سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

مضمون

صفحو :26

خواجه عبدالحسين

جهرڪن جو شهر

]هي مضمون، ايم اي (سنڌي) ڪلاس جي ڪم جي تڪميل جي سلسلي ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صدر شعبه سنڌي جي هدايتن موجب لکيو ويو. مصنف ڊاڪٽر صاحب جي مدد ۽ مشوري لاءِ مشڪور آهي.[

جهرڪ شهر متعلق گهڻو ئي ڪجهه احوال انگريزي خواه سنڌي ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي، مگر هن قديم شهر جي ثقافت ۽ قدامت ان جي تاريخي نشانن کي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ ئي دل تي نقش ٿي سگهي ٿي.

هن کان اڳ ۾ ڪنهن به صاحب چٽي روشني نه وڌي آهي ته هن شهر کي ”جهرڪ“ ڇو سڏيو ٿو وڃي. ”جهرڪا“ ذات جي هڪ عمر رسيده ۽ زمانه ديد بزرگ ميان ڇٽي جهرڪي ڪنڌ ڌوڻيندي ۽ ڌٻندي ڌٻندي ڳالهه ڪئي ته: ”ڏاڏو مرحوم چوندو هو ته پنج ڇهه پيڙهيون اڳ، اسان جا وڏا اصل ذات جا ”ڀٽي“ هئا، جي هاڻوڪي شهر ”جهرڪ“ کان اٽڪل اڌ ميل جي مفاصلي تي، ڏکڻ طرف درياءَ جي ڪنڌيءَ لڳ، شاهه پور نالي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. شاهه پور ۾ ڀٽين جو تعداد تمام ٿورو هو، ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ برڪت ڪا نه پوندي هئي.  انهن ڏينهن ۾ مخدوم صاحب هالن واري جو خليفو اتان اچي لانگهائو ٿيو، ۽ ڀٽين وٽ ٽڪيو. ڀٽين مال اولاد جي برڪت لاءِ مخدوم صاحب جي در تان دعا جي طلب ڪئي، جنهن تي خليفي صاحب جواب ڏنو ته : ”بابا! مخدوم صاحب جي مريدي قبول ڪندا ته اهڙو پڍ ڏسيندو سانوَ جتي پکا اڏڻ سان اوهان وٽ سڀڪي ٿيندو.، ڀٽين مخدوم صاحب جي مريدي قبول ڪئي ۽ خليفي جي ڏسيل هنڌ يعني هاڻوڪي شهر جهرڪ ۾، جو ان وقت پڍ هو، پنهنجا پکا اڏيائون ۽ شاهه پور کي الوداع چيائون.“

اٽڪل ڇهن ستن سالن کان پوءِ جڏهين ساڳيو خليفو اتان لانگهائوٿيو، تڏهين ڀٽين جي مال اولاد ۾ ڪافي واڌارو ڏٺائين. هڪ ڏينهن هڪڙي ماڻهوءَ جا اٺ – نَوَ ٻار خليفي صاحب جي اڳيان اچي بيٺا. خليفي صاحب جي پڇڻ تي، اتي بيٺلن مان هڪ ماڻهوءَ ٻارن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هي سڀ ٻار فلاڻي جا آهن. انهيءَ تي خليفي صاحب ٿورو کلي فرمايو ته ”اوهين ته ڪي جهرڪ آهيو!“ ان کان پوءِ اهي ڀٽي، ”جهرڪا ڀٽي“ سڏجڻ ۾ آيا. آهستي آهستي ”ڀٽي“ لفظ ئي گم ٿي ويو ۽ فقط ”جهرڪا“ سڏجڻ لڳا؛ سندن ڳوٺ کي به ”جهرڪ“ جي نالي سان سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح هن شهر جو نالو ئي مستقل طرح ”جهرڪ“ پئجي ويو، جو سنڌ جي واديءَ جو هڪ قديم شهر آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪي جهرڪا ذات وارا جهرڪ شهر ۾، ڪي شهر جي اتر طرف ميل کن مفاصلي تي ۽ ڪي وري درياءَ جي ٻيءَ ڀر ٻن ميلن جي مفاصلي تي رهن ٿا.

ميان نور محمد جهرڪي خبر ڪئي ته ”اسان جا ڪي مائٽ ”ڀٽي“ ڪڇ طرف لڏي ويا هئا، جن سان ڪيتري وقت تائين اسان جي خط و ڪتاب ٿيندي رهي. اڄ تائين به هو پاڻ کي اتي ڀٽي سڏائيندا آهن.“

ميان ولي محمد ڊکڻ ڳالهه ڪئي ته ”ميرن جي حڪومت جي آخري سال، 1842ع ۾ جهرڪ شهر ۾ ويسو خواجو زور هو؛ سندس ڌاڪو هڪ طرف ڪوٽڙيءَ تائين ته ٻئي طرف ٺٽي تائين هو. مطلب ته هن پٽ ۾ مڙس جي هاڪ هئي. ڪوٽڙ ان وقت ٿاڻي بولا خان جي ملڪ سردارن جي هٿ هيٺ هئي. انهيءَ ڪري ملڪ سردارن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ ميرن وٽ دانهن کڻي ويا.انهيءَ کانسواٰءِ ان وقت ”خواجه“ قوم جي مذهبي رهنما آغا حسين علي شاهه محلاتيءَ (هز هائنس سر سلطان محمد شاهه آغا خان جي ڏاڏي)، جي به ميرن سان اڻبڻت ٿي پيئي. هيءُ صاحب ان وقت جهرڪ شهر ۾ رهندو هو. انهيءَ اڻبڻت ڪري ملڪ سردارن ميرن جي رهبريءَ هيٺ نومڙين جي لشڪر سان جهرڪ شهر تي ڪاهيو. نومڙين جي لشڪر جو هر هڪ سپاهي ”ويسو، ويسو“  چئي رهيو هو. ٻئي طرف آغا حسن علي شاهه جا جانباز سپاهي به سامهون ٿيا. جنگ لڳي جنهن ۾ ملڪن جي فتح ٿي ۽ آغا حسن علي شاهه بمبئي طرف نڪري ويو.“ اڃا تائين جهرڪ شهر ۾ هن صاحب جو محلات موجود آهي.

انگريزن جي اوائلي دور ۾، شهر جهرڪ کي خاص اهميت ملي، هيءُ شهر انهيءَ وقت جهرڪ ڊويزن جي گاديءَ جو هنڌ هو. منجهس هڪ وڏي پوسٽ آفيس ٺهرائي ويئي، جا هن وقت به زبون حالت ۾ موجود آهي ۽ جنهن جي مهڙ واريءَ ڀت تي، لڳل پٿر تي 1873ع سنه لڳل آهي. اها پوسٽ آفيس شهر جي اڀرندي طرف هاڻوڪي سڪول جي لڳو لڳ آهي. شهر کي ميونسپالٽي هوندي هئي، ۽ انهيءَ کان سواءِ منجهس هڪ وڏي مارڪيٽ پڻ هئي، جنهن جي عمارت اڃا تائين سلامت بيٺل آهي. هن وقت ان عمارت ۾ پي . ڊبليو. ڊي کاتي وارن جو سامان وغيره رکيل آهي. چون ٿا ته سر چارلس نيپيئر جهرڪ شهر کي لشڪر لاءِ موزون سمجهيو ۽ لشڪر جي رهڻ لاءِ بئرڪون ٺهرايائين.

ميان بچو ميربحر، جنهن جي عمر قريب سؤ سال ٿيندي، ڳالهه ٿي ڪئي ته ”انگريزن جي اوائلي دور ۾ ڊويزن جو حاڪم ڊپٽي ڪليڪٽر هوندو هو، جنهن جونالو سوڍي صاحب (؟) هو. هو صاحب با اخلاق ۽ انصاف پسند هو. سندس خاص ڪچهري شهر جي ڏکڻ طرف ٽڪر تي ٿيندي هئي. ٽڪر تي چڙهڻ لاءِ عام ماڻهن لاءِ ڌار رستو ۽ ”سوڍي صاحب“ لاءِ خاص رستو هوندو هو. اڄ تائين به اهي رستا گهڻي ڀاڱي سلامت آهن. ٽڪر تي عاليشان عمارت ۽ عمدا باغيچا ٺهيل هئا، جن جا نشان اڄ تائين نظر اچن ٿا. ٽڪريءَ جي ڀرسان اڀرندي طرف عيسائي مشن اسڪول هوندو هو، جتي پادري گورن جي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. پادرين جي رهڻ لاءِ خاص جايون هونديون هيون، جي اڃا تائين زبون حالت ۾ موجود آهن.  ”سوڍي صاحب، وارو بنگلو به هن وقت سلامت آهي ۽ جيڪي به وڏا وڏا آفيسر گشت تي ايندا آهن، اهي انهيءَ بنگلي ۾ اچي رهندا آهن.“

انگريزن جي شروعاتي دور ۾ پوليس ٿاڻو شهر جي اڀرندي طرف هوندو هو، مگر هينئر شهر جي الهندي طرف آهي.جتي هن وقت اسپتال آهي، اتي سڪول هوندو هو؛ ۽ جتي سُڪول آهي اتي مارڪيٽ هئي. هاڻوڪي اسپتال جي مهڙ واريءَ ڀت تي انگريزيءَ ۾ ”مولانا محمد علي ڊسپينسري، جهرڪ، 1932ع“ لکيل آهي. جڏهين شهر کي ميونسپالٽي ملي، تڏهن هڪ وڏي عاليشان مارڪيٽ شهر جي الهندي طرف تعمير ڪرائي ويئي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

جيئن جيئن فرنگي وڌيڪ شهر هٿ ڪندا ويا، تيئن تيئن شهر جهرڪ کي وساريندا ويا. ڊويزن مان گهٽائي کيس محالڪاري ڪيائون، جنهن جي آفيس هن وقت هاڻوڪي اسپتال جي ڀرسان اتر طرف هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ان بعد هن شهر جي قسمت هٽڻ لڳي، آخر محالڪاري به ختم ڪئي ويئي ۽ کيس تپي جي حيثيت ۾ تعلقي ڪوٽڙيءَ سان ملايو ويو. اڄ تائين جهرڪ هڪ تپو آهي؛ ۽ هاڻي تعلقي ٺٽي سان ملحق آهي.

هيءُ شهر درياءَ جي ڪناري تي هڪ قديم يادگار آهي. سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل چار سو فوٽ مٿي ٽڪر تي ٻڌل آهي. سندس آب هوا وڻندڙ ۽ صحت بخش آهي. شهر جي اتر اوڀر طرف هڪ سلهه گهر ”پار پتي آوت سنگ سئنيٽوريم“ جي نالي سان مشهور هوندو هو، جنهن ۾ ڪيترا مريض اچي ٽڪندا هئا. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ اهو سلهه گهر به ختم ٿي ويو، ۽ اسان جي سرڪار هن قديم شهر ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو. سلهه گهر جي پاسي ۾ هڪ ٻيو ٽڪر آهي، انهيءَ تي ماڻهو هوا خوريءَ لاءِ چڙهندا آهن. اونهاري جي موسم ۾ نما شام مهل ٽڪر تي چڙهڻ سان ۽ ٿڌي هوا جي هير لڳڻ سان دل بهار بهار ٿيو وڃي؛ روح کي راحت ۽ من کي فرحت اچيو وڃي. سانوڻ جي موسم ۾ پاسي کان وهندڙ درياءَ جون ڇوليون ۽ سج جا آخري ڪرڻا کيس سلامي ڏيندا  نظر ايندا آهن. چوڌاري اڇ ئي اڇ لڳي پيئي هوندي آهي، ڄڻ ته زمين تي چانديءَ جي چادر پکڙي پئي هوندي آهي. انهيءَ وقت اهي لاجواب قدرتي نظارا ۽ منظر ڏسيو انسان دل ئي دل ۾ ڌڻيءَ جي ساراهه جا گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.

شهر جي اڀرندي طرف سدا وهندڙ، ورن وڪڙن سان، ”پورالي ندي“ وهي ٿي. پنهنجي پور مستيءَ سبب نه ڄاڻي ڪيترا دفعا پيٽ ڦيرايو اٿس، ۽ ڪيترن هنڌان رُسي، اتان منهن موڙيو اٿس؛ سو شايد هاڻي جهرڪن کان به رسي روزانه پري پري ٿيندي ٿي وڃي. شهر جي ڀر وارو حصو جتان اڳي درياءُ وهندو هو، سو سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، يعني وچ ۾ ”ڪيٽ“ بنائي ڇڏيو اٿس، جو اٽڪل ڏيڍ ميل کن ۾ ٿيندو. سياري جي موسم ۾ شهر جي طرف وارو واهڙ وهڻ بند ٿي ويندو آهي، بلڪه سڪي به ويندو آهي. گذريل ٻن سالن کان سياري جي موسم ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڊرم هڪ رپئي ملندو آهي. تعجب جي ڳالهه ته وري هيءَ آهي ته شهر جي چوڌاري هڪ هم چورس ميل زمين کوٽڻ سان پاڻي کارونڪري ٿو، ۽ درياءَ جي پيٽ ۾ به ڪٿي ڪٿي کوٽائي ڪرڻ سان کارو پاڻي نصيب ٿئي ٿو. جهرڪن جي هن قديم شهر کي مٺي پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ حڪومت جي فوري مدد جي ضرورت آهي.

شهر کان اڀرندي طرف ڪناري تي اڳ عمدا باغ هوندا هئا، جن ۾ خاص ڪري انب، زيتون، ڦاروان، کجيون ۽ ڪمند جام ٿيندو هو. هاڻ خريف جي فصل کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه ٿئي.

 

سامهون درياءَ جي ٻيءَ ڀر ”ٻڌڪن“ جو ٽڪر آهي. انهيءَ ٽڪر تي ٻڌ ڌرم  وارن جو مندر هوندو هو. هن وقت اهو مندر پڻ پهڻن ۽ پڪين سرن جو ڍير ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ٽڪر سان ملي هڪ ٿي ويو آهي. جڏهين، ڪجهه روز اڳي، انهيءَ ٽڪر تي وڃڻ ٿيو، تڏهين هڪ پڪي سر جو ٽڪر مليو، جنهن تي گوتم ٻڌ جا ٽي بت ٺهيل آهن. هڪ بت جو اڌ حصو ڪونهي، ٻئي جي سسي غائب آهي ۽ باقي ٽيون بت سلامت نظر اچي ٿو. (ڏسو فوٽو). انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڍائي هزار سال اڳ اتي به واقعي ٻڌ مذهب وارن جا مندر هوندا هئا.

شهر جي الهندي طرف ٽڪر ئي ٽڪر آهن. حيدرآباد - ڪراچيءَ واري شاهي سڙڪ به انهيءَ طرف آهي. شهر جي اتر طرف ”کاٽ کپريو“ جنهن کي ”کپريو کاهوڙي“ ”يا کپريو کاٽڙيو“ به ڪري سڏيندا آهن، انهيءَ جي مزار آهي. هي صاحب درويشن ۾ ليکيو وڃي ٿو. هن صاحب وٽ هڪ ڪرامتي هٿيار ”کنو“ هوندو هو، جنهن جي زور سان، هن راجا ”منجيراءُ“ يا ”ماجيراءِ“ جي ڪوٽ کي (جو شهر جهرڪ کان اٽڪل چار ميل پري، ڏکڻ اولهه طرف ٽڪر تي اڏيل هو) ست کاٽ هنيا. ڇهن ۾ ناڪامياب ٿي، ستين کاٽ ۾ ڪامياب ٿي، راجا ماجيراءِ جي ڌيءَ حاصل ڪيائين. هي به هڪ دلچسپ واقعو آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.

جهرڪ شهر جي ڏکڻ اولهه طرف اٽڪل چئن مڃيلن جي مفاصلي تي هڪ ٽڪري ”مجيراءِ“ يا ”ماجيراءِ“ جي نالي سان واقع آهي. انهيءَ ٽڪريءَ بابت ائين چيو وڃي ٿو ته اتي ڪنهن زماني ۾ ”ماجيراءِ“ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو ۽ مٿس سندس ڪوٽ به اڏيل هوندو هو. انهيءَ ٽڪريءَ بابت، مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي تصنيف ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“  (صفحو 56) ۾ پڻ اشارو ڪيو آهي؛ مگر هن صاحب انهيءَ بابت ڪجهه به وڌيڪ احوال يا حقيقت نه لکي آهي.

ٽڪريءَ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف سندس دامن ۾ ”ويران“ نالي ٻيلو آهي. الهندي طرف ٽڪر ئي ٽڪر آهن ۽ اتر طرف حيدرآباد - ڪراچيءَ وارو شاهي رستو لنگهي ٿو. ڏکڻ اوڀر طرف وري هڪ ننڍي ڍنڍ آهي، جنهن کي چوندا ئي آهن، ”منجيراءِ واري ڪوري“.

الهندي طرف کان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پهچڻ سان، پهريائين ميدان ئي ميدان ڏسڻ ۾ ايندو. ڪجهه ٿوهرن جا، ٿورا کٻڙن جا ۽ ڪي ڇاپرو ٻيرين جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا. ٿورو اڀرندي طرف هلبو، ته ٻن وڏن ڪمرن جا نشان نظر ايندا؛ وري کاٻي هٿ تي ٽن چئن قدمن جي مفاصلي تي هڪ کاهي کوٽيل نظر ايندي. انهيءَ کوٽيل کاهيءَ جي اندرئين چئني طرفن سرون ئي سرون نظر اينديون. انگريز سرڪار اها کاهي سال 46- 1945ع ۾ کوٽائي هئي، جنهن مان ڪجهه ٺڪر جا ڀڳل ٿانو، هڏا ۽ ٽين جا جا ننڍا ڌٻا نڪتا، مگر خاطرخواهه نتيجي نه نڪرڻ ڪري ۽ جبل جي سخت کوٽائي هئڻ ڪري، اهو ڪم اتي ئي رهجي ويو. هاڻ اڀرندي طرف ٿورائي اڳتي وڌبو ته خاص ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هيءَ ڳالهه هوندي ته هيترا سارا پڪين سرن جا ٽڪر ڪٿان آيا! انهيءَ وقت يڪدم موهن جي دڙي يا ٻڌڪن جي ٽڪر (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون) جي ياد دل تي تري ايندي ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳبو ته هتي ڪنهن نه ڪنهن حاڪم جو محلات يا ڪوٽ ضرور اڏيل هوندو، جو زماني جي گردشن ڪري نيست و نابود ٿي ويو آهي. جهڙيءَ طرح ڪا جاءِ پراڻي ٿي ڪري پوندي آهي، پوءِ انهيءَ جاءِ جي ڀتين جا نشان ڪن صدين تائين ڏسڻ ۾ ايندا اهن، اهڙي ساڳي حالت هن ٽڪريءَ تي به نظر ايندي. انهن نشانن تي جيڪڏهين نئين سر جاءِ جوڙائجي ته هوند هڪ عاليشان مڪان، وڏن،گهڻن ۽ سٺن ڪمرن سان ٺهي پوي.

ٽڪريءَ تي چڙهڻ مهل هڪ واٽهڙو گڏيو، جنهن سان خوش خيرعافيت ڪري، ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي، کانئس ٽڪريءَ بابت پڇيوسين، چيائين ته ”ادا، اسان جا وڏا ڳالهه ڪندا هئا ته هيءَ ”مجيرا“ جي ٽڪري آهي، مٿس راجا مجيرا جو ڪوٽ اڏيل هوندو هو، جو ڪنهن زماني ۾ هن تَرَ ۾ راڄ ڪندو هو. ٽڪريءَ جي ڪاڇيل (ڏکڻ) پاسي سڏ پنڌ تي درياءَ وهندڙ هو.“ اهو درياءُ هن وقت ٽڪريءَ کان اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي وهي ٿو. ٽڪريءَ ۽ درياءَ جي وچ وارو ڀاڱو ٻيلو ٿي ويو آهي. ٽڪريءَ تي مٿي چڙهڻ سان، پري کان درياءَ (سنڌوندي) وهندڙ ڏسڻ ۾ ايندو.

وڍيڪ هن ريت ڳالهه کنيائين- جا ٻن ٽن ٻين کان به ٻڌي ويئي. چيائين ته”جڏهين راجا مجيراءِ کي ڌيءَ ڄائي تڏهين ڇٺيءَ رات، جنم پتري ڪڍڻ لاءِ گهڻائي پنڊت ۽ برهمڻ اچي حاضر ٿيا، شهزادي ننڍي هوندي ئي شڪل شبيه جي موچاري، نيڻ من موهيندڙ ۽ تمام حسين هئي. پنڊتن جنم پتري ڏسي ۽ ڍارو هڻي، چيو ته ”شهزاديءَ جو بخت ڀلارو، سدا سهاڳڻ ۽ هميشه سکي گذاريندي رهندي، پر سندس شادي راجا مجيراءِ (يعني سندس پيءُ) سان ٿيندي.“ اهو ٻڌي سڀئي فڪر ۾ پئجي ويا، خوشين ۾ ڪتر پئجي ويئي ۽ پنڊت به پنهنجو دان پڃ وٺي رمندا رهيا.

 مٿئين ذڪر جي خبر ”کاٽ کپريي“ کي پئجي ويئي هي صاحب ڪرامت وارو شخص هو. وٽس هڪ ڪرامتي هٿيار ”کنو“ هوندو هو،جنهن جي ذريعي جتي به چاهيندو هو، اتي وڃي سگهندو هو، يعني درياءَ پار ڪرڻ چاهيندو هو يا ڪنهن ٽڪرجي وچ مان لنگهڻو هوندو هوس، ته ان ”کني“ کي انهيءَ هنڌ ڏانهن سڃيندو هو، ته اتان گس ملندو هوس.

”کاٽ کپريي، جڏهين راجا مجيراءِ جي ڌيءَ بابت پنڊتن جي اڳڪٿي ٻڌي، تڏهين دل ۾ پڪو پهه پچايائين ته اهو ڪڏهين به نه ٿيڻ ڏبو. جڏهين شهزادي وڏي ٿي، تڏهين کاٽ کپريي شهزاديءَ کي کڻڻ جو فيصلوڪيو. کپريي پنهنجي ڪرامت واري هٿيار ”کني“ سان ٽڪريءَ کي ست کاٽ هنيا، جن مان ڇهن ۾ ناڪامياب ٿيو ۽ستين کاٽ ۾ ڪامياب ٿي، مجيراءِ جي ڌيءَ کي کڻي، اچي پنهنجن پکن ۾ رهايائين، انهن ستن کاٽن مان گهڻن جا نشان ئي مٽجي ويا آهن، باقي صرف ٻن کاٽن جا نشان ڏسڻ  ۾ اچن ٿا. هڪ ٽڪريءَ جي اتر طرف آهي؛ اهو به هاڻي گهڻي ڀاڱي ريٽجي چڪوآهي؛ ٻيو کاٽ ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪريءَ جي اڌ تي غار مثل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو اڃا گهڻي ڀاڱي سلامت آهي. برسات پوڻ ڪري انهيءَ غار جي منهن تي ٻه وڏيون ڇپون ڪري پييون آهن، جنهنڪري اهو به ڪجهه سالن بعد شايد ميٽجي وڃي.

”راجا کي پنهنجي ڌيءَ جي کڄي وڃڻ جوڏاڍو ڏک ٿيو ۽ شهزاديءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻيئي حيلا هلايا ويا مگر سڀ بيسود ٿيا.

”شهزادي جاشهنشاهي خصلتن ۾ پلي، سا جهر جهنگ ۾ ڪيئن سک پائي؟ کپريو پاڻ اڪيلو رهندوهو؛ سندس ساٿياڻي فقط اها شهزادي ئي هئي. آخر شهزاديءَ کي باز آندائين، ۽ سندس سچي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو. شهزاديءَ جي ٽهل ٽڪور لاءِ هر ستن اٺن ڏينهن ۾ هڪ دفعو، کپريوکاهوڙي، پنهنجي هٿيار ”کني“ سان، مجيراءِ جي ڪوٽ مان، شهزاديءَ جي خاص ٻانهيءَ کي اکيون بند ڪري کڻي ايندو هو ۽ وري رات وچ ۾ ئي کيس ڪوٽ ۾ ڇڏي ايندو هو. کپريي طرفان کيس ڏکو ڏنو ويو هو ته ”جيڪڏهين تون هي راز راجا وٽ ظاهرڪنديئين ته تنهنجو خير ڪونهي.“

”راجا جڏهين بيحال ٿيو، تڏهن ٻانهيءَ کي به رهيو نه ٿيو ۽ راجا کي چيائين ته ”آقا، مون شهزادي ڏٺي آهي- سلامت ۽ خوش آهي.“ وڌيڪ چيائين ته ”هڪ ماڻهو اچي ٿو جو منهنجيون اکيون ٻڌي، رات وچ ۾ کٽ تي کڻي وڃي ٿو ۽ ساڳيءَ رات واپس محل ۾ ڇڏيو وڃي، مگر اکين بند هئڻ سبب رستي وغيره جي ڪا به سڌ پئجي نه ٿي سگهي.“ انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ لاءِ وزير ۽ صلاحڪار گهرايا ويا. ڪنهن ڪهڙو ۽ ڪنهن ڪهڙو رايو پيش ڪيو. قصو ڪوتاهه، هڪ وزير صلاح ڏني ته ”جيئن ته چور جي گهر جي خبر نه آهي ته ڪٿي، ڪهڙي طرف ۽ ڪيترو پري آهي؛ انهيءَ ڪري ساوڻي موسم جي شروعات ۾، کٽ جي پيرانديءَ واري پاسي، سرنهه جي ٻج جون ٻه ننڍيون ڳوٿريون ٻڌي ڇڏجن ۽ هر ڳوٿريءَ کي ننڍو ٽُنگ ڪري ڇڏجي، جيئن رستي هلندي، اها سرنهن زمين تي ڪرندي وڃي. جڏهين مينهن پوڻ تي سرنهه جو ٻج ڦٽندو،تڏهين رستي ۽ چور جي مڪان جي خبر به جلد ئي پئجي سگهندي.“ هيءَ ڳالهه ٻڌي ويٺلن ۾ واهه واهه پئجي ويئي، ۽ آخر ڪار ڪيائون به ائين.

”قصو ڪوتاهه،سانوڻ جي موسم به اچي ويئي؛ خيرن جي برسات به پيئي ۽ سرنهن جو ٻج به ڦٽي ظاهر ٿيو. راجا مجيراءِ جي لشڪر به انهيءَ آڙ تي ڪاهيندو، کاٽ کپريي جي مڪان کي اچي گهيرو ڪيو. انهيءَ وقت کپريو بندگيءَ ۾ مشغول هو. ”کني“ ۾ اها حڪمت رکيل هئي ته جيڪڏهين عورت ذات انهيءَ ”کني“ کي هٿ لائيندي ته ڇپجي پوندو. يعني منجهانئس ڪرامت ختم ٿي ويندي. کاٽ کپريي شهزاديءَ کي هدايت ڪئي هئي ته ”کني“کي ڪڏهين به هٿ نه لائج، مگر کيس مٿئين راز کان واقف نه ڪيو هئائين.

”کاٽ کپريو راجائي لشڪر جي گهيري ۾ اچي چڪو هو ۽ پاڻ بندگيءَ ۾ مشغول هو. انهيءَ ساعت اهو ”کنو“ پاڻمرادو مياڻ مان ٻاهر نڪتو جو شهزاديءَ ڏسي ورتو ۽ جهٽ ڪري وڃي کيس هٿ ۾ کنيائين؛ پر عورت جي ڇهڻ ڪري اهو هٿيار ڇپجي پيو ۽ سندس ڪرامت به ختم ٿي ويئي. نيٺ کپريو کاهوڙي ۽ شهزادي ٻئي لڙائي ڪندي مارجي ويا. راجا حڪم ڪيو ته ”ٻنهي جون قبرون ڌار ڌار ٺاهي، اتي ئي کين دفن ڪري ڇڏيو!“ راجا جي حڪم جي جلد ئي پيروي ڪئي ويئي.جڏهين ٻنهي کي دفن ڪيو ويو، تڏهين الاهي قدرت سا ن ٻئي قبرون ملي هڪ قبر ٿي ويئون. راجا کي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪيو ويو. راجا حڪم ڪيو ته ”اهاقبر کوٽي وڃي“ قبر کوٽي ڏسن ته ٻنهي جو لاش (يعني کپريي کاهوڙي ۽ شهزاديءَ جو) انهيءَ هڪڙيءَ ئي قبر ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان پيو آهي. هيءَ حقيقت ڏسي سڀني کي حيرت و‎ٺي ويئي. اتي راجا وري حڪم ڪيو ته ”انهن لاشن کي وري ڌار ڌار ڪري خاڪ جي سپرد ڪيو وڃي.“ راجا جي حڪم جي پيروي ڪئي ويئي، مگر اهو ئيڳن ڪهاڙيءَ ۾ - ٻئي قبرون ٻيو دفعو به ملي هڪ ٿي پيئي. انهيءَ ڪري قبر  کي اتي ئي رهڻ ڏنو ويو، پر هڪ قبر مٿان ٻن قبرن جا نشان ٺهرايا ويا.“

جهرڪن جي شهر کان ميل کن اتر طرف اهڙي قسم جي هڪ قبرآهي، جنهن لاءِ اتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها کپريي کاهوڙيءَ ۽ ان شهزاديءَ جي قبرآهي. هندو ماڻهو هن ”قبر“ کي ”ڪالي ماتا“ ڪري مڃيندا آهن.

شهرجي ڏکڻ اولهه طرف هڪ ٽڪر تي ”حافظ ابراهيم حماتي“ جي مزار آهي. قرآن شريف جي ياد هئڻ ڪري کيس ”حافظ“ جو لقب عطا ٿيو. پاڻ ذات جو حماتي هو؛ انهيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي آهن ”حافظ حماتي“. هو صاحب درويش ۽ڪرامت وارو ٿي گذريو آهي. پنهنجي جيئري ئي قبر کوٽائي ڇڏي هئائين. سندس حياتيءَ جو مختصر بيان هن ريت آهي:

”حافظ حماتي اصل هيلاين جي ڀرسان حماتين جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، جو سندس اباڻو ڳوٺ به هو. کيس قرآن شريف ياد ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، انهيءَ ڪري ننڍيءَ عمر ۾ ملاڪاتيارن ويو. اتي قرآن شريف جو دور ڪري، حافظ ٿي، وري پنهنجي ڳوٺ واپس وريو. اتي حافظ صاحب کي اشارو ٿيو ته ”تون راڄو نظاماڻي جنهن کي راڄ ڳوٺ به چوندا آهن، اتي وڃ. اهو ڳوٺ جهرڪ شهر کان چئن ميلن پنڌ تي اتر اوڀر طرف آهي. پوءِ، حياتيءَجو گهڻو حصو انهيءَ ڳوٺ ۾ گذاريائين، ۽ باقي پڇاڙيءَ وارا ٿورا سال جهرڪ شهر ۾ بسر ڪيائين.

”راڄ ڳوٺ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ٻڌل آهي؛ اتي ڪيتريون ساريون ٻوڏون ٿيون،مگر هن درويش جي دعا سان هن ڳوٺ کي نڪولهر نڪو لوڏو آيو.“ (!)

ميان احمد  (عمر اٽڪل 90 سال) ڳالهه ڪئي ته ”هڪ دفعي گهر ۾ ناچاڪائي ٿي پيئي ۽سڳي تعويذ لاءِ وٽس ويس. حافظ صاحب جي خدمت ۾ ساري حقيقت بيان ڪيم، صاحب موصوف جواب ۾ فرمايو ته ”ابا! تون پري کان آيو آهين، بکيو هوندين!“ پوءِ، ڍاڪونءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته ”تون ماني کائي وٺ، تيسين آءٌ سڳو ڪري وٺان. انهيءَ ڍاڪونءَ لاءِ ائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته ان مان ماني ڪڏهين به ڪين کٽندي هئي – هڪ مهمان آيو ته به ڍؤ ڪري اٿندو هو، جي چار آيا تڏهين به کائي خوش ٿي اٿندا هئا.“

ميان احمد وڌيڪ چيو، ”آءٌ ماني کائي وري سندس خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيس. اتي چيائين ته ”ادا، شي ڌڻين کي وڃي پهتي، سگهو وڃي رسينس؛ هاڻ سڳي وغيره جو ضرور ڪونهي.“ گهر اچي ڏسان ته روڄ راڙو لڳو پيو آهي ۽ بيمار ماڻهو الله جي رحمت کي وڃي رسيو آهي.“ (!) اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي سندس ڪرامتون اتي جا ماڻهو بيان ڪندا آهن!

حافظ صاحب زال ذات کان بنهه وئون ويندو هو. ائين ئي چوندو هو ته ”خدا شل عورت ذات جو منهن ئي نه ڏيکاري.“ پاڻ شادي نه ڪئي هئائين. کيس جيڪي ڪجهه خير خيرات ملندي هئي، سا غريب غربن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. چوندو هو ته ”سڀان جو روز به الله تي آهي.“ هن صاحب پيس وپنجڙ ڪڏهين به پاڻ وٽ نه رکيو. اٽڪل 50 ورهيه کن ٿيا جو تقريباً 75 ورهيه جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس تربت هن وقت اڇي چن سان سٺي نموني ٺهيل آهي .مزار جي پاسي ۾ پنج ڇهه ڪاشيءَ جون سرون رکيل آهن،جن مان هڪ تي سندس وفات جي تاريخ به لکيل آهي، مگر انهيءَ وفات واريءَ سر تان ڪاشي لهي وڃڻ ڪري وفات جي تاريخ معلوم ٿي نه سگهي آهي. البته هر چوڏهينءَ رات سندس مزار تي معتقد مولود پڙهندا آهن، ۽ هر سال تاريخ 11 جمادي الاول راڄ ڳوٺ ۾ ڪُني ٿيندي آهي، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته غالباً حافظ صاحب 11 جمادي الاول تي وفات ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com