سمن جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جا روايتي اهڃاڻ مٿين چئن مکيه
عنوانن - سمن سردارن جي سورهيائي، سخاوت، عشقيه
داستانن ۽ ماموين جي بيتن - سان تعلق رکن ٿا، جن
تي قدري تفصيل سان روشني وڌي ويئي آهي. سمن جي دور
جو اهو روايتي ذخيرو، سومرن جي دور جي روايتي ادب
جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ٻنهي جون ساڳيون خصوصيتون
آهن: يعني ته قصا ۽ ڪهاڻيون، جنگي واقعات ۽ عشقيه
داستان ٻنهي جا مکيه قالب آهن؛ جن ۾ قولن ۽ قرارن،
پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾ سنڌي ’ڳاهون‘ يعني ’ٻٽيون
منظوم مصراعون‘ هن ادبي ذخيري جي جند جان آهن.
(ج) سمن جي پهرين دور جي ٻولي ۽ شعر جو تاريخي ذخيرو
مٿي سمن جي اوائلي دور واري روايتي ادبي ذخيري تي روشني وجھڻ
بعد، هاڻي اسان سمن جي پهرئين دور جي تاريخي ادبي
سرمايي جو جائزو وٺنداسون، ڇاڪاڻ جو اهو صاف سنڌي
ٻوليءَ جو اوائلي ۽ اهم تاريخي دستاويز آهن.
1. سنڌين جو هڪ جنگي ’رجز‘ يا نعرو: سمن جي اوائلي دور ۾، سنڌي
فوج جو هڪ جنگي رجز يا سنڌ وارن جو هڪ عام پهاڪو
ملي ٿو، جيڪو تاريخي صحت جي اعتبار سان نهايت اهم
آهي. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته پهريائين سلطان محمد
بن تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي پر سنه 752هه/1351ع ۾
ٺٽي جي ٻاهران بيمار ٿي گذاري ويو. ان بعد سلطاب
فيراز شاهه سنه 22/1325ع ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. سنڌ
جي لشڪر ۽ سلطاني فوجن جي وچ پهرئين مقابلي بعد
سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ۾ رسد جي ڪمي پيدا ٿي ۽
گهوڙن ۾ وبا جي بيماري پئي. جنهن ڪري سلطان ڪوچ
ڪري گجرات طرف هليو ويو. سندس ڪوچ وقت سنڌ جي لشڪر
هيٺيون جنگي رجز يا نعرو بلند ڪيو، جيڪو بقول
همعصر مورخ سِراج عفيف جي، ٺٽي ۾ پهاڪي طور مشهور
ٿي ويو ته:
با برڪت شيخ پَٺو
هڪ مئو، هڪ ٽَٺو*.
يعني ته: ’پير پٺي جي برڪت سان هڪ مئو ته ٻيو ٽهي ڀڳو‘.
اهو سنه 22/1325ع جو هڪ سنڌي نعرو يا پهاڪو آهي، ۽ تاريخي لحاظ
سان نهايت اهم آهي.
2. ڄام تماچي لاءِ دعا يا اڳڪٿي جا بيت: مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته
ڄام جوڻي جي سازش سببان ڄام تماچي سنه 1375ع ڌاري
سنڌ مان نظر بند ٿي دهليءَ ويو، ۽ پويان ڄام جوڻو
’علاوءالدين‘ جي خطاب سان حڪمران ٿيو هو
(1)،
جنهن ڪري ماڻهن ۾ ڄام جوڻي لاءَ دلي محبت ڪانه
هئي. اندازاً سنه 1375ع کان وٺي سلطان فيروز شاهه
جي وفات واري سال 1377ع تائين ڄام جوڻي. حڪمراني
ڪئي انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڄام تماچي دهلي ۾ نظربند
رهيو، ۽ پويان ماڻهو ڄام جوڻي جي حڪمرانيءَ مان
بيزار ٿي پيا. ملڪ جي عوام توڙي درويشن ۽ بزرگن جي
همدردي ڄام تماچي سان هئي، ۽ هو دعائون گهرڻ لڳا
ته شال تماچي موٽي اچي ٺٽي جو بادشاهه ٿئي! انهيءَ
عام جذبي هيٺ سنڌ جي ٻن مشهور درويشن - ساموئي جي
بزرگ شيخ حماد جمالي ۽ کيبرن جي درويش نوح هوٿياڻي
- ڄام تماچي جي موٽي اچڻ ۽ تخت جي والي ٿيڻ بابت
دعا طور اڳڪٿي ڪندي سنڌيءَ ۾ بيت ۽ فقرا چيا، جن
بابت پهريون حوالو اسان کي ڪتان ”حديقہ الاولياء“
(فارسي) ۾ ملي ٿو جيڪو ٺٽي جي سيد عبدالقادر حسيني
سنه 1016هه ۾ تصنيف ڪيو. البته هن ڪتاب جي متن ۾
اهي سنڌي بيت يا الفاظ، جي ان موقعن تي بزرگن جي
زبان مان نڪتا، سي ڏنل ڪين آهن؛ انهيءَ ڪري انهن
بابت اڄ تائين ڪجھ به معلوم ٿي نه سگهيو آهي.
اتفاق سان اسان کي ’حديقة الاولياء‘ جي هڪ قلمي
نسخي
(1)
جي حاشيه تي لکيل، شيخ حماد جمالي جو سنڌي بيت
توڙي درويش نوح هوٿياڻي جا موزون سنڌي فقرا مليا،
جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
شيخ حماد جو بيت: شيخ حماد بن رشيدالدين جمالي سنڌ جي وڏن
اوليائن مان هو ۽ اُچ جي مشهور درويش شيخ جمال جو
ڏوهٽو هو. موجوده ٺٽي لڳ ’ساموئي‘ جي دامن ۾ سندس
خانقاهه هئي. حديقة الاولياء جو مصنف لکي ٿو ته
”ڄام تماچي ۽ پٽس صلاح الدين کي هن بزرگ سان بيهد
عقيدت هئي، ۽ هو روزانو سندس خذمت لاءِ ايندا هئا.
ڄام جوڻي سازش سٽي؛ جنهن موجب چپ چاپ ۾ ٻنهي کي
دهلي اماڻيو ويو، جتي هو نظربند رهيا. اتفاق سان
بزرگ سندن غير حاضري محسوس ڪري کين ياد ڪيو، پر
سندن باري ۾ ڪوبه خبر ڏيئي نه سگهيو. بزرگ پوءَ
پنهنجو خاص ماڻهو موڪلي سندس حويلي مان پڇا ڪرائي
جنهن تي حويلي وارن سڄي ماجرا نهايت عجز ۽
بيقراريءَ سان بيان ڪئي. شيخ حماد کي جڏهن اهو
ٻڌايائون تڏهن کيس جذبو اچي ويو ۽ بيقراري مان اٿي
کڙو ٿيو ۽ حجري ۾ هلڻ لڳو. ان وقت سنڌي زبان ۾ هڪ
بيت چوڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ڄام تماچي سان محبت ۽
سندس (موٽي اچڻ جي) تمنا ظاهر ڪيل هئي.“ ڄام جوڻي
جڏهن اهو بيت ٻڌو ته نهايت پريشان ٿيو ۽ سوار ٿي
شيخ حماد وٽ آيو، پر آخر نااميد ٿي موٽيو(1).
اهو سنڌي بيت ’حديقة الاولياء‘ ۾ مٿي ڄاڻايل قلمي
نسخي جي حاشيي تي هن طرح لکيل آهي(2).
جُوڻو، مَتِ اُوڻو، ڄام تماچي آءُ
سٻاجھي ٻاجھ پيئي، توسين ٺٽو، راءِ!
(يعني ته: ڄام جوڻو مت جو اوڻو (ٿوري عقل وارو) آهي (جنهن ايڏو
ڪم ڪيو). اي ڄام تماچي تون آيو گهرج، الله راضي
ٿيو آهي جو سڄو ٺٽو ڦري تنهنجي پاسي ٿيو آهي.)
درويش نوح هوٿياڻي جي دعا: اٺين صدي هجري جي آخر ۾ ’کيبراڻي‘
واري اراضي ۾ کيبر قبيلي جو هڪ نالي وارو درويش
نوح هوٿياڻي رهندو هو(1).
جنهن جي درگاهه هن وقت حيدرآباد - هالا رستي تي
کيبرن جي ڳوٺ کان ٻه ميل کن اتر - اوڀر واقع آهي.
’حديقة الاولياء‘ جو مصنف لکي ٿو ته ”جڏهن ڄام
تماچي ۽ ڄام صلاح الدين سنڌ پهتا ۽ کيبرن جي ڳوٺ
وٽان اچي لنگهيا ته اتي جي درويش جوح کيبر کي
ڏٺائون جنهن ڍڳن جي گوهر پئي چاري. ان موقعي تي ڪو
شخص سندس گوهر ڏانهن وڌيو، جنهن تي بزرگ چيس ته:
’ڄام تماچي جي حڪم سان منهنجي مال سان دست اندازي
نه ڪر‘. اهو ٻڌي نهايت عجب ۾ پيا ۽ اڳتي وڌي اچي
درويش کان پڇيائون ته: ملڪ جو والي اڃا ڄام جوڻو
آهي ۽ تماچي دارالخلافت دهلي ۾ نظربند آهي، پوءِ
ڪيئن ٿو چوين ته ڄام تماچي جو حڪم آهي! درويش چيو
ته مون کي تماچي جي خبر ڪانهي، باقي ٻن ٽن ڏينهن
کان وڻ ٽڻ پکي پکڻ کان اها ئي صدا ٻڌي رهيو آهيان
ته ته ڄام تماچي جو حڪم آهي. اها بشارت ٻڌي کين
نهايت خوشي ٿي ۽ درويشن سان پنهنجو سڄو احوال
ڪيائون ۽ مقصد حاصل ٿيڻ خاطر پاڻ تي نذرانو مقرر
ڪيائون
(2)“.
غالباً انهيءَ موقعي تي درويش کين دعا ڪئي ته فتح
اوهان جي آهي، ’حديقة الاولياء‘ جي ذڪر ڪيل قلمي
نسخي جي حاشيي تي ڄاڻايل آهي ته ”چون ٿا ته درويش
نوح (ان موقعي تي) هيءُ بيت پڙهيو ته؛
جوڻو وڃي جهوري ماريو
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو(1).“
يعني ته ڄام جوڻي کي پورو ڪريو، ۽ ڄام تماچي کي ملڪ جو بادشاهه
بنايو.
’حديقة الاولياء‘ جو قلمي نسخو، جنهن جي حاشيي ۾ شيخ حماد جمالي
وارو بيت ۽ درويش نوح هوٿياڻي وارا موزون فقرا ڏنل
آهن. سو سنه 1240هه جو لکيل آهي. شيخ حماد وارو
بيت ڪتان لکندڙ ساڳئي ڪاتب جو هٿ لکيل آهي، جنهن
جي معنيٰ ته پوئين ويجھي دور ۾ 13 - صدي هجري جي
وچ ڌاري اهو بيت سنڌ ۾ اڃان به ڪن وڏڙن کي ياد هو
جو ڪاتب تائين پهتو، ۽ هن وضاحت خاطر حاشيي ۾
قلمبند ڪيو. درويش نوح هوٿياڻي وارا فقرا ٻئي ڪنهن
جي هٿ اکران مگر ڪافي آڳاٽا لکيل آهن.
شيخ حماد، ڄام تماچي جي سنڌ ۾ پهچڻ کان اڳ بيت چيو هو؛ درويش
نوح هوٿياڻي سندس دعائيه فقرا تڏهن چيا جڏهن ڄام
تماچي سنڌ ۾ پهچي ويو هو ۽ ٺٽي ڏانهن ويندي کيبرن
وٽان اچي لانگائو ٿيو هو، تاريخي لحاظ کان، ڄام
تماچي غالباً سلطان فيروز شاهه جي فوت ٿيڻ (18-
تمضان 790هه/1388ع) تي دهلي ڇڏي؛ جنهن جي معنيٰ ته
شيخ حماد وارو بيت، سلطان فيروز شاهه جي وفات واري
تاريخ کان اڳ جو، ۽ درويش نوح هوٿياني جا دعائيه
فقرا انهيءَ تاريخ کان ڪجھ پوءِ لڳ ڀڳ سال 790
هجري جي آخر (1388ع) جا چيل آهن.
3. خوجن جي پيرن جا گنان
خوجن جا پهريان پير 14- صدي عيسوي ۾ ايران مان هندوستان ۾ آيا.
اندازاً 775 هه کان 900 هه واري سوا سوء سالن جي
عرصي ۾ هو گجرات، سنڌ ۽ ملتان وارن ڀاڱن ۾
اسماعليلي فرقي جي تبليغ ڪندا رهيا. سندن جاءِ
نشينن پنهنجي تبليغ ۾ هندي، سنڌي، ڪڇي - سنڌي ۽
گجراتي ۾ منظوم هدايتن ۽ نصيحتن کي استعمال ڪيو،
جن کي هن فرقي جي اصطلاح ۾ ’گنان‘
(1).
اڳين وڏن پيرن جا چيل آهن ۽ اهي سندن دور ۾“ يا
ٿورو پوءِ پوءِ لکي محفوظ ڪيا ويا. سواءِ زباني
روايتن جي ۽ سواءِ ڪن ٿورڙن ’گنانن‘ جي، جن ۾
چوندڙ جو نالو آندو وڃي ٿو، اهو پڻ چوڻ مشڪل آهي
ته ڪهڙا ’گنان‘ ڪهڙي پير چيا؛ يا جنهن وقت پير
اهي ’گنان‘ چيا ان وقت لفظ به لفظ انهن جي سٽاءَ ۽
صورت ڪهڙي هئي. هن وقت ساڳيا ’گنان‘ جڏهن مختلف
جدا جدا شخصن کان ٻڌجن ٿا يا مختلف لکيتن ۾ ڏسجن
ٿا ته انهن جيڪي پڙهڻين ۾ لفظن جي ڦير گهير
موجود آهي. سنڌ جي خوجن وٽ جيڪي ’گنان‘ عام رائج
آهن، انهن تي سنڌ جي سندن مقامي مادري ٻولي وارو
رنگ چڙهيل آهي. ڪي ’گنان‘ ته ايترو صاف سنڌي ۾ آهن
جو اهي پوئين ويجھي دور ۾ ئي منظوم ڪيل ٿا لڳن.
غالباً ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته اصل ۾ ڪي ’گنان‘
گجراتي ، ڪڇي، سنڌي يا هندي جي جدا جدا محاورن ۾
ته ڪي ڪن هڪ ٻن محاورن جي آميزش سان رچيل هئا، پر
پوءِ هر علائقي جي رهندڙن انهن کي پنهنجي پنهنجي
مقامي مادري ٻوليءَ مطابق پڙهيو ۽ ياد ڪيو. بهرحال
هي مسئلو وڌيڪ تحقيق طلب آهي، ۽ جيئن ته اسان وٽ
هن وقت ٻيو ڪوبه ٻاهريون ماءخذ موجود ڪونهي،
انهيءَ ڪري خود خوجا جماعت جي روايت کي آڏو رکي ڪي
نتيجا قائم ڪري سگھجن ٿا.
’گنان‘ شايد اصل ۾ لفظ ’گيان‘ (الاهي يا روحاني علم) جي بدليل
صورت آهي پر خوجا جماعت جي عقيدي موجب اهي سندن
پيرن جا چيل پوتر منظومات آهن، جن ۾ هدايت ۽ نصيحت
سمايل آهي. ڪي ڪتاب جيڪي انهن پيرن جي نالي سان
منسوب آهن، تن جي عنوانن ۾ ’سلوڪ‘ ۽ ’نان‘ جا
الفاظ آيل آهن، پير صدرالدين توڙي پير شمس الدين
ڏانهن منسوب ڪتاب جو نالو ”سلوڪُ نانُ“ ”سلوڪو
نانوُ“ آهي ۽ پير امام شاهه جي ڪتاب جو ”جو گيشوَر
عبدوُنا گنان“ آهي. انهن کان سواءِ پيرن جي نالي
توڙي بنان نالي ’هڪ سؤ چونڊ گنانن‘ جا ڪيترائي
مجموعا آهن، جيڪي فقط ”گنان“ جي نالي سان سڏيا وڃن
ٿا. مگر اهي گنان ڪنهن چيا ۽ ڪڏهن چيا سو هڪ تحقيق
طلب مسئلو آهي، جنهنجو صحيح جواب ملڻ مشڪل آهي.
تاريخي اعتبار کان، اڃان وڌيڪ مشڪل مسئلو اهو آهي جو اهي پير جن
ڏانهن گنان منسوب آهن، تن جي ولادت ۽ وفات جون
تاريخون غير يقيني آهن. پير صدرالدين، سندس پٽ پير
حسن ڪبير الدين ۽ ان جي وڏي پٽ شمس الدين ۽ ٻئي پٽ
امام شاهه، ۽ امام شاهه جي پٽ نر محمد ڏانهن
’گنان‘ يا ڪي لکيتون منسوب آهن، مگر انهن سڀني جي
حياتين جا احوال مُبهم ۽ غير يقيني آهن. نرمحمد جي
ڪتاب ” سَت وِيڻِي جِي ويل“ ۾ جيڪي آخري سنه ۽ سال
ڏنل آهن، سي 1516ع ۽ 1520ع جي برابر آهن. انهن
اهڃاڻن مطابق ڄڻ اهي پير سمن جي دور ۾ ٿي گذريا.
پير صدرالدين ڏانهن منسوب گنان: پير صدرالدين ايران جي شهر سبز
وار ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو ۽ اتان پنهنجي فرقي جي تبليغ
جي لاءِ هندوستان ۾ آيو، جتي سڪونت ۽ تبليغ
اندازاً سنه 771 هه بعد شروع ٿي. انهيءَ جي معنيٰ
ته کيس هتي جي مقامي ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽
گنان چوڻ ۾ ڪجهه عرصو لڳو هوندو، ۽ جلد ۾ جلد ته
به اندازاً 775 هه کان پوءِ ’گنان‘ چيا هوندا.
انهيءَ ڪري پير صدرالدين جي گنانن جو عرصو، 775
کان رجب 819 هه (سندس وفات) تائين سمجهڻ گهرجي.
نئين سٽ مرزا قليچ بيت
(1)
۽ ٻين مصنفن پير صدرالدين ڏانهن منسوب گنان مان ڪي
پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن، ۽ غالباً وڌيڪ معتبر اهي
ئي ’گنان‘ آهن، جن ۾ جدا جدا ٻولين جي آميزش آهي.
مثلاً هيٺيان گنان
(1)
انهيءَ قسم جا آهن:
(1)
چيتن هارا تمهين چيتجو،
ڪريو خوب ڪمائي،
انتڪال ايڪلا چلڻا،
ساٿ ڪوئي باپ نه مائي.
(2)
من مها بَلوَنۡت هئه،
جودهه زوراور جاڻ.
(3)
مت ٿيو آئين پنجن جا داسي،
پانڌيئڙا! پَنٿ سِريوو.
مختلف ٻولين جي ميلاپ ۽ آميزش وارن اهڙن ’گنانن‘ کان سواءِ ڪي
سڄا سنڌيءَ ۾ چيل ’گنان‘ پڻ خوجن جي جماعتي روايت
موجب پير صدرالدين ڏانهن منسوب آهن. انهيءَ قسم جا
سنڌي گنان سنه 1952ع ۾ اسماعيليه ايسوسيئيشن ڪراچي
جي شايع ڪيل ڪتاب ”اسماعيلي آغا خاني فرقہ جا مبلغ
داعي“ (ڪراچي، 1952ع) ۽ ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ
ماهنامہ ”ميراث“ (جلد 1، نمبر 4، 1952ع) ۾ ڇپيا
هئا
*.
(1)
1- اُٿي الله گهرين نه بندا، تون سُتين سڄي رات
نڪا جهوري جيِوَ جي بندا، نڪو ثمر ساٿ -
شاهه مڃيئڙو تن، جي صبوحڙي جاڳن.
2- جي صبوحڙي نه جاڳيا، تن حورون ڏين نه هٿ -
سري هئه هئه ڪندا، هٿ هڻڻدا، جئن هاري وڃائي وَٽ
شاهه مڇيئڙو تن، جي صبوحڙي جاڳن.
3- ٻانها تو جو تڪيو ڪنڊاڙو ڪوڙ
پسي رتا گلڙا ٻانها! مَ وڃاء مور -
شاهه مڃيئڙو تن، جي صبوحڙي جاڳن.
(2)
ڪَيَهتِياڻِي ڪَتيو جڏين سُتو سارو لوڪ
تنہ پانۡجي ڪِتي مان وڌو ڳِچي ڳاڙهو ٿوڪ.
ــــــ ـــــ
جيڙونِي تيڙو اگهيو ڀائيو! جي هوند ڪتيائين
سُڀان سرتين وچ ۾ ملي مرڪيائين
(3)
ڪوٺا، مَنڊپَ، ماڙيون، گهر، گهوڙا، ڀَنڊار
ڪين نه نِيا پاڻ سين، جِيوَ چَلَنتي وارو.
ــــــ ـــــ
ڀَڻي پير صدرالدين آئِين سُڻو مومن وير
اَلک ڇُٽو تني کي، جني سڃاتو ’شاهه‘ پير.
(4)
ڪيڙيُون اُڏاڻيين گڊ ماڙيون، تين ڪيڙا
رکيائين چِٽَ
نيهِي نِيندءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مِٽَ
سُن وڻجارا، هويار! هِي مَن هَروئڙو ٿو جهُولي.
(5)
جاڳو جاڳو ڀائرا، رين وهاڻي
ظاهر آهي ته مٿيان ’گنان‘ صاف سنڌي يا سنڌي جي ڪڇي محاوري ۾
رچيل آهن. پهريون ’گنان‘ هڪ ڪٿا آهي، جنهن جي ٻن
مصراعن بعد وراڻي آهي. ٿي سگهي ٿو ته پهريون ٻه
مصراعون اصل ۾ آڳاٽا ’سنڌي بيت ‘ هجن جن جي پويان
بعد ۾ ’وراڻي‘ ملائي وئي هجي. ٻيو ۽ ٽيو گنان
ڪاپاتي جي سُر جا بنيادي ’سنڌي بيت‘ آهن، جيڪي
نسبتاً آڳاٽا معلوم ٿين ٿا.
پير حسن ڪبيرالدين. پير حسن ڪبيرالدين 22- شعبان اربع ڏينهن سنه
774 هه تي ڄائو ۽ نائين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾
اُچ ۾ وفات ڪيائين
*
انهيءَ ڪري ڏانهس منسوب ’گنانن‘ جو عرصو اندازاً
اٺين صدي جي آخري نصف کان وٺي نائين صدي جي پهرئين
نصف تائين شمار ڪري سگهجي ٿو. هيٺيان ’گنان‘ سندس
نالي سان منسوب آهن:
(1)
آشا جي شري اسلام شاهه تختيج بيڻها
تاري دين هوا رحمان جي
سر بندهه لئلآ گردئلآ متکلآ ديدها
تارلآ سر اُگهاڙو ڪري، نر بيڻها.
[جڏهن کان حضرت اسلام شاهه تخت تي ويٺو، تڏهن کان ڌڻي جي دين جو
فيض جاري ٿيو. (پير حسن ڪبيرالدين) جڏهن امام کي
پڳ نذرانو ڪئي، تڏهن پاڻ مرادو سر اگهاڙو ڪيو (تخت
تي) ويٺو هو.]
(2)
ناريون تمهاريون آنتي گهڻيون
مجهه سريکيون لاکوئي لاک
تُمهن هئه الک نرنجن
هم ڇَئيئي ڌرڙي خاڪ.
[تنهنجيون داسيون ڪي گهڻيئي آهن، مون جهڙيون ته لکين آهن؛ تون
ئي ڏسڻ کان پاڪ آهين، آءٌ ته مٽي ۽ خاڪ آهيان.]
مٿيان ’گنان‘ پير صدرالدين جي پٽ حسن ڪبير الدين جا آهن جيڪو هت
ڄائو نپنو، پر تڏهن به ٻوليءَ ۾ آميزش آهي؛ انهيءَ
ڪري چئي نٿو سگهجي ته ڪو پير صدرالدين خالص سنڌيءَ
۾ ’گنان‘ چيا هوندا. البت ائين ٿي سگهي ٿو ته پير
صدالدين جي اصل گنانن تي سنڌي خوجن جي پنهنجيءَ
زبان جو رنگ چڙهي چڪو آهي. پير صدرالدين کان اڳ،
ڪنهن به داعي جي چيل ’گنان‘ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن
۽ محاورن جي تلاش، بهرحال بي سود آهي
(1).
پير حسن ڪبير الدين جي مٿين ٻن گنانن مان پهرئين ۾
فقط ”سر اُگهاڙو ڪري“ وارو محاورو سنڌي آهي. البت
ٻيو گنان ٻولي جي لحاظ سان اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان
جون پهريون ٻه مصراعون سنڌي ٻوليءَ جي خالص ڪڇي
محاوري ۾ رچيل آهن. پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبير
الدين جا ’گنان‘ سنڌي جي آڳاٽي شعر جي مطالعي جي
لحاظ سان اهم ٿي سگهن ٿا مگر انهن جي تصديق بابت
ڪنهن علمي نتيجي تي پهچن لاءِ ’گنانن‘ جي سڄي
ذخيري تي تحقيق ضروري آهي. اهڙي تحقيق جو بنياد
صرف گنانن جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي ۽ مستند قلمي نسختي تي
ئي رکي سگهجي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته پير صدرالدين چاليهن اکرن تي شامل
”سنڌي زبان جي هڪ صوتخطي ٺاهي“
(1)،
جنهن کي ’چاليهه اکري‘ يا ’خوجڪي سنڌي‘ سڏجي ٿو.
انهيءَ لاءِ پڻ ”خوجا جماعت“ جي متفقه روايتن ۽
ماخذن جي تحقيق ضروري آهي: اول ته اها صورتخطي پير
صدرالدين ٺاهي يا پوءِ ڪنهن ٻئي داعي ٺاهي؟ ٻيو ته
پير صدرالدين جي دعوت جو دائرو ڪشادو هو، انهيءَ
ڪري اهو البت قريبن قياس آهي ته هن بزرگ ”چاليهه
اکرن“ تي مشتمل ڪا اهڙي صورتخطي ٺاهي هجي، جنهن ۾
سڀني ٻولين مثلاً گجراتي، ڪڇي، هندي، توڙي خوجڪي
سنڌي ۾ نصيحتون ۽ ’گنان‘ لکيا ويا هجن. پر اهو ڇوڻ
ته اها صوتخطي خاص ’سنڌي زبان‘ لاءِ ٺاهي، تنهن
لاءِ علمي تحقيق ۽ تصديق جي ضرورت آهي.
ظاهر آهي ته ’تاريخي فيروز شاهي‘ جي ڇپيل نسخن ۾ اهي الفاظ
بگڙيل صورت ۾ ڏنل آهن پر مورخ سراج عفيف
پنهنجي اصل دستخطي نسخي ۾ يقيني طور آهي صحيح
لکيا هوندا. اسان جي خيال ۾ انهن جي صحيح
پڙهڻي هيٺين طور ٿي سگهي ٿي؛
”بہ برکت شيخ پتها - اک موا اک تتها“
”پتها“ يعني ”پڻها“ (=پٺو(، ۽ ”تها“ يعني ”ڻڻها“ (= ٽٺو = ٽهيو
يا ٽهي ڀڳو)، پر مصنف سراج عفيف چوي ٿو ته اهو
مقولو ٺٽي ۾ عام ٿي ويو هو. ظاهر آهي ته ٺٽي
وارن جي ٻولي سنڌي هئي، ۽ سندن اهو مقولو به
اصل سنڌي م ئي هوندو، جنهن کي ”تاريخ فيروز
شاهي“ جي مصنف پنهنجي ٻڳليءِ ۾ مٿين طرح ادا
ڪيو، انهيءَ ڪري ان کي جيڪڏهن سنڌي ۾ ادا ڪجي
ته پوءِ اها چوڻي هن طرح بيهندي:
”بابرڪت شيخ پٺو- هڪ مئو، هڪ ٽَٺو“
هن جي تصديق پوءِ مريد خان بلوچ جي رجزي نعري مان به ٿئي ٿي.
|