سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :21

مولوي صاحب سهروردي طريقي جوهو. پنهنجي تصنيف سيفلنامي ۾، ان طرف هئن ٿو اشارو ڪري:

پير بهاولدين ميڏا، جنهن نور ظهور ڏکايا؛

مرشد ڪون غوثيه منصب لقب حضورون آيا؛

ذاڪر مَلَڪ مُريد ڪيتي اُس نوري فلڪ نوايا؛

معلوم ٿو ٿئي ته هن حضرت محڪم الدين سيراني (ولادت 1139 هجري) جي بيعت ڪئي هئي ۽سندس ارادتمندن ۾ داخل هو. سيراني صاحب سهروردي ۽ قادري، ٻنهي طريقن ۾ بيعت ٿيل هو.

مولوي لطف علي، پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، ان سان گڏ وڏو عالم به هو. فارسي زبان ۾ به کيس وڏي دسترس حاصل هئي. سيف الملوڪ ۾ سندس فارسي شعر جي جهلڪ هئن ٿي معلوم ٿئي:

وه زربفت بهشتي پردي نقشِ نقاش کشيده؛

بايک ديد ملوک معظم ازوي دور رسيده؛

دل پُر درد تغير طلعت خون روان گرديده؛

شد بدنام مدمغ نامي دامن عشق بريده؛

مجنون مثل سبب مجذوبي، سعد ازو پرسيده؛

باز آواز نيامد سالک سلک سکوت گزيده،

روز ازل آواز الستي هر مشتاق شنيده؛

”لطف علي“ هر عاشق مستان سرگردان گريده.

مٿئين فارسي نظم تي نظر ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته لطف علي فارسي شاعري جي اصناف سخن کان هٽي،پنهنجي گهڙيل راهه اختيار ڪئي آهي- جنهنڪري اجنبي زبان ۾ به سندس سادگي ۽ شيريني سرائڪي شعر جهڙي قائم رهجي وئي آهي. مولوي نور محمد چاچڙ (ديهه خام) مرحوم هڪ دفعي ٻڌايو هو ته مولوي صاحب جون فقه ۾ ڪي تصنيفون به هيون.

عمر جي آخري دور ۾، شاعر، وطن کان هميشه لاءِ موڪلائي، اچي بهاولپور رهيو. جئن ته نواب بهاول خان ثانيءَ جون مٿس بيحد نوازشون هيون، ان ڪري، سندس حياتيءَ جو پويون عرصو اطمينان ۽ آرام سان گذريو. پنهنجي آخري وطن، بهاولپور جي هئن ٿو تعريف ڪري.

اَپڻي ديس بهاولپور دا ڀي اِٿ اسم منيوي؛

شالا رهي آباد سدائي هردم شاهه وسوي!

 

سيف الملوڪ جو قصو

جئن مٿي ڏيکاريو اٿم، لطف عليءَ جي تصنيفات ۾ سيف الملوڪ جي قصي کي وڏي اهميت حاصل آهي. مصنف هي قصو، نواب بهاول خان ثانيءَ جي فرمايش تي لکيو هو – جئن لکي ٿو:

شوقون اِهين شغل وچ، سائل سال تمام لنگهايا؛

خالص خون جگر دا مين اِٿ مسڪين کپايا؛

جي وت ڪري پسند نه ڪوئي ميڏا شعر بنايا،

غيرسيتي ڪيا غرض ميڪون مين اپڻا شاهه منايا:

خام ڪلام غلام ”لطف“ دي ڪر مقبول خدايا!

شاعر جي مٿئين التماس مان صاف نظر اچي ٿو ته هُن سيف الملوڪ جي قصي کي، نواب صاحب جي ارشاد موجب ئي قلمبند ڪيو هو ۽ هڪ سال جي اندر هن کي مڪمل ڪري، نواب صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. جنهن سوز ۽ گداز سان هيءُ قصو لکيو اٿس، ان لاءِ کيس پڪ هئي ته سندس نالو هميشه زندهه رهندو. ان جذبي جو هئن ٿو اظهار ڪري:

سر وصف شاداب ڏسي، شاهه عالمگير غلامان،

رهسي ”لطف“ حيات سدا، جنهن جوڙيا سيفل نامان.

فردوسي پنهنجي مشهور تصنيف ”شاهنامي“ کي مڪمل ڪندي به ساڳي دعويٰ ڪئي هئي:

بنا هاي آباد گرد د خراب، ز باران و ز تابش آفتاب؛

پي افگندم نظم ز کاخ بلند، که از بادو باران نيا بد گزند.

 

سرائڪي زبان

لطف علي هن ”حسن و عشق“ جي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي اباڻي ورثي ۾ مليل زبان سرائيڪي ۾ لکيو آهي، جنهن جو سنڌي زبان سان گهرو تعلق آهي. لطف علي پنهنجي حياتيءَ جو ڪجهه عرصو اگرچ بهاولپور ۾ گذاريو هو، مگر هيءَ حقيقت آهي ته هو سنڌ جي هڪ حصي جي پيداوار آهي، جو حصو بدقسمتيءَ سان،انگريزي حڪومت جي تشدد سبب سنڌ کان ڇڄي وڃي بهاولپور جو حصو بڻيو. سومرن جي صاحبيءَ کان وٺي، مير علي مراد خان جي حڪومت جي دور تائين، سبزل ڪوٽ، ماڇڪو ۽ سيت پور جو علائقو، سنڌ جي حڪومت جو حصو هئا. مئو مبارڪ جي ڀرسان، جو لطف عليءَ جو وطن هو. هڪ کوهه موجود آهي، جنهن جي کاٽي ڪندي هڪ پٿر هٿ آيو هو، جنهن تي سرائڪيءَ ۾ هيٺيون شعر لکيل هو*.

سلان سلبند ٿپيان ڦگيا نام نصير،

کوهه کُٽايا پتر گامڻ دي انڙ نام حمير،

وقت سڪندر بادشاهه ملڪ ڌڻي پهلوان،

رعيت راضي جنهن جو ٻڍا نت جوان،

هڪ لک سلان لگ چڪيان، ٿيا کوهه تمام،

تري سؤ بوٽي باغ دي راڌي نڙ ڄام.

هن شعر کي پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ قديم کوهه، ڄام سڪندر (سمي خاندان) جي وقت ۾ کوٽيو ويو هو، ۽ ڄام انڙ (سمو خاندان) هن کوهه تي هڪ باغ پوکايو هو، جنهن ۾ ٽي سؤ  وڻ رکايا هئائين. هن ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته سمن جي حڪومت جي دور ۾ به هي ملڪ، سنڌ جي حڪومت جو حصو هو ۽ ان وقت ۾ به سرائڪي، سنڌيءَ سان گڏ ٿي هلي. رياست بهاولپور جي بنياد پوڻ سان ملڪ جو هيءُ حصو، سنڌ کان ڇڄي ڌار ٿي ويو. مير علي مراد جي زماني ۾، انگريزي سنڌ جي حد ريتي اسٽيشن تائين محدود ٿي  وئي. مير علي مراد جي حڪومت يعني ابتدائي خيرپور رياست جون حدون سبزل ڪوٽ ۽ ولهار جي سٽيشن تائين وسيع هيون. مگر نونار * جي عهدنامي ۾ تغير ۽ تبدل ڪرڻ سبب سنه 1850ع ۾ مير علي مراد خان جي خلاف انگريزي حڪومت هڪ ڪميشن ويهاري: سنه 1852ع ۾ مارڪئس آف ڊلهائوسي، ان وقت جي گورنر جنرل، رياست خيرپور جي حدن ۾ ڦيرو آڻي، سبزل ڪوٽ وارا حصا رياست بهاولپور کي ڏيئي ڇڏيا. هن ڦيرڦار جي سبب، اگرچه، سرائڪي زبان جا مستقل ڳالهائڻ وارا حصا سنڌ کان علحدا ٿي ويا، مگر ان هوندي به روهڙي ڊويزن جوحصو،جنهن ۾ اٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي ۽ پنوعاقل تعلقا اچي وڃن ٿا، سرائڪي کان متاثر رهيا. عموماً اتان جي رهندڙن جي گهرو زبان سرائڪي آهي.

گريرسن پنهنجي مشهور تصنيف ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جلد اٺين جي پهرئين حصي ۾ ٻن جاين تي سرائڪيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو:…

اسان ڏسي آيا آهيون ته سنڌ ٽن حصن ۾ وراهيل آهي: لاڙ، وچولو ۽ سرو. وچولي ۾ جا زبان ڳالهائي وڃي ٿي، ان کي امتياز حاصل آهي. اهائي زبان، پڙهيل طبقي جا ماڻهو ڳالهائين ٿا ۽ ان ۾ ادب جا ڪتاب لکيا وڃن ٿا- هن کي ئي شسته زبان سمجهيو وڃي ٿو. سري جي معنيٰ آهي مٿيون حصو. ”اپر سنڌ“ جي معنيٰ آهي، نديءَ جو مٿاهون حصو. هن ملڪ جي حصي ۾ سنڌونديءَ جي ڀروارا مٿاهان حصا اچن ٿا. هن ۾ سنڌيءَ جا لـُهانڊا ڳالهائيندڙ اچي ٿا وڃن. ”سرو، مان سرائڪي نڪتل آهي، جا اتر سنڌ وارن جي زبان آهي. هيءَ زبان مغربي پنجاب سان تعلق ٿي رکي ۽ آءٌ ان کي ٻن حصن ۾ وراهيندس. هڪ لهانڊا سرائڪي ۽ ٻيو هندڪي سرائڪي. بهرحال اتر سنڌ جي گهڻي حصي ۾، لـُهانڊا سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.“

ساڳيو مصنف، ساڳيءَ تصنيف ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو: *

”ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي سنڌي گرامر ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جي اترئين حصي جي زبان سرائڪي آهي ۽ چوي ٿو ته هيءَ مٿئين زبان جو خالص نمونو آهي.“ هيءَ راءِ ملڪ جي رهڻ وارن جي پڻ آهي.ڇاڪاڻ ته مشهور قول آهي ته، لاڙ جو ماڻهو سري جو ڍڳو. ٿرپارڪر کان سواءِ ٻين سڀني سنڌ جي حصن مان سرائڪيءَ جا نمونا ملي چڪا آهن. …

هيءَ اگرچه سنڌي زبان نه آهي پر لـُهانڊا جو قسم آهي، جا ديري غازي خان کان سنڌ کي ملي آهي. هتي هڪ وڏو مغالطو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اپر سنڌ ۾ فقط سرائڪي ڳالهائي وڃي ٿي! پر ائين نه آهي. هتي جا ماڻهوگهڻو ڪري سنڌي ڳالهائين ٿا. جنهن کي آءٌ سرائڪي سنڌي چوندس، ۽ ٻيءَ کي لهانڊا سرائڪي.“


 

مٿئين ذڪر کان پوءِ،سرگريرسن،سرائڪي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انداز هئن ٿو ڏئي:

ضلعو

سرائڪي سنڌي

(سَري جي سنڌي)

لهانڊا سرائڪي

ڪراچي

....

5000

حيدرآباد

....

30000

شڪارپور

824000

20000

خيرپور

119000

3600

ٿرپارڪر

....

34275

اپر سنڌ فرنٽيئر

100000

12000

منهنجي نظر ۾ گريرسن جا شڪارپور، خيرپور ۽ اپر سنڌ جا سرائڪيءَ بابت انگ اکر مشڪوڪ نظر اچن ٿا. ڇو ته ملڪ جي انهن حصن ۾ سرائڪي هر هنڌ سمجهي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو خود گريرسن اتر سنڌ جون ٻه زبانون وٺي ٿو، هڪ سنڌي ٻي سرائڪي، جنهن جي تائيد ٽرمپ صاحب ڪري ٿو. …

اسين هن ڳالهه جو به انڪار ڪري نٿا سگهون ته ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾، جتي فارسي  درباري زبان هئي، اتي سرائڪيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. سرائڪي سندن گهرو زبان هئي. هن زبان کي سنڌ ۾ ايڏو ته فروغ حاصل هو، جو اڪثر سنڌي شاعرن ان زبان ۾ پنهنجي ڪلام کي قلمبند ڪيو آهي. اهي نامور شاعر هيءُ آهن. سرمست سچل، نانڪ يوسف، بيدل، بيڪس، روحل، مراد، دريا خان، حمل، خليفو نبي بخش، خير محمد، عثمان، سيد خير شاهه، غلام حيدر ۽ ٻيا. هندو شاعرن ۾ دلپت ۽ موهن سرائڪيءَ ۾ گهڻو ڪلام چيو آهي. موجوده دور ۾ فقير، مسرور، محمد فقير، نجفي، غمدل ۽ ٻين جو ڪلام اسان کي سرائڪي زبان ۾ افراط سان ملي ٿو. سنڌ وارا ايڏيءَ تصنيفات کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه سگهندا.

مٿين حالتن جي مدنظر اسين سرائڪي زبان کي بيگاني زبان چئي نه سگهنداسون. مولوي لطف علي جنهن زبان ۾ پنهنجي غيرفاني تصنيف پيش ڪئي آهي، سا سرائڪي آهي. اهڙي تصنيف کي ”بيگاني تصنيف“ جي سڏڻ جي خوف کان مون سرائڪي زبان جي اهميت کي، هن مضمون ۾ بحث هيٺ آندو آهي. مولوي لطف عليءَ، پنهنجي قصي کي پالڻهار جي تعريف سان هئين ٿو شروع فرمائي:

 

مختصر ڪهاڻي

 

اک ادا ڪر بندا هردم جملي صفت سبحاني؛

صدي سيتي ڪر صاف صدر ڪر ياد ذڪر يزداني؛

فَا ذڪروني اَذُڪـُر ڪـُم اي دل سمجهه رموز نهاني؛

رب غفور يگانا واحد هي صاحب لاثاني؛

هي هر شيءِ تي حاضرناظر هس خاطر هرباني؛

رکي شاهه شمار اندر، ڪُل قطري ريگستاني:

.......

وچ جڳ دي هي جيوڻ ٿورا آپ جوڙيس جڳ فاني؛

ڀوڳ وڃي هر بندا، جو ڪجهه لکيا قلم رباني؛

قدرت تي قلزم وچ ڪُل دا گم عقل انساني؛

هي فارغ هر عيب ڪنون، لاريب جمال حقاني؛

”لطف علي“ ڪون کول وکايس، گوهر گنج معاني.

مولوي لطف عليءَ جي، ابتدائي ڪلام ۾ هڪ عجيب رواني آهي. جنهن جي مقابلي ۾ ”بهار ٻٻر“ جا ابتدائي بيت، جنهن سنڌيءَ ۾ سيفلنامو لکيو آهي،بلڪل ڦڪا پيا نظر اچن:

ساراهه تنهن صاحب جي، جو آهي رب تعاليٰ؛

مالڪ آهي ملڪن جو، جنهن جو عرش آهي بالا؛

ميٽي ڪشالا، پار لنگهائي پاتڻي.

قصي جي ترتيب تي جيڪڏهن نظر وجهبي، ته سنڌي شاعرن – بهار ٻٻر ۽ منشي جهامنداس جي ترتيب به ساڳي نظر ايندي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هنن ٻنهي قصه گو شاعرن، پنهنجي تصنيفات جو بنياد، مولوي لطف عليءَ جي قصي تي رکيو آهي. مولوي صاحب حمد بعد نعت ۾ هئن ٿو فرمائي:

گُل گلزار شرع دا حضرت سـَرو سهي فردوس؛

حوران رهن حضور نبي دي، ملڪ ڪرن پابوسي؛

زلزل روز قيامت دي جٿ سڀ خلقت پئي روسي؛

ڪارڻ هر مجرم دي حامي، مير محمد هوسي؛

نالي اَب شفاعت دي، رخ هر مومن دا ڌوسي؛

بهرا بخش اُمت ڪو ن سائين، ساقي قدح قدوسي؛

”لطف“ ٿيا شاد جڏان، دربارون خير ڍيوسي.

”شوقون سيفلنامه جو هڻ لطف علي نوجوڙي“ هئن ٿو لکي ته حضرت سليمان عليه السلام جي حڪومت جي دور ۾، عاصم بن صفوان، نالي مصر جو والي هو، جو پنهنجي عدل ۽ انصاف ۾ مشهور هو، سندس وزير صالح بن حميد نالي نهايت زيرڪ شخص هو. لطف علي ان جي تعريف هئن ٿو لکي:

صالح بن حميد اَها، منظور وزير نظر دا؛

صالح مير وزير وڏا ها سرنامان هر دفتر دا.

عاصم ستر ورهيه جو اچي ٿيو، پر کيس اولاد نرينه نه ٿيو. ان غم ۾ هو پنهنجي محلات ۾ وڃي گوشه نشين ٿيو. جڏهن هيءَ خبر، اميرن ۽ وزيرن ٻڌي، تڏهن بيحد پريشان ٿيا. سڀئي گڏجي صالح وزير وٽ آيا ته شاهه جي بيقراريءَ باعث ڪا تدبير ڪئي وڃي، جو تيغ ۽ تبر جي قبضي کي ڇڏي، وڃي فقط تسبيح کي وٺي ويٺو آهي. صالح ان حقيقت کي ٻڌي شاهه وٽ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته:

ڪنهن سبب تو ڪيتي قبلا، تخت ڪنون مک موڙي،

نهين ڏتي ڪنهن ملڪ تيڏي ڪن دشمن ڪن مروڙي؛

فرخ فتح فيروزي حاصل، دنيا دولت ڏوڙي؛

ناوت خاص خزانا گهٽيئي، ڪرين دل اتي سوڙي!

شاهه جواب ڏنو:

ڳئي عمر وها، هُڻ باقي آخر دم حياتي؛

ڏيک مراد پٽاندي ”عاصم“ نهين جمعيت پاتي؛

بند ميڏا دل رهي فڪر وچ بن فرزند صفاتي؛

ملڪ ميڏا هي ملڪ ٻنهاندا وقت قريب مماتي.

.....

مويان ڳيان ڪـُون ڪـُون سنڀالي، پـُني جڏ آڻ حياتي؛

لکيا ڏيک بڻايا قصا ”لطف علي“ ڪلماتي.…

هيءَ ڳالهه ٻڌي سياڻي وزير نجوميءَ کي گهرايو، جنهن زائچو ڪڍي، گهريءَ سوچ کان پوءِ ٻڌايو ته ”سلطان يمن جو، جي پنهنجي نياڻي شاهه عاصم جي نڪاح ۾ ڏئي، ته ان مان کيس فرزند پيدا ٿيندو.“ هيءَ خبر ٻڍي، شاهه، پنهنجي نيڪ تدبير وزير صالح کي، ڪيترن لائق تحفن سان، خط ڏيئي، يمن جي سلطان ڏانهن موڪليو. وزير، سفير جي حيثيت ۾ وڏي فوج وٺي، پنهنجي مهم تي روانو ٿيو – ان فوج جي وڃڻ جو نظارو شاعر هئن ٿو ڪڍي:

رک نگاهه يمن ڏون ڇٽڪي، گهت گهوگهاٽ لک گهوڙي؛

ڌوڙ ڪنون جڳ ڌوڙ چڙهي، جـُهڙ گرد سپاهه ڪٽوري،

وه جهلڪار نشانانن دي جـُهڙ جـُهل مـُل جهلڪ جهڪوري؛

گوناگون نشانان ٿيوَن،ٿئي سرخ سياهه جهلوري؛

لرزش کاءُ زمين وڃي، جان موجان ڏيوَن ڌموڙي؛

حڪمت نال حڪيم ڪٿان،ڪٿ جفت موافق جوڙي؛

”لطف علي“ وَل تيز وڃن، رک دِل وچ مطلب ڏوڙي.

صالح يمن جي قريب وڃي پهتو.يمن جي سلطان کي هن حقيقت کان آگاهه ڪيو ويو ته ڪو غنيم چڙهي آيو آهي. صالح نهايت دانشمنديءَ سان سلطان کي – جنهن جو نالو ”قحطان“ هو- پنهنجي سفارت جي خبر ڏني. وقت مقرر ٿيو. صالح ۽ قحطان جي ملاقات ٿي. مصر جي بادشاهه کي داماديءَ جي شرف ڏيڻ لاءِ يمن جي سلطان، مشاورت جي مجلس ڪوٺائي.آخر بحث کان پوءِ هي فيصلو ڪيو ويو ته مصر جي بادشاهه کي شهزاديءَ جو سڱ ڏنو وڃي.

مشرقي شاعرن جي پرويءَ ۾ مولوي لطف علي، شهزاديءَ جي حسن ۽ جمال تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ بهترين مثنوي گو شاعرن سان وڃي ٿو ٽڪر کائي. لکي ٿو:

وه گلفام عجائب صورت، حور بهشتون آئي؛

اهو چشم، صنوبر قامت، صورت صفت خدائي؛

چشمش خنجر خون ڪيتي، سي موئي چنچل دريائي؛

خجل هويا، يا قوت درخشان، لب دي ڏيک لالائي؛

داغ جگر دا لاله ڪون، جو ڦِردا مثل سودائي؛

لاله خوني ذبح ٿيا، نافرمان زبان ڪڍائي؛

سرو سهي بيتاب ٿيا، جان صحيح ڪيتس رعنائي؛

بخمل تي گُل نرم نادم، ڏيک بدن نرمائي؛

سر انگلين دي سرخ بڻي، چا ريزش رنگ حنائي؛

بدر هلال برابر يڪجا، وه قدرت مولائي؛

چنچل چالون چوڙ ٿئي، هنس آئوندي سيس نوائي.

بهرحال، صالح وزير ڪامياب ٿي، اهڙيءَ بي بها شهزاديءَ جي ڏوليءَ سميت اچي مصر پهتو. عاصم شاهه کي هن خوش خبريءَ کان دلي سرور حاصل ٿيو- شاعر ان خوشيءَ جو نقش هئن ٿو ڪڍي:

من دي آس پڄايس قادر دور ٿئي دلسوزي؛

رکيس تاج مرصع سر تي، ڳل جامان زردوزي؛

ڪُـُهني مرد پراڻي ڪون، رب داد ڪيتي نو روزي؛

عاصم کي يمن جي شهزاديءَ مان فرزند تولد ٿيو، جنهن جو نالو ”سيف الملوڪ“ رکيائين. ساڳئي وقت وزير صالح جي گهر به پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”سعد“ تجويز ٿيو. ان خوشيءَ جي تقريب جو ذڪر شاعر هئن ٿو ڪري:

مير وزير، عزيز اقارب، هر هڪ شاهه سڏايا؛

عاصم اسم پسردا ڳڻ ڪر ”سيف الملوڪ“ رکايا؛

صالح دي گهر تنهن ڏهاڙي، ”سعد“ مبارڪ ڄايا؛

هڪي ڏينهن ڏوهين گل ڄاڻي، ارادي ايوبن لکايا؛

ڦلي ڦير درخت پراڻي، قادر ڪيتا سايا؛

نائڪ ڀَٽ تي ڍاڍي چارڻ، بهت ڪسبت سڻايا؛

ڀڳتي ڀنڊ تي نقلي نٽوي، آڪر سانگ رسايا؛

نال جمع خوشحال ٿيا، شهه بيحد مال لٽايا؛

”لطف علي“ ميدان اتي، هڪ جهنڊا مار وکايا.

بادشاهي دستور موجب نجومين کي حاضر ڪيو ويو ته ننڍڙي شهزادي جي طالع کي ڏسن. نجومين ڍاري کي زائچي تي رکي، ستارن ۽ برجن جو حساب لڳايو- هڪ آواز ٿي چيائون ته ”چوڏهن ورهين جي عمر ۾، شهزادي کي هڪ وڏو سفر جو ڪشٽ ڪڍڻو پوندو. هو چوڏهن سال پنهنجي وطن کان دور رهي، غريب الوطنيءَ جو مقابلو ڪندو. ان ڪشالي کان ڪامياب ٿي اچڻ بعد، هو وڏي ڌام ڌوم سان حڪومت ڪندو.“ نجومين جي هن راءِ کان پوءِ بادشاهه کي وڏو فڪر ٿيو. هن حڪم ڏنو ته زير زمين هڪ محلات تعمير ڪيو وڃي، جنهن ۾ شهزادي کي رکيو وڃي، ۽ ساڻس گڏ سعد جي پرورش به ٿيندي رهي. چئن سالن جي عمر تي پهچڻ بعد عاصم، شهزادي ۽ وزير زادي جي تربيت لاٰءِ هڪ لائق استاد جو انتخاب ڪيو. علم جي حاصل ڪرڻ ۾، ٻنهي نينگرن ڪمال حاصل ڪيو. سندن عمر به اچي چوڏهن ورهين جي قريب پهتي. قضا هينئر پنهنجي راند کيڏڻ شروع ڪئي. شاعر سچ لکيو آهي:

ڇڪ حڪمي تقدير ڪڍي، توڙي ٻهون ڇپائي؛

روز ازل دا ”لطف علي“ اِٿِ، لکيا ڪون مٽائي!

هڪ ڏينهن شهزادو سيف الملوڪ جئن شڪار تان موٽيو ۽ پيءُ جي دربار ۾ پهتو، ته شاهه عاصم خوشيءَ سان کيس سليماني منڊي ۽ هڪ ريشمي ڪپڙو سوغات طور ڏنو. چيائينس ته ”هي ناياب سوکڙيون پاڻ وٽ چڱيءَ طرح حفاظت سان رکج“ سون ۽ جواهرن سان جڙيل هڪ حسين صندوق ۾ اِهي سوغاتون سانڍي، شهزادي جي سپرد ڪيون ويون. شهزادو پيءُ کان موڪلائي، پنهنجي ماڳ تي آيو ۽ دوستن جي محفل گرم ٿي. وهاڳ جي وقت دوستن موڪلايو. مگر شهزادي کي ننڊ نه آئي. تنهائي ۾ هو اٿيو ۽ مليل سوغاتن کي چڱيءَ ريت ڏسڻ لاءِ دلڪش صندوق جو پـُڙ کوليائين. تـَههَ ٿيل ڪپڙي کي کوليائين. ڪپڙي تي هڪ حسين پَريءَ جو نقش ۽ نگار موجود هو. هڪڙيءَ ئي نگاهه سان شهزادو ان عجيب صورت کي ڏسي پنهنجو هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو. شاعر ان جو ذڪر هئن ٿو ڪري:

هٿ آيا صندوق اندر هڪ ڪپڙا خوب زري دا؛

واهه تصوير ڏٺس هڪ تس تي شعلا مار پري دا؛

هئي مورت مهتاب طرح تن نازڪ ناز پري دا؛

چڀ ڳيا شهزادي ڪون او جلوه جادوگري دا،

شوقون شاهه پيالا پيتا بي خبري دا،

شهزادي شهباز لقب ڪون چا دست لڳا بحري دا.

مولوي لطف عليءَ جي حسن طبيعت جو هي نمايان ڪارنامو آهي، جو قصي جي هر نظاري ۽ هر بيان کي اهڙي ته دلڪش نموني تفصيل سان پيش ڪري ٿو، جو اهو نظارو ۽ واقعو اکين اڳيان مڪمل طرح کڄي ٿو اچي. شاعريءَ جو هي اسلوب  بيان، سچ ته فيضان الاهي آهي. حسن جي ان شهبازي بحري جي چـُنگ ۾ اچڻ کان شهزادي جي حالت بدلجي وئي. نه اهو آرام رهيو نه راحت. محبت جو اهو راز مخفي رهي نه سگهيو. عاصم هن دهشت ڀريءَ خبر کان دهلجي ويو. لطف علي، پيءُ جي غمزده حالت جو نقش هئن ٿو ڀري:

دوڙ چليا فرزند فرخ ڏانهن، شاهه جلدا ڪر جلدي؛

ٿيا غمناڪ شهنشه، بي غم ڏيک طرح سيفل دي؛

رَتي رت نه رهيس سوزون ٻاٻل دي دل ٻلدي؛

پڇ ڳڇ حال بيحال ٿيا، ڪجهه ڳالهه نه آکي وندي؛

ڏٺي آڪر نبض طبيبان، ناڙي مول نه هلدي؛

ٿيس مريض مزاج منڍون اٿ جاءِ نهين در ملدي؛

”لطف علي“ علاج ڪٿان جٿ پِرم دي رَسُ رلدي!

سعد وزير - زادي کان سموري حقيقت معلوم ڪئي وئي. بادشاهه ان سهڻيءَ صورت جي نالي کان، سيف الملوڪ کي خبر ڏني ته ”هوءَ پري گلستان ارم جي بادشاهه شهپال جي نياڻي ”بديع الجمال“ آهي!“ بهرحال، سيف الملوڪ ان پري جي تلاش ۾ غربت کي اختيار ڪري دربدر ڦرندو، ديون ۽ راڪاسن جا مقابلا ڪندو، شهزاديءَ ”ملڪان“ جي مدد سان. جا شهزاديءَ بديع الجمال جي رشتيدار آهي وڃي گلستان ارم ۾ پهچي ٿو. نصيب جي ياوريءَ سان بديع الجمال سان سندس شادي ٿئي ٿي. ڪاميابيءَ بعد مصر موٽي اچي، پيءُ جي وفات بعد عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪري، هن فاني سراءِ مان موڪلائي ٿو وڃي.

”سيف الملوڪ جو داستان“ هڪ عجيب سفرنامو آهي، جنهن ۾ هجر ۽ وصال کان سواءِ، مشرقي قصه گوين وانگر سندس شجاعت جي ڪارنامن کي مٿاهين جاءِ ڏني ويئي آهي. لطف علي هن پر لطف داستان جي نگارش ۾ واقعي ڪمال ڏيکاريو آهي. فن داستان گوئيءَ جي سڀني اصولن کي بهترين نموني ادا ڪيو اٿس. سيرت نگاريءَ سان ته حد ٿو ڪري. سيف الملوڪ سفر ۾ زنگين جي هٿ اچي ٿو وڃي. زنگي بادشاهه کيس پنهنجي ڌيءَ جي حوالي ڪري ٿو، جا شهزادي جي صورت تي موهت آهي- لطف علي ان زنگياڻيءَ جو ڪردار هئن ٿو پيش ڪري:

هيءَ بدحال هاٿياڻي ڪاڻي زنگياڻي منهن ڪالي؛

سَر بَد ڏول قدآور ڪنا وات عظيم ڪـُنالي؛

بيني گرم د ُڪان ڏسي هَسِ هر هڪ ناس ڪـُٺالي؛

ڏيک ڏراڪـُل ڏند ان دي خود ٿيوي خجل ڏندالي؛

دَهلي هنيانو غربيان دا، جان ڏائڻ ڏيوي ڏيکالي؛

ٻهن هزار مکيان دي منهن تي، ڏيک ان دي بدچالي؛

هي تڪرار جنهين دي ناني يا مم روهين والي.

سيف الملوڪ جي هن سير ۽ سياحت کي پڙهندي، ”گليور جي مسافرين“ ڏانهن ذهن منتقل ٿيو وڃي. ڀولن جي بادشاهه سان شهزادي جي ملاقات ٿئي ٿي، جنهن کي هو دشمنن کان سليماني منڊيءَ جي زور تي نجات ڏئي ٿو- لطف عليءَ جي واقع نگاري ڏسو:

غم کاوندا ڪُرلاونا جاندا، جان آءُ ڳيا ڪٿائين؛

ڏورون مرد مهوس ڏيکي، خوب مڪلف جائين؛

ڪيتي شاهه تکيري پيري، پهتا جڏان اٿائين؛

ساڪن ا ُس شهر دي ڏٺس، باندر بوز بلائين؛

شهه ڪون ترت پڪڙ ڪر باندر گهن ڳئي صاحب تائين؛

جيوڻ تون هٿ ڌوتي، هي هي، روڪر سيفل سائين.

جئن مٿي ڏيکاريو ويو، منظر ڪشيءَ ۾ کيس وڏو ڪمال آهي، گلستان ارم جي شهر جو نظارو هئن ٿو ڪڍي:

ڪوٽ عظيم ارم دي گردون وچ محلات مناري؛

درماندا در لهي نه ڪوئي، پيا ڦرندي عمر گذاري

حڪمت نال حڪيمان تس دا، زرڪش محل اتاري؛

دَرَ دُرُ دار دريچي پشمين طاقت عقيقي پاري؛

حوض حسين بلوري گردون ٽهڪڻ لعل هزاري؛

چار چمن چوطرف اتي ڦل جلوه دار ڦوهاري؛

موسم گرم نه سرد ڏسي اٿ هردم باغ بهاري.

ارم جي رهندڙن جي خوش فعلين جو ذڪر هئن ٿو ڪري:

عشرت نال گذاري جو اٿ، هر هڪ پري ڏهاڙي؛

جوش جشن موجود مهيا، نت نو روز پساري؛

نت غم سوز سرود سڻن، سُر بلبل طور پڪاري؛

ٿيون اول ڇڻڪار عطر دي، مشڪ ڏيوي هٻڪاري؛

وه رم جهم جهم جهالي جـُهڙ مڙ وه.جهلمل جهلڪاري؛

چنگ او پنگ همرنگ ڏوهين ڪيا دف مرڌنگ دوتاري؛

وه سر ساز عتاب تبسم، وه وت ناز نظاري.

شاعر جي حسن بيان جو هن کان زياده دلڪش مثال ٿي نه ٿو سگهي. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس هيءَ تصنيف، جئن پاڻ لکيو اٿس، جڳان جڳ جيئري رهندي.

(2)

سنڌي زبان ۾ هن قصي کي، پهريائين ”بهار“ نالي هڪ سگهڙ، جو ذات جو ٻٻر هو، سنه 1896ع ڌاري لکيو، جنهنجي تصحيح آخوند عبدالرحيم محمد وفا عباسيءَ ڪئي. ٻيو مصنف، جنهن هن قصي کي بيتن ۾ لکيو، اهو سرڳواسي ماستر جهامنداس هو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته جهامنداس، بهار جي بيتن جي تقليد ڪئي آهي، جنهن جا مثال سندس تصنيف ۾ گهڻا موجود آهن. جئن مٿي لکيو اٿم-بهار، پنهنجي سامهون لطف عليءَ جو سيفل نامو رکيو آهي، ڇو ته مٿس ان شاعر جو گهڻو اثر ٿو ڏسجي. سنڌي منظوم قصن ۾ ”شاهه عاصم“ جي بجاءِ، ”شاهه هاشم“ جو نالو ٿو اچي، ۽ ”صفوان“ جي بجاءِ ”سفيان“ ٿو اچي.

بهار جي شعر ۾  مولوي لطف عليءَ واري رواني ۽ شستگي موجود نه آهي، مگر پنهنجيءَ پر ۾ هن قصي جي بيان ڪرڻ ۾ چڱي ڪوشش ڪئي آهي- حسن بيان خدا جي ڏات آهي، جنهن تي هرڪو پهچي نه ٿو سگهي- صالح وزير جي يمن وڃڻ جو ذڪر هئن ٿو ڪري:

گهوڙا کنيائون گهوٽ ليءَ، چار سؤ ۽ چار،

جنجا پير پکين کان اڳرا، اڏامڻ ۾ الغار،

زنگي فرنگي هبشي، خوجا خدمتدار،

ٻيا ڀي تن سان ڪيترا، هئا ڪمڪون ڪمدار،

پڇي اچي سي پار، ٿيا ولايت ويجهڙا.

 

(2)

تڏهن جاسوسن جيهين، سـُڌ سڻائي شاهه کي،

ته ڪٽڪ ڪارونڀار اچي ٿو ايهين،

ڪوٽن کي ڪيهين، جهلي محڪم ڪڙيو محاسبا.

سيف الملوڪ، جي پيدا ٿيڻ تي، بهار، بادشاهه جي خوشيءَ جو هئن ٿو ذڪر ڪري:

پسو پهرين رات، سنگا ٿي صورت کي،

نو مهينا نو ڏينهن پيئي جا پرڀات،

ته ڏاتر منجهان ڏات، پٽ ڏنو بادشاهه کي.

 

(2)

شادي طبل شروع ٿيا، پيون  پُٽايون،

”هاشم“ اڳي مڃيون سهسين سـُکايون،

خزانا خيرات ڪري، لکين لـُٽايون،

ورتيون هي وايون، ته غازيءَ فقير غني ڪيا.

مولوي لطف عليءَجي تخيل جي زور اڳيان بهار جو شعر بي نمڪ پيو نظر اچي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اسان جي سگهڙ، مولوي لطف عليءَ جو سيفل نامو، پنهنجي سامهون رکيو آهي؛ پر ان جي انداز بيان کي، پنهنجي ڪلام جي اندر آڻي نه سگهيو آهي. بديع الجمال جي تصوير ڏسڻ جو واقعو هئن ٿو بيان ڪري:

تڏهن ڪامل کي ڪپڙن جي، ڪا تن ۾ هئي تات،

نازڪ ننڊ وهه ٿي، اٿيو سو اڌ رات،

پٽيائين پاسي ڪري، چوري چپ چپات،

بانڪي ڏٺي بات، تنهن ۾ صورت سڦري!

تنهن ۾ صورت سڦري، هئي پرين جي پاري،

عاشق انهيءَ ڏي پيو، نيڻين نهاري،

روئي زاروزار ٿو، هيءُ هنجون هاري،

سيفل سونهاري، نيڻين ننڊ حرام ٿي.

اگرچ بهار جو شعر، لطف عليءَ جي سيفل نامي جو ثاني نه آهي، مگر ڪٿي ڪٿي هو به پنهنجي اسلوب بيان جي جلوي کي ڏيکاري ٿو وجهي- سيف الملوڪ پنهنجي ماءُ کان موڪلائي ٿو، هتي ماءُ جي محبت ۽ ان جي جذبات جو نقش هئن ٿو ڪڍي:

چي مادر موڪل ڏينم، ته وڃي پهچان پِرَ کي،

منجهان روح راضي ٿي، دم دم دعا ڪرينم،

تنهن پرور کي پرنينم، تان وڃي ديکان دوس کي!

 

(2)

پانهه روئي پٽ سان، ڀڙ ڀاڪر پايون،

”جي مون سکايون مڃيون، سي اميد نه آيون“،

دالن ۾ دايون، روڄ وڏو ئي روس ڪيو.

 

(3)

جر جلو ۾ ڳوٺ، سيفل توريءَ سڃ ٿيو،

هيءُ ڪچهريون ۽ ڪوٽ، مڙيئي مون ماتام ٿيون!

پيءُ جي غمناڪ حالت جو ذڪر هئن ٿو ڪري:

اڀو روئي پاڻ، پٽ سين بيٺو  پاتشاهه،

راڄو راڄن جو ڌڻي، سڀڪو راوءِ سپاهه:

”توريءَ ماندو ساهه، سيف تون وڃ م سُڃ ڏي“!

سيفل جي جهاز جو نظارو هئن  ٿو ڪڍي:

سورهه ساڻ سهٽ، ٿو مال مهاڻن کي ڏئي،

چڙهيا جوان جهازن، ٻڌي جهوڙ جهمٽ،

آڏا عاج بندي ٿيا، گرڻا، گُل گنبٽ،

سڙهه سڄا سقلات جا، لاڄون لاڳي پٽ،

سونا ڦل ڦرهن تي، کُتا ساڻ گرٽ،

سمنڊ کٿوريءَ واسيو، ساڻ سرهائي ڇٽ،

خان ويٺا سرکٽ، جهلي ڇٽ ڇڳير تي.

سگهڙ ڪيڏو نه سنڌي لفظن جو انوکو استعمال ڪيو آهي. بهرحال، بهار جي تصنيف پنهنجي رنگ ۾ بي مثال آهي. سُرڳواسي جهامنداس جي تصنيف بهار جي ڪلام جو تتبع آهي، جنهن جي اندر بهار وارو رس ۽ مزو موجود نه آهي. مثال لاءِ، مَلڪان کي سيف الملوڪ آزاد ڪري ٿو – هوءَ پنهنجي ملڪ موٽي اچي ٿي- سندس رشتيدار ۽ عزيز گلستان ارم کان اچن ٿا- سندس رهائيءَ جي سبب لاءِ پڇن ٿا- بهار ان جو ذڪر هئن ٿو ڪري:

خوبان کان خبرون، ٿيون پرياڻيون پڇن:

’ادي تنهنجو الڪو هو، جيڪس اَبي جن،

مڪا هئاسون ملڪن تي جارون جاسوسن،

خبر پئي ڪا نه ڪا ته دغا ڪئي ديون؛

توکي آندو ڪن، بر بحر خشڪي مان وٺي؟‘

سـُرڳواسي جهامنداس ساڳيو ذڪر هئن ٿو ڪري:

ملڪان کان مڙين پڇيو، هيءَ حقيقت حال:

”ڪئن هلي تون ڪوٽ ۾ آئينءَ سان اقبال،

دعا ديون جي هئي، ڪئن ڇٽينءَ کان ڪال،

نازڪ نونهال، ڪر حقيقت هجر جي!‘

ڪٿي ڪٿي ته جهامنداس جي شعر ۾ بهار جي ڪلام سان نهايت ويجهڙائي نظر ٿي اچي- مثال لاءِ:

خيما خوشيءَ مان هڻي، پيتائون شراب،

نازن سان سر ٿيا، رانديون رنگ رباب،

ته سامهون ٿيو سوجهرو، مشعلي مهتاب،

پڇيو مير وزير کان تنهين جاءِ جواب،

’ته ڪهڙي اڄ حساب، باهه ٻري ٿي باغ ۾‘! - بهار

تنبو لڳا تيز مان، کليا خوب شراب،

دورن مٿان دور ٿيا، لڳا رنگ رباب،

قيما ۽ ڪباب، طرح طرح طعام ٿيا.- جهامنداس

مٿيون هڪ مثال منهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ٻنهي تصنيفن کي سامهون رکڻ سان زياده خبر پئجي سگهي ٿي.

مضمون گهڻو طويل ٿي ويو آهي، مگر مون کي خوشي آهي ته آءُ ادبي شهپارن کي تفصيل سان پيش ڪري سگهيو آهيان.


*  ذڪر ڪرام: 28

*  ”خيرپور نامه“ فارسي: 27

…  تمهيد: 9

* صفحو 359

…  نمونن لاءِ ڏسو صفحو 312- 354- 273 ۽ ٻيا.

…  ٽرمپ جوسنڌي گرامر: 11

…  هن سٽ مان شاعر متعلق معلوم ٿئي ٿو ته، هن پنهنجي تصنيف کي ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتو آهي: افسوس جو هن ان تصنيف جو نالو نه ڏنو آهي.پڻ ائين به معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪلماتي ٻروچ هو، جن جو تعلق سنڌ سان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com