سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :24

موتيرام ايس . رامواڻي

سنڌ جو شاهاڻو درويش

(سيٺ وشنداس نهالچند مانجهوءَ وارو)

اسان مان، جي سڄڻ لڳ ڀڳ ساٺيڪو کن سالن جي عمر جا آهن ۽ جن جي زندگيءَ جو چڱو حصو واپار، ٺيڪيداريءَ، زمينداريءَ يا سنگيت جي دلچسپيءَ ۾ صرف ٿيو هوندو، تن سيٺ وشنداس نهالچند مانجهوءَ واري جو نالو اوس ٻڌو هوندو. سمجهان ٿو ته هن وقت به، سونهاي سنڌڙيءَ ۾، ڪي بزرگ وسندا هوندا، جن سان، هڪوار، سيٺ وشنداس جي نالي جو ذڪر چورجي، ته هو سڄڻ اچي داستانن ۾ پلٽبا، ۽ سيٺ صاحب جي زندگيءَ جي حيرت انگيز ۽ عجيب و غريب ڪارنامن کي دهرائي، ٻڌندڙن کي حيرت ۽ عجب ۾ وجهي ڇڏيندا.

انهيءَ ۾، رتيءَ ماتر به شڪ شبهو ڪونهي، ته سيٺ وشنداس، پنهنجي زماني جو هڪ زبردست، شاندار ۽ اعليٰ شخصيت جو صاحب هو. ڇا پنهنجي ڌنڌي، واپار ۽ زمينداريءَ ۾؛ ڇا پنگتي سڌاري ۽ سخاوت جي راهه ۾؛ ڇا سنگيت، گائن وديا، نرتيه ڪلا ۽ ساهت جي ڏس ۾؛ ڇا روحاني رازن ۽ رمزن پروڙڻ ۾؛ ڇا جيوت جي جدا جدا ۽ هر پهلوءَ ۾- جا ڪماليت سيٺ وشنداس حاصل ڪئي، تنهن جو ويچار ڪندي، ائين چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته هو صاحب، هڪ انمول هستي هو.

سيٺ وشنداس جو جنم سنه 1843ع ۾، ڪوٽڙي تعلقي جي، مانجهو ڳوٺ ۾ ٿيو. مانجهو ڳوٺ جو ڪهڙو بيان ڪجي! هڪ ننڍڙو ڳوٺ، جنهن جي آدمشماري، ڪنهن به وقت، ڪجهه سوَن جي تعداد کان وڌيڪ نه ويئي هوندي. پر، مانجهو ڳوٺ، اهي هستيون پيدا ڪيون، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، جو اڄ به، سنڌ ۽ سنڌ واسي مٿن ناز ۽ فخر ڪري سگهن ٿا. ڪنهن اهڙي ننڍڙي ڳوٺ، ايترا ۽ اهڙا ڍنگ جا ڪم ڪندڙ پيدا ڪيا هجن، اهڙا مثال دنيا ۾ ڇڊا پاڊا ملندا.

سيٺ وشنداس جو پتا، سيٺ نهالچند لکميچند، هڪ واپاري هو پر ساڳئي وقت هڪ درويش ۽ شاعر هو. سندس، ڪيترا سارا هندو ۽مسلمان، مريد هئا- سکر جو درويش ۽ شاعر بچل شاهه پڻ سيٺ نهالچند جو مريد هو. سيٺ نهالچند کي، سندس شش ۽ مريد، صدق وچان ڀڳت نهال لال ڪري سڏيندا هئا. سيٺ نهالچند جا ٻه پٽ سيٺ وشنداس ۽ سيٺ ليلارام هئا، سيٺ وشنداس جو ذڪر هن ليک ۾ ٿي رهيو آهي ۽ سيٺ ليلارام هڪ آدرشي انسان هو. دنياداريءَ ۾ رهي، دنيا جي ڌنڌن کي ڪندي به هو صاحب دنيوي ڳالهين کان مٿي هو. وڏو گيان وان هو. خالق جي خلق سان ڪا لنؤ لڳل هئس. ڳچ وقت انسان ذات جي خذمت ۾ صرف ڪندو هو. پنهنجا ڪم ڪاريون سنڀاليندي به، حڪمت ڪندو هو ۽ سندس هٿ ۾ شفا هئي. دکين جو درد دور ڪرڻ سندس سهڻي وندر هئي. سندس جيوت جو انت به غريبن ۽ مسڪينن جي شيوا ڪندي ٿيو. سنه 1900ع ۾، مانجهوءَ ۾ ڪالرا جي مرض منهن ڪڍيو.هوند ۽ هلنديءَ وارا ٽڙي پکڙي ويا. سيٺ ليلارام جي ڪٽنب جا ڀاتي ڪراچيءَ لڏي ويا. پر سيٺ ليلارام مانجهو نه ڇڏيو. بي وسيلن ۽ نڌر انسانن جي وچ ۾ ويٺو رهيو ۽ سندن شيوا ۽ چاڪري ڪندو رهيو. قدرت کي اهو منظور هو، جو سيٺ ليلارام ڪالرا جو شڪار ٿيو ۽ بَک هيو، اهڙيءَ ريت، سرويچ سورمي جيان، سيٺ ليلارام هن دنيا کي ڇڏيو. سيٺ وشنداس کي ٽي پٽ هئا: هرچند راءِ، سريچند ۽ اوڌو داس. سيٺ هرچندراءِ وشنداس جو نالو سنڌين کان ڳجهو رهي نه ٿو سگهي. سنڌ جي گذريل 75 سالن جي عرصي ۾، جو پارٽ سيٺ هرچندراءِ ادا ڪيو هو، سو سنڌ جي تاريخ ۾، نهايت اهم جاءِ والاريندو. سيٺ هرچند راءِ، سنڌ جي پبلڪ جيوت جو ابو هو. لڳاتار 40 سال سنڌ جو نيتا ۽ اڳواڻ ٿي رهيو. ڪراچي ميونسپالٽي جو ساندهه ڏهه سال پريزيڊنٽ ٿي رهي، هن جنهن ڪفائتي ڍنگ  ۽ صرفي سان، ڪراچيءَ کي، هڪ ڳوٺ مان ڦيرائي هڪ ٺاهوڪو شهر بنايو، تنهن ڪيترن کي حيران ڪري ڇڏيو. سيٺ هرچندراءِ به، پنهنجي جان آزاديءَ جي راهه ۾ قربان ڪري، سنڌ جو شان اوچو ڪيو. سنه 1928ع ۾ سئمن ڪميشن خلاف، هن اسيمبليءَ ۾ پنهنجي ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ، بيماريءَ جي بستري تان اٿي، ائمبيولنس ۾ پاڻ کڻائي، رستي تان ويندي ويندي پران تياڳيا. سيٺ سريچند، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر هو. پنگتي ۽ شهري سڌارن ۾ دلچسپي وٺندڙ هو. هو صاحب، انهيءَ وقت جي انگريزي اخبار ”فينڪس“۾ ليک ڏيندو هو. سندس هڪ ئي پٽ، برنسپال هيرالال ڀاواڻي هو، جنهن جو نالو سنڌ ۾ چڱو وڄيل هو سيٺ اوڌو داس، سنڌ جو لڪل شاعر هو، هو صاحب، هڪ عمدي ۽ خاص ڪلام جو صاحب آهي. دوهرا، سورٺا، بيت، سي حرفيون، غزل ۽ ڪافيون، سندس ڪلام جا حصا آهن. سيٺ اوڌو داس جو وڏو پٽ، سيٺ سکديو به مانجهوءَ ۾ پيدا ٿيو. هي صاحب، گذريل 25 سالن کان، سنڌ جي پبلڪ جيوت ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. هو صاحب واپاري آهي، پر جڏهين ديس جي آزاديءَ جو ناد وڄيو هو، ته پنهنجا ڌنڌا ڇڏي، ملڪ جي سنڌ کي اونايو هئائين. ٻه ٽي ڀيرا جيل ياترا نصيب ٿي هيس. 1930ع واري بائڪاٽ هلچل جو سنڌ ۾ هرتا ڪرتا هو. ملڪ ۾ انگريزن جي حڪومت هئي، پر ڪراچي شهر جي ڪپڙي جي واپرين تي سندس راڄ ٿي هليو. بائڪاٽ ڪاميٽيءَ جو فرمان نڪتو ته 15 ڏينهن ساندهه ڪپڙي مارڪيٽ صفا بند رهي، ڪو به دڪان وغيره نه کلي، ڪپڙي جا گدام ڪانگريس پاران سيل ڪيا وڃن،“ ته حڪم جي پوريءَ ريت تعميل ٿي ويئي هئي- مکيه مراد اها هئي ته ڌارينءَ حڪومت کي ذهن نشين ڪرائجي ته ’قومي شڪتين کي ملڪ ۾ کانئن وڌيڪ مڃتا آهي‘. سيٺ سکديو، هن وقت به سنڌ ۾ وسي ٿو. پاڪستان کان اڳ، دهليءَ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر هو، ۽ پهرئين پاڪستان دستور ساز اسيمبليءَ جو به ميمبر هو. سندس تقريرون آزاد خياليءَ، بي ڊپائيءَ سان ڀرپور آهن. سو، ڏسبو ته مانجهو ڳوٺ، بيشڪ مانجهي مڙس پيدا ڪيا، جن پنهنجي قوم ۽ ديس جي خاص خدمت ڪئي ۽ سنڌ جو شان اوچو ڪيو.

 

اوائلي جيوت

وشنداس ننڍپڻ کان، پنهنجي پتا، سيٺ نهالچند جهڙي ڪامل پرش جي سنگ ۾ رهندو هو. مانجهوءَ ۾ سندن هڪ باغ، ”باغ بلاس“ نالي هوندو هو. باغ بلاس ۾، ڪٿي ڪٿي جا سنت، مهاتمائون ۽ درويش سدائين ايندا رهندا هئا. باغ بلاس ۾ روزانو سنتن ۽ درويشن جون واڻيون پيون اچاربيون هيون، گيان جون وارتائون پييون ٿينديون هيون ۽ راڳ ۽ سنگيت جون مجلسون پييون هلنديون هيون. انهن سڀني نازڪ ڳالهين جو وشنداس تي سائي سلي کان، اونهو اثر ٿيندو رهيو.

انهيءَ اثر، وشنداس جي جيءَ ۾ پختي جاءِ هٿ ڪئي. ان جو نتيجو اهو ٿيو، جو اوڻيهن ورهين جي نوجوان اوسٿا ۾، سندس سيني ۾، هڪ عجيب قسم جي تبديل پيدا ٿي ۽ منجهس زبردست ويراڳ ورتي پيدا ٿيڻ لڳي. دنيوي ڳالهان تان چت کڄڻ لڳس ۽ سندس من جو لاڙو روحاني ڳالهين طرف مائل ٿيڻ لڳو. ننڍپڻ کان جو گيان جي ڀنڊار مان پِڪون پيڻ جو موقعو مليو هوس، سو هاڻ برهم گيان پائڻ ۽ پنهنجي سروپ کي سڃاڻڻ لاءِ سندس اندر ۾ زوردار تمنا پيدا ٿئي ٿي.

19 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ جي اوسٿا، شاهوڪاري ڪٽنب ۾ لاڏ ڪوڏ سان نپايل نوجوان، تازو شادي ڪيل ۽ ڪن مهنن جو پهريون پٽ ڄاول – اهڙين حالتن ۾ اُسريل ۽ وڌيل نوجوان، رواجي طرح، عيش ۽ آرام واري جيوت پسند ڪندڙ هجي ها؛ يا ته پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪرت جي مشغوليءَ ۾، رات ڏينهن ايترو ته رڌل هجي ها، جو ٻين ڳالهين جي ڪا به سڌ سماءُ نه هجيس ها. پر، ڇاڪاڻ ته قدرت کي هن لاءِ ٻيو ڪجهه رٿيل هو، تنهنڪري هن نوجوان ۾ هڪ نرالي ۽ انوکي ڪشش – گيان پرائڻ جي چاهنا – پيدا ٿي.

انهيءَ وقت ۾ سندن پتا جو گرو، پرمهنس مهراج حيات نه هو.  پرمهنس مهراج، ستگرو گلابداس جن جو شش هو، ۽ سنڌ جو رٽن ڪندي، مانجهوءَ ۾ رهي پيو هو. سيٺ نهالچند، پرمهنس مهراج جو شش هو. نهالچند پنهنجي گروءَ جي ساراهه ۾ هيئن چيو آهي:

پر مهنس ڪلتار تون گرلا نهال ڪا- داتا تون داتار، آنند ڏيو ڏيڻ جو.

….

پر مهنس پرماتما، ستگر همرا شاهه- تانسون مل تئسا ڀيا، نهال بي پرواهه.

….

نهال پريتم پرمهنس، ستگر همرا يار- انتر گياني مل رهيا، ديکن دو تن يار.

….

نهال پريتم پر مهنس، ستگرو همرا مِت؛ همري تپت ٻجهائڪي، دان ديت هي نت.

انهيءَ زماني ۾، پر مهنس مهراج جو گرو، ستگرو گلابداس جن حيات هئا. سندن عمر، انهيءَ وقت 139 سالن جي هئي. وشنداس پڪو فيصلو ڪيو ته ستگرن جي چرنن ۾ رهي، اپديش وٺي، گيان جي ڀنڊار مان پڪون پي، روحاني رنگ ۾ پاڻ رڱائجي.

ستگرو گلابداس جو جنم 1723ع ۾ ٿيو، ۽ يارهين ورهين جي عمر ۾ گهر ۽ ڪٽنب تياڳي، سير سفر اختيار ڪيائيون ۽ سانده اسي سال، رمتن جوڳين وانگر، دنيا جو دور ديسن جو سير ڪندا رهيا. چون ٿا ته سندن ان سفر جي دوران ۾، سنڌ جي ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف سان پڻ ملاقات ٿي هئي. شاهه صاحب انهيءَ زماني ۾ ويراڳ ورتيءَ ۾ ورتل هو، ۽ ڀٽ جهڙي نويڪلي آستان ۾ ياد حق ۾ محو هو. ڪجهه عرصو هنن ٻن ڪامل درويشن گڏ رهي روح رهاڻ ڪئي. ستگرو گلابداس جن جو ديهانت 151 ورهين جي اوسٿا ۾ ٿيو. سندن درٻار ۾، ذات پات جو ڀيد ڀاو نه هو. سندن مکيه شش هي هئا: سنت تارا سنگ، جو ذات جو مذهبي شريف (هريجن) هو؛ ٻيو هو سيد محمد شاهه، جو لاهور جي دروازي وٽ هڪ مشهور حڪيم هو ٽيون مکيه سنت هئي ماتا پيرو،جنهن جو جنم به مسلماني گهر ۾ ٿيو. هو هي ٽيئي، ستگرن جا پيارا ۽ مکيه شش هئا. وڏا عالم ۽ عارف هئا. چون ٿا ته سنڌ جي هاڪاري شاعر، ڪنڊڙيءَ واري روحل فقير پڻ، ستگرو گلابداس جي درٻار ۾ ڳچ عرصو رهي سکيا پرائي هئي.

 

ستگرن جي قدمن ۾

ستگرو گلابداس جن جي درٻار، ڳوٺ چٺيانوال، ضلعي ڪسور، پنجاب ۾ هئي. ڪٿي ڪوٽڙي، ته ڪٿي ڪسور! زمانو به اهو هو، جنهن ۾ مسافريءَ جا وسيلا ۽ واهڻ، اهڙا سڻانگا ۽سهوليت وارا نه هئا.

انهيءَ زماني ۾ ڪوٽڙي، سنڌونديءَ تي وڏو بندر هو. ريل گاڏي فقط ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين هلندي هئي. ڪوٽڙيءَ کان ملتان تائين، مسافرن جي آمدرفت ۽ سامان سڙي جي آمدني ۽ روانگي، سنڌونديءَ دوران، آگبوٽن رستي ٿيندي هئي. ”انڊس وئلي ڪمپنيءَ“ پاران آگبوٽ هلندا هئا. ڏهن ڏهن ميلن جي مفاصلي تي، ڪمپنيءَ پاران دِڪا ٺهيل هئا، جتي ڪمپنيءَ جون آفيسون هونديون هيون. دِڪن تي آگبوٽ اچي بيهندا هئا. مال ۽ مسافر لهندا ۽چڙهندا هئا. آگبوٽ، پنهنجي ڪتب لاءِ، دِڪن تان ڪاٺيون به کڻندا هئا.

اها، سال 1863ع جي شروعات هئي، سيٺ وشنداس پنهنجي ارادي کي عملي روپ ڏيڻ جو فيصلو ڪري، بنا گهر کان موڪلائڻ جي، ڪوٽڙيءَ کان ”انڊس“ آگبوٽ ۾ چڙهي ويٺو. آگبوٽ جي ڪپتان سان اڳي ئي چڱو رستو هوس، سو ساڻس، سموري ڳالهه ڪري ڇڏي هئائين. ڪپتان سندس لاءِ سڀ انتظام ڪري ڇڏيو هو. اٺن ڏينهن جي مسافريءَ بعد، آگبوٽ اچي سکر بندر تي پهتو. سکر مان وشنداس هڪ خط پنهنجي پيءُ کي لکيو، جنهن ۾ سڄو راز ظاهر ڪيائين ۽ بنا موڪلائڻ جي هليو وڃڻ لاءِ معافي ورتائين.

آگبوٽ ملتان لاءِ روانو ٿيو ۽ ٻارهن ڏينهن جي سفر بعد، ملتان جي شيرشاهه بندر تي اچي پهتو. ملتان ۾ سندس هڪ پريتوان، سنت مانجهيرام رهندوهو، جنهن وٽ هفتو کن ٽڪيو. انهيءَ عرصي ۾، رٿا موجب، سندس سنگي هيرانند به ڪوٽڙيءَ کان اچي ملتان پهتو. سنت مانجهيرام به ساڻن گڏجي هلڻ جي تياري ڪئي.

هي ٽيئي ياتري، خشڪيءَ رستي، پيرين پنڌ، چٺيانوال ڏانهن روانا ٿيا.

ملتان کان چٺيانوال جو مفاصلو ٻه سو ”پنجابي ڪوه“ چوڻ ۾ ايندا هئا. پنجابي ڪوه ننڍا ٿين، ۽ ٻن انگريزي ڪوهن ۾ ٽي پنجابي ڪوهه سمجهجن. روزانو، صبح ۽ شام، اٽڪل ڏهه ڪوهه پنڌ ڪندا هئا. رستي ۾ مدوکڙي (بکيا ڪري کائڻ) ڪندا هئا. رات جو اوطاقن، ٽڪاڻن يا مڙهين ۾ سمهندا هئا. اهڙيءَ ريت منزلون هڻندا، 20-21 ڏينهن ۾، اچي ستگرن جي آستان تي پهتا.

درٻار ۾ پهچڻ سان، وشنداس به، ٻين ششن جيان، درٻار جي روز مره جي شيوا ۽ چاڪريءَ جي ڪمن کي لڳي ويو. شان ۽ مان جا سڀ خيال ۽ ويچار ترڪ ڪري، سچي سالڪ جيان، من کي ماري، ڪم ڪار ۾ جنبي ويو. هڪ جوانيءَ سبب سرير ۾ زوردار ٻل، ۽  ٻيو سيني ۾ سچو  صدق ۽ اوجل امنگ، سو درٻار جي شيوا اهڙي ڍنگ ۾ ڪندو رهيو،جو سڀني جي وات مان واهه واهه جي ورکا پيئي نڪرندي هئي. محنت ۾ ايتري  قدر پاڻ پتوڙيندو هو، جو جسم جي سمڪ به ڪا نه رهندي هيس. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سرون ڍوئيندي، سندس مٿي ۾ ڦٽ ٿي پيو هو. پر هن ذرو به پرواهه نه ڪئي: هي بي پرواهه، پنهنجي ڪم ڪار ۾، ذرو به پٺتي نه پيو.ڪنهن کي به لک نه ڏنائين. نيٺ ڦٽ پچي پيو ۽ بانس ڪرڻ لڳو. ستگرن جي ويجهو وڃڻ وقت، کين بانس اچڻ تي پتو پيو، ته سندس مٿي ۾ وڏو ڦٽ ٿي پيو آهي! ستگر، وشنداس جي شرڌا ۽ لياقت کي ته اڳيئي پروڙي ويا هئا؛ کيس سندس سچي صدق لاءِ ڌنيواد ڏنائون.

وشنداس تي روحاني رنگ، پنهنجو اثرا وائل کان ڪرڻ شروع ڪيو هو. ويتر، ڪامل مرشد جي قدمن ۾ رهيو، سو ڪافي رڱجي چڪو هو- ستگرن جي روحاني رنگ نسبت پاڻ هينئن چيو اٿس:

اَٺئي پهر عجيب جي، ارواح سان من لڳو،

سنگ ساجن شاهه جي ڀوَ ڀرم سڀ ڀولو ڀڳو.

سندس حافظو تمام چٽو هو. ٿوري ئي وقت ۾ پنجابي، هندي، ۽ ٿوري گهڻي فارسي ٻوليون سکي ويو. پنهنجي روحاني اڀياس ۾، چڱي ترقي ڪري چڪو هو. سندس سينو صاف ۽ اوجل ٿي، ٻولڻ لڳو:

نامئن هندو، نا مئن تُرڪا، نامئن پنڊت قاضي ري،

نامئن سيد، شِيخ، مسلا، نامئن ڀيا نمازي ري،

سچ بات هي اوران اوري، بيک بني سڀ بازي ري،

”وشنداس“ جب آپ پڇانيا، سروَ رنگ ۾ راضي ري.

وشنداس هاڻي انهيءَ منزل تي اچي پهتو، جو وڌيڪ اپديش وٺڻ جي ضرورت نه رهي. ستگرو مٿس گهڻو پرسن ٿيا؛ آسيس ڪري، موڪل ڏنائونس.

 

سچو ڪرم يوگي

لڳ ڀڳ 12 مهنن جي عرصي بعد، وشنداس اچي مانجهوءَ ۾ پهتو، سنڌ ۾ انهيءَ زماني ۾ پيريءَ ۽ مريديءَ جو زبردست دور هلندڙ هو. وشنداس به، رواجي طرح ٻين ساڌن ۽ سنتن جهڙي جيوت اختيار ڪري ها، ته ٿوري ئي وقت ۾، جهجهي تعداد ۾، سندس شش ۽ مريد بڻجي وڃن ها. پر، هن سچو گيان پرايو هو. ڀڳتن ۽ سنتن نسبت، سندس خيال ۽ ويچار بلڪل نرالا هئا. چي، ”ڀڳت اهو آهي جو دنيا جي ڀؤن کان گت يعني پار ٿيو هجي- جنهن پاڻ سڃاتو هجي ۽ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، پريتم کي پاڻ ۾ پسيو هجي. ۽ سنت اهو آهي، جاپورن ريت، سانت روپ ٿي رهيو هجي، ۽ جنهن جي اندر مان اگيان ۽ اوديا پر ڪري اڏامي ويا هجن.“

وشنداس جي ويچارن انوسار، سچا ڀڳت اهي آهن، جي ٻين کان نڪي ٻڍي ۽ نڪي ٻڌيان وٺن- اُهي، جي ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي نه رهي، پنهنجي ئي هڏن جي ڪمائيءَ ۽ ڪرت تي ڀاڙين ۽ گذر ڪن؛ جي گذران کان وڌيڪ حاصل ٿئين ته ٻين گهرج وارن ڏانهن به مدد جو هٿ ڊگهيرين.

اهڙي قسم جا ويچار ڌاريندڙ، ڪهڙيءَ ريت، رواجي سنت ۽ ساڌو بڻجي، ٻين جي آڌار، رحم ۽ ڪرم تي رهي ٿو سگهي! وشنداس، پوءِ سچو ڪرم يوگي بڻجي، ”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ“ واري ڪار اختيار ڪري، پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪرت کي لڳي ويو. دنياداريءَ ۾ جنهن اصول کان ڪم ورتائين، سو سندس هيٺئين بيت مان ظاهر آهي:

پورهئي ۽ ڌرم دل جي سان ڪمائڻ آهه جوڳ،

تنهن منجهان ڪي ننگ ۾، ڪي پاڻ کائڻ آهه جوڳ،

ڪي يتيمن، گهرج وارن کي رسائڻ آهه جوڳ،

برهمڻ، سنتن، چڱن ڏي هٿ ورائڻ آهه جوڳ،

ڪي ضروري وقت لئي، پاڇي بچائڻ آهه جوڳ،

سک ملڻ لئي پاڻ کي ان پر هلائڻ آهه جوڳ،

”وشنداسا“! ريت اِن، کَٽڻ کپائڻ آهه جوڳ.

سالڪن سچ چيو آهي ته ”چوڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ ڪرڻ ٻي“. انسان جي آزمائش به عمل جي ميدان ۾ ٿئي ٿي. عملي ميدان ڪسوٽي آهي، جنهن مان پرک پئجي سگهي ٿي ته چوندڙ، ڪيتري قدر، پنهنجي چوڻين تي عمل ڪري ٿو سگهي. سيٺ وشنداس، پنهنجي جيوت جي هلت چلت ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ مان ثابت ڪري ڏيکاريو ته مٿين بيتن جي، اکر به اکر، پيروي ڪئن ڪجي!

سندس اهوچوڻ هوندو هو ته ”مايا جو مريد ٿي نه رهجي، بلڪه شاهه ٿي رهجي. نيڪ ۽ چڱن ڪمن ۾ جيترو خرچ ٿي سگهي، اوترو ڪجي۽ مايا کي چڱيءَ طرح ڪتب آڻجي“ چي:

”مايا ڪي سڀ لوڪ طالب، مينو نا ڪڇ چاهه هَي،

آوي اڙاديون تـُسي، نا آوي، نا پرواهه هي.“

سو، مايا جو شاهه بڻجي هلت ڪندو هو. دنيا داريءَ ۾ ديانت ۽ سچائيءَ سان هلت ڪرڻ سبب، ٿوري ئي وقت ۾، سندس ناماچار پکڙجي ويو. انهيءَ زماني ۾ هالن جو پير، مخدوم محمد امين صاحب، اڃا ننڍيءَ عمر جو هو. مخدوم صاحب جي والده پاران، وشنداس کي آڇ ٿي ته عام مختيار بڻجي اچي سندن ڪاروبار ۽ زمينداري سنڀالي. وشنداس اها آڇ قبولي، اچي سندن ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. پوريءَ ذميداريءَ ۽ هڏ مار محنتن سان، ٿوري ئي عرصي ۾ حالتن ۾ وڏو سڌارو آڻي ڇڏيائين. سندس محنتن جي قدر شناسي ڪرڻ ۽ پنهنجي راضپي جي ظاهر ڪرڻ لاءِ، مخدوم صاحب جي ماتا سڳوريءَ، وشنداس کي هڪ جوهردار تلوار، مينا ڪاري مياڻ سان، تحفي طور ڏني.

ڪجهه عرصي کان پوءِ سيٺ وشنداس، مخدوم صاحب جو ڪاروبار ڇڏي، وري اچي پنهنجي وسائي ۽ پنهنجي ڌنڌي کي زور وٺائڻ ۾ لڳي ويو. زمينن جا مقاطعا ۽ ڪاٺين جا ٺيڪا کڻڻ لڳو. مالڪ جي مٿس وڏي مهر ٿيندي رهي. جلد ئي وڏو شاهوڪار بڻجي پيو.سندس ڪٽنب پنجن پيڙهين کان آسودو هو ۽ کين سيٺيون ڪري سڏيندا هئا؛ پر سيٺ ٻه رتيون ڪسر ويو- اهو سڀ روحاني سکيا تي عمل ڪرڻ جو اثر هو.

ڏينهنون ڏينهن، واپار ۽ ڌنڌي ۾ ويو ترقي ڪندو. 1869ع ۾، ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪوٺي برپا ڪيائين، جتي اناج، ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو وڏو ۽ ٻڌو واپار هلڻ لڳو: سندس ٻيڙيون سنڌونديءَ تي هلنديون هيون ۽ دُنگيون، ايران، عربستان، ڪيٽي بندر، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ ملبار مان مال آڻينديون ۽کڻي وينديون هيون.

لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه ڳوٺ ۾، سارين ۽ چانورن جو ڪارخانو، انجڻ سميت چالو ڪيائين. نوابشاهه ۾ ڪپهه جو ڪارخانو ۽ چانورن جي انجڻ برپا ڪيائين. سندس ڳوٺ مانجهوءَ ۾، ڦٽين ٽاڻڻ جو ڪارخانو هلندڙ هو- مطلب ته واپار وڌائي، ٻين ڪيترن سارن جي، واپاري ڏس ۾، رهنمائي ڪيائين.

سندس زمينداري اٽڪل اٺ هزار ايڪڙ هئي، جنهن مان گهڻي زمين نان براج تعلقن ۾ هئي. هارين ۽ نارين سان سندس هلت بلڪل سٺي هوندي هئي. ڪڏهين به کين تڪليف نه ڏنائين، خراب فصل ٿيندا هئا، ته سندن سڀ کڻتون ۽  قرض معاف ڪري ڇڏيندو هو، ۽ نئين سر، سندن حساب ڪتاب رکڻ جا حڪم جاري ڪندو هو. ٻج ۽ ڍور ڍڳو به مفت ڏياريندو هون. کين اولاد جيان سنڀاليندو هو. هاري ۽ ناري سڀ مسلمان هئا. سندن ڪيتريون ذاتيون هيون. سيٺ وشنداس کي سڀني جا نالا، ذاتيون ۽ سندن ڪٽنب جو احوال زبان تي ياد هوندا هئا. گشت تي نڪرندو هو ۽ هارين سان ملاقات ڪندو هو، ته ساڻن خوب رهاڻيون ڪندو هو. سندن ڏک، سور ۽ اهنج، صبر ۽ تحمل سان سڻي، انهن کي دور ڪرڻ ۾ هرڪا ڪوشش وٺندو هو. هاري ناري، سيٺ وشنداس تان ٻلهار پيا ويندا هئا.

سخاوت جو سائين

رواجيءَ ريت، ڏٺو ويو آهي ته جئن ڪو انسان، پئسي ۾ وڌيڪ واڌارو ۽ ترقي ڪرڻ لڳندو آهي، ته منجهس آپ سوار ٿپڻي ۽ خودغرضيءَ جا جزا زور پوڻ لڳندا آهن ۽ کانئن انسانيت جا نازڪ ۽ نفيس گڻ موڪلائڻ لڳندا آهن. ورلي ڪي سائينءَ جا سنواريا، مايا جي سٽ جهلي سگهندا آهن؛ باقي هرڪو مايا ساگر جي وهڪ ۾، لهوارو وهڻ شروع ڪندو آهي. سيٺ وشنداس، جنهن جو مايا نسبت اهو ئي چوڻ هو ته ”هم تسيڪي شاهه هي“، سو مايا جو شاهه بڻجي، مايا ساگر جي سٽ سهي، اوڀارو لهي، سخاوت جي راهه ۾ خوب خرچ ڪندو هو.

هن شير دل ۽ دلير انسان ۾، هڪ سٻاجهي ۽ سدوري دل موجود هئي. درياهه دلي ته ڪو سيٺ وشنداس کان سکي! سندس دل درخت جي دستور هئي- جئن شاهه صاحب رمايو آهي:

دل ڪر درخت جي دستور،

ڇاڙپ لڳي، ڇڳا ڇڻن، ميوا ۽ ٻيو ٻور،

ڪهاڙو لڳي ڪوڪ نه ڪري، درد نه رکي سور،

وڍيندڙ سان وير نه رکي، توڻي ڀڃي ڪري چور،

پاڻ جلائي ڇانو ڪري، نت انهيءَ تي نور،

سرتيون ”شاهه لطيف“ چوي، حاصل تن حضور.

سيٺ وشنداس ذات پات جي ڀيد ڀاو کان آجو هو. جو وٽس آيو، سو اگهيو، تڪليف ۽ مشڪلات ويلي، بنا ڪنهن ڀيد ڀاو جي، انسان ذات جي خذمت ڪرڻ ۾، هردم تيار ۽ اڳرو ٿيندو هو. سخاوت جو جنسي سائين هو. سندس ڪم جا رنگ ۽ ڍنگ ئي پنهنجا هئا. سخاوت به ايڏي پيماني تي ڪندو هو، جو ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن جا عقل چرخ ٿي  ويندا هئا. سخاوت ۽ پراپڪار جا ڪارناما، سندس جيوت سان ڳنڍيا پيا هئا ۽ جيوت جي آخرين دم تائين هليا.

هڪ دفعي، محال ڪوهستان ۾ ڪي سال ساندهه برسات ڪا نه پيئي، ڪوهستاني سخت مصيبت هيٺ اچي ويا. ويچارا اڳيئي هوندا آهن. ڏکن ڏڌل، ويتر هي قدرت جو قهر اچي مٿانئن ڪڙڪيو؛ سندن گذران صفا ڏکيو ٿي پيو. کين اهڙيءَ حالت ۾ هڄندو ڏسي، سيٺ وشنداس ڪيئن ماٺ ۾ رهي سگهي؟ سندس پاران، اتي اناج جا دوڪان کوليا ويا، جتان سستي اگهن تي اناج ميسر ڪيو ويو. ٻيلن جي کاتن ۾ جهنگلن جي ڪاٺين جا ٺيڪا هئس. تن تي غريبن ۽ مسڪينن کي مفت پاسون ڪڍي ڏنائين، ته ڀل اهي ويچارا ڪاٺيون ڪري، بازار ۾ وڪڻي، پنهنجو گذران ڪري سگهن. انسانن جي جڏهين اهڙي دکدائڪ حالت هئي، ته گگدام جانورن ۽ ڍورن سان ڪهڙو وئل وهيو هوندو! ويچارن گگدامن جي جان بچائڻ ۽ مسڪين مالدارن جي مشڪلات مٽائڻ خاطر، ڍورن جي چرڻ لاءِ، پنچريءَ جون مفت پاسون ڏنائين – اهڙيءَ ريت، ويچارن غريب ۽ مسڪين ڪوهستانين سان ڏکئي وقت ۾ پنهنجن وانگر همدرديءَ ۽ خيرخواهيءَ جا پير ڀريائين.

ٿرپارڪر ضلعي ۾، جڏهين ميگهه ديوتا جي مهر نه ٿيندي هئي، ۽ سوڪ ٿيڻ سبب ڏڪر منهن ڪڍندو هو، ته سيٺ وشنداس پاران، اتي سستي اناج جا دوڪان کوليا ويندا هئا: غريبن ۽ اناٿن کي، اناج مفت ڏيڻ ۾ ايندو هو.

سنه 1897ع ۾، ڪراچي شهر ۾ پهريون دفعو ”پليگ“ جي نگري مرض منهن ڪڍيو. انسان ذات سان جنسي وئل مچي ويو. سخت ڪال جو ويلو هو. ماڻهو سخت هراس هيٺ اچي ويا. هراس ۾ هيسايل انسان سڌ ٻڌ به وڇائي ويٺا. خودغرصيءَ جو انڌ ايتري قدر ڇانئجي ويو،جو ڪيترا ته پنهنجا گهر ٻار ۽ پيارا عزيز به ڇڏي اٿي ڀڳا. ڪو ڪنهن جو نه ٿيڻ لڳو. انسان گهڻي قدر ڪري پيو. اهڙي آفت ويلي، سيٺ وشنداس، مصيبت ۾ پيل دکي انسانن سان زبردست ساٿ ڏيئي، پنهنجي شاندار ۽ اعليٰ شخصيت جو ثبوت ڏنو!

مرض ۾ ورتلن جي علاج لاءِ، سرڪاري سول اسپتال موجود هئي. اهڙي سنڪٽ ويلي، انسان ذات سان زبردست همدرديءَجي ضرورت هئي. اهڙي حالت سول اسپتال جي سرڪاري عملي ۾ ڪٿان اچي؟ تنهنڪري، سول اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ کان هر ڪنهن ڇرڪ ٿي ڀريو: پر قهري مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ، علاج ڪرائڻ بلڪل ضروري ۽ لازمي هو. سيٺ وشنداس اڇل کائي، پنهنجي خرچ تي، خانگي پليگ اسپتال برپا ڪئي. اسپتال جي سموري چارج ڊاڪٽر نظرت جي حوالي ڪئي ويئي، جو صاحب پنهنجي وقت ۾، ڪراچيءَ جو مشهور ۽ قابل ڊاڪٽر هو. اها اسپتال ڀيم پوڙي ڪوارٽر ۾وڏي آکاڙي ڀرسان کولي ويئي.

اسپتال ۾ بيمارن لاءِ 75 کٽون هيون. نرسون،ڀنگي ۽ ٻيا خذمتگار  هڪيا حاضر ڪيل هئا. کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي ۽ دوا درمل جو جوڳو بندوبست ٿيل هو. تنهن کان سواءِ، اسپتال ۾ پريم ڀاوَ، شيوا ۽ قربانيءَ جو وايو منڊل موجود هو.هر ڪنهن لاءِ، خاطر خواهه نموني ۾، علاج جو يتن ڪيو ٿي ويو. ذات پات جو ذرو به ڀيد ڀاو نه هو. هر ڪنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو هو. اسپتال جي ٻاهرين انتظام ۽ بيمارن جي سار سنڀال جو ڪم، سيٺ وشنداس جي ڀائٽي سيٺ ڪيشوداس، ۽ پٽ سيٺ هرچند راءِ تي رکيل هو. هي صاحب نت نيم سان، پنهنجي فرض ادائي ڪندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com