ناشتر جي طرفان
سنڌ يونيورسٽي ۾ ’پاڪستان اسٽڊي سينٽر‘ (پاڪستان بابت مطالعي جو
مرڪز) سنه 1974ع ۾ قائم ٿيو. ان وقت جناب ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسيلر
هئا. پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ايڪٽ سنه 1976ع ۾
گورنمينٽ آف پاڪستان طرفان پارليامينٽ ۾ منظور ڪيو
ويو.
هن ايڪٽ هيٺ ٻين يونيورسٽين ۾ قائم ٿيل مرڪزن وانگر، هي مرڪز
علمي طور ٻه ڪم ڪري رهيو آهي: هڪ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ
جو، جنهن ۾ ايم. ايل فائنل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون
ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ٻيو پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي
تاريخ، تهذيب، ثقافت، سياست، پرڏيهي پاليسي،
سماجيات ۽ ٻين موضوعن بابت تحقيق ۽ اشاعت جو ڪم
ڪيو وڃي ٿو. هن وقت تائين هر مرڪز ڏهه ڪتاب ۽ ڇهه
- ماهي تحقيقي رسالي ’گراس روٽس‘ جا چوڏهن جلد
شايع ڪري چڪو آهي.
هن ڀيري پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي طرفان شايع ٿيندڙ
ڪتاب جو مصنف استاد محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان جو ناميارو محقق ۽ عالم
آهي، بلڪه بين الاقوامي ڄاتل سڃاتل اسڪالر آهي.
خاص طرح هن صاحب سنڌ جي علم ۽ ادب جي جيڪا عظيم
خدمت ڪئي آهي تنهن تي اسين بجا طور فخر ڪري سگهون
ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي
خدمت ڪئي انهيءَ جو اعتراف ڪندي، ڊاڪٽر صاحب کي
’سنڌي لينگويج اٿارٽي‘ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو
آهي. دراصل ڊاڪٽر بلوچ کي ’باباءِ سنڌي‘ چئجي ته
بيجا نه ٿيندو.
پاڪستاني ٻولين جي مطالعي جي سلسلي ۾، سنڌي ٻولي جو مطالعو هڪ
اهم موضوع آهي. سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ ادب تي جناب
ڊاڪٽر بلوچ وڏي عرصي کان تحقيق ۽ تصنيف پئي ڪئي
آهي. ان سلسلي ۾ هن سنڌي ٻولي جي ابتدا ۽ اوسر کان
اڳ نئين سر روشن ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق کان
اڳ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي دؤر وار تاريخ موجود ئي
ڪانه هئي. ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ جي هن
موجوده ٽئين ايڊيشن ۾ دؤر وار تاريخ کي انگريزن جي
دؤر جي شروع تائين پهچايو ويو آهي.
آءٌ استاد محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو شڪر گذار آهيان جو هن قيمتي
ڪتاب جي هن نئين ايڊيشن جي اشاعت پاڪستان اسٽڊي
سينٽر جي حوالي ڪيائون.
آخر ۾ آءٌ محترم ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه صاحب وائيس چانسيلر ۽
چيئرمين بورڊ آف گورنرز ’پاڪستان اسٽڊي سينٽر‘ سنڌ
يونيورسٽي جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي دؤر ۾
استادن، ملازمن ۽ شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حتي
الامڪان ڪوشش ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ پرامن ماحول
پيدا ڪيو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ محترم ڊاڪٽر شاهه
صاحب پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي علمي ۽ تحقيقي
پروگرام جي سلسلي ۾ اسان کي هر وقت همٿايو آهي،
جنهن لاءِ آءٌ ٻيهر سندن ٿورو مڃڻ پنهنجو فرض
سمجهان ٿو. مونکي اميد آهي ته اسان جي يونيورسٽي
جا قابل احترام استاد صاحبان ۽ اسان جي سينٽر جا
ساٿي علم ۽ ادب جي خدمت جو سلسلو جاري رکي،
يونيورسٽي جو مان مٿانهون ڪندا.
علم و ادب ۽ تاريخ جو شيدائي
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي.
مهاڳ
(پهرين اشاعت جو)
’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون پهروين
ڀيرو ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس (لاڙڪاڻو، 22-23
آڪٽوبر 1950ع) ۾ پڙهيو ويو؛ جنهن جو متن (حاشين
کان سواءِ) ٻيو ڪانفرنس جي ڪارروائي ”تحفہ
لاڙڪاڻه“ ۾ ڇپيو. ان ساڳئي متن کي ذرا سوڌي سنواري
۽ پويان سومرن جي دور بابت قدري نئين مواد جو
اضافو ڪري، تفصيلي حاشين ۽ حوالن سان سنڌي ادبي
بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ کي اشاعت لاءِ ڏنو ويو، ۽
ان رسالي جي ’جلد 1- سال 1959ع‘ ۾ شايع ٿيو. ان
بعد ڪن سڄڻن زور ڀريو ته ’سنڌي ٻولي جي تاريخ‘ تي
تفصيل سان روشني وڌي وڃي، ۽ هن مضمون کان اڳتي قدم
وڌائي ان بابت هڪ مستقل ڪتاب لکيو وڃي. مگر جيئن
ته هي مسئلو گهري علمي تحقيق جو محتاج آهي ۽ ان
بابت وڏي ويچار جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ متعدد
مشغولين سببان پورو وقت ۽ فراغت ميسر نه آهن،
انهيءَ ڪري في الحال سنڌي ٻولي جي تاريخي مطالعي
کي سمن جي دور جي توڙ تائين پهچايو ويو آهي، ۽
جيڪڏهن حياتي وفا ڪئي ته باقي باب پورا ڪري، هن
مطالعي کي موجوده دور تائين مڪمل ڪيو ويندو.
سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخي تحقيق اڄ ڏينهن تائين ڪنهن تسلي بخش
پايي تي نه پهتي آهي. ان تحقيق جا ڪم از ڪم ٻه
مکيه پهلو آهن: پهريون ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي
ارتقاء جو جائزو‘، ۽ ٻيو ’ٻوليءَ جي اندروني ساخت
۽ سٽاء (صرف نحو، صوتيات، لغت ۽ محاورن) جو مطالع،
پهرئين پهلو جي جانچ ۽ جستجو هن وقت تائين بالڪل
ابتدائي مرحلي تي بيٺل آهي، بلڪ ائين چئجي ته هن
پهلو تي علمي تحقيق حقيقي معنيٰ ۾ شروع ئي ڪانه ٿي
آهي. البت ڪن يوروپي عالمن سڌي ٻوليءَ جي بنياد
بابت ڪي نظريا پيش ڪيا آهن، جن کي هنن کي هن وقت
تائين سنڌي عالمن، پنهنجن ڪتابن ۾ سند طور پئي پيش
ڪيو آهي. ڀيرومل جو ’سنڌي ٻولي جي تاريخ‘ انهيءَ
عنوان تي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهن نظرين کي
سنڌي ترجمي جي صوت ۾ ورجايو ويو آهي. شمس العلماء
ڊاڪٽر دائود پوٽي، مولوي دين محمد ’وفائي‘ ۽ ٻين
صاحبن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي مضمون لکيا آهن، جن
۾پڻ اڳين نظرين جي اُپٽار ٿيل آهي. ٻئي پهلو، يعني
ٻوليءَ جي اندروني ساخت ۽ سٽاء بابت البت ڪافي
ڪجهه لکيو ويو آهي. يوروپي عالمن مان واٿن(Wathen)،
سۡٽَيۡڪ(Stack)،
ايسٽوڪ(Estvick)،
ليچ(Leech)،
برٽنBurton)،
ٽُرمپ(Trumpp)،
گولڊ سۡمِڊ(Goldsmid)،
گِريئرسَن(Grierson)
۽ ٻين، پنهنجن مضمونن ۽ تصنيفن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
سٽاء ۽ صرف نحو بابت مفيد معلومات مهيا ڪيا آهن.
سنڌي اديبن مان خاص طرح آخوند عبدالرحيم ’وفا‘،
مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
سنڌي صرف نحو ۽ لغت بابت پنهنجن ڪتابن ۽ مضمونن
ذريعي قابل قدر مواد مهيا ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾، جيتوڻيڪ ڪن فاضلن آڳاٽي دور ۾
ٻوليءَ جي ابتداء بابت قدري ڪجهه لکيو آهي ۽
پنهنجا رايا پيش ڪيا آهن، مگر ان بعد پوين دورن جي
سلسليوار تاريخ بابت ڪا خاص تحقيق ڪانه ڪئي آهي.
هن ڪتابڙي ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي
سلسليوار تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽
سرءِ دست انهيءَ سلسلي کي علم تحقيق جي روشني ۾،
دليلن ۽ حوالن سان ’سمن جي دور‘ جي آخر تائين
پهچايو ويو آهي.
باب پهرئين ۾، 500ع کان اڳ واري قديم دور جي تاريخي اُهڃاڻن ۽
آثارن ۽ هند - آريائي ٻولين بابت ٿيل تحقيق جي
بناء تي هڪ نئون تحقيقي نظريو نروار ڪيو ويو آهي:
يعني ته، ”سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت
مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي
سنڌو - ماٿر جي قديم ٻولي آهي.“ سنسڪرت، پراڪرت،
اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش بابت نئين تحقيق اڳين
لکندڙن جي هيٺين عام نظريي کي رد ڪري ٿي ته، ”سنڌي
وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل آهي، وراچڊ اپڀرنش پراڪرت
مان ۽ پراڪرت سنسڪرت مان نڪتل آهي.“
ٻئي بابت ۾، راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن ۽ عربن جي حڪومت واري دور (500
- 1050ع) جو تاريخي دليلن جي روشني ۾ تفصيلي جائزو
ورتو ويو آهي، ۽ اهو نتيجو قائم ڪيو ويو آهي ته،
”اهو ’سنڌي ٻولي‘ جي تشڪيل جو بنيادي دور هو، جنهن
۾ موجوده ’سنڌي ٻولي‘ اُسري“.
ٽئين باب ۾، سومرن جي دور بابت تاريخي اُهڃاڻن ۽ سنڌ جي مشهور
مقامي روايتن جي بناء تي، هيءُ نتيجو قائم ڪيو ويو
آهي ته، ”اهو ’سنڌي ٻولي‘ جو تعميري دور هو.“
انهيءَ سلسلي ۾ هن دور متعلق، سنڌ جي تاريخي توڙي
روايتي سرمايي جو نئين سر جائزو ورتو ويو آهي؛ ۽
هن کان اڳ رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل مضمون ۾ آندل ڪن
روايتن کي پڻ درست ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح نئين
ترتيب سان هن دور بابت ڪافي نئون نواد پيش ڪيو ويو
آهي، جو ان ’روماني دور ۾‘ سنڌي ٻولي جي تعمير ۽
ترقي تي نئين روشني وجهي ٿو.
باب چوٿين ۾، سمن جي دور جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. حقيقت ۾
سمن جو دور، تاريخي لحاظ کان اسان کي ويجهو آهي ۽
ان بابت ڪافي تاريخي مواد موجود آهي، مگر هن وقت
تائين انهيءَ دور جي لساني ۽ ادبي سرمايي جو صحيح
اندازو نه لڳايو ويو آهي. ايستائين فقط سمن جي دور
جي آخري شاعر قاصي قادن جا بيت ۽ ڪي ٻيا هڪ - ٻه
شڪي بيت عالمن ۽ اديبن جي آڏو پئي رهيا آهن. اسان
پنهنجي موجوده تحقيق جي بناء تي، پهريائين سمن جي
دور جي ٻولي ۽ ادب جي روايتي ذخيري ۽ ان بعد
تاريخي سرمايي کي سلسليوار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، انهيءَ لاءِ ته ان دور جي ٻوليءَ جي مطالعي
لاءِ جيڪو روايتي توڙي تاريخي مواد موجود آهي، سو
پوري تحقيقي سان پڙهندرن جي آڏواچي وڃي. انهيءَ
لاءِ اسان ان دور جي ٻولي جي نمونن ۽ نسانن - جي
’ڳاهن‘، ’پهاڪن’، ’مصراعن‘ يا ’بيتن’ جي صورت ۾
موجود آهن - توڙي انهن جي نروار ڪندر دانائن،
درويشن، ۽ شاعرن جي سلسلي ۽ سوانح تي تحقيقي بحث
ڪيو آهي، تان ته سمن جي دور جي ٻوليءَ جا مڙيئي
معلوم نشان ۽ آثار، تاريخ جي روشنيءَ ۾ پوريءَ طرح
نروار ٿين ۽ ايندڙ محقق انهن آثارن جي تاريخي وجود
۽ اهميت کان مطمئن ٿي، سڄو توجهه انهن جي هيئت ۽
سٽاء کي سمجهڻ طرف ڪن.
حقيقت ۾ ’ٻولي جي تاريخ‘، ملڪ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ توڙي
ٻوليءَ جي علم ادب جي تاريخ کان هڪ الڳ مضمون آهي،
مگر ملڪ جي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۽ ٻوليءَ جي
ادبي سرمايه کي سمجهڻ کان سواءِ، ٻوليءَ جي اوسر ۽
ارتقاء جي تاريخ لکڻ مشڪل آهي. جيئن ته سنڌ جي
آڳاتي سياسي ۽ سماجي تاريخ توڙي سنڌي ادب جي
اوائلي تاريخ - خصوصاً قديم دور کان وٺي سمن جي
دور تائين - اڃان پوري تحقيق سان ڪانه لکي ويئي
آهي، انهيءَ ڪري انهن اوائلي دورن ۾ سنڌي ٻولي جي
تاريخي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ، ملڪ جي تاريخي پس
منظر توڙي سنڌي ساهت جي ابتدائي اهڃاڻن تي پڻ نئين
سر تحقيق ڪري، ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقاء بابت نوان
نظريا قائم ڪيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ جن چئن تاريخي دورن بابت بحث ڪيو ويو آهي، سي سنڌ جي
تاريخ توڙي ٻوليءَ جا آڳاٽا دور آهن جن جو تحقيقي
جائزو وٺي، انهن بابت علمي نظريا قائم ڪرڻ ۽ صحيح
نتيجا ڪڍڻ هڪ مشڪل مسئلو هو، جنهن کي قدري حل ڪيو
ويو آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي بابت
آينده محققن لاءِ راه روشن ڪئي وئي آهي. سمن جي
دور کان پوءِ، مغلن جي دور کان وٺي موجوده دور
تائين ڪافي تاريخي توڙي ادبي سرمايو موجود آهي،
جنهن جي روشني ۾ سنڌي ٻولي جي انهن پوين دورن جي
تاريخ نسبتاً آساني سان مرتب ڪري سگهجي ٿي.
هر ڪم مداء تي نبرندو آهي، مگر هيءُ ڪتاب ايترو جلد پورو نه ٿي
سگهي ها، جيڪڏهن محترم ممتاز مرزا وقت بوقت ان جي
لکي پوري ڪرڻ جي تاڪيد نه ڪري ها. هن صاحب نهايت
سهڻي سليقي سان هنن بابن جي مسودن کي لکي صف ڪيو،
۽ پروفن پڙهڻ توڙي ڪتاب جي سهڻي ڇپائي ۽ اشاعت جو
بار پنهنجي ذمي ڪيو. محترم شيخ محمّد اسماعيل
ڇپائيءَ وقت، بابن ۽ عنوانن جي سهڻي سٽاء بيهارڻ ۽
آخري طور پروفن پڙهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي؛ ۽ پايونير
پريس جي مئنيجر ۽ عملي هن ڪتاب جي ڳوڙهي متن ۽
مشڪل حاشين کي صحيح نموني ۾ ڇاپڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
محترم ع. ق. شيخ ۽ علي اڪبر سرورق جي تصوير تيار
ڪئي. ڪتاب جا بلاڪ محترم اعجاز محمد صديقي، مئنيجر
سنڌ يونيورسٽي پريس جي نظرداري هيٺ ڇپيا. بنده
مٿين مڙني صاحبن جو شڪر گذار آهي.
يونيورسٽي،
حيدرآباد سنڌ. خادم العلم
16- نومبر 1962ع نبي بخش
مهاڳ
(ٻي اشاعت جو)
هن ڪتاب جو پهريون خاڪو ارڙهن سال اڳ؛ سنه 1962ع ۾ ”سنڌي ٻولي
جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان شايع ٿيو. ان ۾،
سنڌي ٻولي جي تاريخ تي، قديم دور کان وٺي سمن جي
حڪومت جي پڄاڻي (1520ع) تائين ان وقت دستياب ٿيل
مواد کي جملي چئن بابن ۾ مرتب ڪيو ويو هو.
انهيءَ پهرين اشاعت کي ڪافي وڏو عرصو گذري ويو جنهن ۾ هن موصوع
تي غور ڪندي وڌيڪ معلومات مليا، جن جي آڌار تي نه
فقط اڳئين ڇپيل مواد ۾ درستيون ۽ اضافا ڪيا ويا پر
نئين مواد جي مدنظر نوان باب ۽ عنوان مرتب ڪيا
ويا. مثلاً باب ٽيون ”سنڌي زبان جي انفراديت ۽ بين
الاقوامي حيثيت جو تسيلم ٿيڻ“ هڪ نئون وڌايل باب
آهي. ان کان سواءِ اڳئين ڇاپي جي باب ٽئين (سومرن
جو دور) ۽ باب چوٿين (سمن جو دور) ۾ نئين مواد ۽
نون عنوانن جو اضافو ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو هن
ڇاپي ۾ اهي باب (چوٿون ۽ پنجون) گهڻي حد تائين
نئين سر سنواريل آهن ۽ انهن ۾ ڪي نوان نتيجا نروار
ڪيا ويا آهن. باب ڇهون خاص طرح هن اشاعت لاءِ
تصنيف ڪيو ويو آهي، ۽ ان ۾ ”ارغون - ترخان - مغليه
دور“ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۽ ارتقائي لاڙن ۽
خاص خصوصيتن کي روشن ڪيو ويو آهي. پهرين اشاعت ۾
بيان جو سلسلو 1520ع تائين آندل هو، مگر هن ۾ ’باب
ڇهين‘ جي اضافي سان اهو 1690ع تائين پهچايو آهي:
يعني ته عرصي جي لحاظ سان هڪ سؤ ستر سالن جي وڌيڪ
تاريخ کي زيربحث آندو ويو آهي.
هت اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته مغليه سلطنت جيتوڻيڪ 18- صديءَ تائين
باقي رهي، مگر اورنگزيب بادشاه جي وفات کان به 17
ورهيه اڳ واري سال 1690ع کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ ۾ هڪ دور جي پڇاڙي ۽ ٻئي دور جي شروعات وارو
سال شمار ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ لحاط سان هن جلد ۾
تاريخي سلسلي کي پڻ تخميناً 17- صدي جي آخر تائين
پهچايو ويو آهي، ۽ حياتي وفا ڪئي ته ٻئي جلد ۾
اڳتي ايندڙ تاريخي دور بابت وڌيڪ ويچار پيش ڪيا
ويندا.
سنه 1962ع ۾ پهرئين اشاعت جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته: ”ملڪ جي
سياسي ۽ سماجي پس منظر ۽ ٻولي جي ادبي سرمايه کي
سمجهڻ کان سواءِ ٻولي جي اوسر ۽ ارتقا جي تاريخ
لکڻ مشڪل آهي“. اسان ڪوشش ڪري هر دور جي سياسي ۽
سماجي ماحول جو ٻولي جي تاريخي اوسر جي لحاظ سان
جائزو ورتو ويو، ۽ خاص طرح هر دور جي ادبي ذخيري
کي اُجاگر ڪري ان کي ٻولي جي سٽاء جي لحاط سان
توريو تڪيو آهي. باوجود انهيءَ جي هن علمي تحقيق
لاءِ اڃان وڌيڪ ڪوشش ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي، جنهن
ڏانهن اميد ته هن ڪتاب جي ايندڙ ڇاپي کي بهتر
بنائڻ خاطر قدم وڌايو ويندو. هن اشاعت ۾ ادب جي
تحريري توڙي روايتي ذخيري کي گهڻي حد تائين بحث
هيٺ آندو ويو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان ڪتاب جو
عنوان پڻ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ قائم
ڪيو ويو آهي.
شروع ۾ محترم ممتاز مرزا ۽ ان بعد محترم شيخ محمد اسماعيل هن
ڪتاب جي پريس ڪاپي تيار ڪرڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ مدد
ڪئي ۽ برادرم مراد علي خان ڪتاب جو صحتنامو تيار
ڪيو. آءٌ سندن شگر گذار آهيان. سنڌ پريس جي مالڪ
احمد نبي بخش شيخ هن ڪتاب جي ڇپائي جي ذميداري
قبول ڪئي.
حيدرآباد سنڌ خادم العلم
18- سوال 1400 هه نبي بخش
(30- آگسٽ 1980ع)
مهاڳ
(ٽرينء اشاعت جو)
ڏهن سالن بعد، هن ڪتاب جي ٽرينء اشاعت لاءِ راهه هموار ٿي آهي.
انهيءَ عرصي ۾ تحقيق جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪافي
نئون مواد دستياب ٿيو جنهن جي روشنيءَ ۾ ٻئي ڇاپي
جي ڇهن بابن ۾ ضروري ترميمون ۽ اضافا ڪيا ويا آهن.
هن اشاعت ۾، خاص طرح ٻن نون بابن ستين ۽ اٺين جو
اضافو ڪيو ويو آهي، جن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ کي انگريزن جي شروع وارن سالن تائين پهچايو
ويو آهي. انگريزن جي دور جو رڪارڊ موجود آهي ۽ ان
مواد کي آساني سان پيش ڪري سگهجي ٿو بشرطيڪ، ان کي
قومي نڪته نظر واري تحقيق ۽ تنقيد سان پيش ڪيو
وڃي. البت انگريزن جي دور کان اڳ وارو مواد ناياب
هو جنهن کي سهيڙي سنواري پيش ڪرڻ ايترو آسان نه
هو. انهيءَ ڪري باوجود راقم جي مسلسل جستجو جي،
1950ع ۾ لاڙڪاڻي ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻولي جي
تاريخ تي پڙهيل مضمون واري شروعات کان وٺي 1990ع ۾
هن اشاعت تائين، چاليهه سال لڳي ويا. ڪافي محنت ۽
تلاش سان جدا جدا ماڳن ۽ جدا جدا ماخُذن مان مواد
هٿ ڪري، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ کي ’دور - وار
وضاحت‘ سان توڙ تائين پهچايو ويو آهي.
هن ڇاپي ۾ شامل پويان ٻه باب نهايت ئي اهم آهن جو نه فقط انهن ۾
نئون ۽ ناياب مواد پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي،
پر انهن ۾ هڪ ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڪن گمنام گوشن
کي روشن ڪيو ويو آهي، ۽ ٻيو ته سنڌي ٻولي ۾ تعليم۽
تصنيف جي ٻن مکيه سلسلن بابت لکيل ڪتابن جا حوالا
دستاويزي ثبوت طور پيش ڪيا ويا آهن. اٺين باب ۾ جن
يارهن عنوانن تي بنيادي معلومات مهيا ڪيا ويا آهن
تن کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ضرورت باقي آهي
۽ جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ته چوٿين اشاعت ۾ ان جي
تڪميل ڪئي ويندي.
هن اشاعت جي تياري ۽ تڪميل ۾ عزيزم ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل،
ڊائريڪٽر پاڪستان سٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي جي
ترغيب ۽ تقاضا کي وڏو دخل آهي. سندس محبت ڀري
تاڪيد جو ئي نتيجو آهي جو هيءُ ڪتاب شايع ٿي رهيو
آهي.
منهنجي قلمي ڪشالن ۾ شروع کان وٺي منهنجي ساٿي ۽ سڄڻ محمد
اسماعيل شيخ دستور موجب هن ڪتاب جي مسودي کي پريس
لاءِ صاف ڪرڻ ۽ آخري طور ڪمپوز ٿيل مواد کي ڏسڻ جو
بار کنيو. ڪتاب جا پروف محترم محمد بخش لاشاري
صاحب وڏي ڌيان سان پڙهيا. سنڌ يونيورسٽي پريس جي
مئنيجر محترم فيض محمد ميمڻ باوجود پراڻي ۽ گٺل
ٽائيپ جي ڪتاب کي نئون نڪور ڪري ڇاپيو.
حيدرآباد سنڌ خادم العلم
13- صفر 1411 هه
نبي بخش
3- سيپٽمبر 1990ع |