انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ تعليم بابت ڪي بنيادي فيصلا
جيتوڻيڪ 55 - 1850ع واري عرصي ۾ ٿيا، مگر سنڌ لاءِ
جدا ’تعليم کاڌو‘ 1860ع ڌاري قائم ٿيو، جنهن کان
پوءِ ئي انگريزن جي دور ۾ ڪيل فيصلا وڌيڪ اثرانداز
ٿيا. انهن اهڃاڻن جي مدنظر سنڌي ٻولي جي هن تاريخي
دور جو عرصو 1680ع کان وٺي 1860ع تائين شمار ڪري
سگهجي ٿو.
هن دور ۾ سنڌ اندر سرڪاري ۽ دفتري زبان فارسي رهي، پر بنيادي
تعليمي زبان فارسي جي بدران ڦري سنڌي ٿي. تعليمي
ذريعي طور فارسي جي ڀيٽ ۾ مادري زبان سنڌي جي
اهيمت هن کان اڳئين دور ۾ تسليم ٿيڻ شروع ٿي: هن
دور ۾ نه فقط تعليمي ذريعي طور مادري زبان سنڌي کي
فارسي تي فوقيت ملي پرمڪتبي سطح تي نصابي تنظيم جو
بنياد پڻ مادري زبان تي رکيو ويو.
شعر ۽ ادب جي ميدان ۾ فارسي جو تاريخي مقام قائم رهيو، مگر هن
دور ۾ اعليٰ سنڌي شاعري پڻ پنهنجي اوج کي پهتي ۽
خاص طرح حضرت شاهه عبداللطيف جو دلپذير ڪلام عام
توڙي خاص جي دلين تي ڇانئجي ويو. هيٺ اسان هن دور
جي انهن مکيه لارن ۽ رجحانن تي روشني وجهنداسون،
جن سان سنڌي ٻولي ۽ تعليم، تحرير، تحقيق، ۽ تصنيف
جو سلسلو وڏي پيماني تي شروع ٿيو.
1. مادري زبان ذريعي تعليمي تحريڪ جا
بنياد مضبوط ٿيڻ ۽ ان جي ڪاميابي
باب ستين هيٺ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ته 11 صدي هجري (16/17
عيسوي) کان وٺي سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن انهيءَ
تعليمي نظريي ۽ تعليمي تحريڪ جو بنياد وڌو ته
ٻارڙن کي بنيادي مڪتبي تعليمي سندن مادري زبان
سنڌي ۾ ڏني وڃي. هن تحريڪ هيٺ سنڌي ۾ پڙهڻ پڙهائڻ
جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان لاءِ منظوم صورت ۾ ڪافي
درسي مواد مهيا ڪيو ويو. هن دور ۾، نصابي تنظيم ۽
معياري درسي ڪتابن جي تصنيف سان انهيءَ بينادي
نظريي جي وڌيڪ پٺڀرائي ٿي ۽ مادري زبان سنڌي م
مڪتبي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ هر لحاظ سان ڪامياب
ٿي. ان ڪاميابيءَ جو سهرو ٺٽي جي عالم ۽ استاد
ميان ابوالحسن جي سر تي سونهي جنهن پهريون معياري
سنڌي درسي ڪتاب تصنيف ڪيو جيڪو ’سنڌي ۾ تعليم‘ جي
حوالي سان ۽ ابوالحسن جي نالي جي مناسبت سان ’ابو
الحسن جي سنڌي‘ سڏيو ويو، ۽ جنهن جي عام مقبوليت
سان سنڌي ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ ڪامياب
ٿي.
(الف) معياري درسي ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“
ميان ابوالحسن ٺٽي جي آخوندن استادن مان هو پر وقت جي هن وڏي
سڄاڻ جي سوانح بابت تفصيلي حوالا موجود نه آهن.
ڪتاب جي آخر ۾ هن پنهنجو سڄو نالو ’ابوالحسن‘ توڙي
عام ننڍو نالو ’ابول‘ يعني ’اَبُل‘، ۽ پنهنجي والد
جو نالو ’عبدالعزيز‘ لکيو آهي. سندس ڀاڻيجو ميان
عبدالله واعظ عرف ميان موريو 1000-- 1150 هه واري
عرصي ۾ زنده هو. مخدوم محمد قائم جنهن غالباً ميان
ابوالحسن کان مڪتبي تعليم ورتي تنهن سنه 1080 -
1100 هه واري عرصي ۾ حال حيات هو. تحفة الڪرام ۾
ڄاڻايل آهي ته ميان ابوالحسن پيري ۾ ڏنگڙي پٺي ڪري
هلندو هو جنهن جي معنيٰ ته وڏي عمر جو هو. انهن
اهڃاڻن جي مدنظر، ميان ابوالحسن اندازاً 1010 هه
ڌاري ڄائو ۽ جيڪڏهن وفات وقت سندس عمر پنجاسي سال
کن هئي ته پوءِ هن سنه 1105 هه ڌاري وفات ڪئي.
مٿين اهڃاڻن مطابق ميان ابوالحسن 11- صدي هجري جي پوئين اڌ واري
عرصي جو وڏو عالم ۽ استاد هو. ان وقت هو ٺٽي ۾
سنڌي ذريعي بنيادي تعليمي تحريڪ جو اڳواڻ هو، جنهن
جي شروعات اڳ ٿي چڪي هئي. ان سلسلي ۾ هن نماز جي
موضوعن تي سنڌي ۾ هڪ خاص ڪتاب تصنيف ڪيو. اڳ هن
موضوع تي عربي يا فارسي ۾ ڪتاب پڙهايا ويندا هئا.
سنه 1061هه ۾ فتح محمد نالي هڪ برک سنڌي عالم جيڪو
پاڻ هندوستان جي شهر برهانپور جو رهاڪو هو، پر
جنهن جا وڏا سنڌ جي شهر ’پاٽ‘ (موجوده ضلعي دادو)
جا هئا، تنهن فارسي ۾ ’مفتاح الصلواة‘ (نماز جي
ڪنجي) نالي ڪتاب لکيو جيڪو مشهور ٿيو ۽ مڪتبن
مدرسن ۾ پڙهايو ويو. غالباً ان بعد، ميان ابوالحسن
”مقدمة الصلواة سنڌي“ (نماز جو مهاڳ: سنڌي) جي
نالي سان پنهنجو ڪتاب ’سنڌي‘! ۾ تصنيف ڪيو. جيڪڏهن
ميان ابوالحسن وڏي عمر ۾ سنه 1105 هه ڌاري لکيو
هوندائين ۽ ان جي لکجڻ سان ’سنڌي‘ ذريعي تعليم ڏيڻ
واري تحريڪ جو هڪ نئون درو شروع ٿيو ڇاڪاڻ جو هن
سڄاڻ عالم اهو ڪتاب خاص طرح پڙهندڙ شاگردن جي
تعليمي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ درسي ۽ نصابي ڪتاب
طور لکيو
(1).
ڪتاب جي خاتمي تي مصنف پنهنجي هڪ ڪتاب لکڻ جو مقصد
هن طرح ڄاڻايو آهي ته:
اَبولَ، عبدِ العزيزَ پُٽَر پَڇِي پڙِهنِ کا
هي مسئلا نمازَ جا، سارئا سنڌِي واءَ
ته مانَ مومِنَ تَني کي سيکي سَچَ منجها
هن ڪميڻي کي ڪَنِ ڪا، ڪارَڻَ ڌڻِيَ دُعا......
اِلاهِي ابو الحَسَنَ مَڱي تو مُلا
موليٰ مهربانَ ڌڻي سائين سٻاجها!
طَلَبَ ڏي تَوفِيقَ سين، مومنين مِيان
ته پڙهِي پاڙهينِ سَڀِ هِي مِڙَ ئِي مَسئَلا
ڪارَڻ طَلَبَ طالبين رسالو لکيوم
”مُقَدِّ مَة الصلواةِ سينڌي“ نالو تِنہ رکئوم.
ڪتاب جي خاتمي تي مصنف پنهنجي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد هن طرح
ڄاڻايو آهي ته: (الف) هن نماز جا مسئلا عربي يا
فارسي بدران سنڌي ٻولي (سنڌي واءِ) ۾ ساري لکيا
آهن؛ (ب) انهيءَ لاءِ ته سڀ ان کي چاهه ۽ توفيق
سان ڪتاب پڙهن ۽ ٻين کي پاڙهين؛ (ج) هن هي رسالو
(ڪتاب) خاص طرح شاگردن جي تقاضا (طلب طالبن) تي
لکيو آهي؛ ۽ (د) جو نالو ”مقدمة الصولاة سنڌي“
(’نماز جو مهاڳ سنڌي‘) رکيو آهي.
ڪتاب جو نالو. مٿين آخري سٽ مان صاف ظاهر آهي ته هن ڪتاب جو
نالو ”مُقدمة اُلصّلواة“ رکيو، يعني ’نماز جو
مهاڳ، سنڌي ۾ لکيل’. اهو نالو پوءِ ’ابو الحسن جي
سنڌي‘ جي سَوَلي عام فهم سان مشهور ٿي ويو. ان
نالي جو مقصد ۽ مطلب اهو هو ته: هيءُ مصنف
ابوالحسن جو تيار ڪيل نصابي يا درسي ڪتاب هو جيڪو
عربي يا فارسي بدران ’سنڌي‘ ۾ آهي. ڪتاب جو اصل
نالي ”مقدمہ الصلواة سنڌي“ جي معنيٰ به اهائي آهي
ته هيءُ ’مقدمة الصلواة‘ يعني نماز جو مهاڳ آهي پر
اهو ’سنڌي‘ ۾ آهي: يعني عربي يا فارسي بدران هي
’سنڌي‘ ”مقدمة الصلواة“ آهي
(1).
ڪڏهن کان وٺي هن ڪتاب کي ”مقدمة الصلواة سنڌي“ جي بدران ”ابو
الحسن جي سنڌي“ سڏيو ويو سو معلوم ناهي، مگر مصنف
جي نالي سان گڏ ڪتاب جو اهو عام سولو نالو ان دور
جي انهيءَ چاهه ۽ ذوق جو نتيجو هو ته علمي ۽
تعليمي سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه هجي، سو ’سَوَلي سنڌي‘ ۾
ئي هجي. بهرحال جيئن وقت گذريو تيئن هي ڪتاب
”ابوالحسن جي سنڌي“ جي عام فهم نالي سان ئي مشهور
ٿي ويو.
ڪتاب جي درسي حيثيت. سنڌي ۾ هن درسي ڪتاب تصنيف ڪرڻ بعد سڀ کان
اول مخدوم ابوالحسن پاڻ پنهنجي درسگاهه ۾ هن ڪتاب
کي پڙهائڻ شروع ڪيو. ان وقت کان وٺي هي درسي ڪتاب
ايترو ته مقبول پيو، جو نه فقط وڏن عالمن ۽ استادن
جي وچ ۾ ان جي موضوع ۽ مضمون بابت تحقيقي بحث
مباحثو ٿيو، پر مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ويندي ايندڙ اڍائي
سؤ سالن تائين، يعني اندازً 1090 هه (1680ع) کان
وٺي ويندي 1350 هه (1930ع) تائين وڏي چاهه سان
درسي ڪتاب طور پڙهيو ۽ پڙهايو ويو. سال 1920ع ۾ هن
ڪتاب جو جيڪو ڇاپو حيدرآباد مان شايع ٿيو، تنهن جي
ديباچي مان ظاهر آهي ته ان وقت جي تعليمي نصاب ۾
پڻ هي هڪ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو
(1).
ابو الحسن جو سنڌي ۾ لکيل [’مقدمة الصلواة‘ (نماز جو مهاڳ)]
درسي ڪتاب طور ايڏي وڏي اهيمت وارو ثابت ٿيو جو
مقبول مخدوم محمد هاشم جي نماز جي مسئلن بابت اهو
”دستورالعمل“ بنجي چڪو هو. انهي عام مقبوليت جي مد
نظر ان دور جي وڏن عالمن مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم
محمد قائم ان ڪتاب ئي علمي بحث شروع ڪيو جنهن جي
ذريعي هن درسي ڪتاب جي صحت ۽ اهميت جي وڌيڪ تصديق
ٿي، اهو متفقه طور تي درسگاهن ۾ پڙهايو ويو، ۽
مادري زبان سنڌي ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري
تحريڪ مضبوط ٿي.
(ب) شاهه لطف الله قادريءَ جو رسالو
تعليمي درسگاهن کان ٻاهر پڻ هن دور جي عالمن ۾ اهو احساس وڌيو
ته اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ وارا علمي موضوع ڪوشش ڪري
فارسي بدران سنڌي ۾ بيان ڪجن ته جيئن اهي سولائي
سان سمجهائي سگهجن. سڀ کان اول هن دور جي وڏي صوفي
سالڪ شيخ المشائخ شاهه لطف الله قادري، 11084 -
1100هه وارن سالن ۾، توحيد ۽ رسالت جهڙي وڏي معنيٰ
واري موضوع کي تصوف ۽ طريقت ذريعي سنڌي ۾ سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪئي ۽ ان لاءِ سنڌي بيتن ۾ ’رسالو‘ تصنيف
ڪيو. هيءُ رسالو اعليٰ سنڌي شاعري جي تاريخ جي
لحاظ سان پڻ هڪ شاهڪار هو، پر هت اهو ڄاڻائڻ ضروري
آهي ته ان وقت ان جو تصنيف ٿيڻ سنڌي ۾ تعليمي
تحريڪ جي عام مقبوليت ۽ ڪاميابي جو هڪ روشن مثال
هو. شاهه لطف الله اهو رسالو هڪ خاص ارادي، ذوق ۽
ڪوڏ سان منظوم ڪيو جنهن جو ذڪر هيٺينءَ طرح ڪيائين
ته:
ڪوڏان ڪئو رسالو ايءَ فقير جوڙي بيتن
ته هوءَ سنڌيءَ وائيءَ سهکو ٻجهڻ اٻوجهن
پاهنجيءَ ٻوليءَ ڪري سگهائي اي سکن
لطف الله چئي لئي پيو ورسکن ۽ پڙهن.
يعني ته هن وڏي چاه سان هيءُ رسالو خاص طرح ’سنڌي وائي’ (سنڌي
زبان) ۾ جوڙيو انهي لاءِ ته پڙهندڙ پنهنجي ٻولي
(سنڌيءَ) ۾ آندل موضوع کي سگهو ۽ سولائيءَ سان
سمجهي سگهن. بيشڪ شاهه لطف الله جي پنهنجي عالمانه
لياقت ۽ عارفانه بصيرت اعليٰ پايي جي هئي جو اهڙي
علمي موضوع کي سولو ڪري سمجهايائين پر ان سان گڏ
اها به هڪ حقيقت هئي ته ان وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ
بيان جي وڏي وسعت پيدا ٿي چڪي هئي جو شاهه لطف
الله وحت ۽ ڪثرت جي حقيقت کي تصوف جي روشني ۾ عام
فهم سنڌي بيتن ذريعي سهڻن اصطلاحن ۽ تمثيلن سان
سهڻو سمجهايو(1).
اعليٰ درسي ڪتاب طور لکيل ”ابوالحسن جي سنڌي“ ۽ سلوڪ ۽ طريقت
جهڙي علمي موضوع تي تصنيف ٿيل شاهه لطف الله قادري
جو ’رسالو‘، جيڪي ٻئي هن دور جا پهريان معياري
ڪتاب آهن تن مان ظاهر آهي ته پنهنجي مادري ٻولي ۾
تعليم ۽ تربيت ڏيڻ واري اڳ هلندڙ تحريڪ هن دور ۾
اهڙي ڪاميابي واري منزل تي پهتي جو درسگاهن جي وڏن
استادن توڙي ٻاهر ٻين عالمن ۽ محققن بنيادي تعليم
۽ تربيت کي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪرڻ طرف پورو توجهه
ڏنو، انهيءَ لاءِ ته جئن شاگرد توڙي يا پنهنجي
ٻوليءَ ذريعي سگهو سکن، سولو سکن ۽ وڏي چاه سان
سکن.
(ج) ”سنڌي“ جي خاص نالي سان وڌيڪ درسي ڪتابن جو شايع ٿيڻ
ڪتاب ’ابوالحسن جي سنڌي‘ کان پوءِ ٻين مشهور عالمن ۽ استادن
سنڌي ۾ درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا جيڪي ’ابوالحسن جي
سنڌي‘ جي عام فهم نالي وانگر، جدا جدا مصنفن جي
نالي سان ’سنڌي‘ سڏيا ويا. انهن ڪتابن جي مصنفن جو
مکيه مقصد درسي ۽ تعليمي هو، يعني ته جيئن نوان
پڙهندڙ پنهنجي مادري زبان سنڌي ذريعي وڌيڪ چاهه
سان تعليم حاصل ڪن، ۽ ڏکيا مسئلا ۽ موضوع به سگهو
۽ سولائي سان سمجهي سگهن. ”ابوالحسن جي سنڌي“ جي
نالي پويان پوءِ سنڌي درسي ڪتابن جو اصطلاحي نالو
ئي ’سنڌي‘ پئجي ويو. مثلاً هيٺيان ڪتاب پوءِ جدا
جدا درسگاهن ۾ جدا جدا وقتن تي پڙهيا ۽ پڙهايا
ويا، ۽ اهي ’سنڌي‘ سڏيا ويا
(1):
مخدوم ضياء الدين جي سنڌي. مخدوم ضياء الدين (1091 - 1171هه)،
مخدوم ابوالحسن جو ننڍو همعصر هو ۽ ساڳئي شهر ٺٽي
جو نامور عالم هو. هن هي درستي ڪتاب لکيو، جنهن جو
موضوع ساڳيو ’ابوالحسن جي سنڌي‘ وارو هو، پر
پاڪائي ۽ نماز سان گڏ ٻيا مسئلا به آندا ويا ۽
نئين نوع ۾ بيان ڪيا ويا. مثلاً جمعي نماز يا اڳين
نماز جي وقت معلوم ڪرڻ لاءِ پاڇي لڙڻ کي ٻارهن
مهينن مان هر مهيني جي حساب سان سمجهايو ويو. ڪتاب
جو خاص مقصد تعليمي هو: يعني ته جيئن سنڌي ۾ سڀڪو
وڏي چاهه سان ديني مسئلا پڙهي ۽ سمجهي سگهي:
مسئلا جي دين جا، سي گهڻا گهاٽا
سڀني ڪتابن ۾ عالمن لکيا ۽ چيا
تنهن منجهان ڪيترا مون سنڌي ۾ لکيا
ته سنڌي سگهي سڀڪو مانَ پڙهي پرت منجها.
هي ڪتاب مطبع فتح الڪريم ببمئي مان سنه 1290هه ۾ ڇپيو.
مطلوب المؤمنين سنڌي. مخدوم محمد هاشم جي شاگرد ۽ عالم
عبدالخالق ٺٽوي سنه 1157 هه (1744ع) ۾ هي ڪتاب
اسلامي احڪامن بابت، خاص طرح طالبن (شاگردن) جي
ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ تصنيف ڪيو. انهيءَ جو مواد
اصل مصنف طبراني جي عربي ڪتاب ’الطريقة المحمديہ‘
تان کنيائين ۽ سنڌي ۾ آندائين ته جيئن شاگرد سولي
سنڌي ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهن:
اڪثر هن سنڌي ۾ جيڪي درج ٿيو
سو طريقة المحمدي ڪنان ميڙي مون لکيو...
ڪارڻ طلب طالبين هي رسالو لکيوم
’مطلوب المؤمنين سنڌي‘ نالو تنهن رکيوم
سنڌي وائي سهکي سڀيئي پروڙين
عاصي عبداخالق کي دعا مانَ ڪرينِ.
جئن شروع ۾ ڄاڻايل آهي: هيءُ ڪتاب خاص طور تي شاگردن جي ضرورت
پوري ڪرڻ لاءِ (”ڪارڻ طلب طالبين“) لکيو ويو: يعني
ته علمي سکيا لاءِ چڻ هي درسي ڪتاب طور لکيو ويو:
يعني ته علمي سکيا لاءِ پڻ هي درسي ڪتاب طور لکيو
ويو. ڪتاب جي آخر ۾ ڄاڻايل آهي ته مقصد علم سيکارڻ
آهي.
’ڪر قبول ڪريم تون هن گولي جي گفتار
مرهين مڙني مومنين جي علم ڪن پچار‘
هي ڪتاب ڇاپخاني محمدي، بمبئي مان سنه 1287هه (1870ع) ۾ ٻيو
دفعو ڇپيو.
مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌي
(1).
مخدوم محمد ابراهيم هالن پراڻن جي ڀَٽِي بزرگن جي
گهراڻي مان هو. سنه 1102هه (1690ع) ۾ ڄائو هو.
پنهنجي دور جي مشهور عالم مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جو
ڀاءُ هو. هن مخدوم ابوالحسن جي سنڌي کان متاثر ٿي
هي سنڌي ڪتاب تعليم جي مقصد سان تصنيف ڪيو ۽ ان ۾
نماز ۽ وضو جا ٽي سؤ پنجاه مختلف مسئلا
سمجهايائين. ميان ابراهيم ڪن مسئلن کي بالڪل مخدوم
ابوالحسن واري ساڳي راءِ موجب بيان ڪيو، ۽ ڪي
ساڳيا الفاظ بلڪ ساڳيون سٽون مخدوم ابوالحسن
واريون آندائين. هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم جي
”اصلاح مقدمة الصلواة“ کان اڳ تصنيف ڪيائين. جو ان
۾ اهي ساڳيون مخدوم ابوالحسن واريون سمجهاڻيون
موجود آهن. ڪن کي پوءِ مخدوم هاشم درست ڪيو. هي
ڪتاب هالن ۽ ان طرف جي ٻين درسگاهن ۾ پڙهايو ويو.
هي ڪتاب پهريون دفعو غالباً جمناداس ڀڳوانداس تاجر
ڪتب، بمبئي جي علوي پريس مان 1325هه (1909ع) ۾ يا
ان کان اڳ ڇاپائي پڌرو ڪيو.
سنڌي عبدالرحيم جي. عبدالرحيم نالي عالم
(1)
جو ڪن چونڊ فقهي مسئلن بابت سنڌي ڪتاب جيڪو هن سنه
1177هه (1763ع) ۾ منظوم ڪيو. آخر ۾ سندس هن ’سنڌي‘
جو نالو ”مَايَنۡبَغِي للحَمائل مِن مَعۡدُود
المسائل“ ڪري ڄاڻايو اٿس:
جيڪو ڪري ڪنہ وير ۾ نظر ’سنڌيَ‘ کا
ته مر دعا خير جي پني ڏونہ موليٰ
منجهه حق عبدالرحيم جي جو جامع هن ’سنڌيا‘
۽ منجهه حق اولاد تنهنجي ته ٿين صالحن گها
جيڪو پڇي ڪنہ وير ۾ نالي ’سنڌيَ‘ کا
”مايَنۡبَغي لَلحمائل مِن معدود المسائل“ آهي نالي سا
۽ جيڪو پڇي تاريخ کان ته چئج تَهين کا:
ستن اڳري ستر هئي يارهن سُوءَنِ مٿا
اَساس الفرائض سنڌي. هي ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي سنه 1193هه
(1778ع) کان اڳ
(1)
فوتي جي ورثي ۽ تَرڪي کي سندس وارثن ۾ شرعي حڪمن
مطابق ورهائڻ جي سکيا ۽ تعليم بابت لکيو، ۽ عام
طرح ’گرهوڙي صاحب جي سنڌي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو
ڪتاب جي تصنيف ڪرڻ جو مقصد تعليمي هو، جنهن کي
ڪتاب جي آخر ۾ مصنف هيٺينءَ طرح بيان ڪيو آهي:
پُنو بيان تَرڪي جو ضروري قدرا
جي هي پڙهي پروڙئين، ته ٻئو پڻ پڌرو ناه
’اَساس الفرائض‘ سنڌيَ جو نالو نِهَرَ ڪِجاه.
يعني ته هن ’سنڌي‘ جو نالو ’اساس الفرائض‘ آهي، جيڪو ورثي جي
حصن ۽ حساب بابت هڪ مختصر مگر بنيادي مهاڳ آهي،
جنهن جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان باقي وڌيڪ باب خود بخود
صاف ۽ پڌرا ٿي سمجهه ۾ اچي ويندا. گرهوڙي صاحب ٻين
مکيه موضوعن جهڙوڪ ايمان، توحيد، رسالت وغيره کي
پڻ منظوم سنڌي ۾ سمجهايو، ۽ سندس اهي نظم پڻ پوءِ
’اساس الفرائض‘ سان گڏ ’گرهوڙي صاحب جي سنڌي‘ ۾
شامل ٿي ويا. سنه 1336هه (1918ع) ۾ هي رسالو،
مخدوم عبدالله جي ’سڱ نامي‘ ۽ ٻين چئن ڪتابن سان
گڏ مطبع ڪريمي بمبئي مان ڇپيو.
سنڌي احمد جي. هن آڳاٽي لکيل ڪتاب جو هڪ ناقص قلمي نسخو موجود
آهي
(2)
جنهن جو خاتمو هن طرح ٿئي ٿو:
جيڪو ڏسي هن سنڌيَ ۾ ڪا غلط ڪِ سهوا
سا واري سنئين ڪن موجب ڪتابا
موٽي مَ ڪن هن اَڪاڄ جي وري ڪا گلا
ڪچن جون ڪچاڻيون ڪن سَيُون صالحا
جي واڙ لائق جن جا، سي ٿين تن هٿا
مون کي ناهه مجال قدرت ڪا پانهنجي پارا
آهيان عاجز نِڪڻين، منجهه گتو گناها
ساريان ڪونه سرير ۾ اجر ڪو عملا
پُڻ نصيبُ ڪرين لقاء پنهنجو قادرَ ڪريما
۽ پاڙو ڏئيم پيغمبر سين قيامت ڏينها
۽ ساڻ اهل بيت اصحاب ان جي ڏيين قرارا
هِتي هُتي سلامت رکين ساڻ ايمانا
احمد جهڙي اڄاڻ تي ڪا مهر ڪر موليٰ
عالم جمعي گراڻي جي سنڌي. عالم جمعي گراڻي جي ’سنڌي‘ جو قلمي
نسخو جيڪو سنه 1196هه (1782ع) کان غالباً ڪافي اڳ
جو لکيل آهي سو ’برٽش ميوزيم‘ ۾ موجود آهي. موضوع
نبي صلعم جو معراجنامو آهي.
عبدالحميد جي سنڌي. هن ڪتاب جو قلمي نسخو، ’مخدوم ابوالحسن جي
سنڌي‘ جي قلمي نسخي جي پويان ساڳئي جلد ۾ موجود
آهي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
دائري وارن جي سنڌي
*.
سيد علي محمد شاه هي ڪتاب 1270- 1277 هه (1853 -
1860ع) وارن ستن سالن ۾ سنڌي ۾ تصنيف ڪيو. ڪتاب جو
علمي نالو ’مصلح المفتاح‘ (المفتاح‘ ڪتاب جو
سنواريندڙ) آهي، مگر اهو ”دائري وارن جي سنڌي“ جي
نالي سان مشهور ٿي ويو. هي نماز بابت هڪ تفصيلي
توڙي جامح ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ سيد علي محمد شاهه
پنهنجي ڪتاب جو بنياد اصولي طور مخدوم فتح محمد
سنڌي جي فارسي ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ (تصنيف سنه
1061هه) تي رکيو، پر پنهنجي وسيع معلومات، فقهي
بصارت ۽ منصفانه علمي تنقيد سان پنهنجي ڪتاب کي
تحقايق جي لحاظ سان هڪ مستقل علمي ڪارنامو بنائي
ڇڏيائين. هي ڪتاب ’درسي ڪتاب‘ طور چوٽيارين جي
اعليٰ درسگاه ۽ ٻين درسگاهن ۾ پڙهايو ويو.
مٿين ڪتابن کي جدا جدا وقتن تي ’درسي ڪتابن‘ واري حيثيت رهي.
انهن کان سواءِ ڪي ٻيا ڪتاب پڻ عربي يا فارسي جي
بدران سنڌي ۾ لکيا ويا يا ترجمو ڪيا ويا. انهيءَ
ڪري اهي به ’سنڌي‘ ڪري سڏيا ويا. جيئن ته ’بناء
الاسلام سنڌي‘، ’فرائض الاسلام سنڌي‘، ’روضة
الشهداء سنڌي‘ وغيره. مصنف احمد سنه 1172هه ۾
امامن سڳورن جي شهادت بابت ڪتاب ’روضة الشهدا‘
فارسي مان سنڌي ۾ آندو ۽ انهيءَ ڪري ان کي ’سنڌي‘
سڏيائين:
”جيڪو پسي هن سنڌي ۾ غلط ڪِ سَهو ڪا
ته سا واري سنئين ڪري موجب ڪتابنئا“
سيد هارون قرآن ۽ حديث مان اسلامي عقائد ۽ اخلاق بابت ’ٽيهه
اکري جي سٽاء‘ ۾ نظم جوڙيو، جنهن کي پوءِ ’سيد
هارون جي سنڌي‘ سڏيو ويو (هيءُ نظم قلمي صورت ۾
برٽش ميوزيم ۾ موجود آهي). نظم جي شروعات هن طرح
ته:
الف اڳئين پنڌ جو ساٿي ڪر سماء
جيءَ منجهارا جوڙ تون پرين ساڻ پساه
آخر ۾ پنهنجي هن ’سنڌي‘ (تصنيف) بابت چيو اٿس ته:
موليٰ مرهين مومنن کي سين حرمت حضرتا
خاصوئي سيد هارون کي جنهن سڌي ڪي صفتا
ڪڍي معنيٰ قرآن ۽ حديث جي آڇئائين اکرا
آهين اُوء ايمان سين جي ڪلمو چون مُها
(د) سولي سنڌي ۾ ڪتابن لکڻ جي نظريي جو عام ٿيڻ
ابو الحسن جي ”مقدمة الصلواة سنڌي“ ۽ ان کان پوءِ وارا درسي
ڪتاب توڙي ٻيا عام ڪتاب جيڪي هن نئين تحريڪ جي اثر
هيٺ لکيا ويا، تن جي مصنفن جو مکيه مقصد اهو ئي هو
ته مادري زبان سنڌي ذريعي تعليم کي آسان ۽ عام ڪيو
وڃي. هيٺين ڪتابن ۾ سندن اهڙا اظهار انهيءَ علمي ۽
تعليمي جذبي ۽ مقصد جي تصديق ڪن ٿا.
مخدوم محمد هاشم سنه 1125هه (1713ع)
۾ روزن جي مسئلن کي عربي ڪتابن مان چونڊي سنڌي
ٻوليءَ ۾، ۽ سولي سنڌي عبارت ۾، پنهنجي ڪتاب
’زادالفقير‘ ۾ سمجهايو:
مسئلا روزن جا آهن گهڻا اپار
جي ڪجي هيڪاندو تن کي ته ٿين هوند هزار
تنين منجهان ڪي ڪيترا مسئلا کيام
ساري سنڌي وائي ۾ لکي لڳ ڪيام.
ـــــــــــــــــــــــــــــ
عربي اَڄاڻن کي گهڻي ڏُهلي هوءِ
سنڌي ڪيم سهکي، جان سيکي سڀڪو.
ان بعد سنه 1130هه (1718ع) ۾ مخدوم محمد هاشم شڪار ۽ ذبع جي
مسئلن کي عربي ڪتابن مان ڪڍي، آسان سنڌي ۾ پنهنجي
ڪتاب ”راحة المؤمنين سنڌي“ ۾ آندو، ڇو جو:
عربي آهي اهکي اٻوجهن اپار
نڪا پروڙ پارسي جي ناموزون نبار
پوءِ نه اڄاڻن کي ڪا سنڌي ڌارا سار
تڏ سنڌي ڪِيَم سَهُکِي سُهَلِي ڪڍي عربيا.
مخدوم محمد هاشم، ’تفسير هاشمي‘ يعني تفسير پاره عمر جو تفسير
سولي سنڌي ۾ ڪيو ته جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي:
تڏهن سنڌي ڪِيَم سُهلي ڪڍي عربيا
ته مانَ پروڙين معنيٰ تنهن جي مومن مرهاتا.
مخدوم محمد هاشم پنهنجي ڪتاب ”بناء الاسلام سنڌي“ ۾ پڻ ساڳيو
مقصد بيان ڪري ٿو:
”سنڌي ڪيم سُهلي ڪڍي ڪارڻ تن“
علي اڪبر نالي عالم سنه 1162ه (1749ع) ۾، زڪواة جا مسئلا پنهنجي
سنڌي ڪتاب (حِصَصُ الاموال) وڏي محنت ۽ اخلاص سان
سنڌي ۾ تصنيف ڪيو.
مگر قدر موجب پانهنجي ڪوشش ڪيم ڪا
ڪو قدر حديثن حبيب صلعم جو ڪڍي ڪتابنئا
جوڙي اٿم جمع ڪيو ڪارڻ نصيحتا
سنڌي ڪيم تنهن جي خالص لڳ خدا.
مولوي محمد حسين 1177هه (1764ع) ۾ اصل فارسي ڪتاب ’قصص
الانبياء‘ کي ’سير بستان‘ جي نالي سان سنڌي ۾
آندو:
ته لکي ڪريان پڌرا قصا نبين جا
سنڌي وائي سُهکا سي ڪريان بيانا.
سنه 1243هه ۾ حامد پٽ حسن جي ”قوت العاشقين يا عشقيہ“ ڪتاب عشق
۽ ولين جي نقلن بابت سنڌي ۾ تاليف ڪيو. اصل ڪتاب
شيخ عحمان انصاري جو هو. مؤلف حامد جي مرشد
(خليفي محمود؟) کيس چيو ته: ”اصل ڪتاب فارسي ۾
آهي“
پر آهيس عبارت اَهُکي ۽ مغلق مضمونا
جي ٿئي سنڌي تنهين جي ته عام ٿئي نغما“
پوءِ انهيءَ ترغيب سببان هن هڪ ڪتاب فارسيءَ مان سوليءَ سنڌي ۾
ترجمو ڪيو.
رِبح الفقراء (= درويش جو نغمو) جي نالي سان مخدوم احمد عربي
ڪتاب ”مقصود القاصدين“ کي سنڌيءَ ۾ آندو انهيءَ
لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ سان سنڌ وارا ان مان
فائدو حاصل ڪري سگهن:
پئو هن عاصيءَ کي دل ۾ خيالا
ته ڪريان نسخو ڪو سنڌيءَ ۾ ڪارڻ مومنا
مانَ پسن، پڙهن، ڪن عمل سي خالص لاءِ خدا.
هي قلمي ڪتاب، هڪ ’اداري سنڌيات‘ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي.
محمد مقيم ڪنهن فارسي ڪتاب تان ’تفسير خواب‘ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو
انهيءَ لاءِ ته سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي:
هِنۡيِڙي ۾ محمد مقيم ۾ اچي ايَ پيئي
ته تعبير جو خواب جو سو آهي پارسي
سو سنڌيَ وائيَ لکجي ته سڀن ٿيي سهکائي.
سنڌي عالمن ۽ فاضلن جي هن صحيح علمي جذبي ۽ تعليمي خدمت سان هن
دور ۾ نه فقط سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا بنياد پختا
ٿيا پر پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتاب تصنيف
ڪرڻ واري تحريڪ جئن پوءِ تئن وڌي ۽ وڌيڪ ڪامياب
ٿي.
2- ”سنڌي درسي نصاب“ جو بنياد مضبوط ٿيڻ
سنڌي ۾ مڪتبي تعليم جي شروعات 10- صدي هجري (16- صدي عيسوي) جي
آخر کان ٿي ۽ 11- صدي ۾ ان ۾ وڏو واڌارو ٿيو ۽ ان
سان گڏ ’سنڌي تعليمي نصاب‘ جو سلسلو پڻ شروع ٿيو.
چئي نٿو سگهجي ته ان ابتدائي مرحلي تي ’نصابي
نظام‘ جي صورت ڪهڙي هئي، پر جئن ته ’ديني تعليم ۽
تربيت‘ کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي انهيءَ ڪري ان
سلسلي ۾ مختلف موضوعن تي درسي ڪتاب لکيا ۽ پڙهايا
ويا. مٿي باب ستين هيٺ بيان ٿي چڪو آهي، ته ان دور
۾ اوڻيتاليهن مختلف موضوعن تي جيڪي منظوميا دستياب
ٿيا آهن تن مان پنجٽيهه خاص تعليمي سلسلي جا آهن ۽
باقي عام مطالعي وڌائڻ وارن موضوعن تي آهن. ان مان
اهو نتيجو نڪري ٿو ته مادري زبان سنڌي ذريعي
تعليمي نصاب جا مکيه مقصد ٽري هئا: اسلامي شريعت
بابت ديني تعليم ڏيڻ، اخلاقي تعليم ڏيڻ، ۽ عام
مطالعو وڌائڻ. يارهين صدي ۾ انهيءَ نصاب جا بنياد
وڌيڪ مضبوط ٿيا.
يارهين صدي ۾ پهرئين نصابي مرحلي تي، اسلامي شريعت ۽ ديني تعليم
بابت ”چار علم“ ۽ ”ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون“ جي
عنوان سان ٻه درسي منظوميا مُلا عثمان تصنيف ڪيا
جيڪو ان وقجو وڏو عالم ۽ استاد ۽ پڻ غالباً سنڌي
ذريعي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جو اڳواڻ هو. اهي
ايترو ته مقبول پيا جو يارهين صدي جي آخر ۾ ٻئي
نصابي دور ۾ به شامل ڪيا ويا. هن ٻئي دور جي سنڌي
نصاب ۾ ”ابوالحسن جي سنڌي“ (مقدمة الصلواة) کي
مرڪزي درسي ڪتاب واري حيثيت حاصل رهي، پر ان سان
گڏ مُلا عثمان جي ’چار علم‘ يا ’چؤ علمي‘ ۽
’ساڍيون ڇهه ويهون فرضن‘ کي به شامل ڪيو ويو.
انهيءَ ڪري ايندڙ دور جي گهڻن قلمي توڙي ڇاپي
مجموعن ۾ ’ابوالحسن جي سنڌي‘ جي پويان ’چؤ علمي‘ ۽
’ساڍيون ڇهه ويهون فرضن‘ جا منظوميا پڻ شامل آهن
(1)
پنهنجن انهن ٻن منظومين ۾ مصنف مُلا عثمان ڪافي
وڏي معلومات کي نهايت ئي مختصر ۽ عام فهم سنڌي ۾
سوَلو ڪري سمجهايو آهي. سنڌي ۾ بنيادي ديني تربيت
لاءِ ’ابو الحسن جي سنڌي‘ (مقدمة الصلواة) ۽ ملا
عثمان جي ’چؤ علمي‘ ٻئي معياري ڪتاب آهن:
’ابوالحسن جي سنڌي‘، فقہ جي لحاظ سان، مڙني مکيه
موضوعن بابت هڪ عالمانه ۽ جامع درسي ڪتاب آهي. ٻئي
طرف سنڌي ٻولي ذريعي ٿورن لفظن ۾ ڪيترو گهڻو
سمجهائي سگهجي ٿو ان جو معجزي جهڙو مثال مُلا
عثمان جي ’چؤ علمي‘ آهي
(2).
اسلامي ارڪانن ۽ شريعت جي احڪامن سيکارڻ کان سواءِ علمي ڄاڻ۾
وڌائڻ، اخلاقي تربيت ڏيڻ ۽ معلومات خاطر سوانح،
حڪايتن ۽ قصن وغيره موضوعن وارا ڪتاب نصاب ۾ شامل
ڪيا ويا. ان ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ اهڙا
گهڻا ڪتاب ۽ رسالا لکيا ويا جن جو ذڪر هيٺ ايندو.
نتيجي طور، گذريل دور ۾ سنڌي ۾ تعليمي تحريڪ جي
شروعات کان پوءِ ڏيڍ سؤسالن اندر، 12- صدي هجري
(18- صدي عيسوي) جي شروع کان وٺي تعليمي نظام ۾
’سنڌي تعليمي نصاب‘ کي خاص اهميت حاصل ٿي جنهن ڪري
مادري زبان سنڌي ۾ مطالعي جو ذوق وڌيو.
ٽالپورن جي عهد واري ٽئين نصابي دور ۾، ’سنڌي مڪتب‘ ديني توڙي
دنيوي تعليم جو مرڪز بنيو، ۽ مسلمان شاگردن سان گڏ
هندو شاگرد پڻ مڪتب ۾ داخل ٿيا. انهن واسطي فارسي
زبان ۽ خط و ڪتاب (انشاء) سان گڏ حڪايتن ۽ قصن
ذريعي اخلاقي تعليم ’سنڌي نصاب‘ جو لازمي جز بني.
سنه 1830ع ڌاري جڏهن رِچَرڊ بَرٽن انگريزن طرفان
ٽالپورن جي دربار ۾ سفير هو، تڏهن ابوالحسن جي
سنڌي کان سواءِ ٻيا هيٺيان ڪتاب سنڌي نصاب ۾ شامل
هئا: مخدوم محمد هاشم جو تفسير هاشمي عم سيپاري
جو، نور نامو عبدالرحمان جو، معراج نامو، لاڏاڻو
(مخدوم عبدالله جو جوڙيل)، سؤ مسئلا تصنيف ڪيل
اسماعيل جا، ۽ عام عام معلومات ۽ ادبي ذوق وڌائڻ
لاءِ حڪايات الصالحين، سيفل (سيفل الملوڪ جو قصو)
۽ ليليٰ مجنون پڙهايا ويا جن ۾ ’حڪاياب الصالحين’
وڌيڪ مقبول هو
(1).
اهو سنڌي نصاب سنڌ جي ڪنهن هڪ ڀاڱي (حيدرآباد ۽ لاڙ) جي درسگاهن
۾ هلندڙ هو جنهن کان ’برٽن‘ کي واقف ڪيو ويو،
ڇاڪاڻ ته ان وقت جدا جدا درسگاهن ۾ جدا جدا نصاب
رائج هئا. برٽن ابوالحسن جي ڪتاب ’مقدمة الصلواة
سنڌي‘ (ابوالحسن جي سنڌي) جو نالو ڪونه ڏنو آهي
جيڪا غالباً ڀل آهي، ڪتاب ”لاڏاڻو“ (نبي صلعم جو
دنيا مان لاڏاڻُ) بابت برٽن ڄاڻاو آهي ته اهو
مخدوم عبدالله جو تصنيف ڪيل آهي ۽ ان جو مواد اصل
ڪتاب ”حبيب السِيَر“ تان ورتل آهي.
. مرحوم محمد صديق ميمڻ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾
ڄاڻايو آهي ته ”ابو الحسن پنهنجو ڪتاب مقدمة
الصلوات سال 1700ع ڌاري لکيو“. سال 1700ع سنه
1112 هه جي برابر بيهي ٿو. هن صاحب اهو اندازو
غالباً انهي ڪري لڳايو جو سندس خيال ۾ اهڙي
ڪتاب لکڻ جي ضرورت ٺٽي جي نواب حفظ الله خان
جي وقت ۾ پئي جيڪو 1103 - - 1114هه وارن سالن
۾ اتي حڪمران هو. سندس لکيي موجب ان وقت ٺٽي ۾
هزارين ماڻهو بغدادي بزرگ جي وعظ نصيحت سان
مسلمان ٿيا ۽ ”ايترن نو نصيحت ڪافي نه ئي
تنهنڪري ان وقت جي مشهور عالم فقہ مولوي
ابوالحسن......... سمجهيو ته ايترن عمر رسيده
ماڻهن کي پارسي ۽ عربي سيکاري اسلامي واقيت،
ڏيڻ، خاص ڪري فقہ جي مسئلن کان واقف ڪرڻ ممڪن
نه آهي تنهنڪري هن ماڻهن جي مادري زبان يعني
سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو“ (’سنڌ جي ادبي تاريخ،
دور برطانيه کان اڳ‘، مسلم ادبي سوسائٽي،
حيدرآباد، 1936ع). اصل ۾ اهڙو انومان غالباً
انگريزي مصنف
Enthoven
پنهنجي ڪتاب ’بمبئي علائقي جون قومون ۽
ذاتيون‘ ۾ ڪڍيو جنهن جو حوالو ڀيرومل ’سنڌي
ٻولي جي تاريخ‘ (ص 247) ۾ ڏنو آهي. هيءُ دليل
صحيح ناهي ڇاڪاڻ جو مصنف واضح طور ڄاڻايو آهي
ته هن هيءُ ڪتاب ”ڪارڻ طلب طالبن“ يعني شاگردن
جي تعليمي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ لکيو.
. ڪتاب جي نالي ۾ ’سنڌي‘ جي لفظ هئڻ سببان، هن
پوئين دور ۾ هڪ عام غلط فهمي اها ئي رهي ته هن
ڪتاب ۾ ڪنهن خاص قسم جي سنڌي ٻولي يا نظم
استعمال ٿيل آهي جنهن کي ’سنڌي‘ چيو وڃي ٿو.
پڙهيل طبقي ۾ اهڙي غلط فهمي خصوصاً محمد صديق
ميمڻ جي ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (ڀاڱو پهريون:
مطبوع مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1936ع) ۾
ڏنل راءِ سببان ٿي. مصنف جي خيال ۾ ابوالحسن
جي ’سنڌي’ ڪا خاص قسم جي سنڌي آهي، ۽ پاڻ اها
”سنڌي هڪ خاص نظم ۾ آهي، جنهن کي ابوالحسن جي
سنڌي سڏين ٿا. کانئس پوءِ ٻين عالمن پڻ انهيءَ
’سنڌي‘ ۾ ٻيا ڪتاب لکيا، ۽ پڻ انهيءَ
’ابوالحسن جي سنڌي‘ ۾ لکيل ڪتاب ليٿو ۾ ڇپيا“
(ص ص 57 - 56). هن راءِ جي ڀيٽ ۾، ڀيرومل جي
راءِ وڌيڪ صحيح هئي ته ”مسلمانن عالمن مان
سنڌي ۾ جن ڪو ڪتاب لکيو، تن جي سنڌيءَ کي، بلڪ
سندن ڪتابن کي، انهن جي سنڌي سڏيندا هئا“
(سنڌي ٻولي جي تاريخ، ڪراچي، 1941ع، ص 248).
. محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ، دور
برطانيه کان اڳ“، مسلم ادبي سوسائٽي ،
حيدرآباد، 1936ع.
. تفصيل لاءِ ڏسو راقم جي تصحيح ۽ تحقيق سان
ڇپيلڪ ”شاهه لطف الله قادري جو ڪلام“،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي،
حيدرآباد سنڌ، 1388هه/1968ع.
.بعد ۾ ٻين موضوعن تي ٻيا ڪتاب پڻ ’سنڌي‘ ۾
تصنيف يا ترجمي ٿيڻ سببان ’سنڌي‘ سڏيا ويا،
جيئن ته اڳتي معلوم ٿيندو.
. هي ڪتاب، هڪ ٻئي لڳ ڀڳ ساڳئي نالي واري ڪتاب
”سنڌي مخدوم محمد ابراهيم جي“ کان اڳ جو آهي ۽
پهريائين تصنيف ٿيو.
. غالباً ٺٽي جو عالم؛ ’مُرّوحُ المتعلمين‘
ڪتاب جو مصنف پڻ عبدالرحيم نالي عالم آهي ۽
غالباً هي ساڳيو عالم آهي جنهن مٿين ’سنڌي‘ پڻ
منظوم ڪئي.
. گرهوڙي صاحب سنه 1192 هه (1778ع) ۾ شهيد
ٿيو.
. راقم جي قلمي ڪتابن جي ذخيري ۾.
. ڪتاب جو مصنف سيد علي محمد شاهه هو، جيڪو
’دائري جي درسگاه‘ (موجوده اڏيرو لال) جو
عالم۽ استاد هو. ’دائري‘ جي نسبت ۽ سندس نالي
جي احترام سان ’جمع‘ ۾ هن ڪتاب کي ”دائري وارن
جي سنڌي“ جي عام نالي سان سڏيو ويو. تفصيل
لاءِ ڏسو ”مصلح المفتاح يعني دائري وارن جي
سنڌي“، راقم جي تصحيح ۽ مقدمي سان، سنڌ
يونيورسٽي طرفان ڇپايل، حيدرآباد سنڌ،
1390هه/1970ع.
. سنه 1302 هه (1884) کان وٺي اهي ڪتاب هڪ ٻئي
پويان ساڳئي جلد ۾ ڇاپيا ويا ته جئن لازمي
نصاب طور پڙهڻ پڙهائڻ ۾ سولائي ٿئي.
. راقم جي ڪتباني ۾ ان جو هڪ آڳاٽو قلمي نسخو
موجود آهي جيڪو خود ملا عثمان جي پٽ ابوالحسن
تاريخ 26 شعبان سنه 1115 هه تي لکي پورو ڪيو.
هڪ نسخو برٽش ميوزيم ۾
No. Or 1238
موجود آهي جنهن کي غلطيءَ مان ”چؤ علمي
ابوالحسن“ جو عنوان ڏنل آهي. جئن ته ’چؤ علمي‘
کي درسي طور پئي پڙهايو ويو انهيءَ ڪري ان کي
به مقدمة الصلواة (ابوالحسن جي سنڌي) جي پويان
شامل ڪري لکيو ويو. جڏهن ته ڪتاب ڇپجڻ لڳا ته
سنه 1869ع ۾ بمبئي مان ۽ 1870ع ۾ ڪراچي مان
’ابوالحسن جي سنڌي‘ جي پويان ملا عثمان جو ’چؤ
علمي‘ پڻ گڏ ڇپيو.
. رچرڊ بَرٽن جو انگريزي لکيل ڪتاب ”سنڌ ۾
وسندڙ قومون“، پهروين ڇاپو، صفحا 136 - 135.
|