مون فلاني ڇڏي مون فلاڻي ڇڏي مون فلاڻي ڇڏي
[اصل: مُن فلاني چهڏي مُن فلاني چهڏيمُن فلاني چهڏي] ته ان حالت
۾ مٿس ڇا لازم ٿيندو؟
مخدوم محمد هاسم جواب ۾ چيو ته: جيڪڏهن نيت ٽن طلاقن جي ڪيائين
ته طلاق پڪو ٿي چڪو ۽ زال پوءِ بئي سان نڪاح ڪندي.
پر جيڪڏهن ڪنهن به ڀيري اهڙي نيت نه ڪيائين ته
پوءِ ’طلاق بائن‘ ٿيو ۽ نئين سر نڪاح پڙهبو. اهو
انهيءَ ڪري جو:
’سنڌي بولي جي ڪنايَن’ (لفظن جيمعنوي اشارن) کي ائين ئي نبيرڻو
پوندو، جيئن ’عربي جي ڪناين‘ کي. سنڌين جي زبان ۾
لفط ’ڇڏي‘ [اصل. چهڏي] ’ڪنايو‘ آهي ۽ نه ’صريح‘
(چتي معنيٰ وارو). سنڌي زبان ۾ هن قسم جا ٻيا
ڪيترائي مثال موجود آهن
(1).
مخدوم غلام محمد ۽ مولوي عبدالرحيم. انهن پڻ هڪ شخص اسماعيل جي
هيٺين لفظن بابت فيصلو ڏنو. اسماعيل پنهنجي زال کي
ڪاوڙ مان چيو ته:
’توکي طَلاقُڻ ڦٽو ڪيم‘
(1)
(ب) سنڌي ۾ سخن وجهڻ يا قسم کڻڻ واري صورت ۾ طلاق جو فيصلو.
بعضي ماڻهو قسم کڻندا هئا جنهن مان نفاق وڌندو هو.
ان کي روڪڻ لاءِ پهريائين عالمن طلاق جو فيصلو
ڏنو، پر پوءِ اهڙن لفظن تي وڌيڪ غور ڪري، وڌيڪ
منصفانه شرعي فيصلا ڪيا ويا. مخدوم حامد اگهمي
پنهنجي وقت ۾ ڪنهن شخص جي هيٺين طور کنيل قسم بابت
شرعي فيصلو ڏنو:
”مون کي وڏو سنهن آهي جي هيءَ چائنٺ تنهنجي لنگهان“.
[اصل صورتخطي: ’منکهي وڏو سہ آهي جسلآ هي چائوت تهجي لنکهيان]
يعني ته پنهنجي ڪنهن عزيز کي ڪاوڙ مان چيائين ته: مون کي وڏو
سنهن (قسم) آهي جو هن کان پوءِ هي تنهنجي چائنٺ
لنگهي اندر تنهنجي گهر ڪونه ايندس. ’وڏو سُنهن‘
مان ان وقت مراد ’وڏو شرعي قسم‘ هو. جنهن اهڙو قسم
کنيو ۽ وري پوءِ ان قسم کي ڀڳو ته پوءِ مٿس طلاق
واجب ٿيو. مخدوم حامد اگهمي کان پڇيو ويو ته:
جيڪڏهن ڪو پنهنجي ساٿي کي ڪاوڙ مان چئي ته:
”مون کي سُنہ وڏو آهي.“
[اصل صورتخطي: ’منکهي سہ وڏو آهي‘]
جو تنهنجي گهر ماني کان، ۽ پوءِ ماني کائي ۽ قسم ڀڃي ته مٿس
طلاق لڳندو يا نه؟ يا ڪو چئي ته:
”مونکي شرع جو سُنہ آهي“
[صورتخطي: ’منکهي شرع جو سُہ آهي‘]
جو فلاڻو ڪم ڪريان، ۽ پوءِ اهو ڪم ڪري تٿ مٿس ڪهڙي فتويٰ لڳندي؟
يا جيڪڏهن ڪو چوي ٿو:
”مُون ٻَيَڙَ پا هنجي ڇَڏِي“
[اصل صورتخطي: مون ٻَيَرَ پاهجي چهڏِي. (ٻيڙ معنيٰ زال)] ته
مٿس ڪهڙي فتويٰ لڳندي؟
مخدوم حامد اگهمي ان جو جواب لکيو ته: ’مرحوم شيخ احمد جي بيان
۽ مرحوم ضياء الدين جي تحرير مطابق ’شرع جي سنهن‘
کڻڻ سان ’طلاق بائن‘ لڳندو. ’ڇڏي‘ چوڻ سان پڻ
درٻيلي جي عالمن جي فتويٰ موجب ائين ٿيندو، پر ٺٽي
جي عالمن جي فتويٰ موجب ’طلاق صريح‘ (پڪو طلاق)
ٿيندو.
(1)
مخدوم عثمان متعلوي (وفات 20 ذوالحج 1219هه/1805ع: مخدوم عثمان
مٽياروي سنڌي ۾ اهڙي کنيل قسم کي وڌيڪ توريو تڪيو
۽ پنهنجي ڏنل فتويٰ ۾ هڪ وڌيڪ شرط لڳايو ته اهڙي
سخن يا قسم تان طلاق تڏهن لازم ٿيندو جڏهن مڙس
پنهنجن لفظن کي خصوصي طور پنهنجي زال سان لاڳو ڪيو
هجي؛ ٻيءَ حالت ۾ طلاق نه لڳندو. مثلاً
”جيڪڏهن ڪنهن مرد سنڌي زبان ۾ چيو ته:
’مون کي ٽي طلاقون جي هي ڪم ڪريان‘
(1)
۽ پوءِ جيڪڏهن اهو ڪم ڪيائين ته طلاق لازم نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته
هن (انهن لفظن ۾) طلاق کي پنهنجي زال سان لاڳو
ڪونه ڪيو (يعني زال جو ذڪر ڪونه ڪيائين).
ميان عبدالواحد متعلوي. مٽيارين جي عالمن پوءِ مخدوم عثمان واري
فيصلي کي قائم ڪيو. ميان عبدالواحد سندس هيٺين
عبارت ۾ کولي سجهايو ته اهڙن لفظن چوڻ سان قسم نه
پوندو ۽ طلاق نه لڳندو:
جيکو چوء ته جي فلانو ڪم ڪئم ته منکي مصحف چکندو
ڪه منتي ڪه منپٺيا مصحف ڪه الحمد ڪه کلمو آه ته
ڪرن سان ان ڪمجي قسم نه پوندو پر سببا نه
تعظيم ڏين مصحف ڪ الحمد ڪ کلميجي کنهکار
ٿيندو تنهنکري اگيا الله تعاليٰ جي سچ سان
توبهء استغفار کري 12- ميان عبدالواحد متعلوي
ميان عبدالواحد جي ڏنل هي فتويٰ، اڏيري لعل جي مشهور عالم سيد
علي محمد ساهه (وفات 19 ،جھر، 1287هه/1870ع)
پنهنجي هٿ لکيل ’بياض سيدي‘ ۾ائين نقل ڪئي آهي.
چئي نٿو سگهجي ته اصلوڪي عبارت جي صورتخطي ائين
هئي يا سيد علي محمد شاهه ائين ڪري لکي. موجوده
صورتخطي ۾ هي عبارت هيٺين طور بيهندي:
جيڪو چوي ته جي فلاڻُ ڪم ڪيم ته مون کي مصحف
چکندو ڪِه مون تي، ڪِه مون پيان مصحف ڪِه الحمد ڪِ
ڪلمو آهه ته
ڪرڻ سان انڪم جي قسم نه پوندو پر سببان نه
تعظيم ڏيڻ مصحف ڪِه الحمد ڪِه ڪلمي جي گنهگار
ٿيندو.ئ تنهن ڪري اڳيان الله تعاليٰ جي سچ ساڻ
توبهه ۽ استغفار ڪري
(1).
مخدوم عبدالواحد وڌيڪ وضاحت هن طرح ڪئي ته:
قَسمن جا ٽي قسم آهن هيڪڙو ’لغو‘ ٻئو ’غموس‘ ٽئو
’منعقد‘ پوءِ پِهري قِسم ۾ قَسم نه پوندو ۽ ٻيم په قَسم
نه پوندو پر اي قسم ٽٻي ڏآرندر دوزخم آهه ۽
انم توبه استغفار لازم آه - ۽ تي قسم جي سڀني صورة
۾ قسم پوندو
(2)
[بياض سيدي]
مٿين عبارتن جي صورتخطي توڙي انهن ۾ استعمال ٿيل الفاظ ۽ اصطلاح
سنڌي صورتخطي توڙي عام ٻولي جي مطالعي جي لحاظ سان
اهم آهن؛ مگر انکان وڌيڪ اهميت واري ڳالهه هي آهي
ته سنڌي عالمن پهريائين عربي ۾، پوءِ عربي يا
فارسي ۾، ۽ بالا آخر سنڌي ۾ فتوائون ۽ شرعي فيصلا
لکڻ شروع ڪيا. سنڌي نثر جون اهي اوائلي عبارتون
هيون جيڪي لکت ۾ آيون.
(ج) سڱابندي وقت چيل جملا. سنڌي ۾ هيٺين گفتگو مخدوم عبدالواحد
سيوهاڻي جي بياص ۾ ڏنل آهي ۽ پڻ ان بابت مخدوم
صاحب جو شرعي فيصلو قلمبند ٿيل آهي ته: ’مخدوم
جعفر بوبڪاني جي ڪتاب ’متانہ‘ جي تصديق موجب، هن
حالت ۾ نڪاح جو حڪم لڳندو‘.
ڇوڪري جي پيءُ سنڌي ۾ نوجوان کي چيو:
”اَبَا يَارَ مُهجاسَي مِلکُ تُهجِي مُن کَرنِي ساکي“
[ابا يار منهنجا، شيء (نياڻي) مِلڪ تنهنجي مون ڪرڻي سان ڪي
(ڪئي)]
آڏو ان نوجوان پڻ سنڌي ۾ هن طرح جواب ڏنو ته:
”مُن مَٿي تي مَنڃِي“
[= مون مٿي تي مڃي]
تڏهن ڇوڪري جي پيءُ وارن ان نوجوان جي پيءُ ماءُ کي سنڌي ۾ چيو
ته:
هَارِ وِ سَيَاهُ
[هاڻِ وِسهيا = هاڻي اوهان ويساه يا اعتبار ڪيو]
مٿين گفتگو واقعي ڪن ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٿي، يا مخدوم صاحب مثال
طور آندي، پر اهي جملا مخدوم صاحب جي وقت جا آهن،
يعني ته سندس وفات واري سال (ڏهين صدي هجريءَ جي
آخر) کان اڳ جا آهن، جن تي شرعي نگاه سان سوچيو
ويو ۽ فيصلو ڏنو ويو.
(د) اهي الفاظ جن جي چوڻ سان چوندڙ کي مسلمان تسليم ڪري سگهجي.
سنڌ جا گهڻا قبيلا آڳاٽي وقت کان وٺي اسلام ۾ داخل
ٿيا، ۽ باقي جيڪي غير مسلم قبيلا هئا، تن مان پڻ
پوءِ ڪي سڄا ڪٽنب يا ڪي اڪيلا شخص اسلام قبول ڪندا
رهيا. شروع ۾ ماڻهو ڪهڙي نموني سان اسلام جو
اِقرار ڪندا هئا سو معلوم ناهي، پر مغليه حڪومت جي
آخر کان وٺي ٽالپرن اميرن جي دور تائين (يا پڻ ان
کان پوءِ) هڪ طريقو اهو هو جو غير مسلم شخص ڪنهن
طرح ’سنڌي‘ ۾ اهڙو اظهار ڪندو هو، جنهن مان تصديق
ٿيندي هئي ته هو پاڻ پنهنجي اِرادي موجب مسلمان ٿي
چڪو. پر اهڙي نيت ۽ ارادي جي تصديق خاطر. سنڌ جي
عالمن غير مسلم شخصن واتان چيل جملن تي ڪرڻ شروع
ڪيو ته جئن فقط سچي نيت واروئي اسلام داخل ٿئي.
انهيءَ سلسلي ۾ هيٺين قسم جا سنڌي الفاظ ۽ جملا ڪم
از ڪم 12 صدي هجري/17 صدي عيسوي کان وٺي زير بحث
رهيا.
هڪ هندو شخص اچي چيو ته فلاڻي ڳوٺ جي هندن سان مون ڳالهايو ۽
کين ٻڌايم ته:
اَوَان وَانِيِکي وانِي کا جُدا آهيان
[= اوهان (جي) واڻڪيءَ واڻيءَ کان جدا آهيان]
مٿئين جملي ۾ لفظ ’واڻي‘ جي وضاحت ڪئي وئي ته: ’سنڌي ٻولي ۾ لفظ
’واڻي‘ جي معنيٰ ’زمره‘ يا ’جماعت‘ آهي‘
(1).
هڪ سوال پڇيو ويو ته: هڪ مسلمان گفتگو ڪندي چيو ته: آسمان ۽
زمينون خدا ۽ خدا جي رسول جا آهن. جنهن تي اُتي
ويٺل هڪ غير مسلم چيو ته:
اَون پُن اُنِهِم جوءِ آهيان
[=آئون پڻ اُنهين (انهن ٻنهي) جوئي آهيان]
اهڙي صورت ۾ انهن لفظن چوڻ سان هي غير مسلم مسلمان چئي سگهجي ٿو
يا نه؟ ان جو جواب هي ڏنو ويو ته: اهڙي صورت ۾ فقط
شرعي ثبوت بعد ئي هن کي مسلمان چئي سگهجي ٿو. وڌيڪ
سنڌي لفظ ’انهين‘ (انهم) جي مفهوم کي هن طرح واضح
ڪيو ويو ته: ’سنڌي زبان ۾ لفظ ’انهين‘ اسم اشارو
توڙي ضمير ٻنهي لاءِ مشترڪ طور استعمال ٿئي ٿو، ۽
اسم اشاري ’ذات‘ توڙي ’وصف‘ ٻنهي سان لاڳو آهي‘
(1).
ڪو غير مسلم پاڻ پنهنجي زبان سان ڪنهن مسلمان کي
مخاطب ٿي هيٺيان الفظ چوي، ته هو مسلمان ٿي چڪو يا
نه؟
ته آءُ پانرَ تابع پيغمبر جو آهيان
[= ته آءٌ پاڻ تابع پيغمبر جو آهيان]
ــــــــــ
آن تو جِهرَو آهيان دَيري شَهر مَين
[= اَن (آءٌ) تو جهڙو آهيان ديري جي شهر ۾]
ــــــــــ
ايمان مُنجو جاءِ آهي
[= ايمان منهنجو جاءِ آهي]
ـــــــــ
بي اِيمان تُن آهي آءُ سان اِيمان آهيان
[= بي ايمان تون آهين آءٌ ساڻ ايمان آهيان]
ــــــــ
اَنا راهُو اَو اَوتَہ اَو دَهِري
انا راهو اَو اُنَر اَو اَوتَه
[= آءٌ راهو يا اوٺو يا ڏاهري آهيان
آءٌ راهو يا انڙ يا اوٺو آهيان]
دعا کجاه تا الله تعاليٰ منکلآ پن ايمان جي سلامتي ڏي
[=دعا ڪجؤ ته الله تعاليٰ مون کي پڻ ايمان جي سلامتي ڏي]
ڪنهن غير مسلم واتان اهڙن الفاظن ۽ اقرارن ادا ٿيڻ جي صورت ۾
عالمن ۾ اختلاف رهيو. هنڱورجن جي مخدوم عبدالرؤف ۽
ڪن ٻين جي نظر ۾ اهڙو شخص مسلمان ٿي چڪو، پر اڪثر
عالمن ان تي ڪُلي طور اتفاق نه ڪيو. بوبڪن جي
مخدوم حامد، نصرپور جي علامه عبدالرحمان (چوندڙ جي
نيت ۽ ارادي جي ثبوت خاطر) وڌيڪ تشريح ڪئي، ۽ پڻ
مخدوم محمد هاسم فتويٰ ڏني ته ڪن اهڙن چيل جملن جي
صورت ۾ لفطن جي مقصد کي متعين ڪرڻ ضروري ٿيندو (ته
چوندڙ جو اصل مقصد يا ارادو ڪهڙو آهي).
اتر طرف ملتان ۽ مٿي پنجاب تائين سنڌي ٻولي جي ثقافتي دائري جو
وسيع ٿيڻ
مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته هن کان اڳئين سمن واري دور ۾ سنڌ جي
قوالن ۽ ذاڪرن ملتان کان وٺي پنجاب ۾ ويندي لاهور
تائين، پنهنجن دلپذير نغمن سان سماع جي محفلن کي
مچايو، ۽ اتان جي اهل دلي صوفين ۽ بزرگن جي حلقن
کي سنڌي ٻولي سان روشناس ڪرايو. سنڌ ۾ سماع جو
سلسلو سومرن جي دور ۾ 7- صدي هجري (13 صدي عيسوي)
کان وٺي شروع ٿيو ۽ ايندڙ ٽن سون سالن ۾ اهو اوج ۽
عروج کي پهتو. سنڌ جي قوالن ۽ ذاڪرن سنڌي منظوم
صنفن ’بيتن‘ ۽ ’قافين‘ توڙي سنڌي موسيقي جي نغمن
خصوصاً ’ڪافي راڳ‘ کي سماع جي محفلن ذريعي سنڌ ۽
ملتان واري مرڪزي خطي توڙي مٿي پنجاب تائين مشهور
ڪيو. هنن غوث بهاؤالدين زڪريا توڙي شيخ فريدالدين
مسعود گنج شڪر (1175 - 1265ع) جي سماع جي محفلن ۾
ڳايو. امير خسرو جيڪو ڪم از ڪم پنج سال (678 -
683هه) ملتان ۾ رهيو، سو اتي جي سماع جي محفلن کان
متاثر ٿيو ۽ هن سنڌي قوالن جي ڳايل ڪافي ’راڳ‘ کي
دهلي تائين پهچايو. ان بعد سماع جو سلسلو غوث صاحب
جي جاءِ نشينن، خليفن ۽ معتقدن جي حلقن ۾ جاري
رهيو ۽ ايندڙ ٻن سولن سالن تائين ذاڪر ۽ قوال ئي
ان جا اڳواڻ رهيا. 15/16صدي (ع) ۾ هنن لاهور ۾ شيخ
عبدالجليل ۽ سندس جاءِ نشينن جي حلقن ۾ سماع جون
محفلون مچايون ۽ فارسي سان گڏ سنڌي ڪلام ڳايو هن
ساڳئي دور ۾ ڪن سنڌي بزرگن ۽ درويشن اوڀر هندوستان
۾ برهانپور کي وڃي وسايو هو جتي هنن سماع جو سلسلو
قائم ڪيو. اتي جو ذاڪر درويش ’لاڏ‘ يا لڏو سنڌي
(1523 - 1598ع) سنڌي قافيون اهڙي ته درد ۽ سوز سان
ڳائيندو هو، جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو پر
ٻڌندڙ پڻ محو ۽ مسحور ٿي ويندا هئا. هن دور ۾ قاضي
قادن جا بيت سنڌ کان ٻاهر ويندي برهانپور تائين
مشهور ٿيا.
انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر سماع جو سلسلو وڌيو ۽ ڏهين يارهين صدي
هجري (15/16صدي عيسوي) واري عرصي ۾ وڏي اوج کي
پهتو. ’هالہ ڪنڊي‘ جا ڀٽي بزرگ، جيڪي حضرت بهاءُ
الدين زڪريا جا خليفا ۽ مريد هئا، سي سماع لاءِ
وڏو ذوق ۽ جذبو رکندڙ هئا، ايتري قدر جو درويش
مخدوم احمد ڀٽي سال 936هه/1530ع ۾ سماع جي سوز ۽
گداز ۾ ئي دم ڏنو. ٺٽي ۾ سيد ميون علي شيرازي
(ثاني) (891 - 981هه/ 1486 - 1573ع) سماع جو سرواڻ
هو ۽ مڪلي جي درگاهن تي سماع ڪرائيندو هو، ٻئي طرف
ميين شاهه ڪريم (944 - 1032هه/ 1537 - 1623ع) جي
حلقن ۾ سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن سنڌي بيتن ۽ قافين
ڪلامن کي وڏي سوز سان ڳايو؛ هڪ مجلس ۾ ميون شاهه
ڪريم سندن سماع ۽ سرود کان ايترو ته متاثر ٿيو جو
پنهنجي مٿي ۽ ڪلهن جو لباس لاهي ان ڳائيندڙ قوال
کي قدرداني طور ڏنائين. هن ساڳئي دور ۾ مير محمد
معصوم بکري جي وڏي ڀاءُ مير محمد فاضل سنڌي قافي
کي دهلي ۽ آگري طرف مشهور ڪيو ۽ اتي جي درٻاري
ڳائڻن کي سنڌ جي ’ڪافي راڳ’ سان روشناس ڪرايو.
’ذخيرة الخوائين‘ (تصينف سال 51 - 1650ع جي مصنف
شيخ فريد بکري لکيو آهي ته مير محمد فاضل ”سنڌي
ٻولي جو شعر قافي نهايت ئي سهڻو ڳائيندو هو ۽ کيس
ان ۾ مقبوليت حاصل هئي“
(1).
ظاهر آهي ته ’قافي‘ سنڌي ٻولي جو ’شعر‘ توڙي ’راڳ‘
هو. مٿين حوالن مان ظاهر آهي ته 7 کان 11 صدي هجري
(13 کان 17 صدي عيسوي) وارن چئن سَون سالن جي وڏي
عرصي ۾ سنڌي ’بيت’ اتر طرف پنجاب (لاهور) تائين،
اوڀر طرف برهانپور تائين، ۽ وچ ۾ هندوستان ۾ دهلي
۽ آگري تائين مشهور ٿيا. ’ذخيرة الخوانين‘ جي سنڌي
مصنف کان سواءِ 16 - 17 صدي ۾ ٻين ٻاهرين محققن ۽
مصنفن پڻ تسليم ڪيو ته سنڌجو خاص راڳ ’ڪافي’ آهي ۽
اهو نهايت ئي مٺو ۽ سوز وارو راڳ آهي. مصنف محمد
غوثي جنهن پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ (تصنيف 1705
- 1613ع) ۾، شيخ لڌي سنڌي جي برهانپور ۾ سوز ۽ درد
سان ’ڪافين‘ ڳائڻ جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن وڌيڪ ائين
به ڄاڻايو اهي ته ڪافي سنڌ ۾ مقبول راڳن مان آهي
(2).
ابوالفضل جنهن پنهنجي مشهور ڪتاب ”آئين اڪبري“ ۾
راڳ بابت هڪ تحقيقي باب لکيو آهي؛ ۽ هر ملڪ ۽ هر
صوبي جي مخصوص مقامي راڳ جو نالو ڏنو آهي، تنهن
بالڪل چٽو ڪري لکيو ته ’ڪافي‘ خاص سنڌ جو راڳ آهي،
جنهن جي مهر ۽ محبت جو جادو سمايل آهي
(1).
13 کان 17 صدي عيسوي تائين سنڌي ’بيتن‘ ۽ ’قافين‘ توڙي سنڌي
’راڳ ڪافي‘ جي اها ملڪان ملڪ مشهوري صوفي عالمن ۽
اهل دل درويشن جي سماع جي محفلن ذريعي ٿي، ۽ پڻ
سندن زندگي جي حالات ۽ مَلفُوظات ۾ سماع ۽ راڳ،
ڪلام ۽ قافين، بيتن ۽ ڏوهيڙن جو ذڪر آيو آهي. ’سنڌ
جو راڳ ڪافي‘ هن دور ۾ ايترو ته مشهور ٿيو ۽ ايترو
ته مقبول هو جو ان جو اثر نه رڳو سنڌ ۽ پنجاب جي
مسلمان صوفين درويشن تي پيو، پر ٻين عقصيدن جي
اڳواڻن تي به پيو. مثلا هڪ طرف لاهور جي صاف دل
درويش سيد شاهه حسين (1539 - 1593ع) پنهنجن جذبن ۽
خيالن جو اظهار ’ڪافين‘ ذريعي ڪيو، ته ٻئي طرف ڀڳت
بابا گرونانڪ پنهنجي ڪلام ۾ ’ڪافي‘ نظم ۽ راڳ کي
آندو ۽ سنڌ جي روايت موجب ان نظم کي سنڌي محاورن ۾
رچڻ جي ڪوشش ڪيائين.
سِکن جي گروئن جي ڪلام ۾ سنڌي الفاظ ۽ فقرا.
’آد گرنٿ‘ يا ’آد بيڙ‘ جنهن کي ’شري گرو گرنٿ‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو،
سا سِکن جي پوتر پوٿي آهي، جنهن کي سکن جي پنجين
گرو ارجن ديو، اڪبر بادشاهه جي دور ۾ سنبت 1661
*
برابر سنه 1604ع ۾ مرتب ڪيو: يعني ته ان ۾ گرونانڪ
۽ کانئس پوءِ ٽن ٻين گروئن ۽ ٻين ڀڳتن ۽ ڏومن جو
ڪلام توڙي سندس پنهنجو ڪلام گڏ ڪيائين. گرو نانڪ
(1469 - 1539ع) سمن جي آخري دور ۾ هو، پر هن سمن
جي پڄاڻي کان 19 سال کن پوءِ، ارغونن واري دور ۾
گذاريو. سندس جاءِ نشين، ويندي گرو ارجن تائين، جن
جو ڪلام ’گرو گرنٿ‘ ۾ شامل آهي، سي پڻ سنڌ جي
تاريخ مطابق ارغونن - ترخانن واري دور ۾ ٿي گذريا.
انهيءَ لحاظ سان ’گرو گرنٿ‘ ۾ گڏ ڪيل ڪلام جو
ذخيرو پڻ ان دور جو يا وري ان کان اڳئين دور جو
آهي، ڇاڪاڻ جو ’ڀڳت‘ جن جو ڪلام گرنٿ جي ’ڀوڳ‘
واري ڀاڱي ۾ شامل آهي، تن مان ڪي اڳ ٿي گذريا؛
ڪبير ۽ بابا فريد کي پڻ ڀڳت ڪري لکيو ويو آهي ۽
سندن ڪلام ’ڀوڳ‘ واري ڀاڱي ۾ ڏنو ويو آهي.
’گرو گرنٿ‘ ۾ شامل ڪلام ۾ سنسڪرت، هندي، راجسٿاني، پنجابي وغيره
ٻولين جي لفظن، اصطلاحن، فقرن ۽ مصراعن جو وڏو
ذخيرو سمايل آهي، مگر ڪن حصن ۾ سرائڪي ڪلام توڙي
ٻيو ڪجهه اهڙو نظم ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌي جا الفاظ ۽
فقرا موجود آهن. ظاهر آهي ته ان دور ۾ سنڌي ۽
سرائڪي ٻولين جي اهميت جي مد هظر ئي گرونانڪ ۽
ٻين، سرائڪي ۽ سنڌي رنگ ۾ پڻ ڪلامن وڻ جي ڪوشش
ڪئي. گرونانڪ کان ٻه اڍائي سؤ سال کن وارو اڳيون
دور مسمان صوفين ۽ درويشن جي اثر رسوخ وارو دور
هو، جنهن ۾ ماڻهن جي روحاني ۽ اخلاقي تربيت خاطر
ذڪر ۽ سماع (راڳ) جا سلسلا جريا رهيا؛ انهي دور ۾
سنڌي ذاڪرن قافيون ۽ بيت ڳايا، ۽ صوفي درويشن جي
سماع وارين محفلن ذريعي سنڌي بيت ۽ قافيون توڙي
سنڌ جو ’ڪافي‘ راڳ ۽ ٻيا نغما ملتان کان مٿي پنجاب
تائين مشهور ٿيا.
گرو نانڪ تي پڻ صوفي درويش واري انهيءَ ماحول جو اثر پيو. سِکن
جي هڪ علمي روايت موجب، جيڪا ”جنم ساکي“ ۾ ڏنل
آهي، گرونانڪ پاڻ شڪارپور واري سرزمين ۾ آيو هو
(1).
جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته پوءِ اُتر سنڌ ۾ اچڻ
۽ اتي ڪي ڏينهن رهڻ واري عرصي ۾ گرونانڪ سنڌ جي
قافين ڪلامن ۽ سنڌ جي راڳن کان متاثر ٿيو. ’گرو
گرنٿ‘ واري ڪلام ۾ پڻ فڪر جي لحاظ سان سنڌ جي راڳ
جي روايت جو اثر نمايان طور نظر اچي ٿو. مثلاً
’ڪافي‘ جيڪا اصل ۾ خالص سنڌي نظم ’قافي‘ آهي جنهن
مان ’ڪافي‘ راڳ اُسريو
(2)،
سا ’گرو گرنٿ‘ ۾ ڏنل ڪن نظمن لاءِ عنوان طور آندل
آهي؛ ٻيو ته جن ايڪٽيهن راڳن جا نالا ’گرو گرنٿ‘ ۾
آيل آهن، تن مان ڪم از ڪم 14 راڳ اهڙا آهن، جيڪي
يا ته سنڌ - ملتان واري سرزمين ۾ اُسريا يا ته
نسبتاً انهن ئي علائقن ۾ وڌيڪ مقبول پيا. انهن مان
ماجهه، بها گڙا (وهاڳڙو)، سورٺ، ڌناسري، ۽ پرڀاتي
خاص طرح سنڌ جا راڳ آهن؛ ٻئي طرف سري راڳ، سارنگ،
آسا، تلنگ، جيتسري، بلاول، رامڪلي ۽ بنست، سنڌ ۽
هند جا اهي مشترڪ راڳ آهن جيڪي سنڌ توڙي هند ۾
مقبول پيا ۽ عام رائج ٿيا
(3).
هيٺ ’آدگرنٿ‘ يعني ’گرو گرنٿ‘ ۾ شامل گرو نانڪ۽ گرو ارجڻ جي
ڪلام مان ڪي نظم ڏجن ٿا، جن ۾ سرائيڪي جي آميزش
سان سنڌي الفاظ ۾ فقرا ڪم آندل آهن. ان کان سواءِ
بابا فريد جي دوهن (جن جي سٽاء ۾ خالص سنڌي ’بيت‘
جو اثر بابا فريد جي اثر هيٺ سک گروئن پڻ پنهنجن
ڪن دوهن ۾ ’وچين قافيي‘ واري سٽاء آندي آهي.
گرونانڪ جي ڪافي. ’گرو گرنٿ‘ جي چوٿين ڀاڱي ۾ (جيڪو 31 راڳن جي
عنوان سان رچيل آهي) ’راڳ مارو‘جي سري هيٺ، ’ڪافي‘
جي عنوان سان گرونانڪ جا نوَ دوها درج ٿيل آهن، جن
مان پهريان ٻه ’دَهاء‘ (ٿلهه) طور ۽ ان بعد ست ٻيا
ڄڻ مصراعن طور آندل آهن. انهن دوهن جي لڙهي جو
عنوان ’ڪافي‘ محض رسمي آهي، ۽ غالباً سنڌي ’ڪافي‘
جي ٻُڌل نالي پويان آندل آهي، ڇاڪاڻ جو ’دهاء‘
(ٿلهه) بعد آندل دوهن جا قافيا ’دهاء‘ وارن دوهن
جي قافين سان نٿا ملن. مگر جيئن ته مقصد سنڌي صنف
’ڪافي‘ کي آڻڻ جو هو، انهيءَ ڪري ان جي ٻولي ۾ پڻ
سنڌي الفاظ ۾ فقرا آندا ويا. هيٺ هن ’ڪافي‘ جو
دهاء (ٿلهه) ۽ پويان آندل ستن دوهن مان پنج ڏجن ٿا
(1).
”مارو ڪافي، محل 1، گهر 2“
دَهاُ (ٿلهه)
1. آوو وڃو ڊُمُڻيي ڪِتي مِتر ڪَرييو
2. ساڌن ڍوئي نه لهي واڍي ڪيُون ڌيري هو
3. ميڏا مَن رَتا آپڻي پِر تال
4. هُون گهول گهُمائي کنيي، هڪ ڀوري ندر نِهال
(مصراعون)
5. پَيئيَڙي ڏُهاڳَڻِي، ساهُرڙي ڪِيُون جاءُ
6. ميگَل اوڳڻ مُٺِڙي بِن پِر جهور مَراءُ
7. پَهِيُئَڙي پِر سَمُلان، ساهُرڙي گهَر واس
8. سُک سَرندُ سِهاڳڻِي، پِر پايا گُڻ تاس
9. ليڦ نِهالي پَٽ ڪي، ڪاپَڙ انگ بڻاءِ
10. پِر مُٺيي ڏُهاڳڻيي تين ڏُکِي رَيڻ وِهاءِ
11. ڪِتي چَکو ساڏڙي، ڪِتِي ويس ڪَرِيو
12. پِر بِن جوبَن باد بِيم، وَهڏِي جهُورِيندي جهَوريو
13. تو ڀاوَن تِو جيهِيان، مُو جيهيان ڪتيان
14. نانڪ نہُ ويِڇڙي، تِن سَچي رَتِيڙيان
[معنيٰ: 1. ڊُمِڻي = ڏوڻي ما.ي (؟)؛ ڪتي متر ڪريو = ڪيترا مِٽ
ڪيا.
2. ڍوئي = خبر؛ وانڍي = اڪيلي زال؛ ڪيون ڌيري هو = ڪيئن صبر ڪري
4. گهول گهمائي = گهور ٿيان؛ کنيي ڪيتي = پرزا پرزا ڪئي؛ هڪ
ڀوري = هڪ گهڙي؛ ندر = نظر؛ نهال = نهار، ڏس
5. پيئڙي ڏهاڳڻي = پياري (مڙس) جي ڏهاڳڻ
6. ميگل = غافل
7. پهيئڙي پر = پرين جو پيغام يا قاصد؛ سملان = سنڀران
8. سک سرند = سک وار؛ گڻ تاس = ڳڻن جو خزانو
9. ليڦ = سُڙَ، نهالي = وڇائي، ڪاپڙ انگ بڻاءِ = ڪپڙا بدن تي
پاتا.
10. ريڻ = رين = رات
11. ڪتي = ڪيترا ؛ساڏڙي = طعام
12. جوبن باد گيم = جوڀن برباد ڳيم (ويم)؛ وهڏي = وڏي؛ جهوريندي
جهوريو = جهورڻي (سُور) جهوريو
13. توڀاون = توکي راس اچن؛ تو جيهيان = تو جهڙيون؛
مو جيهيان ڪتيان = مون جهڙيون ڪيتريون]
هن ’ڪافي‘ ۾ ٿلهه ۽ مصراعن واري بنيادي سٽاء موجود آهي، مگر هڪ
ته ٿلهه جي بيهڪ نرالي آهي؛ ٻيو ته ٿلهه ۽ مصراعن
جا وازن ۽ قافيا هڪ ٻئي سان ڪين ٿا ملن. ڄڻ هر
مصرع جو وزن نرالو آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ
۽ ملتان تائين ’سماع‘ جي محفلن ۽ سنڌي ذاڪرن ذريعي
قافين ۽ بيتن جو غلغلو اتر پنجاب تائين پهتو،
انهيءَ ڪري هن نظم ۾ حد تائين ’ڪافي‘ جي ٿلهه ۽
مصراعن واري سٽاء کي نباهيو ويو، ۽ پڻ ان کي سنڌ ۽
ملتان جي سرائيڪي - سنڌي ٻولي جي آميزش سان رچيو
ويو. سرائيڪي سان گڏ هيٺيان لفظ ۽ فقرا اهڙا آهن
جيڪي سنڌي ۾ اڄ تائين استعمال ٿين ٿا:
واڍي = وانڍي (عورت)؛ نهال = نهار؛ جهومر مراءِ = جهُرِي مر؛
’پهيئڙي پِر سنڀران (سملان)، ساهرڙي گهر واس‘؛ ويس
ڪريو؛ وهڏي جهوريندي جهوريو = وڏي جهورڻي (سور)
جهوريو.
گرو ارجڻ جا سلوڪ. گرو ارجڻ (1563 - 1606ع) جي ڪن سلوڪن ۾ پڻ
سنڌي الفاظ ۽ فقرا سمايل آهن:
(الف) راڳ جيتسري جي وار ’سلوڪان نال‘ ۾ ويهه
’پوڙيون‘ آهن ۽ هر ’پوڙي‘ جي پويان ’سلوڪ‘ آهن جن
مان پهريون سنسڪرت ۾، ۽ ٻيو سرائيڪي - سنڌي رنگ ۾
رچيل آهي. مثال خاطر انهن مان هيٺيان اٺ ڏجن ٿا
(1).
2: (2)
*
مُک تِلي؛ پِير اُپري وسَندو ڪوٿڙي ٿاءِ
نانڪ سوڌني ڪيون وساريو، اُڌري جس دي ناءِ.
[منهن هيٺ، پير مٿي (ٿر ماءُ جي پيٽ) وسندو (رهندو) گندڙي جاءِ
(جڏهن ڄم ائين ته پوءِ) نانڪ سو ڌڻي ڇو وساريو،
نجات (اڌري) جنهن جي نانء]
3: (2) هَب رنگ ماڻي جِس سنگ تَيسَيو لائبي نِہُ
سو سُہُ بند نه وِسِرو، نانڪ جِن سُندر رچيا دِهُ
[سڀ رنگَ ماڻين جنهن سان، تنهن سان لائج نيہ
سو مالڪ (سہ = مڙس) گهڙي (بند) نه وسارئو.
اي نانڪ! جنهن سندر صورت (ده =بدن) جوڙي (آهي)]
4: (2) تَٽڙيا سا پريت، جو لائي بِينَ سيئو
نانڪ سچي پوريت، سائين سيتِي رَتِيا.
[ٽُڙي سا پريت، جا لائي ٻين سين
نانڪ سچي پريت، (انهن جي جيڪي) سائين سان رتا]
5: (2) اِيڌَڻ ڪيتو مُوگهنا، ڀوري دِنيَم ڀاءِ
مَن وَسندڙو سَچ سُہ، نانڪ هَبي ڏکڙي اُلاهِ
[ٻارڻ (گڏ) ڪيو مون گهڻو، ٿوري ڏنيم باه
من وسيو سچي مالڪ (سان ته) اي نانڪ! سڀي ڏکڙا لاهه]
6: (2) پيکندَڙو
**
ڪِي ڀُل تُمان دَسَم سُهڻا
اَڍنا لهَندڙو مُلهه، نانڪ ساٿ نہ جُلِي مايا.
[ڏسڻ جي ڀل ،جو ٽوهه (تمان) ڏٺم سهڻو
اڌ نه لهندو ملهه اي نانڪ!ساڻ نه هلي (ڄُلي) مايا]
11؛ (2) لگڙا سو نہ من منجھاء رَتيِا
ڌڙو سچ ٿوڪ ، نانڪ مٺڙا سو ڌڻي.
[لڳڙو سو نينہ، من منجھائين رتو
وڌڙو سچ ٿوڪ (سچ جي ٿوڪ جو مون سودو ڪيو)
اي نانڪ مٺڙو سو ڌڻي (مون اهو سچ جو ٿوڪ ڌڻيو)]
13: (2) سِيتڙا من منجھاءُ ،پلڪ نه ٿيوي ڀئرا
نانڪ آسڙي نِڀائي ،سدا پيکندو سچ ڌڻي.
[سيو من منجھاءُ، پلڪ نه ٿئي ٻاهرا
نانڪ آسڙي نباهي، سدا پيکندو (ڏسندو) سچ ڌڻي]
15: (2) ڦِيم نه سَڪانَ پاءِ، سَک مِتي هو ڀاري
نانڪ سا ويلڙِي وَرواڻ، جت ملندڙو ماءِ پِري.
[قيمت نه سگهان پائي (ڏيئي)، اها انداز کان ٻاهر آهي:
نانڪ سا ويل ڀلي (پرواڻ)، جت ملندڙو مان پرين]
اڳتي انهي ڪلام جا ڪي ٻيا فقرا مثلاً ’ڇڏيو هن آپ‘ (ڇڏيو سڀ
آپو)، وکر (سودو)، ’رکندڙ رب آپ‘(رکندو رب پاڻ)آيل
آهن.
(ب) راڳ ’مارو جي وار‘*
هيٺ ڪي سلوڪ ڏنل آهن، جن ۾ پڻ سرائيڪي - سنڌي رنگ
سمايل آهي. مثلاً:
1. تُو چَوسَڄڻ مَيُڊيا، ديئي سيس اُتار
نيڻ مَنهنجي تَرسدي، ڪَر پسي ديدار.
[تون چئو سڄڻ ميڏا (منهنجا)، ڏيئين سِر اُتار (لاهي) نيڻ منهنجا
ترسن (پيا) ڪڏهن پسان ديدار]
2. نيهو مَهنجا توء نال، بيا نيهو ڪُوڙا وي ڊيکُ
ڪَپَڙ ڀوگ ڊَراوڻي، جِچَر پرِي نہ ڊيکُ
[نينهن منهنجو توساڻ، ٻيو نينهن ڪوڙو ڏيک ڪپڙا ۽ عيش ڏَر وارا
(ڊڄائيندڙ) آهن، جيسين جو پرين نه ڏسجي.]
3. اُٺِي جھالُو ڪَنۡنتڙي، هونن پَسي توء ديدار
ڪاجَل ، هار، تمول رَس، بِن پَسي هَب رَس ڇار
[اُٿي صبوح سوير، آءُ پسان تو ديدار
ڪجل، هار، پان، بنان (پرين) پَسي سڀ بيڪار]
4. جي تُو مِتر اَساڊڙا، هڪ ڀورِي نہ ويڇوڙ
جِيو منهنجا توءِ موهياَ، ڪَد پَسِي جاني توڙ
[جي تون مِٽ اسان جو ته هڪ گهڙي به نه وڇڙي وڃ من منهنجو تو
موهيو، سو ڪڏ شال جاني پسي!]
’گرو گرنٿ‘ مان راقم مٿيان چار سلوڪ چونڊيا هئا، جو ان بعد
’خالصه ٽريڪٽ سوسائٽي‘ امرتسر طرفان گرمکر ۾ ”ڊکڻي
مامارو وار - محلہ 5“ جي عنوان سان ڇپايل هڪ
ڪتابڙي مان ورتل هيٺيان شلوڪ نظر مان گذريا جيڪي
پڻ سنڌي - سرائيڪي رنگ ۾ رچيل آهن
(1):
جا مُو پَسِي هَٺِ ۾ پِري مَنهنجو نالِ
هَڀي ڊُکُ لاهياَ، نانڪ نَدَر نِهالِ
[جا مون ڏٺو اندر ۾ ، ته پرين منهنجو مون ساڻ سَڀئي ڏک لاٿا، اي
نانڪ! هن نَظر نِهارَ]
ڪَپَڙ ڀوگ بِڪار اي هِڀي هي ڇار
خاڪ لوڙيدا تِن کي، جو رتي ديدار.
[ڪپڙا عيش بيڪار، اهي سڀئي ڪجھ ناهن تن کي (ٻيو) خاڪ کپي (ڪجھ
نه کپي)، جيڪي رتا ديدار]
جاڻو وسَندو مَنجھيِ، پڇاڻو ڪو هيڪڙو
تِي تِني پَڙدا نانڪ جي گور ڀيٽيا
[ڄاڻو ته وسندو (رهي) منجھ ئي (پنهنجي اندر ۾)، پر پَڇاڻي
(سڃاڻي) ڪو هيڪڙو
او نانڪ! هُو تني کان لڪل ناهي، جن گرو کي ڀيٽيو آهي.]
لوئڻ لوئِي ڊٺ، پياس نه بُجھي مُو گهڻِي
نانڪ سي اڳڙيان بياني، جيِني ڊسَندو مُو پِري
[مون ڪو پرتوو ڏٺو پر منهنجي گهڻي پياس نه وسامي
نانڪ سي اکڙيان ٻيون ني، جني سان ڏسبو مون پرين]
’مارو جي وار‘ جي لفظي معنيٰ آهي ’مارو‘ جي ’تعريف‘، ۽ اصطلاحي
معنيءِ ’سڄڻ جي ساراهه‘(ڍولا - مارو جي لحاظ سان)
يا ’محبوب جي تعريف‘ (رهڻي ڪهڻي جي لحاظ سان)؛ ٻي
معنيٰ ’مارو ماڻهو جي تعريف‘ يا ’مارو ملڪ جي
تعريف‘، جو پويان ٻيل لفظ ’ڊَکنلآ‘ آهي، يعني
’ڏکڻي‘ يا ’ڏاکڻين ملڪ جي‘. هڪ لحاظ سان پنجاب کان
هيٺ ڏاکڻيون ملڪ سنڌ ئي آهي بهرهال ان دور ۾ سنڌ ۽
سنڌي ٻولي جي اهميت اُتر ۾ ويندي پنجاب تائين
تسليم ٿي ۽ سنڌي ٻولي جي ڄاڻ جو دائرو وڌيڪ وسيع
ٿيو جنهن جو ثبوت ’آد گرنٿ‘ ۾ آيل مٿيان سنڌي
الفاظ ۽ فقرا توڙي ’ڪافي‘ عنوان جو استعمال آهي.
سنڌي ٻولي ۽ ادبي ثقافت جو ڪڇ کان هيٺ ڏکڻ طرف ڪاٺياواڙ ۽ گجرات
تائين پهچڻ.
ڪڇ جو ملڪ، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ - گجرات جي وچ وارو ڦڙُدو هو. تاريخي
دور کان اڳ جڏهن سنڌو ندي جي اڀرندين شاخ ’ڪوري جي
نار‘ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، تڏهن ’مئن جي دڙي‘ واري قديم
سنڌي تهذيب گجرات تائين پهتي، جنهن جا آثار اتي
’لوٿل‘ مان مليا آهن ، تاريخي جي روشني ۾، اٺين
صدي عيسوي کان وٺي سنڏ ۽ ڪڇ ٻئي ساڳي اسلامي تهذيب
جا مرڪز بنيا ، ۽ پڻ ڪڇ جا تجارتي، سياسي ۽ سماجي
ناتا سنڌ سان پڪا پختا ٿا. سومرن جي دور ۾ سنڌ جي
قومن، خاص طرح سنڌ جي سمن قبيلن ڪچ کي وسايو ۽
پوءِ سمن جي دور تائين سنڌي ٻولي سڄي ڪڇ جي مقامي
ٻولي بني، ۽ اتي جي مقامي ماحول ۾ سنڌي ٻولي جو
”ڪڇي محاورو“ هڪ نئين صورت ۾ نروار ٿيو.
سمن جي دور ۾ سنڌي جو عوامي روايتون، قصا ۽ ڪهاڻيون سنڌ ۽ ڪڇ جي
ڀان ۽ ڀٽن ذريعي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين پهتيون ۽
مقامي طور پڻ اتي سنڌي بيت ۽ ڳاهون منظوم ٿيون،
سنڌ جي لوهاڻن جا برهم ڀٽ ۽ سنڌ جي سمن جا ’ڏونگر
ڀٽ‘، ۽ انهن کان سواءِ مسلمان ڍاڍي ۽ مڱڻهار هميشہ
لاءِ وڃي ڪڇ ۾ رهيا ۽ اتي سنڌ جي ادبي روايت توڙي
سنڌي ثقافت کي مشهور ڪيائون، جو سنڌي ٻولي سڄي ڪڇ
۾ رائج ٿي ۽ اتي جي مقامي’ڪڇي محاوري‘ جي صورت ۾
ڳالهائجڻ لڳي. ’ڪڇي سنڌي‘ لاڙي سنڌي کي ويڪ ويجھي
آهي،
14- صدي عيسوي جي وچ ڌاري، ڪڇ ۾ سمن جي هڪ شاخ ’جاڙيجن‘ جي
سرداري جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ آخرڪار جاڙيجن راون
’ڀڄ‘ کي پنهنجي گادي جو شهر ڪيو. هڪ شجري موجب ڄام
رَتي رايڌڻ کي ٽي پٽ ٿيا: اوٺو جنهن جي اولاد مان
ڀُڃ جا راوَ ٿيا؛ ٻيو ديدو جنهن جو اولاد مان ڄام
نگر جا هڪ مکيه شاخ ٿي؛ ٽيون گجڻ جنهن جي اولاد
مان ڄام راوَل، پنهنجن سوٽاڻن مان ڀُڄ جي ’راوَ
همير جي‘ کي قتل ڪيو، جنهن جي ڪري ڪڇ کي ڇڏيائين ۽
سنه 1539ع ۾ ڪاٺياواڙ ۽ هالا واري ڀاڱي ۾ وڃي نئون
شهر ’نوان نگر‘ جي نالي سان ٻڌائي، جيڪو پوءِ ڄام
راول ۽ سندس پوين ’ڄامن‘ جي لقب سان ’ڄام نگر‘ جي
نالي سان مشهور ٿيو.
اهڙيءَ طرح سورهين صدي عيسوي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ جاڙيجن ڄامن
ڪاٺياواڙ تائين پنهنجو سياسي اثر وڌايو، ۽ سنڌي
ٻولي ڪڇ کان اڳتي هالار ۽ اتي جي مکيه شهر ڄام نگر
تائين پهتي. هن دور ۾ توڙي هن کان اڳ سنڌ ۽ ڪڇ مان
ٻيا سنڌي ڳالهائيندڙ قبيلا، جهڙوڪ سما، سومرا،
بلوچ، جوڻيجا، ميمڻ، خوجا وغيره انجار، راڌڻ پور،
پالهڻپور ۽ اڳتي ڪاٺياواڙ ۽ گجرات (بڙودي) تائين
پهتا، ۽ انهن سان گڏ سنڌي ٻولي پڻ اتي پهتي.
ارغونن هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ سنڌ جي حڪمران ڄام
فيروز ۽ سندس ويجهن عزيزن ۽ ٻين هميشہ لاءِ وڃي
احمدآباد کي وسايو.
ڪڇ - ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ رهندڙ سنڌي قبيلن توڙي سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ
جي سامونڊي واپار ۽ سنڌي ناکئن ذريعي پڻ ڪيترائي
سنڌي لفظ گجراتي ۾ رائج ٿيا، مثلاً
(1):
سنڌي گجراتي سنڌي گجراتي
ڀلو ڀلا انُ
ان
ويلو بيلا ڳڀرو گهبرو
سُرت سرت کيهه (دز، رئي) کيه
مُٺ مُوٺ ڏانٽڙي درانتي
رِيس ريس ماڙي ماڙي
ڄڀ جيب گُڏي گُڊي
انت (ڇيهه) انت ماسي ماسي
پت (لڄ) پت بنرو - بنري بنرا -
بنري
ٻيٽ بيٽ کَل کل
وڻج بنج پالڻهار پالنهار
هڏو هاڏ تارُو تارو
ٻُڌ (سڌ) بڌ لَٽو، لٽا لتا
پار (پريون ڪنارو) پار تائٿ، تائيٿ تائت
ڍور ڍور رَتو (ڳاڙهو) راتا
باس باس تتو (گرم) تاتا
هاڪ هاڪ کارو (لوڻ وارو) کارا
ڪَڇ (بغل) ڪاک جهُوڙو (وارن جو) جُوڙا
ڪُکَ ڪُوک ڀاڙو ڀاڙا
لوڻ لون، نُون ماندو
ماندا
سُٿڻ سوتهن سدا سدا
نانءُ - نائُو نانو ٽوٽو (نقصان) ٽوٽا
ڇانءُ - ڇانوَ ڇانه ڏهٽو دهوتا
سُنهن سونہ ناتو ناتا
مائي مائي گهڙو - گهڙي گهڙي
سائين سائين ٽڪڙي تکڙي
ڏوئي دوئي ڀاڳ ڀاگ
اٽڪل (انداز) اٽڪل کنگهه کانگه
چم چم
لغات ۽ لفظن کان سواءِ ڪڇ جي ڀٽن، چارڻن ۽ ڍاڍين سنڌ جي عوامي
قصن ڪهاڻين، ڳاهن ۽ بيتن، کي ڪڇ ۽ هالار ۽ اڳتي
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين پهچايو، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي
جي ثقافتي دائري کي ان ڏِس ڏانهن وسيع ڪيو.
مهرراج عرف فقير پِراڻناٿ جا سنڌي سلوڪ
*
مِهرراج جاڙيجن ڄامن جي شهر ’نوان نگر‘ (ڄام نگر)
۾ سنه 1618ع ۾ ڄائو. هو ڄام جي ديوان (وڏي وزير)
ڪيشوَ ٺاڪُر جو پٽ هو. سندس ماءُ هڪ سنڌي مائي هئي
۽ سندس نالو ’ڌن - ٻائي‘ هو انهيءَ ڪري ’سنڌي‘
مهرراج جي ’مادري ٻولي‘ هئي. سندس ذهين ۽ ڌرمي
تربيت پڻ سنڌ جي هڪ ساڌو سنت ڪئي، جنهن جو اصل
نالو ’ديوَ چندر‘ هو، پر پوءِ ’سامي نِجانند‘ جي
نالي سان مشهور ٿيو. ديو چندر سنڌ جي ترخان حاڪمن
واري دور ۾ سنه 1571ع (11- آڪٽوبر) ۾ عمرڪوٽ ۾
ڄائو، پر پوءِ سنه 1606ع ۾ هن اُتان لڏي اچي هميشہ
لاءِ نوان نگر (ڄام نگر) کي وسايو. مهرراج جي سنڌ
جي هن سنت سان صحبت ۽ محبت ٿي، تان جو هو سندس
چيلو ٿيو ۽ کيس پنهنجو گرو ڪري مڃيائين. سنڌي ٻولي
۾ سنڌ جي صوفين ۽ سنتن جا سلوڪ ۽ بيت، چوڻيون ۽
نصيحتون هن پهريائين پنهنجي سنڌي گروء کان ئي
ٻڌيون جن جو نوجوان مهرراج تي وڏو اثر ٿيو. پوءِ
پنهنجي سنڌو گرو جي معرفت ڪن سنڌ جي واپارين سان
گڏ هو بصري (عراق) طرف ويو، جيڪو ان وقت واپار جو
مرڪز هو. اتي هو عربي سکيو ۽ پڻ ڪنهن الله واري جي
صحبت ۾ قرآن شريف پڙهيائين. سندس موٽي اچڻ کان
پوءِ سامي نجانند (ديوچندر عمرڪوٽي) 74 ورهين جي
عمر ۾ سنه 1655ع (5 - سيپٽمبر) ۾ ڄام نگر ۾ گذاري
ويو، جتي سندس ياد ۾ ’کيجرا‘ مندر قائم ٿيو. ان
وقت مهرراج جي عمر 37 سال هئي. پنهنجي گرو جي
گذارڻ کان پوءِ مهرراج پنهنجي ڌڻي سان لنؤ لائي
فقيري جي راهه ورتي ۽ پنهنجي گرو جو آستان
وسايائين، ۽ پاڻ ”پراڻناٿ“ جو لقب سان مشهور ٿيو.
سنڌ ۾ ٺٽي طرف سندس اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سنه 68 -
1766ع ۾ جڏهن آيو ته ڏهه مهينا سانده ٺٽي ۾ رهي
پيو، جتي ڀائي لال داس سندس چيلو ٿيو، جنهن پوءِ
سندس حياتي جو احوال لکيو. سامي پراڻنٿا (مهر راج)
29 - جون 1694ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
سنت پراڻناٿ ڌڻي تعاليٰ جي هيڪڙائي جو قائل موحَّد درويش هو. هن
پنهنجي پويان ڪَوِتا (شاعري) جو هڪ وڏو ذخيرو
ڇڏيو، جيڪو شهر ڄام نگر ۾ هن وقت تائين محفوظ ۽
موجود آهي. هن درويش 18758 سلوڪ چيا، جيڪي گجراتي،
سنڌي، هندي ۽ هندوستاني ۾ رچيل آهن. هندي هڪ وڏو
ڪتاب ’قيامت نامو‘ لکيائين، جنهن جو تت عربي ۾
ڪيائين. اهو عربي ٻولي (مگر هندي صورتخطي) ۾ تصنيف
ڪيل ’قيامت نامو‘ پڻ موجود آهي. ستر ورهين جي ڄمار
۾ سنه 89- 1688ع ۾ هن ”سنڌي واڻي“ چئي جنهن ۾ 584
بيت ۽ 16 چوپايون شامل آهن. ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي شعر
جو ايڏو وڏو ذخيرو، انهيءَ دور ۾ سنڌي ساهت ۽
ثقافت جي وسيع دائري جو هڪ نمايان نشان يادگار
آهي.
’سنڌي واڻي‘ جيڪا ڇپجي شايع ٿي چڪي آهي
(1)
تنهن شامل ڪلام جي سٽاء ۽ ٻولي ان ظاهر آهي ته
بيشڪ اهو ان دور جو چيل آهي. اهو پڻ ظاهر آهي ته
پراڻناٿ پنهنجي ’سنڌي - واڻي‘ صاف صوفياتي رنگ ۾
رچي آهي. هيٺ ڏنل بيتن جو مرڪزي موضوع روحن جو
پنهنجي رب کان جدا ٿيڻ بعد ڏک ۽ فراق، پنهنجي
ڪوتاهين جو اقرار، ۽ ڌڻي کان سندس رحم ۽ ٻانجهه جي
گهر آهي. ’سنڌي واڻي‘ وارا بيت سنڌي ٻولي جي نج
’ڪڇي محاوري‘ ۾ رچيل آهن ۽ ڪڇي لهجي مطابق ئي ڏنل
آهن؛ پر لکيل ديونگاري صورتخطي ۾ اهن ۽ ڪن جاين تي
(ديوناگري صورتخطي سببان يا خود لکندڙ جي پنهجي
لکڻي سببان) ڪي لفظ ڪٿي پورا صحيح لکيل نه آهن،
مثلاً ’ٿ‘ جي اُچار کي ’تٿ‘ ڪري لکيو ويو آهي،
جيئن ته ’اتٿڻ‘ يا ’متٿي‘، جيتوڻيڪ ڪڇي لهجي موجب
پڻ انهن لفظن جو اُچار ’اٿڻ‘ يا ’اٿيڻ‘ ۽ ’مٿي‘
آهي. اهڙيءَ طرح ’ک‘ کي ’ڪي‘ ڪري لکيو ويو آهي. ڪن
جاين تي ڪي ساڳيا لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا ويا
آهن، جيئن ته ’چوئان‘، ’چُئان‘ ۽ ’چُوان‘ ’ڏنيون‘
۽ ’انئين‘ ۽ ’انئي‘؛ ’عرش‘ ۽ ’عرس‘؛ ’رمان‘؛ ۽
’ڦرمان‘.
’سنڌي واڻي‘مان ڏهه بيت
(1)
اصل پڙهڻي مطابق مگر ضروري درستين سان هيٺ ڏجن ٿا.
ته جيئن ان دور جي ڪڇ واريسنڌي ٻولي جو صحيح
اندازو ٿي سگهي. ڪيل درستين کي هيٺ حاشيي ۾ نروار
ڪيو ويو آهي.
سڌي ٻولي جي ڪڇي لهجي مطابق بيتن جي اصل صورتخطي.
آخَرَ ويَرا اُٿَڻَ جِي، آنئِين رُوحين ڇَڏيجا رانۡدَ
اُٿي وِچَّ عَرشَ جي، ڪوڏَ ڪَري، مِڙوُون ڪانۡڌ
(1)
ــــــــ
کڻِي مُو هِجي رُوحَ جا، هانۡڻي چُموئان ڪِين ڪَري
رُوح کي ڏِنو پَر ڏيهڙو، چئو سو دِل ڌَري
(2)
ــــــــ
مُون مَنُگِي آن ڏيکار ئِي، ڪَرِئان گالَ ڪيئي
هانۡڻي چورائئين ته چُوئان ٿِي، گالَ گَري ٿِي
پَيئي
(3)
ــــــــ
. مصحف چکندو = ڪلام پاڪ ساڙيندو؛ ڪِ = يا،
مون تي = منهنجي مٿان - منهنجي خلاف؛ مون
پٺيان = منهنجي پويان منهنجي خلاف؛ استغفار =
بخشس لاءِ دعا؛ ’12‘ جي عدد مان مراد ته اصل
عبارت اتي ختم ٿي يا پوري ٿي.
|