ڪيرت ٻاٻاڻي
تون پڇين ٿو مان ڇو اداس آهيان؟
تون پڇين ٿو ”مان ڇو اداس آهيان؟“ نه معلوم ڇو ويٺي ويٺي
اداسائي دل تي ڇانئجي ويندي آهي. دل جي اونهائيءَ
۾ هڪ تنهائي محسوس ڪبي آهي، تنهائيءَ ۾ هلڪو هلڪو
چڀندڙ درد! من جو پکيئڙو اڏامندو عرش جون ڪئين
منزلون طئي ڪندو، اڻ وسريل ياد واريون جڳهيون
۽نظارا ڳوليندو رهندو آهي...
هيءُ نوابشاهه جو ننڍڙو نگر آهي. هن شهر جو هر هڪ رستو، هر هڪ
گهٽي، هر هڪ جڳهه، هر هڪ ڀت مون کي سڃاڻي. مان ڪوڙ
ڪو نه ٿو ڳالهايان! مون کي بادشاهه پير دستگير جو
قسم آهي. پڇي ڏسو، هر هڪ ڀت کان ته مون مٿس ڪيترا
ڀيرا پوسٽر لڳايا هئا؛ ڪيترا ڀيرا چاڪ سان لکيو
هو: انقلاب زنده آباد! هندستان آزاد! هندو مسلم
ڀائي ڀائي! پڇي ڏسو نه هر هڪ رستي ۽ گهٽيءَ کان ته
مون ڏينهن ۾ گهڻا دفعا مٿن ڊڪون ۽ ڊوڙون ٿي
پاتيون، ڌڪا ٿي کاڌا ۽ سندن خاڪ پنهنجي جسم سان ٿي
ملي! ڏسو توهان کي شاهدي ڏين ٿا يا نه!
ڀلا مون کان اهو ولس هاءِ سڪول وسري سگهي ٿو، جنهن جي ننڍڙي
باغيچي ۾ مان پنهنجن هم عمر سنگتين سان شام جو
ويهي، موريون ۽گجرون، پالڪ ۽ ميٿي پوکيندو هوس. گل
۽ ٻوٽا لڳائيندو هوس؟ مون کي ڪير ٻڌائيندو، اهي
منهنجا لڳل گل ۽ ٻوٽا ڪيئن آهن؟ مرجهائجي ويا آهن
يا اڃا به انهن ۾ اها مهڪ ۽ مشڪ موجود آهي ۽ سورج
جي پهرين ڪرڻي ۾ پنهنجا ننڊاکڙا نيڻ، ڪرموڙي
کوليندا آهن؟ جي ها، ته ڪهڙو منهنجو رفيق منهنجن
لڳايل گلن جي جيءَ سان پرورش ٿو ڪري؟ مان کيس سلام
ٿو موڪليان. پڪ ڄاڻي ته انهن گلن جي سڳنڌ هوا جي
تهن تان نڪرندي منهنجي هن نرڳ جهڙيءَ ڪوٺيءَ ۾
ضرور اچي منهنجي دماغ کي طراوت ڏيندي.
ڀلا هن پنهنجي دوست ڄيٺي جو گهر ڀلجي سگهندس؟ ان گهر جي ته سر
سر منهنجي واقف آهي. اتي ئي پهريون دفعو منهنجي دل
گم ٿي وئي هئي. مون هر هڪ سِرَ ڪري پنهنجي دل کي
ڳوليو، پر مون کي ڪٿي به نه ملي. مون کي ڪهڙي خبر،
ته ڪو ان کي چورائي ويو آهي ۽ اها دل مون کي قيام
وري واپس نه ملندي. ۽ چور! اهو بلڪل منهنجي نظرن
جي سامهون شرارت ڀري نظر سان مشڪي رهيو هو. مون
کي، اها حياتي ڀر نه وسرندڙ گهڙي اڄ به ياد آهي.
هن ويٺي نوڙيءَ راند ڪئي. نوڙي ٻن ڇوڪرين ويٺي
هلائي ۽ هن ٽپا پئي ڏنا. عورت هونئن ئي سونهن جو
ڦوهارو، پر جڏهين مٿس جوانيءَ جي مڌرتا ۽ چنچلتا
ڇانيل هوندي آهي، ته هوءَ سونهن جو بيباڪ آبشار
بڻجي پوندي آهي! هن جي انگ انگ ۾ مستي هئي، للڪار
هئي، سندرتا هئي ۽ زندگيءَ جي اڇل هئي. مان چاهيان
نه چاهيان، بازي هارائي ويٺو هوس. تير ڇٽي ويو هو،
تنهن کي واپس تيردان ۾ آڻڻ، ڪنهن جي وس جي ڳالهه
نه هئي.
ڀلا هو محمد بخش ڪاسائي ڪٿي آهي؟ هو برابر ڪاسائي پر دل ته ڪنول
جي گل جهڙي نرم هيس. مون کي ڪلهي تي کڻي وٿاڻ
گهمائيندو هو، ڌڻ چُڪائيندو هو ۽ جيرا بڪيون
کارائيندو هو. جڏهين پڇاڙيءَ وارو ڀيرو ڳوٺ
موڪلائڻ لاءِ ويس، تڏهين پنهنجي دستار سان اکين
جون پلڪون اگهي، پيار ڀريون ڳراٽڙيون پائي چيائين،
”ننڍڙا ديوان، ٻه ٽي ڏينهن ترس. ڪوٽڙيءَ جا پلا،
ٺارو شاهه جون نارنگيون، سڪرنڊ جا پٻڻ، محرابپور
جا پيڙا ته ڍؤ تي کائي پوءِ وڃ.“
تون پڇين ٿو مان ڇو اداس آهيان؟
هيءُ حيدرآباد جو سهڻو شهر آهي. ڪيترا ڀيرا مان هن تواريخي شهر
جو ديدار ڪرڻ آيو هوس. ڏس هيءَ ڦليلي پنهنجي ڦوهه
جوڀن ۽ مستيءَ ۾ پئي وهي. سندس گهڙ..... گهڙ.....
گهڙ جو آواز اڃا پيو ڪنين پوي. مهاڻا پنهنجن
ڊونڊين، بتيلن ۽ مڇئن ۾ ويٺا، سسئيءَ جي هالاري
جبل ۾ ڀٽڪڻ جا ورلاپ ڪن.
ڀرسان ئي هيٺ لهي، مائي ڏائيءَ جو ڍو ڍو چٽڻي کائي وڃڻ کاسواءِ
توهان حيدرآباد ۾ جهڙا آيا تهڙا نه. مبارڪ آهي
مائي ڏائي تنهنجو هٿ، جنهن ۾ ايڏي شيري آهي، جو
ماڻهو تنهنجي ڍوڍي جي هاڪ ٻڌي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان
هت ٿا اچن. اڄڪلهه اتي مائي ڏائي هوندي يا ڏائيءَ
جي پوٽي هوندي، پر اها ڍوڍي ۽ چٽڻيءَ جي هاڪ ۽
شيري سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندي.
هاڻي اچي ميرن جو هيءُ ڊٺل قلعو ڏسو. ميرن جي صاحبيءَ جو پويون
نشان. قلعي ڏسندي تاريخ جا ڪيترا ورق اکين اڳيان
گذري ٿا وڃن. انگريزي حڪمرانن پنهنجي سوڀ جا پُتلا
به هت ٺهرائي ڇڏيا آهن. ڀلا وقت جي سرڪار انهن
داغن کي مٽائڻ لاءِ ڪهڙي ٿي ڪوشش ڪري؟ ڀرسان ئي
مياڻيءَ جو ميدان آهي، جتي شيردل ٻروچ انگريزي
گولين جو مهاڏو ڪندي زمين تي ڪريا هئا. اڄ ڪير
انهن جي شهادت جي تاريخ لکي ٿو- يا انهن جي
دليريءَ جا ورق وساريا ويا آهن؟
ڀرسان ئي ڪوٽڙي آهي. پلن جو پتڻ. ڪوٽڙيءَ جو تازو سيڪيل پلو
کائڻ سان، رب جو سُنهن، بهشت جو ميوو ياد اچي
ويندو هو. هتي ئي ٻيڙيءَ تي چڙهي، سنڌوءَ جي چنچل
لهرن مٿان، چانڊوڪيءَ رات جو اسان سير ڪيو هو. رات
جي خاموشي، چانڊاڻ جي سيتلتا ۽ لهرن جي مدهوشيءَ ۾
منهنجي دوست جيڪو دل جو الاپ ”او منهنجا پرديسي
پريتم، تنهنجي ياد ستائي،“ بلند ڪيو هو، سو اڄ به
هوا جي لهرن سان ٽڪرجندو رهي ٿو ۽ ڪڏهين ڪڏهين اها
زخميل دل جي پڪار بدن ۾ بجليءَ جهڙو سيسراٽ پيدا
ڪندي آهي.
تون پڇين ٿو ته مان ڇو اداس آهيان؟...........
هيءَ شڪارپور آهي، منهنجي دوست ڪڪوءَ جو جنم آستان. هينئر
منهنجو دوست مون کان رسي ويو آهي ۽ مون وٽ وري اچڻ
وارو نه آهي، پر سندس يادگيريون ۽ سندس شهر جا
واقف نظارا مون وٽ ڇڏي ويو آهي. اڪيلي ڪڪوءَ جي
اڪيلي ناني، منهنجي به ناني هئي. سندس سڪ ۽ ممتا
مون کي اهو به ڀلائي ڇڏيندي هئي ته هوءَ ڪڪوءَ جي
ناني آهي يا منهنجي ناني!
هيءُ شهر آهي، جتي ڪيترا سنت ۽ ڪوي پيدا ٿيا. ان ئي مٽيءَ مان
سنڌ جو نوجوان باغي شاعر ”اياز“ جاڳيو، جنهن جي
گيتن جي گونجار ساري سنڌ ۾ ڦهلجي وئي. اڄ به اهو
نظارو ياد آهي، جڏهين ”اياز“ سڀني روايتن ۽ ٻنڌنن
کي ٽوڙي ”رام باغ“ جي هڪ عوامي ميڙ ۾ پنهنجومحبوب
گيت ڳايو هو: ”او باغي! او راڄد روهي! ڀارت جي
بلوي جا باني....“ اڄ اهي روح پرور نغما سنڌي عوام
جي چپن تي نچندا هوندا ۽ پرورش پائيندا هوندا.
هيءُ هاٿي در، هيءُ لکي در. شام جو دلفريب ۽ من موهيندڙ سمو!
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڇانگ! ڇا هي سڀ وسرجڻ جهڙيون
ڳالهيون آهن؟
۽ سنڌ واهه! ڪڪو چوندو هو، ”جن جي گهر ”سنڌ واهه“ وهي، سي گنگا
وڃن نه گو دڙيا“. اونهاري جو وقت هو. ساري سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان نوجوان شاگرد ڪانفرنس جي موقعي تي اچي
ڪٺا ٿيا هئا. خوب گرما گرم بحث ٿيو، ڪشمڪش ٿي،
تقريرون ٿيون، ٺهراءَ پاس ٿيا. ۽ پوءِ هو سنڌ واهه
تي شيل! پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ، انبن جي رس چوسڻ، گوشت تي
جهپا هڻڻ ۽ ٽٻيون ڏيڻ. هن سير جي موجب ۾ موسيقي جو
ميٺاج هو، ۽ نرتيه جي مڌرتا هئي، چترڪاريءَ جي
رنگيني سمايل هئي.
بلڪل ويجهو سکر آهي – سنڌ جو فخر! سکر ڀلا ڪو ڏسڻ جو شهر آهي؟
بس دل تي چٽڻ جو آهي. هڪڙو چِتر ُ اکين کان پري
ئي نه ٿو ٿئي ته ٻيو ان کي ٿيلهو ڏئي ٿو اچي اڳيان
بيهي. چڙهو نه معصوم شاهه جي مناري تي – ڄڻ عرش جا
سير ڪيوَ. مٿي پهچڻ سان ائين محسوس ڪندا ڄڻ اهڙي
بلنديءَ تي پهچي چڪا آهيو، جتان قدرت جي هن وسعت
کي پنهنجي گود ۾ سمائي ڇڏيوَ.
اچو ته سکر براج جو لطف وٺي اچون. هيءُ سنڌوءَ جي ڇاتيءَ تي
انسان جي فتح جو ڪمر پٽو ٻڌل آهي. ستر دروازن جو
بند، جنهن سنڌوءَ جي مڌمست پاڻيءَ کي لغام ڏيئي وس
ڪيو آهي. هيءَ سنڌ جو جياپو آهي، کيتن جو روح آهي.
اها اونهاري جي هڪ دلربا رات، جا مون براج جي پل
تي ڪي گهڙيون گهاري هئي سا قيامت ڀر نه ڀلجي
سگهندس. پاڻيءَ جي مٿان چانديءَ جي چادر. پاڻيءَ
جي گهڙ گهڙاهٽ جو انوکو آلاپ ۽ لهرن جو رقص!
هت بکر آهي، زنده پير آهي، ڀرسان روهڙي شريف آهي ۽ پاڻيءَ جي وچ
۾ ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ. درياءَ شاهه جي ڇاتيءَ تي هيءُ
ننڍڙو ٻيٽ آنند جو آستان آهي. ڪيترا ڀيرا درشن ڪرڻ
کان پوءِ به دل ڍاپڻ جي نه آهي. ڀلا قدرت جي سونهن
مان به ڪڏهين ڪير ڍائو آهي! آرتوار جي ڏهاڙن تي ڇا
پيهه هوندي هئي! سڄو سکر اچي اتي ٽٽندو هو. اهڙن
موقعن تي آنند وچان مور ۽ ڊيلون پنهنجا کنڀ پکيڙي
جا رمت رمنديون هيون سا ڀلائڻ جي نه آهي!
تون پڇين ٿو ته مان ڇو اداس آهيان؟...........
هيءُ آهي سنڌ جو بهشت- ڪراچيءَ جو سندر شهر. هن شهر سان منهنجو
نينهن آهي. ڇو ته ان سان منهنجيون ڪيتريون
يادگيريون وابسته آهن. هن شهر جون گليون ۽ ڪوچا،
باغ ۽ وندرگاهه، تعليمي ادارا ۽ سياسي مرڪز مون
کان هزارين ميل دور هوندي به مون کي ايترو ويجها
آهن، جيترو منهنجي اکين جون ماڻڪيون.
هيءُ ڏس نه ڊي. جي سنڌ ڪاليج! مان جيڪي آهيان سوسڀئي انهيءَ جي
بدولت. ڪاليج جا شاهي گنبذ، آڳنڌ ۾ وڇايل ساوڪ جا
غاليچا، ڪلاسن ۾ پيل بينچون، ڏاڪڻ جا ڏاڪا، ۽ٿنڀي
تي هٿ سان اڪريل هيءُ منهنجو نالو، منهنجي اڳيان
ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪالهه ڪالهوڻي آهي. ۽ هيءَ
ميٺارام هاسٽل، جنهنجي ڪوٺي نمبر 29 منهنجو چار
سال آرام گاهه هئي. انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ مون ڪهڙا خواب
پاليا هئا، دوستن سان ڪهڙيون رهاڻيون ڪيون هيون ۽
محفلون مچايون هيون. اهي سڀ نه وسرندڙ داستان آهن.
هاڻي اچو ته ڪياماڙيءَ تي هلون. جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي منهوڙي جو
ديدار ڪرڻ ٿا هلون. هيءُ لڪشميءَ جو مندر آهي.
عربي سمنڊ جون ڇوليون مڌر ناچڻين جيان تال سان قدم
ملائينديون، مندر جي ديوار کي چمنديون، ڌيمي چال
سان ڇم ڇم ڪنديون واپس ٿيون وڃن. هيءَ گجي ڏس،
واريءَ سان لپيٽجي ان سان ملي پنهنجو وجود وڃائي
ٿي ڇڏي. ديوار سان ٽڪرجندڙ لهرون پاڻيءَ جون
بوندون ائين ٿيون ڦهلائين، ڄڻ موتين جي ورکا ٿي
ٿئي. هن لافاني آستان تي مان ڪيترا ڪلاڪ ليٽي
پوندو هوس ۽ عربستان جي ڪناري تان هلندڙ ڇولين جي
محڪمتا ۽ نيلي آسمان جي وسعت جا دلفريب سنيها
سڻندو هوس.
هيءُ اَٿو آرٽلري ميدان جي ڇهين نمبر جڳهه جي سورهون نمبر
بالڪني. انهيءَ بالڪني تي ڪئين افسانا چٽي سگهن
ٿا. ان سان منهنجو جيءُ جڙيل آهي، روح جو سنٻنڌ
آهي اها منهنجي حسرتن جو آئينو آهي. انهيءَ
بالڪنيءَ ۾ پويون دفعو مون پنهنجي پريتما کي ڏٺو
هو. هر روز انهيءَ بالڪنيءَ هيٺان، نت نيم، مان
کير واري وٽان کير پيئڻ ايندو هوس. کير مان منهنجي
دل کي تقويت ملندي هئي يا نه، پر پرينءَ جي ديدار
مان ته دل کي بي پناهه مسرت ملندي هئي. هر روز،
صبح ۽ شام دل جي ڌڙڪن کي تيز ڪري، دل لاءِ تسڪين
هتان ئي پائي ويندو هوس. اڄ ضرور ڪو نه ڪو کير
پيئڻ جي بهاني سان پنهنجي نور نظر کي انهيءَ
بالڪنيءَ ۾ ڏسڻ ايندو هوندو، کيس مبارڪ هجي اها
بالڪني!....
ٿورو پريان عيدگاهه ميدان آهي. انهيءَ ميدان تي تاريخ جا باب
لکيا ويا آهن. اهو 1946ع وارو زمانو هو. بهادر
سامونڊي خلاصين انگريزي حڪمرانن جي بي عزتي ۽
گهمنڊ جو جواب رائفلون سڌيون ڪري بغاوت سان ڏنو.
نونهال خلاصين جهازن تي قبضو ڪري گولين جو جواب
باروت سان ڏنو. ڪراچيءَ جو شهر اڀامڻ لڳو. سڄي خلق
اچي عيد گاهه ميدان تي نَئي. ڳاڙها، ساوا ۽ٽرنگا
جهنڊا هڪ ئي ميدان تي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڦڙ ڦڙ
ڪندا رهيا. پنهنجي کسڪندڙ طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ
سامراجين عوام تي گوليون هلايون. ۽ اهو اٺن سالن
جو معصوم بوري ٻالڪ منهنجي بلڪل اڳيان سورهيه
سپاهيءَ وانگر ڪريو. کيس کن لاءِ گود ۾ کنيم. سندس
شهيد خون سان لال ٿي ويس. هڪ ڏينهن ۾ انهيءَ ميدان
جي سرزمين تي اٺن شهيدن جي اتهاس جا ورق لکجي ويا،
جن کي ڪير ڀلائي سگهي ٿو؟ اڄ به انهيءَ معصوم ٻالڪ
جي بي باڪ شهادت جي مـُرڪ منهنجي اکين جي تارن ۾
عڪسي پئي آهي.
............ ۽ انهيءَ منهنجي ڪراچيءَ کان اڄ آءٌ وڇڙيل آهيان!
��
عبدالرزاق ”راز“
ناڪام محبت
تمام پري شرناءِ تي لاڏو ٿي وڳو. لوهي ٽاٽ بگي، اونداهيءَ رات
۾، پيچرن کي چيريندي، اڳتي ٿي وڌي. ابلخ گهوڙي
ڪڏهن ڪڏهن هڻڪيو ٿي. ڊرائيور رين کي ڍرو ڪري. هن
جي پٺيءَ تي ٿڦڪي ٿي ڪئي. بگيءَ ۾ هڪ نوجوان ڪنهن
ڳوڙهيءَ سوچ ۾ ويٺو هو. هڪ ننڍڙو هنڌ ۽ هڪ ٽين جي
ڪاري پيٽي بگيءَ ۾ رکيل هئا. ڊسمبر جي شروعات هئي.
آسمان تي جهڙ هو. ڪجهه وڌيڪ ٿڌ ڪا نه هئي، پر اتر
جي هوا ڪري بدن ۾ سياٽو ٿي اڀريو. ڊرائيور کنگهي،
نڙيءَ کي صاف ڪري، پنهنجي ڳلي تي زور ڏيئي ڳائڻ
لڳو. ”تنهنجي ياد ستائي ٿي“ آواز اهڙو بي سـُرو
هو، جو طبيعت تي ڄڻ بار ٿي معلوم ٿيو. نوجوان جا
خيالات منتشر ٿي ويا. هو راڳ جي لفظن تي غور ڪرڻ
لڳو.ڊرائيور جي انهيءَ راڳ ڏيڍ منٽ کن جٽاءُ ڪيو،
وري اچي کيس کنگهه ورايو. نوجوان ”کئون کئون“ ڏي
تمام گهٽ ڌيان ڏنو. وري ڪنهن ماضيءَ جي ياد ۾
مبتلا ٿي ويو. شرناءِ تي ”هو جمالو“ وڄي رهيو هو،
ليڪن آواز جهيڻو ٿي لڳو. هوا سوساٽ ڪري ٿي لڳي.
دهل جو آواز ڪنهن وقت بي سرو ٿي ٿي ويو. گهوڙو
پنهنجي تيز رفتار سان منزل جي طرف ڊوڙي رهيو هو.
ڊرائيور کيس ٻچڪاريون ڏيئي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن
سندس وات مان ”هئي هئي من“ جو پيار ڀريو ٻول ٿي
نڪتو. هلندي هلندي گهوڙي جو جوت ڇڄي پيو. ”خدا جي
شل مار نه پويئي؟“ ڊرائيور چيو، ۽گهوڙي کي ٻچڪاري
ڏيئي بيهاريائين. گاڏيءَ تان لهي، جوت سان نوڙيءَ
جو ٽڪر ڳنڍي، وري گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ گهوڙي کي هڪل
ڪري چيائين، ”هل پٽ هل“، پيسينجر ڏانهن نظر ڦيري
چيائين، ”مان به هي رستو پهريون ڀيرو آيو آهيان“.
نوجوان جو خيال ٽٽي ويو، ۽ جواب ڏنائين، ”هي ڳوٺ
ٽن سالن کان آباد ٿيو آهي. جڏهن مون ڳوٺ ڇڏيو هو،
تڏهن فقط ڏهه گهر هئا. هاڻي پنج ست وڌيا هوندا“.
ڊرائيور پڇيو، ”تو ڪڏهن ڳوٺ ڇڏيو هو؟“ مسافر جواب
ڏنو، ”ادا اٽڪل اڍائي سال کن ٿيندا. مان ڪراچي ۾
ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهيان. هاڻي اتان ٿو اچان.“
ڊرائيور چيو، ”ڀوتار! ڪراچي ته ڏاڍو وڏو ملڪ آهي،
چوندا آهن ته جاين جون پنج پنج ماڙيون ٺهيل آهن.
موٽران لاريون ۽ ٽرامان ته جام آهن – چئن پئسن ۾
ڪاڏي جو ڪاڏي وينديون آهن. بگين وارا ته ويچارا
مٿو پٽيندا هوندا!“مسافر جواب ڏنو، ”بگين وارن کي
به چڱي ڪمائي ٿيندي آهي. سرڪاري ڪامورا ۽وڏا ماڻهو
بگين تي چڙهندا آهن. زالاڻو عالم به گهڻو ڪري بگين
۾ چڙهندو آهي.“
بگيءَ وارو خاموش ٿي ويو. الاجي ڇا ٿي سوچيائين، ۽ نوجوان
پنهنجي خيالات ۾ محو ٿي ويو. هو سوچي رهيو هو ته
اڍائي سال اڳي پوئينءَ رات هو ڪيئن رحيمان سان
مليو هو، جنهن کيس چيو هو ته ”تون کَٽي ڪمائي اچ،
مان تنهنجي واٽ پيئي تڪينديس!“ وري هن کي رحيمان
جون ملاقاتيون ياد آيون ۽ رحيمان جو پير کبڙشاهه ۾
انجام ته ”پيرل! مان تنهنجي آهيان، حياتيءَ تائين
تنهنجي رهنديس!“ نوجوان پنهنجي کٻيءَ ٻانهن کي
ڏٺو، جنهن ۾ هٿ ڪو نه هو. هن خيال ڪيو ته رحيمان
وٽان ٻئي هٿ سلامت کڻي ويو هوس، هاڻي هڪ هٿ ڪپائي
ٿو وڃان. رحيمان پڇندي، ته چوندو سانس ته ”تنهنجي
محبت جي نشاني آهي. پڻهين ڪين بابا کي چيو هو –
”خيرل، تنهنجو پٽ ڍور آهي، نه ڪم جو نه ڪار جو.
نکٽو سڄو ڏينهن ويٺو کوهه تي ڇوريون تاڙيندو وتي!
لفنگو ڪنهن جاءِ جو! ههڙي کي پنهنجي نينگر ڪيئن
ڏيندس!“
خيرل کي ڏهه ايڪڙ ٻني هئي. کيس ٻه پٽ هئا: وڏو ميرل ۽ ننڍو
پيرل. پيرل کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
ميرل پيءُ سان گڏ ڪڙمت ڪندو هو. پيرل چار درجا ڳوٺ
جي اسڪول ۾ پڙهيا ۽ پوءِ ملان وٽ مسيت ۾ قرآن پڙهڻ
شروع ڪيائين. قرآن ختم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو مال
چاريندو هو ۽ انهيءَ جي گاهه پٺي جو ڪم سندس حوالي
هو. ٽي سال ٿيندا ته ملڪ ۾ ٻوڏ پيئي. خيرل جو بيٺل
فصل ٻڏي ويو، ۽ مال متاع سمورو لڙهي ويو. جانيون
بچائي پنجن ماڻهن جو قافلو پنهنجي ڳوٺ کان نڪري هڪ
نئين ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن ڳوٺ طرف هيءَ بگي وڃي
رهي هئي. شرفو ان ڳوٺ ۾ اڳي ئي آباد هو. کيس
رحيمان نالي هڪ نينگر هئي. خوبصورت ڇوڪر هئي، ليڪن
غريب، طبيعت جي گنڀير،بلند حوصلي ۽ شريف. شرفو
ڌيءَ جي طبيعت جي بلڪل ابتڙ هو- لالچي ۽ ڌوڪيبار،
ڪوڙو ۽ فريبي. ڊرائيور وري پنهنجي بي سري ڳلي تي
زور ڏيئي ڳائڻ لڳو. آواز تي نوجوان جي خيالن جو
سلسلو ٽٽي پيو. شرناءِ تي جهمر وڄي رهي هئي. آسمان
صفا ٿي چڪو هو. شرناءِ تي جهمر پائيندڙن جي تاڙين
جو آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. نوجوان وري
پنهنجي خيالن ۾ غلطان ٿي ويو. هو ڪيئن هڪڙي ڏينهن
فجر جو رحيمان سان کوهه تي مليو هو. اها سندن
پهرين ملاقات هئي. پيرل توڙي ڳوٺاڻو هو، پر هڪ
مهذب نوجوان هو- ملان عيدن جي صحبت جو هن تي گهڻو
اثر هو- آهستي آهستي محبت جون سڀ منزلون گذرڻ
لڳيون. رحيمان ۽ پيرل، پير کبڙشاهه جي درگاهه ۾ هڪ
ٻئي جي خاطر جان قربان ڪرڻ جو انجام ڪيو هو. هو
سوچي رهيو هو ته ”کبڙشاهه جو فقير به عجيب هو؛ ڏهه
پئسا وٺي ڪيڏيون نه دعائون ڪيون هئائين، ۽هن
پنهنجي خواب جو به احوال ڪيو هو ته سائين کبڙ
شاهه ڪيئن ٻنهي جا هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي وصيت ڪئي
هئي، ۽يقين ڏياريو هو ته جن جا هٿ کبڙ جي هٿ، تن
کي خوف نه خطرو.“ پوءِ خيرل ڪيئن نه پيرل جي
شاديءَ جو پيغام شرفوءَ وٽ کڻي ويو هو، جنهن ڪاوڙ
جي کيس رکو جواب ڏنو هو ته ”خيرل! خيال ته ڪر!
پٽهن لفنگو ۽ بيڪار، ۽ تون سڃو ۽ ڪنگال – ڀلا
منهنجي ڌيءَ تنهنجي گهر ۾ ڪيئن رهي سگهندي؟“
پيرل جي غيرت جاڳي اٿي. ملان عيدن جي خودداري ڳوٺان ڳوٺ مشهور
هئي. ووٽن جي وقت هن وزير صاحب کي به اهڙي منهائي
ٻڌائي هئي، جو وزير جا ڪن کڙا ٿي ويا. آخر پيرل
سندس شاگرد هو. هو راتو واهه ڳوٺ ڇڏي نڪتو هو. اٺ
ميل پنڌ ڪري اسٽيشن تي پهتو هو. جتان ريل گاڏيءَ ۾
سوار ٿي اچي شهر پهتو هو ۽ ٽڪين جي ڪارخاني ۾ سوا
رُپيو ڏهاڙيءَ تي ڪم شروع ڪيو هئائين. مولوءَ جي
پيرل سان ياراڻي ٿي ويئي هئي. مولو مشين جي ڪم مان
چڱو واقف هو ۽ اڍائي روپيا روز کڻندو هو. هڪ مهيني
کان پوءِ مولوءَ هڪ مزرون جي ائسوسيئيشن ٺاهي. چار
آنا ماهوار چندو رکيو ويو. فئڪٽريءَ جا سڀ مزور ۽
مستري ان جا ميمبر ٿيا. مستري مولو يڪراءِ صدر
چونڊيو ويو هو. پيرل مولوءَ جو ساڄو هٿ هو.
ائسوسئيشن جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڪيترا ٺهراءَ پاس
ڪيا ويا. روز وڌائڻ لاءِ سخت تقاضا ڪئي وئي، حالتن
کي چڱيءَ طرح واضح ڪيو ويو. زندگيءَ جي ضروريات جا
اگهه چوٽ چڙهي ويا هئا. ڪارخاني جي مالڪ وٽ
ائسوسيئيشن جا ٺهراءَ پيش ڪيا ويا. ڪارخانيدار کي
جيتوڻيڪ گذريل سال پندرهن هزارن جوفائدو پيو هو.
اهو پندرهن هزارن جو انگ انڪم ٽئڪس وارن جي بندين
تي چاڙهيل هو، درحقيقت فائدو ان کان ٻيڻو هو. هيرو
منشي انڪم ٽئڪس جي مصيبت کان بچڻ لاءِ ٻه بنديون
ٺاهيندو هو. ملڪ جي ورهاست کان پوءِ به هيروملڪ
پاڪستان ۾ رهجي پيو ۽ هو حساب ڪتاب ۾ ڀڙ هو. انڪم
ٽئڪس ۽ سيل ٽئڪس وارن جي اکين ۾ سرمو پائيندو هو.
مجال، جو ڪنهن کي کڙڪ پوي. پر، ڪارخانيدار مزورن
جي تقاضا جو خيال ڪو نه ڪيو ۽ هٿان ڪڙڪ ٿي چيائين
ته ”مرضي پويوَ ته ڇڏي وڃو، باقي روز ڪو نه وڌندو!
فئڪٽريءَ جا خرچ اخراجات وڌيل آهن. وزيرن ميمبرن
عملدارن جي خوشامد ڪرڻي ٿي پوي. ميان ڪٿي ڪٿي ته
روڪڙا به ڏيڻا ٿا پون. سوکڙيون پاکڙيون به هزارن
روپين جون ٿين ٿيون. آخر پاڪستان آهي. اسان هندو
ماڻهو – ميان ائين نه ڪيون ته ڪٿي رهون؟ اهڙا خرچ
ڪتابن ۾ ٿورائي لکبا آهن!“ ڪارخانيدار انگريزي
تعليم يافته هو. چڱي گهراڻي مان هو، پر مزورن جي
خون ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو هو. سندس پيءُ به سخت ڪنجوس
هو. پهريائين هڪ ننڍڙي مشين هيس. وڏو سودخور ۽
ڪورٽي مشهور هو. پٽ لاءِ وڏو ڪارخانو ڇڏي، پاڪستان
ٺهڻ کان نَوَ مهينا اڳ، پرلوڪ پڌاري ويو.
پيرل اسٽرائيڪ جو دردناڪ واقعو ياد ڪري رهيو هو.
لاٺي چارج جو نقشو هن جي اکين اڳيان ڦري آيو. مولو
۽ پيرل زخمي ٿيا هئا. مولو ته ٻه ڏينهن بيهوش هو.
مولوءَ جي خوش ٿيڻ کان پوءِ، ٻيئي دوست ڪراچيءَ
روانا ٿي ويا هئا،جتي مولوءَ کي پنج روپيا روز ٿي
مليو ۽ پيرل کي ٽي روپيا، هڪ سال کان پوءِ کين هڪ
هڪ روپيو ترقي ملي هئي. پيرل مائٽن ڏانهن وڏيري
اسماعيل جي معرفت خط لکندو هو. خيرل ۽ ميرل وڏيري
جي زمين تي ڪڙمت ڪندا هئا. |