ثانوي نشانيون
ابتدائي نشانين جي بحث کان پوءِ، ثانوي نشانين جو بحث آسان ٿيو
پوي؛ ڇاڪاڻ ته ابتدائي نشانيون ئي گهڻي ۾ گهڻو
استعمال هيٺ اچن ٿيون - ۽ اهي ئي مکيه نشانيون
آهن جي جملي جي مفهوم کي صاف ۽ واضح ڪري بيهارڻ ۾
بنيادي ڪم ڪن ٿيون. ثانوي نشانيون ابتدائي نشانين
کي، خيال جي وضاحت ۽ اهميت ظاهر ڪرڻ ۾، مددگار ٿين
ٿيون.
ليڪ (-)
ثانوي نشانين ۾ سڀ کان اهم نشاني آهي ”ليڪ“. خيال جي وضاحت ۾
ليڪ تمام وڏو ڪم ڏيئي سگهي ٿي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾
ليڪ تمام گهٽ استعمال ڪئي ويندي آهي؛ پر حقيقت ۾
جيڪڏهن ليڪ کان ڪم ورتو وڃي، ته جملن جي بيهڪ جي
سونهن ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ خيالن جي اهميت جو اندازو
به وڌي وڃي ٿو.
ليڪ جو پهريون مکيه استعمال آهي ٿوري دم جي بدران ان جو
استعمال. رواجي طرح جڏهن جملي ۾ خيال جي رخ ۾ ٿورو
موڙ ايندو آهي، ته اتي ٿورو دم ڏبو آهي؛ پر
جيڪڏهين انهيءَ موڙ کي ٿورو نمايان ڪرڻو هجي ۽ زور
ڏيڻو هجي، ته ليڪ ڪم آڻجي. مثال:
هو راٺوڙ لڳو پيو هو – ٽنگون ڄڻ ته ٿنڀا، ٻانهون وڏيون ۽ وار
ٿلها.
مٿئين مثال ۾، جيڪڏهن ”پيو هو“ فعل جي پٺيان ٿورو دم ڏجي ها، ته
به مقصد نڪري ها؛ پر ليڪ اچڻ سان پويان ايندڙ خيال
۾ هڪ وزن پيدا ٿي پيو آهي ۽ اڳئين خيال کي ڪافي
ڀراءُ ملي پيو آهي. خيال جي موڙ کي نمايان ڪرڻ
لاءِ منهنجي خيال ۾ ٿوري دم کان ليڪ وڌيڪ ڪارائتي
آهي. مثال:
اهو سوال پنهنجي پاڻ کان پڇندي، هن کي ڄڻ ته ڪوصدمو رسيو - ۽
هو ائين سمجهڻ لڳو ته هن جو اهو ويچار به هڪ گناهه
کان گهٽ نه هو!
جملي ۾ خيال کي وضاحت ۽ ڀراءُ ڏيڻ لاءِ، ليڪ جو استعمال تڏهن
موزون آهي، جڏهن پڙهندِڙ کي خيال جي انهن ساڳين
منزلن جو سير ڪرائڻو هجي، جتي خود لکندڙ پهتو هجي.
پڙهندڙ جي خيالن جي روانيءَ ۾ اهو ئي موڙ پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪو
خود لکندڙ چاهي ٿو – ليڪ وڏو ڪم ڪري ٿي. مثال:
هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون – جيئن آس پاس کي ڏسي، وري نه
هن جو ذهن ڀٽڪڻ لڳي!
مٿئين جملي ۾، ”اکين بند ڪري ڇڏڻ“ جي تصور کان ڪجهه هٽي، لکندڙ
پنهنجي پڙهندڙ کي ڪنهن اوچتي خيال ڏانهن، جنهن جو
هن کي رواجي طرح وهم گمان به نه هجي، ڌيان ڇڪائڻ
لاءِ ليڪ استعمال ڪري ٿو. انهيءَ ليڪ جي استعمال
سان پڙهندڙ جي ذهن کي اوچتو سٽ اچي ٿي ۽ هو لکندڙ
جي خيال جي گهرائيءَ ڏانهن پنهنجي ڌيان کي نئي ٿو.
مثال: مگر هوءَ اڄ نئين رنگ ۾ هئي – سماج جو هڪ
بدنما داغ هئي!
ليڪ جو استعمال ڪنهن لفظ يا خيال جي سمجهاڻيءَ لاءِ ڏاڍو ڪارگر
آهي. جڏهن به جملي ۾ ڪنهن لفظ يا فقري جي تشريح يا
سمجهاڻي ڪرڻي هوندي آهي، تڏهن انهيءَ سمجهاڻي واري
جملي اڳيان ۽ پويان ليڪ ڏبي آهي. ساڳيءَ طرح جڏهن
ڪو جملو ڪنهن اڳيان آيل لفظ يا فقري جي صفت طور
ڪم ايندو آهي، تڏهن به ان جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ليڪ
ڏبي آهي. انهيءَ استعمال سان ليڪ به ساڳيو ڏنگين
وارو ڪم ڏئي ٿي – پر، ڏنگين ۽ ليڪ جي انهيءَ
استعمال ۾ به ڪافي فرق آهي، جو هن استعمال سمجهائڻ
کان پوءِ بيان ڪبو. مثال:
گذري ويل زمانو – رنگين زمانو، جوانيءَ جو زمانو، مستيءَ ڀريو
زمانو – جنهن ۾ ڪيف ۽ سرور هو!
مٿئين مثال جملي ۾ ”گذري ويل زماني“ جي صفت ۽ تشريح طور جيڪي
لفظ آيا آهن، انهن جي اڳيان ۽ پويان ليڪ ڏنل آهي.
اهي ٻئي ليڪون انهيءَ گذريل زماني جي صفت طور
ايندڙ خيال کي ظاهر ۽ نمايان ڪري بيهارڻ لاءِ ڪم
آيل آهن. ايترو خيال رکڻ ضروري آهي ته اتي ليڪون
ٻه ڏيڻيون پونديون: هڪ اڳيان ۽ ٻي پويان. جيڪڏهن
اهي ٻه ليڪون ڪم نه آڻبيون، ته جملي جو مفهوم ئي
ڦري ويندو. جيڪڏهن هن جملي جي پوئين ليڪ جي بدران
ٿورو دم ڏجي، ته مطلب جي ستياناس ٿي ويندي. صفت جي
بدران ان جو مطلب اهو ٿيندو ته گذريل زماني جي
مذاق اڏائڻ ۽ ان تي دانسته ٽوڪ ڪرڻ لاءِ ان جي
تعريف ڪئي ويئي آهي. ليڪ جو اهو به هڪ استعمال آهي
– جڏهن ٽوڪ ظاهر ڪرڻي هوندي آهي ته انهيءَ صفاتي
فقري جي اڳيان ليڪ ڏئي ڇڏبي آهي، جنهن جي ذريعي
ٽوڪ ۽ طنز ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي. ان ڪري اهو
لازمي آهي ته جتي به سمجهاڻيءَ جو جملو يا صفاتي
جملو يا فقرو ڪم آاڻبو هجي، ته ان جي اڳيان پويان
ليڪ ڏجي. هيٺئين مثال ۾ هڪ ئي خيال جي تشريح ۽
سمجهاڻيءَ لاءِ ٽي خيال ڏنا ويا آهن، انهيءَ ڪري
انهن کي ليڪن جي وچ ۾ ڏنو ويو آهي .مثال:
هن کي اها رات، جا سندس گناهن وانگر ڪاري هئي، ياد اچڻ لڳي –
جنهن رات هوءَ پنهنجي مائٽن کي خيرباد چئي، هن سان
وڃڻ لاءِ نڪري آئي هئي- جنهن رات هن دنيا کي ڇڏيو،
پر هو دنيا کي چهٽي پيو – جنهن رات هن سماج جي ڪا
پرواهه نه ڪئي، مگر هو سماج کان ڊڄي ويو.
مٿي چيو ويو آهي ته هن استعمال ۾ ليڪون ساڳيو ڏنگين وارو ڪم ڏين
ٿيون. ڏنگيون به ڪنهن لفظ يا خيال جي تشريح ۽
سمجهاڻيءَ طور استعمال ڪبيون آهن، پر فرق رڳو اهو
هوندو آهي ته خيال جي سلسلي ۾ ليڪن جي اندر
بيهاريل جملو خيال جي مضبوطيءَ ۽ اهميت سان اهڙيءَ
طرح ڳنڍيل هوندو آهي، جو ان کي ٽوڙي نه سگهبو، ۽
نه ئي انهيءَ سمجهاڻي ڏيندڙ يا صفاتي جملي کي نظر
انداز ڪري سگهبو. جيڪڏهن نظر انداز ڪبو ته جملي جو
خيال ئي فوت ٿي ويندو. پر ڏنگين جي حالت ۾ ائين نه
آهي. ڏنگين ۾ جيڪو جملو يا فقرو ڏنو ويندو آهي،
اهو هوندو ته سمجهاڻي طور ئي آهي، پر ان کي جيڪڏهن
نظر انداز ڪري ڇڏبو، ته خيال جي سلسلي کي نقصان نه
پوندو. ڏنگين ۾ ايندڙ لفظ، فقري يا جملي جي اهميت
ايتري اڻ لکي هوندي آهي، جو جيڪڏهن انهيءَ کي پڙهڻ
وقت ڇڏي وڃجي، ته خيال جون سلسلي وار ڪڙيون نه
ٽٽنديون. ڏنگين ۾ اهڙي ئي معمولي سمجهاڻي ڏني
ويندي آهي، جو ان مان جملي کي تقويت ملندي ته سهي،
پر ان جي نه هئڻ ڪري ڪو نقصان نه ٿيندو. مثال:
انهيءَ سال – جنهن سال ملڪ ۾ ڏڪر پيو هو – ملڪ جي آزاديءَ لاءِ
جدوجهد تيز ٿي ويئي.
انهيءَ سال (شايد اهو سال 1943ع هو) ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد
تيز ٿي وئي. مٿين ٻن مثالن مان پهرئين مثال ۾
سمجهاڻيءَ جي جملي کي ليڪن جي وچ ۾ رکيو ويو آهي،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ جملي جو اصل خيال سان ڪافي گهرو ۽
واضح تعلق آهي، جنهن کي ريٽي نه ٿو سگهجي؛ پر ٻئي
مثال ۾- جتي ڏنگيون ڪم آندل آهن، ڏنگين ۾ بيٺل
جملو جيڪڏهن نظر انداز ڪجي، ته جملي کي ڪو خاص
نقصان ڪو نه پهچندو.
جڏهن جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ فاعلي لفظ يا فقرا ايندا آهن، تڏهن
خيال کي صاف ڪري بيهارڻ لاءِ ليڪ ڪم آڻبي آهي.
مثال:
سائنس جا ڪرشما هجن، يا علم ادب جا ذخيرا هجن، بت تراشي جا
بهترين نمونا هجن يا موسيقي جا رقت انگيز سـُر هجن
– مڙئي انسان جي عظمت جو دليل پيش ڪن ٿا.
جڏهن جملي جي شروع ۾ ليڪ ڏني ويندي آهي، تڏهن مقصد اهو هوندو
آهي ته ڪو نئون خيال پيش ڪرڻو آهي. ڪڏهن ته وري ڪو
جملو لکي، ڪنهن مڪمل نشانيءَ سان ان کي بند ڪري،
پويان وري به ليڪ ڏيئي خيال جو سلسلو قائم رکبو
آهي. ان مان جملي ۾ نه رڳو زور پيدا ٿئي ٿو، بلڪه
خيال ۾ هڪ قسم جي نواڻ يا ندرت اچي وڃي ٿي. مثال:
ادا، اکرن تي کلجو نه! ڏنگا ڦڏا آهن ته ڇا! پوءِ
به سنڌياڻي آهيان، سنڌي لکيا اٿم، ويندي ٽپال جي
ائڊريس تائين!
ڏسو ته انهيءَ ٻئي نمبر عجب جي نشانيءَ کان پوءِ ليڪ خيال ۾
ڪيڏي نه گهرائي، معنويت ۽ ندرت پيدا ڪري ڇڏي آهي!
ساڳيءَ طرح سان جڏهن جملي جي بلڪل شروع ۾ ليڪ ڏني
ويندي آهي، تڏهن مقصد رڳو اهو هوندو آهي ته لکندڙ
ڪنهن اڳيئن ڳالهه يا ڪنهن اڳئين خيال کي ڇڏي ڪري،
ڪو نئون عنوان، يا ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي.
مثال:
ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ“، ........ سوچيان ٿي، هي افسانه نگار
اديب آهن، سي ڪيئن ٿا افسانا لکن!
منهنجي خيال ۾ ڪارج جي لحاظ کان ليڪ کي ٿوري دم کان پوءِ ٻئي
نمبر ۾ تمام مفيد ۽ ڪارائتا ڪارج آهن- جيتوڻيڪ ان
جو استعمال ٿورو پيچيدو آهي. اها پيچيدگي رڳو گهٽ
استعمال سبب آهي. جيڪڏهن اسان جا اديب ليڪ جو صحيح
۽ موزون استعمال ڪرڻ لڳن، ته هو انهيءَ نشانيءَ
مان گهڻولاڀ حاصل ڪري ٿا سگهن. نه رڳو سندن لکيتون
معنوي لحاظ کان صاف ۽ واضح ٿي بيهنديون، بلڪه آءٌ
يقين سان ٿو چوان ته جملن جي ظاهري جوڙجڪ به اهڙي
ئي بيهندي، جو پڙهندڙ جو هڪدم ڌيان ڇڪائيندي،
انهيءَ مان اهو مقصد نه اٿم ته اديب ۽ قلمڪار ليڪ
کي جا بيجا استعمال ڪندا وتن. هر نشاني ضرورت آهر
ڪم آڻڻ پهريون اصول هئڻ گهرجي!
ڳنڍيندڙ ليڪ (-)
جڏهن به ڪو مرڪب لفظ ٺاهڻو هوندو آهي، تڏهن انهن ٻن لفظن جي وچ
۾ ننڍڙي ليڪ ڏبي آهي. ان کي چئجي ٿو ”ڳنڍيندڙ
ليڪ“. انهيءَ جو استعمال فقط اهو ئي آهي ته جتي
مرڪب لفظ اهڙن لفظن مان ٺاهڻو هجي، جن جو تعلق
ايترو ظاهر نه هجي، تڏهن ليڪ وچ ۾ ڏيئي اهو مقصد
حاصل ڪيو ويندو آهي. مثال:
مئي جو ماهه – پهريون سومر هو، ڪراچيءَ جي صدر واري حصي ۾،
ڪوريءَ اُس ۾، هڪ فقير کي دانهون ڪندو ڏٺم.
هن مثال ۾ ”ماهه – پهريون“ معنيٰ مهني جو پهريون سومر. انهن
ٻنهي لفظن جو ظاهر ڪو تعلق ڪونهي، پر معنيٰ جي
ضرورت طور ان کي مرڪب بنائڻ لاءِ وچ ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ
ڏني ويئي آهي. ڳنڍيندڙ ليڪ فني لفظن جي مرڪب لفظن
۾ گهڻي ڪم آندي ويندي آهي. مثال: ”برقي ريڊيائي
اثر“؛ مـُعاشي عمراني علوم“؛ وغيره.
ڏنگيون ( )
”ڏنگين“ جي باري ۾ ”ليڪ“ واري بحث ۾ اڳئي ڪجهه چئي چڪو آهيان.
ڏنگيون جملي جي انهن لفظن يا ڪنهن فقري کي بند ڪرڻ
لاءِ ڏبيون آهن، جو خيال جو حصو هوندي به ايترو
اهم نه هوندو آهي - ۽ جيڪڏهن ان کي ريٽي ڇڏجي، ته
به مفهوم تي ڪو خاص اثر نه پوندو. انهيءَ ڪري اهو
مونجهارو ضرور پيدا ٿيندو ته ڪهڙي سمجهاڻيءَ جي
فقري جي جملي کي ليڪن جي وچ ۾ آڻجي ۽ ڪهڙيءَ کي
ڏنگين ۾؟ دراصل اهو خود لکندڙ جي ذهني قوت تي
ڇڏيل آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ فقري يا جملي کي مجوعي
خيال جو ناگزير ۽ اڻٽر حصو سمجهي، ته ليڪن جي اندر
رکڻ گهرجيس، پر جي رواجي ۽ غير اهم حصو سمجهيس،
ته پوءِ ڏنگين ۾ رکڻ گهرجيس. مثال:
هن ڪتاب ۾، سنڌ جي فقط اڍائي صدين (1592ع کان 1843ع تائين) جي
اقتصادي تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
ڏنگيون، گفتگو (ڊائلاگ) کي لکيت ۾ آڻڻ وقت ڏاڍيون ڪارائتيون
آهن. ڳالهائيندڙن جا جذبا، عمل، اشارا ۽ خطاب
ڏنگين ۾ ڏنا ويندا آهن. اهو رڳو انهن شين کي اصل
گفتگو کان الڳ ڪري بيهارڻ جي لاءِ ڪيو ويندو آهي-
ڇاڪاڻ ته اهي اشارا ۽ جذبا، يا مخاطب ٿيڻ جا نمونا
۽ طرف گفتگوءَ ۾ نه ايندا آهن. ان ڪري لازمي طرح
انهن کي لکڻ وقت اصل گفتگوءَ کان نرالو ۽ جدا ڪري
بيهارڻو پوندو. مثال:
زينت (محمد کي) – تڏهن هيڏانهن آءُ!
محمد (حيرانيءَ ۾)
- آءٌ سمجهي نٿوسگهان، پر تون جئن چئين تئن
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
انهيءَ طرح ڏنگين جو سڀ کان مکيه استعمال ناٽڪ نويسيءَ وقت ٿئي
ٿو. ناٽڪ لکڻ وقت اهي منظر، اهي عمل، ۽ اهي جذبا،
جي وقت به وقت، ناٽڪ ۾ ظاهر ڪرڻا هوندا آهن، انهن
کي ڏنگين ۾ رکيو ويندو آهي. مثال:
محمد (سندس هـَٿُ هـَٿُ ۾ وٺي)- اکين سان. الله گهريو آهي ته
قيامت ڏينهن ملنداسون، ۽ آخرت ۾ هڪ ٻئي جا ٿي
رهنداسون ۽ وري ڪڏهن ڪين ڌار ٿينداسون. زينت –
آمين! تڏهن هلي آءٌ.
(درياهه ڏانهن منهن ڪن ٿا، هوءَ ٻانهن گلي ۾ وجهيس ٿي ۽ پوءِ
ٻئي اڇانگ ماري دريا ۾ ٽپي پون ٿا. هيٺان پاڻيءَ
جي ڇٽڪار جو آواز ٻڌجي ٿو، ۽ ڳچ پاڻي ڦوهاري وانگر
ٽڪر تي چرهي ٿو اچي.)
مٿئين ناٽڪي ٽڪري ۾ پڇاڙيءَ جو سڄو منظر ڏنگين ۾ ڏنو ويو.
ساڳيءَ طرح ان کان ڳ ۾ محمد جو هڪ عمل ”هٿ ۾ هٿ
وٺڻ“ به ڏنگين ۾ ڏنو ويو آهي. ان ڪري جو انهن شين
کي گفتگو ۽ مڪالمي کان الڳ ڪري بيهارڻ ضروري آهي.
سوال جي نشاني (؟)
هيءَ نشاني ته نهايت سولي آهي – جنهن جو ڪم خود نشانيءَ مان
ظاهر آهي. جڏهن به جملي ۾ ڪنهن سوال پڇڻ جو ارادو
هوندو آهي، تڏهن سوال جي نشاني ڪم آندي ويندي آهي.
مثال:
تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڪٿان جو ويٺل آهين؟
جڏهن ڪو سوالي فقرو يا جملو فاعل طور استعمال ٿيندو، ته ان ۾
سوال جي نشاني نه ڏيڻ گهرجي. مثال:
مذهب ڇا آهي، انڌي تقليد ڇا کي چئبو آهي، هرڪو اٽي پاءُ کائيندڙ
۽ سمجهدار ماڻهو سمجهي سگهي ٿو.
هن جملي ۾ اڳيان ٻه سوالي جملا آهن، پر ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي پوئين
جملي جي فاعل طور ڪم آيا، ان ڪري سوالي نشاني ڪم
نه آندي ويئي. سوال جي نشاني استفهامي ضميرن جي
وقتي معنيٰ تي به گهڻو دارو مدار رکي ٿي – ساڳيو
ضمير سوال به پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ بيان به. انهيءَ
مفهوم جي پيش نظر سوالي نشاني ڪم آڻڻ گهرجي.
عجب جي نشاني (!)
سوال جي نشانيءَ وانگر عجب جي نشاني به نهايت سادي نشاني آهي.
جڏهن ڪنهن ڳالهه تي عجب يا افسوس ظاهر ڪرڻو هوندو
آهي، تڏهن عجب جي نشاني ڪم آڻبي آهي. خود عجبي
لفظن جي پويان به اڪثر عجب جي نشاني ڪم آڻبي آهي.
مثال:
افسوس! پڇاڙيءَ ۾ سندس محبوب چهرو به ڏسي ڪين سگهيس!
ڪڏهن ته جملي ۾ ٽوڪ ظاهر ڪرڻ لاءِ يا جملي ۾ زور پئدا ڪرڻ لاءِ
به عجب جي نشاني ڪم آڻبي آهي! مثال:
سنڌ جي ”سروري“ ٽائيپ نقادن جي تنقيد جون ڪهڙيون ڳاليهون ڪجن!
ڪٿي ڪٿي صاف سوالي جملن کي عجبي جملا بنائي، سندن
اهميت کي وڌائبو آهي. مثال:
”ڪڍين ٿو ڏوڪڙ ٻاهر! يا وڃي ٽي. ٽيءَکي سڏي اچان! ۽ ڪرايانءِ
ڪا تعدي!“
رواجي طرح سڏ ڪرڻ لاءِ ندا جي نشاني ڪم نه آڻجي ته چڱو؛ پر
جيڪڏهن سڏ ڪرڻ جو ڪو خاص مفهوم هجي، ته پوءِ ان
حالت ۾ عجب جي نشاني ڏيڻ بهتر آهي. مثال:
صاحب! هن گاڏيءَ ۾ هڪ فقير بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي!
ٻٽيون ۽ ايڪوڻيون واڪ جون نشانيون ( ’ ‘ ” “ )
واڪ جون نشانيون ڪم آڻڻ سان جملي جي مفهوم کي واضح ۽ صاف
بيهارجي ٿو. واڪ جون نشانيون ٻن قسمن جون آهن –
ايڪوڻيون ۽ ٻٽيون. هڪڙو اصول انهن ٻنهي لاءِ ياد
رکڻ گهرجي ته جڏهن به ڪٿان واڪ جون ايڪوڻيون يا
ٻٽيون نشانيون ڏجن، انهن کي وري ساڳين نشانين سان
بند ضرور ڪرڻو آهي. گفتگو جي حالت ۾، واڪ جي
نشانين کان اڳ ٿورا دم (يا دم) ڏنا ويندا آهن.
مثال:
انهيءَ ڏينهن، زال کي چيائين، ”مون کان هاڻي پائي به نه
گهرجانءِ. پٽهين توکي پاڻهي پاليندو.“
مٿئين مثال مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪو حصو گفتگو ۾ ڪنهن شخص جي
واتان نڪتو آهي ته ان کي واڪ جي نشانين ۾ بندڪيو
ويو آهي. اهڙيءَ طرح نه رڳو گفتگو پر ڪو خيال ۽
ويچار به واڪ جي نشانين ۾ آڻي سگهجي ٿو. مثال:
هو سوچڻ لڳو: ”انسان ڪيڏو نه ذهني طرح ڪِري چڪو آهي!“
هن جملي ۾ سوچڻ جو نتيجو واڪ جي نشانين ۾ ڏيئي نمايان ڪيو ويو
آهي.
جڏهن ڪنهن گفتگوءَ جي دوران ۾ ٻي گفتگو اچي وڃي. يا ڪو فقرو
دهرايو وڃي، ڪو پهاڪو يا چوڻي آندي وڃي، ته ان
حالت ۾ گفتگوءَ کي ته ٻٽين واڪ جي نشانين ۾ رکيو
ويندو آهي، پر وچ ۾ آيل گفتگو، ڪو خيال،ڪو فقرو يا
پهاڪو ايڪوڻين واڪ جي نشانين ۾ رکيو ويندو آهي.
مثال:
هن پنهنجي دوست کي سمجهائيندي چيو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي
ڀٽائيءَ جو هڪ شعر ياد ٿو اچي: ’متو آهين مڇ، ٿلهو
ٿو ٿونا هڻين‘- اهو شعر بلڪل هن تي ٺهي ٿو اچي!
هن مثال ۾ ڀٽائيءَ جي شعر کي گفتگوءَ جي وچ ۾ اچڻ ڪري، ايڪوڻين
نشانين ۾ رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي لفظ گفتگوءَ
۾ اچن ته ٿا، پر خود ڳالهائيندڙ جا پنهنجا لفط نه
آهن. اهو محض هڪ حوالو آهي. اهڙن گفتگو جي وچ ۾
ايندڙ حوالن کي ايڪوڻين نشانين ۾ رکڻ گهرجي.
جڏهن رواجي لکيت ۾ ڪنهن خاص لفظ تي توجهه ڇڪائڻو هوندو آهي ۽ ان
لفظ کي نمايان ڪري بيهارڻو هوندو آهي، ته به ٻٽين
واڪ جي نشانين کان ڪم وٺبو آهي. مثال:
اوچتو ”ڇم ڇم“ جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو.
مٿئين مثال ۾ ”ڇم ڇم“ لفظ کي خصوصيت ڏيڻ ۽ نمايان ڪري بيهارڻ
لاءِ واڪ جي نشانين ۾ آندو ويو آهي.
خاص طور، جڏهن ڪي لفظ يا نالا سندن رواجي معنيٰ ۾ نه پر ڪنهن
خاص فني، علمي يا ٻيءَ ڪنهن غير رواجي معنيٰ ۾ ڪم
آڻڻا هوندا آهن، ته گهٽ ۾ گهٽ پهريون ڀيرو اهڙن
لفظن کي واڪ جي نشانين ۾ آڻبو آهي. مثال:
سموري ريڊيائي قوت جو دارو مدار ”اڻي“ جي ٻن مثبت ۽ منفي طاقتن
جي هڪ ٻئي جي چوڌاري گردش ڪرڻ تي آهي.
ٻٽيون يا مرڪب نشانيون
ثانوي نشانين کان پوءِ ٻٽيون نشانيون به ڪجهه قدر استعمال ڪيون
وينديون آهن. ٻٽين نشانين جو مقصد فقط عارضي آهي.
انهن مان مکيه نشاني آهي ”ٻڙي ٻڙي ٻڙي“ هيءَ نشاني
گهڻو ڪري خالص ادبي لکيتن ۾، ڪٿي ڪٿي خيالن ۾
نفاست جي گهرائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي.
مثال:
هو سوچيندو رهيو – هي دنيا ۽سماج جا بدنما داغ، ڪارنهن جا ٽڪا–
مگر.......... سندس دل بيهجي ويئي.
جڏهن جملي جي شروعات يا پڇاڙيءَ ۾ هيءَ نشاني ڪم آڻڻ سان لکندڙ
معنيٰ ۾ گهرائي پيدا ڪرڻ سان گڏ پڙهندڙ جي ذهن کي
ڪجهه سوچڻ ۽ انهيءَ ڇڏيل ”ٻڙي ٻڙي ٻڙي“ جي جاءِ کي
پنهنجي فهم سان پـُر ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي،
تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، ته لکندڙ ڪجهه اڌورو
ڇڏي ويو آهي – جتي ڪن لفظن کي ڄاڻي واڻي کاڌو ويو
آهي – پر خيال اڌورو هوندي به مڪمل هوندو آهي؛
لفظن نه هوندي به لفظن جي موجودگي ذهن ۾ پاسا
ورائڻ لڳندي آهي. مثال:
ها .... اي غريب، مون توکان بيک پني.... بيک! .... تو ڇا ڏنو؟
.... تنهن متاع حيات!... تنهنجو سڀڪجهه.... دل،
دماغ، ايمان، اعتقاد... سڀڪجهه....
غريب ڇوڪري.... نوجوان مگر نوجوان....!
مٿين ٻن مثالن مان ظاهر ٿيندو ته انهيءَ نشانيءَ جي ڪري نه رڳو
معنيٰ ۾ گهرائي پيدا ٿئي ٿي، نفاست پيدا ٿئي ٿي،
پر ساڳئي وقت پڙهندڙ لکندڙ سان گڏ ڪجهه سوچڻ تي
مجبور ٿيو پوي- اهو ڪجهه سوچڻ لاءِ، جيڪي لکندڙ
انهن ٻڙين جي وچ ۾ لڪائي ويو آهي!
ان کان پوءِ ٻي ٻٽي نشاني آهي ”ٻه ٻڙيون ليڪ“. هن نشانيءَ جو
فقط هڪڙو ئي استعمال آهي ۽ اهو آهي ڪا چيز شمار
ڪرڻ يا ڪنهن شيءِ جو تفصيل ڏيڻ. مثال:
ٻار جي صحيح تعليم لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:
(1) صحيح تربيت؛ (2) صحت مند ماحول؛ (3) همدردي ۽ محبت جو رويو.
هن نشانيءَ جو اهو استعمال دم کان به ورتو ويندو آهي. بهتر به
اهو آهي ته تفصيل جو اهوڪم، جڏهن دم اسان کي ڏئي
ٿو، ته پوءِ اسين هن ٻٽيءَ نشانيءَ تي گهڻو نه
ڀاڙيون.
ان کان پوءِ آخري ٻه نشانيون آهن: ڏنگين ۾ سوال جي نشاني، ۽
ڏنگين ۾ عجب جي نشاني.
جڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ شڪ هوندو آهي، يا ان جي مڪمل معلومات نه
هوندي آهي، ته اتي ڏنگين ۾ سوال جي نشاني ڏني
ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽوڪ ظاهر ڪرڻ لاءِ به ڪم
آندي ويندي آهي. مثال:
الحمرا جا داستان (؟) ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ اهميت تاريخي اعتبار
کان نه ٿا رکن.
هن مثال ۾ الحمرا جي داستانن متعلق ڪنهن شڪ جو اظهار ڪيو ويو
آهي.
ڏنگين ۾ ڪم آيل عجب جي نشانيءَ جو به گهڻو ڪري ساڳيو استعمال
آهي، جهڙو ڏنگين ۾ سوالي نشانيءَ جو آهي. هن
نشانيءَ جي استعمال سان ته پاڻ طنز گهري ٿي ويندي
آهي. مثال:
الله توکي تنهنجي نيڪيءَ (!) جا ڀاڙا ڏيندو!
هن جملي ۾ نه رڳو نيڪيءَ جي حالت شڪي ٿي پئي، پر ساڳئي وقت هڪ
گهري طنز به ٿي ويئي.
اسان جا سنڌي اديب ۽ ليکڪ جيڪڏهن بيهڪ جي نشانين جي صحيح
استعمال جي اهميت کي سڃاڻيندا، ۽ انهيءَ سلسلي ۾
مٿي بيان ٿيل چند ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، ته نه رڳو
هنن جون تحريرون ٻوليءَ جي جوڙجڪ جي لحاظ کان
سهڻيون ٿينديون، پر ساڳئي وقت هو پنهنجو صحيح مقصد
به پڙهندڙن تائين پهچائي سگهندا. دراصل نشانين
استعمال نه ڪرڻ ڪري ايترو نقصان ڪو نه ٿو ٿئي،
جيترو نشانين غلط استعمال ٿيڻ ڪري ٿو ٿئي. اسان وٽ
هڪ خاص بدعت آهي ته عجب جي نشاني ۽ سوال جي نشاني
ڪن ڪن هنڌ مطلب کي گهري ڪرڻ جي خيال کان هڪ کان
وڌيڪ ڀيرا ڪم آندي ويندي آهي. پر انهن نشانين جو
اهو نهايت ئي غير موزون استعمال آهي. ان ڪري ڪڏهن
به هڪ کان وڌيڪ عجب جي نشاني يا هڪ کان وڌيڪ سوال
جي نشاني هڪ ئي هنڌ ڪم نه آڻڻ گهرجي.
بيهڪ جي نشانين ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيئي، سندن صحيح استعمال ۽ پڻ
ٻوليءَ جي سادگيءَ ۽ سلوڻائيءَ، لفظن جي صحيح
چونڊ، ۽ خيالن جي پئرائن ۾ ورڇ جي ذريعي اسان جا
اديب ۽ شاعر پنهنجي ٻوليءَ کي اهو تاب ۽ زينت بخشي
سگهن ٿا، جا سندن لکيتن کي مقبول عام ۽ لاثاني
بنائي سگهي ٿي. هن قسم جي خبرداريءَ ۽ احتياط
سببان اسان جي ٻولي نه رڳو سونهن ۽ سوڀيا ۾ وڌندي،
بلڪه انهن علمي بنيادن تي اچڻ سان انهيءَ ڏس ۾ ٻين
ترقي يافته ٻولين سان همسري پڻ ڪري سگهندي.
پروفيسر لطف الله بدوي
سيف الملوڪ
منظوم قصن ۾ سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي قصي کي وڏي اهميت آهي.
سنڌ جي ٻن تاريخي تصنيفن – تاريخ طاهري ۽ تحفـﺒ
الڪرام – مان هن قصي جي تاريخي پس منظر تي پڻ
روشني پوي ٿي.
تاريخ تحفـﺒ الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع، سيف الملوڪ ۽
بديع الجمال جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان ڏنو آهي
*
اهو هيٺينءَ ريت اچي ٿو:
”ان ظالم (دلوراءِ) جو عجيب ظلمي رواج هو، ته جو به سوداگر،
هندستان کان سندس شهر (الور) ۾ ايندو هو، ان کان
محصول جي عوض، سندس سامان جو اڌ پنهنجي قبضي ۾
وٺندو هو، ۽ هر شخص جي خوبصورت زال تي زبردستيءَ
سان تصرف ڪندوهو. سندس حڪومت جي دور ۾ هڪ وڏو عزت
۽ رسوخ وارو سوداگر سيف الملوڪ، جو اصل ۾ شهزادو
هو، پر سوداگر جي لباس ۾ حج جي زيارت لاءِ ٿي ويو،
الور کان اچي گذريو، جئن ته شهزادي کي دلوراءِ جي
ظلمي ڪاررواين جي واقفيت نه هئي، سندس ٻيڙيءَ اچي
مهراڻ جي ڪناري تي الور وٽ پڳهه هنيو، شهزادي سان
گڏ سندس محبوبه بديع الجمال به هئي. بديع الجمال
جي غير معمولي حسن جي ساراهه ٻڌي، ناعاقبت انديش
راجا مٿس غائبانه فريفتو ٿي پيو. هن حالت کان
سوداگر مجبور ٿي، بديع الجمال کي سپرد ڪرڻ لاءِ ٽن
ڏينهن جي مهلت ورتي. ان وچ ۾، سوداگر سڄي رات هن
ستمگر جي چنبي کان بچڻ لاءِ، خدا جي درگاهه ۾ پئي
ٻاڏايو. خواب ۾ کيس حڪم ٿيو ته قابل سنگتراشن کي
گڏ ڪري، جبل جي دري کي،جو پاڻيءَ کي روڪيو بيٺو
آهي، کوٽايو وڃي. ان الهامي ارشاد موجب، سنگتراشن
کي وڏو اجورو ڏئي، شهزادي ڪم تي لڳايو. ظاهر ۾
هيءُ ڪم بيحد ڏکيو هو، پر غيب جي تائيد هئي. راتو
رات مهراڻ پنهنجو رخ بدلايو. اڳئين وهڪري کي ڇڏي
بکر جي طرف رخ رکيائين، اهڙيءَ ريت سوداگر ان ظالم
جي چنبي کان نجات لهي، پنهنجي منزل مقصود ڏانهن
روانو ٿيو. صبح سان هيءَ خبر دلوراءِ کي پهچائي
وئي، هن گهڻو ئي تدارڪ ڪيو، پر جا عبارت قضا ۽
قدرت جي طرف کان مٽجي چڪي، سا وري سالم ٿي نه
سگهي. درياهه جي هن تبديليءَ آخر الور جي تباهي
آندي.
”چون ٿا ته سيف الملوڪ پنهنجي محبوبه بديع الجمال
سميت ڪعبي جي سفر کان پوءِ، ديري غازي خان ۽ سيت
پور جي وچ ۾ وڃي رهيو، جگتي باقي حياتي خير سان
گذاري، اجل جي سڏ کي لبيڪ چيائين. هتي ئي کيس ٻه
پٽ، رتو ۽ چنو نالي پيدا ٿيا. رتي ڪوٽ ۾ سيف
الملوڪ، بديع الجمال ۽ سندس پٽن جون تربتون موجود
آهن.“
خبر نه آهي ته تحـفـﺒ الڪرام جي هن روايت ۾ ڪيتري قدر صداقت
آهي. مون الور کي ڏٺو آهي؛ مهراڻ جي پراڻ ۾ به
ڦريو آهيان: خبر نه آهي ته درياهه جو اهو ڪهڙو درو
هو، جنهن کي سيف الملوڪ صاف ڪرايو هو. اَلور جي
ڏکڻ ۾، پهاڙين جو سلسلو ضرور آهي، جو ڪالڪان جي
آستان تائين ۽ ان کان به دور وڃي ٿو؛ مگر ان طرف
درياهه جي وهڪري هئڻ جو اعتبار ئي نه ٿو اچي سگهي.
تاريخ طاهريءَ جي روايت تحفـﺒ الڪرام جي عبارت جهڙي آهي، مگر ان
۾ سيف الملوڪ جو نالو نه ٿو اچي. مصنف نسياني فقط
”سوداگر“ ٿو لکي، مگر بديع الجمال جو نالو ضرور
اچي ٿو. رتي ڪوٽ جو ذڪر به موجود آهي. بهرحال هي
تاريخي حقيقتون آهن، جي هن قصي سان تعلق رکن ٿيون.
هنن افسانوي روايتن جو اصلي ماخذ ڪهڙو آهي، ان جو
ذڪر مٿين تاريخن ۾، نه ڏيکاريو ويو آهي.
هن تاريخي ”حقائق“ کي ڇڏي، جيڪڏهن اسين قصه گو شاعرن جي طرف
رجوع ٿيون ٿا، ته وقت جي تعين ۾ وڏو تضاد نظر نٿو
اچي. هو سيف الملوڪ جي ڪهاڻيءَ کي وڃي حضرت سليمان
عليه السلام جي واري سان ملائين. مولوي لطف علي
جنهن هن قصي کي ابتدا ۾ سرائڪي شعر ۾ قلمبند ڪيو
آهي، هن واقعي جي زماني بابت لکي ٿو:
اس مرسل دي واري ها، هڪ والي ملڪ مصر دا-
عاصم نام بلند مراتب بن صفوان سڌر دا،
مرسل مير سليمان وانگر داد عدل سڀ ڪر دا.
مولوي لطف عليءَ جي تائيد ۾، سنڌي سيفل نامي جي ٻن مصنفن پڻ
ساڳي حقيقت پيش ڪئي آهي:
هيون تابيني تنهنجي واري سليمان،
هاشم شاهه مصر ۾ هو عاقل سان اِحسان.
جابر سڀ زبون ڪيا، کنو کڻي خان،
سورهيه پٽ سفيان، عدل کان امير ٿيو.
بَهار ٻٻر
سڀ ڪجهه سائينءَ ڪيو، تابعي سليمان،
هاشم شاهه مصر ۾ هو عادل ۽ گڻوان،
چار سؤ ڪوٽ مصر جا زير سندس احسان،
چَوڻ کان چئوڻي ٿي، سيرت تنهن سلطان،
سورهيه پٽ سفيان، منجهان عدل امير ٿيو.
جهامنداس
خبر نه ٿي پوي ته شاعرن هيءَ روايت ڪٿان ورتي. جيڪڏهن قبول ڪجي
ته دلوراءِ وارو سيف الملوڪ ڪو ٻيو هو، ته بديع
الجمال جو نالو ڇو آيو. هيءَ هڪ منجهائيندڙ حقيقت
آهي، جنهن بابت ڪو به قطعي رايو ڏئي نه ٿو سگهجي.
ٿي سگهي ٿو ته شاعرن ديون ۽ پرين جي ذڪر کي اعتبار
۾ آڻڻ لاءِ حضرت سليمان جي عهد کي خصوصيت سان ورتو
هجي، ڇو ته هيءَ حقيقت مشهور آهي ته حضرت سليمان
جي ماتحت ديو ۽ پريون به هئا. مسٽر محمد اسماعيل
عرساڻيءَ ٿر جي هڪ مقام جو ذڪر ڪندي، سيف الملوڪ ۽
بديع الجمال جي طرف اشارو ڪيو آهي جو پڻ معنيٰ خيز
آهي. بهرحال هي صدين جو واقعو، تحقيق جي دائري ۾
هينئر پوريءَ طرح اچي سگهي، مشڪل آهي. مون پنهنجي
طرفان ڪوشش ڪئي آهي ته ان جي تاريخي پسمنظر جو
صحيح نقش پيش ڪري سگهان.
جيئن مٿي ڏيکاريو اٿم، ته مولوي لطف علي اهو پهريون شاعر هو،
جنهن تفصيل سان هن قصي کي سرائڪي زبان ۾ لکيو آهي.
جيتري قدر مون تفتيش ڪئي آهي، فارسي يا اردو ۾
”سيف الملوڪ“ جي قصي کي نظم خواهه نثر ۾ ڪنهن به
ٻئي اديب يا مصنف نه لکيو: هن مان معلوم ٿيندو ته
هي قصو سنڌ جي پيداوار آهي. هي قصو مسودي جي صورت
۾ منهنجي سامهون موجود آهي، جو خالص سنڌي صورتخطي
۾ لکيل آهي. هي مسودو ”بياض خادمي“ جو حصو آهي،
جنهن کي قبله حاجي امام بخش ”خادم“ سنه 1886ع ۾
لکيو آهي، جنهن کي قريباً مني صدي گذري. جئن
”خادم“ لکي ٿو، ته هي مسودو مصنف جي دستخط تان
ورتو اٿس.
مولوي لطف علي
مولوي لطف علي سرائڪي زبان جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي.
مولوي نوروز جنهن جي سرائڪي ڏوهيڙن کي وڏو مقام
حاصل آهي، مولوي صاحب موصوف جي شاگردن مان هو، آءٌ
جڏهن قادر پور ۾ هوس، ته منشي امام بخش خان* جو قادر پور جاگير جو مهتمم هو، اڪثر نو
روز ۽ لطف عليءَ جي صحبتن جو ذڪر ڪندو هو ۽ سندن
عشق مجازيءَ جي ٻڌيل ڪهاڻين جي رهاڻ ڪندو هو.
مولوي لطف علي مٺو مبارڪ جي وستيءَ جي ڀرسان بهادر پور جي ڳوٺ ۾
ڄائو هو. هي ڳوٺ ڪوٽ سمايي (رياست بهاولپور) جي
اسٽيشن جي ڀرسان آهي. سندس ولادت جي سال بابت ڪا
مستند روايت ڪا نه آهي، پر قياسي طرح چئي سگهجي
ٿو، ته هو سنه 1155 هجري ۾ تولد ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ
ته هن جنهن وقت پنهنجي مشهور تصنيف مڪمل ڪئي
هوندي، ان وقت سندس عمر جوانيءَ کي مڙي چڪي هوندي.
هن سيفل نامو سنه 1195 هجري ۾ مڪمل ڪيو هو – جئن
پاڻ لکي ٿو:
روز خميس ختم ٿيا، دفتر سَنُ تاريخ لکيوي،
بارهوين صدي تون جو هڪ پنجڪ چا گهٽيوي،
ماهه مبارڪ رجب دي، ستاويهين ڪر ڳڻيوي،
ٿيا فيصل اي سيفلنامه يارو کول ڏسيوي.
جئن نو روز جي روايت آهي، ان وقت مولوي صاحب جي عمر ڪافي وڏي
هئي. قياساً سندس عمر ان وقت چاليهن ورهين جي لڳ
ڀڳ هوندي. سيفلنامي ۾ سندس شعر جي پختگي ڏسي پڻ
اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال ”ڪليات حمل“ جي
هيءَ روايت تصديق طلب آهي ته مولوي لطف علي، حمل
فقير جو همعصر هو. حمل فقير سان 1225 هجري جي لڳ
ڀڳ پيدا ٿيو هو. حمل جي سال پيدايش وقت مولوي
موصوف جي عمر 70 ورهيه جي قريب هوندي. زباني
روايتن موجب چيو وڃي ٿو ته مولوي صاحب ان ساڳئي
سال وفات ڪئي هئي، جنهن سال نواب محمد بهاول خان
ثانيءَ وفات ڪئي. نواب موصوف سنه 1166 هجري ۾ تولد
ٿيو هو ۽ سنه 1224 هجري ۾ وفات ڪيائين. جيڪڏهن
مٿين روايت صحيح آهي، ته پوءِ مولوي لطف عليءَ جي
وفات جو سال 1224 هجري ٿي سگهي ٿو.
مولوي صاحب جو دور
مولوي صاحب جنهن دور ۾ رهيو ٿي، تاريخ ۾ اهو دور نهايت پر آشوب
هو. سنه 1159 هجري ۾، امير صادق محمد خان دائود
پوٽو، شڪارپور جي ڪوٽ جي ٻاهران ڪلهوڙن ۽ افغانن
جي گڏيل فوج سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. سندس فرزند
بهاول خان اول پنهنجي نئين حڪومت رياست بهاولپور
جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، مگر ان هوندي به ڪلهوڙن
جي کوئنس ٿيندي رهي. ٻئي طرف ملتان جي نواب حيات
الله خان جي مخالفت هئي. هن سخت ڪشمڪش جي زماني ۾،
امير بهاول خان وفات ڪري ويو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ
امير محمد مبارڪ (1144 – 1186هه) تخت نشين ٿيو.
دور انديشيءَ کي سامهون رکندي، هو افغانستان جي
مشهور تاجدار احمد شاهه ابداليءَ جي حلفين ۾ داخل
ٿي ويو. جنهنڪري کيس سنڌ ۽ ملتان جي خطري کان سڪون
حاصل ٿيو. سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائٽيو، نواب
محمد بهاول خان ثاني (1186 – 1224هه) مسند نشين
ٿيو. هن نواب جي زماني ۾، ميان عبدالغني ڪلهوڙي جي
چرچ تي، ٽي دفعا، تيمور شاهه ابداليءَ جون فوجون
بهاولپور تي چڙهي آيون. سنه 1787ع ۾ سردار احمد
خان نورزئي، بهاولپور جي شهر کي اجاڙي برباد ڪري
ڇڏيو*،
۽ رياست بهاولپور جي ماڻهن کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن
ڏسڻا پيا. هن آشوب ڀريل زماني کي مولوي لطف عليءَ
ڏٺو. جنهن مردانگيءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان، امير
بهاول خان ثانيءَ انهن ناگهاني آفتن کي منهن ڏنو،
ان ڪشمڪش کي مولوي صاحب ڏسندو رهيو. مولوي صاحب
امير بهاول خان جي مداحن مان هو ۽ هو پنهنجي بهادر
حاڪم جي هئن ٿو ساراهه ڪري:
نصرت جنگ نبي دا نائب اهل ڪرم اخواني،
عالي قرب عباسي افضل، مرد مبين مباني،
خان بهاول خان معظم مغز رکي سلطاني،
روشن بخت بلند بهادر، خاص رُڪن خاقاني،
فلڪ رڪاب عقاب علي دا ماري ڪفرستاني،
مردانا ميدان اتي هي راوت رستم ثاني.
سيفلنامي ۾ جابجا مولوي صاحب، پنهنجي محبوب مخدوم جي تعريف ڪندو
آيو آهي. ۽ سندس دلا وري ۽ رعيت پروريءَ جو ذڪر دل
کولي ٿو ڪري. فرمائي ٿو:
عالي شان جوان بهادر، خان بهاول غازي،
بالادست زور آور بازو عظمت ناڪ نيازي،
دانشمند بلند ڪيتي، هر فند هنر دي بازي،
سخي طريل هميشه بخشين سين تازندا، تازي،
تو والي دي واري جو مين ڪيتي شعر طرازي،
ها شاعر تي شايان تيڏي صفت ڪرڻ صف سازي،
آپون حرف ادائي ڪيتم تون ڀي ڪرين فيض سازي،
يا رب بخش ”لطف“ ڪون بَهرا مسروري ممتازي!
روايت آهي ته مولوي صاحب مجاز جو زخم کاڌل هو، جئن سندس ڏوهيڙن
مان خبر پوي ٿي. خبر نه آهي ته هن حقيقت ۾ ڪيتري
قدر صداقت آهي. مگر هيءَ حقيقت آهي ته شعر ۾ ايڏو
سوز ۽ درد، ڪنهن درد جي ڏيندڙ کان سواٰءِ پيدا ٿي
نه ٿو سگهي. هڪ ڏوهيڙي ۾ پنهنجي پرسوز آرزو کي هئن
ٿو لفظ جي فصيح حلق ۾ آڻي:
رلمل چليان سهج ڪنون، او ناز ڀريان ڪر حلقي؛
اڇلن دست دماغ سيتي، سر لوڏ چلاون هلڪي؛
دردمندان دا ويکڻ سيتي، دَهَل وڃي هانءُ هلڪي؛
سهڻي صورت حُور جيهي، ٻيا نور ڏيندا هي جهلڪي؛
ڳورا بار برهه دا ”لطفا“، ڪنهن احمق ليکي هلڪي!
هيڏو سوز ۽ گداز مجازي محبت کان سواءِ سخن کي ڪٿي
ٿو حاصل ٿي سگهي.
|