميد الدين حاڪم‘ جي پنجين پشت مان هو. حضرت
حاڪم جي غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي نياڻي سان
شادي ٿي هئي، جنهن جي ڪري حضرت حاڪم جي خاندان ۽
اولاد جو غوث بهاؤالدين زڪريا جي خاندان ۽ اولاد
سان عزازرت توڙي طريقت جو گهاٽو رستو هو
(1).
انهيءَ ڪري ئي غوث بهاؤالدين جي سنڌي مريدن ۽
معتقدن جو حضرت حاڪم جي اولاد سان پڻ تعلق وڌيو.
شيخ عبدالجليل جي درٻار ۾ سماع جون محفلون ٿينديون
هيون، جن ۾ سنڌ جا خوش الحان ذاڪر، فارسي توڙي
سنڌي ڪلام مٺي لئه سان ۽ وڏي سوز مان ڳائيندا هئا.
انهن سماع جي مجلسن جو ذڪر، شيخ عبدالجليل جي سوانح عمري ۽
ملفعظات جي ڪتاب ”تذڪره قطبيہ“ ۾ موجود آهي. اهو
ڪتاب سندس مريد جمال الدين ابوبڪر الله آبادي سنه
47/946- 952 هه (1540 - 1545ع) وارن سالن ۾ لکيو.
’تذڪره قطبيہ‘ سنه 1371 هه ۾ ڇپيو. پر اصل عبارتن
کي صحيح نموني سان سمجهڻ خاطر اسان ’تذڪره قطبيہ‘
جي اصل قلمي نسخي جو مطالعو ڪيو
(2)
جيڪو 27- محرم سنه 1185 هه جو لکيل هو
(1).
هيٺين بيان جو مدار ان قلمي نسخي تي آهي، حالانڪ
تصديق طور ڇپيل ڪتاب جا پڻ حوالا ڏنا ويا آهن.
’تذڪره قطبيہ‘ جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته غوث صاحب کان پوءِ
حضرت رڪن الدين جي وقت کان وٺي سماع جي محفلن جا
اڳواڻ راڳيندڙ سنڌي هئا، جن ملتان کان مٿي ويندي
پنجاب ۽ دهلي تائين سماع جي محفلن کي مشهور ڪيو ۽
انهن محفلن ۾ سنڌي توڙي فارسي ڪلام کي ڳايو. ان
دور ۾ حسن سنڌي نالي سماع جو مشهور راڳيندڙ هو،
جنهن کي حضرت رڪن الدين جي مريد شيخ عثمان هڪ محفل
۾ چيو ته: ”مير حسن! ڪجهه ٻڌاءِ“. هن معافي گهري،
پر شيخ عثمان مٿس زور آندو، جنهن تي خواجه سعدي
شيرازي جي شعرن سان ڳائڻ جسي شروعات ڪيائين
(2).
دهلي ۾ شيخ نظام الدين اولياء وٽ حسين سنڌي نالي
’قوال‘ رهندو هو جيڪو سرود ڪندو هو ته حضرت شيخ تي
واجد طاري ٿي ويندو هو
(3).
ان اوائلي دور کان اڍائي سؤ سال کن پوءِ شيخ عبدالجليل جي حياتي
واري دور ۾ پڻ سنڌ جي سماع ڪندڙ راڳيندڙن جو سلسلو
پوري اوج تي هو. سماع جي انهن سنڌين اڳواڻن کي ان
وقت جي اصطلاحن موجب ’قوال‘ يا ’ذاڪر‘ ٿي سڏيو
ويو. سماع جون اهي محفلون لاهور ۾ ۽ پڻ ٻاهر پنجاب
جي ٻين ڀاڱن ۾ ٿينديون هيون. ڪن سنڌي بزرگن اڃا به
مٿي وڃي ’ڪانگڙه‘ ڪوهستان کي وسايو هو، ۽ حضرت شيخ
عبدالجليل اوڏانهن پڻ ويندو هو. هڪ ڀيري هو
’ڪوهستان ڪانگڙه‘ ۾ افغانن جي ’جلورا ابراهيم‘
نالي ڳوٺ ۾ ويو، جتي هڪ درويش شيخ احمد سنڌي رهندو
هو، جيڪو وڏي اثر ۽ رسوخ وارو هو. هو اتي شيخ
عبدالجيل جو (ملتان جي بزرگن سان سندس نسبت سببان)
معتقد ٿيو
(1).
هڪ ڀيري شيخ جلال گجر، حضرت شيخ عبدالجليل کي دعوت
ڏيئي سندس ڳوٺ ’هانڊو گجر‘ ۾ وٺي ويو. اتي سماع جي
محفل ٿي، جنهن ۾ سنڌي سماع ڪندڙ ذاڪرن مان ڪنهن
فارسي بيت تراني سان ڳايو ۽ ان سان گڏ هڪ ڏوهيڙو
(غالباً سنڌي) ڏنائين، جنهن تي حضرت شيخ تي حال
پئجي ويو ۽ انهيءَ جذبي واري حالت ۾ سندس فيض جي
نظرن سان ٽن سوَن ماڻهن اسلام قبوليو. سماع جي هن
محفل جي ذڪر ۾ خاص طور وضاحت ڪئي وئي آهي ته سنڌي
قوالن کي ’ذاڪر‘ سڏيو ويندو هو(2).
سنڌي ’قوال‘ يا ’ذاڪر‘ انهن محفلن ۾ فارسي ڪلام سان گڏ سنڌي
ڪلام (بيت، مولود، ڪافيون) ڳائيندا هئا، جيڪو
حاضرين سمجهندا هئا: يعني ته سنڌي ان وقت انهن
سماع جي محفلن ۾ هڪ مکيه زبان هئي. شيخ عبدالجليل
پاڻ سنڌي ڄاڻندو هو ۽ بعضي سرائيڪي زبان ۾سنڌي
لهجي ۾ ڳائيندو هو. ’تاريخ جليلہ’ ۾ هڪ واقعي جو
ذڪر آهي، جنهن ۾ حضرت شيخ جي پنهنجن قريشن عزيزن
کيس قتل ڪرائڻ جي سِٽ سِٽي پر سندس بدران هڪ ڏوم
(مڱڻهار) کي ماري وڌائون، جنهن تي:
اس احوال کلآ مشاهده سلآ تبسم فرما کر يه هندي کلمات سندهي زبان
مين زبان سلآ ارشاد فرمائلآ:
”لڳي لڄ قريشيان، ماري ڏوم فقير“
(1).
’تذڪره قطبيہ‘ ۾ شيخ عبدالجيل جو هڪ بيت ڏنل آهي، جيڪو نه فقط
سنڌي لهجي ۾ پر سنڌي ۾ ئي چيل آهي. ٻيو هڪ سنڌي
بيت سندس سماع جي محفل ۾ پڙهيو ويو، ۽ ٽيون سنڌي
بيت سندس وفات کان پوءِ سندس روضي ۾ (لاهور) هڪ
سماع جي مجلس ۾ پڙهيو ويو. اهي بيت هي آهن:
2. حضرت شيخ عبدالجليل چوهڙ جو چيل سنڌي بيت: هن بيت جي اصل
صورتخطي ڪافي مُنڌل آهي
(2)،
پر اسان جي خيال ۾ هيٺين پڙهڻي وڌيڪ صحيح ٿيندي:
محمد گهَٽِ گهٽِ رهيو روم تن [من] مانهه
هو تان هِنئون نانه، هُن ري هي نانہ
(حضرت محمد صلعم منهنجي اندر تن من ۾ سمايل آهي: اهو محبوب هِن
(عاشق) کان الڳ ڪونهي، ۽ هُن کان سواءِ هي (وجود
ئي ڪونهي).
3- شيخ چوهڙ جي سماع جي مجلس ۾ ’ڏوهيڙي’ طور پڙهيل سنڌي بيت:
’تذڪره قطبيہ‘ جو مصنف چوي ٿو ته ”هڪ ڏينهن ٻيا
بزرگ ۽ (مصنف) پاڻ گڏجي قطب العالم شيخ چوهڙ جي
خدمت ۾ حاضر ٿيا ته اتي سماع جون پوريون تياريون
هيون. پوءِ جيئن ئي مجلس شروع ٿي ته ”سنڌي ذاڪرن“
مان هڪڙي هيءَ ’ڏوهيڙو‘ ڏنو:
جو گهڙِ سو ني، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾
خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو
(1).
(هيءُ ڏوهيڙو ٻڌندي) حضرت بندگي قطلب العالم شيخ
چوهڙ رحه جن تي حال پئجي ويو ۽ اُٿي نچڻ لڳا.“
4- شيخ عبدالجليل چوهڙ جي وفات کان پوءِ سماع ۾ پڙهيل بيت. شيخ
چوهڙ قطب العالم جو ڀائيٽو شيخ علي بَري جيڪو سماع
۾ وجد واري حالت ۾ ڄڻ اُڏامندو هو، تنهن بابت
’تذڪره قطبيہ‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”هڪ ڏينهن حضرت
قطب العالم (شيخ چوهڙ) جي روضي منور ۾ سماع جي
مجلس هئي، ۽ درويش پئي نچيا. هڪ درويش اچي ’ذاڪرن‘
مان ڪنهن هڪ کي چيو ته ڪا لئي ٻڌاءِ ته درويش خوشي
ڪن. ذاڪر عرض ڪيو ته: عزيزو‘ هي فقير فقط انهي
جماعت ۾ ڳائيندو جنهن ۾ شيخ بري هوندو، ڇاڪاڻ ته
منهنجي ان سان سچي دل آهي. تنهن تي هڪ درويش چيس
ته: تون ڳاءِ، جيڪڏهن شيخ بري سان تنهنجي سچي دل
آهي ته شيخ ازخود اچي ويندو. تڏهن ان ذاڪر، ’حسيني
مقام‘ (راڳ) جي لئي ۾ هي سنڌي ڏوهيڙا ڳايا:
(1)
چُران ته چڪن چاڪ، وِهان (ته) وِه سِنِجري
ماء! منهنجي ڏيل سين، سورن ڪِي اوطاق
جيئن تون جانا پاڪ، آسابند اڙين جو.
ــــــــــ
من کي لو(چ) فراق، اسان هِون نه ڌار ٿِيئي
سِڪون پريان ساک، ربّ ڏکائي ڪڏهين.
*“
مٿين بيت مان پهريون قطب العالم شيخ چوهڙ جي وفات واري سال
910هه/5-1504ع کان اڳ جو آهي. پويان ٻه بيت جنهن
سماع جي مجلس ۾ ڳايا ويا، سا قطب العالم شيخ چوهڙ
جي وفات (910هه/5-1504ع) کان پوءِ ۽ ’تذڪره قطبيہ‘
جي تصنيف(1540 - 1545ع) کان اڳ واقع ٿي. انهيءَ
انداز موجب، اهي بيت سنه 5/1504 - 45/1540ع جي وچ
واري عرصي ۾ سماع جي مجلسن ۾ پڙهيا ويا. ٿي سگهي
ٿو ته اهي ان دور جي يا ان دور کان اڳ جي ڪنهن
شاعر جا چيل هجن.
سمن جي بالڪل آخري دور جو شعر
سنه 927هه/1521ع جي خاتمي سان سمن جي حڪومت جو دور ختم ٿيو.
اسان کي ڪي بيت انهيءَ سال کان پوءِ جا ملن ٿا، ۽
پڻ ڪي اهڙا شاعر ملن ٿا جن انهيءَ سال کان پوءِ
وفات ڪئي؛ مگر اهي بيت سمن جي دور جا چئي سگهجن
ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي شاعر جن جي ولادت۽ تربيت سمن جي
دور ۾ ٿي تن کي اسان سمن جي آخري دور ۾ شمار ڪري
سگهون ٿا. هيٺ اول اسان سيد حيدر سنائي جي چيل
بيت، مخدوم احمد ڀٽي جي آڏو سماع جي هڪ مجلس ۾
پڙهيل بيت، ۽ شيخ ڀريي جي آڏو سماع جي هڪ مجلس ۾
پڙهيل بيت، ۽ شيخ ڀريي جي واتان اسحق آهنگر جي بت
جو ذڪر ڪنداسون. ان بعد مشهور معروف شاعر قاضي
قادن جي بيتن تي روشني وجهنداسون. هن بزرگ سمن جي
حڪومت جي خاتمي کان پوءِ وفات ڪئي، مگر سندس ولادت
توڙي تربيت سمن جي دور ۾ ٿي ۽ انهيءَ لحاظ سان هو
سمن جي آخري دور جو شاعر شمار ڪري سگهجي ٿو.
1. سيد حيدر سَنائي جو چيل بيت. سيد حيدر سندس وقت ۾ سن جي
ساداتن جو سربراهه هو. مخدوم بلال جي شاگردن مان
هڪ باعمل عالم هو. سمن جي حڪومت جي خاتمي کان 9
سال پوءِ سنه 936هه ۾ وفات ڪيائين. خانداني روايت
موجب جڏهن سندس ڀاءُ سيد ميان جراڙ شهيد ٿيو ته
ميين حيدر هيٺيون بيت چيو ته:
گَئون گَتو ڪير کڻي، کڻ پايوين پاڻ
تون ٻيلي سڀڪهين، تو ٻيلي رحمان
(1).
2. مخدوم احمد ڀٽي آڏو سماع جي مجلس ۾ پڙهيل بيت. مخدوم احمد
هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) جي درويش مخدوم اسحاق ڀٽي
جو پٽ هو. مخدوم اسحاق، غوث بهاؤالدين زڪريا جي
سلسلي جو مريد هو. مخدوم احمد هڪ وڏو ولي ۽ درويش
هو، ۽ سماع ڏانهن گهڻو مائل هو. ڪو عالم کيس وڏي
حب سان ملڻ آيو پر ٻڌائين ته مخدوم کي سماع جو ذوق
آهي، انهيءَ ڪري دل سوڙهي ڪيائين. مخدوم احمد کيس
ملي چيو ته: ’هي سماع نفساني خوشي لاءِ ناهي، پر
سوز ۽ درد جاڳائڻ لاءِ آهي.‘ پوءِ مخدوم احمد
انهيءَ عالم کي پنهنجي سماع جي حلقي ۾ وٺي ويو جتي
ان کي ايڏو ته سوز درد جاڳيو جو انهيءَ حالت ۾
کانئس نماز قضا ٿي وئي. ان کان پوءِ اهو عالم
هميشه لاءِ صاحبِ حال ٿي ويو. مخدوم احمد ذڪر ۽
سماع جي محفلن ويندو هو ته مٿس اهڙي ته حالت طاري
ٿيندي هئي جا بيان کان ٻاهر آهي. آخري عمر واري
وقت ۾ هو نيرون ڪوٽ ۾ آيو جتي هڪ سماع جي مجلس
دوران ذڪر ۽ وجد ۾ مشغول رهيو. انهيءَ موقعي تي
ذاڪر (ڳائيندڙ) اهڙي ته سوز گداز ۽ مٺي آواز سان
ڳايو جو ان جي ٻڌڻ سان هن درويش دم ڏنو. پوءِ سندس
جنازو هالا ڪنڊي کڻي آيا. اهو سال 939هه هو، جنهن
۾ وفات ڪيائين.
مٿيون بيان ’حديقة الاولياء‘ جي مصنف سيد عبدالقادر جو آهي،
جيڪو پوءِ ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع پڻ
نقل ڪيو آهي(1)؛
پر ٻنهي منصفن اهو واضع ڪري نه لکيو آهي ته اهو ڪو
’سنڌي‘ بيت هو جنهن جي سڻندي ئي مخدوم احمد وصال
ڪيو پراڻن هالن جي ڀٽي بزرگن جي خانداني روايت
موجب اهو ’سنڌي‘ بيت هو. مخدوم عبدالعليم پنهنجي
ڪتاب ۾ جيڪو هن 1218هه ۾ لکيو تنهن ۾ ڄاڻايو آهي
ته
(2)
ته؛ ’پڪي اعبتار وارن کان ائين ٻڌل آهي ته اهو بيت
سنڌي ٻولي ۾ هو ۽ اهو هيءَ آهي‘؛ [اصل الفاظ هن
طرح آهن: ”آن بيت کہ مصنف رح ذکر آن هرڪه است از
زبان ثقات چنين مسموع است که اَن بيت بزبان سندهي
بود و همين است - بيت“]
سڏ سڃاڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن!
بيت ٻڌندي
ئي مخدوم صاحب وڃي عالم جاوداني ۾ پهتو، ان بعد
مٿا ’ذاڪر‘ هي بيت ڏنو: [”لمحه شنيدن از دار فاني
بعالم جاوداني رسيدند - بعد ازان ذاکر اين بيت
گفت“]:
سر ڏيئي سٽ جوڙ ڪنهن پر ڪلالن سين
مرڻا منهن مَه موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.
ظاهر آهي ته اهي ٻئي بيت مخدوم احمد جي وفات واري سال
936/30-1529ع ۾هڪ سماع جي مجلس ۾ پڙهيا ويا، سمن
جي حڪومت جي خاتمي (927هه) کان نو سال کن پوءِ جو
آهي، ۽ انهي ڪري يقيني طور اهي بيت سمن جي دور جي
(يا اڃان به اڳ جي) ڪنهن اهل دل شاعر جا آهن.
3.
اسحاق آهنگر (لوهار) جو بيت. ’حديقة الاولياء‘ جو
مصنف سيد عبدالقادر لکي ٿو ته شيخ ڀرئي ويرداس
جيڪو اصل هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو، سندس آخري
عمر ۾ گهجي ٽڪر جي دامن ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي.
سيد عبدالقادر پڻ غالباً اتي ئي هن درويش کي ملڻ
ويو. انهيءَ ملاقات بابت هو لکي ٿو ته: ”درويش
سلوڪ جي معنيٰ وارو هڪ سنڌي بيت الحان سان پئي
پڙهيو. مون خيال ڪيو ته اهو بيت الائجي خود سندس
آهي يا ڪنهن ٻئي جو! اڃان منهنجي دل ۾ اهو خيال
آيو ته مون ڏي منهن ڪري چيائين ته’هي بيت اسحاق
آهنگر جو آهي‘“
(1).
ضير علي شير قانع تحفة الکرام ۾ اهو ساڳيو بيان ’حديقة
الاولياء‘ تان نقل ڪيو آهي، پر ’حديقة‘ جي مصنف
وانگر اسحاق آهنگر وارو اهو سنڌي بيت ڪونه ڏنو اٿس(2).
حديقةالاولياء جي مصنف شيخ ڀرئي وير داس جو سنه
وفات 930هه ڄاڻايو آهي ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ اهو
’نهصد و سہ‘ يعني 903 ڄاڻايل آهي. ’حديقة
الاولياء‘ سنه 1016هه ۾ لکيو ويو ۽ ان جو مصنف پاڻ
شيخ ڀرئي سان وڃي مليو هو. جيڪڏهن شيخ ڀرئي جي
وفات ان کان ڇهاسي سال يا هڪ سوء تيرنهن سال اڳ ٿي
ته پوءِ حديقة الاولياء جو مصنف ساڻس ڪيئن مليو
هوندو! اهو سوال پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن ڀرئي
903هه ۾ وفات ڪئي ته پوءِ اسحاق آهنگر جنهن جو بيت
هن پئي اُلاپيو، سو سمن جي دور جو شاعر هو. مگر
’حديقة الاولياء‘ توڙي ’تحفة الڪرام‘ جي مصنفن
اسحاق آهنگر وارو ’سنڌي بيت‘ڪو نه ڏنو آهي. ’حديقة
الاولياء جي مصنف کان البت ايترو يقيني طور معلوم
ٿئي ٿو ته انهي بيت ۾ تصوف جي معنيٰ سمايل هئي.
سنه 9150ع کان اڳ اسان هيٺيون بيت پنهنجي هڪ بياض ۾ قلمبند ڪيو
هو، ۽ اتي ائين ڄاڻايل هو ته شيخ حماد جو آهي
(2):
ٿيان مان جھرڪ، وهان سڄڻ جي سَپَ تي
مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجھارِي سين.
جيئن ته شيخ حماد جمالي وارو بيت هڪ قلمي نسخي جي تصديق سان ملي
چڪو آهي، انهيءَ ڪري چئبو ته اهو بيت شيخ حماد جو
ڪونهي، سنه 1958ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم هن بيت
کي ئي اسحاق آهنگر جو ڪري ڄاڻايو آهي(1).
سمن جي دور جي، ڪن شاعرن جا بيت ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات
’بيان العارفين‘ ۾ ملن ٿا جيڪي ميين شاهه ڪريم جدا
جدا موقعن تي پڙهيا. ٻين کان گهڻا بيت قاضي قادن
جا آهن جنهنجو تفصيلي ذڪر اسين اڳتي هلي ڪنداسون،
مفلوظات ۾ سڀ بيت شاهه ڪريم جا پنهنجا نه آهن ۽
وڌيڪ تحقيق کان پوءِ ئي معلوم ٿي سگھندو ته اهي
ڪنهن جا آهن، جي الحال چئي سگھجي ٿو ته قاضي قادن
وارن بيتن کان سواءِ ٽي ’بيت‘ هندي ۽ ٻيا ڇهه ’بيت
سنڌي
(2)
ٻين جا آهن. انهن ڇهن بيتن مان ٽي ميين شاهه ڪريم
جي همعصر درويش جا چيل آهن
(3).
باقي هيٺيان ٽي بيت غالباً ميين شاهه ڪريم کان
گهڻو اڳ جي ڪن شاعرن جا چيل آهن، جن کي جيڪڏهن
قاضي قادن جو همعر ڪري مڃجي، ته پوءِ اهي بيت سمن
جي آخري دور جا شمار ڪري سگھجن ٿا.
4.
شاعر پراڙ جو بيت. هيءُ بيت ”شاهه ڪريم بلڙي واري
جو ڪلام“ جي صفحي 55 تي ڏنل آهي، ۽ شاهه ڪريم جو
اٺيتاليهون بيت ڪري ڄاڻايل آهي. هن ۾ ’پراڙ‘ کي
”وَراڙ“ ڪري پڙهيو ويو آهي، ۽ انهيءَ ڪري غلطيءَ
سببان هيءَ بيت شاعر پراڙ جي بدران شاهه ڪريم جو
ڪري ڀانيو ويو آهي. هيءُ بيت يقيني طور ”پراڙ“ ذات
جي آڳاٽي شاعر جو آهي
(1) جيڪو شاهه ڪريم مثال طور پڙهيو:
چندن چور ڪَريندي، رَتومہ ڪُهاڙ
سڄڻ ڏُڄڻ نه ٿيِي، جي رُسي سوء وار
پَروڙئو پراڙ، نه ڪَر هيدي قرب ٿيِي.
5.
هڪ بيت جنهن جي مريدن معنيٰ پڇي. ميين شاهه ڪريم
کان سندس مريد، جدا جدا موقعن تي ٻين شاعرن جي چيل
بيتن جي معنيٰ پڇندا هئا ۽ چوندا هئا ته فلاڻو (ڪو
درويش) هيءُ بيت ٿو پڙهي. انهيءَ جي معنيٰ ته بيت
پڙهندڙ شاهه ڪريم جو همعصر آهي. هيٺين بيت بابت
صرف اترو ڄاڻايل آهي ته ”حضرت پير کان هن بيت جي
معنيٰ پڇيائون“ بيت پڻ اصلوڪي بنيادي سٽاءُ واري
صورت ۾ آهي ۽ ڄڻ ’معما‘ طور چيل آهي. ان مان گمان
نڪري ٿو ته اهو بيت آڳاٽي وقت کان هلندڙ هو، ۽
ماڻهن جي زبان تي هو جو مريدن ميين شاهه ڪريم کان
ان جي معنيٰ پڇي. ”شاهه ڪريم بلڙي وارو جو ڪلام“
جي صفحي 61 تي ڏنل آهي:
ڪارين ڪَنين ڪَڪَڙا ڪَرَهَه ولاڙ وڃَنِ
ويلو ڪن به وچ ۾، نه اوڳار ڀَڃن.
6. قوال جو سماع ۾ پڙهيل بيت: هيٺين بيت جي باري ۾ ڄاڻايل آهي
ته ميين شاهه ڪريم ”هڪڙي ڏينهن جوانيءَ جي زماني ۾
سماع پئي ڪيو، ته اتفاق سان قوال هي بيت چيو“.
اکڙيون ملير، جني راتو ڏينهن
عمر آسائن سين، هاڻي ڪندي ڪيئن.
شاهه ڪريم 20 شعبان سنه 944هه ۾، يعني ته سمن جي حڪومت وئي کان
17 سال کن پوءِ ڄائو. قاضي قادن جي وفات (950هه)
وقت سندس عمر 15 سال کن هئي. سندس جوانيءَ ۾ جنهن
وقت کيس سماع جو شوق هو، تنهن وقت سندس عمر
اندازاً 30 - 35 سال ٿي سگهي ٿي: يعني ته سماع
واري مجلس اندازً 975هه ڌاري يا سمن جي حڪومت جي
خاتمي کان 38 سال کن پوءِ قائم ٿي.
هن بيت جي بنيادي سٽاءَ مان پڻ ظاهر آهي ته اهو بيت انهن اٺٽيهن
سالن کان اڳ جو ، يعني ته سمن جي دور جي ڪنهن اهل
دل شاعر جو هو جنهن کي قوال سماع جي موقعي تي
پڙهيو پر جيڪڏهن ميين شاهه ڪريم کان عمر ۾ البت
وڏو هوندو جنهن جو بيت شاه ڪريم جي سماع ۾ پڙهيو
هجي ته به اهو شاعر ڪريم جي سماع ۾ پڙهيو ويو
هوندو ۽ جنهن جي ٻڌنديئي شاهه کي ”ايتريقدر وجد ۽
شوق جاڳيو، جو جيڪو لباس مٿي ۽ ڪلهن تي هوس، سو
جسي تان لاهي قوال کي ڏنائون ۽ پاڻ ڇٺيءَ اُگهاڙا
حجري اندر هليا ويا“(1).
تحقيق ۽ تصديق جي لحاظ سان، مٿين بيتن جي ڀيٽ ۾ قاضي قادن جا
بيت اسان کي وڏي تعداد ۾ ۽ جدا جدا ماخن مان ملن
ٿا جن مان ان دور جي ٻولي بابت وڌيڪ صحيح نتيجا
ڪڍي سگھجن ٿا، هاڻي اسان قاضي قادن جي ٻولي ۽ بيتن
تي قدري تفصيل سان روشني وجھنداسون.
قاضي قادن جا بيت ۽ ٻولي
قاضي قادن سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو شاعر آهي: هو اَساسي سنڌي
شاعري جو ابو هو. هو پهريون مشهور شاعر آهي جنهن
جا گهڻي ۾ گهڻا بيت اسان کي پوري تصديق سان لکيت ۾
ملن ٿا. جن مان ان دور جي بکر واري علائقي جي سنڌي
ٻولي تي روشني پوي ٿي. باوجود قاضي صاحب جي تاريخي
حيثيت ۽ علمي ادبي عظمت جي، سندس ولادت، اوائلي
تربيت ۽ رفصيلي سوانح اڃان تائين تحقيق طلب آهن.
(1).
پوئين دور جي لکيتن ۾ سندس نالو ’قاضي قاضن‘ ڪري
ڏنو ويو آهي پر بالڪل اوائلي ۽ وڌيڪ معتبر ماخذن ۾
’قاضي قاذن‘ لکيل آهي
(2)،
۽ ’قاذن‘ حقيقت ۾ ’قادن‘ جي ٻي صورت آهي، تازو
سندس بيتن جو وڏو ذخيرو ديونا گري ۾ لکيل مليو آهي
جنهن ۾ ٻن جاين تي سندس نالو ڏنل آهي ۽ اهو ’ڪاجي
ڪادن‘ جي اچارن سان لکيل آهي، ان مان به ظاهر آهي
ته سندس نالو ’قاضي قادن‘ هو، ’قاضن‘ هجي ها ته
’ڪاجي ڪاجن‘ ڪري لکيو وڃي ها(1).
قاضي قادن بن قاضي ابو سعيد بن زين الدين بن قاضي قادن کي علم ۽
قضا ڄڻ ورثي مليا. سندس وڏا سيوهڻ ۽ ٺٽي جا باشندا
هئا. سندس وڏو ڏاڏو قاضي ابوالخير پهريون شخص هو،
جو اچي بکر ۾ مقيم ٿيو
(2)،
۽ قاضي قادن به غالباً بکر ۾ ئي ڄائو نپنو. انهيءَ
ڪري سڪونت جي لحاظ سان کيس ”قاضي قادن بکري“سڏڻ
وڌيڪ مناسب ۽ صحيح ٿيندو. ميين شاهه ڪريم جي
ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قادن ڪو وقت بکر
علائقي جي شهر درٻيلي (موجود ڊڀرو، ضلعو نوابشاه)
۾ پڻ رهيو، جتي جو هڪ مجذوب مست درويش ساڻس منهن
مقابل ٿيو، جنهن جي نظر ۽ توجھ سان هو حقيقت ڏانهن
مائل ٿيو(1).
مير محمد معصوم بکري تاريخي لحاظ سان قاضي قادن کي ويجھي ۾
ويجھو مصنف ۽ سندس هم وطن آهي، جنهن جي ڪري سندس
حوالا پڻ ڪافي مستند آهي لکي ٿو ته قاضي ”وڏي عمر
۾“ پنهنجي قضا جي عهدي تان استعيفا ڏني(2).
ان وقت ۾ ”وڏي عمر“ جي اندازي جي لحاظ سان، قدري
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته قاصي صاحب پنجھتر کان
اسي ورهين جي ڄمار ۾ استعيفا ڏني هوند. مير معصوم
هڪ ٻئي سنڌي عالم، درٻيلي جي شيخ عبدالله متفي
بابت لکي ٿو هو سنه 947هه ۾ گجرات ويو، ۽ اتي وڃي
قاض عبدالله جو صحبتي ٿيو، (۽ بعد ۾) مديني شريف ۾
قاضي قادن جو صحبتي ٿيو هجي، ان مان گمان نڪري ٿو
ته قاضي قادن 947-950هه واري عرصي ۾ قضا جي عهدي
تان استعيفا ڏني، ۽ 950هه ڌاري سندس عمر ڪم از ڪم
اسي ورهيه هئي. مير معصوم لکي ٿو ته، ”قاضي قادن
سنهن 957هه ۾ وفات ڪئي“، جنهن جن تصديق مير علي
شير قانع پڻ تحفةالڪرام ۾ ڪئي آهي(1).
انهيءَ ڪري ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته قاضي
قادن ڪم از ڪم اٺاسي ورهين جي عمر ۾ سنه 958هه
(1551ع) ۾ وفات ڪئي، ۽ انهيءَ لحاظ سان سندس ولادت
سنه 870هه (1465ع) تسليم ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ جي
معنيٰ ته قاضي قادن جي ولادت ۽ تربيت ڄام نظام
الدين عرف ڄام نندي جي عهد (866-919هه) ۾ ٿي، ۽
ارغونن هٿان سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جي خاتمي واري سال
927هه ۾ سندس عمر ڪم از ڪم ستونجاهه سال هئي اهو
بالڪل قرين قياس معلوم ٿئي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته ڄام فيروز
جي عهد ۾ شاهه بيگ جي حملن تائين حوالي تائين قاضي
قادن وڏي اثر ۽ رسوخ وارو هو ۽ غلاباً بکر جي قضا
سندس حوالي هئي.
طبقات اڪبري جي مصنف لکيو آهي ته شاهه بيگ ارغون بکر جو قلعو
قاضي قادن کان ورتو
(2).
جيڪڏهن اهو حوالو صحيح آهي ته پوءِ چئبو ته ڄام
فيروز جي ڏينهن ۾ قاضي قادن بکر ۾ مقيم هو، ۽
غالباً يا ته اتي جو قاضي هو يا وري وڏي رسوخ وارو
شخص هو، جو شاهه بيگ جي حملي وقت اتان جي رهندڙن
جي امن ۽ سلامتي خاطر شهر کي سنڀاليائين ۽ گهيري
وقت ڪن شرطن تي قلعو شاهه بيگ جي حوالي ڪيائين،
اهو واقعو غالباً 925هه جي آخر جو آهي، جڏهن شاهه
بيگ پوري تياري سان سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي،
غالباً ان کان پوءِ قاضي قادن بکر مان پنهنجو عيال
وٺي ٺٽي آيو، مگر پويان شاهه بيگ پڻ ٺٽي جو رخ
ڪيو، ۽ ٺٽي پهچي 11- محرم 926هه (2 - جنوري 1520ع)
۾ شاهه بيگ درياءِ ٽپيو، ۽ ساموئي جي ميدان تي
لڙائي لڳي، جنهن ۾ آخر سنڌ جي فوج جو سپهه سالار
درياخان شهيد ٿيو ۽ شاهه بيگ ٺٽي تي قبضو ڪيو. 11-
محرم بعد ويندي 20- محرم تائين ارغونن جي فوج ٺٽي
کي لٽيو. انهيءَ عرصي ۾ قاضي قادن جا ٻار ٻچا پڻ
ٻين سان قيد ٿي پيا ۽ هو نهايت پريشانيءَ ۾ کين
ڳولڻ لڳو. بالاخر ، شاهه بيگ جي پيش امام حافظ
محمد شريف جي معرفت پيش ٿيون شاهه بيگ جي بکر
پهچڻ بعد، قاضي قادن کي اختيار ڏنو ته جنهن کي
وڻيس تنهن کي ڇڏائي آزاد ڪري. ٿي سگهي ٿو ته اهو
پهريون دفعو هو جو قاضي قادن جو شاهه بيگ سان
واسطو ٿيو، پر شايد قاضي قادن اڳ بکر ۾ شاهه بيگ
کي ملي چڪو هو، جنهن ڪري شاهه بيگ سندس سفارش
فراخدليءَ سان قبول ڪئي.
ان بعد قاضي قادن سنڌ طرفان طرفان ڄام فيروز ۽ ٻين جي پاران
شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن سان صلح ۽ مفاهمت خاطر
موقعي به موقعي ڪوششون ڪيون، شاهه بيگ جو به مٿس
اعتماد هو.
ٺٽي جي حادثي (محرم 926هه) بعد غالباً قاضي قادن پنهنجو اهل
عيال بکر ڏانهن روانو ڪيو، ۽ جڏهن شاهه بيگ ٺٽي
مان سيوهڻ روانو ٿيو ته قاضي قادن کي پاڻ سان گڏ
کنيائين آڏو ٽلٽيءَ وٽ درياخان جي پٽن، شاهه بيگ
جي مقابلي لاءِ وڏو لشڪر سنباهيو، جنهن تي شاهه
بيگ، قاضي قادن کي موڪليو ته کين وڃي سمجھائي ۽
صلح جي ڪوشش ڪري پر شاهه بيگ سان رفاقت سببان هنن
جو قاضي موصوف تي اعتماد ڪو نه رهيو هو، جنهنڪري
کيس ملڻ کان انڪري ڪيائون(1).
ان بعد غالباً قاضي قادن شاهه بيگ کان موڪلائي بکر
روانو ٿيو. 927هه جي پوئين نصف ۾ جڏهن شاهه بيگ
سيوهڻ جي قلعي جي مرمت ۽ حفاظت جو انتظام ڪري بکر
ڏانهن روانو ٿيو، ته بکر کان اڃان ٽن منزلن تي هو
جو قاضي قادن اچي ساڻس مليو ۽ عزت آبرو سان سرفراز
ٿيو
(1).
بکر کان هڪ منزل اوريان، ڄام فيروز طرفان شاهه بيگ
لاءِ سوکڙيون پاکڙيون پهتيون
(2)،
جي غالباً قاضي قادن جي معرفت پيش ٿيو ، شاهه بيگ
جي بکر پهچڻ بعد قاضي قادن پنهنجي ڀائرن سميت اچي
کيس مليو ان دوران ڌاريچن ، سردارن جي سرڪشي بابت
شاهه بيگ سندس راءِ معلوم ڪرڻ چاهي؛ قاضي قادن چيو
ته. ”هي ماڻهو سرڪش آهن ۽ سختي بنان امن قائم نه
ٿيندو“ جنهن تي شاهه بيگ انهن سردارن کي قتل ڪرڻ
جو حڪم ڏنو(3).قاضي
قادن ملڪ ۾ امن امان ۽ صلح جو خواهان هو ۽ انهيءَ
سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ديانتداري سان ڏنائين ۽ سنڌ
وارن ۽ مغلن جي درميان صلح ۽ مفاهمت قائم ڪرڻ لاءِ
ڪافي ڪوشش ورتائين.، شاهه جي وفات (22- شعبان
929هه/ آگسٽ 1522ع) بعد جڏهن مزار شاهه حسن ڄام
فيروز کان خفا ٿي چڪو هو، تڏهن به مفاهمت خاطر
قاضي قادن حافظ رشيد خوشنويس سان گڏ، ڄام فيروز
طرفان ، مرزا شاهه حسن ڏي سوکڙيون کڻي ويو(4)
، مرزا شاهه حسن جي عهد ۾ قاضي
قادن بکر جي قضا جو عهدو قبول ڪيو؛ مرزا شاهه حسن
جي عهد ۾ قاضي قادن بکر جي قضا جو عهدو قبول ڪيو؛
هو اندازاً سنه 930هه کان 947 - 950هه تائين بکر
جو قاضي ٿي رهيو، ۽ نهايت دانائي ۽ ديانتداري سان
فيصلا ڪيائين، ان بعد وڏپڻ سببان انهيءَ عهدي تان
استعيفا ڏنائين ۽ بکر جي قضا سندس ڀاءُ قاضي
نصرالله جي حوالي ٿي. سنه 947-950هه ڌاري حج تي
روانو ٿيو، ۽ غالباً مديني شريف ۾ ئي سنه
959هه/1551ع ۾ وفات ڪيائين
(1).
قاضي قادن جي بيتن ۽ انهن ۾ سمايل فڪر ۽ معنيٰ کي سمجھڻ لاءِ
سندس لياقت، شخصيت ۽ ارادت کي سامهون رکڻ ضروري
آهي مير محمد معصوم لکي ٿو ته ”قاضي قاضن پاڻ قرآن
جو حافظ هو قراُت ۽ تجديد جو ڄاڻو هو ، ۽ حديث،
تفصير ۽ اصول فقہ جو عالم هو. انشاء پردازي (لکپڙه
۽ مضمون نويسي) ۾ پنهنجي انجنيري ۾ مهارت رکندڙ
هو. تصوف کان باخبر هو، ۽ سلوڪ ۽ طريقت جي راه ۾
گهڻيون رباضتون ڪيائين. سير سفر به گهڻو ڪيائين ۽
حرمين جون زيارتون ڪيائين، تنهن جو مريد ۽ معتقد
هو انهيءَ ڪري کيس ٻيا عالم ٽوڪيندا هئا. جڏهن
قاضي جي عهدي تي فائز هو، تڏهن نهايت احتياط،
امانت ۽ ديانتداري سان فيصلا ڪيائين
(2).“
مير معصوم جي مٿئين بيان مان ظاهر آهي ته قاضي قادن ذهين، عالم،
نيڪ سيرت ۽ صاف دل صوفي هو. اهو ئي عڪس اسان کي
سندس بيتن ۾ نظر اچي ٿو. سلوڪ ۽ طريقت ۾ سندس
بزرگي ۽ برتري سببان، سندس چيک بيت پڻ ٻين درويشن
۽ بزرگن جي زبان جو ورد وظيفو ٿي ويا، ۽ انهي ڪري
ئي محفوظ رهيا، سندس وفات وقت (958هه) ميين شاهه
ڪريم بلڙيءَ واري جي عمر پنڌرهن ورهيه هئي. ميين
شاهه ڪريم قاضي قادن جا بيت بزرگن کان ٻڌا، ۽ انهن
کان ايتري قدر ته متاثر ٿيو جو پنهنجي سلوڪ جي
مجلسن ۾ اهي بيت پڙهيائين. سندس ملفوظات ’بيان
العارفين و تنبيہ الغافلين‘ ۾ گهڻا بيت بنا نالي
ڏنل آهن ۽ چئي نٿو سگهجي ته ته ڪهڙا بيت ڪنهن جا
آهن، ست بيت اهڙا جن لاءِ قاضي قادن جو نالو ڏنل
آهي، پر ڪي ٻيا بيت قاضي قادن جا ئي آهن. مثلاً هڪ
ٻيو بيت اهو ساڳيو آهي جيڪو غوثي جي ڪتاب ”گلزار
ابرار“ ۾ ترجمي جي صورت ۾ ڏنل آهي(1).
بيان العارفين جي مختلف قلمي نسخن ۾ [جن کي ڀيٽي،
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ’بيان العارين‘ جو هڪ
معياري متن شايع ڪيو
(2)]
ذرا مختلف پڙهڻين سان ڏنل آهن . جن سڀني کي سامهون
رکڻ سان انهن بيتن کي هيٺين طرح پڙهي سگهجي ٿو؛
1- ڪَنزَ قَد وري، ڪافِيان ڪِي ڪونه پَڙِهئوم
(1)
س پاڙهُه ئي ڪو ٻيو
(2)،
جِئان پرين لڌوم.
2- لوڪان نَحوَ صرفُ، مو مطالع سپرين
(3)
سوئي پڙهئو سو پڙهان، سو ئي سو حرف.
3- سيئي سيلَ ٿِئَامَ، پڙهئا جي پاڻ لَءِ
(4)
اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي ورئام.
(5)
4- سڄڻ منجههِ هئامِ، مون ويٺي واءُ ٿئا
(6)
هيڏان هوڏانهن هٿڙا، هِيئَن جار وڌام.
(7)
5- سائر ڏيئي لَتَ، اوچي نيچي ٻوڙئي
(8)
هيڪائِين
(9)
هِڪُ ٿِئو، ويئي سڀ جيهَتَ.
6- ’لا‘ لاهِيندي ڪن کي، ’لا‘ مُورهِين
(10)
ناهه
’بالله‘ ري پريان، ڪَٽُ نه ڏسي
(11)
ڪي ٻئو.
7- جوڳي جاڳايوس، سُتو هوس
(12)
ننڊ ۾
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان
(13)
پيچري،
8- توکي توڙائين، ’لا‘ سين لاٿائون
اڃان پڻ ’آئون’، واريو وجهين وچ ۾.
مٿيان بيت جي ’بيان العارفين’
(1)
۽ ’گلزار ابرار‘ مطابق آهن، سي هيٺئين لحاظ سان
وڌيڪ اهم آهن. هڪ ته پڪن آڳاٽن ماخذن سنڌ جي وڏن
بزرگن (ميين شاهه ڪريم ۽ برهانپور جي سنڌي عالمن)
جي زباني بيان ٿيل آهن، انهيءَ ڪري وڌيڪ وزندار
آهن. فڪر جي بلندي ۽ معنيٰ جي سهڻائي جي لحاظ سان
اهي اعليٰ اخلاقي ۽ وجداني شاعري جا بهترين مثال
آهن. فن جي لحاظ سان اسان کي انهن بيتن ۾،
’بنيادي‘ ٻه - تڪي سنڌي بيت کان وٺي ’مڪمل‘ سنڌي
بيت تائين ارتقاء جون سڀئي صورتو ملن ٿيون. مثلاً
پهريون بيت ’بنيادي‘ سٽاء وارو آهي، جنهن جو قافيو
ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ آهي. ٻئي کان وٺي پنجين
تائين هڪ نئين فني تبديل جو ساڳيو مثال موجود آهي،
يعني ته پهرين مصرع ۾ قافيو پڇاڙي جي بدران وچ ۾
آندل آهي. ڇهين ۾ قافيو پهرين مصرع جي آخر ۾ ۽
ٻيءَ جي وچ ۾ آندل آهي. ستين بيت جي ٻنهي مصراعن ۾
قافيو پڇاڙي جي بدران وچ ۾ آندل آهي، جيڪا پڻ نئين
نزاڪت آهي. اهي فني نزاڪتون جن جي ڪري بيت ۾
اندروني ترنم پيدا ٿيو، سي غالباً سماع جي موسيقي
جي سلسلي مان پيدا ٿيون. آخري نزاڪت جو پهريون
مثال قاضي قادن جي عروج واري دور کان اڳ شيخ
عبدالجليل چوهڙ جي سماع جي محفل ۾ ڳايل بيت ۾ ملي
ٿو
(1)،
جنهن مان گمان نڪري ٿو ته اهي فني نزاڪتون اڳ شروع
ٿي چڪيون هيون پر انهن جا مڙيئي مثال سواءِ قاضي
قادن جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي بيتن ۾ گڏ نٿا ملن.
|