ادب لطيف
جهامنداس ڀاٽيا
شام ۽ صبح
(1)
شام جي ديويءَ سدا صبح جي سواگت ڪرڻ لئي رات ساري اوجاڳو ڪڍندي
گذاري، مگر صبح سندس منهن چڙهڻ جي چاهه کي راهه
ڏئي ئي ڪو نه!
ڪامل ڪلاڪارُ اهڙو ته ڪاريگر آهي، جو ويڇو ٻنهي جو ظاهر نه
ڪندي، ٻنهي کي بي سـُرتِ اهڙو ته رکندو ٿيو اچي،
جو ديوي پنهنجي ديوتا جو ديدار ڪري سگهي ئي ڪين!
اَيامن کان اِها لِڪَ – ڇِپَ جي راند هلندي آئي آهي: وَهَڪَ
ماٺي اِهائي وهندي آئي آهي!
عورت سِڪَ جو اننت چشمو آهي. کيس لاثاني دل آهي. انهيءَ دل ۾
درد آهي. اهو سوز سندس سنسار کي سپنن سان سرسبز
ڪندو ٿو رهي. عرصو هوءَ انهن جي سرهاڻ ۾ مست ٿي
رهي. اميد جو ڪو اکٽ توشا خانو اٿس. آخر دم تائين
اوسيئڙو اٿس. پلڪ پلڪ، ۾ فلڪ جي ڦيري ۾ هوءَ آسرا
اِسراري رکيو ٿي وهي. اکيون آبدار سندس دل جي
ويرانيءَ کي آباد ڪرڻ جي ڪنديون ٿيون رهن.
اميد اٿس ته مَنَ پويون پساههُ پرين پسائي. موت کان ڪو ڪئه نٿي
کائي. سـِر ُ سهسائي صبح ۾ سمائجڻ لاءِ سهي سنڀري
ٿي وهي: مَنَ سهاڳڻ جو سهج آخر دم به پائي!
سويرو ٿئي ئي مَسَ، ته شام خبر نه آهي ڪنهن جي شام وٺي ٿي بيهي
وري به اوسيڙي اون ۾!
اها اَٿڪ اَمر ڪهاڻي جُڳان جُڳ هلندي اچي ۽هلندي رهندي. خبر نه
آهي ڪهڙيءَ منزل تائين؟
ڪِٿِ ۽ ڪهڙي نموني انجام ٿيندو هِنَ راند جو ،مگر هوءَ ته گونگا
ڳوڙها ڳاڙيندي، رڃ ۾ گهمندي سهاڳ جي لاءِ، رات
ساري ستارن جي سنگ ۾، راهه نهاريندي ٿي رهي!
ڪلا آهي هيءَ جا ڪامِلَ رکي آهي قائم ۽ دائم روح جي ريلي ۽ دل
جي ڪشش ۾.
(2)
”سويرو“ سوجهري هوندي به اونَ کان آجو ڪينهي. بيپرواهه هوندي به
صبح شام لاءِ تڙڦي رهيو آهي. کيس پُڻ کُهنبي جوڙي
واريءَ ونيءَ جو کَپُ آهي. سندس سامهون ٿيڻ جو
سَتُ نه ساري، هو انڌاريءَ جي اوٽَ وٺي، سندس سيج
چڙهي، سندرتا سندس جون سرڪيون ڀريندو ٿو رهي. مگر
هُن جي پاسي اٿلائڻ سان کانئس ڇِرڪُ نڪريو وڃي ۽
پوءِ هو تڪڙيون وکون وجهندو، پهچ ان جي کان گهڻو
پري نڪري، دور ديس ۾ اڀري اونهائيءَ ۾ گم ٿيو وڃي.
سندس نظر نورانيءَ ۾ نمڪ به اهڙو عجيب آهي، جو جان کڻي هو اکيون
اولهه طرف ڪري، رمڻيءَ جو روپ پسڻ جي ڪري، ته
اکيون ڪامڻيءَ جون جهڪيون پئجيو وڃن، ۽ هو باهه ۾
جلندو سڙندو سفر سارو ڪٽي ڪنهن ڪٽيا ۾ آرامي ٿئي،
يا وري وکون وجهي ٻئي پار. سمو گذرندو پئي رهيو
آهي. جُڳل جوڙي جو ميل الاجي ٿيندو ڪڏهين؟ سندن
سهاڳ جو ٻيڙو آد کان ٻڌو پيو آهي. الستي جوڳيءَ
کين آسيس اها ڪئي ٿي ڏسجي ته جڳان جڳ جلندا رهن ۽
لهن ڪڏهين ڪين هڪ ٻئي کي!
شام، سوير جي سهانيءَ سونهن لاءِ سڪي رهي آهي، سندس سندرتا جي
سُرڪيءَ لاءِ تڙڦي رهي آهي، سندس جهلڪ جمالي پسڻ
لاءِ ڪانگ اڏائي رهي آهي: مگر اجهاڳ جهاڳڻ جي جريت
کيس ٿئي ئي ڪين ٿي.
اميد ايمان آهي. هوءَ ان جو پلو پڪڙي هلندي ٿي هلي. صبح جي اچڻ
جا اهڃاڻ اٿن مَسَ، ته هوءَ هئڻ ۽هستي سموري وڃائي
وهڪ ۾ ويندي رهي.
ڪلاڪار هيءَ ڪلا آهي، يا صلاح تنهنجي صبح جي!
(3)
بي سُر ۽ بي تار ٿي صبح ۽ شام پنهنجا ساز وڄائن ته ڇا سنسار ۾
سيج جو سفر سلامتيءَ سان پورو نه ٿيندو؟
”حسين“ جي پنهنجي حسن جي موٽ نه پسي، بي حسن ٿي، هر هڪ حسن
واريءَ چيز کي ڏنگيندو، ته ڇا سندس آگ اندر جي
شانت ٿيندي! ڏسي خاڪ ۾ حسن کي ليٿڙندو هن جي دِلِ
کي درد نه ٿيندو؟
اهو راڳ آهي!
طوفان پنهنجيءَ تيزيءَ ۽ توائيءَ ۾ جڏهين جهونا جبرا وڻ پاڙون
اکيڙي ٿو ڇڏي، تڏهين هو راڳ انوراڳ جو نٿو ڳائي؟
سيارو جڏهين گُلَ ڦُلَ بوستان جا سـُڪائي، پنهنجي سوڀ جو سڪو سج
جي حضوريءَ ۾ هر چيز تي ٿو ڄمائي تڏهين اهو جنگ جو
ترانو نه آهي ته ڇا آهي؟
اوندهه انڌڪار جڏهين مسافر جو ماڳ وڃائي، بي گاهه ۽ بي راهه کيس
ٿو بنائي ڇا تڏهين اهو امنگ ۽ ترنگ جو اڀنگ (آلاپ)
نه آهي ته ڇا آهي؟
سَڀ سمي ته سـُر هڪُ هلي ڪين ٿو!
بين هڪڙيءَ مان ڪوڪون ڪيتريون ئي ٿيون نڪرن!
ڪڏهين جيوت پنهنجي جيتَ جو سرگم ٿي ٻڌائي، ته ڪڏهين موت پنهنجي
هارَ جو هُلُ هنگام ٿو بنائي.
صبح ۽ شام، ڪلاڪار جي قلم جا جيوت ۽ موت جيان ٻه نقطا آهن، وڻيس
ته وڻراهه ۾ جيوت کي جوهردار بنائي، مرضي پويس ته
جنگ جي ميدان تي مُردن جو ڍير لڳائي، وس کي لڄائي
سُر بي سـُر، راڳ هلندو هلي ٿو، مگر ڪامل ڪڏهين
ڀُلَ اُڇَل ۽ اُٿل ۾ ڪري ئي ڪين. انسان جي ماپ ئي
اڻپوري، ۽ڇاپ اڌوري ٿي ٿئي.
شام جي ڦيرو نه ڦيري ۽ صبح کي نه گهيري، ته وس ۾ وهواند ٿئي
ڪئن، ملڪ ۾ ڪم ۽ دم هلي ڪئن؟ فصل، پوکون، گـُلَ
ڦـُل اسرن ۽ اڀرن ڪئن؟
ويراني ۽ وستي، حيراني ۽ مستي هِڪِ ٻئي پويان هيج مان هلنديون
ٿيون هلن اهي به صبح شام جو چڪرو ڦيرينديون ٿيون
رهن.
ڪلا آهي هيءَ سموري عجيبن جي اسرار جي!
اهڙو انجن کڻي اوت، اي هوت، جو سياهيءَ ۾ به گواهي تنهنجي پڙهان
۽ سوجهري ۾ به سونهن تنهنجي پسان!
صبح شام جا رنگ ۽ڍنگ پسي، رسي رهان رنگ بي رنگ ۾ حدون اڪري بي
حد جي ميدا ن ۾ بهي، ماڻيان موج ۽
اوج الستي!
��
گوبند ڀاٽيا
ورق کان پوءِ...........
(ناچيز جي مضمونن جو مجموعو ”ورق“ نالي سان 1940ع ۾ شايع ٿيو
هو. ساڳئي سال ۾، ساڳيءَ لهر ۽ نوع ۾، ڪجهه وڌيڪ
مضمون هن ناقص قلم کان لکجي ويا هئا. انهن مان هڪ
ٻه شايد ڪن مخزنن ۾ ڇپيا به هئا. اهي پرت ڪنهن
معياري مخزن ۾ پڌرا ٿين، ان خيال سان پهريون مضمون
هت پيش ڪريان ٿو. پسند پيو ته سلسلو جاري رکبو –
گوبند)
اسان جي تهذيب
هندوستان جي لاثاني تهذيب ........ ڀارت جي سوني سڀيتا، وهڻن جا
وائکا پڌر وساري اچي شهرن جي تنگ عاليشان عمارتن ۾
واسو ڪيو: تڏهين کان سندس جوهر ويو جهڪو ٿيندو.
جبل جيڏين شهري جاين ۾ نه رهي هوا جي تازگي، ۽ نه آڏو ڪشادا
ميدان، تازي هوا جي اڻاٺ کان خيالن ۾ تازگي نه
رهي: جاءِ جي تنگيءَ دل کي تنگ ڪري ڇڏيو، ۽
فراخدليءَ جي جاءِ تنگدليءَ ورتي.
ملڪ جا محافظ ۽ حڪومت جا مالڪ بڻيا شهري. سندن اُلٽيءَ روش کان
ديش جي دل توڙي دماغ ٻئي دونهانٽجي ويا. سڀيتا جي
ڳلن جي لالي ويندي رهي. مهانڊي ۾ مڻيا نه رهي، دل
۾ جذبات نه رهي. باقي ڪشش ڪير ڪري؟
دماغ ترقي ڪئي پر اُبتيءَ راهه تي. اصليت جو نالو نيشان نه
رهيو. نقليپڻو وڌي ويو. اصليت ئي ته سڀيتا آهي.
نقليپڻو ته آهي تهذيب جو سکڻو نالو. انساني دل جي
سڀاويڪ ڀاون جو اظهار آهي سڀيتا.
ويچارن ۾ اها قدرتي رواني نه رهي جتي ڪٿي اچي پيچيدگي پرگهٽ ٿي.
سادگيءَ جي جاءِ تي ورن وڪڙن واريءَ وائيءَ ۽ زبان
درازيءَ کي اسان تهذيب ڪري ورتو. ٻاهرئين ٺاٺ تي
ٺڳجي، اسان ٽامون ۽ سون سمان سمجهيو.
جن معمولي ۽ موڪرا ڪپڙا پهريا، سي جهنگلي ليکجڻ ۾ آيا. جن ضرورت
کان وڌيڪ ۽ تنگ ڪپڙا پاتا، سي سڌريل سڏجڻ لڳا.
حرفت باز حريفن کي هوشياريءَ جي سند ملي. سڌن سنواٽن تي ڪم
فهميءَ جو ڪارو ڪلنڪ لڳايو ويو. جن بازن تي ڀاڙيو،
سي نيچ سڏجڻ لڳا. جن چترائيءَ سان وسوارن جي اکين
۾ ڌوڙ وڌي، تن کي اوچتا جو پد پراپت ٿيو. ديکا
ديکي وقت جي ڪسوٽيءَ تي دولاب ثابت ٿي.
تهذيب پڇتاوَ جي لهر ۾ لڙهي، اڄ اصل اسٿان وسايو آهي. سندس
مهانڊي تي نو جيون جا آثار ڏيکاري ڏيئي رهيا آهن.
پر ڳلن ۾ رنگت اچي – تنهن لاءِ اڃا وقت کپي.
(پوئين فقري جو اشارو ”ڳوٺ وسن“ جي تحريڪ ڏانهن آهي، جنهن ۾
لکندڙ ڪجهه عرصو ڪم ڪيو هو.)
پڇتاءَ جا ڳوڙها
دروازي تي پيهه هئي. هر ڪو پنهنجي پنهنجي لياقت ٻڌائي اڳتي
وڌندو رهيو. سڀني جي هٿن ۾ طرح طرح جون سوغاتون
هيون. مهانگي مـُلهه وارين سوکڙين مـُهڙ ۾ جاءِ
ورتي. ائين سڀيئي در کـُلڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺا
رهيا.
هـُن جي جاءِ سڀني جي پوئتان هـُئي. سندس هٿن ۾ هـُئي هڪ ٿالهي
سا به خالي. سندس چهري جي رونق ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه
اؤر هئي.
هُنن هڪ ٻئي جي ننڍ وڏائيءَ جي برميچي ٿي ڪئي. پر هوءَ سانت
بيٺي رهي. هُنن جا مهانڊا ٻهڪيا ٿي، پر هُن جي
پيشانيءَ مان پشيمانيءَ جا جهلڪا ٿي آيا.
ڪڏهين ڪڏهين سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي خالي ٿالهيءَ ۾ ائين ٿي
ڪريا، جيئن وسيل بادلن مان رکي رکي مينهن جون
بوندون ڪرنديون آهن.
دَرُ کليو دربان ٻين کي ڇڏي پهرين هُن جو آدرستڪار ڪيو. هو ککا
وکا ٿي ويا، سـُس پـُس شروع ٿي، ”ڀلا، هن ڇا
آندو؟“
ميڙ مان ڪنهن وڏي واڪي وراڻيو، ”پڇتاءَ جا ڳوڙها“.
”ملڪ مڙيو منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟“
شاهه سڳوري غيرفاني منصور کي ڳائي، کيس وڌيڪ غير فاني بڻايو
آهي.
جي هستيون سچ صدق تي قابو، ۽ انصاف جون قائل هونديون آهن، تن جي
ڪلام ۽ ڪارروائيءَ ۾ غير معمولي ڪشش هوندي آهي. هو
جڏهين پنهنجي مقصد جي جنون ۾ اچي جهولينديون آهن،
تڏهين سندن آس پاس به بي اختيار جهولڻ لڳندي آهي ۽
جڏهين سندن سوز ڀريو سنيهو وايو منڊل جي تارَ تارَ
کي تـَر ڪندو آهي، تڏهين سارو جَڳُ جهولي اٿندو
آهي. تمام دنيا مستيءَ جو مجسم بڻي، ڪمزور ۽ ڪريلن
جي انگ انگ کي جاڳائي سندن لونءَ لونءَ کي
ڪانڊاريندي آهي.
منصور مستيءَ ۾ اچي ”انالحق انالحق“ پڪاريو، ته پابندين جي
محافظن جي پاڙن کي لوڏو آيو، ۽ جڏهين منصور جو خون
نارا ٿي زمين تي وهي هليو، تڏهين ڪُل ڌرتي منصور
جي رنگ ۾ رڱجي ويئي: جت ڪٿ منصوري مستيءَ زلزلو
مچائي ڇڏيو ۽ ظالمن جي عمارت هستي لڏي لڏي اچي پَٽ
پيئي.
بي انصافي بي بقا آهي. البت سندس زندگيءَ کي ڪافي مهلت ملي ٿي.
ڇو ته خدا ظالم کي چوٽ چاڙهڻ کان پوءِ ئي ڳاٽي ڀر
ڪيريندو آهي. ان عرصي ۾ ظالم ائين ڀائيندو آهي ته
سندس ساري سر ٿي. پر ڪڏهين ڪنهن باهه مٿان لٺيون
هلائي ۽ بارود وسائي به باهه کي وسايو آهي! آگ
اجهائڻ لاءِ ته سيتل پاڻي کپي – امرت ڌار کپي!
سردار! اوهين ڪافي وقت شاهراه تي تڪبر سان ٽاپ ٽاپ ڪندي، ڪئين
هپايلن ۽ هچايلن کي چيٿاڙيندا رهيا: پاڻ عاليشان
محلن ۾ رهي، مسڪينن کي ڪکائين اجهي ٽڪر کان به
محروم ڪيو. پاڻ کي نهن کان چوٽيءَ تائين ڍڪي،
غريبن کي شرم ڍڪڻ لاءِ سکڻو ڦاٽل، ٽڪر به نه ڏنوَ.
اوهين طرحين طرحين طعام کائيندا رهيا، پر بيوسن جي
ابهمن بک بک ڪندي پران تياڳيا!
سردار! هينئر حد ٿي چڪي. تنگ آيل مخلوق هينئر چلائي اٿي آهي.
سندس پايهء جنون کي زنجير قابوءَ ۾ رکي ڪين
سگهندا. بارود جي برسات پاڻ سندن آهن ۾ وڌيڪ گرمي
آندي آهي ۽ سندن زخمن کي وڌيڪ جلايو آهي.
هينئر هن منصوري مستيءَ کي ڪير روڪيندو؟ سؤ مرندا ته هزار
ايندا: هزار ويندا ته لک ايندا! ظالم کي به حد
ٿيندي آهي. پر هاءِ! تو درد کان دانهن ڪرڻ جي به
اجازت نه ڏني. پاڻ کي انصاف جو آقا سڏائي، توپاڻ
تي بي انصافيءَ جو هيءُ ڪهڙو بدترين مثال مڙهيو؟
پاڻ کي مسڪينن جو محافظ سڏائي، تو مسڪينن کي ڪيئن
ساڙيو ۽ ماريو؟ دنيا جي اکين ۾ سـُرمي پائڻ لاءِ،
بکايلن جي خالي پيٽ ۾ پلال وجهي تون ڏيکارڻ لڳين
ته تنهنجا پاليل جانور ڪهڙا نه ڀٽارا ۽ متارا آهن
– پڳدار! اڄ اوهان جي چالبازيءَ جي قلعي کلي
پيئي.....
هينئر دنيا ڄاڻي ٿي ته تو مظلومن تي ڪهڙا ڪهڙا نه ويل وهايا
آهن. پر جنهن جي اکين تي آپسوارٿ جا کوپا چڙهيل،
تنهن کي ٻئي جي درد جو ڪهڙو انڀؤ؟ ڏسندي پسندي به
پنهنجي هوڏ تي قابو آهين، شايد سمجهين ٿو ته
ٻڏندي، من به ٻوڙن ۾ هٿ ڦٻي وڃي. پر هي شهيدي خون
جو ا ُڇل اڃل وارو درياءُ، تنهنجي لڏندڙ بنياد کي
اکوڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو. ياد ڪر“!
(مٿيون مضمون 16 آگسٽ 1942 جو لکيل آهي ۽ ان وقت ”ڪئٽ انڊيا“
تحريڪ جي سلسلي ٿيل حيواني لٺبازي ۽ ملڪ ڀر بندوق
بازين ۽ ازين قسم اتيا چارن جو پڙاڏو آهي.)
ba
- آکاڻيءَ سان انسان جو چاهه، سندس دلي لاڙو ۽ من جو مشغلو،
سندس اجتماعي زندگيءَ جي هڪ تسليم ڪيل حقيقت آهي.
لکن ورهين کان وٺي، فطري قوتن ۽ سموريءَ مخلوق تي
غالب اچڻ، هر قسم جي راحتن ۽ نعمتن حاصل ڪرڻ لاءِ
هن جيڪا اڻ ٿڪ ۽ اڻ کٽ جدوجهد پئي ڪئي آهي، سختيءَ
جي جن منزلن مان لنگهي، سوڀ ۽ڪاميابيءَ جي مرڪندڙ
چهري جي ڏسڻ ۾، هن کي جيڪا دلي مسرت حاصل پئي ٿي
آهي، تنهن جي روئداد کي ڪجهه چاشنيءَ سان بيان ڪرڻ
جو هو هميشه کان عادي پئي رهيو آهي.
سڄي ڏينهن جي محنت بعد، ٿڪ ٽٽل انسان، انهيءَ ڳالهه جو بيحد
خواهشمند رهندو آهي ته پنهنجا ڪارناما ٻين کي
ٻڌائي ۽ ٻين جا پاڻ ٻڌي. انهيءَ مان ٻڌندڙ خواهه
ٻڌائيندڙ، سڀني کي خوشي ۽ سبق ميسر ٿيندا آهن،
سندن احساس برتريءَ کي تسڪين ٿيندي آهي؛ هو تڪليفن
۽ پريشانين کي وساري، ٿوري وقت لاءِ پاڻ تي هڪ بي
فڪريءَ ۽ راحت جي ڪيفيت ڇانئي ڇڏيندا آهن ۽ ان سان
گڏ اڳتي وڌڻ جا امنگ به منجهن پيدا ٿيندا آهن.
انسان غارن، بيابانن ۽ جهنگلن مان نڪري، ٻنين، باغن، ڪارخانن ۽
شهرن ۾ پهتو، ته سندس آکاڻين تي آسپاس جو اثر پيو،
سندس آکاڻين جي طرز بيان ۾ تفاوت ٿيو، ڪهاڻين مان
ڦري آکاڻيون، افسانا، ڊراما ۽ رپورتاز وغيره ٿيا،
پر انهن جو بنيادي روح هميشه اهو ساڳيو ئي رهيو
آهي ۽ رهندو: ”وندر – سبق - ۽ امنگ!“
ڪامياب ڪهاڻي اها آهي، جا ”وندر“ سان گڏ ”سبق“ ۽ ”امنگ“ به عطا
ڪري: اهڙن سهڻن لفظن، جملن ۽ بيهڪ سان پيش ڪيل
هجي، جو دل ۾ کپي وڃي ۽ انسان بنا ڪنهن ڪوشش يا
ترغيب جي ان تي سوچڻ لاءِ آماده ٿئي. |