جابُ مَ ڏي = جواب مَ ڏي
سجڻ ساٿ هيڪڙي = سڄڻ ساعت هيڪڙي
وائي وڃيم ڇال = وائي وڇيم شال.
(ج) سان مٿي ’باب ٻئي‘ هيٺ ڪن آڳاٽن سنڌي فقرن ۽ ’جتن جي
ٻولي‘ جي مطالعي جي بناء تي چئي آيا آهيون
(1)
ته ان وقت واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊگهن حروف علتن (آ،
او، اي) ۽ ’اضافت‘ يا ’جر‘ جي جدا بيٺل حرفن (جي،
کي، ۾ وغيره) جو سلسلو موجود نه هو. هن دور ۾ پڻ
ڊگهن حروف علتن وارن اُچارن بدران ڇوٽا زير زبر
پيش وارا اچار ئي (گهڻو نه، پر ڪي) باقي رهيا. ڌار
بيٺل حروف اضافت (جو، جي وغيره) ۽ حروف جر (کي، ۾
وغيره) بدران گڏيل سٽاء واريون اضافي ۽ جري
ترڪيبون پڻ هن دور جي ٻولي ۾ وڌيڪ رائج ۽ نمايان
رهيون.
ڊگهن بدران ننڍن اچارن جا مثال:
لُههُ = لوهُه سُهون = سونهون
هِند = هوند سَرَءِ = سِرِيوءِ،
تُهان = توهان سريِئي
(= توريءَ) ڏِههُ = ڏيهُه
جدا بيٺل حروف جر ’کي‘، ’کان‘، ’مان‘، ’وٽ‘ بدران مخفي ’کي‘
واريون گڏيل سٽائون (جري ترڪيبون، وڌيڪ رائج
رهيون، جئن ته سڄي ذخيري ۾ ڌار بيٺل ’کي‘ وارا فقط
ڏهه کن مثال، ۽ گڏيل سٽاء واريون 25 کن هيٺيون جري
ترڪيبون موجود آهن:
جئان = جتان کان پاڳُنِ = پڳن کي
لوڪان = لوڪ کان ڇڳيرن = ڇڳرين کي
تئان = تنهن جاءِ کان اويساهنِ = اويساهن کي
ڀنڀورا = ڀنڀور کان، مان اکينئون = اکين کان
تهان = تنهن کان ڏُوهنئون = ٻنهي کان
لوڪَ (ٿيي) = لوڪ کي ٿئي ورئام = مون کي ورئا، مون
تي ورئا
ڪنڌي (پڄڻ) = ڪنڌي کي، جاڳايوس = مون کي جاڳايو
وٽ پڄڻ سنبوينين =
سنبوين کي
سوهڻي = سونهڻي (سهڻي) کي چُونِي = توکي چون
ڳوري = ڳوري کي وسرئوس = هن کي وسرئو
جيڏيين = جيڏين کي ڪُنا = ڪُن (پاڻي جي)
کان، مان
سيڱڙيين = سيڱڙين (ڪمانن) کي آرا = آرَ (پاڻي جي) کان،
مان
گهاتوئين = گهاتوئن کي ماروئين = مارئن کي، وٽ
حرف جر ’سان‘ ۽ ’سين‘ جون جيتريون جدا (8 کن) صورتون آهن، ان
کان ڪجهه وڌيڪ (10 کن) مخفي ’سان‘ واريون گڏيل
ترڪبيون استعمال ٿيل آهن. مثلاً:
(لڱ گڏجن) لوڪ = لوڪ سان ڪارين ڪنين = ڪارن
ڪتن سان
نياپي = نياپي سان هيجا = هيج سان، مان
سڌين = سڌن سان ڏوهِ = ڏوه سان، ۾
ڪريندي = ڪرڻ سان ماڻڪين = ماڻڪن سان
ڪَرهيندي = ڪرهڻ (ڪاوڙجڻ) پارين = پارن سان، پارن وارا
سان)
حروف اضافت (’جو‘، ’جي‘ وغيره) جي جدا بيٺل صورتن (12 کن) جي ڀيت ۾ هيٺيون
(27 کن) گڏيل اضافي ترڪَيبون آندل آهن.
اڱڻَ هوڏ = اڱڻ جي هوڏ پکڻان = پکين جو
پاڻياري سَير = پاڻيهاري جي سرتي پرينِ پَرَ = پِرين
جي پر
ماگرڙياري مڃڙا = مانگرياڻي جا مڇڙا ساٽِين سَڏُ = ملاحن جو سڏ
ڏِيئي وٽ = ڏيئي جي وٽ ماڻهن جي ڪوڙ
(گهڻائي)
گهاتوئنوياء = گهاتوئن جو اولاد ڪوڙ ڪُماڙيئن = خراب
چوري پاهتُ = چوري جو پاهت گهوٽين گهورُ = گهوٽن
جي گهرو
پاڳُن وار = پڳن جا وار ڳال مُور = ڳالهه جو مُور
(منڍ، بڻ)
ڪُهاڙَمُہُ = ڪهاڙي جو منهن چارڻين چِندا چارڻن جي
چندا (ڳڻتي)
ڪاڪ وڻن =ڪاڪ جي وڻن
توبہَ تاءُ = توبهه جو تاء پاريَرَ وِٺِ = پاريهر جي
وٺ
ڪلاچي پار = ڪلاچيءَ جي پار کان گهروءِ = تنهنجو گهر
پکيان پيرُ = پکين جو پير مُهانِ = انهن جا مُنهن
مِران (مروئان) = مروئن جو ڦوڙائون = انهن جو ڦوڙائو
مُوران = مورن (ماڪوڙين) جو گهوٽيين = گهوٽن جا
ڦڙڪين = ڦڙڪين (پٽڪن) جو
’جا‘ جي معنيٰ ۾ ’ڪا‘ حرف اضافت پهريون ڀيرو ’بيان
العارفين‘ ۾ ڏنل بيت ۾ ملي ٿو:
مَتارَڪا ڳڀرو، گرٿُ نه ٻڌن گوڏِ
آئيا اڱڻ هوڏِ، سر ڏِئو سِرو پِيَنِ
’متارڪا‘ يعني ’متارن جا‘. سنڌي جي آڳاٽي اصطلاح ۾ موالين
ميخوارن کي ’متارا‘ سڏبو هو. هي حرف اضافت ’ڪا‘
ساڳيو هندي وارو ’ڪا‘ اهي پر ائين ڪونه چئبو ته
ميين شاهه ڪريم يا ٻئي ڪنهن هن دور ۾ ئي اهو
استعمال ڪيو. ’ڪا‘ ۽ ’ڪي‘ (’جا‘ ۽ ’جي‘) حروف
اضافت ڪنهن آڳاٽي دور کان وٺي سنڌي جي ڪن خاص
معنوي صورتن، خصوصاً ’اراضي‘ ۽ عام ’پيشي‘ جي
اضافي صورتن ۾ وڌيڪ استعمال ٿيا: ’اراضي‘ جا مثال،
جيئن ته ’سارڪي‘ (سارين واري اراضي)، اوٺڪي (اوٺين
جي قبيلي واري اراضي) ۽ اهڙيءَ طرح ’ڏهرڪي‘،
’رهڙڪي‘، ’گهوٽڪي‘ وغيره ’پيشي‘ وارا مثال، جيئن
ته سونارڪو، واڍڪو، رازڪو، لوهارڪو وغيره.
حرف جر ’۾‘ وارين هيٺين گڏيل جري ترڪيبن (16 کن) جي ڀيٽ ۾، جدا
بيٺل حرف جر ’۾’ واريون صورتون وڌيڪ (20 کن) آهن،
جنهن جي معنيٰ ته ’۾‘ استعمال ڪرڻ جو رجحان هن درو
۾ ڪجهه وڌيو.
وڌِين هورِ = هور ۾ مَنِ = من ۾
پنجين ڊمين = پنجين درهمن ۾، سان پڌرِ = پڌر (ظاهر) ۾
ڪاريين راتين = ڪارين راتين ۾ اڱڻِ = اڱڻ ۾
مَنَهِه = مَنَهن ۾ ڇاڇرِ = ڇاڇر ۾
سَڏِ= سڏ ۾، تي، سان اکينِ = اکين ۾
پَٿَرِ = پٿر (پاٿاري، هنڌ ۾ وَهِي = وهي (جلدي) ۾، سان
گهرِ = گهر ۾ اترِ = اتر ۾، ڏانهن
ڏوهِه = ڏوهِه ۾، سان لاهِ = لاڙ ۾، ڏانهن
’باب ٻئي‘ هيٺ (ص ص 45 - 46) اسان نتيجي طور چئي
آيا آهيون ته اوائلي دور واري ٻولي ۾ ’هه‘ سان
’مرڪب اچار‘ ۽ پڻ ’ن‘ غني، ’ء‘ (ڊگهي حرف علت)
وارا اچار ڪين هئا يا نسبتاً گهٽ هئا؛ اهي اچار
پوئين ويجهي دور ۾ وڌيا. انهيءَ جي تصديق ’بيان
العارفين‘ وارن بيتن ۾ آيل لفظن جي اُچارن، يعني
ته 16- صدي جي پهرئين اڌ واري عام رائج ’لاڙي
ٻولي‘ مان ٿئي ٿي. مثلا:
’ن‘ غني جو نه هئڻ، جيئن ته:
تا = تان مٿا = مٿان
اِي = ائين ڀاءِ = ڀانءِ
جِي = جيئن هيجا = هيجان
ڪِي = ڪيئن مُڌَ = مُنڌ
ڪِہِ = ڪنهن ڀائيو = ڀانئيو
مُہَ = منهن هِيڙو = هِينَڙو
مُو = مون داهُون = دانهون
مونئا = مونئان سَڀاري = سَنڀاري
پِرِي = پِرين ڪَندي = ڪندين
’هه‘ جي ميلاپ وارن اچارن جو نه هئڻ، جيئن ته:
اي = اهي ڪُلين = ڪُلهين
موجي = منهنجي ماڙوُئين = ماڙهوئين
ڳال = ڳالهه هيڏان = هيڏهان، هيڏانهه
ڪال = ڪالهه هوڏان = هوڏهان، هوڏانهن
ڳِنُ = ڳنِههۡ هاڙي = هوڏانهن
ڏياڙي = ڏهاڙي ڪَڏيِن = ڪڏهين
پيرِن = پهِرين
’عه‘ کان سواءِ لفظن کي اچارڻ، جيئن ته:
چو = چئو چاري = چارئي
ڏي = ڏئي جين = جيئن
جِي = جيءَ ڏاهنون = ڏاهنئون
’هه‘۽ ’ن‘ غني، ٻنهي کان سواءِ اُچارڻ
تي = تنهن جي = جنهن
تي هيِن = تنهن ئي پاجي = پنهنجي
لفظن جو اهي صورتون ڪافي قديم معلوم ٿين ٿيون، مگر 16- صدي جي
پهرين نصف تائين پڻ موجود هيون.
’لاڙي ٻولي‘ جو ان دور ۾ پنهنجون خاص مصوصيتون هيٺين لفظ ذريعي
ظاهر ٿين ٿيون:
- فعل جي صيغن ۾ ’اِن‘ بدران ’اين‘ وارا اُچار،
جيئن ته وجھين، ڪَريِن، وهين.
- ڪي خاص نحوي بناوتون، جيئن ته هُوئڙا (هئڙا) هيڪڙي (هڪڙي)، ٻَهار (ٻاهر)،
اهنجائو (اهنجو)
10- 11 صدي هجري (16 - 17 صدي عيسوي) ۾ مجموعي طور سان اتر توڙي
لاڙ ۾، يعني سڄي سنڌ ۾ ڪجھ ٿوري فرق کان سواءِ
هڪجھڙي ٻولي هلندڙ هئي. ميين شاهه ڪريم واري
’لاڙي سنڌي‘ توڙي قاضي قادن جي ’سري واري سنڌي‘ جي
پنهنجين پنهنجين ڪن ٿورين خاص خصوصيتن جي ڀيٽ ۾ ،
ٻنهي ۾ اختلاف گهٽ ۽ هڪ جهڙايون وڌيڪ گهڻيون آهن.
مثلاً:
- ٻنهي ۾ هڪ مکيه خصوصيت ساڳي آهي، يعني ته ٻنهي ۾ جدا بيٺل
’جر’ يا ’اضافت‘ جي حرفن بدران گڏيل سٽاءِ وارين
اضافي ۽ جري ترڪيبن جي گهڻائي آهي.
- ٻنهي ۾ سرائڪي لفظ پيوند ٿيل آهن، جيئن ته ساڳيو لفظ ’ڏون‘ (=
ٻه قاضي قادن توڙي ميين شاهه ڪريم وارن بيتن ۾
موجود آهي:
ٿُندمَ ٿاءِ ڪُٿاءِ، ٻوڏ چونِي جِي چو
جي ڀائين پِري مِڙان، ته ڏوهنون ڳڻ ڀاءِ.
(شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام: بيت نمبر 46)
ڏوهنون = ٻنهي (ٻوڏ ۽ جي) مان
سيچاڻا تي سينهن، ڌونِئِن وسن جھنگ ۾
سي کڙکاون ڪيئن، ماس جنهين کي لکيو
(قاضي قادن جو ڪلام : بيت نمبر 110)
ڏونئن = ٻئي (سيچاڻا ۽ سينهن)
- نه فقط ٻنهي جي عام لغات ساڳي آهي، پر ڪي خاص الفاظ پڻ ٻنهي ۾
ساڳيا ۽ ساڳيءَ معنيٰ ۾ آهن، جيئن ته:
قاضي قادن شاهه ڪريم
سيڻان سيڻان = ساڻن
ڪيڻان ڪيڻان = کي، سندن
جي جي = توڙي، جيتوڻيڪ، جيڪڏهن
ڪِريندو، ڪرين، ڪيريندي = ’ڪرڻ‘ مان فعل جي ٻين
(ڪندو، ڪن) (ڪندي) = صيغن ۾ پڻ ’ر‘ آڻڻ
جو (= جيڪڏهن = جو (جيئن ئي
توءِ توءِ = ته به
جُو جُو.... جان جان ... = جيستائين، تيستائين
جان جان تان تان
جان ئي (جتان) جائين (جتان) = جتان
تان ئي (تتان) تائين (تتان) = تتان تڏهن کان
ٿوري فرق سان
لاهِوُ لاءِ = لاڙ، ڏکڻ
ڪاٿي ڪٿيئي = ڪٿي
ٻولي جي سهڻي استعمال ۽ تخليقي فڪر جي اضافي جي لحاظ سان، نتيجي
طور چونداسون ته ميين شاهه ڪريم جو درجو پڻ گهڻو
مٿاهون آهي، قلب ۽ نظر جي وسعت سان گڏ شاهه
عبدالڪريم وڏي حافظي وارو هو. کانئس اڳ وارن ولين
۽ درويشن جي سوانح جي پوري ڄاڻ هئس، ۽ نثر خواه
نظم سندن نصيحت ڀريل قولن ۽ ڪلاسن کان واقف هو.
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم نتيجي طور صحيح راءِ قائم
ڪئي هئي ته ”کانئس اڳ جيڪي شاعر گذري ويا هئا ته
جو شعر به گهڻو ياد هوس“(1).
خاص طرح عارن شاعرن جو ڪلام ياد هوس، ۽ ٻين سڀني
کان وڌيڪ قاضي قادن جي بيتن جي کيس ڄاڻ هئي
.انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته قاضي قادن جي عارفن
فڪر ۽ ڳوڙهن نڪتن کان ميون شاهه ڪريم گهڻو متاثر
هو.
کانئس اڳ قاضي قادن ئي پهريائين پنهنجن بيتن ۾ ڪيترائي نوان
موضوع ۽ مضمون آندا، پوءِ ٻيا شاعر جيڪي ميين شاهه
ڪريم کان اڳ هئا، يا وڏا هئا، سندن همعصر هئا، تن
پنهنجن بيتن ۾ ساڳيا ڪي ٻيا نوان موضوع آندا،
مثلاً ’ڪلاڙن‘ جو موضوع قاضي قادن جي بيتن ۾ ڪونه
هو، پر سندس ٻئي ڪنهن همعصر ان موضوع تي بيت چيو
(2).
ميين شاهه ڪريم سندس بيتن۾ ڪم از ڪم انهن ڇهن
ساڳين موضوعن (توحيد، وحدت ۽ ڪثرت، سڄڻ جي سڪ ۽
نينهن، سسئي، گهاتو، هنجھ) کي وڌيڪ ورجايو، جن جا
بنياد پهريون ڀيرو قاضي قادن جي بيتن ۾ ٻڌل هئا.
ان کان سواءِ ، قاضي قادن جي وارن معنوي نُڪتن
توڙي خاص لفظن ۽ فقرن کي پنهنجن بيتن ۾ آنداين،
مگر ان سان گڏ ٻولي ۾ بيان جي وڌندڙ صلاحيت ۽ وسعت
سببان ۽ اڻ پنهنجي نظر ۽ ذهانت سان، ميين شاهه
ڪريم پنهنجي بيتن ۾ اٺ نوان موضوع (پاڻيهاري،
مارئي، متارا، ڀاڳين جو سانگ ۽ ڪڇ چرڻ، مومل، سخي
۽ ڏاتار، ليلان ۽ سهڻي) ۽ ٻه نوان معني نُڪتا (
صوفي ۽ صلح، مجازي ۽ حقيقي عشق) نروار ڪيا. قاضي
قادن کان پوءِ ايترا نوان موضوع پهريون ڀيرو ميين
شاهه ڪريم آندا، ان دور ۾ اهو سنڌي ٻولي جي بياني
وسعت جو نمايان مثال توڙي ميين شاهه ڪريم جي
عارفانه فڪر جو ڪمال هو.
سنڌ کان ٻهارين روايت واري سنڌي، سنڌي - سرائيڪي ۽ ٻين پاڙيسري
ٻولين جي آميزش واري شعر جو هڪ اهم ذخيرو
سنڌ کان ٻاهر دادو ديال ۽ پراڻناٿ هن دور ۾ ٻه وڏا درويش ٿي
گذريا، جن ٻين ٻولين کان سواءِ، سنڌي ۾ منظوم ڪيل
بيتن ۽ سلوڪن جو پڻ پنهنجي پويان هڪ وڏو زخيرو
ڇڏيو انهن ٻنهي مان فقير پراڻناٿ جا بيت سندس وقت
جي لکيت ذريعي محفوظ رهيا آهن ۽ انهي ڪري اصل متن
جي لحاظ سان وڌيڪ مستند رهيا آهن. دادو ديال وڏي
اثر ۽ رسوخ وارو درويش هو، جنهن جا وڌيڪ گهڻا
پوئلڳ ٿيا ۽ سندس پَٿَ (پنٿ) راجسٿان ۽ ٻين گهڻن
پرڳڻن ۾ پکڙي. دادو ديال ۽ سندس پٿ جي ٻين ساڌن ۽
فقيرن جو شعر زباني روايتن ذريعي وڌيڪ پکڙيو ۽
جڏهن لکيو ويو تڏهن پڻ زباني روايت واري رنگ ۾ ئي
لکيو ويو.
اهڙي لکيت وارو هڪ خاص پُستڪ، دادو _ پنٿي ڀڳت هريداس جي قائم
ڪيل ’مَٺۡ‘ (مڙهي) ۾ محفوظ آهي، جنهن جي هڪ جدا
باب هيٺ خاص طرح ”قاضي قادن ۽ ٻين درويشن“ شاعرن
جا سنڌي ۾ چيل بيت لکيا ويا آهن. انهيءَ باب وارا
بات ”قاضي قادن جو ڪلام“ ڪتاب ذريعي ڇپجي پڌرا ٿي
چڪا آهن
(1).
اهي جملي 118 بيت آهن، جن مان ٽي درويش قاضي محمود
(گجراتي) جا هندي ۾ چيل آهن؛ باقي 115 بيت سنڌي ۽
سرائيڪي ۾ آهن، جن مان ڇپيل ڪتان ۾ ڏنل وچور موجب
هڪ بيت دادو جو، هڪ بيت فريد جو، ۽ هڪ بيت حِلو يا
’هلو‘ نالي شاعر جو آهي. اسان پنهنجي موجوده
معلومات جي بناءِ تي في الحال انهيءَ نتيجي تي
پهتا آهيون ته انهن هڪ سوء ٻارهن بيتن مان وڌ ۾ وڌ
ستهتر (77) بيت کن قاضي قادن جا ٿي سگھن ٿا، باقي
پنجٽيهه (35) بيت ٻين فقيرن ۽ سان جا آهن
(1).
انهيءَ اندازي موجب دادو ۽ حلو جي ٻن بيتن سميت
جملي ستٽيهه (37) بيت ٻين فقيرن جا چيل آهن، جن تي
هت ويچار ڪنداسون. قاضي قادن جي بيتن ۽ ٻولي تي
اسان اڳ ’باب پنجين‘ هيٺ بحث ڪري آيا آهيون
(2).
هي بيت ڪهڙن شاعرن جا چيل آهن ۽ ڪهڙي دور جا آهن، ان بابت عارضي
طور ئي ڪجھ چئي سگھجي ٿو. فقط ثن بيتن جا شاعر
(دادو، فريد، ۽ حلو) پڪيءَ طور معلوم معلوم آهن.
ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي موءلف جي ڏنل اهڃاڻ
مطابق البت هڪ ٻيو بيت پڻ فريد جو ٿي سگھي ٿو. هڪ
بيت جنهن ۾ دادو جو نالو موجود آهي سو هن بالڪل
قاضي قادن جي بيت کان متاثر ٿي چيو
دادو جي بيت جي ٻولي ۽ سٽاءُ نرالي آهي. اهڙا بيت جن تي قاضي
قادن جي لفظن ۽ خيالن جو پاڇو پيل آهي، يا جن جي
ٻولي ۽ سٽاءِ توڙي اسلوب بيان دادو واري هن بيت
سان ملن ٿا، سي دادو جا ئي ٿي سگھن ٿا.
سنڌي بيتن جو هي ذخيرو ڪهڙي دور جو آهي؟ قاضي قادن (وفات 1551)
جي بيتن وارو دور اسان کي پڪيءَ طرح معلوم آهي.
شيخ فريد ننڍي (1450 - 1563ع) ۽ دادو ديال (1544 -
1604) جا دور پڻ معلوم آهن. جيڪڏهن شيخ فريد جا
بيت سندس حياتيءَ جي وچئين دور جا هجن، ۽ بيتن جو
هي سڄو ذخيرو خود درويش دادو ديال جي زباني يا ان
دور جي لکيت ذريعي ڀڳت هريداس تائين پهتو هجي ته
پوءِ چئبو ته هي بيت انداً 1500 - 1604ع واري عرصي
۾ چيا ويا
(2).
راڻيلا واري پستڪ ۾ قاضي قادن جا توڙي ٻيا سڀ بيت جيئن لکيل
آهن، تيئن ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ڪتاب ۾ پڻ ڏنا ويا
آهن. انهيءَ ڇپيل صورت مان ظاهر آهي ته بيتن جي
اصلي صورت (جنهن ۾ شاعرن اهي بيت چيا) تي راجسٿاني
۽ پنجابي ٻولين جو رنگ چڙهيو آهي. جيڪڏهن انهن
بيتن جي شاعرن جي مادري زبان سنڌي يا سرائيڪي هئي
۽ انهن ٻولين ۾ ئي بيت چيائون م ته پوءِ اهي بيت
دادو ديال واري دور کان وٺي هريداس جي دور تائين
راجسٿاني يا پنجابي ڳالهائيندڙن ڀڳتن جي زباني يا
لکيت ذريعي هن پستڪ تائين پهتا، ۽ انهيءَ ڏي وٺ ۾
بيتن جي اصلي زبان تي راجسٿاني ۽ پنجابي جو رنگ
چڙهيو.
جيڪڏهن اهي سڀ بيت ، يا انهن مان ڪي، اهڙن شاعرن ڇا جن جي مادري
زبان راجسٿاني هئي ته به انهن بيتن ۾ استعمال ٿيل
سنڌي يا سرائيڪي تي راجسٿاني لهجي جو اثر پوڻو هو.
جيئن ته اص حقيقت هن وقت اسان جي آڏو ناهي، انهيءَ
ڪري بهتر ائين ئي ٿيندو ته جيترو ٿي سگھي اوترو
انهن بيتن تان راجسٿاني _ پنجابي رنگ لاهي، انهن
کي سنڌي يا سرائيڪي وارن ممڪن شڪل ۾ بيهارجي ته
جيئن انهن بيتن جي ان دور واري ٻولي بابت وڌيڪ
صحيح نتيجا قائم ڪري سگھجن. انهيءَ لحاظ سان ،اسان
هيٺ انهن بيتن جي ڇپيل صورت کي سنواري لکيو آهي. ۽
پڻ انهن کي ٻولي جي سٽاءِ، اسلوب بيان ۽ معنيٰ جي
مناسبت جي لحاظ سان اٺن جدا دفعن ۾ ورڇيو آهي ته
جيئن ڪنهن حد تائين جدا جدا شرعرن يا جدا جدا ڀاڱن
جي ٻولي جو گماني اندازو ٿي سگهي. هر بيت هجي
هيٺيان ڏن ان گوسوامي ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ڪتان ۾
ڏنل ان بيت جو نمبر يا صفحو ڏيکارين
(1).
(الف) قاضي قادن جي دور جا (؟)سنڌي بيت
1. وڃي آيو ڪير، ڪنهن ڏٺو منهن لاهوتيين
اچي ڪندو ڪير، ڳالهيون رب پَرَتِيان
[نمبر 15]
هي قاضي قادن جو دور جو ، يا ان کان اڳ جو چيل بيت آهي. ان جي
اصل صورت ڪهڙي هئي، سو چئي نٿو سگهجي. موجوده صورت
۾ شعر جي لحاظ سان سهڻو بيٺل ناهي. قاضي قادن هن
بيت جي جواب ۾ هيٺيون بيت چيو:
هُن سَر سندا هَنجھڙا، اِتي ئي آهين
ڳالهين رَب ورتيان، جو منگي تِنہ ڏين
[نمبر 21]
2. تون ويرئون ئين وِر، جوڳي سو جو جڳ ۾
تون اسان جو پير، سُڌي ڏئين سَرير ۾.
[نمبر 34]
صاف سنڌي ۾ چيل بيت جيڪو ائين معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قادن جي
ڪنهن معتقد خود قاضي قادن لاءِ چيو.
(ب) وچ سنڌ جي (؟) شاعر ’حلو‘ جو سهڻو سنڌي بيت:
سفر مٿي سُپرين، اڀا ساٿ لڏن
هلڻ جو حلو چوي.، ڳجھيون ڳالهيون ڪَن
[نمبر صفحا 45 ۽ 60]
بيت جي نج سنڌ ٻولي ۽ سهڻائي مان ظاهر آهي ته شاعر سنڌ جو ئي
هو، نالي جي اصل صورتخطي ’هلو‘ آهي ، پر اسان جي
خيال ۾ اهو نالي ’حلو‘ (=) مِٺو) آهي يا حَلو جيڪو
’حليم‘ يا عبداحليم‘ جو ’ننڍو نالو‘ ٿي سگهي ٿو.
بيت جو ٻولي ۽ اسلوب قاضي قادن واري دور کان پوءِ
جا معلوم ٿين ٿا.
(ج) سنڌ جي اُترئين ڀاڱي (؟) جي شاعرن جا بيت
هيٺين بيتن ۾ ’ڌايم‘ (ڌائڻ = ٽُٻڻ، وهنجڻ )، راڌي (= پوکي)،
مۡحبان (’جمع‘ واري صورت) الفاظ ڏيکارين ٿا ته اهي
بت سنڌ اترئين ڀاڱي جي ڪنهن شاعر (يا شاعرن) جا
آهن، البت قاضي قادن جا ناهن.، جو انهن جو معيار
قاضي قادن جي بيتن وارو ناهي.
1. پِتو ڦِٿو پيٽ ۾، وڍي مۡلا ماه
ڌائين ڏنئين ڌوڙ ۾، الله اورِي آه
[نمبر 59]
2. قاضي ڪَتِ مَ ايترو، مَتِ ڪيِرو ئي ڦير
پَلاڻيندون پوٽلي مَٿي ڪيندو ڪيرۡ
[نمبر 60]
3. جهِڙي پائين هٿڙي، تهڙي پاڻ ڀرين
ڀائڻ محبان ڇڏيو، تون نه ڇڏ ڌڻي.
[نمبر 73]
4. توبه ڪِرين باهڙي، باهُڙي توبه ڪَرينِ
ڪيهي سادي هَٺ ۾، راڌي اُجاڙين
[نمبر 101]
5. توڙي وڃي روم، ناه نصيبئون اَڳَرو
مان مٿي ٿوم، جئن لکيا چٺن ۾.
[نمبر 106]
(د) سنڌي - سرائيڪي ۽ پنجابي - هندي جي آميزش وارا بيت، اهي بت
سنڌ جي سِري ۽ ملتان جي سنڌي - سرائيڪي ۽ اوڀر
پنجاب واري پنجابي - هندي جي آميزش وارا آهن. ڪن
بيتن ۾ لفظن ۽ فقرن جي سٽاءُ اهڙي آهي، جهڙي ’گرو
گرنٿ‘ جي ڪن بيتن ۾ آهي.
شيخ فريد (ننڍي) جا بيت
1. گهڙيين گهاريِان، پَهرين لهي سَنجھاءِ
مون هِڙَو گهڙيال جيون، ڏکين رَين وِهاءِ(1).
[ص ص 44، 60]
2. ڏيهه لٿَا، سَنجھا پَئي، اڳون آئِي رات
کَڙا پُڪاري پاتِڻي، ٻيڙا ڪپر وات(2)
[نمبر 74]
شيخ فريد کان سواءِ ٻين (؟) جا چيل بيت
1. جي جي ٻول مَئن ڪيئي، سو سو مُجھ نه ٿيان
اُس چنگي ديوان مين، سڀي مُڪَر ڳيان.
[نمبر 111]
2 . جتي سچ سنسار سان. سِہ جا سائين ساڻ هوءِ
تو پڌر هي ٻيڙا تَري، جہ ٿاءِ نير نه ڪوءِ.
[نمبر 68]
3. ڀُلي [ڀلي] وِي ڀُلي، ڀُلي تڱائون آئي
بابا آدم اَتي حوا ڀُلي، ڀُلي سڀ دنيائي.
[نمبر 95]
ڀڳا ساڄا نه ٿئي، مَن موتاهل ڪَڇ
ڪَنين سُڻيا نه مَنِيئي، اک ڏٺو سَچ،
ٻولي سنڌي - آميز سرائيڪي آهي. وڌيڪ صحيح پڙهڻي هن طرح ٿيندي:
ڀڳا سڄا نه ٿيِوي، من موتاهل ڪچ
ڪَنين سڻيا نه مَنِيئي. اکين ڏٺا سچ
5. سِچ پيارا سائينيان، سائين سچ سُهاءِ
سَچي منگل نه دهئي، سَچي سَرپو، نه کاءِ.
سچ سمنڊان سِر چڙهي، ڪوڙ ڪکائين باه جڏهون ڪڏهون ڪوڙ کي ڏيندو
سچ سزاءِ.
[نمبر 69]
6. جو سائين سون سچ، تو ڀوَ ڪهڙا سُتڙي
اُڀا ٿِي ڪر نچ، توڙي اڱرڙا ٻَلي،
[نمبر 102]
7. سُڃي ٺٽي جباب چَئي، سي سڄڻ ڪِٿ ڳَئي
جتي بال سري ۾، تِتي ڇَڻ پَئي.
[نمبر 76]
8.. ڪَوسين ڪُپَل نِيپجي، ٽاري پَڻدا هي
عقل غيب الله دا، الله ئي الله هي،
[نمبر 105]
9. پيڙان سڀي ڏهيليان، ايهي پيڙ نه ڪا
جئن وَڄڻ واڄو ٿئي، ڄاڻي هڪ خدا.
[نمبر 77]
10. هَسِين ڪِت سَهجڙي، رووڻ ڪِيون ناهيِن
پريان پسڻ جوڳيان، اکين تو ناهيِن.
[نمبر 46]
(هه) دادو جا بيت
هيٺ پهريون بيت دادو جي نالي سان، باقي ٻيا بيت ٻولي، مضمون ۽
معنيٰ جي لحاظ سان دادو جا معلوم ٿين ٿا. بيتن جي
ٻولي ۾ سنڌي سان گڏ ڍاٽڪي - راجسٿاني جي آميزش آهي
سنڌي عبارتن جي شتاءِ فطري ناهي، بلڪ ذاتي ڪوشش جو
نتيجو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته شاعر جي پنهنجي
’مادري ٻولي‘ سنڌي ناهي.
1. دادو ! اکيون پَسڻ کي ڀري اُلَٿِيان منجھ
جِتي بيٺو مان پرين، نهاريندو هنجھ
[صفحا 43 ۽ 64]
2. دَر پورا کُر سي گهُران، حقيقتان هنجھ
ڪوڙين هنڌاڻ ڪَڻ چُڳَن، سَر پاڻي جي منجھ
[نمبر 14]
3. اک اندر سَرِيو، جاڳي پَس جُواڻ
منجھيڻي مڪو ٿيو، منجھيڻي مُلتان.*
[نمبر 20]
4. شهباز باز ٿيو. پَنکي نه ماري
اک کوڙيي عَرسِ ۾ لُڏي مناري.
[نمبر 22]
5. جِنهين جانِ جُدا ڪِي، تون مُهُه تِنهِنين پَسُ
لَتاڙِينِ لَتُن سين، اَٺي پَهَرَ عَرِسُ.
[نمبر 23]
6. [پاڻا] پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لَک قرآنY
لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ
[نمبر 4]
7. تَئن پُڇي اَساڻ، تُون آسين نهين پُڇيو
پَڙهڻهار قراڻ، نهين رَتو رحمان سان.
[نمبر 63]
8. سَچي سائين ساڻ، تون مَ ڪر ڪوڙِي ڪُوڙيان
جي توء منجهه هِيانوَ، وو سَڀو کي پرکڻو.
[نمبر 66]
9. سُتو هَتو جاڳ، راتڙِين سَڀئه وِهِاڻيان
مَٿئن ٿييوءِ اَڀاڳ، پِرين وِساڻ مَ ڪر.
[نمبر 89]
10. پِرين وساري رت روئن، ڪَٻُڌي ري ڪارڻ
*
ڪَنچَن راس وِڃاءِ ڪي، ٻُڪَئِن ڌوڙ پَوَن.
[نمبر 90]
(و) اوڀر ۽ ڏکڻ - اوڀر سنڌ ۽ ڀر وارن راجسٿاني علائقن جي ٻولين جي آميزش
وارا بيت (؟)
هي بيت دادو جي بيتن کي وڌيڪ ويجها آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته دادو يا
سندس ٻالڪن جا چيل هجن. سنڌي سان گڏ انهن ۾ اولهه
راجسٿاني ٻولين جي آميزس جو گمان ٿئي ٿو.
1. هَٽ ويا جهَئن لُوڻ، ڪستوري جهُنگئن گهري
سچان دي صابُوڻ، اندر اڇا نه ڪري.
[نمبر 98]
هيٺئين طور پڙهجي ته معنيٰ وڌيڪ صاف ٿيندي.
هٽ وِهائين لوڻ، کٿوري جهنڳين گهُرين
سچان دي صابوڻ، اندر اڇا نه ڪرين!
بهرحال جيڪا اصل پڙهڻي بيٺل آهي، سا سرائيڪي - راجسٿاني آميز آهي.
2. مُبان مَحلان مُنڊيان، اَچَلِيان چَلن
هَٽئون ڳِنَن ٻَڪري، جهنگين اُٺ منگن.
[نمبر 99]
3. مَنجهين مائو ناهِه ڪي، پَسڻ کي گهاٽي
دُنِي ڪَسُونڀي رنگ جيون، ويندو ئي واٽِي.
[نمبر 3]
4. مئن ڀانِي مُونءِ، هي جَس پوس جَر ڪِڻون
ويو وَرائي وَنُّ، ڪَہُ لڳي ڪارو ٿيو.
[نمبر 94]
(ز) سنڌ جي سري - ۽ لاڳو راجسٿاني علائقن جي ٻولين جي آميزش وارا بيت (؟)
1. جي لوڙِيندي نه لَهان، اَلوڙيندي ڍير
توڙي ڏِسَڻ سُهِڻي اَنبان تُل نه ٻير.
[نمبر 29]
2. سُوني سرپ نه لوڙِيان، جي لوڙيان تان لک
مون تِنهان سندي بک، جنهين مَستڪ مَڻي ٻَلي.
[نمبر 30]
3. ڪا گَد ڪالي اکرين، مئن واچَّيندا اَلَڌو
سڄڻ اڇي اکرين، مئن لوڙِيندو لَڌو.
[نمبر 43]
مٿي اسان انهن ستٽيهن (37) بيتن کي، جيڪي راڻيلا واري دستخط
پستڪ ۾ قاضي قادن جي بيتن سان گڏ لکيل آهن، وچُوري
ستن دفعن ۾ ورهايو آهي. پهرين ٽن دفعن وارن بيتن
جي سٽاء وڌيڪ صاف سنڌي ۾ آهي ۽ غالباً اهي سنڌ جي
ئي ڪن شاعرن جا چيل آهن. چوٿين دفعي وارا بيت شيخ
فريد (ننڍي) ۽ ان طرف جي ٻين درويشن جا آهن جن تي
پڻ سنڌي - سرائيڪي ٻولين جو رنگ چڙهيل آهي. پنجين
دفعي وارا بيت غالباً دادو ديال جا آهن. ڇهين ۽
ستين دفعي وارا بيت پڻ دادو جي سلسلي سان ملن ٿا ۽
سنڌي - راجسٿاني رنگ ۾ وڌيڪ رچيل آهن. انهن بيتن
مان هن دور ۾ سنڌ کان اوڀر توڙي اتر طرف، سنڌي ۽
سنڌي - سرائيڪي ٻولين جي پهچ - پکيڙ توڙي سنڌي جي
صوفياني فڪر جي وڌندڙ اثر جو ثبوت ملي ٿو.
نتيجا
1. هي دور فارسي زبان جي اوج ۽ عروج وارو دور هو. سنڌ توڙي هند
۾ فارسي سرڪار دفتر، انتطامي ڪاروبار، خط و ڪتابت،
تعليم ۽ تصنيف، ۽ ادب ۽ شاعري جي زبان هئي. جيئن
ته سنڌي اڳ ۾ ئي پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي اعتبار
سان هڪ اعليٰ سطح تي پهچي چڪي هئي، انهي ڪري
باوجود فارسي جي عمل ۽ اثر جي سنڌي جي انفراديت ۽
افاديت قائم رهي. سنڌ ۾، فارسي ۽ سنڌي جي عمل ۽ رد
عمل جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، ان ۾ سنڌي جي اهميت ۾
اضافو ٿيو.
2. هن دور ۾ سنڌ اندر مقامي طور ڪن اهم سماجي، اخلاقي ۽ علمي
ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان جي ڪن خاص نثري
اصطلاحن، فقرن ۽ جملن جي معنيٰ ۽ مفهوم بابت
تحقيقن، فقرن ۽ جملن جي معنيٰ ۽ مفهوم بابت تحقيق
شروحن، فقرن ۽ جملن جي معنيٰ ۽ مفهوم بابت تحقيق
شروع ٿي.ح شروع ٿي.
3. سنڌ کان ٻاهر سنڌي ٻولي ۽ ان جي ثقافت جو دائرو وسيع ٿيو.
اتر طرف ملتان کان مٿي پنجاب تائين، ڏکڻ طرف ڪڇ،
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين، ۽ اُڀرندي طرف راجسٿاني
علائقن تائين سنڌي ٻولي جي ادبي ثقافت اثرانداز
ٿي، ۽ اتي جي ڪن مشهور درويشن سنڌي ۾ بيت چيا ۽
پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي آميز فقرا استمال ڪيا.
4. سنڌجي روايتي ادبي ذخيري ۾ اضافو ٿيو، ۽ خاص طرح سنڌي شعر جي
تحريري سرمايي ۾ وڏو واڌارو ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ
کان ٻاهر پڻ سنڌي، سنڌي - سرائيڪي، ۽ هندي -
پنجابي - راجسٿاني ٻولين جي آميزش سان سنڌي شعر جو
اهم ذخيرو وجود ۾ آيو.
5. هن دور ۾ سنڌ اندر عربي ۽ فارسي جي تعليمي سلسلي توڙي استادن
۽ عالمن جي عربي ۽ فارسي مهارت جي باوجود سنڌي
ٻولي نج صورت ۾ لکي ۽ ڳالهائي وئي: يعني ته عالمن
نج سنڌي ڳالهائي ۽ استعمال ڪئي جنهن جي ڪري عوام
جي بولي ۽ عالمن جي بولي ۾ ڪو وڏو ويڇو ڪونه پيو.
عالمن ۽ پڙهيلن گهڻو ڪري لفط ۽ فقرا ائين ٿي لکيا
جيئن اهي عام طرح ڳالهايا ويندا هئا. ڪي عربي ۽
فارسي لفظ پڻ جيئن زبان زد عام ٿي ويا هئا، تيئن
ئي عالمن ۽ شاعرن اهي ڪم آندا مثلاً، جاب = جواب؛
ساٿ = ساعت؛ ڇال = شال. ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات
(’بيان العارفين‘) ۾ ڏنل هڪ سؤ ٽن بيتن ۽ ٻن
مصراعن جي وڏي ذخيري مان، جن ۾ علم ۽ فڪر جا ڳوڙها
خيال سمايل آهن، فقط ستاويهه کن عربي لفظ ۽ چار
پنج فارسي لفظ استعمال ٿيل آهن.
6. سٽاء جي لحاظ سان هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جون اڳيون اصلي مکيه
خوصوصيات قائم رهيون: يعني ته (الف) ڌار بيٺل حروف
جر يا حروف اضافت بدران گڏيل سٽاء واريون اضافي ۽
جري ترڪيبون وڌيڪ رائج رهيون؛ (ب) ڊگهن حروف علت
(ا، و، ي) وارا اُچار، توڙي ’هه‘، ’ن‘ غني ۽ ’ء‘
سان مرڪب اُچار گهٽ رهيا، ۽ خاص طرح لاڙي ٻولي ۾
گهڻو گهٽ رهيا.
7. هن دور اندر سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جي مقامي ’لغات‘ ۽ ’محاورن‘
۾ وڌيڪ هڪجهڙائي پيدا ٿي، ۽ مجموعي طور سان اتر
توڙي لاڙ ۾، يعني سڄي سنڌ ۾، ڪنهن ٿوري فرق کان
سواءِ هڪجهڙي ٻولي رائج ٿي: مثلاً ميين ساهه ڪريم
واري ’لاري سنڌي‘ توڙي قاضي قادن جي ’سِري واري
سنڌي‘ جي ڪن پنهنجين جداگانه خوصوصيتن جي باوجود
ٻنهي ۾ نسبتاً وڌيڪ گهڻيون مشترڪ سِٽائون ۽
اصطلاحي هڪجهڙايون نروار ٿيون.
|