سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:29 

   ليليٰ - مجنون. هي عشقيه داستان ڪڇ جي سيد فاضل شاهه ،  12- صدي جي شروع ۾ (27 رمضان 1126ھ) تي سنڌي ۾ منظوم ڪيو. بعد ۾ خليفي عبدالله نظاماڻي سنه 1208ھ ۾ منظوم ڪيو.

   سسئي - پنهون” هيءَ عشقيه داستان پهريائين غالباً محمد عارف ڪلهوڙي ۽ پوءِ موريي فقير سنه 1290ھ ۾، ڊگھن سنڌي بيتن ۾ ٺاهيو. ٻئي طرف خليفي نبي بخش صاحب سنه 1250ھ ۾ سرائيڪي مثنوي ۾ ، محمد واصل سنه 1299ھ ۾ سنڌي مثنوي ۾ تفصيل سان منظوم ڪيو.

   مورڙو  مانگرمڇ. هيءَ قصو 12 صدي (18 - صدي عيسوي) ۾ امين کٽي ڊگھن سنڌي بيتن ۾ بيان ڪيو.

   ليلان - چنيسر. ’قصو ڪوءنرو چنيسر‘ جي عنوان سان مير شير محمد خان جي هندو منشي موريي فقير ڊگھن سنڌي بيتن ۾ 6- ربيع الثاني 1296ھ ۾ جوڙي راس ڪيو.

  مومل - راڻو. 12 صدي ۾ يعقوب کٽي هيءُ قصو ڊگھن سنڌي بيتن ۾ منظوم ڪيو. پوءِ ڀٽائي صاحب جي ننڍي معاصر ۽ لس ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم سنڌي بيتن ۾ بيان ڪيو. ساڳئي وقت (؟) هن قصي کي پڻ پير ڏني گاذر (کٽي) منظوم ڪيو (جنهن جو حوالو خداداد خان ”وقائع جيمسلمير“ ۾ ڏنو آهي) ۽ پوءِ لعل بخش عرف حفيظ تيوڻي (1810 - 90/1885ع) هيءُ قصو ڊگھن سنڌي بيتن ۾ جوڙيو جيڪو گهڻو مشهور ٿيو.

   يوسف - زليخا. ٽن شاعرن غلام محمد بُگائي، محمد ملوڪ (وفات 1189ھ) ۽ احمد هيءُ قصو قرآن شريف جي مثالي روايت مطابق منظوم ڪيو. هن قصي بابت غلام محمد بگائي جا ڪي ٿورا سنڌي بيت جيڪي دستياب ٿيا آهن سي اعليٰ معيار وارا آهن*

  سيف الموڪ ۽ بديع لامجمال. بهار بپڙ 12- صدي جي وچ ڌاري سنڌي بيتن ۾ جوڙيو ۽ پوءِ 199ھ ۾ لطف علي نهايت پر لطف سرائيڪي بيتن ۾ منظوم ڪيو.

  بانڪو بهرام.ڇَتي کٽي 12- صدي جي وچ ڌاري ڊگھن سنڌي بيتن ۾ بيان ڪيو، ۽ پوءِ 13- صدي جي شروع ڌاري لس ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم ”قصو شاهه بهرام گهور ۽ حسن بانو جو“ عنوان سان سنڌي بيتن ۾ جوڙيو.

  جمجمہ سلطان جو قصو. 12- صدي جي شروع ۾ جوڙيل برٽش ميوزيم لئبرري لنڊن ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي بعد ۾ شاعر عبالرحمان نالي ”اربع ڏينهن 5 جماد الاخر سنه 1226ھ“ ۾ هي قصو جوڙيو.

انهن سڀني قصن ۽ داستانن جي مختلف روايتن کي، ۽ پڻ دودي - چنيسر جي وڏي مشهور ڳالھ ۽ ٻين ڳالهين کي جيڪي ڳاهن سان ڳايو ويون ڪافي تحقيق سان سنڌي لوڪ ادب جي جدا جدا تيرهن (13)جلدن ۾ شايع ڪيو ويو آهي جن کي وڌيڪ تفصيلي معلومات لاءِ ڏسڻ گهرجي.

ٽالپورن جي دور ۾ قصن جي عام مقبوليت ايترو ته وڌيل هئي جو سنڌ جي قبضي ڪرڻ بعد ڪن انگريز مصنفن سنڌي قصن جي اشاعت ڏانهن توجھ ڪيو . ڪئپٽن سٽڪ پنهنجي ”سنڌي گرامر“ ۾ جيڪو 1849ع ۾ ڇپيو، راءِ ڏياج جي قصي جا بيت مثال طور آندا؛ ٽُرمپ سنه 1858ع ۾ فاضل شاھ جو ’ليليٰ مجنون‘ ڇاپايو؛ متن انگريزي ترجمي سان شايع ڪيو؛ رچرڊ برٽن ٽالپورن جي دور ۾ ئي سسئي - پنهون جي داستانن جي هڪ روايت کي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ وسندڙ قومون“ ۾ مختصي طور قلمبند ڪيو. ٽالپورن ڪتاب ”سنڌ ۾ وسندڙ قومون“ ۾ مختصر طور قلمبند ڪيو. ٽالپورن واري دور جي ڳالهين کڻندڙن، ڳائيندڙن ۽ سگھڙن جي رس رهاڻين واري روايت پنجاه سٺ سال کن پوءِ ويندي 19- صدي جي آخر ۽ 20- صدر جي شروعات تائين وڏي شوق سان هلندي آئي (1).

(ب) تخليقي اضافا. هن دور ۾ جئن ئي قصن ۽ داستانن کي عام ڪچهرين ۽ محفلن ۾ بيان ڪرڻ ۽ انهن کي چاهه سان ٻڌڻ جو سلسلو وڌيو ته هڪ طرف هنرمند ڳالهيون کڻندڙ ساماڻا جن ’ڳالهين ڳائڻ ‘ جي فن کي اوج تي پهچايو ته ٻئي طرف وڏي سوچ سمجھه وارا سگهڙ ساماڻا جن قصن ۽ داستانن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي پرکڻ لاءِ’ڳجهارت‘ جي فن کي وڌايو، ۽ پڻ انهن جي معنويت واري مام کي پروڙڻ لاءِ ’ڏور‘ جي تمثيلي شاعري شروع ڪئي. اڃان به وڌيڪ ٻين وڏن سياڻن سگهڙن هن دور ۾ ’هنر’ جي تجنيسي شاعري ۽ ’سنڌي سينگار شاعري‘ کي تخليق ڪيو. اهي سڀ فني تخليقون، روايتي ادبي ذخيري جي پرک پروڙ ۽ اعليٰ ڄاڻ جي نتيجي طور شروع ٿيون ۽ علمي سلسلن کان ٻاهر عوامي سطح تي عام ڪچهرين ۾ اوج کي پهتيون. ڪاريگرن ۽ ڪاسبين - خاص طور کٽين،ڪنڀارن، لوهارن ۽ واڍن جا دڪان سگهڙن ۽ سياڻن جي ڪچهرين جا مرڪز بنيا جتي روايتي ادب جي موضوعن تي رهاڻيون ٿيون ۽ ڏور، ڳجهارت، هنر ۽ سينگار جا سلا وڌي وڻ ٿيا. انهن موضوعن مان هر هڪ تي لوڪ ادب سلسلي جي هڪ جدا جدا ۾ تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي، جنهن مان انهن جي ادبي ۽ فني اهميت واضح ٿئي ٿي.

هن وقت تائين راقم جي لوڪ ادب تي ڪيل تحقيق جي روشني ۾ ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته جلال کٽي جيڪو شاهه عبداللطيف جو وڏو معاصر هو، سو 12- صدي ۾ سنڌ جي سياڻن سگهڙن جو سرتاج هو جنهن سگهڙپائي جي فن کي اوج تي پهچايو. خاص طرح ’هنر جي شاعري’ ۽ ’سنڌي سينگار شاعري‘ جي تخليق جو سهرو سندس سر تي آهي. جلال، مُوندر (تعلقي دادو) جو ويٺل هو ۽ غالباً ڀٽائي صاحب کان ٿورو اڳ 60 - 1150هه وارن سالن ۾ وفات ڪيائين، ۽ ’پير تُرهي جي مقام‘ ۾ دفن ٿيو جتي سندس قبر موجود آهي. لوڪ ادب سلسلي جي ”سنڌي سينگار شاعري“ (ڇپيل سنه 1406هه/1986ع) ۾ سگهڙن جي سرتاج جلال جي سوانح ۽ شاعري تي ڪافي تحقيق سان روشني وڌي وئي آهي، جنهن جو مطالعو وڌيڪ معلومات لاءِ مفيد ٿيندو.

11- سنڌي اساسي شاعري جي عمارت جو اڏجڻ

سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جو بنياد يا اساس اعليٰ انساني قدرن وارو فهم ۽ فڪر آهي: اهڙي شاعري جنهن ۾ محض ڪنهن قصي ۽ واقعي جي بيان يا محض شاعرانه خوبين جي اظهار بدران ڪا اعليٰ مقصد واري معنيٰ سمايل هجي. هن اعليٰ سنڌي شاعري جو اَساس، ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۽ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساه، ۽ معاشري ۾ اعليٰ خوبين واري شخصي ڪردار جي مفهوم تي ٻڌل آهي. مجموعي طور سان، سنڌي اساسي شاعري انسان جي ايمان ۽ ارادي جي سچائي ۽ عملي ڪردار جي اعليٰ معيارن جي تشريح ۽ تعبير آهي. گهڻي حد تائين اها تشريح، اسلامي تصوف ۽ طريقت جي ان صاف پاڪ روايت جي روشني ۾ ٿيل آهي جيڪا سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي عام مقبول ٿي.

سنڌي اساسي شاعري، وڏي ڄاڻ وارن صوفين سالڪن ۽ وڏي نظر ۽ وڏي دل وارن دانائن ۽ دردمندن جو ڪلام ۽ پيغام آهي جنهن ۾انسان جي عارضي زميني زندگي ۽ سندس دائمي بقاء سان لاڳاپيل حقيقتن جا اهڃاڻ سمايل آهن. انهن حقيقتن مان ڪي نهايت اهم هي آهن: ڪائنات جي خالق جي احديت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي جي حقيقت، ڪائنات جي تخليق ۾ وحدت ۽ ڪثرت، انساني وحدت لاءِ توحيد جي عقيدي ۽ ايمان جي سچائي جي ضرورت، عملي زندگي ۾ انسان لاءِ اعليٰ مقصد جي هجڻ ۽ ان مقصد تائين پهچڻ لاءِ مسلسل ڪوشش جي اهميت، زندگي جي مشڪل مرحلن توڙي سماجي لاڳاپن ۽ پيار جي رشتن جي نازڪ مرحلن تي انساني اخلاق ۽ ڪردار جي عظمت، اساسي شاعريءَ ۾ هر صوفي، عارف ۽ دانشمند پنهنجي پنهنجي ڄاڻ مطابق انهن حقيقتن کي دليلن، اشارن ۽ اهڃاڻن سان سمجهايو آهي.

موجوده ڄاڻ موجب، قاضي قادن اساسي شاعري جي عمارت جو باني مباني هو. هو سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو شاعر ۽ اساسي شاعري جو ابو هو. ڏهين صدي هجري ۾ قاضي قادن (وفات 958ع) اعليٰ سنڌي شاعري جي پيڙهه وڌي ۽ ميين شاهه ڪريم (وفات 1032هه) ان پيڙهه کي پختو ڪيو. هو ڪنهن حد تائين قاضي قادن جي سالڪانه فڪر جو شارح هو. يارهين صدي جي آخر ۽ ٻارهين صدي ۾ شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جي رسالن ۾ اساسي شاعري جي عمارت، هيئت ۽ صورت جي لحاظ سان، جڙي راس ٿي. اعليٰ فڪر ۽ مضمونن جي نکيڙ جي لحاظ سان  شاهه عبداللطيف ان کي سينگاري سهڻو ڪيو،  پڻ اهڙي راهه روشن ڪئي جو اڳتي لاءِ ان کي سينگارڻ جو سلسلو ويندي چوڏهين صدي تائين جاري رهيو. خاص طرح عبدالوهاب سچل، صوفي فقير محمد صديق، قنبر علي شاهه ڀاڏائي، خليفي نبي بخش ۽ آخر ۾ غلام محمد خانزائي اعليٰ اساسي شاعري جي ’رسالن واري‘ ايوان کي سنواريو ۽ وڌائي وڏو ڪيو.

هن دور ۾ اساسي شاعري جي تاريخ ۾ هڪ نهايت ئي مفيد رجحان پيدا ٿيو: يعني ته ’سلوڪ ۽ طريقت وارن بيتن جي روايت‘ ۽ ’عوامي بيتن جي روايت‘ ۾ معنوي ميلاپ ٿيو. اهو ميلاپ ميين ساهه عنايت جي ڪلام ۾ واضح طور نظر اچي ٿو. هن کان اڳ سنڌي بيتن جا ٻه جدا سلسلا هلندڙ هئا: هڪ طرف صوفي سالڪن، عارفن ۽ عالمن پنهنجن معياري ’معنوي بيتن‘ ۾ توحيد ۽ طريقت، ايمان ۽ اخلاقيات جا سب پئي سمجهايا ته ٻئي طرف ڳالهين کڻندڙن ۽ سگهڙن شاعرن عوامي قصن ڪهاڻني کي ’بيان بيتن‘ ذريعي پئي ورجايو ۽ ڳايو. ميين شاهه عنايت (وفات 1133هه) جي ڪلام ۾ پهريون ڀيرو هن ٻه - درياهي جي گڏيل پالوٽ نظر اچي ٿي. کانئس اڳ ڪن عارفن ۽ سالڪن توحيد ۽ طريقت جي اعليٰ معنوي اهڃاڻن کي عوامي عنوانن ذريعي پنهنجن ڪن بيتن ۾ بيان ڪيو، پر اها اڃان شروعات هئي. مثلاً ميين علي شيرازي، ميين شاهه ڪريم ۽ ڪن ٻين جا ڪي ٿورا بيت سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن جهڙوڪ مورڙيي - مڇ، سسئي -- پنهون، عمر - مارئي، ليلان -- چنيسر، مومل -- راڻي، سهڻي -- ميهار جي ٽاڻن اهڃاڻن ۾ سمايل ملن ٿا. ميون شاهه عنايت اعليٰ اساسي شاعري جو پهريون شاعر هو جنهن انهيءَ رجحان کي پنهنجي ڪلام ذريعي پختو ڪري عام مقبول بنايو. هن مٿين عوامي قصن سان گڏ (الف) سورٺ- راءِ ڏياچ - مڱڻي، نوري -- ڄام تماچي ۽لاکي -- ريٻارين جي داستانن، (ب) کاري - کيڙائن ۽ جوڳين - پوربين - سامين جي ڪاوشن، (ج) پيشه - ور ڪاپاتين، ۽ (د) سورهين ۽ سختين جهڙوڪ ابڙي، جکري ۽ ڪَرن جي ڪردارن کي پنهنجن بيتن ۾ بيان ڪيو. اهڙيءَ طرح، ميين شاهه عنايت پنهنجي ڪلام ۾ اعليٰ فڪري روايت ۽ عوامي روايت ٻنهي کي هڪ جاءِ ڪيو. ان بعد شاهه عبداللطيف پنهنجن بيتن ۽ واين ۾ ٻنهي روايتن جي رخ ۽ رس کي ملائي هڪ ڪيو، ايتري قدر جو اڳتي لاءِ اهو پيچرو اعليٰ اساسي شاعري جي شاهراهه بنجي ويو.

مقدار جي لحاظ سان، هن دور ۾ اساسي شاعري جو سرمايو وڏي انداز ۾ وڌيو، اعليٰ معنوي بيتن جا ذخيرا ’رسالي‘ جي خاص نالي سان صورت پذير ٿيا. شاهه لطيفي الله قادري پهروين شاعر هو جنهن توحيد ۽ طريقت بابت پنهنجن معنوي بيتن جي مجموعي کي ’رسالي‘ جو نالو ڏنو. شاهه لطف الله کان وٺي اعليٰ اساسي شاعري جا اٺ وڏا شاعر اهڙا ٿيا جن کي ”رسالي جا ڌڻي“ سڏي سگهجي ٿو. مختصر طور انهن سڀني جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

شاهه لطف الله قادري اگهم ڪوٽي. سنه 1020هه (1611ع) ڌاري قديم تاريخي شهر اگهم ڪوٽ ۾ ڄائو ۽ سنه 1090هه (1679ع) ڌاري وفات ڪيائين. پنهنجي وقت جو عالم ۽ عارف هو. طريقت ۽ تصوف جي سلسلي ۾ ٻه ڪتاب ’تحفة السالڪين‘ ۽ ’منهاج المعرفت‘ فارسي ۾ تصنيف ڪيائين. پويون ڪتاب جيڪو سنه 1078هه ۾ لکيائين سو قلمي صورت ۾ موجود آهي، ۽ ان جي ايڪيهن بابن مان ڪن جي پويان هڪ يا ٻه سنڌي بيت پڻ ڏنل آهن. ان کان پوءِ تصوف ۽ طريقت جي خاص خاص موضوعن ۽ معنائن کي سمجهائڻ لاءِ ستن بابن تي مشتمل سنڌي بيتن ۾ ’رسالو‘ تصنيف ڪيائين جنهنجي اصل نسخي ۾ٽي سئو اوڻاسي (379) بيت هئا. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڪتابن ۾ شاهه لطيف الله قادري جي چئن سَوَن سنڌي بيتن جو شمار بيهي ٿو جيڪو هڪ وڏو ذخيرو آهي. موجوده ڄاڻ موجب، شاهه لطيف الله قادري جو رسالو سنڌي نظم جي تاريخ ۾ پهريون وڏو ڪتاب آهي، جيڪو سڄي جو سڄو وڏي معنيٰ وارن سنڌي بيتن ۾ تصنيف ٿيل آهي: هيءُ رسالو راقم جي تصيح ۽ تحقيق مقدمي سان ’سنڌالاجي‘ جي اداري طرفان سنه 1388هه (1968ع) ۾ شايع ٿيو ۽ وڌيڪ تفصيلي مطالعي لاءِ موجود آهي.

ميون ساهه عنايت رضوي نصرپوري. سنه 35 - 1030هه (26 - 1621ع) ڌاري ڄائو ۽ سنه 1133هه (1721ع) ۾ وفات ڪيائين (1). شاهه خيرالدين قادري سکر واري جي درگاهه سان عقيدت هئس ۽ تصوف ۾ قادري طريقي جو بزرگ هو. ميين شاهه عنايت پنهنجي ڪلام ۾ ’سنڌي وائي’ جي سٽاء جي تڪميل ڪئي جيڪو هڪ تخليقي ڪارنامو هو. هن عام سنڌي قصن ۽ داستانن جي ٽاڻن توڙي ٻين اهڃاڻن کي پنهنجن اعليٰ معنوي بيتن جو موضوع بنايو جنهن سان اعليٰ سنڌي شاعري جو دائرو وسيع ٿيو ۽ ان ۾ ’موضوع وار‘ يا ’سُر وار‘ بيتن ۽ واين جو سلسلو شروع ٿيو. هن کان اڳ شاهه لطف الله قادري جو رسالو فقط تصوف ۽ طريقت واري هڪ ئي موضوع بابت چيل اعليٰ معنوي بيتن وارو رسالو هو. جدا جدا موضوعن بابت بيتن ۽ واين تي مشتمل پهريون رسالو ميين شاهه عنايت جي ڪلام جو مجموعو آهي. جنهن ۾ ٻاويهن مختلف موضوعن يا سرن تي 471 بيت ۽ 40 وايون موجود آهن. ’ميين شاهه عنايت جو ڪلام‘ راقم جي تصحيح ۽ تحقيقي مقدمي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1963ع ۾ ڇپيو جنهن جو وڌيڪ تفصيلي مطالعو ڪري سگهجي ٿو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1102 - 1125هه/ 1689 - 1752ع). شاهه ڪريم وفات ڪئي (1030هه) ته ميون شاهه عنايت ڄائو، ۽ ”ميين شاهه عنايت وفات ڪئي ته ڀٽائي صاحب جوان ٿيو. ميين شاهه عنات عوامي موضوعن ۽ اعليٰ معنوي مضمونن کي ڳنڍڻ جي شروعات ڪئي، ۽ شاهه عبداللطيف ٻنهي کي ملائي هڪ ڪيو جو عوامي موضوعن جي خاڪن ۾ اعليٰ فڪر جو روح ڦوڪيائين ۽ اعليٰ معنوي موضوعن کي عوام الناس جي سوچ سمجهه واري سطح تي آسان ڪيائين. ميين شاهه عنايت جو ڪلام ٻاويهن موضوعن تي مشتمل هو پر شاهه صاحب ڪيترن ئي وڌيڪ موضوعن تي بيت چيا. ’شاه جي رسالي‘ ۾ اوڻٽيهه کن سُر اهڙا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي شاهه جي پنهنجن بيتن ۽ واين تي مشتمل آهن. انهن مان ڪي سر اهڙا آهن جن ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوع شامل آهن. شاهه صاحب عوامي زندگي جي عام ڌنڌن پيشن جهڙوڪ سانگين ۽ سنگهارن، ڪنڀارن ۽ لوهارن، ڪورين ۽ ڪاسبين، منگتن ۽ مڱڻهارن، ڏٿ ڏوريندڙن ۽ مارو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي پڻ پنهنجن اعليٰ معنوي بيتن ۾ آندو. تعداد جي لحاظ سان ’ساهه جي رسالي‘ جي جدا جدا قلمي ڇاپن ۽ رسالن ۾ اندازاً ٻه سؤ کن وايون ۽ ٽي هزار بيت اهڙا آهن جن مان گهڻا سڀ صحت ۽ معيار جي لحاط سان شاهه صاحب جا پنهنجا چيل آهن.

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ’شاه جو ڪلام‘ شعر، فڪر، معنيٰ ۽ بيان جي لحاظ سان اعليٰ اساسي سنڌي شاعري جي آسمان جو سج آهي. شاهه جي هڪ وڏي عظمت انهيءَ ۾ آهي جو اعليٰ فڪري ۽ اخلاقي نُڪتن نروار ڪرڻ سان گڏو گڏ هن مختلف سرن ۽ داستانن ۾ زندگيءَ جي مشڪل ۽ صبر - آزما موڙن 7 مرحلن تي مختلف ڪردارن جي نفسياتي ڪيفيتن کي نروار ڪيو آهي. انساني شعور ۽ لاشعور ۾ سندس گهري سرت ۽ نرت مان ظاهر آهي ته شاهه انسان جي نفسياتي ڪيفيتن جو فطري شارح آهي.

عبدالوهاب سچيڏنو عرف سچل. سندس ولادت جي پڪي تاريخ معلوم ناهي پر هڪ روايت موجب هو ڀٽائي صاحب جي وفات (1165هه) کان اڳ ڄاول هو. هن سنه 1242هه (1827ع) ۾ وفات ڪئي. شاهه عبداللطيف کان پوءِ، رسالي جي بيتن ۽ واين جي صورت ۾ جيڪو اعليٰ فڪر وارو ڪلام چيو ويو سو ’رسالن‘ جي صورت ۾ مرتب ٿيو، سواءِ سچل جي ڪلام جي جيڪو مقدار، معنيٰ ۽ سر وار موضوعن جي لحاظ سان رسالي جي صورت ۾ مرتب ٿيڻ جي لائق آهي. سندس ڪلام ۾ ٻين سرن سان گڏ سهڻي، پوب، ڏهر، بروي، رامڪلي جي سرن وارا بيت موجود آهن. پر انهن سرن جي عنوانن سان شايع ٿيل نه آهن. هن پوئين ويجهي دور ۾ سچل جو ڪلام، ٻوليءَ جي لحاظ سان، سنڌي ۽ سرائيڪي جي ٻن جدا جدا مجموعن ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1959ع ۾ شايع ٿيو، جن ۾ جيتوڻيڪ گهڻو ڪلام شامل آهي پر اڃان وڌيڪ ڪلام انهن مجموعن کان ٻاهر آهي جنهن کي تحقيق ۽ تصحيح سان سهيڙڻ جي ضرورت آهي. شعر جي ڪسوٽي جي لحاظ سان، سچل سندس سرائيڪي قافين ۾ وڌيڪ وڏو ’شاعر‘ اهي ۽ باقي ڪلام ۾ ’نظم - گو‘؛ ۽ جيتوڻيڪ ان منظوم ذخيري ۾ به شاعري جون جهلڪون موجود آهن پر اهو گهڻي ڀاڱي سادي سٽاء ۽ سادي بيان وارو آهي. سچل جي ڪلام مان مجموعي طور تي اهو واضح ٿئي ٿو ته هو فارسي خواندو پڙهيل شاعر آهي، ۽ صوفيانه فڪر توڙي ان جي بيان ۾ سمايل تلميحن ۽ اهڃاڻن ۾ مٿس سنڌي روايت کان وڌيڪ فارسي روايت جو اثر آهي. بعضي سندس عشقيه عبارت به فارسي غزل جي روايت ڍڪي وڃي ٿي جو هو محبوب کي مهڻي - هاب ڪري ٿو. سنڌ جي روايت ۾ محبوب بي ميار آهي. ’حال‘ ۽ ’خيال‘ ٻئي سچل جي ڪلام ۾ نمايان آهن پر ’حال’ تي سندس ’قال‘ وڌيڪ ڇانيل آهي. ’خيال‘ ۽ ’دم‘ به سچل جي فڪر جا خاص نِڪات آهن پر هو ’خيال‘ کي ’دم‘ کان مٿي سمجهي ٿو. ’وحدت الوجود‘ ۽ ابن العربي جو عَينِيّت وارو فڪر سندس فڪر جو بڻ بنياد آهي پر هو ماضي کان هلندڙ ’ادب‘، ’اطاعت‘ ۽ ’تقليد‘ واري رسم ۽ روايت کان ٻآهر نڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. هو ’صفات‘ کان وڌيڪ ’ذات‘ واري فڪر ۽ معنيٰ کي ورجائي ٿو، ۽ ’خودي‘ توڙي ’بي خودي‘ واري رخ سان خود آگاهي ۽ خود اعتمادي جا سبق سمجهائي ٿو.


* تازو راقم کي هي بيت مولانا جامي جي ’يوسف - زلاخا‘ جي هڪ قلمي نسخي جي حاشيي تي لکيل نظر آيا آهن ، هن وقت مطالعي هيڍ آيل آهن ۽ سگھو شايع ڪيا ويندا (نبي بخش، 29 جولاءِ 1990).

(1) انگريز جي قبضي بعد سنڌ جي پنهنجن عالمن، ڪاريگرن، هنرمندن، موسيقارن، قصه خوانن  سگھڙن جي قدرداني ۽ انعام اڪرامن سان حوصله افزائي جا سلسلا ختم ٿا. 1930 بعد براج واهن جو وهڻ ۽ 1937ع ۾ سياسي ڇڪتان شروع ٿيڻ بعد اڳين فراغت توڙي محفلن واري محبت گهٽ ٿي جنهن ڪري لوڪ ادب جا توڙي محفلن واري محبت گھٽ ٿي جنهن ڪري لوڪ ادب جا سرچشما پڻ سڪڻ لڳا.

(1) . ميين شاهه عنايت جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ وقت سندس وفات جي تاريخ اندازي موجب ڄاڻائي وئو. بعد ۾ هڪ آڳاٽي قلمي عبارت ذريعي تصديق سان معلوم ٿيو ته سنه 1133هه ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org