جڙين ٻوٽين ۾ وکرن جا مٿيان سنڌي نالا ڪم از ڪم چوٿين صدي هجري/
ڏهين صدي عيسوي جي آخر ۾ ان ڪم واري سڄي علمي دنيا
۾ رائج هئا. اهي سڀ پسارڪا وکر سنڌ ۾ پڻ استعمال
ٿيندڙ هئا، جنهن مان ان وقت هتي جي طبي ڄاڻ ۽ عملي
علاج جو اندازو ٿي سگهي ٿو. انهن مان ڪي وکر اڄ
تائين سنڌ جي پسارين وٽ انهن ساڳين نالن سان موجود
آهن ۽ ٻيا ڪي وکر پڻ هن وقت جي پسارڪن نالن سان
معلوم ۽ موجود آهن. اهي نالا ۽ الفاظ ان دور ۾
سنڌي ٻولي جي پيشہ ورانه طبي ۽ پسارڪي لغات جي
مخصوص ذخيري تي شاهد آهن. انهن لفظن جي مطالعي مان
اڄ کان هڪ هزار سال اڳ جي سنڌي لغات توڙي ٻولي
بابت هيٺيان چٽا اهڃاڻ ملن ٿا: (1) سنڌي ٻولي ۾ ڪي
لفظ ۽ نالا جيڪي ان وقت رائج هئا، سي هن وقت
استعمال نٿا ٿين. (2) ان وق جا ڪي نالا هن وقت
ٿوري ڦير سان ٿا ڪم اچن جيئن ته ’سورن‘ ۽ ’رُپا‘
بدران هن وقت ’سون‘ ۽ ’رپو‘، جيتوڻيڪ ’رپو‘ بدران
’چاندي‘ وڌيڪ استعمال ٿئي ٿو. (3) ان وقت جا ڪي
لفظ هن وقت پڻ پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ رائج آهن، جئن
ته ’لم‘ جيڪو اڃا تائين اتر جي ٻولي ۾ استعمال ٿئي
ٿو حالانڪ وچولي ۽ لاڙ جي ٻولي ۾ ’نم‘ وڌيڪ رائج
آهي. (4) جيرو، شيِرو، هملو (هرملو)، منگلو يا ڳم
- منگرو (؟) ۽ والو بندلو يا دالو بندلو (جن جي
پويان ان وقت جي صورتخطي ۾ ’الف‘ ڏنل آهي). لفظن
جي سٽاءَ مان ظاهر آهي ته هڪ هزار سال اڳ پڻ مذڪر
اسمن جي پڇاري وارو اُچار ’او‘ جي صورت ۾ هو جيئن
هن وقت آهي. (5) هڪ هزار سال اڳ سنڌي ٻولي جون
اضاف ترڪيبون’مضاف اليہ + مُضاف’ جي جوڙ واريون
هيون، اهڙي طرح جو هڪ ته انهن ۾ ’مضاف اليہ‘اڳ ۾ ۽
’مضاف‘ پوءِ اچڻ لازمي هو.اضافت جو ’جو‘ ’جي‘ جدا
حرف اڃا استعمال ۾ ڪونه ٿي آيا: مثلاً کٿورو -
ٻلاڙي، ميڻ - ڦل، رپا - ڪٽِ، سورن (سون) - ڪِٽ،
ڀائن - رت، لالڪ - مُول، رنگ - ساوڻ، نانگ - ڦڻ ۽
ڳيهوان کير. (6) تشبيهي هڪجهڙائي ڏيکارڻ لاءِ،
’اُون‘ واري پڇاڙي استعمال ۾ ايندڙ هئي، جئن ته
’مور - ڪرنيون‘.
نتيجا
راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ عرب - اسلامي حڪومت واري عرصي ۾
سنڌ جي مسلسل سياسي وحدت قائم رهي، جنهن ڪري سنڌ
جي مقامي ٻولين ۾ مرڪزيت پيدا ٿي ۽ جمموعي طور سان
هڪ عام فهم ’سنڌي ٻولي‘ وجود ۾ آئي. عرب - اسلامي
دور ۾ ’عربي - سنڌي‘ صورتخطي توڙي ’عام فهم سنڌي‘
ٻولي جي دائري ۾ وڌيڪ توسيع ٿي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾
مختلف ٻوليون ۽ مختلف صورتخطيون پڻ رائج رهيون.
مگر هن ڊگهي عرصي اندر جيئن پوءِ تيئن سياسي، معاشرتي ۽ تجارتي
ميل جول جي ڪري ’سنڌي ٻولي‘ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا
ٿي، ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت بدلي، ٻوليءَ جي
تمدني سرمايي ۾ واڌارو ٿيو، ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ،
صورتخطي ۽ صرف نحو تي اثر پيو. علمي ۽ تعليمي ترقي
سببان ’سنڌي ٻولي‘ جا عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا. عرب
عالمن سنڌي بولي، ادب توڙي صورتخطي ۾ دلچسپي ورتي،
ان بابت تحقيق ڪئي ۽ پنهنجا معلومات پنهنجن ڪتابن
۾ قلمبند ڪيا. سنڌي ٻولي پهريون دفعو عربي صورتخطي
۾ لکجڻ ۾ آئي، جنهن جو اوائلي ۽ نادر مثال انهي
سنڌي شاعر جي قصيدي جو بيت آهي، جيڪو هن يحييٰ يا
ان جي پٽ فضل برمڪي جي تعريف ۾ چيو. محقق بيروني
سنڌي ۽ ڪن ٻين مقامي ٻولين جا لفط ۽ نالا عربي
صورتخطي ۾ لکيا ۽ عربي حرفن تي وڌيڪ ٽٻڪا ڏائي
انهن کي سنڌي اچارن لاءِ استعمال ڪيو. سنڌ جي گادي
جي شهر منصوره ۽ ان جي پسگردائي ۾ ’سنڌي - عربي’،
صورتخطي جنم ورتو ۽ وقت گذرڻ سان پوءِ اها سڄي سنڌ
۾ رائج ٿي. هن دور ۾ سنڌي ٻولي جو علمي مطالعو
شروع ٿيو ۽ ڪن مشهور محققن سنڌي ٻولي بابت پنهنجا
رايا قلمبند ڪيا. طبي لغات ۾ سنڌي ٻولي جي
انفراديت ۽ بين الاقوامي حيثيت تسليم ڪندي، ڪيترين
ئي جڙين ٻوٽين جا نالا ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ۾
ڏيڻ ضروري سمجهيا ويا.
باب چوٿون
سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع، ۽ زباني ادبي روايت جي اوسر وارو
دور
(سومرن جي حڪومت: 1050-1350ع)
پوئين باب ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته عرب - اسلامي دور ۾ سنڌي
ٻولي جي مرڪزيت وڌيڪ مضبوط ٿي، ان جي اندروني نحوي
سٽاء ۾ اضافو ٿيو، ۽ سنڌي ٻولي نه فقط سنڌ اندر
مکيه ’عام ملڪي ٻولي‘ بني، پر بين الاقوامي سطح تي
پڻ ان جي اهميت تسليم ٿي. ان وقت جي اسلامي ۽ علمي
دنيا ۾، هن سڄي برصغير مان فقط ’سنڌي‘ ۽ ’هندي’ کي
ئي علمي طور تسليم ڪيو ويو ۽ جدا جدا تصنيفن ۾ پڻ
انهن ٻن ٻولين جوئي نالو کنيو ويو. ان بعد سومرن
جي دور ۾ بين الاقوامي سطح تي ’سنڌي‘ جي اها ساڳي
انفرادي حيثيت ۽ اهميت قائم رهي. مولانا جلال
الدين رومي (وفات 672/1273ع) جيڪو ستين صدي هجري
(سومرن جو دور) جو وڏو مفڪر هو، تنهن پنهنجي مشهور
ڪتاب ’مثنوي‘ ۾ انسان ذات جي وحدت ۽ باهمي محبت جو
سبق سمجهائيندي چيو ته: انسان ذات جي وحدت، نسل،
رنگ يا ٻولي جي اختلاف جو مثال ڏيندي ’سنڌي‘ ۽
’هندي‘ جو نالو کنيائين ۽ چيائين ته:
سِنديان را اصطلاحِ سند مدح
هِنديان را اصطلاحِ هند مدح
جنهن جو مکيه مطلب ته سنڌ وارا ڀل پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائين ۽
هند وارا ڀل پنهنجي هندي ٻولي ڳالهائين: سنڌين کي
سندن سنڌي ٻولي محبوب ۽ مبارڪ هجي ۽ هند وارن کي
سندن هندي ٻولي محبوب ۽ مبارڪ هجي!
سومرن جي دور ۾ عربي ۽ سنڌي جو ڪنهن حد تائين ساڳيو اڳيون عرب
دور وارو لاڳاپو ۽ رشتو قائم رهيو. عربي انتطامي ۽
تعليمي زبان رهي، پر سنڌي جي اهميت وڌي ڇاڪاڻ جو
جيئن پوءِ تيئن مقامي باشندن ۽ مقامي حڪمرانن
(سومرن) جي مادري ٻولي (سنڌي) وڌيڪ مقبوليت حاصل
ڪئي. ٻيو ته سومرن جي دور ۾ ’سنڌي ٻولي‘ جي تعمير
۽ ترقي لاءِ وڌيڪ مؤثر سماجي ۽ سياسي اسباب پيدا
ٿيا: سومرن جو عروج، سنڌ جي مقامي اسلامي سماج ۽
مقامي سياسي طاقت جو عروج هو، جيڪو سنڌي ٻولي جي
ترقي ۽ تعمير لاءِ پڻ مکيه ڪارڻ بنيو.
سومرن جي حڪومت جو تاريخي ۽ جغرافيائي پس منظر
اوائلي سومرا اڳواڻ ۽ سربراهه غالباً چوٿين صدي هجري جي پڇاڙي
يا پنجين صدي هجري جي شروع ۾ سنڌ جي ٻن مکيه
رياستن، منصوره ۽ ملتان، جي عرب اميرن جا جاءِ
نشين ٿيا. سومرن جي ’ڀاڳن‘ فقيرن جي روايت موجب
سومرن جو پهريون قبائلي سردار سنه 221 هه ۾ ٿيو.
ان بعد چوٿين صدي هجري جي آخر ڌاري ’امير ساهو‘
مشهور سردار ٿيو، جنهن جو پٽ ’امير سومار‘ ٿيو
جنهن جي نالي پويان ٻيا ’سومرا‘ حڪمران مشهور ٿيا.
امير سومار پاڻ، يا سندس پيءُ ڏاڏي ۽ چاچن، يا
ڀائٽن ۽ پٽن، سنڌ جي ٻنهي رياستن منصوره توڙي
ملتان تي پنهنجي سرداري قائم ڪئي.
ملتان ۾ چوٿين صدي هجري جي بالڪل آخر يا پنجين صدي هجري (يارهين
صدي عيسوي) جي شروع ڌاري سومرن اميرن سياسي اهيمت
حاصل ڪئي. ڪن تاريخي حوالن جي بناءِ تي چئي سگهجي
ٿو ته اوائلي سومرا سربراهه فاطمي مبلغن جي اثر
هيٺ، ديني يا سياسي عقيدي طور بغداد جي خليفن
بدران مصر جي فاطمي حاڪمن ڏانهن مائل ٿيا. امير
سومار جو پٽ راڄپال، جيڪو ’اين سومار‘ جي عرف عام
سان مشهور ٿيو ۽ جنهن ملتان ۾ سياسي اهميت حاصل
ڪئي، تنهن غالباً سلطان محمود غزنوي جي اُسرندڙ
طاقت جي اثرهيٺ فاطمين کان پنهنجو منهن موڙيو ۽
تعلق ٽوڙيو. انهيءَ ڪري، سنه 423 هه (1032ع) ۾ شام
جو ’دروزي - فاطمي‘ فرقي جي مبلغ بهاء الدين ڏانهن
خط لکيو ۽ کيس ’دروزي - فاطمي عقيدن‘ ڏانهن مائل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
(1)
پر اها ڪامياب نه ٿي. پنجين/ڇهين صدي هجري ۾ غزني
۽ غور جي سلطانن جي سياسي طاقت، ملتان ۽ سنڌ ۾
غزني ۽ غور جي سلطانن جي سياسي طاقت، ملتان ۽ سنڌ
۾ قرمطي، دروزي ۽ اسماعيلي فرقن جي عقيدي توڙي
فاطمين جي سياسي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اتر -
اولهه هندستان ۾ هڪ نئين اڀرندڙ اسلامي طاقت جو
پايو وڌو. انهيءَ ڪري سومرن سربراهن پڻ اهڙن عقيدن
۽ فاطمي حاڪمن سان پنهنجو تعلق ٽوڙيو ۽ هو غزني جي
سلطانن ۽ بغداد جي خليفن ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيا؛
ديني عقيدي ۾ پڻ شرع اسلامي جي مرڪزي نظريي جي
حمايت ڪيائون ۽ پنهنجي لاءِ ’اسلام جي حمايت‘ وارو
لقب اختيار ڪيائون.
اُتر طرفان غزني ۽ غوري سلطانن جي وڌندڙ طاقت سببان ملتان جي
رياست سومرن جي هٿ مان نڪري وئي ۽ غالباً ڇهين صدي
هجري ۾ ان جو خاتمو ٿي ويو. باوجود انهي جي ڏاکڻي
ڀاڱي ۾ يعني موجوده بهالپور ڊويزن (اڳئين بهاولپور
رياست) واري ايراضي ۾ مقامي طور سومرا حاڪم خود
مختيار حيثيت ۾ يا سنڌ جي سومرن (۽ پوءِ سمن؟)
حڪمرانن جي ماتحت پوءِ به گهڻي وقت تائين حڪومت
ڪندا رهيا. ’هاڪڙي درياءَ‘ جي اُڀرندين ڪناري تي
’پتڻ‘ وٽ هڪ شهر آباد ٿيو، جيڪو پوءِ ’پتڻ مناري‘
جي نالي سان مشهور ٿيو. هڪ روايت موجب اهو سومرن
جو مکيه شهر هو، بلڪ ڪنهن وقت سندن تخت گاه هو ۽
شايد ويندي 14- صدي عيسوي تائين اهو شهر آباد هو.
انهيءَ علائقي ۾ ’مروٽ‘ جو قلعو (جنهن جا کنڊرات
هاڪڙي درياءَ جي پيٽ جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهن،
۽ جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جي دور جي مسجد وجود آهي)
پڻ سومرن جي هٿ ۾ هو، ۽ اتي ويندي 1494/1491ع
تائين ’ملڪ ڄام سومرو‘ حڪمران هو
(1).
انهن اهڃاڻن مان ظاهر آهي ته ملتان جي سڄي رياست
تي سندن اوائلي حڪمراني ختم ٿيڻ کان پوءِ به، سنڌ
۽ ملتان جي وچ واري ڀاڱي تي سومرن حاڪمن جو گهڻو
پوءِ تائين قبضو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽
ملتان ٻئي پهريائين عربن ۽ پوءِ سومرن جي نظام
حڪومت هيٺ رهيا ۽ ٻنهي ۾ ساڳيا سماجي ۽ سياسي
سلسلا قائم رهيا، ۽ پڻ ٻنهي جي معاشري توڙِ ٻولين
۾ گهرو رشتو پيدا ٿيو. سنڌي ٻولي جو اثر ملتان
تائين پهتو، ۽ ملتان ۽ سنڌ جي (سِري واري) سرائڪي
ٻولي سنڌ ۾ رائج ٿي: اهڙي طرح سنڌي ۽ سرائڪي ڄڻ
ٻنهي خطن جون مشترڪ زبانون بنيون.
هيٺين سنڌ ۾، سومرن جي طاقت جي بنياد جو سال 448 هه ڄاڻايل آهي.
مير محمد معصوم لکيو آهي ته انهيءَ سال سومرا
’ٺري‘ (موجوده تعلقي ماتلي ۾ ’ٺري نظاماڻي‘) ۾ گڏ
ٿيا ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون. سنڌ جي عام
روايتن ۾ دلوراءِ بادشاهه جو ذڪر موجود آهي. ڇٽو ۽
دلوراءِ ٻئي ڀاءُ هئا ۽ سندن پيءُ جو نالو ’عمران‘
هو ۽ انهيءَ ڪري ’ڇٽو عِمراني‘ [يعني ڇٽو پٽ عمران
جو] مشهور ٿيو. دلوراء غالباً منصوره جي حڪمران
هو، جو سندس نالي پويان اڃا تائين اها ڀيڻي ’دلور‘
سڏجي ٿي. ’دلوراء‘ خلاف تاريخ طاهري جي يڪ طرفي
بيان سببان، دلوراءِ کي ظلم ڪري سمجهيو ويو آهي.
پر ٻين گهڻين روايتن موجب هو وڏي همت ۽ حوصلي وارو
حاڪم هو ۽ ڪي وڏا ڪارناما سندن دور ۾ ئي ٿيا.
مورڙي کي به دلوراءِ ڪائي جي ڪَل ٺهرائي ڏني هئي،
جنهن جي ذريعي مانگر مڇ کي ماريائين. وڏو دودو
دلوراءِ جو ڏوهٽو هو. هڪ روايت موجب وڳہ ڪوٽ وارو
ملڪ ۾ دلوراء ئي دودي کي ڏنو هو(1).
دلوراء جي پيءُ ’عِمران‘ جي نالي مان گمان ٿئي ٿو
ته شايد هو منصوره رياست جي آخري عرب گهراڻي جو
حڪمران هو، يعني ته عرب گهراڻا سنڌ جي سومرن
حڪمرانن جا ناناڻا هئا. ٻيو هڪ اهڃاڻ جيڪو سڀني
عوامي روايتن ۾ موجود آهي ان موجب چنيسر لوهاري
مان هو ۽ دودو (ننڍو) ڏاڏي پوٽي مان هو. جيئن ته
دودي جي ماءُ دلوراء جي ڌيءَ هئي، ته پوءِ دلوراء
به سومرو بادشاهه هو. انهيءَ اوائلي دور ۾ گادي جو
شهر اڃان منصوره ۾ هئو.
سنڌ ۾ سومرن جي آبادي جو مکيه مرڪز غالباً ڏکڻ - اولهه سنڌ ۽
سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ واري ايراضي هئي. ’ڪڇ - گجرات‘
واري سرحد تي لڙاين، اروڙ وٽان درياءَ جي ڦيرين
گهيرين، ۽ اڀرندي ناري واري قديم ڦاٽ ۾ پاڻي جي
گهٽ - وڌائي سببان، سومرن جي حڪومت جا مرڪز پڻ
مٽجڻ لڳا. سومرن جي سياسي طاقت جا اوئلي مرڪز مٿان
اتر کان وٺي هيٺ ڏکڻ سنڌ تائين ’هاڪڙي ڍوري‘ جي
آباديءَ جي سهاري سان قائم ٿيا هئا؛ هاڪڙي ڍوري
(اُڀرندين ڌاري) جي آبادي تي ’وڳہ ڪوٽ‘
(2)
۽ عمر ڪوٽ، ۽ الهندي طرف ’ڍوري پراڻ‘ جي آباد
ايراضي ۾ ’ٺري‘
(3)
۽ ’روپاه‘
(4)
سندن طاقت جا مرڪز بنيا. غالباً ستين صدي هجري
(تيرهين صدي عيسوي) جي شروعات ۾ ’ڍوري پراڻ‘ ۾
پاڻي جي گهٽ وڌائي سبب، سومرن جي حڪومت جو مرڪزي
دائرو اڃان به الهندي طرف ’لوهاڻي - پٽيهل‘ ڍورن
جي آباد ايراضي طرف وڌيو؛ جنهنڪري موجوده ٺٽي ضلعي
۾ الهندي طرف ’ديبل‘ ۽ اُڀرندي طرف مُنۡهمَتُور
(1)
سندن حاڪم ’سنان الدين چنسير‘ هو
(2)،
جيڪو جلال الدين خوارزمشاهي جي حملي وقت ديبل کي
ڇڏي هليو ويو.
سنڌي ٻولي جي پکيڙ
سومرن جي دور جي مٿئين تاريخي - جغرافيائي پس منظر جي روشني ۾،
سنڌي ٻولي جي پهچ پکيڙ بابت هيٺيان نتيجا نروار
ٿين ٿا: اول ته حڪمرانن جي زبان جو حڪومت جي حدن
اندر توڙي سرحدن تائين وڏو اثر ٿئي ٿو. ڏکڻ - اوڀر
سنڌ ۽ سنڌ - ڪڇ جا سرحدي ڀاڱا سومرن جي حڪومت جي
اثر ۽ طاقت جو مرڪز بنيا، جنهن ڪري انهيءَ مرڪزي
اراضي ۾ ’سنڌي ٻولي’ پکري. اوائلي ۽ وچئين دور ۾،
سومرن جي طاقت جورخ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات وارين
سرحدن طرف رهيو، انهيءَ ڪري ڪڇ طرف سومرن، سمن ۽
سنڌ جي بين قومن جون بستيون قائم ٿيون، ۽ ڪڇ ۾
’سنڌي ٻولي‘ پکري. گجرن سان سومرن جون لڙايون اهو
اهڃاڻ ڏين ٿيون ته ’سنڌي ٻولي‘ پکڙي. گجرن سان
سومرن جون لڙايون اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون ته ’سنڌي
ٻولي‘ ۽ ڪاٺياواڙ - گجرات جي ٻولين جو هڪٻئي سان
لاڳاپو شروع ٿيو. سومرن جون ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف
متعدد بستيون (جيڪي 1947ع ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ
تائين سلامت هيون) انهيءَ آڳاٽي دور جي سياسي ۽
معاشرتي اثر جون يادگار آهن. عمرڪوٽ ۾ سومرن جي
سياسي مرڪز، ۽ سوڍن سان سندن سٻنڌ سببان سنڌي ۽
سوڍن جي ٻولي جي محاورن (ڍاٽڪي، پارڪري وغيره) ۾
ميل جول ٿيو ۽ پڻ سنڌي ٻولي ٿر واري خطي ۾ پکڙي.
ٽيون ته سومرن جي اوائلي دور بعد جيئن ئي سندن
طاقت جا مرڪز اندروني سنڌ وارين ايراضين ۾ قائم
ٿيا ته وچ سنڌ جي سمن ۽ ٻين قبيلن کي سومرن جي
حڪومت ۾ وڌيڪ دخل ٿيو، جنهن ڪري سمن ۽ وچولي سنڌ
جي ٻين قبيلن واري بولي، جيڪا نسبتاً وڌيڪ صاف ۽
عام فهم ٻولي هئي، سا وڌيڪ رائج ٿي، ۽ معياري سنڌي
ٻولي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ميدان هموار ڪيو. چوٿون
ته سومرن جي حڪومت، عرب - اسلامي حڪومت جي جاءِ
نشين هئي، ۽ انهيءَ ڪري اڳئين دوستور موجب عربي
سومرن جي دور ۾ پڻ تعليم ۽ تربيت توڙي سرڪاري
ڪاروبار جي زبان طور جاري رهي.
سومرن جي دور ۾ ’معياري سنڌي ٻولي‘جي وڌيڪ تعمير ۽ ترقي لاءِ
ٻيا هيٺيان اسباب ڪارگر ٿيا: (الف) هن دور ۾ سنڌ
جي سرزمين ۽ ان سان لاڳو علائقن ۾ وڏا ديندار، ولي
۽ درويش پيدا ٿيا، جن عوام جي اخلاقي ۽ روحاني
تربيت لاءِ ’ذڪر‘ ۽ ’سماع‘ جا سلالا قائم ڪيا، جن
جي ذريعي تصوف ۽ طريقت، فيض ۽ هدايت، ارادت ۽
عقيدت، ذڪر ۽ فِڪر جي سلسلي جا ڪيئي الفاظ ۽
اصطلاح، فقرا ۽ مثال سنڌي ۾ رائج ٿيا. (ب) مقامي
تاريخ ۽ مقامي ڳالهين جي ڳولا خاطر روايت ۽ راوين
جو سلسلو جيڪو عرب - اسلامي دور کان شروع ٿيو، سو
سومرن جي دور ۾ وڌيو، ۽ سنڌي سُرتگيا ۽ سگهڙ
ساماڻا، جن مقامي واقعن ۽ ڳالهين کي ياد ڪيو ۽
بيان ڪيو. خاص طرح ڀانن مان ’ڀاڳ قبيلي‘ جا فقير
سومرن جي راڄن سان ڀيڙا ٿيا، ۽ سندن پُريون
پيڙهيون ياد رکيائون ۽ پڻ ٻيا سماجي ڪردار ادا
ڪيائون. ان وقت کان وٺي ’راڄ ڀاڳ‘ (يعني راڄ ۽ ڀاڳ
يعني هر ’راڄ‘ جو هڪ ’ڀاڳ‘) جو اصطلاح هليو ۽ اڃا
تائين هلندو اچي. ڀاڳن ۽ ڀانن، ۽ ٻين منگتن ۽
مڱڻهارن هن دور جي عشقيہ داستانن توڙي جنگين ۽
واقعن کي بيان ڪرڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيو، ۽ اهو قصه -
خوانبه ۽ ڳائڻ جو فن پوءِ سمن جي دور ۾ عروج کي
پهتو. پيڙهين، قصن، واقعن ۽ سورهين جي سورهيائي کي
بيان ڪرڻ واري جذبي، سنڌي ٻولي ۾ ’بيان‘ جي وسعت
پيدا ڪئي، ۽ قصن ۽ جنگين ڳائڻ واري ذوق ’سنڌي
راڳن‘ ۾ اضافو ڪيو
(1).
واقعن ۽ قصن کي ڳائڻ خاطر عوامي شعر جي هڪ صنف
”ڳاه“ نالي اسري ۽ عام مقبول ٿي. ’ڳاه‘ هندي
’دوهي‘ کان الڳ هڪ خاص سنڌي نظم هو، ۽ ان جو نالو
’ڳاه‘ پڻ سنڌ جي تاريخي پس منظر جي لحاظ سان ٻڌ
ڌرم وارن جي آڳاٽي ”گاٿا“ جو يادگار هو. هيٺ اسان
انهن سلسلن تي مختصر طور، ان دور جي مثالن سان،
روشني وجهنداسون.
سنڌي ۾ ذڪر ۽ سماع جا سلسلا
سومرن جي دور ۾ ملتان جو غوث بهاؤالدين زڪريا
(578-661هه/1182-1262ع)، پاڪ پٽن جو بابا شيخ
فريدالدين مسعود گنج شڪر (1172-1275ع)، اچ جو سيد
جلال سرخ بخاري (غوث صاحب جو معاصر ۽ مريد)، شيخ
عثمان قلندر شهباز (وفات 671هه/1272ع) ۽ شيخ حسين
عرف پير پٺو (وفات 646 هه/1248ع) وڏا ولي ۽ درويش
هئا، جن جو سنڌ ۾ وڏا اثر هو ۽ جن عوام النسا جي
اخلاقي ۽ روحاني تربيت ڪئي. اهي سڀ بزرگ سومرن جي
دور ۾ ٿي گذريا ۽ سومرن حاڪمن جي پڻ ساڻن عقيدت
هئي. هنن بزرگن جي خانقاهن، خاص طرح غوث صاحب ۽
بابا فريد گنج شڪر جي درگاهن تان ذڪر جا سلسلا
شروع ٿيا. ذڪر جي ڪن، لفظن ۽ فقرن، ۽ خري جي دعائن
توڙي سماع ۾ ڳائڻ لاءِ ته سڀ سمجهي سگهن، متاثر
ٿين ۽ هدايت حاصل ڪن.سنڌي ٻوليءَ ۾ جيئن ته بيان
جي صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي، انهيءَ ڪري ذڪر ۽ سماع
جا سلسلا سنڌي ۾ آساني سان شروع ٿيا؛ سنڌي ’ذاڪر‘
۽ ’قوال‘ سنڌ ۽ ملتان وارن خطن ۾ مشهور ٿيا ۽ سنڌي
’بيت‘ ۽ ’قافيون‘ منظوم ٿيڻ لڳا
(1).
پير پٺي ۽ قلندر شهباز جي درگاهن تي رکيل ڀيرين مان ڪي سومرن
حڪمرانن جون نذراني طور ڏنل آهن. سومرن حاڪمن جي
غوث صاحب سان پڻ عقيدت هئي. تاريخ معصومي جي حوالي
مان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه دودو سومرو،
1246-1248ع واري عرصي ۾، غوث صاحب جي خليفي حضرت
پير پٺي سان ملتان ۾ مليو ۽ کيس درگاه واري زمين
ڏيڻي ڪيائين.
غوث صاحب (ملتان) ۽ بابا فريد (پاڪ پٽن) جي درگاهن تان جيڪي ذڪر
۽ سماع جا سلسلا شروع ٿيا، سي مقامي ٻولين خاص طرح
سنڌي ۽ سرائڪي ۾ هئا. غوث صاحب جي مريدن ۽ معتقدن
جو وڏو تعداد سنڌ مان هو، ۽ پڻ سنڌي ’ذاڪر‘ ۽
’قوال‘ ئي سندن سماع جي سلسلي جي اڳواڻ هئا. هنن
سماع جي محفلن ۾سنڌي بيت وڏي سوز گداز سان پڙهيا،
۽ پڻ ذڪر جو سلسلو سنڌي بيتن ۾ قائم ڪيو.
غوث بهاؤالدين ذڪريا جو اثر ملتان ۽ سنڌ طرف ايترو هو جو شيخ
فريد گنج شڪر ان ڀاڱي کي شيخ بهاؤالدين جي اراضي
ڪري سڏيندا هئا
(1).
سندس پوٽو شيخ رڪن الدين (وفات 1335ع) سومرن جي
پوئين دور ۾ هو. مورخ ضياء برني جي لکڻ موجب سڄي
سنڌ سندس مريد ٿي وئي هئي ۽ پڻ عالمن مان گهڻا
سندس حلقي ۾ داخل ٿيا
(2).
حضرت رڪن عالم وٽ به سماع جون مجلسون ٿينديون هيون
۽ انهن محفلن جو اڳواڻ قوال ’حسن سنڌي‘ هو، جيڪو
سنڌي توڙي فارسي مان ڳائيندو هو. هڪ ڀيري حضرت رڪن
عالم جي مريد شيخ عثمان کيس چيو ته: ’مير حسن‘
ڪجهه ٻڌاءِ.‘ هن معافي گهري پر شيخ عثمان مٿس زور
رکيو؛ جنهن تي شيخ سعدي جا ڪي شعر ڳايائين
(1).
شيخ فاريد گنج شڪر (569-664هه/1173-1275ع) جي تعليم ۽ طريقي جو
سلسلو پڻ سنڌ تائين پهتل هو، ۽ سندس سلسلي ۾ سماع
کي خاص اهميت هئي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ذاڪرن ۽
قوالن يقيني طور پاڪ پٽن ۾ سندس خانقاه تي پڻ سماع
جون محفلون مچايون هونديون. هڪ حوالي موجب، دهلي ۾
شيخ نظام الدين اولياء وٽ شيخ فريد گنج شڪر جو
مريد حسين سنڌي نالي قوال رهندو هو، جيڪو جڏهن
سرود ڪندو ۽ ڳائيندو هو ته حضرت شيخ تي وجد طاري
ٿي ويندو هو
(2).
گمان غالب آهي ته حسين سنڌي قوال پهريائين حضرت
شيخ فريد جي خانقاه تي ئي سماع سرود ڪيو ۽ اتان
پوءِ حضرت نظام الدين اولياء جي خذمت ۾ ويو.
بابا فريد گنج شڪر جي ذڪر ۽ دوهن ۾ سنڌي الفاظ: مير خورد
ڪرمانيءَ ’سير الاولياء‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”شيخ
فريد ’هندي‘ چڱي طرح ڳالهائي سگهندو هو“
(3).
’هندي‘ مان مراد ملتان ۽ سنڌ واري مقامي ’هندوي‘
ٿي سگهي ٿي، جيڪا ان وقت جي سرائڪي - سنڌي ٻولين
جي آميزش واري زبان هئي. شيخ فريد پنهنجن مريدن کي
پنهنجي زبان ۾ ذڪر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ته جيئن هو
لفظن کي سمجهن ۽ سندن دل تي اثر ٿئي. محمد غوثي
گوالياري پنهنجي ڪتاب ”جواهر خمسہ“ ۾
(1)
انهيءَ ذڪر جا ٽي فقرا ڏنا آهن، جن جي سٽاءَ مان
ظاهر آهي ته اهي سرائڪي - سنڌي جا آهن. جيتوڻيڪ
بگڙيل صورتخطي سببان پوري طرح سمجهه ۾ نٿا اچن.
البت ٽيون فقرو ”اههين تون“ غالباً سنڌو فقرو
”آهِيۡن هيۡن تون“ (= ”آهين ئي تون“ = اي الله!
تون ئي آهين) آهي.
انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته حضرت بابا فريد مسعود گنج شڪر عام مقامي
ٻولي ’هندوي‘ جو ڄاڻو هو، پرڪن عام روايتن ۾ ائين
پڻ ڄاڻايل آهي ته هن ’هندوي‘ ۾ دوها چيا. ڪن محققن
جي راءِ ۾ اهي دوها، جيڪي ’بابا فريد‘ جي نالي سان
منسوب آهن، سي بابا فريد مسعود گنج شڪر جا چيل
ناهن، پر سندس جاءِ نشينن مان فريد ثاني جا چيل
آهن. اهڙا دوها سکن جي ڌرمي ڪتاب ”آد گرنٿ“ (گرو
گرنٿ) جي آخري پنجين ڀاڱي ’ڀوڳ‘ هيٺ ڏنل آهن، جن
مان ظاهر آهي ته ڪن دوهن تي سرائڪي سنڌي جو رنگ
چڙهيل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان دوها غور طلب
آهن
(1):
سَروَر پَنکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس
اِه لهري گڊ ٿيا، بچي تيري آس
[تلاءَ يا ڍنڍ ۾ پکي آهي اڪيلو، ۽ ڦاسائيندڙ آهن پنجاه اهي سڀ
اچي گڏ ٿيا آهن، هاڻي تنهنجي آسري تي ئي بچي]
اِنِي نيڪي جَنُگيَم، ٿِلُ ڊوُگر ڀَو يوم
اج فريدَ ئلآ ڪُوجڙا، سَو ڪُهان ٿِيوم.
[انهن ننڍڙين ڄنگهن سان، ٿر ڏونگر لتاريم.
فريد! اڄ ته (ويجهو رکيل) ڪوزو (ڪونئرو) به سؤ ڪوه پري ٿيوم]
فريدا سبنئان من ماڻڪ، ڊاهڻ مول مَ چانگوا
جي تونءِ پِريَ دي سِڪ، هيانَو نه ڊاه ڪهين دا.
[فريدا سڀني جو من ماڻڪ آهي ۽ اهو ڊاهڻ مور چڱو ناهي- جي توکي
پرينءَ جي (سچي) سڪ آهي ته ڪنهن جي به دل (هيانءَ)
نه ڀڃ.]
فريدا گلِي مُہ سجن ويهه، اِڪ ڊونڊيندي نه لهان
دُکان جيهءُ ماليهه، ڪارڻ تنا ما پري.
[فريدا! ڳالهين وارا سڄڻ ويهه پر (انهن مان) ڪو ڳوليو نٿو لڀي
آءٌ دکان پيو ڇيڻي جيئن، تن سچن پرين ڪارڻ.]
انهن دوهن جي صورتخطي اسان ڪوشش ڪري ائين لکي آهي، جيئن ’آد
گرَنٿ‘ ۾ ڏنل آهي: يعني ته ڪم از ڪم 1604ع تائين
(جڏهن ’آد گرنٿ‘ تاليف ٿيو) اهي دوها ائين پڙهيا ۽
اُچاريا ويندا هئا. پهرين ٻن دوهن ۾ سنڌي اثر
نمايان آهي؛ نه فقط ايترو، پر انهيءَ ساڳي معنيٰ ۾
هيٺيان سنڌي بيت اڄ تائين مشهور آهن، جن مان گمان
نڪري ٿو ته فريد جا مٿيان دوها سنڌي بيتن جي
ترجماني آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ نه فقط ساڳيو خيال
پر ساڳيا سنڌي الفاظ ۽ فقرا سمايل آهن:
سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاه
رکي هڪ الله، لڏي لهرين وچ ۾.
(1)
ٿر ڏونگر بر روه، ميي سڀ مناڙيا
اڱڻ اسي ڪوه، هاڻي هن جماز کي.
(2)
ٽئين ۽ چوٿين دوهي جي بنهي سٽن ۾ قافيا وچ تي آندل آهن، حالانڪ
هيئت جي لحاظ سان ’دوهي’ جي ٻنهي سٽن ۾ قافيا آخر
۾ اچڻا آهن: ’دوهرا‘ معنيٰ ’ٻن سڱن وارو‘، يعني
ٻنهي سٽن جي آخري قافين وارو. دوهري جي سٽاءَ ۾
وچين ’قافين‘ آڻڻ واري مٿين ترميم غالباً سنڌي
بيتن جي سٽاءَ جي اثر هيٺ آِ، جيڪي ان دور ۾ سنڌي
ذاڪرن سماع جي محفلن ۾ پئي پڙهيا.
. هي نالو ’محمد طور‘ توڙي ٻين مختلف اچارن
سان لکيل ملي ٿو، پر ان جو عام مشهور زباني
اچار ’مَهمتور‘ يا ’مامتور‘ يا ’مُهَمتورُ‘
آهي. مشهور مقامي پهاڪو آهي ته ”مُنُهن
مَتُورَ ۾، ڪنڌِ ڪَپورُ ۾“ جنهن مان وڌيڪ صحيح
ائين لڳي ٿو ته اهو نالو ’منهن‘ + مَتُور آهي،
يعني متور
<
مَتو سومرن جي اراضي مَتُور (واه يا ڦاٽ؟) جو
’منهن. ’مُهَيمُتور‘ جا کنڊر تعلقي جاتي ۾
موجود بسني ’شاه ڪپور‘ جي ڏکڻ اوڀر طرف لڳو لڳ
هڪ وڏي اراضي ۾ پکڙيل آهن، جتي شهر جي جامع
مسجد جي بِنائن جا نشان اسان ويهه سال کن اڳ
(1958ع ڌاري) چٽا بيٺل ڏٺا.
|