محمد ابراهيم جويو
پاڻ وهيڻي پَري
(سنڌ جي هڪڙي لوڪ ڪهاڻي)
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي گذران جي تنگيءَ
اهڙو ته اچي ورايو،جو لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي،
گهر واريءَ کي چيائين ته ”اٽي لپ ڪا پلاند ۾ ٻڌي
ڏينم ته پرديس ۾ وڃي ڪٿي قسمت آزمايان- باقي هتي
ته ويٺي ويٺي بنهه ويلا ٿا پئجي وڃنسون!“ جوڻس
تنهن تي اندر اُٿي وڃي ٿانو ٿپا اٿلايا پٿلايا،
پرتس ۾ هٿ گهمائي کڻي جو ڏسي ته اَٽي جي ان ۾ چپٽي
به ڪا نه لڀي! دل ڏاڍي ڪري، چُلهه مان ڇار جون ٻه
چار مٺيون ڀري، اجرڪ جي پلو ۾ ٻڌي، آڻي مڙس کي هٿ
۾ ڏنائين ته ”هي اٿئي مانيءَ ٻن جو اٽو! پرتين
الله کي! پٺيان جي تو کان لڪل ڪانهي: ورجانءِ مڙيو
ئي سيگهڀرو!“
مڙس ويچارو پٽڪي جو ابتو سبتو ور ڏيئي، اجرڪڙي ڪلهي تي رکي، اٿي
ٿيو کڙو: نه سوچيائين نه ويچاريائين، جيڪو رستو
منهن سامهون آيس، الله توهار ڪري، اهو وٺي ٿيو
اڳتي روانو. هلندي هلندي، همراهه کي سج لهي ويو،
سٽ اڌ پنڌ جي ٻي ڪري، نيٺ اچي هڪڙي ڳوٺ ڀيڙو ٿيو.
ڳوٺ پرايو، نه ڄاڻ نه سڃاڻ، ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن
وڃي! اڃا انهيءَ ڀڃ گهڙ ۾ ئي بيٺو هو، ته پري کان
مُلي جي بانگ جو آواز ڪن تي پيس، سو، نهاريندو
نهاريندو، اچي الله جي گهر جي دروازي وٽ بيٺو: همت
ٻڌي، وضو ساري، ٻين گناهن جون دل ئي دل ۾ معافيون
پنندو، لنگهي ٿيو اندر. ملو به بس مسجد مان نڪرڻ
تي ئي هو، سو، جو اوپري ماڻهوءَ کي ايندو ڏٺائين،
ته دهلجي بيهي رهيو. حالي احوالي ٿيڻ کانپوءِ وڃي
دلجاءِ ٿيس. نيٺ هٿ کان جهلي، پاڻ سان وٺي، آڻي
ٻاهر حجري ۾ ويهاريائينس، ۽ واٽ الله جون مليل
ٿوٻيءَ جهڙيون ٿلهيون ٻه مانيون آڻي آڏو رکيائينس.
هيءُ مولائي به هو سڄي ڏينهن جو بکايل، ويتر جو
ڪيوهئائين صبح کان وٺي ايڏو سارو پنڌ – سو، لاڳاپي
لاهي، گوڏو ڀڃي، ويٺو مانين تي.... نه ڇڏيائين جو
هڪڙو ڀور! پوءِ ته ملي کي پنهنجيءَ اجرڪ جي پارت
ڪري، اتي جو اتي، ڪنڌ هيٺان سروٽو ڏيئي، نُک تي
سنئون نئون ٿي سمهي رهيو، ۽ سمهڻ سان اهڙن ته
کونگهرن ۾ پئجي ويو، ڄڻ ڏس ته پيهي تي چڙهيو مڙس
جهار بيٺو هڪلي!
ملي جي دل ۾ اچي آئي ته هي ”الله جو بندو ايڏي سفر تي نڪتو آهي،
سو ثمر ته پاڻ سان ايترو کنيو ئي ڪو نه اٿس – ڏسجي
ته انهيءَ اجرڪ جي پَلوَ ۾ ڇا ٻڌو اٿس، جو سمهڻ
مهل به ان جون پارتون پيو ڪري!“ کولي جو کڻي ڏسي،
ته چلهه جي سڙيل ڇار کان سواءِ ٻيو ته ان ۾ ڪي به
ڪينهي! قادر جي قدرت تي حيران ٿي، چپ چاپ، جيئن
ڳنڍ ڇوڙي هئائين، تيئن ئي ان کي موٽائي ٻڌي، اتي
جو اتي اجرڪ کي هڪ پاسي ڪري رکي ڇڏيائين.
صبح جو جڏهن ڪڪڙن دس ڏنا ۽ ملي بانگ چئي، تڏهين هو غريب شخص ننڊ
مان اکيون مهٽي اٿيو، ۽ ملي کان موڪلائي، اها ساڳي
پنهنجي ڦاٽل اجرڪڙي ڪلهي تي رکي، ٿيو اڳتي راهي.
پنڌ ڪندي ڪندي، جڏهن پورا ٻه پهر ٿيا ۽ سج بنهه
ڪاپار تي اچي بيٺو، تڏهن هن جون ڄنگهون اڳتي هلڻ
کان بنهه جواب ڪڍي بيهي رهيون. اڇل کائي، سامهونءَ
واري هڪڙي گهاٽي چهچ سائي وڻ هيٺان ساڻو ٿي ڪري
پيو ۽ ڏسندي ڏسندي، ڪجهه ٿڪ کان، ڪجهه هيڻائيءَ
سبب، هڪدم ننڊ کڄي ويس.
مڄاڻ ڪو انهيءَ وڻ تي هڪڙا ٻه طوطا – مامو ڀاڻج – رهندا هئا، ۽
بنهه اوڏيءَ مهل ٻاهران سير سفر ڪري واپس موٽي
مٿان لام تي اچي ويٺا هئا. ويهڻ سان، ڀاڻج چيو
مامي کي، ”ماما، ڙي، ماما! ڪا آکاڻي ٻڌاءِ!“ تنهن
تي وڏي طوطي ورندي ڏني، ”ڙي، بابا، آکاڻيون اسان
پوڙهن جون ڪهڙيون! پر ضد ٿو ڪرين ته ڀلا ڪن ڏيئي
ٻڌ! هيءَ جيڪو غريب شخص ساڻو ٿيو ستو پيو آهي،
تنهنجي اجرڪ جي پلاند ۾ چلهه جي سڙيل ڇار ٻڌي پئي
آهي. جيڪا جوڻس هن کي اٽو ڪري ڏني آهي. پر هن
اٻوجهه کي اصل جي اها خبر ئي ڪانهي! خالي پيٽ، ننڊ
مان جاڳندو ته اٽي جي بدران رک ڏسي، هن جو الائي
ڇا حال ٿيندو!“ اها ڳالهه ٻڌي ننڍڙي طوطي کي قياس
اچي ويو، ۽ وڏي طوطي کي ليلائي چيائين، ”ماما، ڙي
، ماما! پوءِ ته هن واٽ ويندي مسافر جي ڪا واهر
ڪرڻ کپي، نه ته پرديس ۾ غريب جو ڪفن ئي رلي
ويندو!“ تنهن تي وڏو طوطو ڀڙڪو ڏيئي اٿي اڏاڻو، ۽
انهيءَ ئي گهڙيءَ هڪڙي چنبي ۾ مٽيءَ جو ذرو، ٻئي
چنبي ۾ ڪڻڪ جو داڻو ۽ چهنب ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو کڻي
موٽي آيو، ۽ اچڻ سان ننڍي طوطي کي چيائين، ”سيگهه
ڪر، اجرڪ جي ڳنڍ کول، ۽ ڇار هاري پري ڦٽي ڪر!“
پوءِ هن ڇا ڪيو جو مٽي، ڦڙو ۽ داڻو ٽِئي اجرڪ جي
پلَ ۾ وجهي، جيئن ڳنڍ اڳي هئي، وري تيئن ٻڌي
ڇڏيائين، ۽ کنڀ ڇنڊي، خوش ٿي، ننڍي طوطي کي
چيائين، ”هاڻي ويهي ڏس رنگ الله جا!“
ايتري ۾، هو سڀاڳو شخص به پاسا ورائيندي اٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن
نهاري، دل ۾ سوچيائين ته ”ڪا باهڙي دکائي مانيءَ
جو لولو پچائي وٺان – پيٽ ۾ گرنهه هوندو ته ڊوڙي
ڪنهن وسنئن ڌاري به وڃي رسبو، نه ته جهنگ ۾ رات
پيئي ته محشر ئي چٽ!“ سو جهٽ جهٽ ڪري، ڪاٺڙيون
ميڙيائين، ڪک گڏ ڪيائين، چڻنگ ڪڍي باهه مچايائين ۽
پوءِ اجرڪ کي ڇڪي لڳو ڳنڍ کولڻ ته اٽو پسائي، ڪو
ڪچو ڦڪو مانيءَ جو ڍوڍو گهڙي وٺجي. تڙ تڪڙ ۾ ڳنڍ
جو کڻي کوليائين..... ته سڄو وڻ خوشبوءِ سان واسجي
ويو.......... ۽ اکيون ڦاٽي ويس! اعتبار ئي نه پيو
اچيس. ڇا ڏسي ته گيهه ۾ ڀُڳل، ڪوسي ڪوسي ڪڻڪ جي
ڪٽي پلاند ۾ ٻڌي پيئي آهي! دانهن نڪري ويس، ۽
ڊڄندي ڊڄندي، ٻن آڱرين سان چپٽي ڀري، کڻي جو وات ۾
وڌائين، ته تاڪ لڳي ويس! ڪا لذت ۽ ميٺاج هو ڪٽيءَ
۾! پڪ ٿيس ته ”خواب ۾ ڪو بهشتي کاڌو پيو کان- هن
ڌرتيءَ تي اهڙو کاڌو، بادشاهن کان سواءِ، اسان
جهڙن هٿ پورهيتن جي نصيب ۾ ڪٿي!“ بس، پوءِ ته جهڙي
هيس بک، تهڙو اونڌو ٿي، ڪُٽيءَ تي ڪري پيو. اچي بي
ايمانيءَ ورايس ته ”شل پوري پوي، ڪو ڦري نه وڃيم!“
کائيندو به وڃي ۽ جاچيندو به وڃي ته ڪيتري کٽي ۽
ڪيتري بچي! بک اهڙو ته بي سرتيو ڪري وڌو هوس، جو
پهريائين ته پتو ئي ڪو نه ٿي پيس، پر آهستي آهستي
، جڏهن ٿوري ڪک ساڄي ڪيائين ۽ ڪجهه هانءُ ٻل ٿيس،
تڏهن ڏٺائين ته ”ڪٽي ته ڳنڍ ۾ اوتري جي اوتري پئي
آهي! جيتري ٿو کان اوتري ٿي وڌي! چوندا آهن ته
کاڌي کوهه کٽي ويندا آهن، پر اهي کوهه ڪي ٻيا!
هيءَ ته قدرت جي بـَر جـَر وانگر اناج جي اکٽ
امانت ٿي ڏسجي، جنهن تان جيترو لڻجي اوترو ان تي
اڳي ئي پڪو بيٺو آهي!“ بس، ائين ويچاريندي ۽
کائيندي کائيندي ۽ ويچاريندي، جڏهن ڏٺائين ته هاڻي
ڪٽي بنهه منهان ٻاهر ٿي نڪري، تڏهن هٿ ڇنڊي
اوگرائي ڏيئي، ڇڪي کڻي ڳنڍ کي ٻڌائين، ۽ اجرڪ کي
ڊوهي ڪلهي تي رکي، پنهنجي ستل بخت جي بيدار ٿيڻ تي
بهار بهار ٿيندو، هڪدم اٿي واپس پوئتي هلڻ لڳو.
مڙس کي ڪا خوشي هئي! هوا جي جهوٽن سان گڏ جهومندو، پکين جي مٺن
مٺن نغمن سان گڏ ڳائيندو ۽ جهونگاريندو، وڻن جي
لڏندڙ لامن ۽ ڦڙڪندڙ پتن سان گڏ نچندو ٽپندو، بنهه
ننڍڙن معصوم ٻارڙن وانگر ٻٽيون ٻٽيون ٻرانگهون
ڀريندو، سج بيٺي ئي موٽي اچي انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتو،
جتي ويندي ويندي رات جا چار پهر گذاريا هئائين.
سڌو وڃي ملي سڳوري کي حجري ۾ سلام واريائين، ۽
ساڻس دير دير تائين خوش خير عافيت ڪندي ڪندي آخر ۾
وري به کيس پنهنجيءَ اجرڪ جي پارت ڪري، اتي جو اتي
هيٺ تڏي تي ڊگهو ٿي سمهي رهيو. ملي دل ۾ سوچيو،
”اڃان ڪالهوڻي ڪالهه هي خدا جو ٻانهو ويو پئي
پرديس ڪمائڻ اڄ پيو موٽي وڃي پنهنجي ملڪ، چي،
”پنهنجي قسمت پاڻ سان کنيو پيو وڃان!“ ٻيو ته وٽس
ڪي به ڪين ٿو ڏسجي. اجرڪ جو پلو سو اهو ساڳيو ئي
ٻڌو پيو اٿس.....“ ائين ويچاريندي ويچاريندي، هن
جي دل جي قاضيءَ هن سان احوال اوريو ته جيڪڏهن
قدرت جو ڪو ڪرشمو آهي، ته اجرڪ جي انهيءَ ئي ڳنڍ ۾
آهي، جنهن ۾ ڪالهه رات ڇار ٻڌل هئي!“ سو، وجهه
وٺي، هن اٿي اجرڪ جي اها ڳنڍ کولي، ڳنڍ کلڻ سان،
ڪٽيءَ جي خوشبوءِ وڃي مـُلي سڳوري جي مغز ۾ جايون
ورتيون.
پوءِ ته خطا جي گهر انسان کان پنهنجي پرائي جو خيال ڇڏائي ويو ۽
نفس پليت جي چوڻ تي لڳي، اکيون بند ڪري، اچي ڪٽيءَ
تي ڪڙڪيو. جوش ۾ يڪساهيءَ جڏهن پندرهن ويهه لنبڙ
هڻي لاٿائين، تڏهن وڃي هوش جاڳيس: چي ”هي ڇا!
امانت ۾ خيانت! مولا پاڪ ڪيئن مرهيندو؟ وڏي ڳالهه
ته هن شخص کان ڪيئن جان ڇٽندي؟“بس ملي سڳوري جو هٿ
۽ وات ا ُهي ئي چرندا رهيا! اتي اکيون کولي، جڏهن
ڪٽيءَ ۾ هن چائي ڏٺو، تڏهن تپرس وٺي ويس: ڏٺائين
ته ڪٽي ته اوتري جي اوتري ئي پئي هئي! هيءُ اسرار
الاهي ڪهڙو؟ پوءِ ته هن ڇيهه ڪري ڇڏيا کائڻ ته
کائڻ جي ماڳ، پر جيڪي ٿانو برتن، مٽ ديڳڙا وٽس
موجود هئا، اهي سڀ ڪُٽيءَ سان چوٽيارا ڀري، لڪائي
پاسيرا ڪري ڇڏيائين، ۽ جهٽ جهٽ ڳنڍ کي اڳئين وانگر
ٻڌي، اجرڪ کي اتي جو اتي امانت باسلامت رکي، ٻانهن
وهاڻو ڏيئي، زير زمين جيتامڙن کي به کاڌي
پهچائيندڙ رازق رب رحيم جا لکين احسان ۽ ڪروڙين
ڪرم ڳڻيندي، ۽ شيطان لعين تي لاتعداد لعنتون
موڪليندي، ملو سڳورو مزي سان سمهي رهيو.
صبح جو سوير جڏهين ڪڪڙن پهريان دس ڏنا، ۽ ملو اڃان ننڊ ۾ پيو
هو، تڏهن هو شخص جاڳيو، ۽ هٿ منهن ڌوئي، ملي کي
بانگ صلواة لاءِ ڌونڌاڙي اٿاريائين ۽ پاڻ اجرڪ
چيلهه سان ٻڌي، ٿيو انهن ئي پيرن تي واپس پنهنجي
ڳوٺ روانو. ڀلا جنهن ماڻهوءَ وٽ اهڙي املهه نعمت
هجي، تنهن کي ڏينهن اڌ جو پنڌ ڪهڙي شيءِ آهي! واٽ
تي هڪڙي واهه جي ڪپ تي ويهي، ڪٽيءَ مان هڪڙو چڙهه
به ڪيائين، ۽ اڃا سج لڙيو ئي مس هو، ته اچي پنهنجي
گهر ٺڪاءُ ڪيائين. جوڻس کيس ڏسي وائڙي ٿي ويئي:
چيائينس، ”هيءَ وري ڪهڙي مسخري؟ جهڙو وئين اهڙو
ورئين!“ مڙس جواب ڏنس، ”چري، ڌيرج ڪر! هٿين خالي
ڪو نه موٽيو آهيان. هان، هي وٺ! پنهنجي قسمت
انهيءَ ڳنڍ ۾ اٿئي!“ مائي تنهن تي تپي باهه ٿي
ويئي – چي، ”ڇا ئي ۽ ڇار تنهنجي قسمت ۾ هوندي ته
هوندي، منهنجي قسمت ۾ ڪانهي!“ مڙس وراڻيس، ”موڳي،
پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهه! تون وڏي دل ڪري،
اندر وڃي ڳنڍ کولي ته ڏس!“ جوڻس، تنهن تي مٽون
ڦوڪي، ڏند ڪرٽيندي ۽ بت کي موڙا ڏيندي اندر گهڙي
ويئي، ۽ چلهه تي بيهي دل ۾ چيائين ته ”ڳنڍ ڇوڙي،
ڇار ته موٽائي چلهه ۾ اڇلي ڇڏيان، ته من ٿانون
ماڃڻ ۾ ڪم اچيم!“ ائين سوچي، اٻهرائيءَ ۾ ڳنڍ جو
کڻي کولي، ته هيڪر ته گيهه جي هڳاءَ ۽ ڪٽيءَ جي
سڳنڌ ۾ بنهه ٻڏي ويئي: بيٺي بيٺي، اٻڙڪو کائي،
اکيون جو پٽيائين ته سامهون تازي تازي، ڪوسي ڪوسي
ڪٽي ڏسي، اصل نئين سر جي پيئي! گرنهه جوڙي، جو وات
۾ وڌائين، ته واڇون ئي ٽڙي ويس! ٻاهران، مڙس واڪو
ڪري چيس، ”انڌي، سمجهه ته اها پنهنجي ٻني اٿئي!
کٽڻ جي ئي ڪانهي! جيترو پئي ان مان کڻنديئن، يا
عمر، اوترو ئي پيئي اها توکي ڏيندي!“ پوءِ ٻئي زال
مڙس کلي، خوش ٿي، پلٿي ماري، گڏجي، ڪٽي کائڻ ويهي
رهيا.
اهڙيءَ ريت جڏهين ٻه چار ڏينهن خير جا گذاريائيون، تڏهن زال مڙس
کي صلاح ڏني ته ”وڃ! وڃي بادشاهه کي دعوت ڏيئي وٺي
اچ ته ڪٽي کارايونس- ان ۾ پنهنجو ئي شان آهي.
مٺگهرا ماڻهو پنهنجا ڳوٺ ۾ گهڻائي آهن، جي هونئن
ئي پيا پنهنجي قسمت تي جلن پچن، تن جي هانءَ تي به
ته ڪي مڱ ڏريون! هميشه لاءِ انهن جي هوس کان ڇٽي
پونداسين. بادشاهه پاڻ وٽ ماني کائڻ ايندو، ته
ڄاڻين ٿو، ملڪان ملڪ پنهنجي ڪيتري ناموس ٿي
ويندي!“ مڙس ورندي ڏنيس، ”اياڻي نه ٿيءُ! ڳوٺ جا
ماڻهو پوءِ به پنهنجا ڀائر آهن – انهن کان ڪهڙو
ڀو؟ پاڻ – زورن کان ڀڄ پري! سياڻن چيو آهي ته ڏاڍن
جي نه اڳيان هلجي، نه پويان! پاڻ غريب ماڻهو، ڪن
لڪايو ويٺا آهيون. پنهنجو ڪهڙو ڪم، جو بادشاهن کي
ويٺا دعوتون ڏيون! ا ُٺان مينهان دا ڪيها ميلا –
او چرن جهنگ او چرن ٻيلا! دعا ويٺي گهر ته اهڙي
لـُور لـُور کان مولا پاڪ شل پناهه ۾ رکي!“ پر مڙس
هڪڙيءَ تي، زال ٻيءَ تي – آخر ويچارو مجبور ٿي
پيو، ۽ هڪڙي ڏينهن، ڪنڌ تي ڪاتي، ڊڄندي ڊڄندي، وڃي
بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ پَلوَ پاند وجهي،
منٿون ميڙيون ڪري، بادشاهه سلامت کي دعوت ڏيئي
پنهنجي گهر وٺي آيو.
بادشاهه آيو ته هن سان گڏ سندس نوڪر چاڪر، ڪاراوا ڪمدار، امير
وزير ڊمبلي جو ڊمبلو اچي مڙيو. نکون وڇائجي ويون،
تن تي اڀريون سڀريون رليون ۽ ميريون سيريون ڇنل
ڦاٽل چادرون پٿرجي ويئون. ٺڪر جا پيالا ۽ پاٽيون
ڪُت خلق لاءِ، ته ٿالهيون ۽ ڍاڪئان اميرن وزيرن
لاءِ اچي ويا. بادشاه سلامت کي، ماڻهن سڀني کان
پري، پٿراڻي وڇائي، ان تي ريشم جي لونگي پکيڙي
ويهاريو ويو، ۽ هن جي سامهون ڪاشيءَ جا طباخ آڻي
رکيائون. پوءِ هٿ منهن ڌوئي، گرڙي ڪري جڏهين سنڀري
تيار ٿي سڀ اچي دسترخوانن تي ويٺا، تڏهين هو غريب
شخص ڪنبندو ڪنبندو، پنهنجي اها ڪٽيءَ واري ميري گپ
جهڙي، پراڻي ڦاٽل اجرڪ کڻي وڃي بادشاهه جي سامهون
هٿ ادب جا ٻڌي، پٿراڻيءَ کان هيٺ، پٽ ۾ گوڏا ڀڃي
ويٺو، ۽ عرض ڪيائين، ”حضور آءٌ غريب، ٻانهيءَ جو
ٻار، سائينءَ جن جي جـُتي جو ڪجهه اٿم، سو هيءُ
آهي!“ ائين چئي، ڳنڍ جو کڻي کوليائين، ته سڀني
دعوتين جون ناسون ٽڙي ويون! خودبادشاهه، جيڪو غريب
جي بنهه بـُٺي تي اڇلڻ جهڙي اجرڪ سامهون ڏسي، ڪاوڙ
۾ ڦوڪجي اصلي ڦاٽڻ تي اچي بيٺو هو، سو پڻ هيتري
سرهاڻ ۽ سڳنڌ هوا ۾ پکڙجندي ڏسي، هڪدم ڍرو ٿي ويو!
بس، پوءِ ته سڀ لڳي ويا ڪـُٽيءَ کي کائڻ ۽ حيرت ۾
اکيون ڦاڙي لڳا هڪ ٻئي کي تڪڻ ته ”هيءُ جادو ڪهڙو،
جو جيتري پئي هَڙَ مان ڪٽي نڪري، اوتري پئي ان ۾
ڀرجي!“ کائي کائي، جڏهين سڀئي بنهه نڪان تار اچي
ٿيا، تڏهين بادشاهه پنهنجي ها ۾ ها ملائيندڙن
اميرن، وزيرن ڏانهن منهن ڪري چيو، ”هيءَ بهشتي
خوراڪ ته بادشاهن وٽ سونهي ٿي. هن جهنگ جي جانور
وٽ ان جو ڪهڙو قدر؟“ سڀني آواز ۾ آواز ملائي چيو،
”برابر، جيئندا قبلا! اصل اها آهي ئي اوهان جي ابن
ڏاڏن جي خود خدا وٽان آندل! خبر نه آهي ته هن ڄٽ
جي هٿ هاڻي ڪيئن چڙهي ويئي آهي؟“ پوءِبادشاهه هنن
ڏانهن نهاري مرڪيو، ۽ پاڻ ڏاڍن سان پڇ اٽڪائڻ واري
هن غريب شخص ڏانهن ٽانڊن جهڙيون ۽ ٻرندڙ غضب جون
اکيون ڪڍي نهاريائين ۽ نه پڇا نه ڳاڇا، ڪُٽيءَ جي
ڳنڍ هٿ ۾ سوگهي ڪري، پاڻ اڳيان ۽ سندس پڇ لٽڪائو
ٽڪريلن جو ٽولو پويان، ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيندا اٿي
اڳتي هليا!
هيڏانهن ويچارو هيءَ مسڪين شخص انهن ئي پيرن تي ائين سهمجي سسي
بيهي رهيو، ڄڻ سالن کان ڪنهن پيرن ۾ ڪليون ٽنبي،
اتي کوڙي سوگهو ڪري ڇڏيو هجيس. وات مان وائي نه
اڪليس. اکين اڳيان اوندهه اچي ويس. دير دير تائين،
وائڙن وانگر بت بنيو ات بيٺو رهيو، تان جو جوڻس
روئندي روئندي اچي هٿ کان ورتس، ۽ هو ساڻس، بنڊ جو
بنڊ بنيو، جيئن هو تئين، چپ چاپ پٺ ورائي، پير پير
۾ ڏيندو، موٽي گهر هليو ويو.
ٻئي ڏينهن، غريب شخص زال کي چيو، ”پنهنجي ڀاڳ ۾ جيڪو ڀاڱو آيو،
سو پاڻ کان زوران زوريءَ کسجي ويو: هاڻي هتي هٿين
خالي ويهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وري به ڪا اَٽي لپ ٻڌي
ڏينم ته وڃي ڪنهن جبل سان ئي مٿو ڦوڙي اچان!“ زال
ويچاري به ڇا ڪري! اٽو گهر ۾ هجيس ته ٻڌي ڏئيس!
سو، وري به چلهه جي ڇار جا ٻه چار ٻڪ ميڙي پوتڙي ۾
ٻڌي، کڻي هٿ ۾ ڏنائينس، ۽ هو به ڪنڌ هيٺ ڪري ساڳيا
اڳوڻا پير وٺي اٿي اڳتي هليو. ويندي ويندي، واٽ تي
اڳي وانگر ملي وٽ راتاهو ڪيائين. ۽ سمهڻ تائين هن
کان صبر ۽ شڪر جون صلواتون ٻڌندي، ٻئي ڏينهن ٽاڪ
منجهند جو وڃي انهيءَ ساڳئي وڻ وٽ دم پٽيائين، ۽
انهيءَ ئي گهڙيءَ ويٺي ويٺي اک لڳي ويس! الله جي
ڪرڻي اهڙي، جو اهي ساڳيا ٻه طوطا – مامو ڀاڻج – به
انهيءَ مهل اتي ويٺا هئا. جڏهن طوطن جي نظر هن
غريب شخص تي پيئي، تڏهين وڏي طوطي هن ڏانهن اشارو
ڪري ننڍي طوطي کي چيو، ”سچ چيو اٿن، ”هيڻو هر ڪنهن
وهيڻو!“ هٿان راند هارائي، جهڙو هو تهڙو، خالي
هٿين موٽي آيو آهي. پوتڙي ۾ اهائي ساڳي ڇار ٻڌي
پيئي اٿس!“تنهن تي ننڍي طوطي پڇيو، ”پوءِ ماما، ان
جو علاج!“ وڏي طوطي نه ڪڇيو نه پڇيو- هڪدم ڀڙڪو
کائي اٿي اڏاڻو. گهڙيءَ ۾ ڪوهه قاف جبل تان پاڻ –
وهيڻيءَ پريءَ جي نرم نرم پيرن جا ننڍڙا ٻه پراڻا
پادر کڻي آيو، ۽ انهن کي ڀريان دُٻي جي پاڻيءَ ۾
پسائي، جهٽ جهٽ وڃي پوتڙي جي پلاند کي ڇوڙي، ان جي
ڇار هڪ پاسي هاري ڇڏيائين، ۽ ان جي جاءِ تي اهي
پاڻ وهيڻيءَ پريءَ جا ٻه بنهه آڱر جيڏا پادر ڳنڍ ۾
ٻڌي ڇڏيائين! پوءِ موٽي وڃي پنهنجي ڀاڻج جي ڀر ۾
مٿي وڻ تي ويٺو ۽ چيائينس، ”هاڻي ويٺي ويٺي، هيءُ
تماشو به اڳو پوءِ ڏسي ڇڏج!“
اِتي هو شخص به اکيون مهٽي، لڱ ساهي اٿيو، ۽ مانيءَ لولي پچائڻ
لاءِ ڪاٺيون ميڙي ۽ باهڙي دکائي جهڙو ٿو اٽي ملڻ
لاءِ پوتڙي جي ڳنڍ کولي..... ۽ تهڙو پادرن جو ٿو
مڙس تي اچي وسڪارو ٿئي! پاڻ وهيڻيءَ پريءَ جا بنهه
آڱر جيڏا پادر ڦنڊي ڦنڊي اصل پورا ٻه گرانٺيا
گيتلا ٿي پيا، ۽ غريب جو جيڪو ٿي هڏ چريو، سو ٿي
سٽي ڪٽي سوٽ ڪيائون. هن جي هئي، جا دانهن مٿان
دانهن پئي پني اِچي، ”گهوڙا، مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ
کنيو؟ مون پاڻ سان پاڻ ئي ڪئي! سچ چيو اٿن ”جهڙي
ڪرڻي تهڙي ڀرڻي!“.......... اتفاق جي ڳالهه اهڙي
ٿي، جو اڃا هن ائين چئي بس ئي ڪين ڪئي، ته پادرن
سـُسي وڃي پنهنجي اصلوڪي شڪل ورتي ۽ نه تو ڏٺو نه
مون ڏٺو. موٽي، چپ چاپ پوتڙي جي پلاند ۾ ڇپ هڻي
پئجي رهيا! هن کي حيرت وٺي وئي ته آخر هيءَ ڪهڙي
ماجرا ٿي! ڳنڍ کوليم ته موچڙا وسي ويا، ۽ چيم
”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، ته ڄڻ هٿ ۾ وٺي انهن کي
ڪنهن جهلي بيهاري ڇڏيو! ائين سوچي، هن پوتڙي جي
پلاند کي کڻي ڳنڍ ڏني........... ۽ پوءِ، دير دير
سان، پڪ ڪرڻ لاءِ، کڻي ٿو جو ان کي وري ڇوڙي ته
اهي ئي ٺونٺ جيڏا ٺوٺ سڪل کرڪڻ وريو ٿا اچيو وٺنس!
بس، پوءِ ته الله ڏئي، ٻانهو سهي! وري به جڏهن
چيائين ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، تڏهن وڃي جند ڇٽيس!
اتي هن کي پنهنجي ملڪ جو بادشاهه سلامت ياد اچي
ويو، جنهن کانئس الهه تلهه کسي صفا سڃو ڪري ڇڏيو
هو، ۽ اهو ڪجهه کسي ورتو هو، جنهن تي هن جو جياپو
هو! ۽ پوءِ هن دل ۾ ڪجهه سوچي مرڪيو، ۽ پوتڙو
چيلهه سان ٻڌي انهن ئي پيرن تي اٿي پوئتي موٽيو.
رات وري به هو شخص وڃي واٽ تي ملي جو مهمان ٿيو.
خير جون خبرون چارون ڏيندي وٺندي، ملي کي چيائين،
”سائين سڳورا، آهي برابر اوهان جي ڳالهه وانگر
هيءَ بند و عيبدار گنهگار، پر اوهان نيڪن نمازين
جي دعا سان اڄ ويل قسمت ورايو پيو وڃان!“ ملو بنهه
ماٺ ۾ پئجي ويو، ۽ ڳالهه دل ۾ ڳڻي سمهي رهيو. پر
ننڊ جنهن جونالو، سا ملي کي اچي ئي نه. پاسن تي
پاسا اٿلائيندي، جڏهن ڏٺائين ته هو همراهه ننڊ ۾
بنهه الوٽ آهي، تڏهن پير پير ۾ ڏيئي، وڃي هن جي
پوتڙي ۾ هٿ وڌائين ۽ کڻيس ٿي جا کٽي سو آهستي
آهستي جهلي ٿو کڻي ان جي ڳنڍ کولي....... پوءِ ته
ملي سان محشر مچي ويا! سڄو ڳوٺ اچي مڙيو. ڪنهن کي
جريت ڪا نه ٿئي جو ملي کي کڻي ڇڏائي. هو موچڙن جو
ڌڻي ته ملي جي پهرئين ئي ڪـُوڪـُر تي اٿي ويٺو هو،
پر اهو ويچاري ته ملي کي پڪ ئي پڪ ڪٽيءَ جي هير ئي
هيءُ ڏينهن ڏيکاريو هو، ڪجهه دم جهلي ويهي رهيو.
آخر جڏهن ملي جي بنهه دل تي مرمت ٿي چڪي، تڏهن وڃي
ملي جي ڀرسان بيٺو، ۽ چيائينس ته ”حضرت! ڪُٽي مٺي،
ڪين موچڙا مٺا؟ هاڻي چؤ، ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“،
ته ڪٿي وڃي ڪا جند ڇٽئي!“ پوءِ، جڏهن ملي ائين
چيو، تڏهن وڃي ويچاري تان آفت ٽري!
ٻئي ڏينهن پوئين پهر، هو شخص اچي پنهنجي ڳوٺ واپس
پهتو ۽ زال کي پوتڙو هٿ ۾ ڏيئي، چيائين ”هن کي
قابو ڪري رک! خدا گهريو آهي ته ويل ڀاڳ ورائي
وجهنداسون“ پر جوڻس کي به هو ڪو لڱن ۾ سور، سوکنيو
ٿي پوتڙي جي ڳنڍ کولي! ڀانيائين ته ”هن ڀيري، اڃان
ئي ڪا ٻي سٺي سوغات هن ۾ ٻڌل آهي!“ پوءِ ته جيڪا
هن ويچاريءَ سان ٿي گذري، سا چئي ڇا ٻڌائجي! جيسين
مڙس هن جون رڙيون ٻڌي، در کان اندر ٿئي ئي ٿي،
تيسين هوءَ ويچاري ڪٽجي، ڍير ٿي، پٽ تي ڪري پيئي،
۽ موچڙا هئا، جن جي مٿانئس سٽ سٽان لڳي پيئي هئي!
نيٺ مڙس پڄي ڪا واهر ڪيس، نه ته بنهه بج بج ٿي وڃي
ها.
ٻئي ڏينهن سوير صبح جو زال مڙس ٻيئي صلاح ڪري گهران نڪتا، ۽ وڃي
بادشاهه سلامت جي دربار ۾، دربان سان گڏ، پري در
تي، هٿ ادب جا ٻڌي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، بيهي رهيا، تان
جو ديرير کان پوءِ بادشاهه جي نظر مٿن پئي، ۽ حڪم
ٿيو ته هڪدم کين حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي. پوءِ اهي
ويچارا ڏڪندا ڏڪندا، ٻه قدم اڳتي ته هڪ قدم پوئتي
کڻندا، آخر وڃي مالڪ ملڪ جي منهن مقابل ٿيا، ۽ عرض
ڪيائون ”حضور! اوهان جي سر بخت جو خير هجي اسين
اوهان جي ابي ڏاڏي پيسين ڳڌل غلام اوهان جي
بادشاهيءَ ۾ ويٺا الله الله ڪيون! عرض ڪرڻ جي
اجازت ٿا گهرون!“ وزير، تنهن تي ڪڙو منهن ڪري، ڇڙٻ
ڏيئي، چين: ”اها اجائي بڪ بند ڪيو- جيڪي گهرڻو
هجيوَ سو گهرو!“ غريب شخص وک اڳتي کڻي، بادشاهه
سلامت ڏانهن ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو پوتڙو ڊگهي ڪري،
چوڻ لڳو، ”اي هيڻن جا حاڪم، اسان مسڪينن جي قسمتن
جامالڪ! سائينءَ جن لاءِ هڪڙي سوکڙي آندي اٿئون –
قبول پوي ته پيش ڪريون! هونئن ته بادشاهن وٽ موتين
جو ڪال ڪونهي. پر هيءَ هڪڙي بنهه نرالي چيز آهي!
ايامن کان ٻڌندا ٿا اچون ته بادشاهن جون بادشاهتون
هلنديون ئي هن شي تي آهن!“ ائين چئي، هن وڌي
پنهنجو پوتڙو بادشاهه سلامت جي پيرن ۾ رکيو، ۽ عرض
ڪيائين، ”جي تڪليف نه ٿئي ته حضور جن پنهنجن هٿن
مبارڪن سان پوتڙي جي ڳنڍ پاڻ ڇوڙين – سائينءَ جن
ڏسندا ته تنهن ڏينهن واري ڪٽي به ڪي هئي، پر هيءَ
شيءَ تنهان ئي ڪا ٻي شي آهي!“ درٻار جي سڀني اميرن
وزيرن جا وات ڦاٽي ويا، ۽ سڀني جون پوتڙي جي ڳنڍ ۾
اکيون کپي ويون! ايتري ۾ بادشاهه به هٿ وڌائي ڳنڍ
کڻي ڇوڙي! بس پوءِ ڳنڍ جو هو ڇڙڻ ۽ موچڙن جو هو
مڇرجڻ مزي سان وٽجي سٽجي، بادشاهه جي ڀريل ڪوري بت
تي ور ور ڪري اچي ٿي ڪريا! چوڌاري هنگامو مچي ويو.
بادشاهه جا رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ ڪير جو وچ ۾ پوي!
جيڪوپيو ويجهو وڃي، سو پيو سٽجي! بادشاهه هو، جو
جيئن نه ڪنهن کي چيلاٽا چنبڙي وڃن، ۽ ساري جوسارو
پوءِ پٽ کوهه ۾ پئجي وڃي، بلڪل تيئن بادشاهه سلامت
تي به موچڙن جي اها ته وٺ وٺان هئي، جو الامان
والحفيظ! پادرن جا اهي ته زيپٽ هئا سندس جسم مبارڪ
تي، جو سڄو سارو سـُڄي سـُڄي بنهه ڊيڻو ٿي پيو!
ڪير جو سندس دانهون ۽ ليلڙاٽ ٻڌي – چي، ”مون توبهه
ڪئي! جهٽ ڪريو.... ڪٽي موٽايو، ته ڪا جند
ڇٽيم..........!“ تنهن تي، ڪٽيءَ جي ڳنڍ ته انهيءَ
ئي گهڙيءَ کڄي اچي مالڪ کي ملي، پر پاڻ وهيڻيءَ
پريءَ جي پادرن کي ڪير جهلي؟ تنهن وچ ۾، آس پاس جا
ڪمي ڪاسبي، هاري ناري سڀ اچي مڙيا ۽ بادشاهه جي
هيءَ درگتي ڏسي، سڀني جا منهن سرها ٿي ويا، ۽ دل ۾
چيائون، ”مٽي، پاڻي مولا جا ..... اناج اپايون
اسين ۽ ڪٽيون کائين ٻيا! اڳتي ائين ڪو نه ٿيندو!
هاڻي، هٿين خالي اسين به ناهيون!“
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته...................
دنيا رنگين ۽ ڪٺور
- ساڳئي قسم جي بي درد گفتي ٻڌڻ سان اڄ وري هڪ ورهين جو پراڻو
واقعو دل تي تري آيو اٿم.
1942ع جي ”هندستان ڇوڙدو“ واري تحريڪ جو زمانو هو. آڪٽوبر
مهيني ضلعي جيل ڪراچيءَ ڏانهن وڃڻ ٿيم- منهنجو
جيون ساٿي سرڪار نامدار جو معزز مهمان هو. ان
ڏينهن پنڌرهن ڏينهن واري ملاقات ملڻي هئي. مان
حاطو پار ڪري جيل جي شاهي ڦاٽڪ کان ذرا دور ئي
هوس، ته مئٽرن مون کي ڏسي ورتو ۽ مشڪندي چيائين،
”اوهين فلاڻيءَ جا گهوٽ آهيو نه! اصل پوري پندرهين
ڏينهن اچي ٺڪاءُ ڪيو اٿو. چڱو اوهين ملاقين جي
ڪمري ۾ ترسو ته اوهان کي پاڻيهي سڏ ٿيندو .“
آءٌ ڪمري ۾ گهڙيس، ته اتي ست اٺ ٻيا مسلمان ڀائر به ويٺا هئا.
مان پاسي واريءَ بينچ تي ويهي رهيس. پنهنجي ئي
خيالن ۾ محو. جنهنڪري هنن سان نه بات چيت ٿي، نه
ڪي سندن وچ ۾ هلندڙ گفتگو ئي منهنجي ڪنين پيئي.
ائين ئي ڏهن منٽن کن ۾ هڪ جمعدار زور سان پڪارڻ شروع ڪيو، ”موسي
(نالو ته اهوئي ٿي ورتائين!) جوابدار جي مائٽن مان
ڪو حاضر آهي؟“
ملاقين جي ڪمري ۾ ويٺل ڀائر نڪري ٻاهر ٿيا. مان به پنهنجي
ملاقات جي باري ۾ وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس.
هنن يارن جي چهرن جا رنگ اڏيل هئا ۽ ڪنهن سخت
مانسڪ پيڙا ۾ ٿي ڏٺا. هنن کي ڏسندي جمعدار شروع
ڪيو، ”ڀائي اوهين آهيو نه موسي جا مائٽ موسي کي
سويل صبح جو ڦاسي ايندي. اوهين اٺين بجي اندر اچي
لاش کڻي ويندا.“ پر هن هي سڀ اهڙي تڪڙي ۽ اچاتري
نوع ۾ چيو، ڄڻ ڪو پاڻيءَ جو جوٺو گلاس ٿي
هاريائين!
موسو به ته ڪنهن ماءُ جو لخت جگر هوندو. ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ جو پيارو
ڀاءُ هوندو. ڪنهن عورت جو جيءُ جيار خاوند هوندو.
ڪنهن اولاد جو مٺڙو ابو هوندو! پر جمعدار جو ڄڻ ته
انهن ڳالهين سان ڪو پريو جن ڪو نه هو. هن کي ته
پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻي هئي، جا هن هڪ بي احساس مشين
وانگر ٿي ڪئي. دنيا ڪهڙي نه رنگين ۽ وري ڪهڙي نه
ڪٺور آهي!
گوبند ڀاٽيه، الور (راجسٿان)
م . ع. ڏيپلائي
ماني
آءٌ کپري تعلقي جي پير ڳوٺ طرف وڃي رهيو هوس. مون سان گڏ هڪ
ساٿي به هو، پر واٽ جي خبر پوري هن کي به ڪا نه ٿي
پيئي. ڀرسان ڪي غريب هاري ڪم ڪري رهيا هئا. کانئن
پير ڳوٺ جو گس پڇيو سون. گس پئي ڏسيائون، ته سندن
ماني کڄي آئي.
”ادا، اچو ته ماني کائون!“ هڪ چيو.
”نه ادا، شل خدا خوش رکيوَ! اسين پير ڳوٺ وڃي کائينداسون.“
ٻئي هڪدم رڙ ڪري چيو، ”اڙي مهمانن جو وس، جو ماني نه کائين!
وارو ڪر. جهلين گهوڙن جون واڳون!“
هنن جي انهيءَ حڪماحڪميءَ صلاح گهوڙن تان لهڻ تي مجبور ڪيو. پير
ڳوٺ ۾ ته ڪڪڙ جي پلاءَ ملڻ جي اميد هئي؛ پر جيڪو
مزو هنن محبت ڀرين ڍوڍن لسيءَ ڏنو، سو به سڄي عمر
ياد رهندو!
۽ وڏي ڳالهه ته سندن صلاح! چي، ”مهمان جو وس، جو ماني نه کائين!
اڙي، جهلين گهوڙن جون واڳون!“
”چوندا آهن ته ”آفتاب آمد دليلِ آفتاب“ يعني سج جي
ثابتي ته خود سج آهي، ان کي ڀلا ڪڪرن هيٺ ڪيترو
لڪائي سگهبو: تئن حقيقت جي روشني ڪڏهن به دائمي
طرح دٻجي نه ٿي سگهي. دانشمندن جا دشمن به نيٺ
انهيءَ معلومات جا قائل ٿيڻ تي مجبور ٿين ٿا، جا
صحيح هجي- ڇو ته اها انسان ذات لاءِ فائديمند
هوندي آهي، انسان کي اوندهه مان ڪڍي سوجهري ۾
آڻيندي آهي.
اسان کي ڪڏهين به چمڙي وانگر اوندهه کي پسند رکڻ نه گهرجي.
جيڪڏهين روشني اسان جي وس ۾ نه هجي، ته به اوندهه
کان نفرت ڪرڻ ته لازم آهي. اها نفرت ئي اڳتي هلي
نيٺ اسان کي اوندهه کان نجات ڏيندي ۽ اسان کي
انهيءَ روشنيءَ جو ڏس ڏيندي، جا حاصل ڪرڻ هر انسان
جو پيدائشي حق آهي.
دنيا جا اونداهاگوشا اڄ به اهڙن انسانن سان ڀريا پيا آهن، جي
غارن ۾ ۽ جهنگلن ۾ رهن ٿا، جن جي جانورن سان ئي اٿ
ويهه آهي، جي پنهنجي وحشانيت ۾ ئي مگن آهن. اهو
ڇو؟ هن ڪري، جو هنن ۾ روشنيءَ لاءِ تڙپ اڇا پيدا
ڪا نه ٿي آهي، هو اڃا انڌيري تي ئي قانع آهن. قدرت
انهن کي ئي سوجهري ۾ آڻي ٿي. جي سوجهرو چاهين ٿا،
جي وهم ۽ حقيقت ۾ تميز ڪرڻ جي پاڻ ۾ لياقت پيدا ڪن
ٿا. “
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي
ادب يا ساهت ڇا آهي؟
رواجي پڙهيل ماڻهو، جن جا ويچار ادب يا ساهت جي باري ۾ اڪثر
”ڌنڌلا“ هوندا آهن، تن کان پڇبو ته ادب ڇا آهي، ته
في الحال منجهي پوندا ۽ آخر هڪ ٻڪي ورائيندا: ادب
آهي........ ڪتاب! پوءِ جي وڌيڪ سوال ڪبو ته ڪتاب
ته سوين هزارين هر ٻوليءَ ۾ نڪرن ٿا، پوءِ اهي سڀ
ادب ٿيا ڇا؟ ته جواب ملندو: ادب آهي..... سٺا
ڪتاب. پر سٺا ڪتاب به ڪي ڪنهن لاءِ سٺا، ڪي ڪنهن
لاءِ مَٺا هر پڙهندڙ جي پسندي نرالي، اهو به ته
ادب جو پورو بيان نه ٿيو. آخر ڪو سمجهو تعليم
يافتو ٺيڪ اتر ڏيندو: ادب آهي....... اوچا ڪتاب،
اعليٰ ڪتاب. يعني ته ڪنهن ٻوليءَ جو ساهت آهي انهن
اعليٰ ڪتابن جو خزانو، جن ۾ ادبي ڪماليت حاصل ڪيل
هجي. هاڻي ڏسون ته اها ڪماليت جا ڪتابن کي ساهت
جو درجو ڏئي ٿي، سا ڪهڙين خاصيتن ۾ سمايل آهي.
عالمگير دلچسپي
ادب جي پهرين خاصيت آهي ته ان ۾ عالمگير دلچسپي سمايل هجي. يعني
ته اهي ڪتاب ادب جو درجو رکن ٿا، جن ۾ نه فقط ڪنهن
خاص ملڪ يا فرقي جي ماڻهن لاءِ دلچسپي پيدا ٿئي،
پر اهي، جي ساري جهان جي پڙهيل ماڻهن کي پسند پون.
جي ڪو ڪتاب صرف انگريزن کي وڻيو ۽ هندستانين يا
پاڪستانين کي نه وڻيو، يا هندن کي وڻيو ۽ مسلمانن
کي نه وڻيو، ته اهو ادبي ڪتاب نه چئبو. تنهنڪري ئي
ساهت سروَ ديسي يا عالمگير آهي. نه فقط ايترو، پر
جي ڪو ڪتاب آڳاٽي زماني ۾ پسند پيو ۽ چالو وقت ۾
نه آئڙيو، يا صرف هاڻوڪن پڙهندڙن کي وڻيو ۽ آئيندي
جي لوڪن ۾ دلچسپي پيدا نه ڪيائين، ته اهو به ادبي
ڪتاب نه ليکبو. يعني سچو ساهت هر ملڪ ۽ هر وقت جي
پڙهندڙن لاءِ وڻندڙ آهي، ساهت مڪان ۽ زمان جي
ٻنڌڻن کان ٻاهر آهي.
زندگيءَ جي ترجماني
ادب ۾ اهڙي دلچسپي پيدا ٿئي تنهن لاءِ هڪڙو ئي شرط ضروري آهي:
ته ان ۾ زندگيءَ جي ترجماني ڪجي، يعني منجهس
زندگيءَ جي نرالين گونا گون روايتن جا چتر چٽجن،
جي هر انسان، جو زندگي بسر ڪري رهيو آهي، تنهن ۾
چاهه اٿارين. پر ته حياتيءَ جون اهي عارضي روايتون
يا اهي مسئلا، جي اڄ آهن ته سڀان حل ٿي ويندا ۽
ڪجسا پيا لڳندا. پر اهي دائمي حقيقتون، جي ڪڏهن به
پراڻيون نه آهن ۽ سدائين دلڪش رهنديون، مثلا گهڻا
تڻا پنگتي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلا، جن جي حاضر
زماني ۾ عارضي اهميت آهي، سي وقت پئي سلجهي ويندا،
۽ آئيندي لاءِ انهن جي خالي تاريخي يادگيري رهندي
۽ نه ادبي اهميت. ياد رکڻ کپي ته اهي جزوي تاريخون
آهن، جي عام زندگي سان واسطو رکن ٿيون ۽ عبارت جي
لحاظ کان ادبي درجو رکن ٿيون. پنگتي ۽ سياسي مسئلا
بدلبا رهن ٿا، پر زندگيءَ جا دائمي اصول (سچ،سوڀيا
۽ نيڪي) ۽ انساني سڀاءَ جا مسئلا (پيار، ڌڪار،
فخر، حسد وغيره) اهي ئي آهن جي دائما قائم رهندا،
جن جي اُپٽار ۽ کوجنا ادب کي سدائين امر بنائي ٿي.
فنائتي نمائش
ادب جي ٻي خاصيت آهي زنديءَ بابت عالمگير ويچارن جي فنائتي
نمائش يا پيش ڪرڻ جو طريقو. نمائش جا ٻه مکيه جزا
آهن. بناوت- يعني خيالن جي رٿا ۽ جوڙجڪ ۽ عبارت
يعني لفظن جي سهڻي چونڊ ۽ ملاوت، ادب جا اهي ٻئي
پهلو اهم آهن، جن کي سرڳواسي لعلچند جڳتياڻيءَ جي
گفتي موجب سنڌيءَ ۾ مال ۽ رومال چئي سگهجي ٿو.
ليکڪن ۽ سندن لکيتن جو ادبي اندازو يا ساهتڪ ڪَٿ
پڻ انهن ٻن پهلن جي لحاظ کان ڪرڻ گهرجي. البت مال
جي اهميت وڌيڪ آهي، ڇو جو مال ڌاران ڪهڙو به سهڻو
رومال ٺلهو رهندو، پر ڪهڙو به مائيدار مال، جي
سندر رومال ۾ نه ويڙهيل هوندو، ته ڀري بار ٿي
پوندو،زندگيءَ جون ڪهڙيون به دلچسپ روايتون، جي
ڪلاڪاريءَ سان پيش نه ڪيون وينديون، ته ادب جو
مرتبو نه ماڻي سگهنديون. جيوت جي ڳـُوڙهن مسئلن
بابت ڪيڏا به انگ اکر ڪٺا ڪجن ۽ دليل بازي
ڊوڙائجي، پر جي ان کوجنا کي پيش ڪرڻ جو فنائتو
طريقو نه هوندو، ته اهو فقط نغاري تي ڏونڪي وارو
پرچار ٿي پوندو ۽ نه ساهت جي مڌر مرليءَ جو آلاپ.
ساهت ۽ وگيان (سائنس)
هيءَ ڪائنات ٻن ڀاڱن ۾ وراهيل آهي: انسان ذات ۽ قدرت. جئن انسان
ذات کي زندگي آهي، تئن جڳ – مشهور سائنسدان ڊاڪٽر
بوس ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته قدرت کي به پنهنجي
زندگي آهي. انساني زندگيءَ بابت علم کي ساهت ٿو
چئجي، ۽ قدرتي زندگيءَ بابت علم کي وگيان ٿو چئجي.
ساهت جيوت جي نيمن کي ڄاڻڻ ۽ انهن انوسار هلڻ ٿو
ڏيکاري. ۽ و گيان قدرت جي قانونن کي سمجهڻ ۽ انهن
تي عمل ڪرڻ ٿو سيکاري. هاڻي سوال آهي ته ڪيتري قدر
سائنس ساهت جو درجو حاصل ڪري سگهي ٿي؟ ان جو جواب
به ساڳيو آهي جيڪو تاريخي ڪتابن بابت ڏنو ويو.
جهڙيءَ طرح خشڪ تاريخي واقعا ۽ انگ اکر، زندگيءَ
سان وابسته ڪرڻ سان ۽ سهڻي نموني ۾ پيش ڪرڻ سان
دلچسپ بنائي ٿا سگهجن،تهڙيءَ طرح جيڪڏهن وگياني
کوجنائن جوپڻ انساني زندگيءَ سان تعلق برپا ڪيو ۽
انهن کي فنائتي بناوت ۽ عبارت ۾ پيش ڪبو،ته اهي
ڪتاب پڻ ساهت جو پد پائي سگهن ٿا. پر اهڙو وگياني
ساهت هٿ اچڻ تاريخي ساهت کان به وڌيڪ ڌرلڀ آهي.
عام طرح ساهت ۽ سائنس هڪ ٻئي جا ضد سمجهيا ويندا
آهن، ايتري قدر، جو سائنس جا ڪتاب فقط سائنسدان ئي
سمجهي سگهندا آهن؛ پر ساهتڪ ڪتابن ۾ نه رڳو پڙهيل
ماڻهو، پر خود سائنسدان به چاهه وٺندا آهن، ڇو ته
آخر اهي به ته پهريائين انسان
آهن پوءِ سائنسدان. درحقيقت هر انسان کي پهريائين
ساهت مان جيوت جو گيان پرائڻ کپي، پوءِ جي من مڃي،
ته وگيان ڏانهن وک وڌائڻ گهرجي.
ساهت ۽ سکيا
آڳاٽي زماني ۾ جڏهين ”ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهنديون
هيون“ تڏهن ادب جو واحد مقصد هوندو هو ”فرحت“. ان
اصول کي چوندا هئا. ”فن براي فن،“ يعني فن جو مقصد
فن ئي آهي، جنهن مان صرف موج پائجي، پر جئين
زندگيءَ جي ڪشمڪش وڌندي ويئي ۽ جيوت جي هر راهه ۾
مشڪلاتون ۽ مسئلا ايندا ويا، تئن ادب کي انهن
مسئلن طي ڪرڻ جو واهڻ بنايو ويو. ادب جو مقصد
”فرحت“ مان ڦيرائي ”سکيا“ ڪيو ويو، ۽ ”فن براي
زندگي“ جو نئون اصول جاري ڪيو ويو، يعني فن جو
مقصد آهي زندگيءَ کي پيش ڪرڻ ۽ سڌارڻ. انگريزي
شاعر ۽ نقاد مئٿو آرنولڊ وري ٽيون اصول برپا ڪيو:
”فن براي اخلاق،“ يعني فن جو مقصد آهي اخلاق
سيکارڻ. آرنولڊ ته انهيءَ اصول کي اهڙيءَ حد تي
کڻي ويو، جو مرڳوئي شعر بابت به چيائين: ”شعر آهي
زندگيءَ جي نڪته چيني“. هاڻي، جيڪڏهن شعر جهڙي
تصوري ادب ۾ پڻ زندگيءَ کي سڌارڻ لاءِ ان جي نڪته
چيني ڪرڻي پيئي، ته ادب جي ٻين نثر وارين شاخن
جهڙوڪ ناول، ناٽڪ، آکاڻيءَ وغيره ۾ ته جائي
زندگيءَ جي نڪته چيني ڪرڻي پوندي. پر شرط اهو آهي
ته اها به جيڪڏهن فنائتي نموني نه ڪئي ويئي، ته
وري به ادب کي پرچار ۾ مٽائي ڇڏڻ جو انديشو آهي.
تنهنڪري سچو اصول انهن ٻن حدن جي وچ ۾ آهي؛ يعني
ادب جو ٻٽو مقصد آهي فرحت سان گڏوگڏ سکيا ڏيڻ ۽
جيوت کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
تحقيق، حياتيءَ جا الجهن اڄ اهڙا گهاٽا ٿي ويا آهن، جو جديد ادب
مان فرحت ته خير ڪائي حاصل ٿئي. پر ايندڙ زماني ۾،
جائين زندگي نياءَ ۽ نيتيءَ جي پايي تي قائم ٿي
ويئي، تائين نئين ساهت مان به هن کي اصلوڪي فرحت
اوس حاصل ٿيندي. باقي سکيا جي ضرورت پوي، ته اها
به اهڙي خشڪ طريقي نه ڏيڻ کپي، جئن ماستر يا ملان
وعظ ڪندو آهي، پر اڻ سڌيءَ طرح، فنڪاريءَ جي نوع ۾
ڏيڻ کپي، جئن پڙهندڙ ۾ دلچسپي پيدا ڪري. اهڙي سکيا
ڀريل ساهت دوران ئي، عمر خيام جي اکرن ۾: ”زندگيءَ
جي هن بيڪار سرشتي کي ڇيهون ڇيهون ڪري، نئين ڪارب
۾ وجهي، زياده دلچسپ بنائينداسون.“
�� |