سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:2 

اپڀرنش ۽ سنڌي جو تعلق

سنڌي ٻولي جي تاريخي ۽ خصوصي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ ’اپڀرنش‘ ۽ سنڌي جي لاڳاپي واري نظريي کي صحيح طور سمجهڻ پڻ ضروري آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اول اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ’اپڀرنش‘ ڪنهن هڪ خاص ٻولي جو مخصوص نالو ڪونهي، بلڪ ساڳئي سلسلي جي ڀاشائن جو مجموعي نالو آهي: يعني ته ڪابه اها ڀاشا يا ٻولي، جيڪا سنسڪرت جي صحيح معيار کان هٺيل هجي. انهيءَ لحاط سان ’اپڀرنش‘ برعظيم پاڪ - هند جي عام مقبول زبانن جو نالو آهي (1). هيمچندر ۽ مارڪڻڊيه، جيڪي پراڪرت جي نحوين ۾ خاص درجو رکن ٿا، تن ٻنهي اپڀرنش بابت لکيو آهي. هيمچندر (1088 - 1176) آڳاٽو نحوي آهي ۽ هن پنهنجي گرامر ”سِڌَّ هيمچندر“ ۾ ’اپڀرنش‘ کي هڪ مجمل نالي طور استعمال ڪيو آهي. اپڀرنش بابت سندس ڏنل قاعدا ڏيکارين ٿا ته ڪي ئي عام مقبول زبانون ان ۾ شامل آهن. سندس چوٿين نمبر قاعدي موجب، اپڀرنش ۾ ڪَ، کَ، ٽَ، ٺَ، پَ، ڦَ اُچار اڪثر ڦري گَ، گهِه، د، ڌَ، بَ، ڀَ ٿين ٿا. انهيءَ قاعدي جي بناءَ تي سنڌي کي ’اپڀرنش‘ دفعي جي ٻولي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. مارڪڻڊيه هڪ نامعلوم مصنف جي حوالي سان سڄيون ساريون ستاويهه ٻوليون ’اپڀرنش’ جي دفعي ۾ شمار ڪري ٿو. مارڪڻڊيه ’اپڀرنش’ جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن: هڪ ’ناگۡر‘ جيڪا مڙني ۾ مکيه آهي. ٻي ’ورۡاچَڊَ’ جا ناگر مان نڪتي ۽ ’سنڌو - ديش‘ ۾ جنم ورتائين: ”سنڌو - ديشي يَو وۡراچَڊ وپِيَڀُرَ نُشَيہ“؛ ٽين ’اُپَناگر‘ جا ’ناگر‘ ۽ ’وراچڊ’ جي سنگم مان اُسري. مارڪڻڊيه جي انهيءَ بيان مان گريئرسن ۽ ٻين ائين سمجهيو آهي ته ’وراچڊ، سنڌ ۾ اُسري، موجوده سنڌي ’وراچڊ’ مان نڪتي ۽ وراچڊ ’اپڀرنش‘ مان. حقيقت ۾ مارڪڻديه ۽ ٻين آڳاٽن لکندڙن جڏهن ’سنڌو‘ يا ’سنڌو - سؤوبر‘ جا نالا کنيا آهن، ته ان مان مراد موجوده ’سنڌ‘ ڪانهي، بلڪ ملتان ۽ ڏکڻ - اولهه پنجاب وارو خطو آهي (2).

انهيءَ ڪري اهو محض هڪ گماني نتيجو آهي ته موجوده سنڌ جي سنڌي ٻولي ’وراچڊ‘ مان نڪتي، ڇو ته انهيءَ قسم جي نتيجي لاءِ ڪوبه بنيادي علمي دليل ٿي نٿو سگهي. خود مارڪڻڊيه جو ڏنل دليل غور طلب آهي: ’وراچڊ‘ جي هڪ لغوي خصوصيت مارڪڻڊيه اها ٻڌائي ٿو ته ان ۾ ’ج‘ ۽ ’چ‘ اُچان آڏو ’ي‘ جو اُچار اُسريو. سنڌي ۾ حرف ’ج‘ جي آڏو ’ي‘ جي اُچار اُسرڻ جو گمان نڪري سگهي ٿو (جيڪڏهن اسان ’ج‘ جي آڏو توڙي پويان ’ي‘ کي ملائي ’يج‘ يا ’جيه‘ کي ’ڄ‘ جي برابر سمجهون)؛ ’چ‘ جي آڏو توڙي پويان ’ي‘ جي اُچار اُسرڻ جو سنڌي ۾ ڪوبه نشان ئي ڪونهي. مارڪڻديه هڪ ٻي خصوصيت هيءَ ٻڌائي ته: ’ش‘ ۽ ’س‘ اچارن جو بدلجي وچان هڪ نئون اچار بنجڻ. مگر اها ساڳي خصوصيت هو ’ماگڌي‘ لاءِ پڻ بيان ڪري ٿو. هڪ ٻئي نحوي ’پِرٿوي ڌَر‘ اها خصوصيت وري ’سَنُڪار‘ ٻولي جي چاڻائي آهي؛ جنهن جي معنيٰ ته اها ’وراچڊ سان مخصوص ڪانهي. اسان اڳتي هلي شاعر ”ابوعطا“ واري مثال ۾ ’س‘ ۽ ’ش‘ اُچارن جي بدلجڻ جي خصوصيت جو ذڪر ڪنداسون، پر جيئن ته اها لغوي خصوصيت سنڌي لاءِ مخصوص ناهي پر ٻين ٻولين ۾ پڻ موجود آهي، انهيءَ ڪري ان مان ’سنڌي‘ جو ’وراچڊ‘ مان نڪرڻ جو پختو دليل ملي نٿو سگهي.

آخر ۾ خاص توجهه طلب ڳالهه هيءَ آهي ته مارڪڻڊيه ڪَوينُدرَ پنهنجي ڪتاب ’پۡراڪرتَسرو سِوِ‘ سنڌ کان سوين ڪوهه پري، اوڀر هندوستان (اوڙيسا) ۾ لکيو، جنهنڪري اولهه - هندوستان جي ٻولين بابت سندس راءِ کي ايترو وزن ڏيئي نٿو سگهجي. ٻيو ته مارڪڻڊيه ڪو بنهه آڳاٽو نحوي ڪونهي. هن پنهنجو ڪتاب راجا ’مُڪند ديو‘ جي حڪمرانيءَ ۾ لکيو جنهن جو سال ڪن محققن 1664ع ڪري مڃيو آهي، مگر ڪن ٻين محققن جي راءِ موجب مارڪڻديه بهر صورت 15 صدي عيسوي جي پهرين پنجويهن سالن کان پوءِ ٿي گذريو، يعني ته 1425ع بعد ٿي گذريو. سنڌ ۾ اهو سمن جي بادشاهي جو پويون دور هو، جنهن وقت اسان کي سنڌي ٻولي جو شعر ’بيتن‘ جي مڪمل صورت ۾ ملي ٿو. نه فقط ايترو پر مارڪڻڊيه واري عرصي کان گهڻو اڳ سمن جي دور جي شروعات جا بيت پڻ ملن ٿا، جن ۾ موجوده ’سنڌي ٻولي‘ پنهنجي مڪمل صورت ۾ نظر اچي ٿي (1)؛ بلڪ ان کان به گهڻو اڳ سومرن جي پوئين دور جي ٻولي جا خد و خيال پڻ’ڳاهن‘ جي صورت ۾ چٽا نظر اچن ٿا (2). جيڪڏهن موجوده سنڌي ٻولي ’وراچڊ‘ مان اُسري هوندي ته اها سومرن جي اوائلي دور ۾ يا انکان به اڳ. هيمچندر سومرن جي دور جي شروعات جو نحوي آهي، پر هن صرف ’اپڀرنش‘ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ’وراچڊ‘ جو نالو به ڪونه کنيو آهي.

’اپڀرنش‘ جي لغوي ۽ تاريخي حيثيت

’اپڀرنش‘ جي صحيح لساني ۽ تاريخي حيثيت کي وري به سامهون رکڻ ضروري آهي. انهيءَ سلسلي ۾ پشيل جو مٿي نقل ڪيل تحقيقي نظريو نهايت ئي اهم آهي: ’اپڀرنش‘ انهن ڀاشائن جي مجموعي نالو آهي، جيڪي سنسڪرت جي صحيح لغوي معيار کان هٽيل هيون. اصولا، اهي عام مقبول عوامي ٻوليون هيون جيڪي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل نه هيون، ۽ انهيءَ ڪري صرف نحو توڙي لغت جي اعتبار سان سنسڪرت جا قاعدا انهن سان لڳي نٿي سگهيا؛ اهي اهڙيون ’پراڪرتون‘ هيون، جن جو سرچشمو سنسڪرت کان اڳ واري ڪا عوامي زبان يا زبانون هيون، جن کي ’پهرين - پراڪرت‘ (Proto-Prakrit) يا ’ويدي ڀاشا‘ (Vedic Language) جي دفعي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. موجوده لساني تحقيق پڻ اِهو ثابت ڪيو آهي ته ’اپڀرنش‘ دفعي جي ٻولين ۽ ’ويدي ڀاشا‘ ۾ ڪافي هڪجهڙيون آهن (1). انهيءَ حقيقت جي اعتبار سان البت ’سنڌي‘ کي ’اپڀرنش‘ دفعي جي ٻولي شمار ڪري سگهجي ٿو، پر اها سنڌ جي پنهنجي مقامي اپڀرنش هئي. اسان هن کان اڳ ٻين مستقل دليلن جي بناءَ تي پڻ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌي جو تاريخي رشتو سنسڪرت کان اڳ واري ڪنهن عام مقبول ’پهرين - پراڪرت‘ سان ملي ٿو.

هن سلسلي ۾ موجوده دور جو هڪ سنڌي محقق جن نتيجن تي پهتو آهي سي قابل غور آهن (2):

1. ’وراچڊ‘ انهيءَ ’ناگر‘ جو هڪ نمونو هئي، جيڪا (ناگو) راجسٿان ۽ گجرات سميت وچ - اولهه هندوستان جي بين - علائقائي زبان هئي. 2. اها ’وراچڊ‘ ان وقت جيڪي ماڻهو ڳالهائيندا هئا. سي يا ته اولهه پنجاب واري وچ - سنڌو ماٿري (جنهن کي مارڪڻديه کان اڳ وارن لکندڙن ’سنڌو - ديش‘ جي نالي سان سڏيو) يا ته ’ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ جي وچ واري ڀاڱي‘ جا رهاڪو هئا. 3. هيٺين سنڌو ماٿري ۾ سنڌ جي ’سنڌي پراڪرت’، جنهن پنهنجا ارتقائي دور لنگهي ’مقامي سنڌي اپڀرنش، جي صورت ورتي هئي، سا انهيءَ ساڳئي دور ۾ (جڏهن وراچڊ سنڌ کان مٿي ڪٿي هلندڙ هئي) پنهنجي سنڌ ملڪ جي مکيه ٻولي هئي. 4. انهيءَ’مقامي سنڌي اپڀرنش‘ جو ’ناگر‘ سان فقط ايترو رشتو هو، جو ٻئي ساڳئي بنياد مان نڪتل هيون. 5. ’موجوده سنڌي ٻولي، غالباً انهيءَ ’مقامي سنڌي اپڀرنش، مان نڪتي.

مٿي جيڪي چيو ويو آهي انهيءَ جي روشني ۾، موجوده وقت ۾ هلندڙ انهيءَ نظريي کي قبول ڪرڻ ۾ هٻڪ ٿئي ٿي جنهن موجب چيو وڃي ٿو ته ’وراچڊ‘ هيٺين سنڌو ماٿري جي ٻولي هئي ۽ موجوده صورت واري سنڌي ٻولي پڻ ’وراچڊ‘ مان نڪتل آهي. ڊاڪٽر سُنِيتِي ڪمار مُڪرجي جي راءِ ۾، سنڌي جو بڻ بنياد غالباً سنڌي جو پنهنجو ئي موروثي لساني سرمايو آهي؛ ۽ اُهو انهن لفظن ۾ نحوي بناوتن کان الڳ آهي، جن کي اتر يا اولهه کان سنڌ ۾ آيل يا آباد ٿيل قومن گذريل صدين ۾ پاڻ سان آندو. [جيرامداس]

نتيجا

مٿئين تجزيي ۽ تحقيق، دليلن ۽ مثالن جي بناءَ تي اسان هيٺ نتيجن تي پهچون ٿا:  (1) سنڌ جي قبل-از- تاريخي قديم تهذيب جي ٻولي جا آثار ’مُئن جي دڙي‘ جي کنڊرات مان مليل مُهرن ۾ محفوظ آهن. انهين قبل - از - تاريخي قديم ٻولي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي؛ ٿي سگهي ٿو ته اها ڪا ’سامي صفت، ٻولي هجي جيڪا عراق جي قديم ’سميري تهذيب‘ جي ٻولي جي ساٿياري هئي. مقامي طور، ان جي دراوڙي سلسلي سان نسبت ٿي سگهي ٿي. (2) موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اُسري. اها ’هند - آريائي‘ ٻولي آهي، ’لهندا‘ (سرائڪي - بهاولپوري - ملتاني - ديري والي - هندڪو(، ’ڪشميري، ۽ اترئين سنڌو ماٿر جون ’داردي‘ ٻوليون ان جون ڀينرون آهن. بُودو باش جي لحاظ سان اهي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون ’هند - آريائي، ٻوليون آهن پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقاءَ جي لحاظ سان اهي هن برعظيم جي ٻين ’هند - آريائي‘ ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ مُندا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواءِ هند - ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي. (3) سنڌي انهيءَ ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان نڪتل ڪانهي، جنهن جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو آهي. سنڌي جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو: ان جو بڻ بنياد ان جو پنهنجو موروثي سرمايو ئي آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري ’پروٽو - پراڪرت‘ يا ’پهرين - پراڪرت‘ تائين پهچي ٿي.

باب ٻيون

سنڌي ٻولي جي سٽاءَ وارو بنيادي دور

(500ع - 950ع)

’سنڌي ٻولي‘ جي سٽاءَ وارو بنيادي دور راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ عربي حڪومت جي عرصي وارو دور آهي، جو ٿُلهي ليکي عيسوي پنجين صدي کان وٺي يارهين صدي جي آخر تائين سمجهڻ گهرجي. هن دور ۾ موجوده ’سنڌي ٻولي‘ جي تشڪيل ٿي. انهيءَ عرصي کان اڳ واري دور کي اسان ”سنڌ جي ٻولي يا ٻولين“ وارو دور چونداسون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪوبه يقيني دليل موجود ناهي ته راءِ گهراڻي جي حڪومت کان اڳ، يعني پنجين صدي عيسوي کان اڳ، موجوده سنڌي ٻولي جو خاڪو موجود هو. (الف) راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن جي دور ۾ ٻولي جي سٽاءَ ۽ صورت

عرب - اسلامي حڪومت ۽ ان کان اڳ وارا ٽي - چار سؤ ورهيه، مقامي ٻولين مان هڪ مشترڪ ۽ وڌيڪ عام فهم ’سنڌي ٻولي‘ جي اُسرڻ لاءِ هڪ پيش - خيمو هئا. انهيءَ دور ۾ ٻڌ ڌرم وارن جي مهاين پنٿ سنڌ جي سڄي عوام ۾ پکڙيل هو ۽ ماڻهن جي انهيءَ ڌرمي ميلاپ ذرعي معاشرتي ۽ لساني ميلاپ لاءِ ميدان تيار ٿيو. سنڌ جي ’راءِ گهراڻي‘ جي حڪومت غالباً چوٿين صدي کان شروع ٿي ۽ ستين صدي جي شروعات تائين قائم رهي ۽ انهن ٽن سوَن سالن ۾ سندن حڪومت ذريعي سنڌ ۾ سياسي مرڪزيت جو هڪ خاڪو پيدا ڪيو. راءِ گهراڻو سنڌ جي مسنجي خاندان مان هو. راءِ چڱل، راءِ سيهڙو يا راءِ ساهڙ، ۽ راءِ سَهسِيون هن گهراڻي جا نالي وارا حاڪم هئا. ايران سان سياسي سماجي ناتن سببان هن گهراڻي جي سردارن ۾ ’ڄام (ڄام > جم) جي لقب جو رواج پيو (1). ان دور ۾، ۽ ان کان اڳ، ’ٻڌ ڌرم‘ ئي حڪمرانن توڙي ملڪي ماڻهن جو ڌرم هو؛ انهيءَ ڌرمي ۽ سياسي يڪسانگي سنڌ جي ٻولين ۽ محاورن کي مرڪزيت ڏيڻ لاءِ رستو صاف ڪيو.

فتح اسلام کان اڳ جي ’سنڌي ٻولي‘ جا ڪي الفاظ ۽ فقرا ڪتاب ”فتحنامي“ ۾ ملن ٿا، جي هن ريت آهن: (1)  اول ته ڪي اسم خاص ملن ٿا، مثلاً، ڪن قبيلن جا نالا- لاکا. ٺڪُر، جت لاکا، سما، ڪاڪا، چنا، سهتا، اگھم، لوهاڻا، ڀاٽيه وغيره. جيڪي اڄ به ساڳيائي آهن. ماڻهن جي نالن مان خاص سنڌي نالا سيهاراس (سيهڙو يا ساهڙ)، چندر (چنڊ)، ڏاهر (آواز اٿاريندڙ؟)، موک (موکيو)، بسايه (وسايو)، وکيه (وڪيو)، کاکه (ڪاڪو) وغيره ڏنل آهن، جن مان ساهڙ، چنڊ، وسايو، وڪيو ۽ ڪاڪو اڄ به موجود آهن، ندين ۽ واهن جي نالن مان مهراڻ، جلوالي (ڄراري)، ساڪره، موج ۽ ارل ڏنل آهن؛ ازانسواءِ کنبه، دنده ۽ بيت يعني ڪُنب، ڍنڍ ۽ ٻيٽ جا الفاظ آيل آهن. ايراضين ۽ شهرن جي نالن مان ڪي هي آهن: بلهار (ولهار)، ساوندي (ساوڙي)، ودهاتيه، جهم، ڪرهل ۽ دهتايت. اضافي ترڪيبون هي آيل آهن: دنده و کر بهار (وڪر بهار جي ڍنڍ)، کاکا راج (ڪاڪن جو راڄ) ککامِٽي (کاري جي مٽي)، ند مِٽي (ندي جي مٽي)، بُدرکُو (ٻُڌ - رکو يعني ٻُڌ جي بت جي رکيا ڪندڙ). انهن اضافي ترڪيبن جي نوعيت ڏيکاري ٿي ته شايد ان وقت حروف اضافيت جدا گانه استعمال ۾ آيل نه هئا. هن وقت به انهيءَ قديم سٽاءَ جا مثال سنڌيءَ ۾ آهن. مثلاً: جهنگ - ٻلو، جنڊ - جهرڪي، پَٽ - تتِر، رَس - ول، ٿر - ٻاٻيهو وغيره.

(2) ’فتحنامي‘ ۾ سنڌ جي ٻولي جو جملو صرف هڪ ڏنل آهي: ڏاهر پنهنجي لشڪر کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ تنواريو ته ”نسي من، نسي من“، يعني ’من اينجا ام‘ (=مان هتي آهيان). فيضل مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جو گمان هو ته شايد اهو اصل ۾ سنسڪرت جو جملو ”آسُمِيۡ آتُر“ هجي؛ مگر، گمان غالب آهي ته ڏاهر پنهنجي عام لشڪر کي خطاب به سندن عام ٻولي ۾ ڪيو هوندو. ۽ انهي حالت ۾ اهو جملو ”هتي مون، هِتي مون“* جي برابر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين ته پوءِ اڃان سنڌي ٻولي جي سٽاءُ اڪثر مفرد لفظن تي بيٺل هئي؛ حرفن توڙي زمانن موجب ’فعل‘ اڃان جملي جي ربط ۽ ترڪيب جا لازم ملزوم جز نه بنيا هئا.

(3) اسان جي هاڻوڪي زبان لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جيئن ا تئين الفاظ’حروف‘ صحيح، سان بنيل هئا، ۽ ڊگها حروف علت (ا ، و، ي) ڪي بلڪل ئي گهڙ هئا، ڊگهن حروف علت کان سواءِ الفاظ جهڙوڪ: به، ته، نه، مک، نٿ، ڪڪڙ. مڪڙ، گدڙ- شايد انهيءَ تاريخي اصليت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. لفظن جي اهڙي بيهڪ ۽ بناوت جي ماضي جي مطلاعي مان ڀانئجي ٿو . ته عربي  جي اثر کان اڳ، سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيه جڪا مرڪبات هئا.

(4) ساڳي طرح، موجوده سنڌي ٻولي ۽ ان جي محاورن جو اڀياس، ٻولي جي ماضي جي تاريخ بابت قدري رهنمائي ڪري ٿو، ملڪ جي ٻين ڀاڱن يعني لاڙ، ٿر، اتر، کاري، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي محاورن ۾ جو فرق آهي، سو مشهور ۽ معلوم آهي؛ پر انهي کانسواءِ، قبائلي ٻولين ۾ ته اڃان به گهڻو فرق آهي- مثلاً، جتن ، مهاڻن، سامين، چهواڻن وغيره جي ٻولين ۾ به صرف لهجي ۽ اُچار مگر لغت توڙي محاوري جو به وڏو فرق آهي. جنهن صورت ۾ هينئر به ايترو تفاوت آهي، ته جيئن اڳ ماضي ۾ تيئن اهو فرق گهڻو رهيو هوندو. لاکن، سمن، سهتن؛ چنن ۽ جتن ۾، گهڻو گهڻو اڳ. نه صرف ريتين رسمن جو مگر ٻولي جو به فرق هوندو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي انهن قبيلن جا راڄ جدا جدا ايراضين ۾ آباد هئا. سنڌي نسب- نامي جي هڪ جھوني ڪهاوت آهي ته ”سنڌ سمو، ڪاڇي چَنو، ڀاٽي جيسلمير“. محمد بن قاسم سنڌ ۾ انهن قبيلن جا راڄ بلڪل انهينءَ ڪهاوت موجب آباد ٿيل ڏٺا. ان وقت، انهن قومن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي رسم عرواج ۽ پنهنجين جدا ٻولين هئڻ ۾ ڪو شڪ نٿو نظر اچي.

انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته فتح اسلام کان جيئن اڳ تئين ملڪ جي مختلف ۾، مختلف قومن ۽ قبيلن جون پنهنجون پنهنجون ٻوليون هيون. هِن حقيقت جي تائيد مشهور عربي عالم، اِبۡن نَدِيُم جي اٽڪل هڪ هزار ورهيه اڳ جي ڪيل تحقيق مان ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي هلي بيان ڪئي ويندي. ان جي تصديق ’جتن جي ٻولي‘ ۽ قدري  ٺڪرن (سوڍن) جي ’ڍاٽڪي ٻولي‘ مان ٿئي ٿي، جن تي هيٺ روسني وجهجي ٿي.

(ب) جتن جي ٻولي ۽ سوڍن ٺڪرن جي ڍاٽڪي ٻولي.

اٺ صدي عيسوي جي شروع ۾ ، مسلمانن جي آمد وقت (سنه 811ع) سنڌ ۾ جيڪي قبيلا آباد هئا (سهتا، سما، لاکا، ڪاڪا، چنا، لوهانا، جت، ٺڪر وغيره) تن مان هن وقت ٻين سڀني جي ٻولي ’خالص سنڌي‘ آهي؛ البت جَتن ۽ ٺَڪرن (سوڍن) جي ٻولين ۾ پنهنجي پنهنجي خاص خصوصيت آهي جيڪا شايد اڳئين تاريخي دور جي يادگار آهي، ۽ جنهن مان ’سنڌي ٻولي‘ جي آڳاٽي خاڪي بابت ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

ڍاٽڪي ٻولي: سوڍن ٺڪرن جي ٻولي ’ڍاٽڪي‘ آهي، جنهن تي ننگرپارڪر واري پاسي گجراتي جو اثر، ’وٽ‘ واري پاسي (مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي جو ڏاکڻيون حصو) ڪڇ جي ٻولي جو اثر، ۽ ڇاڇري تعلقي جي اڀرندي ’ڪَنٺي‘ واري پاسي ’راجستاني - مارواڙي‘ جو اثر پيل آهي، مگر وچئين ’اَونَهر‘ واري ڀاڱي جي ’ڍاٽڪي‘ وڌيڪ صاف ۽ معياري آهي، جنهن جي مطالاعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان جي بنيادي مرڪزيت ساڳي سنڌي واري آهي، مثلًا: ’ڪي تو ڪَرين‘ (ڇا ٿو ڪرين)؛ ’ڪين تو جائين‘ (ڪيڏانهن ٿو وڃين). هرف اضافت لاءِ جيتوڻيڪ ’ري‘ ۽ رو‘ (جي، جو) هن وقت گهڻو استعمال ٿئي ٿو، تنهن هوندي به ڪن فقرن ۾ سنڌي ’جي‘، ۽ ’جو‘ استعمال ٿين ٿا. مثلاً: ’تاههَ جي‘ (تنهنجي)؛ ’اي کيتر تاههَ جو آهي‘ (هي کيٽ توهان جو آهي). ماضي ۾ ’ت‘، جيڪا سنڌي م داردي ٻولين جي اثر جو آڳاٽو يادگار آهي (رتَو = ڳاڙهو ٿيو؛ اَلتو، سَلتو = چيو ؛ وتو = ورتو؛ ڀانتو = ڀانيو وغيره) سان ’ڍاٽڪي‘ ۾ ’هئڻ‘ جي صيغن ۾ موجود آهي. مثلاً:

هونۡ آيو هَتو = آءُ آيو هوس؛     اسين آيا هتا=اسين آيا هئاسون

تو آيو هَتو = تون آيو هئين،     اَڀي آيا هتا = اوهين آيا هئا

او آيو هتو = هو آيو هو،         او آيا هتا = هو آيا هئا.

’ڍاٽڪي‘ ۾ جمع متڪلم ۽ مستقبل صيغو ’آن‘ جي اضافي سان آهي، جيئن ته ’اسين جاسان‘ (اسين وينداسين)؛ ساڳيءَ طرح ’جتڪي‘ ۾ ’اَسي اچان تا‘ (اسين اينداسين) آهي. شايد اها سٽاءَ آڳاٽي آهي، جيڪا هن وقت سنڌي ۾ بدلجي چڪي آهي.

’جتن جي ٻولي‘ جتن جي ٻولي ۾ ’قديم سنڌي‘  جي خاڪي جا وڌيڪ اهڃاڻ موجود آهن. ٻي ۽ ٽين صدي عيسوي ۾ جڏهن ساڪن (Scythian) ڏکڻ - اوڀر ايران واري ڀاڱي (سيستان) تي قبضو ڪيو، تڏهن جت - بلوچ قبيلن اتان مڪران، موجوده بلوچستان ۽ سنڌ طرف هجرت ڪئي . سالن به ’سيستا‘ فتح ڪرڻ بعد مڪران، بلوچستان ۽ سنڌ کي فتح ڪري هيٺ ڪاٺياواڙ - گجرات طرف وڌيا. ساڪن جي انهن ڪاهن سببان هجرت ڪندڙ جت - بلوچ قبيلن جبلن ۽ رڻن پٽن کي وسايو. بلوچن جي اها سڀ کان آڳاٽي هجرت هئي جنهن ۾ هڪڙن قبيلن (بروهي - بلوچن) سنڌ ۽ بلوچستان جي جبلن کي وسايو ۽ اتي جي ٻولي اختيار ڪئي؛ ته ٻين قبيلن (جت - بلوچن) وڌي اچي سنڌ ۽ سبي جي بيابانن کي پنهنجو وطن بنايو؛ ۽ ايندڙ ٽن صدين واري عرصي ۾ هو مقامي باشندن سان ملي هڪ ٿيا ۽ مقامي ٻوليون اختيار ڪيائون. اتر ۾ سبي ۽ ناڙي جي ميدانن ۾، ۽ هيٺ لاڙ طرف جاتي ۽ ڪڇ ۾ ٻَني ۽ ٻين بياباني علائقن ۾ ’سنڌي جت -بلوچن‘ جي آبادي انهين آڳاٽي هجرت جو يادگار آهي (1). سندن مقامي بود باش جي لحاظ سان پوءِ هڪڙن جت قبيلن مقامي ’سرائڪي ٻولي‘ اختيار ڪئي، ۽ ٻين ’مقامي سنڌي ٻولي‘. جن ’مقامي ’سنڌي ٻولي‘ کي پنهنجو ڪيو، تن مان هن وقت فقط ’ميرجت‘ قبيلا اها ٻولي ڳالهائين ٿا جنهن ۾ آڳاٽي سنڌي ٻولي جا وڌيڪ آثار موجود آهن، حالانڪ ڪڇ جا ’راڌا جت‘ قبيلا پڻ انهي آڳاٽي ٻولي جا ڪي لفظ ۽ فقرا استعمال ڪن ٿا مگر انهن جي زبان گهڻي حد تائين ’خالص سنڌي‘ ۾ بدلجي چڪي آهي. انهيءَ ڪري ’جتن جي ٻولي‘ مان اسان جي مراد ’مير جتن جي ٻولي‘ آهي جنهن جا آثار ڪڇ ۽ لاڙ جي ’راڌن جتن‘ جي ٻولي ۾ پڻ ملن آهن.

سنڌ ۾ ’ميرجت‘ قبيلن جو اص ماڳ سبي - ناڙي آهي، جتي شورڻ، جهل ، ناڙي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ سندن گهڻي آبادي موجود آهي، ازانسواءِ سنڌ ۾ هي قبيلا خاص طرح خيرپور، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن ۾ آباد آهن، هنن قبيلن ۾ راوچي (1)، مندوستاڻي، بياساڻي، لاکاڻي، براهماڻي، ڪرمتي، منداڻي، سئتاڻي، بياماڻي، ڪنڊاڻي، تيجواڻي، سيتاناڻي، گُنڊڪاڻي ۽ بلنداڻي شامل آهن اهي اڪثر ’جتن واري آڳاٽي ٻولي‘ ڳالهائين ٿا. لاڙ ۽ ڪڇ جي ’راڌن جتن‘، ۾ راڌا، شيهه، عامۡر، لاکاڻي. مٺاڻي، اُرياڻي وزيراڻي. منداڻي.  جيئنداڻي، ربناڻي، ڀنڀواڻي، ڏاتواڻي، فقيراڻي وغيره قبيلا شامل آهن؛ انهن جي ٻولي ۾ پڻ ’آڳاٽي ٻولي‘ جا ڪي الفاظ ۽ فقرا رائج آهن؛ انهيءَ خصوصيتن سببان ئي، ڀٽائي صاحب سندن ٻولي کي ’جتن جي ٻولي‘ سڏيو زباني روايتن موجب شاهه صاحب ڪنهن موقعي تي جتن بابت هيٺيون بيت چيو جنهن ۾ سندن ٻولي جا الفاظ آندائين:

هلو هلو ڪن، ’واچَڻ‘ جي وائي

هُل سِڻي هوندِي‘ جو، موڙهياس ڙي ’مائي

        جيڪا ٻولي جتڙين ’سمَجھين، نه سائي

        هزَون، گهڻي ڏاهي، پر هوت وٺي ’هۡوڻي‘ وئا.

بيت جي هن روايت ۾ پنج لفظ جتن جي ٻولي، جا آهن: واچڻ - هلڻ، هوندي = هنن، سمجھين = سمجھيس، هزارون = هياس ۽ هوڻي = هوڏانهن . رسالي جي ٻئي هڪ بيت ۾ آهي ته:

”هِنجھَر هُئا هير، وئا نهوڙي ننڊ ۾“. ’هنجهر‘ يعني هينئر، جنهن لاءِ ’جتن جي ٻولي‘ ۾ ٻيو، لفظ ’هيلان‘ آهي.

سٽاءُ جي لحاظ سان، ’جتن جي ٻولي‘ ۾ ٻيو ۽ ’موجوده سنڌي‘ ۾ ڪو فرق ڪونهي، مگر ’جتن جي ٻولي‘ ۾ ڪي خصوصيتون باقي آهن. جيڪي غالباً ’قديم سنڌي ٻولي‘ جي آثارن ۽ اهڃاڻن ۾ جون يادگار آهن. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيون خصوصيوتون غور طلب آهن:

(الف) اسم. ’جتن جي ٻولي‘* ۾ ڪافي الفاظ موجود سنڌي لغات       کان الڳ ۽ انوکا آهن، جيئن ته ڳيِهن (گهر)، جَرَ (پوتي)، پيل        (ننڊ)، گهبٽ (ننڍو ٻار)، نايئي (سوڙ، مٿان پائڻ جي)، مَڙي (ماءُ)، اُڙ (ڏاچي)، وغيره وغيره.

مگر ان ۾ ڪيترائي اهڙا اسم آهن ۾ ’ز‘ يا ’ذ‘ جو اچار موجود آهي، جيڪو سنڌي ۾ اڪثر ’ه‘ سان بدلجي چڪو آهي. هن وقت ’ر‘ يا ’ذ‘ جي اچارن وارا لفظ جيڪي سنڌي ۾ رائج آهن، سي اڪثر عربي ۽ فارسي مان ورتل آهن.

جتن جي ٻولي         سنڌي

1، ماز ، ماس          ماڻهو

2. ميز                 مينهن

3. ٻيز                 ويهَه

4. ڏَزۡ                  ڏهه

5. اوڻيز                        اوڻيهه

6. وِيز                  ويهه

7. وَرۡز                          ورهيه

8. ڳيذونۡ، ڳيڌون              ڳيهُون‘

9. سَزو                         سَهو

10. آذَميِ                      آدمي

11. سَزرو                       سَهُرو (ع . صهر)

مٿين لفظن مان 1- کان 9- تائين هند - آريائي زبانن جا لفظ آهن، جن جي ’س‘ کي ’ز‘ ڪري اچاريو ويو. انهن ٻاهرين لفظن کان سواءِ ’جتن جي ٻولي‘ ۾ ٻيا ڪي اهڙا لفظ آهن جن ۾ ’ذ‘ يا ’ز‘ جو اچار موجود آهي جيئن ته: کِذي (ڪٿي)، چِذاڻ (ننڍي اُٺ)، رِذاڻ (ٿانءُ)، زَهڻو (وهاڻو)، گُذَڻ (اُگهڻ)، هَزوُن (آءٌ هئس) وغيره.

(ب)    ضمير. ضميرن جي صورت هن طرح آهي: ’آڃُو‘ يا آڃون (آءٌ،

آئون)، اَسي (اسين)، اَتُون (تون)، اَئين (اوهين)، ’هو‘ يا اُسي (هو) ۽ هي (اهي). انهن مان ٽي پويان ضمير بالڪل انهن صورتن ۾ موجوده سنڌي ۾ پڻ اڃا تائين رائج آهن،

(ج)    حروف استفهام. ’کاڙو‘ يا ’شاڙو‘ (ڇا)، کاليي (ڇو)، کِذي (ڪٿي)، ڪِيڻي يا ’کِيڻي‘ (ڪيڏانهن)، کيلان (ڪڏهن)، ڪوهين (ڪيڏانهن)، ڪاهو (ڪهڙو). انهن مان پويون حرف’ڪاهو‘ اڃان تائين سنڌي ٻولي جو ’ڪوهستاني‘ محاوري    ۾ رائج آهي. جتڪي جو ’ڪيڻي‘ ۽ ڍاٽڪي جو ’ڪيڻ‘ ساڳيا    لفظ آهن ۽ ٻنهي ۾ ساڳي لغت جي نشان تي شاهد آهن.

(د)     ظرف. مثلاً هِيڻي (هيڏانهن)، هرڻي (هوڏانهن)، تائين (مٿان)،        ٻُڙائين (هيٺان)، ڳُڌرا (پويان). انهن مان پهريان چارئي لفظ     آڳاٽي ’مقامي سنڌي‘ جا آهن، باقي آخري لفظ بلوچي ٻولي       (گُڊا يا گُڙا) جو آهي جنهن جي اصلي صورت مقامي محاوري    جي اثر هيٺ بدلجي وئي آهي.

(هه)    اضافي صورتون.مانۡهُون (منهنجو)، سانۡهون (اسان جو)، توهُون        (تنهنجو)، واهُون (هنن جو)، ’هي جو’ (هن جو)، ’هَڃَ      جو‘ يا ’هونۡدِي جو‘ (هنن جو)، پانۡهُون (پنهنجو. سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي صورتون موجود آهن، مگر معنيٰ بدلجي چڪي آهي     (مانهون = منهنجي طرفان؛ اسان هون = اسان جي طرفان؛ توهون     = تنهنجي طرفان).

(و)     حروف جر. زي (تي، ۾)، ڪِ (کي)، ڳان (کان)، سُون (ڏي)، تِ       (تي)، جيئن ته:

ماڪ = مون کي               ساڪ = اسان کي

توڪَ = توکي                 واڪَ = اوهان کي

هوڪ = هن کي               تِڃڻان = هنن کي

سنڌي جي ’ڪوهستاني محاوري’ ۾ ’ماڪِ‘ ۽ ’توڪ‘ اڃان تائين ’مان کِ‘ ۽ ’تو کِ‘ جي صورت ۾ رائج آهن.

(ز)     عدد شماري. ڪَڙو، ٻِهه، ترَئي، چار، پنج، ڇهه، ست، اٺ، نو، ڏَز.

(ح)    فعل ۽ زمان. اڪثر فعلن لاءِ ساڳيا موجوده سنڌي وارا الفاظ آهن جيئن ته ’آچڻ، ڪرڻ‘ وغيره؛ ڪن فعلن ۾ اچارن جي ٿوري        ڦيرڦار آهي جيئن ته ’وڃڻ‘ (واو جي زير سان)؛ انهن کان سواءِ ٻيا   ڪافي الفاظ انوکا آهن جيڪي پڻ آڳاٽي لغت جو يادگار آهن:       مثلاً لُهرڻ (لاهڻ)، پاڙڻ (کڻڻ)، گُذڻ (اُگهڻ)، ڪَڙهڻ (پيئَڻ)         ميهڻ (ڇڏڻ)، وَهڻ (وڃڻ)، وغيره. انهن مان ’وهَڻ‘ سنڌي ۾         پڻ ’وڃڻ‘ جي معنيٰ ۾ موجود آهي ”وهيو ساٿ سندوءِ“.

’اچڻ‘ مان امر، حال ۽ مستقبل، ۽ ماضي جون صورتون هيٺينءَ طور ٿينديون:

امر

آريو = آءُ؛ اچيس = اچو؛ اچي = اچي؛ اچييڻ = اچن.

مضارع ۽ مستقبل

        آڃُون اچِين تو = آءٌ اچان ٿو/ ايندس

        اَتوُن اَجين تو = تون اچين ٿو / ايندين

        هو اَچي تو = هو اچي ٿو/ ايندو

        اَسي اَچان تا = اسين اچون ٿا/ اينداسون

        اَئِين اچيس تا = اوهين اچو ٿا/ ايندؤ

        هي اَچيڻ تا = اهي اچن ٿا/ ايندا


(1) . تصديق لاءِ ڏسو پشيل جو ”پراڪرت ٻولين جو تقابلي گرامر“، انگريزي ترجمو، دهلي 1957ع، ص 31.

(2) . محقق بيروني صاف ڪري سمجهايو آهي ته قديم ’سووير‘ ساڳيو ملتان وارو علائقو هو. (”سوبير هوالمولتان“، ڪتاب ماللهند، حيدرآباد دکن ڇاپو، ص ص 253 ۽ 256).

(1)  ڏسو باب پنجون.

(2) . ڏسو باب چوٿون.

(1) . تصديق لاءِ ڏسو هن کان گرامر‘ (ص 32).

“Apabhran`sa shows affinities with the Vedic Language not in a small measure”.

(2) . اسان 1950ع ۾ ’ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس (لاڙڪاڻو)، جي موقعي تي سنڌي ٻولي جي بڻ - بنياد بابت غور ڪندي مٿين نتيجن تي پهتاسون. سنہ 1957ع ۾ سري جيرامداس دولترام ”آل انڊيا اوريٽل ڪانفرنس“ (دهلي) جي ’سنڌي سيڪشن‘ ۾ ’سنڌي جي اصل نسل‘ بابت پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو، جنهن ۾ مارڪڻڊيه ۽ بين جي بيانن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هو صاحب انهن نتيجن تي پهتو.

[Jairamdas Daulatram: ‘The Ancestry of sindhi’, Bharatiya Vidya, Vol. XVII, pp. 41.. 59, (The Address) pp. 58-59.

(conclusions)].

(1) . هن تاريخي سلسلي تي اسان ’سنڌي موسيقي‘ بابت لکيل پنهنجن تصنيفن ۾ قدري روشني وڌي آهي. ڏسو ’سنڌي موسيقي جي تاريخ‘ ۽ پڻ انگريزي ۾ ڇپيل:

“Development of Music in Sindh”, Hyderabad Sindh, 1973.

* . نسي من (نسي = لهي = هتي = هتي؛ من = مون) =هتي مون.

(1) . اسين مٿي چئي آيا آهيون ته جت بلوچ نسل جي قبيلن جي اها آڳاٽي ۾ آڳاٽي هجرت هئي. ان کان پوءِ ايران طرفان بلوچن جون ٻوليون هجرتون اسلامي دور بعد ٿيون، جن مان وڏي ۾ وڏيون ٻه هيون: هڪ 11 - 12 صدي عيسوي ۽ ٻي 15 -16 صدي عيسوي وارن دورن ۾.

(1) . ’راوچي‘ يا ’راوڇي‘ هڪ وڏو قبيلو آهي جنهن ۾ ٻيا ننڍا پاڙا شامل آهن جن مان پڳدار ’جوءنگلاڻي‘ پاڙو آهي.

* ’جتن جي ٻولي‘ ۾ پڻ مختلف ڳوٺن ۽ پاڙن جي لغت ۾ فرق آهي مثلاً ڪي ’کاڙو‘ ته ڪي ’شاڙو‘ ( =ڇا) چون؛ اهڙي طرح ڳيزون ۽ ڳيڌون (ڪڻڪ)، هيڻي ۽ ويسين (هتي)، ’ما‘ ۽ مانهين (مون)، هو ۽ اُسي (هوء) هنجھر ۽ هيلان هينئر)، نائي ۽ گادي (سوڙ) وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org