سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:4 

آخر ۾ نتيجي طور شرت چوي ٿو ته: جيڪڏهن سنڌي جون مٿي بيان ڪيل نحوي خصوصيتون دراصل ’دراوڙي‘ آهن ۽ پڻ پيش ڪيل لفظن جا سلسلا ساڳئي سرچشمي سان تعلق رکن ٿا، ته به ائين ڪونه چئبو ته ڪو سنڌي کي اهو سرمايو بروهڪي مان مليو، ڇاڪاڻ ته اهي نحوي ۽ لغوي خصوصيتون بروهڪي ۾ آهن ئي ڪين... اهو سڄو سرمايو سنڌ وارن کي مقامي طور ورثي ۾ مليو آهي، جو منهنجي خيال ۾ انهيءَ طرف رهنمائي ڪري ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌو جي وادي دراوڙي نسل جي ماڻهن جو گهر هئي (ص 295)،

مٿين تقيد جي باوجود، انهيءَ امڪان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته قديم دؤر جي مُندا ۽ دراوڙي ٻولين توڙي موجوده دور جي پاڙيسري ’بروهڪي ٻولي‘ جا ڪي الفاظ سنڌي ۾ رائج ٿي چڪا آهن.

سنڌي ۾، مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين جا الفاظ: بنيادي طور، سنڌي ٻولي جي خمير سنڌ جي پنهنجي مقامي لساني ماحول جو پيدا ڪيل آهي؛ ان کي دراوڙي ٻولي يا ٻولين مان نڪتل يا ورتل سمجهڻ صحيح نه ٿيندو. البت انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته برصغير جي ٻين عوامي زبانن وانگر سنڌي پڻ قديم ’مُنڊا‘، (1) ۽ ’دراوڙي‘ ٻولين جا ڪي لفظ يادگار طور باقي آهن. مگر اهڙن لفطن جي صحيح سڃاڻپ ڪرڻ سولي نه آهي. ڪن لکندڙن، موجوده دراوڙي ٻولين (ڪينري، تامل، تيلگو ملايالم، تولو، ڪوٽا، ٽوڊا، گڊيا، پارجي، ڪوئي وغيره) ۾ رائج لفظن کي اکيون پوري ’دراوڙي‘ سمجهيو آهي، حالانڪ انهن مان گهڻا الفاظ سنسڪرت، پراڪرتن توڙي عربي ۽ فارسي مان ورتل آهن. انهيءَ ڪري ائين چوڻ صحيح نه ٿيندو، ته فلاڻو لفظ ’دراوڙي‘ آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن دراوڙي ٻولي ۾ رائج آهي. هن سلسلي ۾ تحقيق جي تڪميل تائين، ائين چئي سگهجي ٿو ته هيٺئين قسم جا ڪي ٿورا الفاظ جيڪي سنڌي پنجابي، اردو يا ٻين زبانن ۾ رائج آهن سي شايد بنيادي طور ’مُنڊا‘ يا ’دراوڙي’ هجن (2):

’مينڊ‘ دفمي جا الفاظ. پاڻي، ڪپهه، ڪوڙِي (= ويهه)، مُنڍي (سر)، ڄنگهه، جَهَنڊ (وارن جي)، ليجڻ (شاديءَ وقت ڪپڙا ڏيڻ) لِڏ، مُڳري (ڪاٺ جو ٿلهو سونٽو)، مُهانڊو وغيره.

دراوڙي دفعي جا الفاظ. الاچي، ڪوتمير، ڪاٻار يا ڪاٻاڙو (ناريل جي تندن جو واجهه) ’دراوڙي‘ لفظ ڪري تسليم ڪري اويا آهن. هن قسم جا ٻيا الفاظ هيٺيان چئي سگهجن ٿا:

لفظ جي سنڌي صورت               دراوڙي ٻولين ۾ رائج صورت

کُڏِي، کُڏو                             ڪُٽِي

ڏنڊ                                     تنتو، ڊنڊ

سُنگ (محصول)                      سَنڪم

چُونگي (محصول)                     چَنۡگَم

ابڙ، ايل (جهنگلي، وحشي)            ايڙ، ايڙو

نِيرُ (پاڻي)                             نير

ڪَڙهي (ٻوڙ)                          ڪَڙي

کِڙڪِي                                ڪِڙڪ، ڪِٽڪي

مُنڊزي                                 موديرا

ڳَنڌُ (خوشبوءِ، هٻڪار)                 ڳنڌ

وِرلو، ورلي                              ورل

سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولي:

هن قديم دور جي علمي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن وقت آريائي قبيلا اول اول هندوستان ۾ داخل ٿيا، ان وقت اسان جي هاڻوڪي سنڌ جو هيٺيون ڏاکڻيون ڀاڱو (لاڙ ۽ ٿر) شايد سمنڊ هيٺ آيل هو؛ ۽ سنڌو درياءَ جو دو - آبو (ڊيلٽا) به مٿي وچ ڌاري هو؛ انهيءَ ڪري غالباً اوائلي آرين جون جيڪي بيٺڪون ٿيون، سي هاڻوڪي سنڌي خطي ۾ نه، بلڪ سنڌونديءَ جي مٿئين ڀاڱي ۾ پنجاب واري ڪناري جي آسپاس ٿيون. ان بعد، اهي آريائي قومون اُڀرندي طرف وڌيون. گنگا - جمنا دو - آبي ۾ سندن مستقل قيام جي دور ۾ ئي سنسڪرت زبان آهستي آهستي جڙي راس ٿي. ملتان کان ڪشمير واري ايراضي جون پنهنجيون ساڳيون اصلي ٻوليون رهيون، جيڪي پوءِ هن خطي ۾ مسلسل لڏ پلاڻ ۾ ’ايراني - آرين‘جي هندوستان طرف هجرت هڪ اهم واقعو هو، جنهنڪري هتي جي ٻولين تي قديم ايراني ٻولي جو به اثر پيو.

ڌيان طلب ڳالهه هيءَ آهي ته هن قديم دور ۾، جنهن وقت گنگا - جمنا دو آبي جي ارد گرد، سنسڪرت پنهنجون ابتدائي ۽ آخري منزلون طئي ڪري رهي هئي، ۽ اتي جون پراڪرت زبانون ان جي زير اثر وڌي ويجهي رهيون هيون، ان وقت ’ڪشمير کان سنڌ‘ واري خطي جي لساني نوعيت جداگانه هئي. اهو خطو پهريائين ’هند - ايراني‘ ۽ پوءِ ’هند - آريائي‘ ۽ ’داردي، زبانن جي زير اثر رهيو.

سنسڪرت پنهنجي ڪلاسيڪي (پراڻن واري) قالب ۾ بند ٿي چڪي هئي، ۽ ان جي زير اثر عوام جون ٻوليون پنهنجون اوائلي پراڪرتي دور ختم ڪرڻ واريون هيون. سنڌ ۾ انهيءَ ڪلاسيڪي سنسڪرت، توڙي اوائلي پراڪرت جي اثر جي نه پهچ هئي ۽ نه ئي گنجائش ڇو ته انهيءَ ساڳئي وقت سنڌ جي ’موئن جي دڙي‘ واري دريائي تمدن جي ’سامي - صفت‘ زبان سنڌ ۾ رائج هئي. ان بعد سنڌ تي تقريباً 600 ورهيه قبل مسيح تائين جيڪو اثر پوندو رهيو، سو ڪشمير - ملتان واري خطي مان داردي ٻولين جو، ۽ سنسڪرت جو. انهيءَ ڪري ئي بنيادي طور سنڌي ٻولي، داردي ٻولين سان قريب تر رهي *. داردي ٻولين ۾ بن حرف علتن جي وچ ۾ ايندڙ ’ت‘ مٽجي نٿي؛ اها ’داردي‘ خصوصيت اڃا تائين ”سنڌو ماٿر وارين ٻولين“ [سنڌي، لهندا، پنجابي (لهندا جي اثر هيٺ) ۽ ڪوهستاني] ۾ موجود آهي. انهن ٻولين ۾ ’پيتو‘، ’لاتو‘، ’ڪيتا’، ’سيتا‘، وغيره مروج آهن، حالانڪ ٻين هند - آريائي ٻولين ۾ اهي الفاظ ’پيا‘، ’لايا‘، ’سيا’ بنجي چڪا آهن **. سنڌ کان ڪشمير تائين ’سنڌو - ماٿر وارين ٻولين‘ ۾ ’اسين‘، ’اسان‘، ’اسي‘، وغيره مشترڪ الفاظ ”اسۡمي“ مان نڪتل آهن، ۽ نه سنسڪرت لفظ ”ويوئم“ مان (جنهن سان انگاريزي لفظ we به لاڳاپيل آهي). اهو لفظ ’آسمي‘، سنسڪرت کان اڳ يا سنسڪرت واري زماني جي پراڪرت جو آهي، جنهن کي جيڪڏهن ’پروٽو - پراڪرت‘ (Proto-Prakrit) چئجي ته مناسب ٿيندو. بهرحال، اهڙا الفاط ’سنڌ. ماٿرين وارين ٻولين‘ جي مشترڪ مگر سنسڪرت کان هڪ الڳ سرچشمي جو پتو ڏين ٿا.

(ب) 600 ورهيه ق - م کان 500 ورهيه ب - م.

سنڌ جي ٻولي ۽ پالي پراڪرت.

آڳاٽي قديم دور بعد، اسين پوئين قديم دور (600 ورهيه قبل مسيح کان 500 ورهيه بعد مسيح) تي اچون ٿا. هيءُ هند جي پراڪرت ٻولين جو ٻيو دور آهي. ’سنڌ جي ٻولي‘ تي جنهن پراڪرت جي اثر جو امڪان نظر اچي ٿو، سا ’پالي’ زبان هئي، جنهن جو اثرائتو دور هندستسان ۾ تقريباً 600 ورهيه قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو. لڳ ڀڳ انهيءَ زماني بعد ئي سنڌ تي ٻاهران هندوستان جي مذهبي خواه سياسي اثرات جي شروعات ٿئي ٿي؛ ٻڌ ڌرم جو پرچار، توڙي جين (چندر گپت) ۽ ٻڌ حاڪمن (اشوڪ ۽ ڪنسڪ) جو سياسي اقتدار، مختلف وقتن ۾ ٿوري يا گهڻي عرصي لاءِ ان بعد ٿيو؛ تنهنڪري پالي ۽ ٻين ’ٻئي دور وارين‘ پراڪرت زبانن جو اثر سنڌ جي ٻولي تي ممڪن نظر اچي ٿو. مگر پراڪرت ٻولين ۽ خاص طرح پالي زبان جو اثر ڪيتري قدر ’سنڌ جي ٻولي تي پيو هوندو، انهيءَ لاءِ تاريخ ڏانهن نظر ڪرڻ گهرجي.

پالي زبان جو عروج تقريباً (600 ورهيه قبل مسيح) توڙي مهاتما ٻڌ جي زماني سان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ زماني ۾ توڙي ان کان گهڻو پوءِ، اَشوڪ جي حڪمراني (تقريباً 250 ورهيه قبل مسيح سوڌو، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي پرچار جو تاريخي ثبوت ڪونه ٿو ملي. اَشوڪ جي مذهبي پرچار جي ڪابه لکيت سنڌ م موجود ڪانهي. سنڌ کي ويجهي ۾ ويجهو اَشوڪ جون لکيتون شايد شهباز ڳڙهي ۽ مانسهره واريون آهن، جيڪي پالي ٻولي جي مقامي محاوري (dialect) ۾ اُڪريل آهن. انهيءَ ڪند ٿيل محاوري مان سمجهجي ٿو ته اَشوڪ جي ڏينهن ۾، خود پالي پراڪرت اتر - اولهه هندوستان جي مقامي محاورن جي قالب ۾ بند ٿي چڪي هئي.

سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جو اثرائتو پرچار ان کان چار سؤ ورهيه پوءِ، ٻي صدي عيسوي ۾ ڪوشان گهراڻي جي دور ۾ شروع ٿيو. عيسوي سنه 50 ڌاري، ڪوشان شاهه ڪنَشڪ جي ڏينهن ۾ ، اشوڪ جي خالص ٻُڌمَتي ’هنايَنِ‘ تي ’مهاين‘ پنٿ غالب پيو، جنهن موجب ظاهري ڪريا ڪرم ۽ پاٺ پوڄائن زور ورتو. مهاتما ٻڌ جي ذاتي وسيلن ۽ ٽَڳن، توڙي سندس آستانن ۽ تَڪين تي پوڄا واسطي ٺُل ۽ دقل (stupa)، منارا ۽ مندر بنيا. اهي ٺِل ۽ دقل مهاين پنٿ جا نمايان نسان هئا. سنڌ ۾ ٻُڌڪا ٽَڪر، مير رڪن جو ٺُل، ڏيپر گهانگهري جو ٺُل، ’ڪاهوءَ جي دڙي‘ ۽ ’موئن جي دڙي’ جا ٻُڌڪا مندر، انهيءَ مهاين پنٿ جا پڪا ثبوت آهن. سنڌ جي مهاين پنٿ جو پرچار شايد ڪنشڪ جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو هجي؛ مگر گمان غالب آهي ته هن پنٿ، سنڌ ۾ ڪنشڪ جي ٽين پيڙهيءَ جو حاڪم ’واسديو‘ جي ڏينهن ۾ اٽڪل ٻي صديءَ ڌاري زور ورتو *. واسديو جا جيڪي سڪا ’مئن جي دڙي‘ جي مٿينءَ سطح واري ’ٻُڌ - کنڊرات‘ مان مليا آهن، تن موجب سنڌ ۾ ڪوشاني سياسي اقتدار (جنهن تي ئي مذهبي پرچار جو گهڻو دارومدار رهيو) جو زمانو ’ٻي صدي عيسوي‘ قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن مهاين پنٿ جو پرچار پالي پراڪرت ۾ تسليم ڪجي ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته پالي پراڪرت جو اثر سنڌ جي ٻوليءَ تي اٽڪل ٻي صدي عيسوي کان شروع ٿيو. مگر سوال آهي ته جنهن پالي محاوري ۾ اهو پرچار ٿيو، ان جي لساني ڪيفيت ڪهڙي هئي؟ اسان مٿي بيان ڪيو آهي ته اشوڪ جي شهباز ڳڙهي - مانسهره وارين لکيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته 250 ورهيه قبل مسيح ڌاري، پالي پراڪرت مقامي محاورن جي قالب ۾ بدلجي چڪي هئي. ان کان ٽي چار سؤ ورهيه پوءِ، پالي جي انهن محاورن ۾ ويتر وڌيڪ تبديلي آئي هوندي. گويا، جڏهن پالي ٻولي خود پنهنجي آخري پراڪرتي دور مان لنگهي رهي هئي ۽ ان جا محاورا (Dialects) مڪاني ٻولين سان خلط ملط ٿي پنهنجي اصليت وڃائي رهيا هئا، ان وقت جي ڪنهن ’مخلوط پالي محاوري‘ ۾ مهاين پنٿ جو پرچار سنڌ ۾ ٿيو. انهيءَ جو ثبوت، ڪنشڪ جي دور جي هڪ پالي عبارت مان ملي ٿو، جيڪا هڪ ٽامي جي ٿالهيءَ تي اُڪريل آهي. اها ٿالهي سنڌ جي آڳاٽين نزديڪي حدن اندر، يعني ته بهاولپور کان سورهن ميل ڏکڻ - اولهه طرف ٻُڌ جي جهوني مندر ”سُئي وِهارِ“ جي کنڊرن مان هٿ آئي هئي *. ان عبارت جو مول مقصد غالباً هيءُ آهي ته ”دَمن وِ هار“ مندر جي هڪ پوڄارڻ مائي ’ٻال نندِي‘ ۽ سندس ماءُ مائي ’ٻال ’جَيَه‘، مها راءِ ڪنشڪ جي حڪمراني جي يارهين سال جي ’دائسيس‘ مهيني جي 20 تاريخ ’سُئي وِهار‘ مندر ۾ ڀڪشو گياني ’نا گدت‘ کي ڀيٽا ڏني. خاص طور غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته اها عبارت نج پالي ۾ نه، پر ان جي ”بُختي محاوري (bacterian Pali) ۾ لکيل آهي. ٻن عالمن سر بيلي ۽ پروفيسر ڊائوسن، جي راءِ موجب هن ڪَتبي ۾ مقدوني مهيني جو ’ڊائيسيس‘ (Daesius or Daisios) جو نالو چٽو معلوم ٿئي ٿو جو غالباً بختي يوناني جي ذريعي رائج ٿيو. ڊاڪٽر هارنلي جي ڪَتبي جي ٻوليءَ کي ’مغربي پالي’ ڪري ڄاڻايو آهي. بهاولپور گزيٽيئر ۾ اڳين تحقيق جي بناءَ تي، ان کي ’بختي پالي جو ’ڪتبو‘ تسليم ڪيو ويو آهي *.

بهرحال سنڌ جي حدن اندر، پوئين پراڪرتي دور جو اهو ئي ڪَتبو هٿ آيو آهي، جيڪو پالي جي ڪنهن مقامي محاوري ۾ اُڪريل آهي. سنسڪرت جو ڪوبه ڪَتبو يا ڪابه قديم لکيت سنڌ جي ڪنهن به ڀاڱي مان ايستائين دستياب نه ٿي آهي. انهيءَ بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته سنسڪرت جو اثر، جيڪو هن پالي محاوري ذريعي سنڌي ٻوليءَ تي پيو هوندو، سو اڪثر ’دخيل لفظن‘ جي صورت ۾؛ ڇو ته پالي جو مخلوط پراڪرتي محاورو، صرف - نحو جي لحاظ سان بذات خود سنسڪرت کان گهڻو پري هٽي چڪو هو. البت سنسڪرت مان مُشتَق (derived) الفاظ جنهن به صورت ۾ ’سنڌ جي ٻولي‘ ۾ جذب ٿيا، سي سرزمين سنڌ ۾ ساڳي صورت ۾ باقي رهيا، ۽ اڄ تائين باقي آهن. غالباً پالي محاوري جي ذريعي سنسڪرت جا ڪافي الفاظ سنڌ جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جو ’مهايَنَ پنٿ‘ رائج هو، ۽ جيئن ته مهاين پنٿ سنڌ ۾ پهرين صدي عيسوي کان وٺي يارهين صدي تائين (1) جاري رهيو، انهيءَ ڪري سمجهجي ٿو ته هن عرصي ۾ ئي ’سنڌ جي ٻولي‘ کي ٻڌ وارن جي پوتر زبان پالي جي ذريعي سنسڪرت مان نڪتل لفظن جو وڏو ذخيرو مليو.

ٻين حڪمران قومن جي ٻولين جو اثر

پالي پراڪرت جو اثر ’سنڌ جي ٻولي‘ تي خاص طرح ڌرمي پرچار ذريعي پيو. سياسي اقتدار ذريعي حڪمرانن جي ٻولي جو رعيت جي ٻولي تي گهڻو ڪجهه اثر پوي ٿو، پر ڪوشان گهراڻي جو سياسي اقتدار سنڌ تي ڪو گهڻو وقت ڪونه رهيو. هن ساڳئي دور جي سياسي تاريخ ڏيکاري ٿي ته پالي کان سواءِ ايراني، يوناني، ترڪي ۽ داردي ڳالهائيندڙ قومن جو سنڌ تي سياسي اثر رهيو. هيٺ انهن ٻولين جو عرصيوار خاڪو ڏجي ٿو.

ٻولين جو عرصيوار خاڪو

                                250-515 قبل مسيح، فتح دارا

آڳاٽي ايراني ٻولي جو اثر              5- صدي ق. م

                                4- صدي ق. م

                                325-326 قبل مسيح، فتح سڪندر

يوناني ٻولي جو اثر            3- صدي ق . م

                        195-150 قبل مسيح، بلخ جي

يوناني حاڪمن جي فتح

150-120 قبل مسيح، ساڪا ۽

ترڪي ۽ داردي ٻولين جو اثر          سٿين جون ڪاهيون

                                1- صدي ق. م

 

                                40-50 سيحي ڪوشان شاهه

پالي پراڪرت جو اثر                           ڪنشڪ

                                102/160-200 م، پارٿين جون

ڪاهون

                                2- صدي م

                                ساساني تسلط

                                3- صدي م

پوئين ايراني ٻولي جو اثر              4 صدي م. هياطلہ

ترڪي ۽ ايرانيءَ جو اثر                470-480 م، سفيد هَن

                                315- م، خسرو نوشيروان

                                6- صدي م، راءِ گهراڻو

ملڪي ٻوليون                 7- صدي م، برهمڻ گهراڻو

هاڻي سوال آهي ته هن سڄي قديم دور جي تاريخي ۽ لساني ماحول جو ’سنڌ جي ٻولي‘ تي ڪهڙو ۽ ڪيرو اثر رهيو؟

سنڌ جي قديم تمدن جي زبان شايد سامي - مفت هئي. ان تي جيڪي اوائلي اثرات پيا هوندا، سي خاص طرح مُنڊا، دراوڙي ۽ ايراني زبانن جا، ۽ بعد ۾ داردي زبانن جا. سنڌ جي ٻولي يا ٻولين تي سنسڪرت جو اثر دير سان پالي محاوري جي واسطي سان پيو؛ مگر انهيءَ عرصي ۾، مغربي ۽ شمالي زبانن - جهروڪ ايراني، يوناني، ترڪي ۽ داردي - جو پڻ اثر پيو. انهن اثرن جي علاوه ’سنڌ جي ٻولي يا ٻولين‘ مان اُسريل ’سنڌي ٻولي’ جي ذاتي اصليت خواه تاريخي حقيقت، سنسڪرت ۽ ان جي پراڪرت ٻولين کان بلڪل نياري هئي؛ انهيءَ ڪري ئي ’سنڌي ٻولي ٻين پراڪرت ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نوعيت ورتي. ٻيون پراڪرت ٻوليون، جيڪي پنهنجي ٻئي ارتقائي دور مان گذري وڌيڪ بگڙيون، انهن ٻولين کي آڳاتي نحوين ”اپڀرنش“ سڏيو - يعني ’معيار کان ڪريل‘. انهن نحوين جي پرک جو معيار هو ’نسڪرت سان ويجهائپ ۽ مناسبت‘؛ مگر سنڌي ٻولي، جيڪا پنهنجي اصلي سنجٽ ۽ سٽاءَ ۾ نرالي هئي، ۽ جنهن تي هندوستاني پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ مغربي ۽ سمالي ٻولين جا اثر زياده پيا هئا، سا انهي معياري پرک موجب ته گهڻو گهڻو بگڙيل هئي. انهيءَ ڪري ڪن محققن جي چوڻ موجب، جنهن ٻولي کي انهن محوين” وراچڊ اپڀرنش“ يعني ’گهڻو گهڻو بگڙيل‘ سڏيو، سا ’سنڌ جي ٻولي‘ هئي، حقيقت ۾، ’وراچڊ اپڀرنش‘ جو نالو سنڌ کان گهڻو مٿي اتر واري خطي جي ڪنهن ٻولي تي اچي سگهي ٿو، ۽ نه سنڌي ٻولي تي ڇاڪاڻ ته ’وراچڊ اپڀرنش‘ جي اصطلاح ۾ به ’سنسڪرت سان مناسبت ملحوظ آهي. سنڌي ٻوليءَ جو ته معيار ئي انوکو هو. انهيءَ ڪري پراڪرت وياڪرڻ جي جوڙيندڙ، مارڪڻڊيه جو قول ته ”وراچد کان به سنڌ جي ٻولي گهڻو ڦِريل آهي“، زياده وزندار ۽ قابل غور آهي. انهيءَ قول جي تائيد لاءِ هڪ اهم ثبوت موجود آهي. مثلاً: ’وراچڊ اپڀرنش‘ ۾ ’س‘ جو اُچار ڦيرائي ’ش‘ ڪندا هئا، مگر سنڌي ٻولي ۾ وري ’ش‘ جو اُچار ڦيرائي ’س‘ ڪندا هئا. سنڌ جي ماڻهن جي اها انوکي لساني خصوصيت پوءِ به ڪافي دير تائين باقي رهي، جيئن ته ”شاعر ابو عطا سنڌي“ جي هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿيندو.

سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش

’سنڌي ٻولي‘ جي تاريخي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ، سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جي باهمي رشتي کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ ضروري آهي: ڇاڪاڻ ته عموماً ائين ڄاتو ويو آهي ته سنڌي اپڀرنش مان نڪتي آهي، اپڀرنش پراڪرت مان، ۽ پراڪرت وري سنسڪرت مان. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان نتيجا، جيڪي انهن ٻولين جي آڳاٽن معتبر ڏيهي هندو، ٻُڌ ۽ ٻين عالمن توڙي ڪن پرڏيهي عالمن جي نظرين مطابق آهن، سي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهن: (1) ڪن آڳاٽن هندو عالمن جي خيال ۾ اپڀرنش ٻولي، پراڪرت مان نڪتي ۽ پراڪرت سنسڪرت مان نڪتي. هيمچندر، مارڪڻڊيه، ڌَنِڪَ ۽ ٻين جي لکيتن مان اهو ئي نتيجو نڪري ٿو. انهن عالمن هن برعظيم جو ڪن ’ادبي ٻولين‘ کي ’پراڪرت‘ سڏيو آهي ۽ انهن جو ’بنياد‘ (پۡراڪۡرتَ، پۡرَڪرت = جزو، بنياد) سنسڪرت کي ڪري مڃيو آهي. مگر ٻين آڳاٽن هندو، ٻڌ توڙي جين عالمن جي راءِ هن جي برعڪس آهي ۽ پڻ موجوده علمي تحقيق هن نظريي کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيو آهي. اول ته هندو عالمان مان ’وَرَرُشِي‘ ۽ ٻين نحوين ۽ اديبن، اپڀرنش کي ’پراڪرت‘ مان نڪتل ته ڇا، پر پراڪرت دفعي جي ٻولي ئي ڪري نه مڃيو آهي. انهن جي راءِ ۾ سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش ٽي جدا قسمن جون ٻوليون آهن. ’ڏڻڏِن‘به انهن عالمن مان آهي جو چوي ٿو ته ’آڳاٽا ادبي ڪتاب چئن جدا ٻولين - سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش ۽ مِشۡر (گڏيل ٻوليون) - ۾ لکيل آهن‘. هو ڪن ادبي ڪتابن لاءِ ڪم آيل اَڀيرن جي ٻولي کي ’اپڀرنش‘ جي دفعي ۾ شمار ڪري ٿو. اهي عالم ’شاسترن’ يا ’رسالن‘ ۾ استعمال ٿيل جيڪا به ٻولي سنسڪرت کان نرالي آهي ان کي ’اپڀرنش‘ ڪري ٿا ليکين. ’واگڀَٽ‘ توڙي ’رَوِڪَرَ‘ ٻئي اپڀرنش جا ٻه قسم مڃين ٿا، جن مان فقط هڪ جو بنياد ’پراڪرت‘ ڄاڻائين ٿا، پر ٻيءَ کي ’ديس ڀاشا‘ يا عوامي ٻولي تسليم ڪن ٿا. (2) ٻيو ته هندو عالمن کان سواءِ ٻڌ وارن جي روايتن مطابق پڻ سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جدا ٻوليون آهن. مثلاً اتر هندوستاسن جي ٻُڌن جي لکيل روايتن مطابق، مهاتما ٻڌ جي مرتيي کان هڪ سؤ سورهن سال پوءِ، چار ’سۡٿَوِيۡرَ، ٿيا جي چئن جدا ذاتين مان هئا، ۽ چار جدا ٻوليون - سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش ۽ پئساچي - ڳالهائيندا هئا. (3)ٽيون ته ’جين وارن‘ جي نظرين مطابق پڻ ’پراڪرت‘ سنسڪرت مان نڪتل ناهي. اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ’اَردما گڌي‘ (جنهن کي آڳاٽن ڏيهي نحوين ’آرشَ‘ يا ’آرشم‘ سڏيو آهي) جنهن ۾ مهاتما جين پرچار ڪيو، سا سڀني پراڪرت ٻولين ۾ نهايت مکيه ۽ اهم آهي. جين عالمن جي راءِ ۾، ’اردما گڌا‘ سڀ کان آڳاٽي بلڪ سڀني ٻولين جو مول آهي. ’نامسِڌُ‘ عالم، ’رَدۡرَٿ‘ جي ’ڪاوِيا لَمۡڪار‘ بابت لکندي چوي ٿو ته ’اردماگڌا‘ مان ئي ماڳ مڪان جي فرق ۽ نحوي ڦيرگهير کان پوءِ سنسڪرت ۽ ٻيون ٻوليون نمودار ٿيون. ٻين نحوين جي لکيت مان پڻ انهيءَ راءِ جي پٺڀرائي ٿئي ٿي. خود هيمچندر چوي ٿو ته، جين سُوترن جي ٻولي ’ارش‘ متعلق سندس سڀ ڏنل قاعدا مستشنات (Exceptions) جا محتاج آهن.. ’تِرۡوڪۡرَمَ‘ پڻ ’آرش‘ کي پنهنجي گرامر کان مستثنيٰ ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس ويچار موجب اها بذات خود هڪ جداگانه ٻولي آهي ۽ سنسڪرت ان جو سرچشمو ناهي. (4) چوٿون ته موجوده علمي تحقيق پن انهيءَ نظريي کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيو آهي، ته ڪو ’پراڪرت‘ يا ’پراڪرت ٻوليون‘ سنسڪرت مان نڪتل آهن. پراڪرت جي مطالعي ۽ تحقيق ۾ ’پشيل‘ (R.Pischel) ۽ ’سينارٽ‘ (Senart) جو درجو مٿاهون ڪري مڃيل آهي. پشيل جي راءِ ۾ مڙني پراڪرتن جو سرچشمو آڳاٽا عام مقبول محاورا (popular dialects) آهن ۽ ٻيون ته هندوستان جون جملي ’نيون ٻوليون، سنسڪرت مان نڪتل نه آهن *.


(1) . دراوڙن کان اڳ هن برصغير جي ڪن ڀاڱن ۾ ’منڊا قبيلا’ آباد هئا. ڀيل، ڪول، سنٿال،ساورا، هو، ڪوروا، جانگ، ڪورڪو وغيره ’منڊا گروه‘ جا قبيلا آهن.

(2) . انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل تحقيقي ڪتابن، گرامرن ۽ لغاتن کان سواءِ، هن سلسلي ۾ آسانيءَ خاطر هيٺين قسمن جي اشاعتن ۾ پڻ، موجوده دراوڙي ۽ ٻين عوامي زبانن ۾ مشترڪ طور رائج لفظن جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو: 1. جي. وي. دويگر جو مضمون ”کنڻري زبان مين رائج هندوستاسني الفاظ اور محاورلآ“ (سہ ماهي رسالہ، ’نوائي ادب‘، انجمن اسلام اردو ريسرچ انسڻيڻيوڻــ، بمبئي، اشاعت اپريل ۽ اشاعت جولاءِ 1966ع). 2. عين الحق فريد ڪوني: ”اردو زبان کي قديم تاريخ“. مطبوع لاهور، 1976ع ص ص 96- 125 ۽ 142 - 242.

* . “Sindhi, on the contrary, claims a much more clear relationship to the Dardic languages (which influenced it from northern side) being protected from the East by the desert of Western Rajisthan”.

(Grierson: Linguistic Survey of India, Vol. viii, p-1)

** . Grierson: Linguistic Survey of India, Vol. I, p. 14.

* . واسديو جي حڪمرانيءَ جو عرصو مبهم آهي: ڪن سندس حڪمراني جو دور پهرين صدي عيسوي ڄاڻايو آهي ته ڪن وري ڏيڍ سؤ سال کن پوءِ.

* . ڪتبي واري اها ٿالهي جي. ييسٽ (G. Yeast) کي فيبروري 1869ع ۾ ملي، جا پوءِ ميجر سٽبس (Stubbs) هٿ ڪري، سر بيلي (Sir E. C. Bailey) ڏانهن ڪلڪتي موڪلي، جتي سنه 1870ع ”ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ جي ’جرنل‘ ۾ ان تي ٻه مضمون شايع ٿيا. اصل ٿالهي 30 انچ چورس آهي، جنهن جو ننڍو عڪس ايشيائڪ سوسائٽي آف بگال جي جرنل (جلد 39، پليٽ نمبر 2) ۾ شايع ٿيو. اهو ئي اصلي عڪس هت دوباره ڇاپيو ويو آهي.    (ڏسو عڪس نمبر 1)

* . پهريائين پروفيسر ڊائوسن (Dowson) ۽ سر بيلي (Sir E. C. Bailey) هن عبارت کي سنه 1870ع ۾ پڙهيو ۽ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجموڪيو. پروفيسر ڊائوسن جو ترجمو ۽ ڪتبي بابت تفصيل ”جرنل آف دي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي“ (جلد: 6. N. S.، سنه 1870ع، ص ص 497-502) ۾ شايع ٿيو ۽ سر بيلي جو ترجمو ”جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ (جلد: 39، سنه 1870ع، ص ص 65-70) ۾ ڇپيو. ان بعد ڊاڪٽر هارنلي (A. F. Rudolf Harnle) اهو ڪتبو پڙهيو، جو بمبئي مان شايع ٿيندڙ ”انڊين اينٽيڪئري“ (InDian Antiquary)، ماهه نومبر 1881ع، ص ص 324-331)، ۾ پروفيسر ڊائوسن ۽ سر بيلي جي پڙهڻين سميت شايع ٿيو، جنهن جو عڪس هت ڇاپيو وڃي ٿو (ڏسو عڪس 3). ڊاڪٽر هارنلي مهيني جو نالو ‘Daisika’ پڙهيو آهي جو صفدوني (Daision) (مئي - جون) سمجهڻ گهرجي. ڊاڪٽر هارنلي جي راءِ ۾، ڪتبي ۾ ڏنل مهيني جو نالو ’مغربي پالي محاوري‘ جي زير اثر، اصل مقدوني مهيني جي نالي مان بدليو آهي. بهاولپور گزيٽيئر ۾ هن ڪتبي کي ”بختي پالي جو ڪتبو“ تسليم ڪيو ويو اهي. (ڏسو بهالپور رياست جو گزيٽيئر، پنجاب جي رياستن جي گزيٽيئر سلسلي جو جلد 6، الف، لاهور، 1908ع، ص 384).

(1) . ٻڌ جي صورت واري سر.

* . تصديق لاءِ ڏسو، پشيل جو ”پراڪرت ٻولين جو تقابلي گرامر“، جرمن مان انگريزي ترجمو، دهلي، 1957ع، ص ص 706.

I agree with Senart that all the Prakrits go back to popular dialects as their source and their all essential elements originally developed from the living Speeches (p. 7). This Sanskrit was not the basis of the Prakrit (p. 4)`. The fact that all the new Indian languages do not go back to Sanskrit today needs no more proof (p. 6). [R. Pischel: Comparative Grammar of the Prakrit Languages: translated from German by Subhadra Jha, Motilal Banarasidass Publishers, Delhi 1957, pp, 6-7.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org