جيترو پڻهين جو رشتو ’ابدالمدان‘ [صحيح ’عبدالمدان‘] قبيلي کان
ڏوراهون آهي).
حماد چيو ته، ”مون ڏٺو ته سندن اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ۽ سمجهيم
ته مڙس ڪاوڙجي پيو آهي. اتي ڊنس، ۽ چيومانس ته،
’اي ابا عطا! هن وقت مونکي معافي ڏي، ۽ منهنجو
بچاءُ ڪر؛ باقي جيڪو ڪجهه مونکي مليو تنهن ۾ اڌ
تنهنجو به ٿيو.’ اتي چيائين ته، ’سڄي خبر ٻڌاءِ‘؛
جنهن تي مون سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ٻڌي، چيائين ته
’توتي حرف ڪونهي‘ جيڪي توکي مليو سو توکي پرتو،
مونکي انهيءَ جي ضرورت ڪانهي.‘ ائين چئي اٿيو، ۽
معليٰ کي ننديندو روانو ٿي ويو“
(1).
ابو عطا سنڌيءَ جو دور دورو تقريباً سنه 132 هه ڌاري ختم ٿئي
ٿو: انهيءَ لحاظ سان، هيءَ حڪايت ثابت ڪري ٿي ته
ٻي صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري، سنڌ جي ٻولي جي
مهاورن ۾ ’ز’ ۽ ’ج‘، ۽ ’س‘ ۽ ’ش‘ جي اُچارن ۾ تميز
ڪانه هئي. ٻيو ته سنڌ ۾ عربي حڪومت جي انهيءَ
اوائلي دور ۾ اڃان سنڌ وارن جون زبانون خالص عربي
حرفن - ح، ض، ط ۽ ع وغيره - سان پڻ مانوس ڪين ٿيون
هيون، ۽ انهن حرفن جا اُچار سنڌ وارن جي زبان تي
پوريءَ طرح ڪين چڙهيا هئا. هيءَ حڪايت اهو به ظاهر
ڪري ٿي ته، ڪيئن اهڙن نيم پخته اُچارن تي تنقيد
ٿيندي رهي. انهيءَ علمي تنقيد توڙي سنڌين ۽ عربن
جي وچ ۾ عام لهه - لاڳاپي جو اهو نتيجو نڪتو، جو
سنڌي لفظن جي اچارن ۾ ’ج‘، ’ز‘، ’س‘ ۽ ’ش‘جي جدا
گانه ۽ مستقل اچارن جو اضافو ٿيو. اڄڪلهه سنڌ جا
آڳاٽا باشندا - يعني لاکا، سهتا، سما، چنا وغيره -
جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا؛ تن مان اڻ - پڙهيل به اهي
اچار بلڪل صحيح ۽ صاف ڪن ٿا؛ صرف سنڌي لوهاڻا هندو
جيڪي سماجي طور عربن - مسلمانن کان الڳ رهيا، انهن
۾ البت اڃان تائين انهن اچارن جي خامي موجود آهي.
4- چوٿون ته سنڌي لفطن ۾ جملن جي سٽاء تي عربي ٻوليءَ جي اعراب
جو اثر پيو. ’اعراب‘ جملي ۾ بيهڪ جي لحاظ سان لفظ
جي آخري حرف واريءَ انهيءَ حرڪت (زير، زبر، پيش)
جو نالو آهي، جيڪا جدا جدا حالتن هيٺ ڦري گهري ۽
گدلجي. هندوستان جي موجوده ٻولين مان سنڌي ٻولي ئي
آهي، جنهن ۾ اعراب جو سلسلو مڪمل طور موجود آهي.
سنڌيءَ جا مذڪر اسم پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ اڪثر
پيش سان هوندا آهن، ۽ مونث اسم گهڻو ڪري زير يا
زبر سان (سواءِ ڪن جزوي مستثنات
Exceptions
جي - مثلاً مَسُ، ڪَسُ وغيره). حالت فاعلي (۽ فعل
لازمي) ۾ البت اسمن جي اعراب ساڳي اصلوڪي حرڪت
رهندي (مثلاً ’گهرُ ڪشادو آهي‘)؛ مگر اضافي ۾ جري
حالتن ۾ آخري حرف جو پيش بدلجي زير ٿيندو (جيئن ته
حالت اضافي ۾ گهرَ جو ڌڻي‘، ۽ حالت جري ۾ ’گهر‘
۾‘، ’گهرَ کي‘، ’گهر ڏانهن‘)؛ پر جيڪڏهن حرف جر
حذف ڪبو (ڪبرائبو)، ته آخري حرف کي زبر ڏبي -
مثلاً ’فلاڻي جي گهر وڃي‘، (جو دراصل ’فلاڻي جي
گهر ۾ وڃي‘ جي برابر آهي). جن مردن جي نالن پٺيان
’و‘ آهي، اهو حالت ندا ۾ مَٽجي ’الف‘ ٿيندو، ۽
حالت اضافي ۽ جري ۾ ’ي‘: مثلاً ’اي الهڏنا‘،
’الهڏني جو پٽ‘، ’الهڏني کي چيم‘. مگر، عربيءَ
وانگر، سنڌيءَ ۾ پڻ زالن جا نالا ’مبني“ آهن، يعني
ته انهن جي اعراب ڪين ڦرندي - جيئن ته ’بانو جو
پٽ‘ ’بانو کي چيم‘، وغيره. اسين چونداسين ته ’احمد
آيو‘ ۽ ’احمد چيو‘: اتي ٻنهي صورتن ۾ حالت فاعلي
آهي، مگر پهريون فعل لازمي آهي، ۽ پويون فعل
متعدي. سنڌي اعراب جي قاعدي موجب، متعدي فعل جي
فاعل جي اعراب زير ٿيندي - يعني ته پيش ڦري زبر
ٿيندو ۽ ’و‘ مٽجي ’ي‘ ٿيندو - جيئن ته ’الله ڏنو
آيو‘، ۽ ’الله ڏني چيو‘. سنڌي ۾ بلڪل عربيءَ
وانگر، ضمير سڀ ’مبَني‘ آهن، يعني ته انهن ۾ اعراب
جي ڦير گهير ڪانه ٿيندي؛ ’هُو‘، ’تون‘، وغيره سڀ
ضمير، هر حالت ۾ پنهنجيءَ اصلوڪي صورت ۾ رهندا.
مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ فنِ اعراب، عربي ٻولي
جي گهري اثر جو نتيجو آهي.
5- گرامر جي جزن ۽ ڀاڱن تي عربيءَ جو اثر پيو.
(الف) اسم: عربيءَ مان ڏينهن ۽ مهينن جا نالا، ۽ ٻيا ڪيئي اسم
سنڌي ٻوليءَ جو جز بنيا - مثلاً بصر، جبل، ٿوم،
دٻڪي (طبق)، دلو، رسو وغيره؛ ڪيئي اسم روزمره جي
ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا؛ نار (ع. ناعُوره)، مجيري،
جريب، ڪاسو وغيره الفاظ کيتيءَ جي ڌنڌي ۾ داخل
ٿيا؛ سنداڻ ۽ مترڪو (مطرقہ) لوهارڪي ڌنڌي جا اسم
بنيا؛ کڙيو، کرجين، ساهمي وغيره واپارين جي ذريعي
رائج ٿيا؛ ۽ زورق (= ٻيڙي جو قسم)، سڙهه (شراع)،
سُکاڻ (سڪان)، وغيره اسم ملاحن ۽ ناکئن جي استعمال
۾ آيا. انهن ’عربي الاصل‘ اسمن کان سواءِ خود
سنسڪرت يا پراڪرت مان جيڪي اسم سنڌ ۾ رائج هئا، تن
مان به ڪن تي عربي جي لغوي ڦير گهير جو اثر پيو، ۽
انهيءَ اثر سببان انهن جا اصلوڪا اُچار حرفن جي مٽ
سٽ سببان ڦِريا. مثلاً اهي خالص سنڌي الفاظ يا اهي
پراڪرت يا سنسڪرت الفاظ، جي سنڌي ۾ رائج هئا ۽ جن
جي پڇاڙيءَ ۾ ’يہ‘ ’ه‘ هئي، تن جون اهي پڇاڙيون
’ج‘ ۾ تبديل ٿيون؛ انهيءَ تبديلي سببان ’سُوريہ‘،
’آشچريہ‘، ’ڪاريہ‘ ڦري ’سورج‘، ’اچرج‘، ۽ ’ڪارج‘
ٿيا. لفظ ’ويڻو‘، جو انهيءَ ساڳي صورت يا ’وڻہ‘ جي
صورت ۾ رائج هو ۽ جنهن کي غالباً ايراني ناکئن
’ونہ‘ ڪري اچاريو، سو عربي جي انهيءَ لغوي ڦير
گهير جي اثر هيٺ بدلجي ’ونج‘ ٿيو ۽ اڄ تائين
انهيءَ مَٽيل صورت ’ونجهه‘ ۾ رائج آهي
*.
(ب) ضمير: ضمير ’هُو‘ ۽ ’آءٌ‘ عربي الاصل آهن. ’آءٌ‘ خاص طرح
سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ رائج آهي، ۽ جيئن ته انهيءَ
ڀاڱي ۾ ديبل ۽ منصوره جي مرڪزي شهرن جي سنڌيءَ تي
عربيءَ جو گهرو اثر پيو، ته اتي عربي ’اَنا’ جو
سنڌي اُچار اَنۡ (<
آنء
<
آئون) هميشہ لاءِ استعمال ۾ اچي ويو. سنڌ جي
اترئين حصي ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي پارسي جو زياده
اثر رهيو، انهيءَ ڪري لفظ ’مَن‘ منجهان ’مان‘ مروج
ٿي ويو.
فعل جون ٻٽيون متصل ضميري پڇاڙيون جنهن مڪمل صورت ۾ سنڌيءَ ۾
رائج آهن، اهڙيءَ طرح اهي ٻي ڪنهن به هند - آريائي
ٻوليءَ ۾ نٿيون ملن. اهي ’ٻٽيون متصل‘ پڇاڙيون
غالباً سڌو سنئون عربي مان، يا عربي مان فارسي
ذريعي سنڌي ۾ رائج ٿيون. ڄاڻڻ گهرجي ته اڪيليون
متصل ضميري پڇاڙيون سنسڪرت ۾ ملن ٿيون، جن جو مثال
سنڌي ۾ ٿيندو ’جيم‘ (مون چيو)، ’ماريوسون‘ (اسان
ماريو) پر سنڌي ۾ انهيءَ ترڪيب جي پويان ٻي ٻِٽي
پڇاڙي پڻ رائج آهي، جيئن ته ’چيمسِ يا چيومانس‘
(مون هن کي چيو)، ’ماريوسونسِ‘ (اسان هن کي
ماريو). ٻٽين ضميري پڇاڙين جو اهو نظام عربيءَ جي
خاص خصوصيت آهي: جيئن ته مصدر ’ضَرّب‘ مان
’ضَرَبۡت‘ ( مون ماريو) ۽ ’ضربتُہُ‘ (مون هن کي
ماريو).
(ج) فعل: اصل عربي لفظن مان سنڌيءَ ۾ فعل بنيا - جيئن ته
دفنائڻ، نظرڻ، نِيَتڻ، مرهڻ، ضربڻ، طلبڻ، تَرڪڻ،
وغيره.
(د) اسم فاعل ۽ مفعول: عربي جي اثر هيٺ ’فاعِلُ‘ ۽ ’مفعول‘ جي
وزن تي سنڌي ۾ اسم فاعل ۽ اسم مفعول جون ترڪيبون
مروج ٿيون. هن وقت انهن وزنن تي سنڌي ۾ سوين الفاظ
استعمال ٿين ٿا، جن مان گهڻا تڻا فارسيءَ جي اثر
هيٺ بلڪل پوئين ’علم ادب‘ واري دور ۾ داخل ٿيا
آهن، پر سنڌي ۾ ’فاعل‘ ۽ ’مفعول‘ ترڪيبن جا آڳاٽا
اهڃاڻ نسبتاً انهن لفظن ۾ ملن ٿا، جي سطحي نظر سان
عربي جا ڄڻ معلوم ئي نٿا ٿين. مثلاً هاري، ماري،
ڪاري (= ڪار وارو)، چاري، ماڇي، مانجهي وغيره، نج
سنڌي الفاظ عربي ’اسم فاعل‘ واري ترڪيب جي اثر هيٺ
اُسريا آهن، ۽ ’باقي‘، ’جاري‘، ’لائق‘، ’جاهل‘،
’سائل‘، ’شامل‘، وغيره قسم جا نج عربي اسم فاعل
آڳاٽي وقت کان سنڌي ۾ رائج ٿي چڪا آهن. عربي وزن
’مفعول‘ واري ترڪيب مان آخري ’ل‘ واري خصوصيت سنڌي
۾ اسم مفعول جو لازم ملزوم جز بنجي چڪي آهي.
(هه) حرف جر: ’لاءِ‘ (= عربي ’ل‘) ۽ ’واسطي‘ - اهي ٻئي حرف
دراصل عربي آهن، مگر سنڌيءَ ۾ عام طرح استعمال ٿين
ٿا. ازانسواءِ ’طرف‘ (= ڏانهن)، ”في“ (= ۾، ’في
ماه‘، ’في سيڪڙو‘ وغيره) ۽ ”ب“ (= سان ’بالله‘،
’بالاخر‘ وغيره) پڻ رائج آهن.
(و) حرف استفهام: ’ڪيئن‘ (= عربي ’ڪَي‘، جيڪو ’ڪَيۡف‘ جو هلڪو
اُچار آهي)
*.
(ز) حرف ندا: ’يا‘، ’اَلا‘ ۽ ’شالَ‘ (= عربي ان شاء الله) -
تيئي حرف ندا عربي الاصل آهن. ازنسواءِ، خوف وقت
’نانگ - نانگ‘ يا ’چور - چور’ به عربيءَ جي
ندائيءَ سِٽاء ”تحذير“ جو نتيجو آهي.
5. ٻوليءَ جي علم ادب جو بنياد پيو. سنڌ ۾ عربي حڪومت جي دور ۾
اسلامي سلطنب واري اراضي، علم ادب ۽ سائنس م سڄيءَ
دنيا ۾ ممتاز هئي. جتي جتي اسلام پهتو، اتي علمي
ترقي ٿي. سنڌ ۾ به فتح اسلام بعد نئون علمي دور
شروع ٿيو. سنڌ ۾ عربي حڪومت جي شروع ٿيڻ کان اٽڪل
هڪ سؤ ورهين اندر، سنڌ جي علمي درسگاهن مان عربي،
سنڌي توڙي هندي ٻولين جا ڄاڻو پيدا ٿيا. عباسي
حڪومت جي دور ۾ - خصوصاً مامون جي وقت ۾ - جيڪي
علمي ۽ فني ڪتاب سنسڪرت مان ترجمو ٿيا، سي گهڻو
ڪري سنڌ جي گورنرن جي معرفت ۽ سنڌ جي درسگاهن مان
نڪتل عالمن جي مدد سان ٿيا. ڪنهن عربي عالم جو
بيان آهي ته هن طبرستان طرف ڪنهن ڪتبخاني ۾ هڪ
’هندي‘ ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺو، جنهن ۾
ڄاڻايل هو ته هيءَ ترجمو ساونديءَ جي امير جي
سرپرستيءَ هيٺ ٿيو
(1).
’ساوندي‘، سنڌ جي شهر ’ساوڙي’ (تعلقي نوابشاه ۾)
هو، جنهن جا والي سما هئا. خاص سنڌ وارن مان
ڪيترائي محدث، مصنف، مورخ ۽ شاعر پيدا ٿيا.
ابوعطاء سنڌي، عربيءَ جو بلند پايه شاعر، ۽ ابو
معشر سنڌي، تاريخ جو مشهور راوي، انهن اوائلي شخصن
مان هئا. سنڌ جي گادي ’منصوره‘ جي قاضي احمد بن
محمد، عراق ۽ فارس ۾ شهرت حاصل ڪئي. انساب سمعاني
مُعجَمُ البلَدان ۽ ٻين عربي ڪتابن ۾ڪيترن ئي سنڌي
محدثن، خصوصاً شهر ديبل جي عالمن جا نالا ملن ٿا.
سنڌي مصنفن مان فَرَرح السندي، ابو الفرج السندي،
۽ خَلاد السندي (جو ڪوفي ۾ بجاج هو) جا نالا قابل
ذڪر آهن
(2).
هڪ طرف سنڌي نسل جي عالمن عربي علوم ۾ شهرت حاصل ڪئي، ته ٻئي
طرف وري عربي نسل جي عالمن سنڌ ۾ سنڌي ۽ هندي
ٻولين جي مطالعي ۾ گوءِ کنئي. سنڌ ۾ ’منصوره‘ علم
جو مرڪز هو جتي هجري سال 117 ۽ سنڌي سال 109
(735ع) ۾ برهمگپت جي ڪتاب ’کنڊ کادِيَڪَ‘ جو عربي
۾ ’الارڪند‘
(1)
جي نالي سان ترجمو ڪيو ويو. سنه 288 هه ۾ ابو محمد
الحسين نالي هڪ عالم منصوره ۾ هو. اتي هن هڪ معتبر
شخص کان ٻڌو ته ڪشمير جي طرف جي هڪ راجا - جنهن جو
لقب ”راءِ“ ۽ نالو ”مهروڪ بن رايق“ هو ۽ جيڪو
هندوستان جي نام نهاد راجائن مان هو - سنه 270
هجري ۾ سنڌ جي حاڪم عبدالله هَبّاري ڏي لکيو ته
سندس واسطي اسلامي احڪام جو هندي ڏيهي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪرائي. عبدالله، منصوره جي هڪ عالم کي
گهرايو جو اصل عراقي خاندان مان هو، ۽ شاعر به هو
ته هندوستان جي مکيه ٻولين بلڪ محاورن جو به ماهر
هو. ان عالم، راجا جي ضرورت موافق، اسلامي احڪام
کي ڏيهي ٻوليءَ ۾ قصيدي جي صورت ۾ نظم ڪيو، جيڪو
راجا ڏانهن موڪليو ويو. راجا کي اهو نهايت پسند
آيو، ۽ امير عبدالله کان مصنف جي گهر ڪيائين. هي
عالم راجا جي درٻار ۾ ويو ۽ ٽن سالن بعد موٽيو، [۽
خير ڪيائين ته- راجا قلب توڙي زبان سان اسلام قبول
ڪري چڪو آهي، مگر سياست جي مصلحت سببان عام اعلان
ڪونه ٿو ڪري؛ [۽ چيائين ته اتي] راجا کيس ملڪي
ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جي ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو، جو هن
پورو ڪيو. [راجا جي انعام متعلق چيائين ته] راجا
ٽن ڀيرن ۾ کيس ڇهه سؤ مڻ سون بخشش طور ڏنو
(2).
انهن حقيقتن مان ظاهر آهي ته سرزمين سنڌ ۾ نه صرف عربي جي اڀياس
لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنڌ بلڪ ’هند‘ جي زبانن
جي مطالعي لاءِ به جوڳو بندوبست ٿيل هو. سنڌ ۾
سنڌي توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت هئي، ڇو
ته عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي سبب، ٻئي هڪٻئي
جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا هئا. سڀني عرب
سيّاحن جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻولي
ٻئي رائج هيون، جنهن مان ثابت آهي ته عرب حڪومت
سنڌي ٻولي کي وڏي اهيمت ڏني، ۽ ان جي ترقي ۽
واڌاري جو باقاعدي انتظام ڪيو.
سنڌ ۾ سنڌي سان گڏ عربي جو عام فهم هجڻ مان هڪ وڏو فائدو هيءُ
ٿيو، جو سنڌ وارن پنهنجا تعلقات بغداد توڙي اسلامي
سلطنت جي ٻين ڀاڱن سان قائم ڪيا، ۽ اتي جي علمي،
ادبي ۽ فني ترقي کان براه راست بهره ور ٿي سگهيا؛
ٻيو ته سنڌ ۽ بغداد جي وچ ۾ تمدني تعلقات وڌيا.
سنڌ جا عرب گورنر، جيڪي مرڪزي حڪومت طرفان ايندا
هئا، سي اڳي ئي علم ادب جا ڪوڏيا هئا. اول ۾ انهن
سان گڏ ڪاسبي، ڪاريگر، منتظم ۽ فوجي آفيسر آيا،
مگر بعد ۾ مرڪزي عرب ملڪن مان وڏا عالم، سياح ۽
سياسي ليڊر به سنڌ م ايندا رهيا. شايد ابو جعفر
منصور جي ڏينهن ۾ امام ابراهيم - جنهن کي پوءِ
شهيد ڪيو ويو - سنڌ ۾ آيو، ۽ ان سنڌ جي تاريخ جي
تحقيق ڪئي. اسانجي راءِ ۾ ’فتحنامي‘ جو هڪ باب،
جيڪو محمد بن قاسم جي درياءَ اُڪرڻ بابت آهي، سو
امام ابراهيم جي تحقيق جو نتيجو آهي
(1).
سنڌ مان وري ڪپڙي جا واپاري (بزاز)، پيلبان، صراف،
موسيقار ۽ بورچي، بغداد ۽ بصري، ڪوفي ۽ ٻين مرڪزي
شهرن ۾ ويا. سنڌ جو ڪپڙو ۽ خاص طرح ماين جا روا ۽
رنگين پوتيون بغداد ۽ ٻين شهرن ۾ مشهور ۽ مقبول
ٿيون. ايتريقدر جو سنڌي لفظ ’پوتي‘ عربي اُچار
’فوطہ‘ جي صورت ۾ ان جي عام رائج عربي ٻولي جو جز
بنجي ويو. لغت جي اڳئين عالم ابن دُرَيد البت
ايتري وضاحت ڪئي ته اصل ۾ هي لفظ عربي ناهي، مگر
بعد ۾ 7 صدي هجري جي وچ ڌاري لغت جي ٻئي مشهور
محقق حسن صفاني (ف. 650 هه)، جيڪو سنڌ ۾ رهيو هو ۽
سنڌي ٻولي کان واقف هو، تنهن بالاخر تحقيق طور
ٻڌايو ته ’فوطہ‘ دراصل سنڌي لفظ (پوتي) آهي، ۽ اصل
سنڌي اچار ۾ پيش وارو اچار (اُو = پُو) ناهي بلڪ
وچٿرو اچار (او = پو) آهي
(1).
سنڌ جي بورچين ئي شايد بغداد ۾ سنڌي پلاءُ جا ٻه
قسم، ”لِبۡمويَہ“ (ليمائي) ۽ ”مُهَلبيّہ“ (سنڌ جي
مهلبي گورنرن جي نالي پٺيان) جنهن کي ”بهطہ“ (ڀَت)
به سڏيندا هئا، رائج ڪيا
(2).
سنڌ جي سرازن جا ٺهيل موزا ۽ سليپر بغداد جون
شوقين بيگمون نهايت پسند ڪنديون هيون(2).
سنڌ جي انهن ڪاريگر سرازن، پنهنجي عربي داني مان
فائدو وٺي، انهن سليپرن تي دلچسپ عربي شعر ڪُنڍي
دوز ڪيا. هڪ سنڌي سليپر تي هي بيت لکيل هئا:
جَعَلُتُ خدۡي لَہُ ارۡضا
فَقُلتُ طَامَن فَوقَها وَارضَا؛
فقال ’لا‘، قلت ’بليٰ سيدي‘!
صبراَ علي الحُب و ان مَضَيٰ.
(بنايم پنهنجي ڳل کي فرش ان لا،
چيم خوش ٿي قدم رک، ڪر تون دلجاءِ؛
چيائين ’نه‘؛ چيو مون: ’سائين، ها ها
محبت جا نِباهيو ڏينهن جا ويا‘.)
(1)
سنڌ ۽ مرڪز جي درميان انهن آزادانه ۽ باهمي تعلقات کان سواءِ،
سنڌ جي عرب گورنرن به ادبي ذوق کي زور وٺارايو.
انهن گورنرن جي معرفت ڪي مشهور عرب شاعر (مثلاً
مطيع بن اياس ۽ الصِمّة بن عبدالله القُشَرُي) سنڌ
۾ آيا. سنڌي نسل جا شاعر - مثلاً ابو عطاء سنڌي،
عياض سنڌي ۽ ابوالضلع سنڌي - سندن اعليٰ عربي
شاعري سبب اسلامي ملڪن ۾ مشهور ٿيا. جنهن صورت ۾
سنڌ ۾ سنڌي زبان کي به عربي سان گڏوگڏ زور وٺايو
ويو هو، انهيءَ ڪري سنڌي زبان جا شاعر پڻ سنڌ ۾
پيدا ٿيا ۽ ممڪن آهي ته منجهانئن ڪي ٻاهر به ويا
هجن. سنڌ ۾ انهن شاعرن جي ڪارنامن بابت ڪوبه احوال
ڪونه ٿو ملي. البت هڪ حوالي جي بناء تي چئي سگهجي
ٿو ته غالباً سنڌي زبان جو هڪ شاعر، جنهن سنڌي
زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ قصيدو
ٺاهيو ۽ جيڪو سنڌ جي عرب گورنر جي معرفت ۽ معاونت
سان بغداد پهتو، ان جو ذڪر عربي جي هڪ آڳاٽي عالم
پنهنجي تصنيف ۾ ڪيو آهي. امام حافظ ابو حاتم محمد
بن حبان البُسۡتي، جنهن 354 هه ۾ وفات ڪئي، سو
پنهنجي ڪتاب ”روضة العُقَلاء و نُزهَةُ الفُضلاء“
۾ لکي ٿو ته: ”مون ابراهيم کان ٻڌو، جنهن کي ابن
ابي القعۡقاع چيو ته مون سان ابو هُذيۡل ڳالهه
ڪئي، ۽ چيائين ته: آءٌ يحيٰ بن خالد برمڪي وٽ
روبرو ويٺو هوس، جو هڪ هندي شخص، پنهنجي مترجم سان
گڏ، ڪچهري ۾ آيو؛ يحيٰ کي مترجم چيو ته ’هي شخص
شاعر آهي، ۽ تون جي مدح ڪئي اٿس؛ يحيٰ چيو ته ’ڀلي
ٻڌائي‘، انهيءَ تي هن شخص چيو:
آرَهِ اَصَرهِ کَکَرا - کي کِرَهِ مَنۡدره
يحيٰ مترجم کان پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي‘؟ چيائين ته چوي ٿو:
’اذا المکارم في آفاقِنا ذُکِرَت،
فَانَّما بِکَ فِيۡها يُضۡرَبُ - الۡمَشَل
(جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي، تڏهن
تنهنجو مثال ڏيندا آهن.)
پوءِ يحيٰ ان کي هڪ هزار دينار انعام ڏيڻ لاءِ حڪم فرمايو
(1).
مٿين روايت ۾ هن شاعر کي ’هندي شخص‘ (رَجلُ هندي) ڪري ڄاڻايو
ويو آهي، مگر ان مان مراد ’سنڌي‘ آهي. انهي آڳاٽي
عرب دور ۾ ’سنڌي‘ کي ’هندي‘ به ڪري سڏيندا هئا،
ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ هند ساڳئي ملڪ جا ٻه ڀاڱا هئا؛
اهڙا ڪيئي مثال آهن، جن ۾ ڪن مصنفن جڏهن ’هندي‘
لکيو آهي، تڏهن (ٻين دليلن مان) ان جي مراد ’سنڌي‘
ثابت ٿئي ٿي. خوش قسمتيءَ سان، هن ڳالهه جو ذڪر
”مجمل التواريخ و القصص“ جي مصنف به ڪيو آهي، جنهن
۾ صاف طور ”سر زمين سنڌ جو شاعر“ ڄاڻايو اٿس؛ البت
هن مصنف جي قول موجب، هن شاعر اهو چوڻ هن طرح آهي
ته: ”سر زمين سنڌ جو هڪ شخص سندس (فضل) آڏو آيو، ۽
پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت پڙهي ٻڌايائين، جو هيءُ هو:
’اره بره کنکره کرا کري مندر‘
فضل پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي؟‘ ترجمان جواب ڏنو ته ’چوي ٿو:
اِذَا المکارِمُ - فِي آفاقنا ذُکِرَت
فَانّما بِک فيها يُضۡرَبُ المَثَلۡ
انهيءَ تي فضل خوش ٿيو ۽ کيس هڪ هزار دينار، هڪ قيمتي وڳو، اُٺ
۽ ٻيون سوکڙيون ڏنائين؛ ترجمان کي پنج سؤ دينار
ڏنائين، ۽ چيائين ته اسان هن زبان ۾ اهڙو ڪونه ڏٺو
(1).
بعد ۾ ٻارهين صدي جي هڪ سياح ابن نورالدني المڪي، پنهنجي ڪتاب
”نزهة الجليس“ ۾، اهو بيت حضرت بلال ڏانهن منسوب
ڪندي لکيو آهي ته حضرت بلال اهو بيت حبشي ٻولي ۾
نبي ڪريم جي تعريف ۾ چيو آهي
(2).
ابن نورالدين سنه 1133 هه ڌاري هندستان جي سفر تي
آيو هو، ۽ هو بلڪل پوءِ جو مصنف آهي، جنهن ڪري
آڳاٽن عربي مصنفن جي ڀيٽ ۾ سندس راءِ کي اهيمت
ڏيئي نٿي سگهجي.
افسوس جو هن تاريخي بيت جي لفظن جي هاڻوڪي صورت اهڙي آهي، جو ان
مان ان جي اصل عبارت ۽ مطلب جي پوري خبر نٿي پئجي
سگهي. هيءُ بيت برمڪي اُمراء جي تعريف ۾ چيو ويو.
جيئن ته سنه 187 هه ۾ هارون الرشيد، جعفر بن يحيٰ
برمڪي کي مارايو ۽ برمڪي خاندان جو خاتمو ڪري
ڇڏيو، انهي واقعي مان ظاهر آهي ته هيءُ بيت سنه
187 هه کان پڙهيو ۽ قلمبند ڪيو ويو هوندو. ايتري
آڳاٽيءَ لکيت جي اصلي صورت مٽجي وڃڻ جو امڪان آهي.
اول ته جنهن اهو بيت پنهنجي ڪتاب جي اصلي نسخن ۾
درج ڪيو، سو معلوم ڪونهي؛ اسان وٽ هن بيت جي اهائي
صورتخطي موجود آهي، جيڪا ڪتابن جي سَهَون ۽ ڇاپي
جي غلطين بعد وڃي بچي آهي: انهيءَ ڪري جيڪڏهن
اصلوڪا الفاظ کڻي اسان جي سمجهڻ جهڙا هجن، ته به
هينئر بدليل صورت ۾ اسين انهن کي نٿا سمجهي سگهون.
انهيءَ هوندي به هيءُ آڳاٽو حوالو سنڌي ٻولي جي تاريخ لاءِ هڪ
قيمتي وٿ آهي. سڀ کان اول ته هيءُ سنڌي ٻولي جو
عربي صورتخطي ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو آهي؛ ٻيو
ته هي حوالو ثابت ٿو ڪري ته سنه 187 هه تائين،
يعني ته عربي دور حڪومت جي شروع (93 هه) کان وٺي
تقريباً هڪ سؤ سالن جي اندر، سنڌي ٻولي ۾ ايتري
ادبي صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي. جو ان ۾ اهڙي بهترين
شاعري ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ مرڪزي سلطنت جي وزير جي
تعريف ۾ قصيدو منظوم ٿيو؛ ٽيون ته هيءُ حوالو ان
وقت جي سنڌي ادبي ذوق جو شاهد ۽ معاونت سان بغداد
پهتو، ته ان مان عرب گورنرن جي سنڌي ادب سان
دلچسپي جو ثبوت ملي ٿو؛ شاعر کي جو انعام مليو، سو
برمڪين جي مثالي سخاوت جي علاوه سندن سنڌي زبان جي
قدرداني جي ساک ڀري ٿو ۽ پڻ هيءُ حوالو ان وقت جي
عرب عالمن ۽ اديبن جي سنڌي ٻولي سان علمي دلچسپي
ثابت ڪري ٿو، جو انهن هن بيت کي سنڌي ٻولي جي اصلي
لفظن ۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
نتيجا
راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ عرب - اسلامي حڪومتن واري دور ۾،
سنڌ جي مسلسل سياسي وحدت سببان ’سنڌ جي ٻولين‘ ۾
وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي ۽ هڪ عام فهم ٻولي جي اوسر
ٿي. عربي دور حڪومت ۾ ٻولي جي نفسياتي ڪيفيت بدلي،
ٻولي جي تمدني سرمايي ۾ واڌارو ٿيو، ۽ ٻولي جي
سٽاءَ، صورتخطي ۽ صرف نحو نحوتي اثر پيو. سنڌي
ٻولي عربي صورتخطي ۾ لکجڻ ۾ آئي ۽ اها صورتخطي
وڌيڪ عام رائج ٿيڻ لڳي، جيتوڻيڪ ٻيون مقامي
صورتخطيون پڻ هلنديون رهيون.
باب ٽيون
سنڌي زبان جي انفراديت ۽ بين الاقوامي حيثيت جو تسليم ٿيڻ
(950-1050ع)
تاريخي لحاظ سان هي دور هن کان اڳ واري دور جي مسلسل ۽ آخري ڪڙي
آهي. عربي دور حڪومت جي پهرين اڍائي سؤ سالن کن
(712-950) ۾ وڌندڙ سياسي، ديني ۽ تجارتي ميل جول
سببان سنڌي جي مقامي محاورن ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا
ٿي، ۽ هڪ عام فهم سنڌي ٻولي جي ’تحريري وحدت‘
اضافو ٿيو ۽ مختلف مقامي لکيتن جي بجاءِ سڄي ملڪ ۾
ساڳي عربي صورتخطي رائج ٿي.
سنه 112-116 هه (730 - 734) واري عرصي ۾ گادي جي شهر منصوره جو
بنياد پيو
(1)،
۽ هي شهر بغداد کان اڳ علمي تحقيق جو مرڪز بنيو.
بيروني پنهنجي ”ڪتاب الهند“ ۾ هڪ اهم حوالو ڏنو
آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هجري سنه 117 جي صفر
مهيني ۽ سنڌي سال 109 جي چيٽ مهيني ۾، هند جي عالم
برهمگپت جي نجوم بابت لکيل ڪتاب ”کنڊ کادَيَڪَ“ جو
عربي زبان ۾ ترجمو ٿيو جيڪو ”ارڪَنِّد“ جي نالي
سان مشهور ٿيو
(1).
مختلف حوالن ۽ حقيقن مان ظاهر آهي ته هن دور ۾ علم، ادب، شعر،
موسيقي، هنر ۽ حرفت جي قدرداني ٿي. مرڪزي حلقن جي
هدايت توڙي مقامي علمي ذوق سببان، سنڌ جي سڄاڻ
عاملن ۽ اميرن سنڌ کي تعليم ۽ تحقيق جو مرڪز
بنايو. مشهور محقق مسعودي سنه 300 هه/ 1912ع ڌاري
سنڌ ۾ اچي، سنڌوندي جي وهڪري جي جغرافيائي تحقيق
ڪئي ۽ الجاحظ جي انهيءَ نظريي کي رد ڪيو ته سنڌو
ندي ۽ نيل ندي جو منهن ساڳيو آهي
(2).
پڻ مسعودي سنڌ جي موسيقي ۽ سازن بابت تحقيق ڪئي
جنهن کي پنهنجي ’ڪتاب الزلف‘ ۾ درج ڪيائين
(3).
هن دور ۾ مقامي ٻولين جي مطالعي کي خاص طرح همٿايو
ويو. سرزمين سنڌ ۾ نه رڳو عربي ۽ سنڌي جي اڀياس
لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنسڪرت ۽ هندي ٻولين جي
مطالعي لاءِ پڻ ڪي خاص ادارا هئا. ان کان سواءِ
سرڪاري طور مقامي ٻولين جا ترجمان مقرر ٿيا. سنڌ ۾
عباسي دور جي مشهور گورنر جنيد بن عبدالرحمٰن جو
ترجمان بُڪير بن ماهان نالي هڪ عالم هو
(4).
انهيءَ دو ر۾ بغداد جي شاهي ’سائنس اڪيڊمي‘ (بيت
الحڪمة) ۾ مختلف سائنسن ۽ فلسفن جو مطالعو پوءِ
شروع ٿيو، ۽ ان کان اڳ سنسڪرت جا ڪتاب سنڌ جي
عالمن جي ذريعي سهيڙيا ۽ مطالع ڪيا ويا.
چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيسوي) جي وچ ڌاري، يعني ته عربي
حڪومت جي قائم ٿيڻ بعد ٻين اڍائن سون سالن واري
عرصي ۾، سنڌي ۽ عربي ٻنهي ٻولين کي اهيمت حاصل
هئي. هن دور ۾ جڏهن عرب جاگرافي - دان ۽ سياح سنڌ
۾ آيا ته هنن سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون سنڌ ۾ عام
رائج ڏٺيون، يعني ته ماڻهو ٻئي ٻوليون ڳالهائيندا
هئا. جاگرافي جي ٻن محققن، اِصۡطَخري ۽ ابن حوفَل،
جن 345هه/956ع ڌاري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اچي تحقيق
ڪئي تن هتان جي ٻولين بابت جيڪي اکين ڏٺا معلومات
قلمبند ڪيا سي هي هئا ته: منصوري (موجوده سنڌ)،
ملتان ۽ انهن جي پسگردائي وارن علائقن جي ٻولي
عربي ۽ سنڌي آهي، ۽ مڪران (بلوچستان) وارن جي ٻولي
’فارسي - ۽ مُڪَري‘ (بلوچي) آهي
(1).
بعد ۾ بشاري المَقۡدَسِي پڻ ڄاڻايو اهي ته: دليل
واري علائقي (لاڙ) جي ٻولي ’سنڌي ۽ عربي‘ آهي، ۽
پنجگور (مڪران) واري علائقي جي ٻولي ’بلوصي‘
(بلوچي) آهي
(2).
مٿين محقق کان ٽيهه ٻٽيهه سال کن پوءِ سنه 377هه/ 987ع ۾ ابن
النديم نالي بغداد جي مشهور دانشور ۽ فروش، مختلف
ڪتابن جي مطالعي (۽ پڻ غالباً بغداد ۾ رهندڙ ۽
(ايندڙ سنڌي عالمن کان پڇاء جي بنياد تي، سنڌين جي
ٻولي توڙي صورتخطي بابت وڌيڪ تفصيلي معلومات جمع
ڪيا. هو پنهنجي مشهور محققانه تصنيف ”ڪتاب ”فهرست“
۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ وارن کي مختلف ٻولين (لغات) ۽ مختلف مذهب آهن. کين ڪيترن
ئي قسمن جا رسم الخط آهن. هڪ شخص جيڪو سندن ملڪ
گهمي آيو آهي تنهن مون کي ٻڌايو ته کين تقريباً هڪ
سؤ رسم الخط آهن. پڻ چيائين ته سنڌ وارا نوَن (9)
تائين انگ جدا جدا ڪري لکندا آهن؛ ان کان پوءِ
ڏهاڪا هر انگ جي هيٺان هڪ ٻڙي ڏيئي لکندا آهن
(يعني 1 جي هيٺان ٻڙي ته ڏهه، 2 جي هيٺان ٻڙي ته
ويهه). سؤ جي عددن لاءِ هرهڪ انگ جي هيٺيان ٻه
ٻڙيون، ۽ اهڙيءَ طرح هزار جا عدد هر انگ جي هيٺيان
ٽي ٻڙيون ڏيئي لکندا آهن“
(1).
سياپہ
<
سيابہ)
اَنبہ (سنڌي ’اَنب‘ جو ان وقت مروج
اُچار)
هليلہ (جارکون، کارڪون يا هريڙ. هن
وقت ’هليلا‘ هليلج اتر ۾ تازين
کارڪن
کي چون). |
|
|