سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:11 

سنڌ جي عام مقبول داستانن ۽ مشهور قصن جو بنياد

سومرن جي دور جي سنڌي ماحول ۾ عام ڪچهرين ذريعي مقامي قصن، ڪهاڻين، عشقيه داستانن ۽ ڪن ٻين خاص واقعن جي پهت پچار شروع ٿي. سنڌ جي عام مقبول قصن ۽ داستانن جي عنوان تي غور ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان گهڻن جو بنيادي ٿڏو سومرن جي دور ۾ لڳو (2). انهن مان اوائلي داستان غالباً ”سسئي - پنهون“ جو آهي، جنهن جو بنياد سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ قافلن ذريعي واپار واري ماحول تي ٻڌل آهي. اهو واپار سنڌ ۽ عراق کي ڳنڍيندڙ انهيءَ شاهراه سان هلندو جو جيڪا عرب - اسلامي دور ۾ لس ٻيلي، ڪيچ مڪران، ڪرمان ۽ اَهواز کان ٿيندي عراق تائين پهچندي هئي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قصو عربن جيدور جي بالڪل آخر يا سومرن جي اوائلي دور جو آهي. ڀنڀور وٽان درياءَ پڻ انهيءَ آڳاٽي دور ۾ وهندو هو. هن قصي ۾، سنڌ ۾ بلوچن جي اچڻ جو اهم اهڃاڻ سمايل آهي؛ بلوچن جي سنڌ طرف اها ٻي هجرت هئي، جيڪا چوٿين/پنجين صدي هجري ۾ سومرن جي اوائلي دور ڌاري ٿي (1). ٻيو قصو ”سيف الملوڪ“ جو آهي، جنهن ۾ اروڙ وٽان درياء جي رخ بدلائڻ جو ذڪر آهي، جنهن سان اُڀرندي ناري جي قديم وهڪري جو تاريخي لاڳاپو آهي. سيف الملوڪ جو تلاءُ ۽ سيف الملوڪ جي وانءِ (کوهه)، ڪڍڻ (بدين تعلقو) کان چار پنج ڪوه اوڀر - ڏکڻ طرف، اُڀرندي ناري جي قديم وهڪري جي الهندي ڪناري لڳ موجود آهن. انهن نالن جو افساني جي انهيءَ پس منظر سان لاڳاپو آهي ته سيف الملوڪ تاجر جي ٻيڙن جو ساٿ انهيءَ هاڪڙي درياءَ سان لنگهيو ۽ مٿي اروڙ پهتو، جتي جي حاڪم سندس گهر واري بديع الجمال تي بدنظر ڪئي، جنهن تي هن حرفتي ڪاريگر لڳائي، راتو رات درياءَ جو رخ اروڙ وٽان ڦيري بکر طرف ڪري ڇڏيو (2). روهڙيءَ لڳ درياءَ جي ٻيٽ تي خواجه خضر واريءَ درگاه ۾ هڪ سر تي اڳ هڪ ڪتبو لڳل هو، جنهن مان گمان ٿي نڪتو ته اهو پنجين صدي هجري جو هو ۽ ان ۾ درياءَ جي رخ مٽائڻ ڏانهن اشارو هو (1). پنجين صدي هجريءَ جي اوائلي زمانو سومرن جي اُڀرندڙ طاقت جو زمانو آهي ۽ ان وقت ئي غالباً درياءَ پنهنجو مکيه وهڪرو اروڙ وٽان بدلايو ۽ ڦري روهڙيءَ وٽان وُڙهو. ٽيون قصو ”مورڙئي ۽ مانگر مڇ“ جو آهي، جنهن جو مرڪز ’سون مياڻي‘ ۽ ’ڪلاچي‘ (ڪراچي) وارو سامونڊي ڪنارو آهي، جيڪو سنڌ ۽ عراق واري شاهراهه تي واقع آهي. ان کان سواءِ سورهيه مورڙي جو تعلق ’دلوراءِ‘ جي درٻار سان ڄاڻايل آهي، جنهن جي حڪومت غالباً عربن جي زوال ۽ سومرن جي اوائلي دور واري عرصي ۾ هئي (2). چوٿون قصو ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جو آهي، جيڪو پڻ سومرن جي دور جو آهي (3). ڪئپٽن ولبر فورس جي بيان موجب، همير سومري 1020ع ڌاري ”جاسل“ نالي ڪنوار کنئي، جنهنڪري راءِ ڏياچ سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو هو (1). پنجون قصو ”مومل - راڻو“ آهي، جنهن ۾ سنئون سڌو همير سومري جو نالو آيل آهي (2). ڇهون قصو ”عمر - مارئي“ جو آهي، جنهن ۾ عمر سومري جو نالو پڌرو آهي (3). ستون قصو ”ليلان - چنيسر“ جو آهي، جيڪو پڻ سومرن جي دور جو آهي. ’چنيسر‘ نالو سومرن جي پُري پيڙهي مان پڌرو ٿيو، ۽وق جي ٻين راون ۽ حاڪمن پڻ انهي نالي کي اختيار ڪيو. چنيسر داسڙو هو ۽ هو ان دور ۾ هيٺ لار جي هڪ ڀاڱي جو راءِ هو (4). اٺون قصو ”سهڻي - ميهار“ جو آهي. سنڌ جي قديم روايت موجب، سهڻي ۽ ميهار جون قبرون شهدادپور ۾ ڦٽل درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آهن، جنهن کي ”لوهاڻو درياء“ يا ”سهڻيءَ جو ڍورو“ سڏجي ٿو. سنڌ جو اهو قصو به سومرن جي اوائلي دور جو يا اڃان به اڳ جو آهي (5).

سنڌ جا اهي مشهور قصا پوءِ سنڌ جي ادبي عمارت جا ٿنڀ ٿيا ۽ انهن ذريعي سنڌي ٻولي جي لغت، لطافت، فصاحت ۽ بلاغت ۾ وڏو اضافو ٿيو. انهن کان سواءِ ڪن ٻين مشهور ڪهاڻين ۽ داستانن جو بنياد پڻ مقامي روايتن مطابق عربن جي حڪومت جي آخر ۽ سومرن جي عروج جي ابتداء ۾ ثابت ٿئي ٿو. انهن مان هڪ قصو ”مل محمود ۽ مهر نگار“ جو آهي، جنهن جو تعلق ’شاه مڪائي‘ (عرف جيئي شاه) سان آهي، جيڪو پنجين يا ڇهين صدي هجري ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ وارد ٿيو (1). ٻيو ”ڏمڻ سوناري“ جو داستان آهي، جنهن کي غالباً سڀ کان اول سنڌ جي هنرمند قصه - خوانن ’ڳاهن‘ ذريعي ڳايو (2). روايت جي لحاظ سان ’ڏمڻ سوناري‘ واري ڳالهه جو تعلق پڻ ’دلوراءِ‘ جي درٻار سان آهي. خاص سومرن حاڪمن سان تعلق رکندڙ ”عمر ۽ گنگا“ جو قصو آهي، جنهن جو ذڪر ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف ڪيو آهي (3). ازانسواءِ ”خدا دوست ۽ محمود غزنوي“ جو قصو پڻ اڃا ن تائين سنڌ جي مقامي روايتن ۾ مشهور معروف آهي؛ تاريخي لحاظ سان اهو قصو پنجين صدي هجري جي شروع جو آهي، جڏهن سلطان محمود غزنوي سنڌ جي سرحدن ۾ قدم رکيو. اهو سومرن جو بلڪل اوائلي دو رهو. قصو پوءِ سومرن جي دور کان وٺي ڳائجڻ ۾ آيو (4).

غور طلب ڳالهه هيءُ آهي ته عربن جي دور جي پڇاڙي ۽ سومرن جي دور جي شروعات کان وٺي انهن قصن ۽ داستانن جا بنيادي ٿڌا لڳا ۽ سومرن واري دور ۾ اهي اُسريا ۽ زبان زد عام ٿيا. انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته سومرن واري دور ۾ سنڌي ٻولي ۾ بيان جي ادائگي واري صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي، جو اوائلي طور انهن قصن ۽ داستانن کي ويچاريو ۽ بيان ڪيو ويو، جو پوءِ اهي قصا زباني روايتن ذريعي مشهور ۽ محفوظ ٿي ويا.

سومرن جي دور جي جنگين بابت ڳاهون

سنڌجي موجوده عام مقبول روايتن ۾، سومرن جي دور جي ڪن مشهور لڙاين ۽ سومرن حاڪمن ۽ ڪن سمن سردارن جي سورهيائي بابت ڳايل داستانن ۾ ’ڳاهون‘ ۽ ’بيت ملن ٿا’، جن مان گهڻا تڻا جيتوڻيڪ پوئين دور جي قصي کڻندڙ منگتن، ڀانن، ڀٽن، چارڻن ۽ ٻين سگهڙن جا چيل ٿا ڀانئجن، پر ڪي ’ڳاهن وارا بيت‘ اهڙا آهن، جيڪي تاريخي اهڃاڻن توڙي ٻوليءَ جي قدامت جي لحاظ سان ڪافي آڳاٽا معلوم ٿين ٿا. گمان غالب آهي ته اهي سومرن جي دور جا چيل آهن ۽ مسلسل صدري روايتن ذريعي سيني به سيني اسان تائين پهتا آهن. اهڙيون ڳاهون ۽ اهڙا بيت خصوصاً سومرن جي دور جي ٽن مشهور معرڪن - يعني (الف) سومرن ۽ گُجرن جي لڙاين (ب) سومرن ۽ سلطان علاؤالدين جي لشڪر جي جنگين ۽ (ج) آخري سومري بادشاهه همير سان ڄام هالي ۽ سندس پٽن جي جنگ - سان تعلق رکن ٿا. هن دور جي عام صدري روايتن جي آڌار تي هيٺ انهن واعقن تي مختصر طور روشني وڌي وڃي ٿي.

(الف) سومرن ۽ گجرن جون جنگيون: اسان مٿي چئي آيا آهيون ته غالباً سومرن جي طاقت جي اوائلي دور ۾ سومرن جون ڪڇ ۽ گجرات واري سرحدن تي گجرن سان لڙايون ٿيون. گجرن جي اوائلي حڪومت جيڪا سنڌ جي ڏکڻ - اوڀر سرحد سان لاڳو هئي، تنهن جي گادي ’ڀِنمل‘ (ضلعو جسونت پور، رياست جوڌپور) يا بقول ڪَنيگهام ’ٻاهڙ مير‘ ۾ هئي. اها حڪومت 9- صدي عيسوي جي شروع تائين قائم رهي، مگر سنڌ طرفان عربن جي فتوحات ۽ هند طرفان ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ مالوا جي راجائن جي حملن سببان گجرن جي حڪومت انهيءَ خطي مان ختم ٿي ۽ سندن گادي وڃي قنوج ۾ ٿي. غالباً انهي ڪشمڪش ۾ ڪي گجر قبيلا ۽ سندن سردار ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف نڪري ويا ۽ اتي ڇانئجي ويا. انهيءَ ڪري اهو ديس جو اڳ ’سئو راشٽر‘ (سورٺ) جي نالي سان سڏبو هو، سو پنج سؤ ورهيه کن پوءِ ’گجرات‘ سڏجڻ لڳو. مورخ ’رشيدالدين‘ جي ’مجمل التواريخ‘ ۾، جيڪا هن سنه 1310ع ۾ لکي، پهريون ڀيرو ’گجرات‘ جو نالو ملي ٿو. انهيءَ وقت سنڌ ۾ سومرا حڪمران هئا، جن جون لڙايون غالباً سنڌ ۽ ڪڇ جي ڏاکڻين سرحدن تي ڪن گجر راون سان ٿيون.

اهي لڙايون اندازاً 1150-1250ع واري عرصي ۾ لڳيون، جن جا اهڃاڻ عام صدري روايتن مان ملن ٿا. هڪ روايت موجب ائين ٿو ڀانئجي ته ڪو وقت اهڙو آيو جو گجرن ۽ سومرن ۾ صلح ٿيو ۽ سومري حاڪم ڀونگر گجرن کي سڱ ڏيڻ ڪيو؛ پر سومرن جي غيرت اها ڳالهه گوارا نه ڪئي؛ پڻ ولي عهد شهزادي ”ڏونگر راءِ“ مخالفت ڪئي ۽ سڱ کان انڪار ڪيو، جنهن تي صلح ٽٽي پيو ۽ گجرن جو لشڪر سومرن تي ڪاهي آيو. ان وقت ’ڏونگر راءِ‘ جو وڏو ڀاءُ ’دودو (جنهن کي روايت ۾ ”نهري دودو“ يعني ’پهلوان دودو‘ سڏيو وڃي ٿو) ڪاوڙجي وڃي دلوراءِ جي درٻار ۾ رهيو هو. گجرن جي حملي وقت ڏانهنس مدد لاءِ ڪنهن داناء چارڻ هٿان پيغام موڪليو ويو. دودو پنهنجن کان نهايت رنج ٿي آيو هو، تنهنڪري چارڻ کي چيائين ته: جي هيڻا ٿيا آهن ته ڪنهن گولي ٻانهيءَ جو سڱ ڏيئي کڻي صلح ڪن. انهيءَ تي چارڻ جواب ۾ چيس ته:

جِزَ نه کَٽن ڪِنگرين، راوَ نه ڳنڍن ويڻَ
گولي ويئي گُجرين، توءِ چُندا دودوي ڀيڻ.‏

هن ڳاه جي ٻولي ان جي قدامت جي ساک ڀري ٿي. چارڻ دانائيءَ سان دودي کي چتايو ته: ڪا گولي ٻانهي موڪليائون ته ان جي وڃڻ سان حرمسراءَ ۾ ڪمي ڪانه ٿيندي؛ ڪنگرن جي ڀرجڻ سان جَرَ (اجهاڳ پاڻي وارا کوه) ڪين کٽندا، ۽ نڪي وري آڏو راوَ (گجر) پڻ سڱ وٺڻ جو ويڻ ڏيئي وڙ وڃائيندا. پر سوال ننگ ناموس ۽ عام شهرت جو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جا وات بند ڪين ٿيندا. هتان کڻي ڪا گولي ٻانهي گجرن ۾ پرڻجي وئي ته به ماڻهو ائين چوندا ته دودي جي ڀيڻ آهي.

اهو ٻڌي دودو سڀ رنج رُساما ڇڏي چڙهيو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏونگر راءِ سان اچي ٻانهن ٻيلي ٿيو. ڏونگر راءِ اڳتي سڱ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري جنگ لاءِ تيار ٿيو ويٺو هو ۽ هاڻي هنن ٻنهي ڀائرن گڏجي بهادري سان گُجرن جو مقابلو ڪري ميدان ملهايو. شاهه جي رسالي ۾ ڏنل هيٺيون بيت انهيءَ جنگ جا اهڃاڻ ڏئي ٿو:

ٻين سڀني ڏنيون، ڏني نه ڏونگر راءِ

اڻ ڏٺين آڏو ٿئي، ڏٺيون ڏئي ڪياءِ! (1)

گجرن ۽ سومرن جي ڪشمڪش غالباً گهڻي وقت تائين هلي. سما ان وقت سومرن جي ساڄي ٻانهن هئا ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تان سمن پڻ گجرن سان مقابلا پئي ڪيا. اهڙو هڪ آڳاٽو مقابلو، ڪڇ جي سمي ’ڄام پُونۡئري‘ ۽ گجرن جي سردار ’وير گُجر‘ جي وچ ۾ همير سومري جي ڏينهن ۾ ٿيو. پهريائين گجرن حملو ڪيو ۽ هن طرف جو مال هڻي ويا. ۽ پوءِ چام پونئري گجرن جي ملڪ تي جوابي حملو ڪري وڃي مال ورايو:

پُونُئري ڪيا پَرياڻَ ’ٻَرڙي‘ تي ٻَرَ ٻِيا

تِني وڇي واريون، لوڙيُون لڪَ مٿا.

[ڄام پونئري ٻول ٻڌا ۽ چڙهائي ڪري (وير گجر جي ملڪ ۾] ’ٻَرڙي‘ پهاڙ جي لڪ تان وڃي هنيل مال ورايو.]

چاوَت ڪري چڙهيو، گُجَرُ گهومِلِئا

پَواڙا پونُئَري ٻيليين، گهڻا وچِ ڪِئا.

[(وير گجر سندس گادي) ’گهوملي‘ مان ڪست منجهان ڪاهه ڪئي، پر ڄام پونئري جي ساٿين وچ تي وڏا مقابلا ڪيا!]

انهيءَ مقابلي ۾ گجرن سرسي ڪئي، جنهن تي ڄام پونئري وڃي همير سومري بادساهه کان مدد گهري. پوءِ همير هتان جنگ لاءِ چڙهيو:

جِين ڏونگر تين هاٿيا، جين کيريون تين ڇَٽَ
هَمِيراڻي فوجَ، ڪَر اُڳا اُڀ نَکَٽَ.
 

[فوج جا هاٿي جهڙا ڄڻ جبل، ۽ مٿان وڏا ڇٽ جهڙا کيرين جا وڻ؛ همير جي فوج (نيزن، ترارين ۽ زرهين سان تجلا ڪندي) ائين چڙهي جو ڄڻ آسمان ۾ نکٽ اُڀريا.]

(ب) سومرن جي علاؤالدين جي لشڪر سان جنگ: دودي چنيسر ۽ علاؤالدين جو قصو سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان مشهور آهي، جنهن جو ذڪر (البت هڪ ضعيف روايت سان) ”تاريخ طاهري“ جي مصنف ساڍا ٽي سؤ ورهيه اڳ، سنه 1021-1030 هه ڌاري پڻ ڪيو آهي (1). سنڌ ۾ هن قصي جي مسلسل ۽ عام طور تسليم ٿيل روايتن مان گمان نڪري ٿو ته هن قصي جي پويان سومرن جي دور وارو تاريخي پس منظر موجود آهي. تاريخي لحاظ سان سلطان علاؤالدين (1296-1316ع) جي سپہ سالار ظفر خان جو سنه 697هه (1297-1298ع) ڌاري سنڌ تي چڙهي اچڻ ثابت ٿئي ٿو (2). سنڌ جي هڪ مقامي روايت موجب ان وقت ”اَسَدُ المِلَّة“ دودو سومرو حڪمران هو، جنهن هڪ بيان موجب سنه 700هه (1300/1301هه) ۾ وفات ڪئي (3). جيڪڏهن 697-700 هه واري عرصي ۾ سلطان علاؤالدين جي سپہ سالار ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگيون فرض ڪجن، ته پوءِ اهي مقابلا سومرن جي دور جي خاتمي کان اٽڪل پنجاهه سٺ سال کن اڳ ٿيا. انهيءَ لحاظ سان چئبو ته ’دودي - چنيسر ۽ علاؤالدين‘ جو جنگي داستان سنه 700 هه بعد، يعني اٺين صدي جي شروعات کان وٺي بيان ٿيڻ لڳو ۽ اڄ ڏينهن تائين پيو بيان ٿئي ۽ ڳائجي.

هيءُ قصو سنڌ جو هڪ ڪهنو جنگي داستان (Epic) آهي، جنهن جو بنياد يقيني طور سنڌ جي سومرن ۽ دهليءَ جي سلطانن جي وچ ۾ ڪا خونخوار لڙائي آهي؛ البت انهيءَ داستان جي ساخت ۽ سٽاء ۾ سنڌ جي پيشه ور قصه خوانن، خصوصاً ڀانن ۽ ڀٽن، چارڻن ۽ سگهڙن جو وڏو هٿ آهي. هن جنگي داستان جي روايتن ۾ ڪدئي ڳاهون ۽ بيت شامل آهن، جن مان گهڻا پوئين ويجهي دور جا ٿا معلوم ٿين؛ مگر ڪن روايتن ۾ آيل ڪي ڳاهون آڳاٽيون آهن، ۽ غالباً اهي سومرن جي پوئين دور جون هجن. مثلاً

ڀونگر راو چيو:

پيڙهي ڏيان پٽ کي، ڀونگر چيو ڀو!
ان در مٿي اُو سونهي ٻڌو لِوالو.
علاؤالدين کي چنيسر چيو:

سِهر سنڀايم سومرِي، ڀونگر - ڌي ڪيڻاء
پوني - چنڊ پٽاندري جيڪر تو جڳاء.
(1)
 

چيائون ته سامون ابڙي وٽ وينديون ته سُک ماڻينديون:

دَٻُوچاڻا سونَ جا، هُونِ آڏاڻا ارٽ
آڳہ ماڻينديون ابڙي، وڏي ڪنہ ورٽ.
ابڙي چيو:

سِرسين آهينم سومريون، جتي سَرڻيون ڏيان سي
سروج سَئون نه اڀري، ڌرتي ڌاڃ نه ڏي.
 

ابڙو سامن خاطر وڏي بهادري سان وڙهيو:

اَڙ آڏي هئي ابڙي، نَوَ ڇليون ڏهه لک
گهوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماري او خلق.
ابڙو مئو ۽ سندس سر نيزي تي چاڙهيائون:

اڀ سڀڪهين اُچو، اڀ نه اُچو ڪوء
مئي به مٿي ٿئو، سورهه سِرُ سندوء.
 

مٿين ڳاهن ۾ ڪي آڳاٽا ۽ انوکا الفاظ آهن، جيئن ته: ڀو= واه واه!؛ لِوالو = جهند؛ سيهر = ڪنوار؛ ڪيڻاءِ = تو لاءِ؛ دٻوچاڻا = چرخا؛ آڏاڻيا = تيار (ڪتڻ لاءِ)؛ ورٽ = سٽاء. ’ڀونگر - ڌي، واري اضافي ترڪيب (حرف اضافت بنا) ساڳي اِها آهي جيڪا عرب -- اسلامي دور کان اڳ توڙي پوءِ هلندي آئي، جيئنبشر ۽ بيروني جي بيان ڪيل پسارڪي وکر جي نالن مان ظاهر آهي (1). آخري ڳاه جي ترڪيبن ۾ حرف جر ’کان‘ يا ’کان پوءِ‘ آندل ناهي: ’اڀ نه اچو‘ يعني ’اڀ کان نه اُچو‘، ’مئي‘ يعني ’مئي کان پوءِ‘.

(ج) ڪڇ ۾ مهڙ ۽ مناهين جي واگهم چاوڙي سان جنگ. سنڌ توڙي ڪڇ جي عام روايت موجب، سنڌ جي سمن مان لاکي جي ٻن پٽن مهڙ ۽ مناهين ڪڇ ۾ واگهم چاوڙي کي ماري سندس ملڪ تي قبضو ڪيو. ڪڇ جي بيانن موجب اهو واقعو سنبت 900 ۾ ٿيو، پر روايتي اهڃاڻن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو واقعو پوءِ سومرن جي دور ۾ ٿيو. ان وقت واگهم چاوڙو ڪوٽيسر ۽ ڪَنڊ واري علائقي جو سردار هو جنهن وٽ مهڙ ۽ مناهين وڃي رهيا، ۽ کيس ڪالڪا ماتا جو سُنہ ڏنائون ۽ چيائون ته: اسين تنهنجا خير خواه ٿي رهنداسون. ڪن روايتن موجب واگهم چاوڙو سندن مامو هو:

جو تو اسين پَتروُن ته ماتا پاڻا وچ
ماتا سَمريون من ۾، اسين سما ڪڇون سج.
 

ان کان پوءِ جڏهن مهڙ ۽ مناهين پنهنجو اثر رسوخ وڌايو ته واگهم چاوڙي کي ماريائون ۽ سندس شهر پاٺ ڳڙهه تي قبضو ڪيائون؛ نه فقط ايترو پر اهو به ڄاڻايائون ته ستن ٻين سردارن کي به ماريندا:

ماريو واگهم چاوڙو، اسين اسان جي هٿ
جيڙو چاڙيو هيڪڙو تيڙا چاڙينداسين ست.
 

جڏهن ڪَنٺي ۽ ڪَنڊ تي مهڙ ۽ مناهين جو قبضو ٿيو ته هنن ’ڪنٺ ڪوٽ‘ ٻڌايو. ان وقت ست چاوڙا سردار وڏي طاقت وارا هئا، جن جي گاديءَ جو شهر گڻتري هو جنهن کي چوڌاري ڪوٽ هو. ٻيا سڀ سردار هنن کي ڏن ڏيندا هئا ۽ مند سارو هر جنس جو حصو پهچائيندا هئا. واگهم چاوڙو ست گاڏيون گاهه جون ڏيندو هو، پر مهڙ ۽ مناهين چوڏهن گاڏيون ڏيڻيون ڪيون ۽ پاڻ موکيائون ۽ مٿن اعتبار ٿيو. پوءِ رٿ ڪري، گاڏين ۾ گاهه هيٺان پنهنجا هٿياربند ماڻهو وهاريائون جن ۾ گهنگهر نالي جت وڏو پهلوان هو. گاڏيون جڏهن گڻتري جي ڪوٽ جي دروازي مان داخل ٿيون ته هڪ پوڙهي پهريدار کي شڪ پيو پر ٻين سندس ڳالهه ڪانه ٻڌي. هن چيو ته:

چئي چاڙِ درواڻ: اڄ نه گڏين گاهه
ڪان تان مُونگ سُڦَريَل، ڪان تان آلو ماه
 

(چاڙ - درواڻ = چاوڙن جو دربان. گڏو جمع گڏا = وڏي ڏاند گاڏي. ڪان  تان = يا تان، جان تان. مونگ = مڱ. سڦريل = ساوا ڦرين سوڌا. آلو ماه = رت وارو گوشت، تازو ماس)

اهڙيءَ طرح گڻتري جي ڪوٽ تي مهڙ ۽ مناهين جو قبضو ٿيو، ۽ ڪڇ گهڻي ڀاڱي تائين سندن حڪومت هيٺ اچي وئي. سندن گادي ڪنٺ ڪوٽ ۾ رهي، جتي پوءِ سندن اولاد حڪمران ٿيو. ڄام مهڙ جو قبو اڃا تائين اتي موجود آهي.

(د) ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ: هيءَ جنگ سومرن جي حڪومت جي زوال ۽ سمن جي اُڀرندڙ طاقت واري طور ۾ لڳي. سومرن جي آخري حاڪم دودي جو پٽ همير هو، جو غالباً ٺٽي طرف سمن جي وڌندڙ طاقت سببان عمرڪوٽ ڏانهن مڇين جي شڪار تي ويل هو. جنهن تي ان ڏي نياپو ويو ته:

آ هڱوريل پُوڇڙيارا، اڄ گهرجين هت
سومرن ماري سما، ڪُنرن ڀريا رت.
 

جڏهن جنگ لڳي ته فتح ڄام هالي جي طرف جي ٿي ۽ همير مارجي ويو ۽ سومرن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. ڄام هالي جو پٽ هوٿي پڻ هن جنگ ۾ مارجي ويو، جنهن تي ٻاگهيءَ پار ڪڍيو ته:

هوٿي جي ڦڻي هو گيورَ گيورَ گل
سڀ مرن سومرا، توءِ ڪونهي ڦڻي تل
 

سومرن جي دور جي انهن جنگين جي بيانن ۾ ڪيئي ’ڳاهون‘ شامل آهن، جيڪي ويندي هن وقت تائين سڄاڻ سگهڙن کي ياد آهن ۽ صدين دوران صدري روايتن ذريعي اسان تائين پهتيون آهن. مٿين ڳاهن جي سٽاءَ توڙي ٻولي آڳاٽي آهي ۽ انهن جو مضمون پڻ انهن اڳوڻن واقعن موافق آهي، جنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ قسم جون ’ڳاهون‘ غالباً سومرن جي دور جون آهن.

سومرن جي سخا بابت ڀٽن ۽ چارڻن جون شڪايتون *

سومرن کان اڳ عرب حڪمران هئا، ۽ سخاوت عربن جي اجتماعي زندگيءَ جو اهم جُز هئي. سانجهيءَ ٽاڻي قافلن جي جهوڪ وقت باهين جا مچ ڪري ڇڏيندا هئا ته ڀل مسافر لڙي اچن. سنڌ ۾ سمن قبيلن آڳاٽو اسلام قبول ڪيو هو ۽ عربن سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آيا، جنهنڪري سخاوت سندن زندگيءَ جو شُعار بڻي. عرب - اسلامي دور ۾ سومرا غالباً سنڌ جي ڏکڻ - اوڀر واري اراضي ۾ ڪڇ - سنڌ جي سرحد تي رهندڙ هئا ۽ هو عربن جي حڪومت جي آخري دور ۾ عربن سان گڏيا ۽ ويجها ٿيا. ٻيو ته سومرن جون اصلي بستيون سنڌ جي ڏکڻ - اڀرندين اراضي ۾ هيون، جيڪا ايترو آباد ڪانه هئي. انهيءَ ڪري سومرن وٽ سخا لاءِ ايترو نقدي سرمايو ڪونه هو. بهرحال، جڏهن سومرا حڪمران ٿيا ته عربن واري سخاوت سومرن وٽ ڪانه رهي. اهي باهين جا مچ، جيڪي ان دور ۾ عربن ۽ ٻين پاڙيسرين بستين مان جهوڪ ويلي لاٽون ڪري ٻرندا هئا، سي سومرن جي آبادين ۽ بستين جون باهيون ۽ دونهيون سانجهيءَ ٽاڻي، جهوڪ ويلي البت جهڪيون ۽ جهيڻيون ٻرڻ لڳيون. انهيءَ ڪري ان دور جي ڪنهن ڀٽ يا چارڻ، سومرن جي نِدا ڪئي ته:

سَڄو ڦَسي سومرا، اَڌ ڦُسي ٻيو لوڪ
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽون ڪري.

يعني ته جيڪڏهن اڌ ڦِٺ پئي ساري جهان تي، ته سڄي ڦِٺ سومرن تي، ڇو ته (باوجود انهيءَ جي جو هو سربراهه ۽ سردار آهن، ته به) سندن بستين جي باهه سانجهيءَ ٽاڻي جهوڪ ويلي جهَڪِي ۽ جهِيڻي ٿي وڃي ٿي، باقي ٻين وقتن تي لاٽون ڪريو پئي ٻري. هن بيت ۾ سانجهي ٽاڻي دونهان دکائڻ ۽ مَچ ڪرڻ جي آڳاٽي رسم ڏانهن اشارو آهي، جنهنڪري اهو بيت سومرن جي دور جو ئي ٿي سگهي ٿو.

سنڌ جي اترئين ڀاڱي يعني بهاولپور واري اراضي جي هڪ آڳاٽي روايت (1) ذريعي سومرن جي آخري دور جو هڪ بيت مليو آهي، جو اڃان تائين انهيءَ اراضي جي وڏڙن وٽ مشهور معروف آهي. هن روايت موجب سومرن جي آخري حڪمران همير سومري جي ڏينهن ۾ ’ڦل وڏا‘ (موجوده رحيم يار خان) جي حاڪم ڄام لاکي پٽ ڦل، هڪ چارڻ کي ڪي ڀلا گهوڙا انعام ڏنا، جيڪو ’ڍوري راءِ‘ سومري جي سازش سان چورائجي ويا؛ انهيءَ تي ان چارڻ پاراتي طور هي بيت چيو:

ڍَري ڍورِي راءُ، جَنُهِينۡن چارڻ سان کاهُه

پَتڻ پُٽي جو ٿيو، سيج وَتايو ساهُه

هميرا پُوراهه، راڄ نه ڪندا سومرا.

(’هميرا پوراهه‘ يعني همير جي پوري ٿيڻ تي، يا ’همير کان پوءِ؛ هن ترڪيب ۾ پڻ ’اضافت‘ يا ’جر‘ جا حرف آيل ناهن. هي ٽن سٽن واري سٽاءَ پڻ سومرن جي آخري دور جي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ’ڳاهه’ بدران ’بيت‘ جو استعمال وڌيو.) يعني ته: ڍوري راءِ سومرو جنهن جي چارڻ سان دشمني آهي. سو ڍُرڪي ضعيف ٿي پورو ٿئي؛ سندس شهر پتڻ ڦٽي پوٺو (پٽي) ٿيو ۽ هاڪڙي (سيج) درياءَ سُڪي ساهه ڇڏيو؛ همير سومري پڄاڻا (سندن حڪومت جو خاتمو ٿي ويندو ۽) سومرا راڄ ئي نه ڪندا. ’پتڻ مناري‘ شهر جا کنڊر رحيم يار خان کان پنج ميل اوڀر طرف هاڪري دراءَ جي ڦٽل پيٽ جي اُڀرندي ڪناري تي واقع آهن. ڪرنل منچن جيڪو 1872-1875ع ۾ بهالپور رياست جو پوليٽيڪل ايجنٽ هو، تنهن کنڊرات ۾ بيٺل بُرج لڳ هيٺ تهه - خانن جي کوٽائي ڪرائي هئي. هو لکي ٿو ته: ڀت جي پلستر لاهڻ بعد ”سنڌي صورتخطي“ ۾ هڪ عبارت نظر آئي، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سنبت سال 1559 يا 1569 ۾ هتي جي مندر لاءِ ڪي شيون ڀيٽا طور آنديون ويون هيون (1). بهرحال مٿين مقامي روايت مان ظاهر آهي ته ’پتڻ مناري‘ وارو علائقو سومرن جي حڪمراني هيٺ هو ۽ ”پترڻ منارو شهر سومرن جي حڪومت جو مرڪزي شهر هو“. ”بهالپور رياست جي گزيٽيئر“ ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته ڏهين صدي عيسوي ۾ سومرن حاڪمن پتڻ مناري کي نئين سر تعمير ڪيو. سومرن جو آخري حاڪم همير هو جنهن کي سمن معزول ڪيو (2).

’تحفة الڪرام‘ مطابق پڻ سومرن جو آخري حاڪم همير هو، جنهن کان سمن حڪومت کسي. انهيءَ جي تصديق سلطان فيروز شاهه طرفان ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهرو جي خطن مان ٿئي ٿي، جيڪي هن  1352-1365ع واري عرصي ۾ لکيا. هو لکي ٿو ته: ”هن وقت سومري حاڪم هيمر پٽ دودي جي حڪومت جو سَلو سُڪي رهيو آهي، ۽ محض سلطان جي مدد سان ئي ذرا سائو ٿيو بيٺو آهي. ٻئي طرف، سمو ڄام ٻانڀڻيو پٽ اُنڙ جو پنهنجي سرڪشيءَ ۽ طاقت سان اُڀري رهيو آهي.“ (1) چئي نٿو سگهجي ته همير سومري کان ڪهڙي سال ۽ مهيني ۾ حڪومت کسي ويئي، يا ڪڏهن وفات ڪيائين؛ پر جيئن ته سلطان فيروز شاهه 66-1365ع ڌاري ٺٽي تي حملو ڪيو، انهيءَ مان گمان نڪري ٿو ته لڳ ڀڳ 1352 کان 1365ع وارو عرصو قرار ڏيئي سگهجي ٿو. ’تاريخ طاهري‘ جي روايت مطابق پڻ سومرن جو خاتمو سمن زميندارن جي وڌندڙ طاقت سببان ٿيو. مٿين روايت مان ظاهر آهي ته سمن ڄامن، پنهنجي خوشحاليءَ سببان سخاوت ڪري پئي چارڻن کي نوازيو، جن سڄي ملڪ ۾ وڃي ٿي سندن ڳُڻ ڳايا. چارڻن جون اهي خوشامد واريون ڪِيرتُون پڻ سمن واسطي هڪ قسم جي پروپئگنڊا هيون، ۽ انهيءَ ڪري سومرن کي ڏکيون ٿي لڳيون. انهيءَ ڪري ئي غالباً ڪن سومرن حاڪمن چارڻن کي هيسڻ ٿي چاهيو. انهيءَ لحاظ سان ڍوري راءِ سومري جي اشاري تي چارڻ جا گهوڙا چورائجڻ جي واقعي کي وسهي سگهجي ٿو.

سيد بدرالدين رضوي جو پڙهيل بيت

سيد بدرالدين سومرن جي دور ۾ 7- صدي هجري ۾ ٿي گذريو. هو سيد محمد مڪي (وفات 644هه) جو وڏو پٽ، ۽ سيد صدرالدين (600-669هه) جو وڏو ڀاءُ هو. سيد قمبر علي شاهه رضوي سنه 1261 هه/1845ع ۾ رضوي ساداتن جو شجرو ”شجره سادات“ جي عنوان سان لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته ڪنهن موقعي تي سيد بدرالدين هيٺيون بيت پڙهيو:

کَٽين يا هارائين، مرين ته وڃي وا

ٻنهي مَنۡجهُون هڪڙي چڱي نه ٿئي ڪا (1).

نتيجا

سومرن جو دور سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌي ٻولي ۽ ان جي صدري (زباني) ادبي روايت وارو داستاني دور هو. هن دور ۾ ئي سنڌ جي اڪثر عشقيہ داستانن، جنگنامن ۽ سنڌ جي سورهيه سردارن جي ڪارنامن کي بيان ڪرڻ جو بنياد پيو، جن جي تاڃي پيٽي ۽ پوءِ سنڌي شاعري کي اڻيو ويو. سومرن جي دور ۾ انهن داستانن، قصن ۽ ڪهاڻين جو اسرڻ ثابت ڪري ٿو ته ان وقت سنڌي ٻولي ۾ بيان جي صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي.

سومرن جو دور ’عام فهم سنڌي ٻولي‘ جي تعيمر ۽ توسيع وارو دور هو، جنهن ۾ سنڌي، سنڌ جي ڏکڻ - اڀرندين ڀاڱي کان اڳتي ڪڇ ۾ عام رائج ٿي. زباني روايتن ذريعي ڪن مقامي واقعن ۽ يادگيرين تي ٻڌل فضا ۽ ڪهاڻيون ملڪ ۾ رائج ٿيا. عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ۽ افسانا ۽ سنڌ جي سورهيه سردارن ۽ سپہ سالارن جا جنگي ڪارناما ڳائجڻ لڳا، جنهنڪري نه صرف سنڌي ۾ نثري داستانن جو بنياد پيو، پر سنڌي شعر پڻ علمي سطح تي بيتن ۽ ڪافين جي صورت ۾ سماع جو جز بنيو، ۽ عوامي سطح تي اهو ڳاهن جي صورت ۾ ڳالهين ڳائڻ لاءِ استعمال ٿيو. هن دور جي پوئين اڌ ۾ سمن سربراهن جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان ’سنڌ جي سمن قبيلن‘ جي زبان کي اهيمت حاصل ٿي، جنهن ڪري ’معياري سنڌي ٻولي‘ جي اُسرڻ لاءِ ميدان هموار ٿيو.

باب پنجون

معياري سنڌي ٻولي جي توسيع ۽ ان ۾ اعليٰ معياري شاعري جي ابتدا وارو دور

(سمن جي حڪومت وارو دور 1350-1520ع)

’سومرن جو دور‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت، قصن ڪهاڻين جي اوسر، ۽ ادبي صلاحيت جي نشونما وارو ’تعيمري دور‘ هو، جنهن ۾ جنگين ۽ واقعن جا بيت ۽ عشقيہ داستان مشهور ٿيا، ۽ سنڌي شعر ڳاهن ۽ بيتن جي صورت ۾ چمڪيو. سمن جي دور ۾ انهيءَ ’تعميري دور‘ جي وڌيڪ تڪميل ٿي. ’سمن جي دور‘ جي شروعات ۾ سنڌي ٻولي جون لساني خصوصيتون خواه ادبي روايتون، ساڳيون سومرن جي دور وارريون رهيون؛ البت قوت بيان ۾ وڏو اضافو ٿيو ۽ لغت جي سرمايي ۾ وسعت پيدا ٿي. ڳالهين ۽ داستانن بيان ڪرڻ کي هڪ ’ادبي فن‘ جي درجي تي پهچايو ويو ۽ ڳاهن سان ڳالهيون ڳائجڻ لڳيون. ڳالهين ڳائڻ کان الڳ، سماع جي محفلن ذريعي سنڌي بيت عام مقبول ٿيو، ۽ اهو هيئت جي لحاظ سان تڪميلي صورت کي پهتو. سمن جي دور سان اعليٰ معياري شاعري جي شروعات ٿي.

معياري سنڌي ٻولي جي ترقي جا اسباب

سمن جي طاقت جو عروج ڄام انڙ جي سردارن سان شروع ٿيو، جنهن سنه 34-733هه ڌاري بغاوت ڪري دهلي طرفان مقرر ٿيل سيوهڻ جي گورنر ’ملڪ رَتن‘ کي ماريو ۽ بالاخر سنه 81-750 هه(1350ع) ڌاري ٺٽي جي ڄام جي حيثيت ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي (1). سنه 926 هه (جنوري 1520ع) ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽو فتح ڪيو ۽ سمن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. سمن جي دور جا پوڻا ٻه سؤ سال، سنڌ جي اندروني ڀاڱن ۾ ’معياري سنڌي‘ جي ارتقاء لاءِ سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر عام سنڌي ٻولي جي پکڙڻ لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿيا. سمن جي دور جا هيٺيان سياسي ۽ سماجي پهلو ان دور ۾ سنڌي ٻولي جي تاريخي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ خاص اهميت رکن ٿا.

سمن جا مکيه قبيلا آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي وچولي اراضي ۾ رهندڙ هئا. اٺين صدي عيسوي جي شروعات ۾ محمد بن قاسم جي فتح وقت ”ساوندي - سمہ“ يعني ”سمن جي ساوڙي“ (موجوده ’سَن ساوَڙي‘ واري اراضي، جيڪا هن وقت نواب شاهه ضلعي جي نواب شاهه تعلقي ۾ آهي) سمن جو مکيه مرڪز هئي. ڇهه سؤ ورهيه کن پوءِ چوڏهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري، سمن جي طاقت جو عروج ڄام انڙ سان ٿيو، جنهن اول سيوهڻ تي قبضو ڪيو. ان مان ظاهر آهي ته ان وقت پڻ سمن جي طاقتجو مرڪز اهوئي وچولي وارو خطو رهيو. ڄام انڙ يقيين طور سمن جي ’انڙ برادري‘ جو سردار هو ۽ سمن جي نسبنامي توڙي تاريخي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ برادري ۾ ڪم از ڪم پنج مکيه قبيلا - انڙ، ڏاهري، ساند، ساريا ۽ ڪيريا - شامل هئا. سمن جي حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد پڻ اهي قبيلا ڪافي طاقتور رهيا، ۽ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي علاقائي گورنرن، سپہ سالارن ۽ فوجن سان سندن مقابلا ۽ معاهدا ٿيا (1). انهيءَ دور جي مکيه تاريخي ماخذن، خصوصاً ’بيگلار نامي‘ ۽ ’تاريخ مظهر شاه جهاني‘ جي مطالعي مان انهن قبيلن جي مکيه بستين ۽ طاقت جي مرڪزن جو پتو لڳي ٿو. ان وقت سيوهڻ، ’خطو‘ ۽ نصرپور علائقا (’سرڪارون‘) - يعني ته موجوده تعلقا ڪوٽڙي (اتريون حصو)، سيوهڻ (ڏکڻ ۽ اولهه)، مورو (ڏکڻ)، سڪرنڊ، نواب شاه، شهدادپور ۽ ٽنڊو الهيار (اتر) ويندي ميرپورخاص تعلقي جي حدن تائين - انڙ قبيلن - جي ڳوٺن، آبادين ۽ قبائلي جمعيت واري اراضي هئي. انهيءَ اراضي ۾ موجوده سڪرندڙ تعلقي ۾ (جتي اڃان تائين انڙن جو سردار گهر آباد آهي) ’لاکاٽ‘ وارو ڀاڱو سندن طاقت جو مرڪز هو. بهرحال، اٺين صدي کان وٺي سورهين صدي تائين اها وچولي واري اراضي سمن جو مکيه مرڪز هئي. سمن جي دور ۾ انهن سمن قبيلن جي مادري ٻولي - بعني ته وچولي واري سنڌي ٻولي - ڄڻ ’سرڪاري ٻولي‘ جي حيثيت اختيار ڪئي ۽ اها ملڪ جي ’معياري  ٻولي‘ بني. جڏهن سنڌ جو اتريون ڀاڱو پڻ سمن جي حڪومت ۾ داخل ٿي ويو ته اترئين وچولي واري ٻولي، جيڪا سمن جي اراضي کي وڌيڪ ويجهي هئي، تنهن تي پڻ معياري ٻولي جو رنگ چڙهڻ لڳو ۽ ’وچولي واري معياري ٻولي‘ جو دائرو وسيع ٿيو. ٻئي طرف سمن حاڪمن ٺٽي کي پنهنجي گادي بنايو، جنهنڪري لاڙ جي قديم قبيلن ۽ قومن جي ٻولين تي هن ’معياري ٻولي‘ جو اثر پڻ لڳو.

سنڌي ٻولي جي سرحدن جو وسيع ٿيڻ

سمن جي دور ۾، سنڌي ٻولي جون سرحدون ڏکڻ ڏانهن ڪڇ ۽ گجرات طرف، اولهه ۽ اتر اولهه ڏانهن بلوچستان طرف ۽ اتر ڏانهن بهالپور ۽ ملتان طرف وڌيون، ۽ انهن سرحدن طرف سنڌي ٻولي جي ٻين پاڙيسري ٻولين - خصوصاً گجراتي، بلوچي ۽ سرائڪي - سان عمل ۽ رد عمل شروع ٿيو.

ڪڇ ۾ سنڌي جي ڪڇي محاوري جي تشڪيل: ڪڇ ۾ سنڌي نسل جا قبيلا جا قبيلا ڪڏهن کان آباد ٿيا، سو چئي نٿو سگهجي. پر ڪڇ ملڪ عرب - اسلامي دور ۾ سنڌ جي صوبي سان شامل ٿيو، ۽ ان دور کان وٺي سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ گهاٽا سياسي ۽ سماجي رشتا پيدا ٿيا. سومرن جي دور ۾ اهي ناتا وڌيڪ پختا ٿيا ۽ ان دور ۾ سنڌي قبيلن، خاص طرح سمن قبيلن ڪڇ جي وڏي ڀاڱي کي وسايو. انهيءَ دور کان وٺي سما ڪڇ ۾ وڌيا ويجهيا، ۽ سندن آبادي ٻن مکيه قبائلي گروهن، يعني ’سنڌ سمن‘ ۽ ’جاڙيجن سمن‘ ذريعي سڄي ڪڇ تي ڇانئجي وئي. ان سان گڏ سنڌي ٻولي جو اتي جي مقامي ٻولين تي اثر پيو، جيڪو پوءِ سمن جي دور ۾ وڌيو، ۽ ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي جي مقامي ’ڪڇي محاوري‘ جي تشڪيل ٿي.

سمن جي حڪومت ۾ ڪڇ ۾ جڏهن سمن قبيلن جي آبادي وڌي ته اهي قبيلا ڪاٺياواڙ ۽ گجرات وارين سرحدن تائين پکڙي ويا. سومرن جي طاقت جي زوال ۽ سمن جي عروج سببان سومرن جي ڪافي آبادي پڻ سنڌ جي سرحد ۽ ڪڇ واري اراضي مان ڏکڻ طرف ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ڏانهن لڏي وئي. جنهن ڪري ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ پڻ سنڌي قبيلن سان گڏ سنڌي ٻولي دخل ٿي، ان کانسواءِ سمن جي دور ۾، سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ خاص سياسي تعلق قائم ٿيو، جيڪو ويندي سمن جي دور جي آخر تائين قائم رهيو. سنڌ جي حاڪمن توڙي گجرات جي سلطانن، دهليءَ جي بادشاهن کان بي نياز ٿي، پنهنجين آزاد حڪومتن قائم ڪرن جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري پاڻ ۾ دوستي جا ناتا ڳنڍيائون. سمي ڄام تغلق (831-857 هه) جي حڪمرانيءَ ۾ اهي دوستانا ۽ سياسي لاڳاپا وڌيڪ پختا ٿيا، ۽ سنڌ جي حڪمران خاندان ۽ گجرات جي سلطانن ۾ سڱابنديءَ جو سلسلو شروع ٿو.پنهنجي آزادي کي برقرار رکڻ لاءِ، سنڌ جي سمن حاڪمن کي خاص طرح گجرات جي سلطاني توڙي اتي جي عوام جي مدد ۽ همدردي جي ضرورت هئي، ۽ انهي“ ڪري ڄام تغلق پنهنجون ٻه نياڻيون گجرات جي ٻن با اثر خاندانن  ۾ پرڻايون: هڪ نياڻي ’بيبي مغلي ‘ گجرات جي سلطان محمد اول (845-855 هه) کي ڏنائين، جنهن مان گجرات جو  مشهور بادشاهه محمود بيگڙو 20- رمضان 849 هه تي ڄائو. ٻي نياڻي ’بيبي مُرکي‘ گجرات جي مشهور ولي حضرت عالم کي ڏنائين، جيڪو سمن حاڪمن جي روحاني پيشوا حضرت بهاءُالدين زڪريا ملتاني جي مريد ۽ اُچ شهر جي بزرگ سيد جلال الدين بخاري جي اولاد مان هو. هن بزرگ سان سمن جي رشتي سبب گجرات جي عوام ۾ پڻ سنڌ جي حڪرانن لاءِ عزت ۽ محبت جي جذبي جو بنياد پيو. سنڌ جي سمن حاڪمن ۽ گجرات جي سلطانن جي وچ ۾ سياسي ۽ سماجي لاڳاپن ۽ سمن حاڪمن جي گجرات جي بااثر صوفي بزرگن سان رشته داري سببان، سنڌ ۽ گجرات جي باشندن جي وچ ۾ پاڙيسري ناتا وڌيڪ گهاٽا ۽ پختا ٿيا، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار سان گڏ ماڻهن جي آمد و رفت وڌي. انهيءَ ميل ميلاپ جي ڪري گجراتي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي ’ڪڇي محاوري‘ ۾ داخل ٿيا ۽ ٻئي طرف ڪري سنڌي لفظ ڪاٺياواڙ واري ويجهي علائقي رستي گجراتي ٻوليءَ ۾داخل ٿيا.

لس ٻيلي ۾ ”ٻيلي جي ٻولي“ جي  تشڪيل: ڏکڻ طرف لاڙ ۾ ٺٽو سمن جي گادي بنيو، جنهن ڪري سندن طاقت ۽ سياسي اثر ڏکڻ - اولهه طرف وڌيو، ۽ ڪوهستاني علائقي توڙي لس ٻيلي ۾ ’سنڌي ٻولي‘ وڌيڪ پکڙي ۽ اثرانداز ٿي. سمن جي طاقت جي عروج کان اڳ، سومرن، سمن ۽ ٻين سنڌي قومن ۽ قبيلن ڪوهستاني علائقن کان اڃان به اڳتي اولهه طرف وڌي وڃي موجوده لس ٻيلي کي وسايو هو. اهو سلسلو پوءِ سمن جي دور ۾ وڌيو، جنهن ڪري لس ٻيلي واري علائقي ۾ ’سنڌي ٻولي‘ عام رائج ٿي. سنڌي قبيلن مان خاص طرح روُنجهن اتي پنهنجي سرداري قائم ڪئي ۽ سندن ڄامن مان ’سپڙ ڄام‘ مشهور ٿي گذريو، جنهن جي سخاوت جا قصا مشهرو آهن. رونجهن جي ٻولي نسبتاً معياري سنڌي ٻولي هئي، جنهن جو اثر لس ٻيلي جي مڙني ميداني محاورن تي پيو، ۽ هڪ عام سنڌي مقامي محاوري يعني ’ٻيلي جي ٻولي‘ جي تشڪيل ٿي.


(2) . مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ ۾ پڻ اڪثر قصا ’سومرن جي دور‘ هيٺ بيان ڪيا آهن، البت سسئي - پنهون جي داستان کي ڄڻ انهيءَ دور کان اڳ جو ڪري ڄاڻايو اٿس.

(1). چوٿين صدي هجري جي عرب سياحن ۽ جغرافيه نويسن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته بلوچ قبيلا ’ڪرمان‘ مان بلوچستان طرف هجرت ڪري چڪا هئا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”لوڪ ادب سلسلي“ جو ٻٽيهون ڪتاب ”سسئي پنهون“ جو مقدمو.

(2). ’تاريخ طاهري‘ فارسي متن (راقم جي وضاحتن ۽ مقدمي سان)، ڇپايل سنڌي ادبي بورد، 1964ع ص ص 25-27.

(1). 55- 1950ع واري عرصي ۾ راقم اها سِر پاڻ وڃي ڏٺي هئي. ان بعد سکر براج سببان درياء جو ترو لٽجي مٿي آيو، جنهنڪري پاڻي مٿي چڙهيو ۽ ٻيٽ جون عمارتون ٻوڏ هيٺ اچي ويون. بهرحال ڪوزنس جي انگريزي ڪتاب ”سنڌ جا آثار“ (Antiquities of Sindh) ۾ انهي ڪتبي جو فوٽو موجود آهي.

(2) . تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو مرتب ڪيل، لوڪ ادب سلسلي جو ڇٽيهون ڪتاب ’مورڙو ۽ مانگر مڇ‘ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1967ع، مقدمو.

(3) . ايضا، لوڪ ادب سلسلي جو اٺٽيهون ڪتاب ’سورٺ ۽ راءِ ڏياج‘ سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، مقدمو.

(1) . تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو مرتب ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو ٽيٽهيون ڪتاب ’مومل - راڻو‘ سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع، مقدمو.

(2) . ايضاً، لوڪ ادب سلسلي جو ستٽيهون ڪتاب ’عمر مارئي‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، مقدمو.

(3). ايضاً، لوڪ ادب سلسلي جو ايڪٽيهون ڪتاب ’ليلا - چنيسر‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع، مقدمو.

(4). ڪئپٽن ولبر فورس جي ”ڪاٺياواڙ جي تاريخ“ موجب راءِ ڏياچ جو پٽ راءِ نو گهن گجرات مان سنڌ تي چڙهي آيو.

(5) . ايضاً، لوڪ ادب سلسلي ٽيهون ڪتاب ’سهڻي - ميهار‘، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2-19ع، مقدمو.

(1) . ايضاً،لوڪ ادب سلسلي جو اوڻٽيهون ڪتاب ”مشهور سنڌي قصا -7“ ٻاهريان قصا ۽ عشقيہ داستان، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1964ع.

(2) . ايضا، لوڪ ادب سلسلي جو ستاويهون ڪتاب ”ڳاهن سان ڳالهيون“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآبد، 1964ع مقدمو.

(3) .راقم جو تصحيح سان ڇپيل ”تاريخ طاهري“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص ص 36- 40..

(4). قصي جي روايت لاءِ ڏسو راقم جو مرتب ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو اڻيهون ڪتاب، ”ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان“ سنڌي ادبي بورد، 1964.

(1) . اصل ڳاه ائين هئي، جنهن ۾ پوئين دور جي سگهڙن رواين هيٺين سٽ وڌائي:

”لوڙيون لڪ مٿاء، تنهن مٿيري موٽائيون“

(1) . ’تاريخ طاهري‘، فارسي متن، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، ص ص 40 -41.

(2) . ’تاريخ فيروز شاهي’ (تصنيف ضياء برني، سنه 758هه) مطبوع ڪلڪتو، 1862ع، ص ص 253-254؛ ۽ ’طبقات اڪبري‘ (تنصيف نظام الدين بخشي، نه 1002هه) مطبوع ڪلڪتو، 1927-1935ع، جلد 1. ص 142.

(3) . ’دولت علويہ يا سومرن جي حڪومت‘ (ڇپايل مولوي عبيدالله ’شائق‘، 1929ع).

(1) . اصل ۾ هيءَ ’ڳاه‘ آهي پر پوئين ويجهي دو ر۾ ان جي پويان هڪ وڌيڪ سٽ ڳنڍي وئي ته:

”دڙي سان دودي جهلي، وانڌو رکي وڃاء“

(1) . ڏسو مٿي ص ص 35-36- ۽ 115-116.

* . ٿي سگهي ٿو ته سمن سربراهن کان انعام جي لالچ تي هنن سومرن خلاف اهڙيون شڪايتون ڪيون هجن.

(1) . اها روايت، بيت سميت، بهالپور رياست گزيٽيئر (پنجاب رياست گزيٽيئر سلسلو، نمبر 1904 XXXVI-A، مطبوعه لاهور، 1908ع ص ص 78-377) ۾ ’پتن‘ شهر جي پٺيان هيٺ ڏنل آهي، جتان اردو ترجمي جي صورت ۾ ”پتن منارا“ جي عنوان سان، رسالي ”العزيز“، بهالپور (ماه فبروري  1941ع، ص ص 41 -44) ۾ پڻ شايع ٿي. اسان انهيءَ روايت کي قدري وضاحت سان ۽ بيت جي صورتخطيءَ توڙي معنيٰ جي اصلاح سان هت پيش ڪيو آهي. گزيٽيئر ۾ (ص 378) هن بيت کي انگريزي صورتخطي ۾ هن طرح لکيو ويو آهي:

Dhari      Dhura     Rae        Jainh      Charan    Sankhya

Pattan     Patijo     thio        sej         Watayo   Sah

Hamira    Pura       raj         na         Kanda     Sumra

رسالي ’العزيز‘ ۾ بيت ۽ ان جي معنيٰ کي اردو صورتخطي ۾ هن طرح لکيو ويو آهي:

دهري ڊهورا رائلآ، جنهين چارن سانکهياء

پتن پتيجو تهيو، سيج وتايو ساه

حميرا پورا، راج نه کندا سومره.

[ترجمہ: ”ڊهورا رائلآ (سومره) جس ني چارن کي گهوڙلآ چرائلآ تهلآ پر لعنت هو، اور پتن تباه هو، اور سيج (اوس وقت درياء هکڙه کا نام تها) اپنا راسته تبديل کردلآ، او خدا کرلآ حمير سومره کو سلطنت کرنلآ کي زياده مهلت نصيب نه هو!“]

ظاهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ کان غير واقفيت سبان اها معنيٰ ذرا اوٽ تي ڪيل آهي. اسان هن عبارت کي نئين سر سنڌيءَ ۾ سلجهايو آهي: ”ڊهورا رائلآ“ کي اسان ”ڍوري راءِ“ ڪري لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ”ڍوري“ نالو عام مروج آهي (حيدرآباد ضلعي ۾ ’ڍوري هڱوري‘ جي ڳوٺ جو تاريخن ۾ ذڪر موجود اهي، حالانڪ هينئر انهيءَ ڳوڍ جي کنڊرن کي ’ڌؤنرا هڱورا‘ چيو وڃي ٿو.)، ’سانکهياه‘ يقيناً ”سان کاه“ آهي، ”پتيجو“ کي اسان ”پٽڙي جو“ ڪري پڙهيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳتي درياء جي سڪي پوٺي ٿيڻ جو ذڪر آهي. انهيءَ لفظ کي ”پِٽيهي جو“ يعني ”پِٽيَل جو“ به پڙهي سگهجي ٿو، پر پوءِ فعل ’ٿيو‘ جي ’خبر‘ اڻ پوري رهجي ويندي.

(1) . هڪ عبارت جيڪا ڪرنل منچن نقل ڪئي آهي، ان مان ظاهر آهي ته ٻولي راجستاني آهي. سندس چوڻ موجب ڀت تي جيڪا عبارت ’جئن‘ لکيل هئي، سا ’سنڌي صورتخطي‘ ۾ هئي. ان جو فوٽو ورتل هجي ها ته اها صحيح نموني سان سڃاڻي سگهجي ها. غالباً اها عبارت ’عربي - سنڌي‘ صورتخطي ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته خاص ’سنڌي صورتخطي‘ اهائي آهي. عبارت انگريزي ۾ هن طرح ڏنل آهي:

Anaj Warki Lani athi amadni hamari awe San rupye Pichche adh bhejunga

(I have promyised to send half an anna in the rupee on whatever profit I make).

(2) . ايضاً، ’بهاولپور رياست جو گزيٽيئر‘ ص 377.

(1). ”انشاري ماهرو“ (منشاب عين املڪ عين الدين عبدالله بن ماهرو، پروفيسر شيخ عبدالرشيد جي تصحيح سان، ”شعبہ تاريخ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙه“ طرفان ڇپايل. ص 87.

(1). ’حديقہ الاولياء‘ (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع) جي مقدمي (ص ص 42 ۽ 64) ۾ سيد حسام الدين راشدي هي بيت ”شجره سادات“ جي حوالي سان ٻه ڀيرا نقل ڪيو آهي. صفحي 42 تي ڏنل متن ۾ ٽي لفظ ’کٽئين‘، ’منجهئون‘ ۽ ’چڱي‘ ڪري لکيل اهن ۽ صفحي 64 تي ساڳيا لفظ ’کٽين‘، ’منجهون‘ ۽ ’چڱين‘ ڪري ڏنل آهن. ٻنهي جاين تي پڇاڙي وارا قافيا ’واءِ‘ ۽ ’ڪاءِ‘ جي صورت ۾ قلمبند ٿيل آهن. خود سيد قمبر علي هي بيت ڪهڙي صورتخطي ۾ لکيو هو سو معلوم ناهي. اسان آڳاٽي دور واري لهجي جي لحاط سان مٿين صورتخطي قائم ڪئي آهي.

(1). ڏسو اسان جو انگريزي ۾ مصمون ”سنڌ جي سمن حاڪمن جو سلسلہ حڪومت“ پاڪستان هسٽاريڪل ريڪارڊ ائنڊ آرڪائِيِوز ڪميشن جي ٻئي اجلاس (پشاور، فبروري، 1954ع) جي ڪارروائي، پاڪستان گورنمينٽ پريس، ڪراچي، 1957ع، ص ص 23-29.

(1). ترخانن جي دور ۾ انهن قبيلين ميرزا محمد باقي جي خلاف ميرزا جان بابا جي مدد ڪئي ۽ شاه قاسم خان ’خان زمان‘ سان گڏجي ميرزا محمد باقي جي طرفدارن سان مقابلا ڪيائون (بيگلارنامو). ان بعد مغلن جي دور ۾ ٺٽي جي گورنرن جي نائين ۽ سندن فوجن سان چوٽون کاڌائون. حڪومت جون فوجون زور سان کين مطيع ڪري نه سگهيون، جنهنڪري ساڻن معاهدن ذريعي امن امان قائم ڪيائون (مظهر شاهه جهاني).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org