سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:30 

فقير محمد صديق سومرو عرف صوفي صادق شاهه. هو شاهه عبداللطيف جي وفات کان ڪي سال پوءِ ڄائو ۽ سنه 1265هه (1847ع) ۾ ڳوٺ اَهُر (تعلقو عمرڪوٽ) ۾ وفات ڪيائين. هو درگاه جهوڪ جي قادري طريقي جي درويش صوفي فضل الله شاهه قلندر جي نيڪ نظر سان فڪر ۽ فيض وارو ٿيو. پنهنجي مرشد جي ’ارشاد نامي‘ کان متاثر ٿي سلوڪ ۽ طريقت ۾ ”درد نامو“ تصنيف ڪيائين، ۽ طريقت ۽ توحيد وارا ڪلام چيائين. شاهه قلندر جي وفات بعد جهوڪ ۾ درگاه تي راڳ جي رسم جو بنياد وڌائين جنهن لاءِ ”راڳ نامو“ مرتب ٿيو، جنهن ۾ بيتن ۽ واين جو وڏو ذخيرو شامل آهي. هن مجموعي ۾ ڳچ بيت اهي ساڳيا آهن جيڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ شامل آهن. ٻاهٺ بيت ۽ پنج صدائون (وايون) اوڻيهن ٻين شاعرن جون آهن جن مان گهڻا اڳ ٿي گذريا. هڪ چڱو خاصو حصو خود فقير صاحب جي پنهنجن بيتن جو آهي جيتوڻيڪ سندس ڪلام جو سڄو ذخيرو ’راڳ نامي‘ ۾ شامل ناهي. راڳنامي ۾ شامل ڪلام ستاويهن سرن ۾ ورڇيل آهي جن مان وهاڳڙو، موکي ۽ سوزڙو هن راڳنامي جا ئي خاص سر آهن. راڳنامي ۾ جملي 1406 بيت ۽ 148 صدائون (وايون) شامل آهن، جيڪو اعليٰ اساسي شاعري جو هڪ وڏو ۽ قيمتي ذخيرو آهي.

قنبر علي شاهه ڀاڏائي. قنبر علي شاه بخاري، سنه 1207هجري ڌاري ’ڀاڏ‘ مڪان تعلقي جاتي ۾ ڄائو ان مڪان جي نسبت سان ’ڀاڏائي‘ سڏيو ويو. وفات سنه 1264هه (1846ع) ۾ مڪان ’گنبالي‘ (تعلقو گهوڙاٻاري) ۾ ڪيائين. هو پنهنجي وقت جو وڏو عباد زاهد، قلندر طبع درويش ۽ توڪل جو صاحب هو. سندس روحاني رهبر ڀٽائي صاحب هو جنهن جي واٽ وٺي هن ’شريف’ جي تخلص سان پنهنجو ڪلام رسالي جي صورت ۾ سُر وار چيو. سندس فرزندن مان عبدالقدوس شاهه ۽ مريدن مان فتح محمد فقير ڪلهوڙي ۽ غلام حيدر فقير ٿيٻي (جنهن پنهنجو تخلص ’تيرهيو‘ ڪيو) به رسالي وارو ڪلام چيو. انهن چئني صاحبن جو ڳچ ڪلام ’رسالي‘ جي صورت ۾ سنه 1284هه ۾ قلمبند ٿيو. قنبر علي شاهه ’شريف‘ جو ڪلام رسالي جي ڇويهن سرن ۾ چيل آهي، ۽ باوجود ڪجهه ڪلام ضايع ٿيڻ جي 1268 بيت ۽ 112 وايون سلامت آهن. اهو اعليٰ سنڌي اساسي شاعري جو هڪ وڏو ذخيرو آهي. شاهه ’شريف‘ جي بيتن ۾ توحيد ۽ معرفت سان گڏ غنائي رنگ ڀريل آهي جو هو ٻئي جي ڳالهه ڪندي به پنهنجو حال وڌيڪ اوري ٿو. شاهه عبداللطيف جا بيت سندس سامهون آهن جن جي ڀران بيت چوندي هو ڀٽائي صاحب واري بنيادي خيال کي جدا جدا طريقن سان ائين ورجائي ۽ وهڃائي ٿو جو ڄڻ هو شاهه جو شارح آهي. شاهه شريف جو رسالو راقم جي تصحيح ۽ تحقيق سان اداره سنڌ - شناسي (سنڌالاجي) طرفان سنه 1329هه/1972ع ۾ شايع ٿيو جيڪو وڌيڪ تفصيلي مطالعي لاءِ ڏسي سگهجي ٿو.

خليفو نبي بخش صاحب.هو سنه 1190هه (1776ع) ڌاري ڄائو ۽ وڏيءَ عمر ۾ سنه 1280هه (1863ع) ڌاري وفات ڪيائين. کيس سٺي مڪتبي تعليم ملي ۽ فارسي مان چڱي واقفيت حاصل ڪيائين. ذاتي طور هو وڏي همت ۽ حوصلي وارو هو؛ مير ٺاري خان جو درٻاري هو ۽ مير باگي خان سان سندس دوستي جو ناتو هو. مجازي نينهن جي ناتي ۽ ان بعد جناب پير صاحب محمد راشد جي نظر فيض اثر سان فقيري ۽ معرفت ڏانهن مائل ٿيو. عشق، درد ۽ فراق واري حال سان، 1246 - 1250هه وارن چئن سالن ۾ مثنوي ’سسئي - پنهون‘ منظوم ڪيائين. هيءُ داستان، خليفي صاحب جي پنهنجي ’حال‘ جو آئينو ۽ سندس شاعرانه شعور ۽ تخليق جو نمايان ڪارنامو آهي. نه فقط ايترو پر خليفي صاحب جو ’سسئي - پنهون‘ سرائيڪي شاعريءَ جو شاهڪار آهي. ٻولين جي لحاظ سان خليفي صاحب سنڌي کان سواءِ سرائيڪي، هندي، ريخته، ڍاٽڪي ۽ اردو ۾ شعر چيو.

’خليفي صاحب جو سنڌي رسالو‘ اعليٰ اساسي شاعري جو وڏو قيمتي سرمايو اهي. شاهه عبداللطيف اعليٰ سنڌي شاعري جي آسمان تي سج ٿي اُڀريو؛ کانئس پوءِ وارا ڪي ناميارا شاعر ڄڻ تارن ستارن مثل چمڪيا؛ پر خاص طرح رسالي جي شاعري ۾ خليفي صاحب پنهجي بلند حوصلي، فڪر جي انفراديت، تخليقي رنگ ۽ اسلوب بيان جي دلپذيري سان چوڏهين جي چنڊ وانگر چانڊاڻ ڪئي. خليفي صاحب جي بيتن ۾ فڪر جي بلندي سان گڏ فصاحت بلاغت ۽ موسيقي ۽ ترنم واري صلاحيت نمايان آهي.

خليفي صاحب جي رسالي ۾ اُڻٽيهه (29) سر آهن جن ۾ جملي 745 بيت ۽ 101 وايون آهن (جن ۾ پنهنجي نالي بدران پنهجي پياري ماسات ’قاسم‘ جو نالو آندائين). ڀٽائي صاحب کان پوءِ جڏهن ساڳين سرن ۽ موضوعن کي پوئين دور جي شاعرن ورجايو ته معنوي لحاظ سان گهڻي قدر ڄڻ انڊا ڀريائون. پر خليفي صاحب پنهنجي رسالي جي سرن ۾ وڏي تخليقي نُدرت پيدا ڪئي. مثلاً سر ڪلياڻ، سارنگ، مومل - راڻي، مارئي، رپ ۽ سر گهاتو جي مضمونن تي ٻين شاعرن ۽ خليفي صاحب جي چيل بيتن جي ڀيٽ سان اها حقيقت واضح طور نظر اچي ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته خليفي صاحب جي فڪر ۾ سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ وطنيت جو زوردار جذبو سمايل آهي. انهيءَ جذبي هيٺ خليفي صاحب ’سر ڪيڏاري‘۾ ’کرڙي‘ جي جنگ ۾ جيڪي سنڌ جا سورهيه افغانن جي حملي کي هٽائيندي شهيد ٿيا هئا تن کي ساهرايو ۽ سنڌ جي سرفرازي لاءِ همت ۽ حوصلو وڌايائين. خليفي صاحب کي سنڌ ۽ سنڌ جي غريب عوام سان دلي محبت هئي ۽ انهيءَ ڪري ’رسالي جي شاعري‘ ۾ به عوام سان محبت ۽ همدردي جو اظهار جيترو خليفي صاحب جي بيتن ۾ زوردار نموني سان ٿيل آهي اوترو ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ نمايان ناهي *.

غلام محمد خانزئي. غلام محمد خانزئي 1250هه ڌاري ڄائو ۽ اندازاً 32 - 1322هه (1904 - 1914ع) وارن سالن ۾ وفات ڪيائين. هن چوٽيارين جي مشهور درگاه جي استاد ميين عبدالحڪيم جي تربيت هيٺ پنهنجي تعليم جي تڪميل ڪئي. ان کان پوءِ هڪ عالم ۽ استاد جي حيثيت ۾ پڙهائڻ جو پيشو اختيار ڪيائين. سنڌي ۾ بيت، قافيون ۽ نظم فارسي ۾ غزل چيائين. شاهه عبداللطيف جي رسالي جو گهرو مطالعو ڪيائين ۽ ان کان متاثر ٿي پنهنجو رسالو جوڙيائين. جڏهن سلوڪ ۽ طريقت ڏانهن مائل ٿيو ته تصوف جي فڪر ۽ تربيت تي عملي طور سوچيائين. سنه 1302هه ۾ ’منهاج العاشقين‘ جي عنوان سان هڪ ڪتابڙو فارسي ۾ تصنيف ڪيائين جنهن جو پوءِ سنڌي ترجمو ڪيائين. ان ۾ ’شاهه جي رسالي‘ جي مختلف سرن ۽ داستانن ۾ مذڪور ڪردارن ۽ ٻين معنوي اهڃاڻن کي تصوف جي رازن رمزن ۽ مثالن ۽ تمثيلن ذريعي سمجهايائين. سندس هيءُ ڪتابڙو سنڌي ۾ سلوڪ ۽ تصوف واري فڪر ۽ فلسفي جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. پر خاص ڳالهه اها ته غلام محمد خانزئي ’رسالي جو شاعر‘ آهي ۽ سندس ’رسالو‘، جنهن ۾ 36 سر، 2590 بيت ۽ 174 وايون شامل آهن، اعليٰ سنڌي اساسي شاعري جي تاريخ ۾ آخري رسالو آهي. سنڌي اساسي شاعري جي رسالن ۾ هيءُ وڏو رسالو آهي. موضوع، مقصد توڙي معنيٰ جي لحاظ سان غلام محمد خانزئي جو رسالو ’شاهه جي رسالي‘ جو شرح ۽ تفسير آهي. خانزئي جو رسالو راقم جي تصحيح ۽ تحقيق سان، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان 1405هه/1985ع ۾ ڇپجي چڪو آهي، ۽ وڌيڪ تفصيلي مطالعي لاءِ موجود آهي.

ڪلام جي مقدار توڙي معيار جي لحاظ سان، مٿيان اٺئي ’رسالن جا ڌڻي‘ اعليٰ اساسي سنڌي شاعري جا روشن منارا آهن. انهن کان سواءِڪن ٻين جي اهڙن چيل بيتن جو ذخيرو جيتوڻيڪ مقدار ۾ ٿورو آهي پر معنوي معيار جي لحاظ سان ڪافي اوچو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان اهو به سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جو قيمتي سرمايو آهي. انهن سڀني جي تفصيلي بيان لاءِ هت جاءِ ڪانهي، مگر هن باب جي خاتمي کان اڳ مثال خاطر ڪن اهڙن عارفن ۽ فقيرن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو جن جا بيت نه صرف چڱي خاصي مقدار ۾ موجود آهن پر فڪر جي لحاظ سان پڻ انهن ۾ ڪي خاص خصوصيتون سمايل آهن.

خواجه محمد زمان لواروي. لواري جي نقشبندي طريقي جي درگاه جو باني جيڪو عقيدتمندن لاءِ ’سلطان الاولياء‘ واري اعليٰ مقام جو صاحب آهي، سو 1125هه (1713ع) ۾ ڄائو ۽ سنه 1188 هه (1775ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن ۾ ’ابيات سنڌي‘ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي (1)، جنهن ۾ جملي چوراسي (84) بيت موجود آهن. ڪلام جي انفراديت انهيءَ ۾ آهي جو اهي بيت خاص طرح تصوف جي اعليٰ فڪر ۽ فلسفي ۽ سالڪانه ڄاڻ ۽ معرفت جو آئينو آهن، ۽ معنوي لحاظ سان قاضي قدن جي بيتن سان مشابهه آهن. خواجه صاحب جي عرفان ۾، احديت ۽ معرفت جي اعليٰ مقام تي سالڪ لاءِ مهت (مسجد) ۽ مڙهي (مندر) ۾ فرق نٿو رهي. اهڙي اعليٰ فڪر ۽ عرفان ۾، انسان ذات جي وحدت جو اهڃاڻ سمايل آهي. سندس هڪ بيت جي مثالي سٽ ”جُزي جائز ناه، ڪُل ري ڪٽڻ ڏينهڙا“ مان، ’ڪُل‘ جو عرفاني فلسفو شروع ٿيو جنهن جي تشريح گرهوڙي صاحب پنهنجي فارسي رسالي ”ڪُل نما“ ۾ ڪئي (2).

فقير عبدالرحيم گرهوڙي. سنه 1152هه (1739ع) ڌاري ڄائو ۽ چاليهن ورهين جي عمر ۾ سنه 1192هه (1778ع) ۾ شهيد ٿيو. چوٽيارين جي وڏي استاد ميين مبين جي تربيت هيٺ تعليم جي تڪميل ڪيائين ۽ کيس ”ابو مبين“ ڪري سڏيائين. اهڙي طرح هو وڏي ادب، وڏي ذهن ۽ روشن دماغ وارو عالم ٿي ساماڻو. فارسي توڙي عربي ۾ کيس پوري مهارت حاصل هئي، ۽ سندس فارسي نظم ۽ عربي نثر جا معياري مثال موجود آهن. باوجود انهيءَ جي جڏهن سنڌي ۾ منظوميا ۽ بيت چيائين ته ٻهراڙيءَ واري نج سنڌي ٻوليءَ ۾ چيائين. سندس ڪمال اهو جو ڳُوڙهي فلسفي، وڏي فڪر ۽ وڏي فهم وارا اهڃاڻ به بعضي نهايت ئي سولي عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. مثلاً

اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿيا

ـــــــ

اڏوهي کي آب ڏئي جتي آب نه آ

ـــــــ

ڳڙ نه سڃاپي ڳالهيين، جان جان ڳڙ نه کاء

ـــــــ

ڪپڙ پئو ڪُٽبو جاسين ميرو آه

ـــــــ

هنر ڌاران هڏهين ڇيٽون نه ڇُرجن

ـــــــ

هيءَ ڳنڍ هٿين نه ڇُڙڻي جا ڏني پاڻ پرين.

گرهوڙي صاحب جو سڄو ڪلام غالباً سلامت نه رهيو آهي، پر باوجود ان جي، اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ وارن منظومين کان سواءِ به، رسالي جي 17 سُرن (ڪلياڻ، يمن رامڪلي، آسا، بروو، سسئي، سهڻي، مومل - راڻو، ڪاموڏ، ڪيڏارو، سارنگ، رپ، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، ڪارايل، ڌناسري)۾ سندس چيل هڪ سؤ پنجهٺ (165) بيت موجود آهن (1) جيڪي سندس اعليٰ انفرادي فڪري ۽ انوکي اثرائتي اسلوب بيان تي شاهد آهن.

ڀائي چنراءِ شڪارپوري. هو گرهوڙوي صاحب کان پوءِ ٿيو،۽ سندس چيل بيت (سلوڪ) تعداد ۾ گهڻائي جي لحاظ سان اهميت رکن ٿا. چئنراءِ جي حياتيءَ جو احوال تفصيل ياتصديق سان معلوم ناهي، پر غالباً هو 18- صدي  جي پوئين اڌ ۾ ڄائو (2) ۽ سنه 1850ع ۾ گذاري ويو. سندس جنم شڪارپور جي سيٺ گهراڻي ۾ ٿيو، گرمکي اکر سکيو، ڌرمي پستڪ پڙهيو ۽ پوءِ اباڻي ڌنڌي واپار ۾ گهڙيو. ڀائي چئنراءِ لُنڊ کي جيتوڻيڪ ’سامي‘ جي نالي سان مشهور ڪيو ويو آهي، مگر نڪو هُو سامي سنت (سوامي) هو ته نڪي وري عام سامين واري رنگ ۾ لباس ۾ هو. هو هڪ سيٺ هو، واپار ۾ مشغول رهيو ۽ سڄي عمر امرتسر ۾ اباڻي ڪوٺي هلايائين. سندس گرو ’ٻانڀڻ مينگهراج‘ هو جيڪو هڪ مَها پُرش سوامي (سامي) هو جنهن جي مت ۽ سکيا جو آخر مٿس ايترو اثر ٿيو جو هن مايا جي مستي کان مڙي پرماتما جي هستي ۾ ڌيان ڌريو. پر جئن ته هن سڄي جواني واپار ۾ سود ۽ لوڀ ۽ مايا جي موه ۾ صرف ڪئي هئي انهيءَ ڪري ڌرمي ويساه موجب مٿس ’چوراسي جنم‘ جو ڀئو چڙهيو جنهن کان ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙيائين. پوئين حياتيءَ ۾ اهو ويساه ۽ ويچار ئي سندس هِردي ۽ زبان تي ڇانيل رهيو.

ڀائي چئنراءِ جي جنم ڀومي سنڌ ، ۽ اباڻو شهر شڪارپور هو، جنهن ڪري هو سنڌ جي سالڪن درويشن جي سنڌي بيتن کان وقف هو. انهي ڪري هن پنهنجو شعر به ’سنڌي بيتن‘ ۾ چيو جن کي ڌرمي واڻي جي لحاظ سان ’سلوڪ‘ سڏيو ويو. ڀائي چئنراءِ انهن بيتن يا سلوڪن ۾ پنهنجي نالي بدران پنهنجي گروءَ جو نالو ’سامي‘ ’ٻانڀڻ‘ يا ’مينگهو‘ ڪري آندو. اهي بيت اصل ۾ سندس اکرين (؟) جدا جدا چٺين تي گرمکي ۾ لکيل هئا، ۽ چئي نٿو سگهجي ته کانئس پوءِ ڪيتري ڌيان سان انهن کي عربي - سنڌي صورتخطي ۾ آندو ويو. اهڙا جملي به هزار ست سؤ پنجاه ’شلوڪ‘ آهن پر اهو سڄو ذخيرو ڀائي چئنراءِ جو چيل ناهي: انهن ۾ اهڙا بيت به شامل آهن جيڪي روحل، لطيف، ڪرم علي، امين، بادل، کيمي، پٿو، تَنُو، لَکُو ۽ ٻين جي نالن سان آهن (1). انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي بنا نالي بيت اهڙا آهن جن ۾ ڀائي چئنراءِ واري ٻولي ۽ بيان جو رنگ ڍنگ نظر نٿو اچي.

ڀائي چئنراءِ جي ٻولي گهڻي حد تائين سنڌ جي ٻين سلڪن ۽ درويشن واري سنڌي ٻولي کان الڳ آهي، ۽ ان تي خاص طرح ڌرمي پستڪن واري سنسڪرتي زبان جو رنگ چڙهي آهي. سندس بيان ۾ زور ۽ اثر وڌي ئي تڏهن ٿو جڏهن هو سنسڪرت جا الفاظ ۽ ڌرمي اصطلاح آڻي ٿو. ڀيٽ ۾ فقير عبدالرحيم گرهوڙي يا ان کان اڳ مخدوم محمد هاشم ۽ ٻيا عربي جا وڏا عالم هئا پر جڏهن انهن سنڌي ۾ نظم چيو ته نج سنڌي الفاظ ۽ اصطلاح ڪم آندائون. ڀائي چئنراءِ جي ويچارن تي گهڻي ڀاڱي هندو مت جي ’چوراسي جنم‘ وارو اوسيڙو ڇانيل آهي. ڀٽائي صاحب اعليٰ انساني عظمت ۽ وحدت جي واڌائي ڏيندي چيو ته ”ڪانه پڇي ٿو ذات، آيا سي اگهيا“، پر ڀائي چئنراءِ وٽ اڃا چُهڙي چمار جي پچار باقي آهي. هو ’چوراسي جنم‘ کان ڇوٽڪاري خاطر پنجن ڀوتن - ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار - کان پاڻ پلڻ جي بار بار تاڪيد ڪري ٿو. انهيءَ موضوع وارو سندس ڪلام جيڪو ڪافي اثرائتو آهي سو خاص طرح هندو جاتي لاءِ نصيحت طور چيل آهي.

سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن جي برعڪس ڀائي چئنراءِ جا بيت ۽ سلوڪ نڪي سنڌ جي قصن داستانن جي عام روايت سان وابسته آهن، ته نڪي وري سنڌ جي عوامي زندگي يا سنڌ جي ماحول سان لاڳاپيل آهن. انهن جو هڪ مکيه موضوع ’ڌرمي ويساه واري سکيا‘ آهي. سندس سلوڪن جو ٻيو اهم موضوع ’ساڌ سنگت‘ آهي جنهن ۾ نصيحت وارا مضمون آندل آهن (1). سندس اهي سلوڪ سهڻن خيالن ۽ معنائن وارا آهن. ڀائي چئنراءِ جي اعليٰ فڪر انهيءَ ۾ آهي جو هو ’اَوِديا‘ (بي علمي ۽ غلط سکيا) ۽ ’مور کائي‘ کي ماڻهن ۾ گمراهي ۽ مونجهاري جي جڙ سمجهي ٿو.

نتيجا

  هن دور ۾ مادري زبان سنڌي ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيا. معياري درسي ڪتاب ’ابوالحسن جي سنڌي‘ جي عام مقبوليت سان سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي. ’سنڌيءَ‘ جي خاص نالي سان وڌيڪ درسي ڪتاب شايع ٿيا ۽ سولي سنڌيءَ ۾ ڪتابن لکڻ جو نظريو عام ٿيو.

  سنڌي درسي نصاب جو بنياد مضبوط ٿيو: نصابي نظام ۾، ديني ۽ اخلاقي تعليم ۽ تربيت ۽ عام مطالعي وڌائڻ کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي.

  مختلف موضوعن تي فارسي بدران سنڌي ۾ ڪتاب تاليف ٿيا. تفسير، حديث، فقہ، دين اسلام، ايمان ۽ عقيدي، ريت ۽ رسم بابت وضاحت، سوانح ۽ تاريخ، تصوف ۽ اخلاقي،سماجي اصلاح، طب وغيره جي موضوعن تي وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکيا ويا.

  تصنيف تاليف سان گڏ، ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ سنڌ جي عالمن نه فقط عربي ۽ فارسي مان سنڌي ۾ ڪتاب ترجمو ڪيا، پر سنڌيءَ جي اعليٰ فڪر واري مواد کي پڻ عربي ۽ فارسي ۾ آندو.

  موضوع جي علمي ڄاڻ ۽ ان سان گڏ عربي ۽ فارسي توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت سببان، هن دور ۾ سنڌ جي عالمن جو تحقيقي معيار بلند رهيو، ۽ سندن تجرباتي ۽ تحقيقي نتيجا سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيا.

  سنڌي نثر ۾ عبارتن ۽ ڪتابن لکڻ جو آغار ٿيو.

  سنڌي الفاظ ۽ صرف - نحو (گرامر) مطالعي هيٺ آيا. ٻوليءَ جي ابتدائي سکيا لاءِ دو - وايا ۽ ٽه - وايا مرتب ٿيا. سنڌي ذريعي فارسي، عربي ۽ سنڌي گرامر جو مطالعو ڪيو ويو.

  سنڌي ’الف - ب‘ جا گهڻي ۾ گهڻا حرف ساڳي هڪ ئي صورت ۾ لکجڻ لڳا، ۽ سنڌي صورتخطي وڌيڪ سالم صورت ۾ رائج ٿيڻ لڳي.

  سنڌي لغات بابت تحقيقي مواد شايع ٿيو.

سنڌي جي روايتي ادبي ذخيري ۾ ’تفصيلي‘ توڙي ’تخليقي‘ نگاهه

    کان واڌارو ٿيو.

سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جي عمارت اجي راس ٿي. سنڌي بيتن ۽ واين جا ذخيرا ’رسالي‘ جي خاص نالي سان صورت پذير ٿيا. هن دور ۾ اعليٰ فڪر وارا عارف ۽ وڏا ديده ور داناء ۽ شاعر ساماڻا جن پنهنجن سنڌي بيتن م اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جا سبق سمجهايا.


* . ’خليفي صاحب جو رسالو‘ راقم جي تحقيق ۽ تصحيح سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1966ع ۾ ڇپيو، جنهن کي وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسڻ گهرجي.

(1) . شمس العلماء ڊاڪٽر مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽيجي تصحيح ۽ تحقيق سان پهريون ڀيرو سنه 1939ع ۾ ڪراچي مان ڇپيو، ۽ ان بعد پڻ ڇپيو آهي جيڪو وڌيڪ تفصيلي مطالعي لاءِ ڏسڻ گهرجي.

(2) . هن وقت تائين مريدن ۽ معتقدن ان کي ”گل - نما“ پئي سمجهيو آهي پر صحيح نالو ”ڪُل - نما“ آهي، يعني ”ڪُل“ جي فلسفي جو رهنما.

(1) . تفصيل لاءِ ڏسو ’ڪلام گرهوڙي‘، جيڪو مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي تصحيح ۽ تحقيق سان سنه 1376هه/1956ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو.

(2) . اهو گمان صحيح نٿو ڀانئجي ته ڪو هو سنه 1743ع ۾ ڄائو.

(1) . ديوان ڪؤڙيمل چندن مل کِلڻاڻي گذريل صدي ۾، ”سامي جا سلوڪ“ چئن ڀاڱن ۾ ڇپايا جن مان ڀاڱا راقم جي سامهون آهن. ٽيون ڀاڱو سنه 1892ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ 1302 کان وٺي 2100 شلوڪ شامل آهن، ۽ ٿي سگهي ٿو ته چوٿين ڀاڱي ۾ ڪن ٻين جي نالن وارا شلوڪ به شامل هجن.

(1) . هر پڙهندڙ سلوڪ کي اهڙن جدا جدا مضمونن مطابق ورڇي سگهي ٿو - مثلاً واڌو مل مولچند سڀ کان اول ڇهن سؤن کان مٿي سلوڪ چوندي انهن کي ٻائيتاليهن مضمونن ۾ ورڇيو (”ساميءَ جا سلوڪ“، چونڊيل واڌو مل مولچند، ڪؤڙومل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد، 1946ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org